پردو ٻيو
جهنگ ۾ راجا جو
ديرو
(مسخرو ماڌو تمام اُداس حالت ۾ اندر گهڙي ٿو)
ماڌو(ٿڌو ساه کڻي) – هاءِ ڙي قسمت! هن شڪاري راجا
جي سنگت ته مون کي صفا چَٽ ڪري ڇڏيو! اِجهو هرڻ،
اِجهو واگهه، اِهائي رَڙ پيئي پوي! اِنهيءَ ڊڪ ڊوڙ
۾ زندگي خانه بدوشن جي چُلهه وانگر بنجي چُڪي آهي.
وچ ڏينهن جو جهنگ جهر ۾ رلڻو ٿو پوي، جتي نٽهڻ ۾
وڻ جي ڇانءَ به نه ملي. جابلو ڪسين جو ڪوسو پاڻي
پَنن سان گندو ۽ ڪَڙو ٿيل پيڻو ٿو پوي. کاڌو پوري
وقت تي نٿو ملي - ۽ سو به رڳو سيخن تي پَڪل گوشت!
رات جو ٿَڪ کان ننڊ نصيب ناهي، جو پُٺيانس گهوڙو
ڊڪائيندي سنَڌ سنَڌ الڙيو پوي! وري پرهه ڦٽيءَ جو
سوير، هي حرامزادا آهيڙي، پکين کي هَڪلون ڪندي،
سارو ٻيلو گوڙ سان ڀَري ٿا ڇڏين.
مصيبت اتي به پچر نٿي ڇڏي ۽ ”مروان موت ملوڪان
شڪار“ وارو معاملو لڳو پيو آهي. ڪالهه جو اسين
وڇڙياسين، ته قسمت وري ٻيو داءُ کيڏيو. ڦرڙيءَ تي
ڦرڪڻوپيدا ٿي پيو، يعني سرڪار هرڻ جو پيڇو ڪندي،
آشرم ۾ وڃي آهٽيو، ۽ اُتي وڃي ”شڪنتلا“ نالي
جوڳيءَ جي ڇوڪريءَ سان اک اٽڪيس. بس، مُڙس نڪتو هو
شڪار ڪرڻ، پر پاڻ شڪار ٿي ويو! هاڻي ته وطن ورڻ جو
نالو ئي نٿو وٺي. اڄ به صبح کان وڃي، اِنهيءَ ڌُن
۾ آهي، ۽ اِنهن ويچارن ۾ منهنجي ته سڄي رات اک ئي
نٿي لڳي. پر ڇا ڪجي؟ مهاراج وهنجي سهنجي تيار ٿئي،
ته سلامتي ڀرڻ وڃانس.
(پسار ڪندي، سامهون نهاري ٿو)
اِجهو منهنجو پيارو دوست هيڏانهن اچي رهيو آهي.
ڀيلياڻيون هَٿن ۾ تير ڪمان کنيو، ڳچيءَ ۾ جهنگلي
گلن جا هار وجهيو، ساڻس اچي رهيون آهن. آءٌ به بنا
ڪنهن چُرپر جي بت بڻجي ٿو بيهي رهان، ڄڻڪ اڌ رنگ
ورتو اٿم. خير، مَن اِنهيءَ بهاني ٿورو انعام
ملي.(لٺ تي ٽيڪ ڏيئي، بيهي رهي ٿو: ايتري ۾ راجا
به پنهنجن ساٿين سوڌو اچي ٿو وڃي)
راجا (پاڻ) – اِنهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته منهنجو
محبوب آسانيءَ سان نه ملندو: پر دل جي ڪيفيت ڏسي،
اندر کي ڏڍ ٿو اچي. محبوب کڻي نه ملي، ته به ڇا
ٿيو؟ ٻنهي طرفن جي اُڪير مزو ڏئي ٿي. ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪنهن جي لوري لڳل هجي، ۽ هو
پنهنجي دل جي حال موجب ٻين جي جذبن جو اندازو
لڳائڻ چاهي، ته سندس درد ائين ئي مات ٿيو وڃي.
ٻئي طرف نظر هئڻ جي باوجود، هڪ ٻن نگاهن جو هن طرف
ڀٽڪي اچڻ؛ ڀريل جسم هوندي به سست رفتار؛ ۽
ساهيڙيءَ کي انهيءَ اِلتجا تي ڌمڪائڻ ته ”نه وڃ“ –
اِهي سڀ رڳو مون کي ڏيکارڻ لاءِ ماڻا نه هئا، ته
ٻيو ڇا هئا؟ آه! عاشق ڪيترو نه پاڻ کي ڌوڪي ۾ رکي
ٿو!
ماڌو (ساڳيءَ حالت ۾) – دوست! بيهي بيهي، منهنجا
ته سَنڌ به ساڻا ٿي چڪا آهن، تنهنڪري هٿ مٿي کڻي
پرنام ڪري نٿو سگهان!
راجا (مشڪي) – اڙي خير ته آهي، توکي اِهو اڌ رنگ
ڪيئن ٿيو؟
ماڌو – واه، واه! اوهان ئي ته منهنجين اکين ۾ مرچ
ٿا ٻرڪيو، ۽ وري پاڻ پڇي رهيا آهيو ته ڳوڙها ڇو ٿو
ڳاڙين؟
راجا – تون ته رڳو ڳجهارتن ۾ پيو ڳالهائين!
ماڌو – حضور، بيد پاڻهي وٽجي ويندو آهي يا پاڻيءَ
جو ريلو اُن ۾ جهَڪ وجهيو ڇڏي؟
راجا – اها ڳالهه ته بلڪل پڌري پيئي آهي ته اِهو
سڄو ڪم پاڻيءَ جي ريلي جو آهي.
ماڌو – ته پوءِ بس، اهڙيءَ طرح منهنجين مصيبتن جو
سبب به اوهان جي ذات باصفات آهي!
راجا – سو وري ڪيئن؟
ماڌو – سو هيئن، جو اوهان پنهنجي راڄ گدي ڇڏي،هن
سڃ ۾ اچي نڪتا آهيو، ۽ هنن جهنگلين ۾ رهڻ جو اهو
ٺيڪو کنيو اَٿوَ، جو منهنجو عقل ئي چرخ ٿي ويو
آهي! مِرون هڪليندي هڪليندي، منهنجون ته هڏيون
پاسريون به ڀجھي پڇيون آهن! خدا جي واسطي ڏينهن اڌ
ته چيلهه سڌي ڪرڻ ڏيو!
راجا (پاڻ) – هن جو پڻ هيءُ حال آهي، ۽ هوڏانهن
منهنجو مَن شڪنتلا جي ياد ۾ ايترو ته مگن ٿي ويو
آهي، جو شڪار ڪرڻ تي به نٿو وري!... آءٌ انهن هرڻن
تي ڪيئن تير ڇوڙيان، جن منهنجي محبوب جي صحبت ۾
رهي، کيس اِهي پر لطف نگاهون سيکاريون آهن!
ماڌو (راجا جي منهن ڏانهن نهاريندي) – حضور جن ته
دل جو دل ۾ ڪجهه ويچاري رهيا آهن ۽ چپن ۾ ڪجهه ڀڻ
ڀڻ ڪن ٿا، پر منهنجو ته خود آواز ئي اهڙو آهي،
جهڙو رڻ پٽ ۾ پڙاڏو!
راجا (مشڪي) – ٻيو ڇا؟ دوست جو چوڻ ڪيئن ٿو موٽائي
سگهجي!
ماڌو – شل جڙيا هجو جهان ۾! (وڃڻ ٿو چاهي).
راجا – بيهه ته سهي، اڃا مون کي ڪجهه چوڻو آهي.
ماڌو – اَگيا!
راجا – جڏهن ساه پَٽي وٺين، تڏهن توکي هڪ ننڍڙي ڪم
۾ منهنجي مدد ڪرڻي پوندي.
ماڌو – ننڍڙو ڪم ڇا! ڪي لڏو پيڙا کائڻا آهن؟
راجا – انهيءَ جي اُپٽار آءٌ پوءِ ڪندس.
ماڌو – ته بس، منهنجو به اوهان سان وچن آهي.
راجا – ڪو آهي؟
(چوبدار اچي ٿو)
چوبدار – حڪم مهاراج! ٻانهو حاضر آهي.
راجا – سپه سالار کي سڏي وٺ!
چوبدار – حاضر! (ٻاهر وڃي ٿو ۽ سپه سالار کي ساڻ
وٺي اچي ٿو، ۽ اچڻ شرط سپه سالار کي چوي ٿو)
مهاراج جون اکيون اوهان جي طرف آهن.
سپه سالار (راجا کي ڏسي – پاڻ) – شڪار جيتوڻيڪ آهي
ته بُڇڙي بَلا، پر سائينءَ جن کي اِنهيءَ منجهان
سراسر فائدو حاصل آهي! ڪمان جي زه ڇڪيندي ڇڪيندي،
اوهان جي جسم جو مٿيون حصو رُڪ وانگر سخت ٿي چڪو
آهي: نه اُس ٿي لڳيوَ ۽ نه وري ٿَڪ جي ڪري پگهر ٿو
نڪريوَ. مطلب ته مهاراج جن ڪجهه ڏُٻرا ضرور ٿي ويا
آهن؛ پر اهڙيءَ هاٺيءَ منجهان ڪير ٿو محسوس ڪري
سگهي؟
(ويجهو وڃي) مهراج جي جئي! .... ماڻهو ٻيلي ۾ شڪار
کي تاڙڻ لاءِ روانا ٿي چڪا آهن. ڇا اوهان کي دير
آهي؟
راجا – ڇا ٻڌايان؟ ماڌوءَ شڪار جي باري ۾ ايڏي ته
شڪايت ڪئي آهي، جو ماڳهين منهنجي دل ئي کٽي ٿي
پيئي آهي؟
سپه سالار (ماڌوءَ جي ڪَن ۾) – يار، تون پنهنجي
پير تي پُختو بيٺو هججانءِ. آءٌ مالڪ جي ”ها“ ۾
”ها“ ملائيندو ايندس...
(ڏاڍيان ڳالهائيندي) سرڪار، هن بيهودي کي ڀَلي
بَڪڻ ڏيو. انهيءَ فن کي اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو
ڄاڻي سگهي! جسم چُست ۽ چالاڪ ٿئي ٿو ۽ چرٻي ڇَڻيو
وڃي. تنهن کان سواءِ، جانورن کي هراسيل حالت ۾ ڏسڻ
جو موقعو گهڙيءَ گهڙيءَ ڪٿي ٿو نصيب ٿئي! ويتر
ڀڄندڙ جانورن تي نشان چُٽڻ تي تيراندازيءَ جو خاص
ڪمال آهي. جيڪي شڪار کي بڇڙو ٿا سمجهن، سي خاڪ ٿا
کائين. شڪار جهڙي ڪا ٻي ورونهن؟
ماڌو (بيزاريءَ وچان) – اڙي، بند ڪر پنهنجون اهي
ڦڙٻاٽون! حضور جن. تنهنجن اِنهن ڳالهين ۾ ڪڏهن به
اچي نٿا سگهن! ڪجهه پنهنجو به خير گهر، جيڪڏهن
ڪنهن پوڙهي رڇ تنهنجي اِنهيءَ ٽين جي نڪ کان اچي
توکي ورتو، ته ٻٽيهه ڌارون ياد اچي وينديئه.
راجا – نيڪ سپهه سالار، مون کي آشرم جي پاڙي جو
ننگ ٿو پوي؛ تنهنڪري آءٌ تنهنجي اِنهي مشوري تي
عمل ڪري نٿو سگهان!...
اڄ ميهين کي تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻڻ ڏيو، ته
ڀَلي پنهنجن سِڱن سان، پنهنجي لِڱن تي پاڻيءَ جا
ڇنڊا هڻن، هرڻن کي ڇڏيو ته وڻن جي ڇانءَ هيٺ ويهي،
آرام سان اوڳارين، ۽ سوئرن کي ڇڏيو ته ڀلي دٻن مان
بي ڊپو گاه کوٽي ڪڍن ۽ هن اسان جي ڪمان کي به ڇڏي
ڏيو ته ڀل زِه لٿي ڪجهه آرام وٺي.
سپهه سالار، جيئن سائينءَ جن جو حڪم!
راجا – تڏهن ڀلا، ٻيلي ۾ وڙول وجهندڙن کي واپس
سڏائي وٺ! ۽ سپاهين کي به تاڪيد ڪري ڇڏ ته ”تپ بن“
جو آرام نه ڦٽائين. ياد رک، جوڳي اَمن پسند ضرور
ٿيندا آهن، پر اُنهن ۾ هڪ اهڙي طاقت به لڪل هوندي
آهي، جا باه وانگر ساڙيو ڇار ڪيو ڇڏي – جيئن ٺريل
آفتابي پٿر، ڇُهڻ وقت برف جهڙو ٿڌو ۽ رڳڙجڻ مهل
باه جا اُلا اُٿاريندڙ!
سپه سالار – جيئن حضور جو حڪم!
ماڌو – پري ٿي مليڇ، هاڻي ته تنهنجو ڀڙڪائڻ سڀ
وئرٿ ٿي ويو!
(سپه سالار وڃي ٿو)
راجا (ڀيلڻين ڏي نهاريندي) – وڃو ۽ شڪاري لباس
لاهي ڇڏيو... (چوبدار کي) چوبدار، تون پنهنجي ڪم
تي قابو رهه!
ڀيلڻيون – جيئن سرڪار جو حڪم (وڃن ٿيون).
ماڌو – هاڻي ته هتي ڪا مَک به ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هلو،
هن دڪيءَ تي هلي ويهو، جنهن جي مٿان ولين جي ڇانءَ
مَنَهن آڻي ڇڏيو آهي:آءٌ به چيلهه سڌي ڪري وٺندس.
راجا – چڱو، اڳيان ٿي هل.
ماڌو – هن طرف حضور! (ٻئي اُنهيءَ هنڌ وڃي ويهن
ٿا)
راجا – ماڌو، توکي اکين هئڻ مان ڪهڙو سود؟
ڇو ته جيڪا شيءِ ڏسڻ جهڙي آهي، سا ته تو ڏٺي ئي
ڪانهي.
ماڌو – واه، ڏسڻ جهڙي ته اوهان جي صورت آهي، جا
رات ڏينهن منهنجي اکين اڳيان پيئي ڦري.
راجا – اڙي بيوقوف! سڀڪو پاڻ کي سُندر سمجهي ٿو،
پر آءٌ ته شڪنتلا جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جا هن
آشرم جو مَڻيو آهي.
ماڌو(پاڻ) – نيٺ اچي ويا نه پنهنجي پير تي! پر آءٌ
ڍَر ڇو ڏيانس؟.. (بلند آواز سان) دوست، معلوم ٿو
ٿئي ته اوهان هڪڙي ساڌوءَ جي ڌيءُ ته اَڪن ڇڪن ٿيا
آهيو.
راجا – ادا، پروءَ جي اولاد جي دل ڪنهن جهڙيءَ
تهڙيءَ تي ڪين ريجهندي. جيئن چنبيليءَ جو ڇُڳو اَڪ
جي وڻ تي ڪِري، بس تيئن ئي اها رشي ڪماري، جا
حقيقت ۾ پريزاد آهي، ڪَڻو رشيءِ کي جهنگ ۾ پيل ملي
هئي.
ماڌو (کلي) – جيئن ڪو کارڪون ڇڏي گدامريءَ جي سَڌ
ڪري، تيئن اوهان جي دل ۾ راڻين کان کٽي ٿي آهي!
راجا – تون جيڪڏهن هن کي هڪوار ڏسين، ته هوند اِها
بَڪ بَڪ نه ڪرين.
ماڌو – نه سائين! هن کي گهٽ ڪير چوي؟ جيڪا اوهان
کي عجب ۾ وجهي، سا ضرور موهيندڙ هوندي!
راجا – دوست، پَري ڇو وڃجي. ڇا ڌڻيءَ سنديس
پهريائين تصوير کينچي پوءِ کيس حياتي بخشي؟ يا
ساري سَنسار جي سونهن جي مجموعي مان کيس خلقيائين.
پروردگار جي قدرت ۽ شڪنتلا کي ڏسندي، ائين چئبو ته
هن ”لڇميءَ“ 3 جي خلقت ئي اور آهي؟
ماڌو – جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سڀيئي سهڻيون اُن
جي اڳيان ڇپي وينديون.
راجا – بس، ائين ئي کڻي سمجهه .... هن جي بي عيب
صورت هڪ اهڙو تازو غنچو آهي، جنهن کي اڃا نَنهن به
نه لڳو آهي. اهڙو موتي آهي، جو اڃا ڪنهن جي هار ۾
نه پوتو ويو آهي. اهڙي ماکي آهي، جنهن جو سواد اڃا
ڪنهن به نه ورتو آهي. اهو چڱن ڪمن جو ڦل آهي، جنهن
جو اثر دائم آهي، ۽ داغ کان خالي آهي. خبر نه آهي
ته خدا اِها نعمت ڪنهن جي نصيب ۾ لکي آهي!
ماڌو – تڏهن ته ڌڻيءَ جي واسطي اُن غريب کي نجات
ڏياريو، جيئن هوءَ ڪنهن تيل سان سڻڀي ٿيل مٿي واري
ساڌوءَ جي وَر نه چڙهي.
راجا – يار، هوءَ پنهنجي هٿ وس نه آهي ۽ پڻس پرديس
ويل آهي.
ماڌو – اِهو ته ٻُڌايو ته هن جي اشارن منجهان ڇا
ٿا سمجهو؟
راجا – رشي ڪماريون فطرتاً شرميليون ٿينديون آهن.
۽ جڏهن مون ڏانهنس منهن ڦيريو، ته سندس نگاه مون
کان پاسيري هئي. ظاهراً هن جي مُنهن تي مرڪ هئي،
پر شايد اُن جو سبب ٻيو ڪو هجي!
ماڌو – هن کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجيوَ؟ ڇا سمجهو ٿا
ته ڏسڻ سان ٽپ ڏيئي، اوهان جي هَنج ۾ اچي ويهي ها؟
راجا – پر وڇڙڻ وقت ڪيتري ضبط ڪرڻ جي باوجود سندس
هِردي جي هلچل گهڻي قدر ظاهر ٿي رهي هئي. بلڪل
اهڙيءَ طرح جو اگرچه اُتي ڊڀوڙين جو نالو نشان ئي
ڪو نه هو، پر ٿورو پرڀرو وڃڻ کان پوءِ اوچتو بيهي
رهي، ۽ واڪو ڪري چيائين: ”اَلا، منهنجي پير ۾
ڊڀوڙي لڳي آهي!“ جيتوڻيڪ سندس ڇوڏي لباس ڪنهن به
ڪنڊ ۾ ڪو نه ڦاٿو هو، پر تڏهن به اُن کي ڇڏائڻ جي
بهاني مون ڏانهن منهن ورائي بيهي رهي.
ماڌو – تڏهن ته سوير ئي سفر جو سامان گڏ ڪريو. آءٌ
ڏسان ٿو ته اوهان هن ”تپ بن“ کي باغ بنائي ڇڏيو
آهي، تنهن کان اچو ته هتي ئي جهوپڙي هڻون ۽ جهنگل
۾ مَنگل پيدا ڪري ويهون!
راجا – يار، ڪيترن ئي ساڌن کي خبر آهي ته مان هتي
آهيان: هينئر آءٌ اِنهيءَ ويچار ۾ آهيان ته ٻيهر
ڪهڙي حيلي سان آشرم ۾ وڃان؟
ماڌو – راجائن کي حيلن بهانن جي ڪهڙي ضرورت؟ اُتي
پهچي رڙ ڪريو ۽ چئو ته ”ڏِيو سارين جو ڇهون حصو.“
راجا – اڙي نادان! ساڌن جي دل، سون چانديءَ جي
ڍيرن کان وڌيڪ قيمتي ٿئي ٿي. مال ملڪيت تي مٽيءَ ۾
مليو وڃي، پر اُنهن جي عبادت جو ڇهون حصو جو اسان
کي پَلئه ٿو پوي، سو باقي ۽ غير فاني آهي.
(پردي پٺيان آواز) – واهه واهه، اسان جي مراد پوري
ٿي! راجا (ڪن ڏيئي) - خاموش، اهڙو سانتيڪو ۽ گنڀير
آواز ته ساڌن جو ٿيندو آهي!
(چوبدار اندر اچي ٿو)
چوبدار – جئي جئي، مهاراج! ٻه جوان رشي دروازي تي
بيٺا آهن.
راجا – اُنهن کي جهٽ پٽ اندر وٺي اچ.
(چوبدار ٻاهر وڃي، اُنهن کي وٺي اچي ٿو)
چوبدار – هيڏانهن سڳورا!
(ٻئي وٺي راجا ڏي نهارين ٿا)
پهريون – هن جي ذات، پنهنجي جوت جي باوجود ڪهڙي نه
من موهيندڙ آهي! سچ پچ ته سندس هيءُ روپ سندس درجي
مطابق آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو شمار به رشين جي
منڊليءَ ۾ ٿئي ٿو. هن کتريءَ کي ڀلا رشي نه چوندا
ته ٻيو ڇا چوندا؟ جڏهن هيءُ هن آشرم ۾ سواءِ ڪنهن
تڪليف جي ترسي پيو آهي: جنهن جا دروازا عام خاص
لاءِ هر وقت کليل رهن ٿا: جو ديش ڀڳتيءَ ۽ رياضت
جو خاص جزو آهي: بهشتي ڀَٽ صبح شام سندس ذات با
صفات جي مڪمل اِنتظار ۽ عدالت جا قصيدا پڙهندا رهن
ٿا، جن جو شور اُڀن تائين پهچيو وڃي. انهيءَ لاءِ
ته هن کي رشيءَ جو لقب مليو آهي. تفاوت رڳو هيءُ
آهي جو اِنهيءَ کان اڳ کيس راجائي لقب حاصل آهي.
ٻيو – هي گوتم! ڇا هيءُ اهو ئي ناميارو دُشينت آهي
جو ”اِندر“ جو ٻانهن ٻيلي ڪوٺجي ٿو؟
پهريون – ٻيو نه ته ڇا!
ٻيو – تڏهن ته عجب ناهي ته اهو دشينت جنهن جون
ٻانهون شهر پناه جي ٿنڀن وانگر مضبوط آهن ۽ اڪيلي
سر هن سڄي پرٿويءَ تي راڄ ڪندو آهي ۽ جنهن جون
حدون سمنڊ جي نيري پاڻيءَ تائين پکڙيل آهن، تڏهن
ته ديوتائون دئيتن کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏيئي ٿا
سگهن ۽ انهن جي مدد لاءِ اِندر جي وڄ جي چمڪاٽ سان
گڏ دشينت جي ڪمان جو ڪڙڪو به شامل هوندو آهي.
ٻيئي رشي ويجهو پهچي) – مهاراج جي جئي!
راجا اُٿي بيهي) – نمسڪار!
(گل پيش ڪن ٿا)
ٻيئي رشي – نمسڪار ڀڳوان، اوهان تي ديا، ڪرپا!
راجا – (نذرانو قبول ڪندي، نئڙي) منهنجي لائق ڪار
– خدمت؟
ٻيئي رشي – آشرم وارن کي خبر پيئي آهي ته اوهان جو
ديرو هتي ئي آهي، تنهنڪري سندن عرض آهي ته...
راجا – سندن ڪهڙو حڪم آهي؟
چيلو – اُنهن وينتي ڪئي آهي ته اسان جي گُرو ڪڻوءَ
جي غيبت ۾ راڪاسن کي موقعو ملي ويو آهي ته اسان جي
قربانيءَ ۾ رخنو وجهن. جيڪڏهن اوهان پنهنجي رَٿ
وارن سان گڏ هن آشرم تي ڪرپا ڪري، ٻه ٽي راتيون
رهي پئو ته اها بلا ٽري ويندي.
راجا – آءٌ دل و جان سان اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ
تيار آهيان.
ماڌو (اشارو ڪري) – هَل سائين، عاشقن هاڻي
چوڪيداري اختيار ڪئي!
راجا (مشڪي) – چوبدار، رٿ بان کي چئو ته رٿ ڪاهي،
تير ڪمان سميت هت اچي حاضر ٿئي!
چوبدار – حاضر سرڪار! (ٻاهر وڃي ٿو)
ٻيئي رشي (خوش ٿي) – مهاراج جو نالو شل هن دنيا ۾
سدائين سوڀارو هجي! اوهان پنهنجن وڏن جي واٽ هَلو
ٿا، ۽ هرڪو پروءَ جو پونير هيڻن جي حفاظت جو ذمو
کڻي ٿو.
راجا (سر نمائي) – اوهان هلو، آءٌ اوهان جي پٺيان
پوٺيان اچان ٿو.
ٻيئي رشي – شل سدائين سوڀارا هجو! (هليا وڃن ٿا)
راجا – ماڌو! شڪنتلا کي ڏسڻ جي سُونجهه اَٿيئي؟
ماڌو – آءٌ ته اُن جي ديدار جي طلب ۾ اڳيئي ديوانو
هوس، پر هاڻي ته راڪاسن جي خبر سڄو ئي مَزو وڃائي
ڇڏيو.
راجا – ڊپ نه ڪر! تون ته اسان سان گڏ هوندين.
ماڌو – ته پوءِ اُهي بدبخت منهنجو ڇا بگاڙيندا؟
(چوبدار اچي ٿو)
چوبدار – حضور جي حڪم موجب رٿ حاضر آهي، پر
راڄڌانيءَ کان هڪڙو قاصد راڄ ماتا جو خط کڻي آيو
آهي.
راجا – ڇا، انهيءَ قاصد ماتا جو سنيهو آندو آهي؟
چوبدار – هائو مهاراج!
راجا – انهيءَ کي جلدي هيڏانهن وٺي اچو.
(چوبدار ٻاهر وڃي ٿو ۽ قاصد کي ساڻ وٺي اچي ٿو)
قاصد – مهاراج جي جئي هجي! راڄ ماتا هيءَ سنيهو
موڪليو آهي ته اڄ کان چوٿين ڏينهن منهنجي ورت ڀڃڻ
جو جشن آهي، جنهن ۾ اوهان جي حاضري تمام ضروري
آهي.
راجا (سوچيندي) – هيڏانهن ساڌن جو ڪم، هوڏانهن
ماتا جو حڪم! ٻنهيءَ مان ڪنهن کي به ٽاري نٿو
سگهجي. آخر هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ماڌو – تِرسَنڪو وانگي آسمان ۾ لٽڪي بيهو!
راجا – چرچو ڪونهي، سچ پچ آءٌ ٻن باهين جي وچ ۾
اچي ڦاٿو آهيان. ٻن ٻن جڳهن تي هڪڙي ئي وقت جدا
جدا ڪم ڪرڻا آهن. تنهنڪري انهن خيالن منهنجن ارادن
کي به ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح
جيئن ڪنهن نديءَ جو وَهڪرو ڪنهن جبل سان ٽڪرائجي
ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وڃي... (ڪجهه سوچيندي) ماڌو،
ماتا توکي به ته ڌرم جو پٽ ڪيو آهي نه؟ سو توکي
گهرجي ته منهنجي بدران تون ئي وڃي سندن خدمت ۾
حاضر ٿيءُ، ۽ منهنجين مشغولين جو سبب بيان ڪري،
سپوتن وانگر سڀ ڪم ڪار ڪري ڇڏ.
ماڌو – اوهان متان ڪٿي اهو ته نٿا سوچيو ته آءٌ
راڪاسن کان ڊنو آهيان؟
راجا (کلي ڪري) – توبهه ڪر! آءٌ توکي ايترو بزدل
سمجهي سگهان ٿو؟
ماڌو – مون کي اهڙي دٻدٻي سان وڃڻ گهرجي، جيڪو هڪ
راجا جي ننڍي ڀاءُ جي شان وٽان هوندو آهي.
راجا – آءٌ سڄو اٽالو توسان گڏ ٿو اُماڻيان. متان
آشرم جي سانت ۾ ڪو خلل ٿئي.
ماڌو(فخر سان) – هاڻي ته مون کي راجڪمار سمجهڻ
لڳندا.
راجا (پاڻ) – هيءُ ڪم ڪم بخت آهي ڏاڍو بڪبڪيو، ڪٿي
ائين نه ٿئي، جو ”رانواس“ ۾ منهنجي نئين محبت جا
پول پڌرا ڪري وجهي! تنهنڪري اڳواٽ ئي سندس زبان
بند ڪري ڇڏجي ته بهتر آهي... (ماڌو جو هٿ جهلي)
دوست، آءٌ ته رڳو ساڌن جي ڪري هن آشرم ۾ ترسي پيو
آهيان، باقي اُنهيءَ ساڌوءَ جي ڌيءَ سان منهنجو
ڪهڙو پريم ٿي سگهي ٿو؟ ڪجهه سوچ ته سهي ڪٿي اسين ۽
ڪٿيءَ هيءَ ڇوڪري، جا هرڻين جي ولر ۾ پلجي جوان ٿي
آهي!هوءَ ويچاري عشق جا آسرار ڇا سمجهي سگهندي؟
ياد رک، متان چرچي کي ساڀيان سمجهيو اٿيئي!
ماڌو – نه، جيئن اوهين فرمايو ٿا، تيئن درست آهي.
(سڀ وڃن ٿا) |