سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: شڪنتلا

پردو ڇهون

صفحو :6

پردو ڇهون

شهر جي هڪ گهٽي

شروعاتي نظارو

]ڪوٽوال جيڪو راجا جو سالو پڻ آهي، سو ٻن پهريدارن سان گڏ اچي ٿو. هڪڙي ماڻهوءَ جا هٿ پٺيان ٻڌل آهن، ۽ کيس پڪڙيو ٿا اچن[

پهريدار (قيديءَ کي ماريندي) – اڙي چور! سچ ٻڌاءِ، توکي هيءَ منڊي ڪٿان هٿ آئي، جنهن تي راجا جو نالو اُڪريل آهي؟

قيدي (ڊپ ۾) – مون تي رحم ڪريو، آءٌ چوري ڇو ڪندس؟

پهريون پهريدار – واه واه! اهڙو ڪو ساڌو يا مهاتما آهين جو راجا توکي هيءَ مُنڊي نذراني طور ڏني آهي؟

قيدي – اڙي ڀائي، ڪجهه منهنجي به ته ٻڌو! آءٌ هڪ غريب مهاڻو آهيان ۽ ”وشچي تيرٿ“ جو رهاڪو آهيان.

ٻيو پهريدار – بدمعاش ڪٿي جو! ڇا اسان توکان تنهنجي ذات پات جو پُڇيو؟

ڪوٽوال – اَڙي يارو، ڪجهه چوڻ ته ڏيوس! هروڀرو وچ ۾ ڪاهي نه پئو.

پهريون پهريدار – اَڙي او، ڪوٽوال صاحب جيئن چوي ٿو، تيئن ڪر!

قيدي – ڄار ۽ ڪُنڊيءَ سان مَڇيون ڦاسائي، آءٌ پنهنجو پيٽ پاليندو آهيان.

ڪوٽوال(مشڪي) – ڪهڙو نه شريف ڌنڌو آهي!

قيدي – سائين، ائين ته نه چئو! خراب هجي يا سٺو پر ڪنهن جي ڌنڌي کي گهٽ ڪري نه ليکجي. افسوس، جيتوڻيڪ گگدام جانورن کي ڪهڻ پاپ ۾ داخل آهي، پر اڄ ڪلهه جا خود ويد پڙهڻ وارا برهمڻ به انهن کي قربانيءَ لاءِ ماري ٿا ڇڏين!

ڪوٽوال – ڏس، تو وري وِڦلڻ شروع ڪيو نه! مطلب جي ڳالهه ٻڌاءِ، مطلب جي!

قيدي – هڪڙي ڏينهن آءٌ ڏَنڀري جي مڇيءَ کي پيٽي رهيو هوس، ته اوچتو ئي اوچتو سندس پيٽ مان اِها هِيرن جُڙيل مُنڊي نڪتي. آءٌ اُها منڊي کڻي بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ آيس، ته اوهان مون کي جَهلي کڻي قابو ڪيو.  مون بلڪل سَچ ڳالهايو آهي. هاڻي اوهان جي مرضي، وڻيوَ ته مارائي ڇڏيو ۽ وڻيوَ ته ڇڏي ڏيو.

ڪوٽوال – پهريدارو، جيئن ته هن جي جسم مان کِکيءَ جي بانس اچي رهي آهي، تنهنڪري سندس مهاڻي هئڻ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي! مگر هن مُنڊيءَ جي باري ۾ بلڪل پوريءَ طرح جاچ ڪرڻ گهرجي. هاڻي هلو ته هن کي سرڪار ڏانهن وٺي هلون!

ٻيئي پهريدار – ڏاڍو چڱو! ... هل ڙي ڳنڍي – ڇوڙ هل!

(سڀ هلن ٿا)

ڪوٽوال – توهان ٻيئي ڄڻا شهر جي دروازي جي ٻاهران هن کي سوگهو ڪري جهليو. آءٌ تيستائين مهاراج کان اِنهيءَ مُنڊيءَ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪري، کانئن فرمان وٺي ٿو اچان.

ٻيئي پهريدار – وڃ وڃ، ۽ پنهنجي ڀيڻيوئي جي وڃي چاپلوسي ڪر!

(ڪوٽوال وڃي ٿو)

پهريون پهريدار (ٿوريءَ دير کان پوءِ) – يار، هن پِٽئي ته ڏاڍي دير ڪري ڇڏي!

ٻيو پهريدار – راجائن سان ته وقت تي ئي ملاقات ٿيندي آهي.

پهريون پهريدار – مون کي ته رکي رکي اِهو خيال ٿو اچي ته هن قيديءَ کي رُخصتي گلن جو هار(1) ڳچيءَ ۾ کڻي وجهان.

قيدي – واه يار واه! هروڀرو ڪنهن جو ساه ڪڍندين ڇا؟

ٻيو پهريدار – اِجهو ڪوٽوال صاحب راجا جو فرمان هٿ ۾ کنيو، تڪڙو تڪڙو هلندو پيو اچي!...(قيديءَ کي) اَڙي ڌاڙيل! هاڻي ڏسون ته تون ڪُتن جو کاڄ ٿو ٿين يا ڳجهن ۽ ڪانگن جو!

(ڪوٽوال اچي ٿو)

ڪوٽوال – هن مهاڻي کي هڪدم ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس بيان بلڪل سچو آهي!

پهريدار – جيئن اوهان جو حڪم!...(مهاڻي کي) پُٽ! موت جي مُنهن مان نڪري آيو آهين!

(رسيون کولينس ٿا)

مُهاڻو (ڪوٽوال اڳيان جُهڪي) – پرڀو! منهنجو اڄ جو پورهيو ته مارجي ويو!

ڪوٽوال – هي وٺ! مهاراج هن مُنڊيءَ جي قيمت توکي ڏني آهي.

قيدي (پئسا وٺي جُهڪي) – سائين، آءٌ ته نهال ٿي چڪو آهيان!

پهريون پهريدار – هن انعام مان خبر پوي ٿي ته مُنڊيءَ جي قيمت تمام ڳري آهي!

ڪوٽوال – مون کي ائين محسوس ٿيو ته هيءَ مُنڊيء پنهنجي قيمت جي ڪري مهاراج کي پياري نه هئي، پر کيس ڏسندي ئي ڪنهن وڇڙيل دوست جي يادگيري اچي ويئي اٿس ... ڇاڪاڻ ته ٿوريءَ دير لاءِ پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺو ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀَرجي آيس.

پهريون پهريدار – بس، پوءِ ته ائين کڻي چئجي ته اڄ ڪوٽوال صاحب مهاراج کي ڪو وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي!

ٻيو پهريدار – ميان، ائين ڇو نه ٿو چئين ته هن مُهاڻي جو بخت کُلي پيو!

(مُهاڻي جي پيسن کي ‎حسد وچان ڏسي ٿو)

مُهاڻو – ڀائو، خار ڇو ٿا کائو؟ هنن پيسن مان اَڌ کڻي پنهنجي ڀوڄن لاءِ قبول ڪريو.

ٻيئي پهريدار – واه واه، دوست ته ڪو تو جهڙو هجي!

ڪوٽوال – ڀائي مهاڻا! اڄ کان وٺي تون منهنجو به دوست آهين! هَل ته ٻيئي ڄڻا گتي ۾ هلون ۽ شراب جي دور سان هِن نئين دوستيءَ کي پڪو ڪريون.

(وڃن ٿا)

(شروعاتي گفتگو ختم)

]آسمان ۾ سانُومَتي نالي پري، اُڏامندڙ کٽوليءَ تي ويٺل نظر اچي ٿي[

سانومتي – اَپسرا تيرٿ (1) ۾ جيساتئين مهاپُرشن جي اِشنان جو وقت آهي، تيستائين اسان منجهان هر هڪ کي واري وٽيءَ سان حاضري ڏيڻي پوي ٿي. هينئر آءٌ اُتان آزاد ٿي چڪي آهيان، تنهنڪري ٿورو هلي، راجا جو به حال ڏسان. مينڪا جي ساهيڙپ جي ڪري، شڪنتلا منهنجي جگر جو گوشو ٿي پيئي آهي، ۽ خود مينڪا مون کي پنهنجي ڌيءُ جي پرگهور لهڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي...

....(چئن ئي پاسي نهاري) هان، بَسنت جي رُت ۽ راڄ محل ۾ جهڙي اُداسي، سو وري ڪيئن؟ ٿورو ترسو! جيتوڻيڪ مون کي پاڻ تي ايڏو ڀروسو آهي، جو گهر ويٺي سڄو راز معلوم ڪري سگهان ٿي، پر ساڳئي وقت پنهنجي ساهيڙيءَ جي منت جو خيال ٿو ٿئيم. هاڻي مون کي گهرجي ته جادوءَ جي پوتي پائي، هنن مالهياڻين سان گڏ وڃي وهنجان. جيتوڻيڪ آءٌ انهن سان گڏ هونديس، پر اُهي مون کي ڪنهن به حالت ۾ ڏسي نه سگهنديون.

(هيٺ لهي اچي ٿي)

(هڪ مالهڻ انبن جي ٻور کي ڏسندي ٿي اچي ۽ ٻي سندس پٺيان آهي)

پهرين مالهڻ – اَي اَنب جا ٻُور، تنهنجو رنگ ڪجهه سائو، ڪجهه پيلو ۽ ڪجهه ڳاڙهو آهي! تون ئي بهار جي جان آهين ۽ تو ۾ ئي سندس حسن آهي. اڄ مون کي تنهنجو پهريون ديدار نصيب ٿيو آهي. تون ئي اسان کي بُڇڙيءَ نظر کان بچائج ۽ انهيءَ مُند کي برڪت وارو بنائج!

ٻي مالهڻ – اَي ڪوئل، تون پنهنجي دل ئي دل ۾ الائي ڇا ڀڻڪي رهي آهين؟

پهرين مالهڻ – اڙي سَڌڙي مَک، انب جي ٻُور کي ڏسي، ڪوئل به پنهنجا هوش حواس وڃائي ويهي ٿي.

ٻي مالهڻ (خوشيءَ وچان رڙ ڪري) – ڇا سچ پچ بهار جي مُند اچي ويئي آهي؟

پهرين مالهڻ – هائوڙي، هينئر تنهنجي لاءِ سُريلن گيتن ڳائڻ جا ڏينهن آيا آهن!

ٻي مالهڻ – ادي، ڪامديو جي پوڄا لاءِ آءٌ هن وڻ مان اَنب ٻور ڇنڻ چاهين ٿي! تون مهرباني ڪري مون کي آڌر ڏي ته پَٻن تي بيهي، اَنب جو ٻور لاهيان.

پهرين مالهڻ – انهيءَ شرط تي ته پوڄا جو اَڌ ڦَل وٺنديس.

ٻي مالهڻ – جيڪڏهن تون اِئين نه چئين ها، ته ڇا آءٌ توکي اَڌ ڦَل نه ڏيان ها؟ اسين ٻيئي هڪڙي قالب ۾ ٻه جانيون ته آهيون!

(پهرين مالهڻ ٻيءَ مالهڻ جي آڌار تي اَنب جو ٻور ڇني ٿي، ۽ چئي ٿي)

پهرين مالهڻ – واه واه، اَنب جون مکڙيون ته اڃا اَڌ ٽِڙيل آهن؛ مگر جنهن هنڌان پٽيون اٿم، اُتان ڪهڙي نه سرهاڻ ڇڏي رهيون آهن!...

...(هٿ مٿي کڻي، دعا گهرندي) انب جا ٻُور، آءٌ توکي ”ڪامديو“ تي ڀيٽا ٿي چاڙهيان! اُهو ڪامديو جنهن اڃا هينئر ڪمان هٿ ۾ کنئي آهي. تون اُنهيءَ جي پنجن تيرن مان سڀ کان وڌيڪ رَت پيئندڙ تير بنجي، پرديسياڻين جي پيار ڀرين جي دلين کي ڇوٽڪارو نصيب ڪر!

(ايتري ۾ دربان ڪاوڙ مان ڀٽڪندو اچي ٿو)

دربان – اَڙي بيڌيان ڇوڪريون، جنهن صورت ۾ مهاراج حڪم ڏنو آهي ته ”هن سال بسنت پنچمي نه ملهايو ويندو“، ته پوءِ توهان اَنب جون مکڙيون ڇو پَٽي رهيون آهيو؟

مالهياڻيون (ڊڄي) – هن دفعي اسان کي معافي ڏيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي اِها خبر نه هئي ته ڪو مهاراج اهڙو حڪم ڏنو آهي!

دربان – واه ڙي واه، توهان ٻنهي ڄڻن کي خبر ئي ڪا نه هئي؟ باغ جي وڻن ۽ پکين تائين به اها خبر پهچي چڪي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو هي اَنب جون مکڙيون جيتوڻيڪ هيترن ڏينهن کان ٽڙيون بيٺيون آهن، پر منجهن ميوي پيدا ٿيڻ جو نالو نشان به ڪونهي. اهڙيءَ طرح مَريڙي جي به اها ساڳي حالت آهي، جنهن جا پن ئي سُڪندا ٿا وڃن ۽ منجهن ٽڙڻ جي ڪا به طاقت باقي نه رهي آهي!

سياري جي موسم ختم ٿي چڪي آهي، پر ڪوئل جي گلي مان آلاپ ئي نٿو نڪري، هاڻي ته مون کي اِهو ئي فڪر آهي ته متان ڪامديو پنهنجو اڌ ڪَشيل تير وري تَرڪش ۾ واپس نه وجهي ڇڏيو هجي!

سانُومتي(پاڻ) – اِنهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هن راجا کي وڏي شڪتي آهي!

پهرين مالهڻ (دربان کي) – سائين ٻه ٽي ڏينهن ٿيندا، جو ڪوٽوال اسان کي مهاراج جي خدمت ۾ حاضر ڪيو. ۽ اُنهن اسان ٻنهي ڄڻن کي هن باغ جي سنڀال لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. اِهو ئي سبب آهي، جو اسان جي ڪنن تي انهيءَ حڪم جو پڙلاءُ نه پئجي سگهيو آهي.

دربان – چڱو، وري ٻيهر اهڙي حرڪت نه ڪجو!

مالهياڻيون – سائين، جيڪڏهن اسان جهڙين کي ٻڌائڻ ۾ ڪو به هرج ڪونهي ته مهرباني ڪري اسان کي اِنهيءَ ڳالهه مان ته واقف ڪريو ته بسنت جو جشن آخر ڇو روڪيو ويو آهي؟

سانومتي(پاڻ) – انسانن کي ته جلسن جلوسن جي ڏاڍي چُوس لڳل هوندي آهي، پر ضروري ڪا اهڙي ڳري ڳالهه ٿي آهي، جنهن جي ڪري انهيءَ جشن لاءِ به منع ڪئي ويئي آهي!

دربان(پاڻ) – جڏهن اِها خبر سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي چُڪي آهي، تڏهن هنن ٻنهي ڄڻين کان لڪائڻ جي ڪري آخر ڇا حاصل ٿيندو؟...(بلند آواز سان) شڪنتلا کي ڪڍي ڇڏڻ وارو قصو توهان نه ٻڌو آهي؟

مالهياڻيون – ڪوٽوال جي واتان مُنڊي ملڻ وارو احوال ته ٻڌو اَٿئون.

دربان – ته پوءِ ٻڌائڻ لاءِ باقي ڇا رهيو آهي؟ خير، وري به ٻُڌو! پنهنجي مُنڊي ڏسندي ئي، مهاراج جون ته اکيون ئي کُلي پيون ... ڇاڪاڻ ته ڪنهن وقت ڳجهيءَ طرح شڪنتلا سان شادي ڪئي هئائين. شڪنتلا جڏهن سندس دربار ۾ آئي، تڏهن هن بلڪل بيخبريءَ جي حالت ۾ ٻاهر هڪالي ڪڍيس. بس، اُن وقت کان وٺي، هُو ڳڻتين ۾ ڳري رهيو آهي! ۽ هينئر ته اِهو حال آهي، جو کلڻ ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو اٿس. اميرن وزيرن سان به نٿو ملي.... راتين جون راتيون پلنگ جي پَٽين تي اک ڇنڀڻ کان سواءِ گذاري ٿو ڇڏي.... راڻين جي دل رکڻ لاءِ به پنهنجي واتان ڪجهه نٿو ڪڇي، ۽ هر وقت غلطيءَ سببان راڻين جي نالي وٺڻ بدران شڪنتلا جو نالو وات مان ڪڍي، شرمائجي ماٺ ٿيو وڃي.

سانومتي(پاڻ) – اها ڳالهه ٻُڌي منهنجي دل ته باغ بهار ٿي ويئي آهي.

دربان – راجا جي بي آراميءَ ڪري ئي ”بسنت پنچمي“ ملهائڻ جي منع ڪئي ويئي آهي.

مالهياڻيون – هُئڻ به ائين گهرجي!

پردي پٺيان آواز – مهاراج، هيڏي هليا اچو!

دربان (ڪَن ڏيئي) – مهاراج، هيڏانهن اچي رهيو آهي. وڃو ۽ وڃي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪريو.

مالهياڻيون – حاضر سائين!

(ٻيئي هليون وڃن ٿيون)

(راجا ماتمي لباس ۾ اچي ٿو، ماڌو ۽ داسي به گڏ اٿس)

دربان (راجا کي ڏسي، پاڻ) – سَچ آهي، سُهڻيءَ صورت وارا ماڻهو هر حالت ۾ ڏسڻ واري جي دل کي وڻن ٿا. ماتمي وڳي ۾ به اسان جي مهاراج جو روپ ڪهڙو نه نرالو ٿو ڏسڻ ۾ اچي.... سڀ زيور لاهي، ڦٽا ڪري ڇڏيا اٿس. ٺاهه ٺوهه جو ڪو به سامان وٽس موجود ڪونهي، رڳو هڪڙو ڪنگڻ ساڄي هٿ ۾ رهجي ويو اٿس، ۽ اُڀين آهُن جي ڪري سندس چَپن جو رنگ به اُڏاڻل ڏسڻ ۾ اچي ٿو... هر وقت فڪر ۾ غلطان رهڻ ڪري، راتين جون راتيون جاڳندي گذاري ٿو ڇڏي. اکيون ڳاڙهيون لعل ٿي ويون اٿس، ۽ سندس سُونهن سوڀيا جو اهو حال آهي، جو جسم ڏُٻري ٿيڻ جي باوجود منهن جي رونق ۽ جوت پاڻمرادو وڌندي ٿي وڃيس.... بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڪو گهڙيل هيرو هجي!

سانُومتي_(راجا کي ڏسي، پاڻ) – ايڏيءَ بيعزتيءَ کان پوءِ به شڪنتلا مهاراج جي فراق ۾ ڳرندي هجي ته ڪو عجب ڪونهي!

راجا (فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ مست، پَسارڪندي) – جڏهن منهنجي جيءَ جي جياپي، منهنجي بدبخت دل کي جاڳائڻ جا هزارين حيلا هلايا، تنهن هوندي به هوءَ هرگز نه جاڳي، ۽ هاڻي رڳو پڇتاءَ جي غم سهڻ لاءِ پاڻمرادو جاڳي اُٿي آهي!

سانُومتي (پاڻ) – او، هن ويچاري جو به ساڳيو اهو ئي حال آهي!

ماڌو(پاڻ) – راجا وري شڪنتلا جي مرض ۾ مبتلا آهي. سندس ڪيئن علاج ڪجي؟

دربان(ويجهو اچي) – مهاراج جي جئي!... آءٌ باغ کي چڱيءَ طرح ڏسي وائسي آيو آهيان؛ جنهن به وقت اوهان جي دل چوي، اُتي آرام گاه ۾ هلي آرام ڪريو.

راجا (داسيءَ کي) – ديون کي وڃي چئو ته گهڻي وقت تائين ننڊ نه اچڻ ڪري، مون ۾ همت نه رهي آهي، جو اَڄ دربار ڪري سگهان؛ تنهنڪري پرجا جو جيڪو به ڪم ڪار هجي، سو مون کي هتي لکي موڪليو وڃي.

داسي – حاضر مهاراج!

(ٻاهر وڃي ٿي)

راجا – داتابن، تون به وڃي پنهنجو ڪم ڪر.

دربان – جيئن مهاراج جو حڪم!

(هليو وڃي ٿو)

ماڌو (راجا کي) – هلو هلو، هاڻي هتي به ٻُهاري اچي ويئي ... هتان هلي، باغ جي هن پرئين جُهگٽي ۾ دل وندرايو، ۽ ڏسو ته بَسنت رُت پنهنجو ڪهڙو نه چهچٽو لڳائي ڇڏيو آهي!

راجا – ماڌو، چوندا آهن ته ”هر مصيبت کي ڪو نه ڪو بَهانو گهرجي.“ شڪنتلا کي ڌڪاري ڇڏڻ جا ڦَٽ اَڃا تازائي هئا، ته ڪامديو پنهنجي ڪمان کڻي اَنب جي ٻُور تي چاڙهِي، ۽ منهنجن اُنهن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لاءِ اچي هتي پهتو.

ماڌو – اڙي تَرس ته سهي، آءٌ ٿو پنهنجي ڏَنڊي سان ڪامديو جي تيرن جي خبر وٺان.

(لڪڻ کڻي اَنب جو ٻُور ڇاڻڻ گهري ٿو)

راجا (مشڪي) – ڇڏ يار، برهمڻ جي طاقت به ڏسي ورتيم! تون مون کي اهو ته ٻُڌاءِ ته هتي اُهي وليون ڪٿي آهن، جن کي ڏسي، آءٌ هر وقت پنهنجي پياريءَ جي ياد کي تازو ڪندو رهان! مون کي ته اُتي ئي هلي پنهنجن اکين کي آرام پهچائڻ گهرجي!

ماڌو – مگر اوهان ته چترڪارڻيءَ کي اهو حڪم ڏنو هو ته اسين سڄو ڏينهن بَسنتي باغ ۾ رهنداسين ۽ شڪنتلا جي اُها تصوير اُتيئي موڪلي وڃي، جا هن اڳي ئي ٺاهي تيار ڪري رکي آهي.

راجا – دل جي خفقان گهٽائڻ لاءِ، بس اِهو ئي هڪ وسيلو باقي رهجي ويو آهي! هَل ته بسنت باغ ڏانهن به هلي ڏسون.

ماڌو – ها ها، هَلو هَلو!

(ٻيئي ڄڻا هلن ٿا، ۽ سانومتي سندن پٺيان پٺيان اچي ٿي)

ماڌو – جتي بلور جي چَونڪي وڇايل آهي، اُهو ئي بسنتي جهڳٽو آهي، اهو ئي جهڳٽو پنهنجون سڀ رونقون اوهان جو نذرانو سمجهي، اوهان تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار بيٺو آهي: هلو ته اُتي هلي ويهون.

(جهڳٽي ۾ وڃي ويهن ٿا)

سانُومتي(پاڻ) – هن ول جي پٺيان بيهي، شڪنتلا جي تصوير ته ڏسان، ۽ وڃي ٻڌايانس ته ”شڪنتلا، تنهنجوعاشق تنهنجي لاءِ ڪيترو نه ڦٿڪي رهيو آهي!“

(هڪ ول جي اوٽ ۾ ويهي رهي ٿي)

راجا – يار ماڌو! هينئر مس مس مون کي شڪنتلا جو سڄو قصو ياد اچي ويو آهي، جو شايد مون توکي به ٻڌايو هو! آءٌ سمجهان ٿو تون اُن وقت موجود نه هُئين، جنهن وقت مون شڪنتلا جي ڀريل بازار جي وچ ۾ بي عزتي ڪئي هئي، مگر ساڳئي وقت مون کي اِهو به خيال ٿئي ٿو ته هن وقت تائين سندن باري ۾ تو به مون سان ڪڏهن ڀُلجي ڳالهه نه ڪئي آهي، ڇا تون به مون وانگر شڪنتلا کي اصل ڀلجي ويو هئين؟

ماڌو – اها ڳالهه ائين ڪانهي، اُنهيءَ هنڌ منهنجي موڪلائڻ کان اڳ، اوهان مون کي سڀ ڪجهه ٻڌايو هو، مگر منهنجي موڪلائڻ وقت اوهان مون کان بلڪل اَلي ويا، ۽ سڄو راز پنهنجي پيٽ ۾ سانڍي، مون کي ائين چوڻ لڳا ته ”آءٌ اهو سڀ ڪجهه چرچو ڪري رهيو هوس، تون اِنهيءَ کي ڪڏهن به سچ ڪري نه ڀانئج!“ جيتوڻيڪ مون مورک اوهان جي اِنهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪيو، پر تقدير جو لِکيو ڪڏهن به ٽري نٿو سگهي.

سانُومتي(پاڻ) – بلڪل سَچ آهي!

راجا (مايوسيءَ وچان – ڀائو، هاڻي مون کي هن مصيبت کان ته بچاءِ!

ماڌو – مهاراج اوهان پنهنجي هيءَ ڪهڙِ حالت بَنائي ڇڏي آهي؟ مصيبت جي وقت صبر کي پنهنجي هَٿان ڪڏهن نه ڇڏيو آهي. زبردست طوفان هوندي به، جبل پنهنجيءَ جاءِ تان هرگز نٿو چري.

راجا – پر آءٌ ڇا ڪريان؟ جڏهن شڪنتلا کي ڌڪاريو هوم، تڏهن سندس حالت اهڙي ته رحم جوڳي هئي، جو کيس ياد ڪندي ئي جگر ٿو ڦاٽيم! .... مون جڏهن هُن کي اِئين چيو ته ”آءٌ توکي نٿو سڃاڻان“، تڏهن هوءَ پنهنجن ساٿين جي پُٺيان وَٺي ڀڳي. اُنهن منجهان هڪڙي چيلي، جنهن کي شڪنتلا پنهنجو وڏو ڪري ٿي ليکيو، دڙڪو ڏيئي چيس ته ”توکي هتي ئي رهڻو پوندو!“ بس، اُن وقت شڪنتلا پنهنجن ڳوڙهن ڀَريل اکين سان پنهنجي نماڻي نظر مون تي اُڇلائي. اُها ئي نظر هئي، جا هينئر مون بيدرد کي زهري تير جي نوڪ سان چڀي رهي آهي.


(1)  قديم زماني ۾ اها رسم هوندي هئي ته ڏوهيءَ کي ڦاسيءَ کان اڳ ۾ هار پارائيندا هئا.

(1)  هيءَ جڳهه هستناپور (دهلي) جي ويجهو هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com