سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دل جون ڳالهيون

باب --

صفحو :11

 

جڳ عشق بنا آباد نهين، جو آيا ئي سو آزاد نهين.

ڪوئي مردا پئي منصب دي خاطر،

ڪوئي جيندا پئي مطلب دي خاطر،

ڪوئي راتيان جاڳي رب دي خاطر،

اِٿ رهندا ڪوئي ساڌ نهين.

ڪو مسجد دي وچ مستانا ئي،

ڪو بُتخاني دا ديوانا ئي،

ڪو حُسن شمع دا پروانا ئي،

مطلب ته ڪوئي دلشاد نهين.

جنهن سر مايا ڇايا آئي،

تنهن ڳل پوڳئي فخر وڏائي،

جنهن عشق امانت آڻ هي چائي،

تنهن ڪون عجز بنا ارشاد نهين.

”مدهوش“ حياتي گُذر دي ويسين،

هڪ ڏينهن پيالا موت پي ويسين،

تون خاڪ دا پُتلا خاڪ ٿي ويسين،

ڪيون موت ڀي تيڪون ياد نهين.

ميڪون ڪر غمناڪ، ول نا ڪوئي ڦيرا پاتئي،

کس ڪر عقل اِدراڪ، ول نا ڪوئي ڦيرا پاتئي.

نينهن دي ناوڪ، چوٽ چکايئي،

هان وچ هيبتناڪ، ول ناڪوئي ڦيرا پاتئي.

چاهت ديان چا چا نظران،

چوُر ڪتوئي دل چاڪ، ول نا ڪوئي ڦيرا پاتئي.

روز ازل تون رول سٽوئي،

روح بڻيا رولاڪ، ول نا ڪوئي ڦيرا پاتئي،

موهه ميڪون ”مدهوش“ ڪتوئي،

مُحب وکا مُک پاڪ، ول نا ڪوئي ڦيرا پاتئي.

 

سر دا سائين موٽ سُتت،

موٽ وي رانجهڻ موٽ ميان.

مئين ڪالي هان ڪملي هان،

تون ڪملي دا ئين ڪوٽ،

پردي دي آڻ تون رک پت.

مئين آن ٻانهڙي تون سائين،

وارث وِلهڙي دا گهوٽ،

پيارا تيڪون پيار دي پارت.

اپڻا پرايا جهيڙڻ آيا،

سئوٽ ماسات، ماروٽ،

ڦُڦيان ڦُڦاٽان لائي ڦِڪت.

سَس نِڻاني مارم طعني،

چغليان چوٽان چوٽ،

چل پئي هي چوڌار چلت،

ڏوڙي چوڙي سول وِڇوڙي،

آهنج اِيذا اڻ موٽ،

مِل جل پي ڳئي مُئي دارت.

”مدهوش“ ديان دانهان سڻ تون آهان،

آڻ اَجها بڻ اوٽ،

ايڏيان گهاريان يار نه گهت.

 

لوڪ ڪري لک ٽوڪ،

ڀُورل دا در ڀُل نه ڄاڻان.

 

ناحق ميڪُون سمجهيندي هو،

ول ول ميتان آ ڏيندي هو،

ڪيون چائي کڙي او چوڪ،

مئين ته تُسان ڪون ڄاڻان سڃاڻان.

 

ڪلف ڪڙيان دي ڪِيل چا ٺوڪو،

نال رسيا دي ٻڌ ٻڌ روڪو،

آڻ گهتو لک طوق،

توڙي گهمائو گهاڻا گهاڻا.

 

مئين ته اِتاهُون لَڏ ويسان،

يار دي ڪولُون گهر اڏ ٻَهيسان،

وڃ ته وَسيسان جهوڪ،

ڀاڳ ونديان دا ڀاڻا ڀاڻا.

 

آمهون سامهون نَين مِلا ڪر،

ميڪون ڳيا ”مدهوش“ بنا ڪر،

مار نينان دي نوڪ،

ساهه ڪِتُس چا ساڻا ساڻا.

رانجهن بن ڪر، بين وڄايُئي،

نِنڊ ڦٽايُئي، سردِي لايُئي

سُتڙي پئي هس سيج پلنگ تي،

آڻ اُٺايئي، ننڊ ڦٽايئي- سردي لايئي.

عشق اولانڀا ڏي ڏي ميڪُون،

دوڌ  دُکايئي، ننڊ ڦٽايئي- سردي لايئي.

باهه اندر وچ ٻال جَجهڙ دي،

ماس پڪايئي، ننڊ ڦٽايئي- سردي لايئي.

نال ويکڻ ”مدهوش“ ڪتوئي،

هوش وڃايئي، ننڊ ڦٽايئي- سردي لايئي.

هَٽ هَٽ تي ڏي هرجا هوڪي،

آپ هلايئي، ننڊ ڦٽايئي- سردي لايئي.

ميڏي دلڙي ماندي تيڏي ڪاڻ ٿئي هي،

ڏاڍي ساهه ڪون يار ڇڪتاڻ ٿئي هي.

سڄڻ تيڏي ٻاجهون نه آرام آندا،

غمان گهائي دلڙي نهين وال واندا،

طلب تانگهه تن ڪون ڏاڍي آڻ ٿئي هي.

سگها ول او سانول متان دير لاوين،

اها عيد سهڻا اِٿي آ ملهاين،

سڄي جهوڪ تي يار چانڊاڻ ٿئي هي.

لَيان ڪانهن ٻوُڙي ڪُسر سَر نسر ڳئي،

ڪتيان چنڊ تاري اُڀر ڳئي اُڪر ڳئي،

فراقان دي ماري چري ڄاڻ ٿئي هي.

گُذر روت رونبي او سانوڻ ڳيا هُڻِ،

صفا ڇوڙ ڪاڙهي دا ڪاڙهي ڳيا هُڻ،

سِگها آو ساريان چا سُرهاڻ ٿئي هي.

ساري رات رو رو وِهاڻا ڀِڄايم،

اکيان مَلدي ملدي پَلوءُ سڀ پُسايم،

پلاندان تي ”مدهوش“ آلاڻ ٿئي هي.

 

 

واهه سينگار ڪريندئين دلبر،

ويندي لوڪ مريندئين دلبر.

 

زلف ڪاريهر وٽ سٽ ڳُتيان،

ڪالي نال ڌريندئين دلبر.

 

آمهون سامهون آوڻ ويلي،

ڪيڏي ڍنگ ڌريندئين دلبر.

 

مست بهاران موهه گهتيندئين،

اهڙا ڀرٿ ڀريندئين دلبر.

 

ڪجليان ڪاليان شوخ اکيان چا،

ڏيکڻ نال ڏريندئين دلبر.

 

ٻول جڌان ”مدهوش“ ٻُليندئين،

ميڏا روح ٺريندئين دلبر.

 

گــيــت

 

لوڪ گيت

جيجل ميڪون کيڏڻ ڏي،

اورڻ ميڪون کيڏڻ ڏي،

کيڏڻ جاوان، ول نه آوان.

 

نال سنيان دي مِل جُل جاوان،

راند رَچايان، ول نه آوان.

 

اکڙيان ٻُوٽان جهاتيان پاوان،

آپ لِڪاوان، ول نه آوان.

 

عشق اڱڻ تي ڊوڙان پاوان،

دل وندراوان، ول نه آوان.

 

چيڪلي پاوان پير گساوان،

گهُمريان کاوان، ول نه آوان.

 

ڦِر ڦِر سوٽا خوب ڦِراوان،

چا سَٽڪاوان، ول نه آوان.

 

بازي جِيتان مار مناوان،

آپ ملهاوان، ول نه آوان.

 

”مدهوشي“ دا چولا پاوان،

ويس مٽاوان، ول نه آوان.

 

 

جاني آ تون جوهي، جوهي مکڻ موهي،

سگها ول او سانول، تيڪون رب دي ڊوهي.

 

کِڙي آن ٿلهي تي، ڳاٽان ڀر ڳلي تي،

چڙهه اُٺ ڀلي تي، وَلا واڳ ڇوهِي.

 

کڙي آن مئين تَڙ تي، ڇاتي پئي اي ٿڙڪي،

دل ايوين ڌڙڪي، جيوين ڏڪدا ڏوهي.

 

کڙي آن کوهه پڳ تي، ديدان لائي دڳ تي،

اکيان پائي اڳ تي، نظر ڪون نِچوهي.

 

کڙي آن مئين باندي، ”مدهوش“ ماندي،

رکي حُب هيڪاندي، ماري ميخ لوهي.

 

چئوسٽا

ڀِٽ اُٺي، دراز اُٺي، اُٺي سنڌڙي سو ڪوهِي،

گاج اُٺي، حب اُٺي، اُٺي لڪ لڪ تي لوهِي،

جيوين قصور اُٺا، تي اُٺي فريد دي روهِي،

تيوين شالا وسدي رهسين ”مدهوش“ غريب دي جوهِي.

 

 

پيار نه آ جنهن  جي من ۾،

انسان سو انسان نه آ.

پيار جهانن کان اڳ آهي،

پيار امامِ دو جڳ آهي،

پيار سڌو سنئون دڳ آهي،

جيڪو ڀليو پر ڌيان نه آ.

پيار ۾ بت کي سجدو روا آ،

پيار عبادت واري ادا آ،

پيار پيغمبر، پيار خدا آ،

پيار بغير ڪو ايمان نه آ.

پيار عقل مت سمجهائي،

پيار رٺل ٿو پرچائي،

پيار اڃا ڀي پيار وڌائي،

پيار ۾ ڪو نقصان نه آ.

پيار جي ٻولي پياري آ،

پيار جي ريت نياري آ،

پيار وڏو پوڄاري آ،

پيار ٺڳي دهمان نه آ.

پيار ٿو جنهن وٽ ليڙو پائي،

ان کي ڌوئي صاف بنائي،

پل ۾ پوٿيون پاڪ پڙهائي،

پيار جهڙو ڪو گيان نه آ.

پيار سوا جڳ بيگانو آ،

پيار وڏو فرزانو آ،

جو نه مڃي ديوانو آ،

ديواني جو درمان نه آ.

پيار مون کي ”مدهوش“ بنايو،

حيرت وارو هنڌ پسايو،

پريم ننگر جو شهر گهمايو،

جت پاپ جو نانءُ نشان نه آ.


 

 

 

 

 

خيالن جي دريا ۾ وَهندو رهان ٿو،

ڪنارن جي ڳولا ۾ ڳهندو رهان ٿو.

 

ڀڃي بند آچار ويچار جا سڀ،

ڪري سَير سورن جي سنسار جا سڀ،

قريبن جي قريي ڏي ڪهندو رهان ٿو.

 

مخالف هوائن جا ڪڙڪاٽ ڪڙڪا،

وڄن جا اِشارا ۽ دهمان دڙڪا،

طوفانن جون سهمون به سهندو رهان ٿو.

 

تتل ريت واريءَ جون ويران واديون،

لتاڙي، لتاڙي اٿم زير آنديون،

ڪشالا ڪري تولئه ڳهندو رهان ٿو.

 

تون حسنِ عميق، آءٌ ”مدهوش“ آهيان،

سندءِ هڪڙي قطري برابر به ناهيان،

تڏهن تنهنجي پيرن ۾ ڊهندو رهان ٿو.

 

 

مرڪن ۾ ٿو لڙڪ لڪايان،

دردن کي هونئن ڪيئن دفنايان.

ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪريان،

گونگن ٻوڙن ماڻهن اڳيان،

ڇا ڳالهايان ڇا ٻولهايان.

جو، هُو آهي، سو مان آهيان،

فرق نه ڪوئي وچتي ڀانيان،

هُن سان ليکا ڪيئن وَرجايان.

ڪهڙا ڪهڙا سُور سُڻايان،

ڪهڙا ڪهڙا پُور ٻڌايان،

غم سان ويٺو جيء پرڀايان.

”مدهوش“ الائي مان ڇا آهيان؟

پاڻ ئي سمجهي سگهيو ناهيان،

ٻئي کي ويهي ڪيئن سمجهايان؟

 

وارو ڪر  او يار وري آ،

تولئه منهنجي دلڙي چري آ.

ويچاري هن بيوس دل کي، دوست دلاسو آڻي ڏي،

پئي جا سوُرن ساڻ ڀري آ، وارو ڪر او يار وري آ.

تنهنجي اچڻ جي واٽ نهاري، راتو ڏينهان ساري ساري،

ڳڻتين ۾ دل ويئي ڳري آ، وارو ڪر او يار وري آ.

هن دل جي درياهه ڪناري تائين تاري، پاڻ اُڪاري،

تنهنجي آئي ياد تري آ، وارو ڪر او يار وري آ.

مٺڙا هيء ”مدهوش“ مري ٿو،هجر ۾ تنهنجي ساهه سڙي ٿو،

لُون لُون ۾ وئي باهه ٻري آ، وارو ڪر او يار وري آ.

 

 

آءُ پرين او آءُ پرين، توکي سانڍيان ساهه ۾،

ويٺڙي آهيان آس لڳائي، نيڻ وڇائي راهه ۾.

 

آءُ ته ڪريون برهه جون باتيون، ويُيون گذري ڪيئي راتيون،

اکڙيون تو لئه آهن آتيون، ويساهه ڪرين جي الله ۾.

 

آءُ مٺا مان آهيان ماندي، غم گوندر کان ناهيان واندي،

روز پُڇان ٿي پئي پانڌي، چُور آهيان تنهنجي چاهه ۾.

 

آءُ مٺا ڪر احساني، دلبر دلڙي آهه ديواني،

جيءُ جلي ٿو تو بن جاني، هت عشق سندي آڙاهه ۾.

 

اڄ ته پرين وڃ ليڙو پائي، ناز ڀري ڪا نظر ملائي،

آهيان ويٺي اکڙيون لائي، روز اوهان جي راهه ۾.

 

آءُ پرين اڄ رات، ساجن تولئه سيج وڇايان.

 

واهه چانڊوڪي رات اڄوڪي، راهه الائي ڪنهن ٿئي روڪي،

سو شال مري ٿئي مات، ڀلوڙي آءُ  پرين اڄ رات ............

 

هير ٿڌيري خوب گهُلي ٿي، دل جي دڪ دڪ تيز هلي ٿي،

تن من تنهنجي تات، ڀلوڙي آءُ پرين اڄ رات ............

 

ويهي مون آ رات گذاري، يار ملي وڃ تون هڪ واري،

محب ڪري ملاقات، ڀلوڙي آءُ پرين اڄ رات ............

 

ڪنهن سان دل جو سور سليان، ڪنهن سان دل جو حال ڪريان،

دشمن آ ديهات، ڀلوڙي آءُ پرين اڄ رات ............

 

راهه سندءِ ”مدهوش“ تڪي آ، ڏسندي ڏسندي ديد ٿڪي آ،

ڄاڻ ته ٿي پرڀات، ڀلوڙي آءُ پرين اڄ رات ............

اَل جَل اَل جل، برسائي جل،

ڪر ڪا ٿڌڙي ٿڌڙي ٿاڌل.

 

گاج نديءَ تي گجگوڙن سان،

گرجي گرجي اچ ڙي بادل.

 

پياسي ڌرتيءَ جي سيني جو،

اڄ آلو ڪر آنچل.

 

خشڪ لبن سان واجهائن ٿيون،

معصوم ڪليون ڪُوماڻل.

 

ساريون سيريون هِن ڪاڇي جون،

ٻوڙ ترايون ۽ تل تل.

 

رمزُن سان اڄ ريجهائي وڃ،

هي منهنجو مَنُ پاڳل.

 

ديس سڄو ”مدهوش“ مگن ٿئي،

ڪوُڪُو ڪُوڪُو ڳائي ڪويل.

 

ڪافي (بنا ٽٻڪي)

او سهڻا لهه ڪا سار، دل وارا او دلدار.

درد ۾ دم دم ساهه آ ساڻو، آ حاڪم او هڪوار..........

سڻ صدا لا اِلله ڪارڻ، واهر ڪر ولهار..........

سورا سمورا لاهه سراسر، مرهم آ درڪار..........

مور ملڻ لاءِ آس آ دل ۾، اور، اوکو ڪم ڪار..........

واهڻ واهڻ واس ورهاءِ، وک وک ڪر ڪا وسڪار..........

آس اصل رک دل ۾ ”احمد“، مرسل آ معمار..........

 

گيت

اچو جي عجيبا، اگهئي جي اوتاري،

سگهي ٿي پئي، جيڪر اوهان جي سهاري.

 

ڀلائي سان ڀيرو ڪري وڃ ڀلارا،

دُکي دل جو دارون دوا ٿي دلارا،

ڇڏي لوڪ سارو لڳيس تنهنجي لاري.

 

روئي روئي راتيون،ورهيه جون گذاريان،

ويهي روز راهون ٿي تنهنجون واجهايان،

ٿڪيس ڪانگ ڪئي اُڏاري اُڏاري.

 

مري تولاءِ ماندي،وِرهه کان نه واندي،

نڪي نينهن نياپو،نڪي آيو پانڌي،

الائي ڇو ويٺين وِلهيءَ کي وساري.

 

ههڙي حال هيڻي، ڏيو جي ڏيکاري،

ٿي في الحال پوندي، بدن ۾ بهاري،

سگهو وڃ او جاني جڏو جيءُ جياري.

 

اچو جي اڱڻ مون مڃي منٿ آزي،

رهي روح راضي، ٿيان تن ۾ تازي،

مرڻ ويل منڪي وڃو منهن ڏيکاري.

 

باقي دم لبن تي آ ”مدهوش“ تيتر،

پسان منهن اوهان جانب يار جيتر،

ڏيان دم اوهان ڏي نهاري نهاري.

 

وائي

عشق اچي اوهيرا ڪيڙا، جيئن سانوڻ جي برسات،

ڪنهن سان سليان، ڪنهن سان اوريان، هئي هئي هيء حالات.

 

لُون لُون ۾ آ لوري لڳڙي، تن من ۾ آ تات،

صبح سانجهي اوسيئڙن ۾، روئي گذاريان رات.

 

جيء منهنجي کي جهوري ويو، جاني پائي جهات،

فااذ کرونِي اَذ کُر کُم جون، پڙهيو پڙهان آيات.

 

”مدهوش“ منهنجي ڪاڻ سڄڻ جو، سور به آ سوغات.

منهنجي اي دلدار، توکي پارت يار.

 

ڪنهن پر ٺهندي ڪا نه، توتي محب ميار.

 

ليکا ڇا جا يار ڪرين ٿو، تون سر جو سردار.

 

معلوم سڀڪي توکي آهي، ڪهڙو ڪريان اظهار.

 

هيء دلڙي ماندي آهي، دوست نه ٿي دم ڌار.

 

خادم آ ”مدهوش“ اوهان جو، ذڪر هيء نروار.

 

منهنجن ماروئڙن جا ٿر ٿر ٿاڪ وَسن،

ٿر ٿر ٿاڪ وسن، پوٺا پاڪ پُسن.

 

مارُن جي ته فراق ۾ الا- پيا ٿا چاڪ چڪن....

 

سارو ساهه سُڌير ٿئي الا- لوها لاڪ لهن....

 

ڏاڏاڻا هن ڏيهه ۾ الا- ڏاڍا ڏاڪ ڏين.....

 

گوندر هن ”مدهوش“ جا الا- خامي خاڪ ٿين....

 

دوگانه

پروانو:

 

 

شمع:

 

 

پرواني چيو:

 

 

 

شمع چيو:

 

 پرواني چيو:

 

 

 

شمع چيو:

 

 

هم آواز:

پرواني جو ڪم آهي متل مچ ۾ پوڻ،

آتش ۾ سڙڻ، خوب پچڻ، خاڪ ٿيڻ.

 

ڪم شمع جو ليڪن آ سڄي رات ڳرڻ،

چُپ چاپ رهڻ، ڪجهه نه ڪڇڻ، سور سهڻ.

 

روشن ٿي رهين تون ته اسان ڪاڏي وڃون،

جهلڪن کي ڏسون، پوءِ ڀلا ڪيئن رهون،

پورو ڏي ڪرڻ فرض محبت جو سڄڻ.

 

ڪوسو نه لڳئي واءُ خدا شال ڪري،

پرور کي سوال آهه ڀلا ڀال ڪري،

ماڻين تون جواني اي مٺا محب مکڻ.

 

شمع! مٿان تنهنجي ڪُڏي ساهه ڏيان،

قربان ٿيان توتي، مان معراج ڏسان،

اي هوشربا اهڙو مرڻ آهه جيئڻ.

 

اکڙين ۾ اچي ويههُ ڀلا جي نه مُڙين،

پنبڙين ۾ پيهي وڃ او جِئين شال جڙين،

آ ڍول ڍڪڻ منهنجون اکيون تنهنجو اڱڻ.

 

وهواهه ملڻ، هڪ ٿي وڃڻ دم نه کڻڻ،

ڇپرن کي ڍڪڻ، ڪجهه نه ڏسڻ، يار سڄڻ.

 

سهرو

بلي بلي ٿي اڱڻ تي آيو، سورهن ڪري سينگار،

ڙي آيو سردار، سونهن ڪري سينگار.

اکيون جنهين جون ڪاريون ڪجليون،

مٿان ڪجل جي ڌار- ڙي آيو سردار.

ڏند جنهين جا موتيءَ داڻا،

چوڏس ڪن چمڪار- ڙي آيو سردار.

ٽور جنهين جي مورن جهڙي،

لک لهي رفتار- ڙي آيو سردار.

چوٽو جنهين جو چيلهه برابر،

ڇلڙا ڇلڙا وار- ڙي آيو سردار.

مون کي ڪري ”مدهوش“ ڇڏيائين،

بره جو ڏيئي بار- ڙي آيو سردار.

 

ڳولا

پيش ڪئي مون آرزو، هيءَ خدا جي روبرو.

جنهن جون ڳالهيون ٿو ٻڌان، جا بجا ۽ ڪوُ بڪُو.

ڌار ٿيان ان کان مان، ڌار ٿئي مون کان نه هُو.

غيب مان آواز ٿيو، اوچتو هيء هوُبهوُ.

منهنجي ڳولا کان اڳي، خونِ دل سان ڪر وضو.

پوءِ مون سان تون ڀلي، ديد اٽڪاءِ دوبدُو.

مون چيو اي وحده، ڪنهن ڪئي هيء گفتگو.

ذهن مان ڀڻڪو اُٿيو، اي ڀُليل موڳا مـَڄُو.

پنهنجي من ۾ پاڻ ڳول، ڇڏ اجائي جستجو.

 

جهان عشق

جهانِ عشق اَلستي، جتي آ پيار جي بستي،

جتي ڇڙواڳ آ مستي، جتي نا هوش نا هستي،

ڇڏي زور و زبردستي جي سرحد کي، هلون هن ڀر،

جتان جي هر گهڙي خوشتر، جتان جي زندگي بهتر.

 

جهانِ عشق جي گهر گهر جو آ جنت نما منظر،

جتي خوراڪ ڀي اطهر، جتي جو آب ڀي ڪوثر،

ڇڏي هن ڏيهه جا کنڊر، وسايون دوستاڻو در،

جتان جي هر گهڙي خوشتر، جتان جي زندگي بهتر.

 

جهانِ عشق آ جاني، جتي آ اُنس انساني،

جتي ڪو شر نه شيطاني، نه ايراني نه افغاني،

نڪو آقا نڪو نوڪر، نڪو سائين نه ڪو چاڪر،

جتان جي هر گهڙي خوشتر، جتان جي زندگي بهتر.

 

جهانِ عشق جو آدم، نڪي مظلوم ۽ ظالم،
نڪي محڪوم ۽ حاڪم، نڪي مخدوم ۽ خادم،
سڀئي سهڻا سڄڻ ماڻهو، نه ڪو ساحِر نه جادوگر،
جتان جي هر گهڙي خوشتر، جتان جي زندگي بهتر.

 

جهانِ عشق جو رستو، جنين ڀي چاهه سان ورتو،
انهن کي ساڻ ٿيو سرتو، انهن سان روح ڀي پرتو،
اسان کي ڀي کپي هاڻي، هلڻ هُن ڀر، ڇڏي ڌمچر،
جتان جي هر گهڙي خوشتر، جتان جي زندگي بهتر.

 

جهانِ عشق ۾ دريا، وهن ٿا سر بسر ڀريا،
او ديوانا اڙي چريا، اجايو ٿا وتو کريا،
اچو ”مدهوش“ جي پويان، بنايون عشق کي رهبر،
جتان جي هر گهڙي خوشتر، جتان جي زندگي بهتر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org