سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دل جون ڳالهيون

 

صفحو :8

 

محبت نامو

ڏُوراهان به ويجها ڪري ٿي محبت،

پراوا به پنهنجا ڪري ٿي محبت،

تفرقي کي پُرزا ڪري ٿي محبت،

ٻيائي کي ٽڪرا ڪري ٿي محبت.

 

صداقت جا سودا ڪري ٿي محبت،

ڪڏهن ڪين ليکا ڪري ٿي محبت،

نه ڳڻتيون نه اونا ڪري ٿي محبت،

سوين بار هلڪا ڪري ٿي محبت.

 

نه ليکا نه چوکا ڪري ٿي محبت،

جو حال آ سو مُهيا ڪري ٿي محبت،

سچائيءَ جا سجدا ڪري ٿي محبت،

فدا مال مايا ڪري ٿي محبت.

 

جنهن ڪنهن سان به ناتا ڪري ٿي محبت،

سي گهاٽا ۽ گهرا ڪري ٿي محبت،

دلين جا به ڌاڙا هڻي ٿي محبت،

سرن جا به سودا ڪري ٿي محبت.

 

جا دل ۾ تمنا ڪري ٿي محبت،

سا پوري هميشه ڪري ٿي محبت،

عداوت ڦٽائي ٿي گهر گهر جا ماڻهو،

۽ آباد ويڙها ڪري ٿي محبت.

رفع شڪ ۽ شبها ڪري ٿي محبت،

رفع ڪيئي خدشا ڪري ٿي محبت،

محبت جي باعث ٿي تخليقِ دنيا،

لِهذا هي دنيا ڪري ٿي محبت.

 

اگر پيش صدما ڪري ٿي محبت،

ازالا به اُن جا ڪري ٿي محبت،

حياتي دوبالا ڪري ٿي محبت،

مماتي به اعليٰ ڪري ٿي محبت.

 

عقيدا جي پڌرا ڪري ٿي محبت،

سي ڪيڏا نه پختا ڪري ٿي محبت،

محبت جي ڪهڙي حقيقت ٻڌايان،

ته ڪم ڪهڙا ڪهڙا ڪري ٿي محبت.

 

ٻِسٽ پار دريا ڪري ٿي محبت،

جبل مان به رستا ڪري ٿي محبت،

اي ”مدهوش“ مطلب ته دنيا جي اندر،

وڏا ڪارناما ڪري ٿي محبت.

 

نادان

پنهنجي گهر ۾ پاڻ هجي مهمان، آهي سو به وڏو نادان.

پنهنجي ليکي پاڻ چوائي خان، آهي سو به وڏو نادان.

 

خود کي سمجهي شاعر عاليشان، آهي سو به وڏو نادان.

والاري اسٽيج علي الااعلان، آهي سو به وڏو نادان.

 

ڇوههُ نٿو ڇو پنهنجو ڇڏي، ڄاڻي واڻي پنهنجي تڏي،

ڪنهنکي مڳيءَ مان ڪين ڏئي ٿو مانُ، آهي سو به وڏو نادان.

 

نقلي رنگ ۾ نج لڪائي، کاري هيٺان سج لڪائي،

ٻولي ويٺو مان ٻلوان، آهي سو به وڏو نادان.

 

ٻئي جي عقل کي ڪٽُ سمجهي، پنهنجو عقل اڻ کُٽ سمجهي،

سمجهي ساري جڳ کي نادان، آهي سو به وڏو نادان.

 

جو اڻ ڄاڻن جي آڱر تي، ۽ آڱر واري چُرپر تي،

دانائن کي ڏئي دهمان، آهي سو به وڏو نادان.

 

مغروري جو جامو پائي، پاڻ کي ويٺو پاڻ پڏائي،

چئي آهيان آءٌ رڳو انسان، آهي سو به وڏو نادان.

 

جنهن جذباتيءَکي جوش هجي، يا جذبن ۾ ”مدهوش“ هجي،

مدهوشيءَ ۾ سُرت سنڀالي ڪانَ، آهي سو به وڏو نادان.

اهلِ دل، اهلِ نظر جو قدر ڪر،

ڪجهه سخنور معتبر جو قدر ڪر.

صاحبِ فڪر و نظر جو قدر ڪر،

دردِ دل سوزِ جگر جو قدر ڪر.

غيب جي مُبهم خبر جو قدر ڪر،

۽ خبر ڏيندڙ بشر جو قدر ڪر.

زندگيءَ جي راهبر جو قدر ڪر،

مشعلِ راهه سفر جو قدر ڪر.

ظلمتِ شب مان ڪڍي جيڪو اچي،

اُن مقدر جي سحر جو قدر ڪر.

ذهن سان نڪتل گهُرَ جو قدر ڪر،

فڪر جي گَهه زيبوَر جو قدر ڪر.

صورتِ خط ۽ هنر جو قدر ڪر،

پيش، مد، زير و زبر جو قدر ڪر.

لفظ، معنيٰ ۽ اکر جو قدر ڪر،

عشق جي اهڙي وکر جو قدر ڪر.

استعاري ۽ ڪِناٻي کي ڏسي،

هر اشاري مختصر جو قدر ڪر.

بندشِ الفاظ جي ترتيبَ جو!

ڪيفيت جو ۽ اثر جو قدر ڪر.

شاعرِ شيرين زبان جي في البديهه،

مصرعِ شيرين تر جو قدر ڪر.

علم جي طوبيٰ جو خدمتگار ٿيءُ،

برگ جو، گل جو، ثمر جو قدر ڪر.

جنهن ادب جو نانءُ آ روشن ڪيو،

اُن سخندان ناموَر جو قدر ڪر.

داد ڏي ”مدهوش“ جي اشعار کي،

پيار جي پيغامبر جو قدر ڪر.

 

آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،

توکي مٺا خلقيو خدا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

لوچان ته ڇا لوچي لهان، سوچان ته ڇا سوچي سگهان،

هر سوچ کان وڌ سونهن آ، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

مُرڪي ڏسڻ موهي وجهڻ، ۽ ڍنگ سان دلڙيون کسڻ،

اي دلربا تنهنجي ادا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

غب غب غضب ۽ لال لب، آهن عجب سارا وَ سهب،

سڀ زيبور زيبائتا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

چاسُون چکڻ، ماکيون مکڻ، مصريون سڄڻ، شيرين پر،

تنهنجي لعابن جا مزا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

ٿر جي اُٺي جي هير جو، تاثير ڀي اڪسير آ،

پر تنهنجي زلفن جي هوا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

نازڪ هٿن پيرن مٿان، مينديءَ رتا نقشا گهڻا،

تنهنجو مگر رنگِ حنا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

تنهنجي نظر جو دل جگر تي، واهه جو آهي اثر،

تنهنجو ڪُهڻ تنهنجي قضا،سڀ کان الڳ سڀ کان سڀ کان جدا.

 

سهڻا سڄڻ تنهنجي اچڻ، واسي ڇڏيو سارو اڱڻ،

تنهنجي عنايت ۽ عطا، سڀ الڳ سڀ کان جدا.

 

حاذق حڪيمن جي دوا، پيرن فقيرن جي دعا،

سڀ ٺيڪ پر تنهنجي شفا،سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

جنت برابر خوبتر کان، خوبتر آهي، مگر،

تنهنجي ڳلي صدبارها، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

”مدهوش“ جي آ آرزو، ويٺو هجين تون روبرو،

منهنجي طلب منهنجي دعا،سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

 

اردو غزل

گناهگار هون مين طالبِ ثواب نهين،

تري ڪرم سي مگر مجهه ڪو اجتناب نهين.

شهيدِ جلوه ديدارِ يار هون اي چرخ!

بقا ملي هي مُقدر ميرا خراب نهين.

ڪهي گي رحمتِ پروردگار حشر ڪي دن،

ڪه عاصيون په مناسب ڪبهي عذاب نهين.

ادا بهي هوشربا هي، نظر بهي هوشربا،

وه لاجواب هي اس ڪا ڪوئي جواب نهين.

سنا هي آتشِ دوزخ بهت هي تيز مگر،

فراقِ يار سي بڙه ڪر ڪوئي عذاب نهين،

نمازِ عشق مين جب تڪ جنون امام نهين،

يه صبح و شام ڪي سجدي بهي مستجاب نهين.

بروزِ حشر کهُلينگي تيري سياه عمل،

تري تو پاس اي ”مدهوش“ ڪوئي جواب نهين.

ڪوئي نگاهِ مست، نگاهين ملا گيا،

اپني نگاهِ ناز سي بي خود بنا گيا.

اُن ڪا وجود ديکهه ليا جو سُو بسُو،

ميرا وجود غيب کي پردي مين آگيا.

دنيا ني دشمني ڪي، فلڪ بهي عدو رها،

”هم وه نهين ڪه جن ڪو زمانا بنا گيا“.

عقلِ سليم ڪام نهين اُن ڪي آئيگي،

جن ڪا قدم حدودِ محبت مين آگيا.

ميري جبينِ شوق جهڪي گي تمام عمر،

نقشِ قدم هين باقي، اگر وه چلا گيا.

”مدهوش“ خيرباد ڪها مين ني هوش ڪو،

پيتا رها هون تب سي وه جب سي پلا گيا.


 

 

تيرا عشق راحت نهين او ڪيا هي،

محبت حقيقت، نهين اور ڪيا هي.

 

يه جلوه نمائي يه ناز و ادائي،

يه اندازِ دعوت نهين اور ڪيا هي.

 

ديکها جس ني تجهڪو وه بيڻها هي دل ڪهو،

يه تيري ڪرامت نهين اور ڪيا هي.

 

لبون په تبسم بوقتِ تڪلم،

ادائي محبت نهين اور ڪيا هي.

 

بني بال خم خم هوا قيد عالم،

يه تيري مهارت نهين اور ڪيا هي.

 

عجب احمري لب،غضبنا ڪي غب غب،

يه حسن و نزاڪت نهين او ڪيا هي.

 

يه ”مدهوش“ دلبر آيا تيري در پر،

يه وجـھِ محبت نهين اور ڪيا هي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org