پردو ستون
سرڳ جو رستو
(دُشينت ۽ ماتلي رَٿ ۾ ويٺل آهن، ۽ آڪاس مان هيٺ لهندا ٿا اچن)
راجا – ماتلي، ائين برابر آهي ته مون اِندر جو حڪم مڃيو! پر
ساڳئي وقت اِندر ديوتا جيڪا مون تي نوازش ڪئي آهي،
تنهن جو آءٌ لائق ته نه هوس.
ماتلي – جيئندا قبلا! اوهان ٻنهي کي هڪٻئي جي طرفان ساڳي شڪايت
آهي. اوهان اِندر تي وڏو احسان ڪيو، مگر اُن احسان
کي سندس نوازش ۽ آڌر ڀاءَ جي مقابلي ۾ خسيس ٿا
سمجهو. هوڏانهن وري اِندر پنهنجي نوازش کي اوهان
جي بهادريءَ جي مقابلي ۾ ڪجهه به نٿو سمجهي.
راجا – ائين نه چئو، ايندي وقت اِندر منهنجي ايڏي ته عزت افزائي
ڪئي هئي، جنهن جو مون کي خواب خيال به نه هو: سرڳ
جي گلن جو هار، جنهن ۾ اِندر جي سيني تي لڳل چَندن
جي خوشبوءِ ملائي ويئي هئي، سو جڏهن پنهنجي ڳچيءَ
مان لاهي، مون کي پارايائين، تڏهن هار پارائيندي
ٽيٽ ڪري پنهنجي پُٽ ڏانهن ڏٺائين، جو حَسد وچان
اُن هار کي ڏسي رهيو هو. نه رڳو ايترو پر ديوتائن
جي موجودگيءَ ۾ به مون کي پنهنجي تخت تي
ويهاريائين.
ماتلي – مگر اوهان ڪجهه اهو به خيال ڪريو ته اوهان جي جيتري به
عزت ڪئي وڃي، سا گهٽ آهي؛ ڇاڪاڻ ته جنن ڀوتن کي
سرڳ مان ڀڄائي ڪڍڻ وارا فقط ٻه ڄڻا آهن: هڪڙا
نرسنگ جيءَ جا تکا نَنهن 8 ۽ ٻيا اوهان جا زهري
تير.
راجا – اها سڀ ڪجهه اِندر ڀڳوان جي ڏات آهي، نه ته آءٌ ڇا ٿو
ڪري سگهان؟ غلام کان جيڪڏهن ڪو وڏو ڪم ٿي وڃي، ته
اُن کي مالڪ جي وڏائيءَ جو ڦل سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن
سج شفق کي پنهنجي سواريءَ جي اڳيان جاءِ نه ڏئي،
ته شفق جي ڪهڙي مجال، جو اوندهه جو پردو چيري
سگهي؟
ماتلي – اها اوهان جي نئڙت ئي آهي، جا اوهان جو مان مرتبو بلند
ڪري ٿي. (ٿورو اڳتي هلي) مهاراج، ٻڌو ته سهي!
اوهان جي ڪارنامن جو داستان آڪاس مان به ٻڌڻ ۾ ٿو
اچي! ديوتا پنهنجين پيارين جي سينگار کان بچيل
گلال، کٿوري ۽ چندن کنيو سرڳ جي وڻن تي اوهان جي
مهما جا گيت لکي رهيا آهن.
راجا – ويندي وقت گهڻي جوش سببان اسان انهيءَ پاسي ڌيان ئي ڪو
نه ڏنو، پر هاڻي سرڳ جون هوائون منهنجي روح جي هر
هڪ تار کي خوشي بخشي رهيون آهن. (رٿ جي ڦيٿن کي
ڏسي) شايد هاڻي اسين ڪڪرن جي مٿاڇري تي اچي پهتا
آهيون.
ماتلي – اوهان اهو ڪيئن سمجهيو؟
راجا – تنهنجو رٿ صاف صاف ٻڌائي رهيو آهي ته اسين پاڻيءَ سان
ڀريل ڪڪرن منجهان لنگهي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته ڦيٿا
آلا ٿي ويا آهن، ۽ اُنهن جي دُرين مان چڪور نڪري
هيڏانهن هوڏانهن اُڏامي رهيا آهن، ۽ کِنوڻ جي جوت
جي ڪري، اسان جي رٿ جا گهوڙا گهڙيءَ گهڙيءَ چمڪندا
ڏسڻ ۾ ٿا اچن.
ماتلي – بس، هاڻي آءٌ اوهان کي اک ڇنڀ ۾ راڄڌانيءَ هلي ٿو
پهچايان!
راجا – آڪاس مان تڪڙو تڪڙو لهندي، اسان جي دنيا ڪهڙي نه عجيب
معلوم ٿي رهي آهي! اِئين پيو ڀانئجي ڄڻ جبل مَٿي
کڄندا ٿا اچن ۽ اُنهن جي چوٽيءَ تي رکيل زمين هيٺ
کسڪندي پيئي وڃي. وڻن جي ٿُڙ، جيڪي پهريائين پَنن
۾ لڪل هئا، سي وري ظاهر ٿيندا پيا وڃن. دريائن جو
پيٽ ويڪرو ٿيندو پيو وڃي، ۽ ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻ
ڪنهن سَڄيءَ دنيا کي مَٿي کڻي اُڇلايو آهي!
ماتلي – اوهان جون نظرون سچ پچ اونهو مطالعو ڪري رهيون آهن.
(زمين ڏانهن حيرت مان ڏسندي) اوهان جي دنيا حقيقت
۾ تمام شاندار دنيا آهي، ۽ سُهڻي پڻ.
راجا – ماتلي، هيءُ اولهه ۽ اوڀر وارن سمنڊن جي وچ ۾ ڪهڙو جبل
آهي؟ جنهن کي ڏسندي ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڄڻ اُن
مان سون پگهري، هيٺ ٽمي رهيو آهي، ۽ شام جي ڪڪرن
کي ڪنهن انمول هار جي صورت ۾ ويهي پوئي ڇڏيو آهي!
ماتلي – مهاراج! هن جبل جو نالو ”هيم ڪوٽ“ آهي ۽ هتي پَريون
رهنديون آهن. هُو ڏسو، برهما جو پوٽو ڪشيپ رشي
تپسيا ڪري رهيو آهي.
راجا – ڏاڍو چڱو! پوءِ ته اسان کي انهيءَ پاسي ضرور هلڻ گهرجي.
ڇاڪاڻ ته ڪشيپ رشيءَ جي چرنڻ چمڻ لاءِ، اِنهيءَ
کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو موقعو ملي سگهندو؟
ماتلي – آءٌ اوهان جي اها صلاح بلڪل خوشيءَ سان قبول ڪريان ٿو.
(ٻيئي هيٺ لهن ٿا)
راجا (حيرت وچان) – رَٿ جي ڦيٿن جو ڪو به آواز ڪو نه ٿيو، نڪا
ڌوڙ اُڏاڻي ۽ نڪو لوڏو آيو ۽ نه وري اِها خبر پئجي
سگهي ته اسين ڪيئن هيٺ لهي آياسين؟
ماتلي – اوهان جي ۽ اِندر جي رٿ ۾، بس اهو ئي فرق آهي.
راجا – ڪشيپ جو آشرم ڪٿي آهي؟
ماتلي – هو ڏسو، جتي هڪڙو جوڳي، سُڪل بُنڊ وانگر بنا ڪنهن چُر
پر جي سج کي هِڪ ٽِڪ نهاري رهيو آهي. سندس اَڌ ڌڙ
تي ته ڪيتري ڌوڙ ڄمي ويئي آهي. نه رڳو ايترو، پر
سندس وارن جي چڳن ۾ به جهرڪين آکيرا ٺاهي ڇڏيا
آهن، ۽ ڳچيءَ کي سُڪل وَلين وڪوڙي ڇڏيو اٿس.
راجا – هن مهاتما کي آءٌ پرنام ٿو ڪريان.
ماتلي (واڳ ڇڪي) – مهاراج! هينئر اسين ڪشيپ رشيءَ جي آشرم وٽ
اچي پهتا آهيون، جتي سرڳ جا گل ۽ ٻوٽا لُڏي رهيا
آهن.
راجا – هتي ته سرڳ کان به وڌيڪ اَمن اَمان آهي، ۽ مون کي اِئين
ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ”امرت“ جي پاڻيءَ ۾ وهنجي رهيو
آهيان.
ماتلي (رٿ بيهاري) – سرڪار، هاڻي هتي لهي پون!
راجا - ۽ تون؟
ماتلي – آءٌ به اوهان سان گڏ هَلان ٿو، مگر رٿ اتي بيٺو هوندو.
(رٿ مان لهي) هن پاسي کان اچو. ٿورو هن ”تپ بن“ جي عظمت کي به
ته نظر مان ڪڍو.
راجا – هيءُ ته ڪلپ 9 جي ٻوٽن جو بَن آهي، جنهن جي هَوا کائي،
انسان سدائين جيترو رهي سگهي ٿو. هتي گيڙوءَ ڪنول
جو پراڳ مليل پاڻي اِشنان لاءِ ملي ٿو. پوڄا لاءِ
پَني ۽ پکراج جا مندر موجود آهن. وري هنن پرين جي
سونهن ته تپ ٽوڙيندڙ آهي. انهيءَ مٿاهين مرتبي
حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيا ماڻهو جَپ تپ جون سختيون برداشت
ڪندا آهن، پر اهو سڄو آرام تپسين جي چرنن ۾ موجود
آهي، تنهن هوندي به تپسوي پنهنجن خيالن ۾ مَست آهن
۽ انهن شين ڏانهن اک کڻي به نٿا نهارين.
ماتلي – وڏن جون ڳالهيون به وڏيون (ڪنهن کي ڏسي) اي پير مرد! هن
وقت مهاتما ڪشيپ جن ڇا ڪري رهيا آهن؟ (ڪنن تي هٿ
ڏيئي) ڇا چيئي؟ آشرم جي ديوين کي زالن جا فرض
سمجهائي رهيا آهن!
راجا – پوءِ اُتي مُڙسن جو ڪهڙو ڪم؟ اُنهن کي واندو ٿيڻ ڏيو، ته
پوءِ هلنداسين.
ماتلي – اوهان جهٽ ساعت، هن اَشوڪ جي وڻ جي ڇانءَ ۾ ويهو. آءٌ
پاڻهئي موقعو ڏسي ڪشيپ رشيءَ ڏانهن اوهان جي اچڻ
جو پيغام ڏياري موڪليندس.
راجا – چڱو، ائين ئي سهي!
(ماتلي وڃي ٿو، ۽ راجا ويهي رهي ٿو)
راجا (سَوڻ ڏسي) – منهنجي ٻانهن هروڀرو ڇو ڦرڪي رهي آهي؟ هتي
مُراد حاصل ٿيڻ جي ته ڪا اُميد نٿي ڏسجي. جو ماڻهو
گهر آيل سُک کي ٺُڪرائي ڇڏي، سو اُن جي بدلي ضرور
ڏک ڏسندو.
پردي پٺيان آواز – اَڙي شرارتي! تون پنهنجن شرارتن کان باز نٿو
اچين؟ اچي وئين نه وري پنهنجي اصليت تي؟
راجا (ڪن ڏيئي) – هتي اهڙو چلولو ڪير اچي ويو آهي؟ ۽ اها جٺ ڦٺ
ڪنهن تي ٿي رهي آهي؟ (جتان آواز اچي ٿو، اوڏانهن
حيرت مان ڏسندي) اڙي، هيءُ ڇوڪرو ڪنهن جو آهي،
جنهن جي پويان ٻه جوڳياڻيون پيون ڊوڙنديون اچن!
ٻارن ۾ ته ايڏي طاقت ڪڏهن به نه ڏٺي اٿم. شينهڻ جي
ٻچڙي اڃا پنهنجي ماءُ جو کير پي، بس ئي نه ڪئي، ته
هيءُ ڇوڪرو راند کيڏڻ لاءِ هن کي ڪَن کان جهلي،
وٺيو پيو اچي!
(هڪڙو ڇوڪرو، شينهن جي ٻچي کي گهليندو پيو اچي. ۽ ٻه جوڳياڻيون
اُنهيءَ ڇوڪري کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن)
ڇوڪرو – شينهن ڙي شينهن! وات کول ته آءٌ تنهنجا ڏند ڳڻيان.
هڪ جوڳياڻي – اڙي ضدي! تون گگدام جانورن کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏس ته
سهي! اسين ٻارن وانگر هنن جي سار سنڀار لهون ۽
هيءُ چنچلو وري ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو کرندو!....
ساڌن به حق تي تنهنجو نالو سَرودَ من
(1)
رکيو آهي.
راجا(پاڻ) - ڪهڙو سبب آهي، جو هن ٻار کي ڏسندي ئي، منهنجي دل ۾
پيار جا اُمنگ جاڳي اُٿيا آهن، ۽ ائين ٿو محسوس
ٿئي ڄڻ ته هيءُ ٻار منهنجو ئي اولاد آهي! شايد
جيڪي ماڻهو بي اولاد هوندا آهن، تن جي اها ساڳي
حالت ٿيندي آهي!
جوڳياڻي – جي تون هن کي نه ڇڏيندين، ته هن جي ماءُ اچي، توکي
جهلي وٺندي.
ڇوڪرو (ٽهڪ ڏيئي) – واه واه، ڄڻ ته مون کي شينهن جو ايڏو ڪو ڊپ
آهي.
(اهل ڪڍيس ٿو)
راجا(پاڻ) – هيءُ ڇوڪرو ته ڏاڍو قابل ٿو ڏسجي. چڻنگ آهي چڻنگ،
جنهن کي ٿوري هوا لڳي ته هڪدم باه جو ڀڀڙ ٿي پوي!
جوڳياڻي – ڪڪا! تون هن کي ڇڏ ته توکي سٺا سٺا رانديڪا ڏيان.
ڇوڪرو – اون هون! پهريائين رانديڪا ڏي.
(هٿ ڊگهيري ٿو)
راجا(پاڻ) – هن جا لڇڻ ته مهاراجائن جهڙا آهن، ڇاڪاڻ ته رانديڪن
گهُرڻ مهل جڏهن پنهنجو هٿ ڊگهيريائين، تڏهن سندس
آڱريون ائين ٿي معلوم ٿيون، جيئن پره ڦٽيءَ جو
ڳاڙهو ڪنول ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ۽ سندس پن اڃا پاڻ ۾
ڳنڍيل هوندا آهن.
هڪ جوڳياڻي (ٻيءَ کي) – هيءُ ضدي ڳالهين ۾ ته سَرچي ئي نٿو،
منهنجي جهوپڙيءَ ۾ مٽيءَ جو مور رکيو اَٿيئي، وڃ ۽
وڃي اُهو کڻي اچ.
ٻي جوڳياڻي – کڻي ٿي اچان.
(وڃي ٿي)
ڇوڪرو – آءٌ تيسين هن شينهن جي ٻَچي سان کيڏندو رهندس.
(جوڳياڻيءَ ڏانهن ڏسندي کلي ٿو)
راجا(پاڻ) – هن شرارتيءَ ڏانهن منهنجي دل ڇڪجي رهي آهي. بنا
ڪنهن ڳالهه جي کلڻ، ٻاتائي ڳالهائڻ، ڊوڙي ڊوڙي هنج
۾ ويهڻ: مون کي ٻارن جون اِهي ئي معصوم عادتون ته
وڻنديون آهن. اُهي پيءُ ماءُ وڏا ڀاڳوان چئبا،
جيڪي پنهنجن ٻارن کي هنج ۾ کڻي، سندن جسم تي لڳل
مِٽيءَ سان پنهنجو جسم ميرو ڪندا آهن.
جوڳياڻي – ڏسو ته سهي! هيءُ هَٺيلو منهنجي ڳالهه تي ڌيان ئي نٿو
ڏئي. (هيڏانهن هوڏانهن ڏسي) هتي ڪو چيلو به ته
ڪونهي. (راجا کي ڏسي) مهربان! ڀلائي ڪري اوهان
اَچو ۽ هن شيطان جي هٿان شينهن جي ٻچي جي جان
بچايو! راند روند ۾ کيس اهڙو ته زور سان قابو ڪيو
اٿس، جو منهنجي ڇڏائڻ تي ته ڇڏجي ئي نٿو.
راجا – چڱو، چڱو!
(کلندي ڇوڪري جي ويجهو اچي) رشي ڪمار! تنهنجن وڏن جو ته طريقو
آهي بي زبانن جي سنڀال ڪرڻ، مگر تون آشرم جي ريتين
رسمن کي ڀڃي، اُنهن وڏن جي آتما کي ڇو تڪليف
پهچائي رهيو آهين؟ توکي ته گهرجي ته ”چندن جي وڻ ۾
نانگ جي آکيري“ وارو مثال سچ ثابت ڪري ڏيکار.
جوڳياڻي – منهنجا مهربان، هيءُ رشي ڪمار نه آهي!
راجا – برابر، هن جي شڪل صورت ۽ هلت چلت منجهان ته ائين ئي
معلوم ٿئي ٿو، مگر ساڳئي وقت کيس هن ”تپ بن“ ۾
ڏسي، اِهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته ضرور ڪنهن ساڌو
سنياسيءَ جو پٽ هوندو!
(شينهن جي ٻچي کي ڇڏائي، ڇوڪري جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي)
راجا (پاڻ) – خبر نٿي پوي ته هيءُ الائي ڪهڙي خاندان جو روشن
چراغ آهي، جو کيس هڪ دفعو هٿ لائڻ سان منهنجي
لونءَ لونءَ ڪانڊارجي اُٿي آهي! پوءِ هيءُ جنهن
گهر جي روشني آهي، تنهن جي خوشين جي ڪهڙي ڳالهه
ڪجي!
جوڳياڻي (ٻنهي کي ڏسي) – ڪهڙي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي!
راجا – ڇو، ڇا ٿيو؟
جوڳياڻي – اوهان ٻنهي جو مُنهن مُهانڊو پاڻ ۾ هُو بهو ملي ٿو
اچي، ۽ انهيءَ ڳالهه تي به عجب ٿو لڳي ته هن ضديءَ
بنا ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جي اوهان جو چوڻ ڪيئن ورتو؟
راجا(ڇوڪري کي کيڏائيندي) – وڏي مائي، هيءُ جيڪڏهن رشي ڪمار نه
آهي ته پوءِ ڪهڙي گهراڻي جو ٻار آهي؟
جوڳياڻي – هيءُ پَرو بنسي آهي.
راجا(پاڻ) – هي ڇا؟ هيءُ اسان جي گهراڻي جو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ۽
وري جوڳياڻي هن کي منهنجو هم شڪل به ٻُڌائي ٿي!
البته اسان جي خاندان جو اهو دستور آهي ته جوانيءَ
۾ ڪم ڪار سان گڏ راس رنگ به ڪندا آهيون ۽ پيريءَ
۾، دنيا کان مُنهن موڙي، بَن جي وڻن هيٺان دُونهي
دکائي آخري عمر جپ تپ ۾ گذاريندا آهيون. (بلند
آواز سان) مگر هيءَ اهڙي جاءِ تي نه آهي، جا هر
خاص ۽ عام لاءِ کليل هجي؟
جوڳياڻي – ائين برابر آهي، پر هن جي ماءُ جو نالو پَرين سان
ڳنڍيل آهي، تنهنڪري هن جي پيدائش به تپ بَن ۾ ٿي.
راجا(پاڻ) – واه، اُميد کي هڪ ٻيو به سهارو ملي ويو! (بلند آواز
سان) ڀلا اهو ته ٻڌايو هن جي ماءُ ڪهڙي خوشنصيب
انسان جي استري آهي؟
جوڳياڻي – جنهن پاپيءَ پنهنجي شادي ڪيل زال کي گهر مان ئي ڪڍي
ڇڏيو، تنهن جو نالو پنهنجي زبان تي ڪير آڻيندو؟
راجا(پاڻ) – اهو اشارو ته سنئون سڌو مون ڏانهن آهي، ڀلا هن
ڇوڪري جي ماءُ جو نالو پڇي ڏسان! (ڪجهه سوچي رڪجي
وڃي ٿو) پر جيڪڏهن هوءَ ڪٿي پرائي زال نڪتي، ته
پوءِ اجائي پڇا ڳاڇا جي ڪري شرمسار ٿيڻو پوندو!
(ٻي جوڳياڻي هٿ ۾ مٽيءَ جو ”مور“ کڻي اچي ٿي)
جوڳياڻي – ڪڪا! هن ”شڪنت“
(1)
کي ڏس ڪهڙو نه سهڻو آهي؟
ڇوڪرو – اَما ڪٿي آهي؟
جوڳياڻيون – ماءُ جو لاڏلو، نالي کان ڌوڪو کائي ويو!
ٻي جوڳياڻي – نه پٽ! مون ته چيو ته هن مٽيءَ جي سهڻي مور کي ڏس.
راجا(پاڻ) – ڇا سَچ پَچ هن جي ماءُ جو نالو شڪنتلا آهي؟.... پر
هڪڙي نالي وارا ڪيترائي ماڻهو ٿي سگهن ٿا، خير، جو
ڪجهه به هجي، پر هيءُ نالو رُڃ جي پاڻيءَ وانگر
مون کي هروڀرو پريشان ڪرڻ لاءِ آڏو اچي رهيو آهي
ڇا!
ڇوڪرو – مون کي هيءُ رانديڪو ڏاڍو وڻندو آهي. (هٿ ۾ کڻي ٿو)
جوڳياڻي – اڙي، هن جي ٻانهن مان تعويذ ڪٿي ڪريو؟
راجا – جڏهن هيءُ شينهن جي ٻچي سان کيڏي رهيو هو، تڏهن تعويذ
هيٺ ڪري پيس. هو ڏسو!
(کڻڻ لاءِ جهڪي ٿو)
جوڳياڻيون – متان، متان! نه کڻجو نه کڻجو! اڙي، هي ڇا ٿيو؟
(ڇاتيءَ تي هٿ رکي، هڪٻئي کي ڏسڻ لڳن ٿيون)
راجا – ڇو ڀلا، منهنجي کڻڻ سان هن تعويذ کي پليدي لڳي پيئي ڇا؟
جوڳياڻي – نه سائين، اها ڳالهه نه آهي! پر جڏهن هن ڇوڪري جي ڇٺي
ٿي هئي، تڏهن ڪشيپ رشيءَ اهو تعويذ سندس ٻانهن ۾
ٻڌو هو. انهيءَ تعويذ ۾ اها خاصيت سمايل آهي، جو
جيڪڏهن زمين تي ڪري پوي، ته ڇوڪري جي پيءُ ماءُ
کان سواءِ ڪو ٽيون ماڻهو هن کي هرگز نه کڻي
سگهندو؟
راجا – ڇو نه کڻي سگهندو؟
جوڳياڻي – جيڪڏهن ڪو کڻندو، ته هيءُ تعويذ اوڏيءَ مهل بدلجي
نانگ ٿي پوندو ۽ کڻڻ واري کي ڏني وجهندو.
راجا – ڇا، توهان ڪڏهن ائين ٿيندو ڏٺو به آهي؟
جوڳياڻي – هڪ ڀيرو نه پر ڪَئين ڀيرا.
راجا (خوشيءَ وچان باغ باغ ٿي) – بس هاڻي منهنجي مَن جي مُراد
پوري ٿي! (ٻار کي کڻي پنهنجي سيني سان لڳائي ٿو).
ٻي جوڳياڻي – ڀيڻ، هل ته هيءَ خوشخبري ڏکويل شڪنتلا کي هلي
ٻُڌايون.... ڇاڪاڻ ته هوءَ ويچاري سالن کان وٺي
انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪري رهي آهي!
(ٻئي وڃن ٿيون)
ڇوڪرو – مون کي ڇڏيو. آءٌ پنهنجي اَما وٽ ويندس.
راجا – پٽ، ترس! تون ۽ مان جيڪڏهن پاڻ ۾ گڏجي هلنداسين، ته
تنهنجي ماءُ هيڪاري وڌيڪ خوش ٿيندي.
ڇوڪرو – تون منهنجو پيءُ ٿورو ئي آهين. منهنجو پيءُ ته دشينت
آهي.
راجا (مشڪي، پاڻ) – اِئين چئي، هِن منهنجي باقي رهيل کهيل ڳڻتي
به لاهي ڇڏي!
(وار کوليو شڪنتلا اچي ٿي)
شڪنتلا (پاڻ) – ٻُڌو اٿم ته سرودمن جي تعويذ پنهنجي ڪرامت نه
ڏيکاري! پر مون کي پنهنجي ڦِٽل نصيب تي ڪڏهن به
اعتبار نٿو اچي! هاءِ باقي رڳو ايتري اُميد اٿم ته
شايد سانومتيءَ جو چوڻ سچ نڪري پوي!
راجا (شڪنتلا کي ڏسي، پاڻ) – هاءِ، اها ئي منهنجي دل جي راڻي
آهي! ڪيترن سالن کان تپ ڪندي ڪندي، سڄو جسم سُڪي
ڪنڊا ٿي ويو اٿس. وار مُنجهيا پيا اٿس، ۽ جسم تي
ڳيڙوءَ رتا ڪپڙا ڍڪيو ٿي اچي. افسوس، هيءَ وفادار
ويچاري پنهنجو سڀ سُک آرام ڦٽو ڪري، رڳو مون پٿر
دل پاپيءَ لاءِ ڏهاڳ جو ڏلهو کَنيو ويٺي آهي.
شڪنتلا (راجا کي ڏسي، جنهن جي شڪل ڳڻتين جي سَببان بدلجي چڪي
آهي، پاڻ) – منهنجي ديوتا جي اهڙي شڪل ته نه هئي!
جيڪڏهن هيءُ اُهو نه آهي، ته ٻيو ڪير آهي؟
.... پر جيڪڏهن ڪو ٻيو هجي ها، ته منهنجي ٻچي جي حفاظت ڪندڙ
تعويذ کي هٿ لائڻ جي همت ڪيئن ٿئيس ها؟
ڇوڪرو (ماءُ ڏانهن ڇڪجي) – اَما، هيءُ پرديسي ڪير آهي؟ جنهن
”پٽ“ چئي، مون کي پنهنجي هنج ۾ کنيو.
راجا (شڪنتلا کي) – منهنجي ديوي، مون توتي ڏاڍو ظلم ڪيو! پر شڪر
آهي، اُن جي پڇاڙي سڳوري ثابت ٿي... ڇاڪاڻ ته تون
مون کي صفا وساري ڪو نه ڇڏيو آهي.
شڪنتلا (پاڻ) – اي منهنجي تڙڦندڙ دل، هاڻي ته ڪو سُک جو ساه کڻڻ
ڏي! ڇاڪاڻ ته هينئر مون کي چڱيءَ طرح يقين ٿي چڪو
آهي ته آخر منهنجي بگڙيل قسمت منهنجن ڏکن جا ڏينهن
سکن ۾ بدلائي ڇڏيا آهن ۽ اِهو ئي منهنجو سوامي
آهي!
راجا – اها ڪهڙي نه سڳوري ساعت آهي، جو منهنجن اکين آڏو پردو
هٽي ويو، ۽ آءٌ پنهنجي پياريءَ کي پنهنجي روبرو
بلڪل اهڙيءَ طرح ڏسي رهيو آهيان، جهڙي طرح گرهڻ
مان نڪرڻ کان پوءِ چنڊ پنهنجي جوت کي ڏسندو آهي!:
شڪنتلا – منهنجا ديوتا!...
(روئڻ جي ڪري آواز نٿو نڪريس)
راجا – منهنجي جان، تو جو ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو، سو مان سڀ سمجهي
ويو آهيان، برابر روئڻ جي ڪري تنهنجو آواز نڙيءَ ۾
اٽڪي پيو آهي، پر تنهنجي ديدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ
اهو مون کي پورو پورو يقين ٿي چڪو آهي ته بس، هاڻي
منهنجي فتح آهي.
ڇوڪرو – امان، مون کي ڀلا اهو ته ٻڌاءِ هيءُ ماڻهو ڪير آهي؟
شڪنتلا – پٽ، اهو پنهنجي تقدير کان پُڇ!
(روئڻ لڳي ٿي)
راجا(شڪنتلا جي پيرن تي ڪِري) – ديوي، تون گذريل بيعزتيءَ جي
صدمي جا داغ پنهنجي دل مان صفا ڌوئي ڇڏ! خبر نه
آهي ته اُن وقت مُون تي اَلائي ڇو خود فراموشي
طَاري ٿي چڪي هئي، جنهن جي ڪري تون مون کان صفا
ڀُلجي ويئي هئينءَ!
... بي سمجهه انسان پنهنجي اڳيان رکيل نعمتن کي اڪثر ٺڪرائي
ڇڏيندا آهن. اَنڌي جي ڳچيءَ ۾ جيڪڏهن هار وجهبو،
ته هو نانگ سمجهي لاهي ڇڏيندو!
شڪنتلا – پيارا پريتم، ڀڳوان جي صدقي مون کي ڪَنڊن تي ڦٽو نه
ڪريو! اُنهن ڏينهن ۾ شايد منهنجي گذريل جنم جا پاپ
منهنجي آڏو آيا هئا، جن منهنجن نيڪين تي پاڻي
ڦيري، اوهان کي ڪاوڙائي ڇڏيو!
(راجا اُٿي ٿو)
شڪنتلا – هاڻي ٻڌايو ته اوهان کي مون ڏکويل جي يادگيري ڪيئن
آئي؟
راجا – منهنجي دل مان پڇتاءَ جو ڪَنڊو نڪري وڃي، ته ٻڌايان!
... اُنهيءَ ڏينهن بيخبريءَ جي حالت ۾ مون تنهنجن ڳوڙهن کي
تنهنجن چَپن تي ڪرندو ڏٺو ۽ نيٺ اُنهن کي ڏٺو اڻ
ڏٺو ڪري ڇڏيم. مگر اڄ آءٌ انهيءَ پڇتاءَ جا لُڙڪ
تنهنجن پنبڻين تي اٽڪيل ڳوڙهن سان اُگهي صاف ڪندس.
(ڳوڙها اُگهي ٿو)
شڪنتلا (راجا جي آڱر ۾ مُنڊي ڏسي) – ڇا هيءُ اُها ساڳي مُنڊي
آهي؟
راجا – ها، اِنهيءَ جي مِلندئي، تنهنجي يادگيري اچي پيم!
شڪنتلا – هن مون تي ڪيڏو نه ظلم ڪيو، جو جنهن مهل اوهان کي
يادگيري ڏيارڻ لاءِ هن کي ڳولڻ لڳيس، تڏهن هڪدم
غائب ٿي ويئي.
راجا – منهنجي پياري، بَسنت سان وَل جي سنجوڳ جي نشانيءَ کي وري
قائم رک، ۽ وَڻن جي ٽارين کي گلن سَنوارڻ جو موقعو
ڏي! وٺ هيءَ مُنڊي ۽ وري ٻيهر پائي ڇڏ.
شڪنتلا – نه ته، مون کي انهيءَ مُنڊيءَ تي ڪو به ڀروسو ڪونهي.
اوهان ئي پائي ڇڏيو.
(ماتلي اچي ٿو)
ماتلي – مهاراج، اڄوڪو ڏينهن ڪهڙو نه سڀاڳو آهي! جو اوهان جي
وڃايل لڇمي اوهان کي واپس ملي، ۽ اوهان جو پُٽ به
اوهان کي ملي ويو!
راجا – ها، ماتلي، اڄ منهنجي زندگيءَ جي وڻ ۾ وري تازا گُل ڦُٽا
آهن! مگر مون کي اِهو ته ٻُڌاءِ هن سڄي قصي جي
اِندر کي به خبر آهي يا نه؟
ماتلي – واه، ديوتائن کان به ڪا ڳالهه ڳُجهي آهي؟ هلو، مهاتما
ڪشيپ اوهان جو انتظار ڪري رهيو آهي.
راجا – شڪنتلا، سَرودمن جي آڱر کان وٺي، مون سان گڏجي هَل! آءٌ
توسان گڏ اُن مها رشيءَ جو درشن ڪرڻ چاهيان ٿو.
شڪنتلا – پَر مون کي اوهان سان گڏ وڏن جي سامهون هلي بيهڻ ۾ شرم
ٿو محسوس ٿئي.
راجا – اَڙي، هن سڀاڳيءَ گهڙيءَ تي وري حَيا شرم ڇا جو؟ اَچ اَچ
گڏجي هلون! (سڀ وڃن ٿا)
(ڪشيپ رشي پنهنجي زال آديتيءَ سان گڏ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻيئي ڄڻا
آسڻ تي ويٺل آهن)
ڪشيپ (پنهنجي زال کي) – تنهنجي سپُوت اِندر جي فوج جو سپه سالار
۽ سنسار جو رکپال اهو ئي راجا دشينت آهي. جنهن جي
ڪمان جي ڪڙڪي جي اڳيان اِندر جي وڄ به مات پئجو
وڃي!
اَديتي – هن جي شڪل شباهت مان ئي بزرگي بَکي رهي آهي.
ماتلي (راجا کي) – مهاراج، ڏسو ٿا ديوتائن جي ماتا پتا کي؟ ڪيئن
نه اوهان کي پيار ۽ محبت وچان ڏسي رهيا آهن. بلڪل
اهڙيءَ طرح جيئن سَڳا پيءُ ماءُ پنهنجي اولاد
ڏانهن ڏسندا آهن! اچو، ۽ اڳتي وڌي هنن جي پيرن تي
هٿ رکو.
راجا – ماتلي، ڇا ڪشيپ رشي ۽ اَديتي اِهي آهن، جن گِرهن ۽ تارن
کي پيدا ڪيو آهي؟ ڇا اهي ئي اِندر جا جنم داتا
آهن، ۽ انهن جي ڪُک مان وشنو وامڻ پيدا ٿيو آهي؟
ماتلي – هائو مهاراج، هي اُهي ئي آهن!
راجا (مَٿو ٽيڪي) – اِندر جو شيوڪ دشينت اوهان ٻنهي کي نمسڪار
ٿو ڪري.
ڪشيپ – سدائين جيو ۽ ڌرتي تي راڄ ڪريو!
اَديتي – جنگ جي ميدان ۾ ڪو به تنهنجي برابري نه ڪري!
(شڪنتلا، پُٽ سُوڌي پيرين پوي ٿي)
ڪشيپ – ڌيءُ، تنهنجو گهوٽ، شل اندر جو جوڙيوال ٿئي! ۽ تنهنجو
پُٽ اندر جي وارث جو مَٽ! توکي انهيءَ کان وڌيڪ
ڪهڙي آسيس ڏيان ته ”تون اندر جي راڻيءَ جي همسر
ٿئين!“
اَديتي – آسيس ٿي ڏيان ته تون پنهنجي مُڙس جي محبت جي اڪيلي
حقدار هجين! تنهنجو پُٽ وڏي ڄمار ماڻي ۽ سدائين
پيءُ ماءُ جي اَکين جو ٺار هجي! .... اَچو ۽ هتي
اچي ويهو.
(سڀ ماڻهو ڪشيپ رشيءَ جي چوڌاري ويهي رهن ٿا)
ڪشيپ (واري وٽيءَ سان هر هڪ ڏانهن نهاري) – ڪهڙي نه سڀاڳي وقت ۾
اوهان سڀني جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيو آهي! .... شڪنتلا!
هيءُ تنهنجو لائق پٽ هيءَ تون ۽ هيءُ تنهنجو گهوٽ!
بس، ائين سمجهه ته دَيا، ڌرم ۽ ڌن ٽنهي جو پاڻ ۾
ميلاپ ٿي چڪو آهي!
راجا – مهاتما، اوهان جي مهربانين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اڪثر ائين
ئي ڏٺو ويو آهي ته پهريائين ٻُور لڳندو آهي، ۽
پوءِ ميوو پيدا ٿيندو آهي. پهريائين ڪڪر ايندا
آهن، ۽ پوءِ مينهن وسندو آهي. مگر اوهان جي قدرت
اِنهيءَ کان بلڪل نرالي آهي. پهريائين منهنجي مَن
جي مراد پوري ٿي، ۽ پوءِ آسيس ملي!
ماتلي – اِها ته مهاتمائن جي معمولي کان معمولي ڪرامت آهي.
راجا – مهاراج، اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي هن داسيءَ جي
شادي، ”گانڌرو“ طريقي موجب مون سان ٿي هئي، ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ هن کي سندس مائٽن مون ڏانهن ڏياري
موڪليو، مگر اُن وقت جي حقيقت کي آءٌ بلڪل سمجهي
نٿو سگهان ته منهنجو هوش ۽ عقل اَلائي ڇو گم ٿي
ويو؟ جو مون هن کي نه سُڃاتو ۽ کيس هڪدم ٺۡڪرائي
ڇڏيم. بس، اها ئي غلطي هئي، جنهن جي ڪري آءٌ اوهان
جي مائٽ ڪڻو رشيءَ جو ڏوهاري آهيان!
.... ڪجهه وقت کان پوءِ هن وڃايل مُنڊيءَ کي ڏسنديئي مون کي سڄو
وسريل واقعو هڪدم ياد اچي ويو؛ جنهن تي مون کي
تمام گهڻي حيرت آهي ته اهو سڄو معاملو ائين ٿيو،
جيئن ڪو هاٿيءَ کي سامهون ايندو ڏسي چوي ته هيءُ
هاٿي نه آهي، ۽ اُن جي هلئي وڃڻ کان پوءِ هڪدم
ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي وڃي ته هيءُ سَچ پَچ هاٿي ته نه
هو! بس، ائين ويچار ڪري، سندس پيرن جا نشان ڏسي
بلڪل يقين ڪري ويهي ته برابر هيءُ هاٿي هو ۽ مون
سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪئي هئي.
ڪشيپ – پُٽ، تون پنهنجي گناه جو خيال دل مان صفا ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ
ته اهو ڪم توکان اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿيو آهي، هاڻي
انهيءَ ڳالهه جي حقيقت ٻڌ.
راجا – آءٌ بلڪل ڌيان سان ٻڌي رهيو آهيان.
ڪشيپ – مينڪا کان پنهنجي ڌيءُ جو ڏک ڏٺو نه ويو، تنهنڪري هوءَ
شڪنتلا کي اَديتيءَ ديوي وٽ کڻي آئي. اُنهيءَ وقت
مون کي ڌيان جي وسيلي معلوم ٿيو ته تو ودُ واسا جي
پاراتي سببان هن سَتيءَ کي تڙائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي
جيستائين اُها مُنڊي نه ملندي، تيستائين انهيءَ
پاراتي جو اثر نه لهندو.
راجا(پاڻ) – شڪر آهي جو آءٌ انهيءَ ملامت کان بچي پيس!
شڪنتلا(پاڻ) – ائين چئو ته منهنجي پياري دوست مون کي ڄاڻي واڻي
نه ٺڪرايو هو، مگر مون کي ته اهو ياد نٿو اچي ته
مون کي اهو پاراتو الائي ڪنهن ڏنو هو؟ شايد وڇوڙي
جي غم ۾ آءٌ پنهنجو پراڻو قصو بلڪل وساري ويٺي
آهيان! نه ته جنهن وقت مون پنهنجن ساهيڙين کان
موڪلايو هو، تنهن وقت اُنهن منجهان مون کي هڪڙي
ائين ضرور چيو هو ته ”اها مُنڊي پنهنجي مُڙس کي
وڃي ڏيکارجانءِ.“
ڪشيپ – ڌيءُ، هاڻي ته توکي سڄي حال جي خبر پئجي ويئي! تنهن ڪري
تون پنهنجي مُڙس کي ڪڏهن به ڏوهاري نه سمجهجانءِ.
.... پاراتي جي ڪري دشينت، خود فراموشي ۾ مبتلا ٿي ويو هو، ۽
توکي وساري ڇڏيو هئائين. مگر هينئر اُها گهڙي گذري
ويئي ۽ توکي تنهنجو راڄ پاٽ ملي ويو... دز پئجي
وڃڻ سان آئيني تي زنگ نٿو چڙهي؛ ڇَنڊڻ ۽ صاف ڪرڻ
سان وري جهر مر لائي ٿو بيهي.
راجا (پُٽ جو هٿ رشيءَ کي ڏيئي) – پرڀو، هيءُ منهنجي خاندان جو
نالو قائم ڪندڙ ۽ منهنجن اُميدن کي آباد ڪندڙ ثابت
ٿئي!
ڪشيپ – ٻُڌي ڇڏ ته هيءُ راجائن جو راجا ٿيندو!
.... هيءُ لائق راجمڪار ستن ولايتن کي فتح ڪندو ۽ جهڙيءَ طرح هن
آشرم جي جانورن تي راڄ ڪرڻ ڪري، سندس نالو سَرودمن
مشهور ٿي چڪو آهي، تهڙيءَ طرح سڄي سنسار کي سُک ۽
سانت سان هلائڻ ڪري، هيءُ پاڻ کي ڀَرت چوائيندو.
راجا – جنهن ٻار جي پرورش اوهان جي هٿ هيٺ ٿي هجي، سو ڪيترو ئي
نالو ڪڍي، ته به گهٽ آهي!
اَديتي – اڙي ٻڌو، شڪنتلا جو سُتل نصيب وري جاڳي اُٿيو آهي! وڃو
۽ اهو نياپو سندس ڌرم جي پيءُ ڪڻوءَ کي وڃي
پهچايو. باقي ماڻس مينڪا ته هتي ڪٿي هوندي ۽ کيس
سڀ ڪجهه معلوم هوندو!
شڪنتلا – ديويءَ ته منهنجي دل جي ڳالهه چئي ڏني.
ڪشيپ – فڪر نه ڪريو، پنهنجي تپ بن جي طاقت جي ڪري، ڪڻوءَ کي به
سڀ خبر پئجي چڪي هوندي!
راجا – شايد اِنهيءَ ڪري هو مُون کان ناراض نه آهي!
ڪشيپ – ها، اِهو ئي سبب آهي! ... خير ڪجهه به هجي، مگر ڪڻوءَ کي
اسان جي طرفان اها خوشخبري ضرور ٻڌائڻ گهرجي! ....
اڙي، ڪو آهي؟
(هڪ چيلو اچي ٿو)
چيلو – گُرو مهاراج، ڪهڙو حڪم آهي؟
ڪشيپ – تون هينئر جو هينئر اُڏامي ڪڻو رشيءَ وٽ وڃ ۽ کيس منهنجي
طرفان هيءُ خوشيءَ جو پيغام وڃي پهچاءِ ته ود واسا
جي پاراتي جو وقت ٽري ويو، اَڄ دُشينت پنهنجي
سهاڳڻ سڳوري شڪنتلا کي سڃاتو ۽ کيس پنهنجي جيءَ ۾
جاءِ ڏني.
چيلو – بلڪل بهتر!
(وڃي ٿو)
ڪشيپ – پُٽ، هاڻي تون به پنهنجن ٻارن ٻچن کي وٺي، اِندر جي رَٿ
تي سوار ٿي ۽ پنهنجي راڄڌاني وڃي وساءِ!
راجا – جيئن اوهان جو حڪم!
ڪشيپ - ۽ ٻڌ، ”اِندر ايترو مينهن وسائي جو تنهنجي پرجا مالا مال
ٿي وڃي! تون ايترو دان ڀڃ ڪر جو ديوتا باغ ٿي وڃن
۽ هروقت تنهنجي دوستيءَ جو دم ڀريندا رهن. توهان
ٻئي پيءُ پٽ شل صدين جون صديون راڄ ڪريو! توهان جي
سببان شل زمين ۽ آسمان جي رهاڪن جي قسمت جاڳي اُٿي
۽ سڀڪو توهان جي عدل ۽ انصاف جا گيت ڳائيندو رهي!
راجا – مهاتما! آءٌ دل و جان سان پنهنجا فرض بجا آڻيندو رهندس.
ڪشيپ – چئو، توکي ٻي ڪا آسيس ڏيان؟
راجا – اوهان مون تي ايڏو احسان ڪيو آهي، جو آءٌ اُن جو بار ئي
مس کڻي ٿو سگهان. پر جيڪڏهن وري به پڇو ٿا ته اها
آسيس ڏيو ته ڀرت وارو اهو وچن پورو ٿئي ته: ”شل،
راجا پنهنجي پرجا جي ڀلائيءَ جي خيال ۾ محو رهن!
پنڊت، گيان جي شيوا ڪن! ۽ مَها ديو مون کي ڇوٽڪاري
جو رستو ڏيکاري!“
ڪشيپ – وڃ، ائين ئي ٿيندو!
(سڀ ٻاهر وڃن ٿا)
پورو ٿيو
پڙهندڙن جي اڳيان پاڻمرادو ظاهر ٿيندو. هن ترجمي جو سڄو مسودو
سنڌي ٻوليءَ جي عظيم محسن، مرحوم مغفور شمس
العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي، منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ
تائين، سنسڪرت جي اصل نسخي سان لفظ بلفظ ڀيٽي ڏنو،
۽ هر طرح ان جي جوڳي اصلاح ڪئي.
|