سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: شڪنتلا

پردو پنجون

صفحو :6

پردو پنجون

راج محل

(راجا ۽ ماڌو ويٺل نظر اچن ٿا)

(ماڌو ڪن ڏيئي) – اهو ڪير آهي، جو ههڙا مِٺا مِٺا ۽ من موهيندڙ راڳ ههڙيءَ اُستاديءَ سان ڳائي رهيو آهي؟ منهنجو ته خيال آهي ته راڻي ”هنس پدڪا“ سرگم جي مشق ڪري رهي آهي!

راجا – اِهو راڳ آءٌ تڏهن ٻڌي سگهندس، جڏهن تون اِها پنهنجي بڙ بڙ بند ڪندين.

(پري کان راڳ جو آواز اچي ٿو)

راڳ

مَڌ جي پٺيان هرگز نه رُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!
سمجهين نه ٿو ڇو گل کي گل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!
گل جي نزاڪت کي ته ڏس، پنهنجي شرارت کي ته ڏس،
ايڏو نه ڪر گلشن ۾ هُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!
اُلفت رکيئه انب ٻُور سان، اُن کي چُميئه ٿي نُور سان،
ڏسجي ٿو ته ڪوماڻل ڪَنول، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!
هاڻي ڪنول تي ٿو مَرين، اَنب ٻُور کان پاسو ڪرين،
اُلفت جي رستي کان نه ڀُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!
ماکيءَ تي مستانو ٿئين، دل ڏيئي ديوانو ٿئين،
سِڪ جو وڳو تازو دُهل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!
جنهن جي پٺيان آهين ڇَڪن، آهي پَرائو سو چمن،
گلشن ۾ ايڏو ڪين کُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!
هڪڙي ئي گل تي ره چريو، ڇا لوڀ مان آهي وريو،
لالچ جي ڇَپرن ۾ نه ڇُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!
دل مان هوس کي دور ڪر، سڪ سوز کي منظور ڪر،
اُلفت جو ڪو آهي نه تُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

 

ماڌو – ڇا سچ پچ، اوهان هن راڳ جو اصل مطلب سمجهي ويا؟

راجا (کلي) – ها سمجهيم، آءٌ پهريائين انهيءَ جو عاشق هوس، پر هاڻي ”وَسُومتيءَ“ تي ڇڪن آهيان، اهو ئي سبب آهي، جو هوءَ مون کي مهڻا ڏيئي رهي آهي! ادا ماڌو، تون اُن کي وڃي چئو، ته انهن آلاپن ته مون کي ريجهائي ڇڏيو آهي.

ماڌو – بلڪل بهتر! (اُٿي ڪري) جيئن ڪنهن آپڇرا جي چنبي ۾ ڦاسي، سَنت جو خير نه هوندو آهي، تيئن منهنجي لاءِ به بچاءَ جي ڪا صورت نظر نٿي اچي! راڻي صاحبه ٻين جي هٿان منهنجي اهڙي مرمت ڪرائيندي جو ٽڪڻ به گنجي ٿي ويندي.

راجا – اڙي، هاڻي وڃ ته سهي! چَڱمُڙسيءَ سان پيش اِيندين، ته پوءِ اِئين ڇو ٿيندو؟

ماڌو – ڏسان ڀلا، آخر ڪهڙي ويڌن ٿي ٿئي؟

(هليو وڃي ٿو)

راجا(پاڻ) – الائي ڪهڙو سبب آهي، جو گيت ٻڌندي ئي منهنجي اندر مان آه نڪري رهي آهي، جيتوڻيڪ ڪنهن پياري جي وڇوڙي جو سوز به ڪونهي؟ يا هيئن آهي ته، سوڀياوان شين کي ڏسي ۽ مٺا آلاپ ٻڌي، ڪنهن بيفڪر انسان جي دل هڪدم ڏک سان ڀرجي اچي، ته پوءِ ائين سمجهڻ گهرجي ته اڳئين جنم جي ڪنهن دوست جي ياد تازي ٿي رهي آهي!(بيتابي ظاهر ڪري ٿو)

(دربان اندر اچي ٿو)

دربان(پاڻ) – افسوس، منهنجي هن حال تي! نوبت هيستائين اچي پهتي آهي، جو جيڪا لَٺ عرصي کان فقط منهنجي عهدي جي نشاني هئي، سا اڄ منهنجو ڀَرجهلو ٿي پيئي آهي. هاڻي اُن جي آڌار بنا هليو نٿو ٿئي. هلان ٿو ته پير پيا ڏڪن!

مهاراج کي ڌرمي ڪمن جو به ڌيان رکڻو آهي. اِجهو هينئر دربار مان اُٿي ويو آهي. تنهنڪري کيس هڪدم اُٿاري اِئين به نٿو چئي سگهجي ته ڪڻو رشيءَ جا چيلا اوهان سان ملڻ چاهين ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن آرام ۾ خلل پوندو!

پر ميان، ساڳئي وقت اهو به ته سمجهه ته جڳ پرور انسان کي آرام ڪٿي ٿو نصيب ٿئي! سج جي سواري هڪ ڀيرو مسافريءَ تي نڪتي ته وري ڪٿي ٿي بيهي؟ هَوا جو چرڻ ڪٿي ٿو بند ٿئي؟ شيش نانگ 7 جي ڦڻ تي هڪ دفعو ڌرتيءَ جو بار وڌو ويو، ته هڪ ساعت لاءِ به اُهو نٿو لاهي. بس، اهو ساڳيو ئي حال اسان جي مهاراج جو آهي...

.....اڙي، آءٌ جهڳڙن ۾ ڇو پوان؟ وڃي پيغام ته پهچايان.(ليو پائي) مهاراج پنهنجي اولاد وانگر پرجا جي سار سنڀار لهي ٿڪجي پيا آهن ۽ نويڪلائيءَ ۾ ويهي آرام ڪري رهيا آهن. سچ آهي ”هاٿين جو راجا به پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري، ڪا ٿڌي جاءِ ڳوليندو آهي“. (ويجهو وڃي) مهاراج جي جئي!... هماليه جي ماٿرين جا رهاڪو، ٻه جوڳي ٻن ديوين سان گڏجي آيا آهن، ۽ ڪڻو رشيءَ جو ڪو سنيهو آندو اٿن. ڪهڙو حڪم ٿا فرمايو؟

راجا (حيرت وچان) – ڇا چيئهءِ؟ جوڳي ۽ ديويون! ۽ ڪڻو رشيءَ جو سنيهو!(1)

دربان – جي ها!

راجا – منهنجي پاران پروهت سومرات کي وڃي چئو ته شرتي موجب انهن آشرم واسين جي آجيان ڪري، ۽ پوءِ پاڻ سان مون وٽ وٺي اچين. آءٌ به تيستائين ڪنهن اهڙي هنڌ ويهي، سندن اِنتظار ڪريان ٿو، جو جوڳين جي شان وٽان هجي.

دربان – جيئن مهاراج جو حڪم! (وڃي ٿو)

راجا (اُٿي بيهي) – ويتروتي! اڳني ديوتا جي آستان جو رستو ڪهڙو آهي!

داسي – سرڪار، هن پاسي هليا اچو!

(راجا پسار ڪندي، اهو ظاهر ڪري ٿو ته هو گهڻي ڪم ڪرڻ سببان ٿڪجي پيو آهي)

راجا – هرڪو شخص پنهنجي مقصد ماڻڻ کان پوءِ سُک جو ساه کڻندو آهي؛ پر راڄڌانيءَ کي سُک سان ڪهڙو واسطو؟ هڪ دفعي راڄ مليو، ته اُن مان ساءُ نڪريو وڃي. ڇاڪاڻ ته اها ڳڻتي ڪا گهٽ نه آهي ته ”جيڪي مليو آهي، سو وري کسجي نه وڃي.“ راڄڌانيءَ به ڇٽيءَ وانگر آهي – جي اُن جوڳن پنهنجي هٿ ۾ سوگهو جهلبو، ته ٿَڪ لهڻ جي بدران پاڻ وڌندو ويندو.

(پردي پٺيان ٻن ڀَٽن جو آواز اچي ٿو)

آواز – مهاراج جو ڀاڳ ڀَلارو هجي!

هڪڙو ڀَٽ – اوهان پنهنجو سُک ۽ آرام ڦٽو ڪري رات ڏينهن پرجا جي شيوا ۾ رُڌل رهو ٿا. بس، اِهو ئي اوهان جو ڌرم آهي! وڻ جي خاصيت پڻ اِها ئي آهي ته هُو پنهنجي ٽارين تي سج جي ڪرڻن جي تاءَ برداشت ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ڇانءَ ۾ ويٺلن کي ٿڌڪار پهچائيندو رهي ٿو!

ٻيو ڀٽ – اوهان پنهنجي انصاف جي بدولت گمراه انسانن کي سچائيءَ جي راه سيکاريو ٿا. ۽ پرجا ۾ امن امان قائم رکو ٿا. مال ۽ دولت جي موجودگيءَ جي وقت ته انسان جا گهڻائي مِٽ مائٽ پيدا ٿي پوندا آهن، پر غريبيءَ ۽ ڪنگالپڻي ۾ به ناتو نڀائڻ فقط اوهان جو ئي ڪم آهي.

راجا – بس، هن هنڌ ويهڻ جي ڪري، منهنجو سَڄو ٿَڪ ئي لهي ويو آهي!

چوبدار – سرڪار، اَگني ديوتا جو شعاع پنهنجي چمڪاٽ سان هڪ عجيب قسم جو چهچٽو پيدا ڪيو بيٺو آهي. قربانيءَ جو ٻڪرو به اُتي ئي ٻڌل آهي. ڏاڪڻ چڙهي ٿورو مَٿڀرو ته هلو!

راجا (نوڪرن جي ڪلهن جي آڌار تي مٿي چڙهندي) – چوبدار، ڪر خبر! ڪڻو رشيءَ هي جوڳي ڪهڙي ڪم سان موڪليا آهن؟ ڪٿي جوڳين جي ڌرمي ڪمن ۾ ڪو خلل ته نه پيدا ٿيو آهي؟ يا ڪو پاپي اُنهن جي جانورن کي ته نه سَتائي رهيو آهي؟ ائين ته نه آهي، جو منهنجي ڪنهن پاپ جي ڪري، آشرم جي وَڻن جون پاڙون سَڙي ويون آهن؟ بس، اِنهيءَ اُڻ تڻ ۾ ته منهنجو ساه ٻوساٽجي رهيو آهي!

چوبدار – منهنجي خيال موجب هي جوڳي، پرجا جي واتان اوهان جي عدل ۽ انصاف جو ڌاڪو ٻڌي، خوش ٿي اوهان کي مبارڪباد پيش ڪرڻ آيا آهن.

گوتمي، شارنگرو ۽ ٻيا، شڪنتلا کي ساڻ وٺي، راجا وٽ اچن ٿا. دربان ۽ پوڄاري سومرات اڳيان اڳيان آهن)

دربان – سَنتو، هيڏي اَچو!

شارنگرو (پرڀروٿي) – اڙي شاردوت! انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته هيءُ راجا وڏو گياني آهي ۽ سچائيءَ جي رستي تان ڪڏهن به نٿو هَٽي؛ نه رڳو ايترو پر سندس راڄ ۾ گهٽ قومن جا ماڻهو به پنهنجي پنهنجي ڌرمي ڪمن ۾ مشغول آهن. پر آءٌ انهيءَ کي ڇا ڪريان؟ منهنجي طبيعت ته اڪيلائيءَ کي پسند ڪري ٿي ۽ هتان جي گوڙ گهمسان کان بلڪل ونءُ ٿي وڃي. اِهو ئي سبب آهي، جو هن اڱڻ ۾ مون کي چئن ئي پاسن کان باه ئي باه نظر اچي ٿي.

شاردوت (پرڀرو وڃي) – شهر ۾ اچي مون کي پڻ ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ۽ آءٌ به هنن عيش جي ڪوڏين کي ساڳي اُنهيءَ نظر سان ڏسان ٿو، جنهن نظر سان ڪو پوتر اَڻ پوتر کي، ڪو سُجاڳ ستل کي، ۽ ڪو آزاد ڪنهن قيديءَ کي ڏسندو آهي.

شڪنتلا (خراب سَوڻ سمجهي) – ها، منهنجي ساڄي اَک ڇو ٿي ڦڙڪي؟

گوتمي – ڌيءُ، ڏک جا ڏينهن گذري ويا! اِجهو تنهنجي ساهرين گهر جا ديوتا تنهنجو ڀلو ڪندا.

پوڄاري (راجا ڏانهن اشارو ڪندي) – سَنتو، اسان جي مهاراج کي ڏسو، جو ادب ۽ احترام وچان پنهنجي گادي ڇڏي، اڳ ۾ ئي اوهان جو انتظار ڪري رهيو آهي!

شارنگرو – اي پوڄاري! انهيءَ ۾ ئي ته راجا جي وڏائي آهي. ۽ جيڪڏهن سچ پُڇين ته اُهو خود سندس فرض آهي ... وڻن ۾ جڏهن ميوو پيدا ٿيندو آهي، تڏهن هو جُهڪي پوندا آهن، ۽ سانوڻ اچڻ سان ڪڪر لهڻ شروع ٿيندا آهن. بس، اهو ساڳيو حال چڱن انسانن جو آهي! هو مال ملڪيت هوندي به هيٺاهين اختيار ڪندا آهن.... ۽ چڱن ماڻهن جو اصل کان وٺي اهو ئي دستور آهي.

چوبدار – مهاراج، هنن سڀني جو مُنهن خوشيءَ وچان ٻَهڪي رهيو آهي، ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڪنهن خير سلامتيءَ جي ڪم سان آيا آهن!

راجا (شڪنتلا کي ڏسي) – جوڳين جي وچ ۾ هيءَ گهونگهٽ ڍَڪيل سُندري ڪير آهي؟ سُڪل پَنن منجهان هيءَ تازي مکڙي ڪيئن پيدا ٿي!

چوبدار – سرڪار، منهنجو ته عقل ئي ڪم نٿو ڪري! باقي ايترو ضرور چوندس ته هيءَ سُونهن سوڀيا ڏسڻ وٽان آهي.

راجا(پاڻ) – ڪنهن ڌاري اِستريءَ کي چڱيءَ طرح چتائي ڏسڻ نٿو جڳائي!

شڪنتلا (سيني تي هٿ رکي....پاڻ) – اي دل، تون ته اجايو ٻُڏتَر ۾ آهين! پنهنجي پياري جو اڳيون پيار ياد ڪر ۽ ڌيرج ڌار!

پوڄاري (اڳيان اچي) – مهاراج، هنن جي آجيان جي رسم اسين پوري ڪري چڪا آهيون. هاڻي هي پنهنجي گرو ڪڻوءَ جو ڪو سنيهو ٻڌائڻ چاهين ٿا، مهرباني ڪري ٻڌڻ جي تڪليف برداشت ڪريو!

راجا (ادب وچان) – آءٌ دل لائي ٻڌي رهيو آهيان.

ٻيئي ساڌو (هٿ ٻڌي) – مهاراج جي جئي!

راجا – آءٌ اوهان ٻنهي کي نمسڪار ڪريان ٿو!

ٻيئي ساڌو – شل اوهان جي مَن جون مُرادون پوريون ٿين!

راجا – اوهان جي تپ بن ۾ ته ڪا رنڊڪ پيدا نه ٿي آهي؟

شارنگرو – جيستائين اوهان جي سنسار جا رکپال آهيو، تيستائين ڌرمي ڪمن ۾ ڪنهن رنڊڪ پيدا ٿيڻ جو ڪو به انديشو ڪونهي. سج جي روشنيءَ هوندي، اوندهه جو ڪهڙو ڊپ؟

راجا – بس، اوهان جي ايتري چوڻ سان آءٌ راجا سڏائڻ جو حقدر بَنجي چُڪس. ڪڻو رشيءَ جو هڻڻ دُنيا جي بهتريءَ لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي. ٻڌايو، هو پاڻ ته خوش آهي؟

شارنگرو – خوشي ته ڀڳتن وٽ سدائين مَئُو آهي! اسان جي گُروءَ اوهان کي آشيرواد ڏني آهي، ۽ هڪ خاص سَنيهو موڪليو اٿس.

راجا – آءٌ اُنهيءَ کي شوق سان ٻُڌڻ چاهيان ٿو.

شارنگرو – ٻڌو: ”اوهان ٻنهي پنهنجي خوشيءَ سان پريم ڪيو ۽ شادي ڪئي! اوهان جي اِنهيءَ ڪم کي مون به پسند ڪيو آهي؛ ڇاڪاڻ ته اسان کي سُڌ آهي ته اوهين اُتم پرشن ۾ اول آهيو ۽ شڪنتلا پڻ هڪ نسورو پاڪ جيوُ آهي. پروردگار گهڻي وقت کان پوءِ، هڪجهڙن گڻن وارا گهوٽ ۽ ڪنوار پاڻ ۾ ملائي، پاڻ کي مِهڻيهاب نه ڪيو آهي.... تنهنڪري ڌرمي ڪريا ڪرمن کي گڏي اَدا ڪرڻ لاءِ هن گرڀ ونتيءَ کي قبول ڪريو!“

گوتمي – مهاراج، مون کي به ڪجهه چوڻو آهي، پر سوچان ٿي ته آخر ڇا چوان؟ شڪنتلا پنهنجن وڏن جي اجازت کان سواءِ ۽ پنهنجن عزيزن جي صلاح ڌران اوهان سان شادي ڪئي آهي، تنهنڪري اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ کي ڪجهه چوڻ جو ڪو به حق ڪونهي.

شڪنتلا (پاڻ) – هاڻي ٻڌان ته منهنجو مالڪ ڪهڙو ٿو جواب ڏئي!

راجا (حيرت وچان) – مگر اوهان هيءَ ڪهڙي ڳالهه رچائي آهي؟

شڪنتلا (پاڻ) – اڙي، مون کي ته ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڪنهن باه جي آڙاهه ۾ اُڇلائي ڇڏيو: اَٿم.

شارنگرو – هان، هي اوهان ڇا ٿا چئو؟ اوهان ته دنيا جي ريتن رسمن منجهان بلڪل چڱيءَ طرح واقف آهيو، ۽ انهيءَ ڳالهه کي به چڱيءَ طرح سمجهي سگهو ٿا ته جيڪڏهن ڪا سُهاڳڻ پنهنجي مڙس جي جيئري پنهنجن مائٽن ۾ رهي، ته ماڻهو اُن تي ضرور آڱريون کڻندا – پوءِ اُها سَتي ساوتري ڇو نه هجي! ۽ کيس ڇو نه پنهنجي پتي ديو جو پيار به حاصل هجي! ته به سڀني مائٽن جي اها ئي مرضي هوندي آهي ته جوان زال پنهنجي ساهرين گهر وڃي رهي ۽ اُتي خوش هجي ته بهتر آهي!

راجا – ڇا اوهان جي انهيءَ چوڻ جو اهو ئي مقصد آهي ته منهنجي هن ديويءَ سان شادي ٿي چڪي آهي؟

شڪنتلا (مايوسيءَ وچان، پاڻ)  اَي منهنجي نڀاڳي دل، هاڻي ته خوش ٿينءَ! ڇاڪاڻ ته تنهنجو اهو وسوسو ته سچ نڪتو!

شارنگرو – جيڪڏهن اوهان جي حضور ۾ اسان کان ڪا غلطي ٿي آهي ته به مهاراج جو اهو شان نه آهي ته هو پنهنجي ڌرم کي وساري ڇڏي!

راجا – پر اوهان وٽ انهيءَ اَڻ ٿيڻيءَ ڳالهه لاءِ ڪهڙو ثبوت آهي؟

شارنگرو(ڪاوڙ وچان) – اِنهيءَ ۾ اوهان جو ڪو به قصور ڪونهي مهاراج! ڇاڪاڻ ته راڄ ۽ دولت جو نشو دل جي سچائيءَ، ۽ نيڪ نيتيءَ کي ڊاهي ڊانوان ڊول ڪري ٿو ڇڏي.

راجا – آءٌ اهڙي بيعزتي هرگز برداشت ڪري نٿو سگهان!

گوتمي (شڪنتلا کي) – ڌيءُ، ٿوريءَ دير لاءِ لڄ شرم ڦٽو ڪر ۽ منهنجي ويجهو اَچ ته آءٌ تنهنجو گهونگهٽ لاهي ڇڏيان، مَن تنهنجو مُنهن ڏسي، تنهنجو مُڙس توکي سُڃاڻي وجهي!

راجا (شڪنتلا کي ڏسي، پاڻ) – هن جو حسن ته اڃا نئين بهار جي رونق ڏيکاري رهيو آهي، پر پرڻيل آهي يا ڪنواري، تنهن جي باري ۾ ڪا به خبر نٿي پوي! اِنهيءَ اونهي سوچ ويچار جي ڪري، نه ته اُن کي قبول ڪري ٿو سگهجي ۽ نه وري ڇڏي سگهجي ٿو! سچ پچ ته منهنجي حالت به ساڳي اُنهيءَ ڀونر جهڙي آهي، جيڪو صبح جي وقت ڪنول گل تي ماڪ جا ڦُڙا ڏسي، نه ته مٿس ويهي سگهي ٿو ۽ نه وري هو پاڻ کي ڀِڄائي ٿو سگهي!

(ٽٻيءَ ۾ پئجي وڃي ٿو)

چوبدار(پاڻ) – ها، اسان جي سرڪار ڌرم جي چڱي آڙ ورتي آهي! ڀَلا اهڙي اَپڇرا گهر ويٺي ملي، ته اُن کي ڪير ٿو ڇڏي سگهي؟

شارنگرو – مهاراج، اوهان خاموش ڇو ٿي ويا آهيو؟

راجا – او سَنتو، مون انهيءَ باري ۾ گهڻو ڪجهه سوچيو! پر اوهان جي ڳالهه منهنجي دل سان هرگز نٿي لڳي. جنهن جي صورت ۾ هيءَ ديو گرڀ ونتي آهي، ته پوءِ آءُ اُن کي ڪيئن ٿو پنهنجو بنائي سگهان؟ ڇاڪاڻ ته آءٌ جيڪڏهن ڪنهن پرائيءَ زال کي پنهنجي گهر ۾ رهائيندس، ته منهنجو اندر هميشہ لاءِ ضرور کاڌل رهندو.

شڪنتلا (پاڻ) – هاءِ ڙي قسمت، هيءُ ته شاديءَ جي ڳالهه کان ئي صفا نابري واريو بيٺو آهي! افسوس، منهنجي اُميدن جو محل ئي صفا ڊهي پيو!

شارنگرو – ائين ته نه چئو مهاراج! ڇا اوهان اِها ڳالهه چڱي ٿا سمجهو ته انهيءَ رشيءَ کي اهڙيءَ طرح ذليل ڪيو وڃي، جنهن جي ڌيءُ کي توهان ڌوڪو ڏنو ۽ اُن کي آپوتر بنايو! تنهن هوندي به هن پنهنجي پيشانيءَ ۾ گهنج نه آندو ۽ اوهان سان هن جي شادي ڪرڻ قبول ڪيائين. اوهان ڪجهه پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، ۽ انهيءَ رشيءَ جي سچائيءَ ۽ صفائيءَ کي به ڏسو، جنهن جو اوهان ڌن چورائي آيا آهيو. ڇا انهيءَ رشيءَ اوهان ڏانهن پنهنجو اهو ڌن رڳو انهيءَ لاءِ موڪلي ڏنو آهي ته اوهان پاڻ کي چور نه سڏايو، پر اُٽلندو پاڻ وٽ ڦٻائي دنيا ۾ ساڌ بنجي رهو.

شاردوت – منهنجا ڀاءُ، تُون هاڻي ماٺ ڪر!.... شڪنتلا، اسان کي جو ڪجهه چوڻو هو، سو چئي ڏنوسين، ۽ مهاراج جيڪو جواب ڏنو، سو به اوهان سڀني ٻڌو، هاڻي توکي گهرجي ته تون پاڻ پنهنجي سچائي ثابت ڪري ڏيکار!

شڪنتلا(پاڻ) – هاءِ! اُنهيءَ محبت کي ياد ڏيارڻ منجهان ڇا ورندو؟ اُنهيءَ جو ته جيڪو نتيجو نڪرڻو هو سو نڪري چڪو، پر ساڳئي وقت هروڀرو پاڻ کي ٽِڪو نه لڳي، تنهن جي بچاءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور چوڻو پوندو: (بلند آواز سان) پراڻ ناٿ، (ائين چوندي چوندي ڪجهه هَٻڪي) جڏهن اوهان شاديءَ کان ئي صفا انڪار ڪري رهيا آهيو، ته پوءِ آءٌ ائين ڇو نه چوان ته”مهاراج، آشرم ۾ ڪوڙا وچن ڪري، جنهن اٻوجهه کي اوهان هڪڙو ڀيرو ڌوڪو ڏيئي چڪا آهيو، ڇا اُن کي اهڙيءَ بيدرديءَ سان ٺڪرائي ڇڏڻ اوهان جي شان مان وٽان آهي؟“

راجا (ڪنن تي هٿ ڏيئي) – توبهه ڪر او ڇوڪري! تو پنهنجي سڄي خاندان کي ته بدنام ڪيو، پر ساڳئي وقت مون غريب کي پاڻ سان گڏ ڇو ٿي ٻوهي ۾ وجهين؟ تنهنجو اِهو مثال بلڪل اُنهيءَ نديءَ جهڙو آهي، جا پنهنجي ڪناري کي پائيندي آهي، پر اُن تي بيٺل وڻن ٻوٽن کي به پاڙون پَٽي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. نه رڳو ايترو، پر اُها خود پنهنجي پاڻيءَ کي به لُڙو ڪري ڇڏيندي آهي.

شڪنتلا – جيڪڏهن اوهان سچ پچ مون کي پرائي اَستري سمجهي، مُون سان اهڙو آڻ سهائيندڙ برتاءُ ڪري رهيا آهيو، ته پوءِ آءٌ به اوهان کي اوهان جي ڏنل مُنڊي ڏيکاري، اوهان جو پول پَڌرو ڪري ٿي ڇڏيان.

راجا – بيشڪ، مون کي منظور آهي!

شڪنتلا (پنهنجي چيچ کي ڏسي) – اڙي، هيءُ وري ڪهڙو غضب ٿيو، مُنهنجي مُنڊي ته ڪٿي ڪري پيئي!

گوتمي – جنهن وقت تون ”پشمي تيرٿ“ جي ويجهو گنگا نديءَ ۾ اِشنان ڪري رهي هئينءَ، تڏهن تنهنجي مُنڊي اتي ئي ڪري پيئي هوندي!

راجا (کلي) – ڪير ٿو چوي ته زالون حاضر جواب نٿيون ٿين؟

شڪنتلا – افسوس، اِها ته منهنجي نصيب جي بازي چئبي! پر آءٌ اوهان کي هڪڙو واقعو ياد ٿي ڏياريان.

راجا – اوهو، ڏسڻ جو وقت گذري ويو! ۽ هاڻي وري ٻُڌڻ جو وارو آيو آهي.

شڪنتلا – هڪڙي ڏينهن اوهان بيد جي جهڳٽن ۾، ڪنول گل جي پَنن مان ٺهيل دونيءَ ۾ رکيل پاڻي، پنهنجن ٻُڪن سان اُٿلايو هو.

راجا – ها، پوءِ پا ٿيو؟

شڪنتلا – اُنهيءَ وقت منهنجو پُٽيلو هرڻ اُتي آيو. اوهان ڪهل کائي اُن ڏانهن پاڻي وڌايو ۽ چوڻ لڳا ته ”پهريائين هن کي پيڻ گهرجي“ پر هَرڻ اوهان کي ڌاريو سمجهي بلڪل ويجهو نه آيو، انهيءَ تي اوهان کلي هيءُ طعنو ڏنو ته ”سڀڪو پنهنجن تي ڀَروسو ڪري ٿو. توهان ٻيئي به بنواسي آهيو نه؟“

راجا – هنن نازن نَخرن جو جادو ڪنهن عاشق جيئڙي تي آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو ۽ پنهنجي مطلب ڪڍڻ لاءِ اِهو ئي سڀ کان سٺو طريقو آهي.

گوتمي – مهاراج، اوهان کي پنهنجي زبان سان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ نٿيون جڳائين! هيءَ ويچاري ته آشرم ۾ پَلي ۽ اُتي ئي جوان ٿي تنهنڪري هوءَ اهڙن وَلن ڇَلن منجهان ڇا ڄاڻي؟

راجا – مائي وڏي! پرشن جي استرين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ بي سمجهه حيوانن جي مادين ۾ به بنا ڪنهن سيکارڻ ۽ سمجهائڻ جي اِهو گُڻ پاڻمرادو پيدا ٿيو پوي. تنهنڪري انهيءَ ڳالهه جي اَجائي اُپٽار ڇو ڪجي، جنهن کي چڱيءَ طرح سوچي سمجهي سگهجي ٿو. ڪوئل کي ته ڏسو! ڪيئن نه چالاڪيءَ سان پنهنجا آنا ڪانگن ۾ لاهيو اچي ۽ پنهنجن ٻَچن جي سار سَنڀار به ڪانگن کان ٿي ڪرائي!

شڪنتلا (ڪاوڙ وچان ڪَنبندي) – او هَچارا! ڇا تو سڄيءَ دنيا کي پاڻ جهڙو سمجهيو آهي؟ مون کي ڪهڙي خبر ته رشيءَ جي روپ ۾ ڪو راڪاس، گاه سان ڍڪيل اونهي کوهه وانگر، لِڪو پيو آهي! پوءِ ڀلا اُهو ڪير آهي، جو تنهنجي ڀيد منجهان چڱيءَ طرح واقف ٿي سگهي؟

راجا(پاڻ) – هن عورت جو ڪروڌ هٿرادو ته معلوم نٿو ٿئي! برابر آهي، بَن ۾ گذاريندڙ ماڻهو اهڙن وَلن ڇَلن منجهان ڇا ڄاڻن؟ هيءَ ته آڏين اکين سان به نٿي ڏسي. ڪيئن نه گهور وجهي، سامهون نهاي رهي آهي! اکين مان رت پيو اچيس ۽ ڪهڙيءَ نه سختيءَ سان ڳالهائيندي ٿي رهي! زبان کي ماٺ ئي نٿي اچيس! سندس گلاب جي گلن جهڙا نازڪ چپ اِئين چُري رهيا آهن، ڄڻ ته کين سياري جي سيءَ ڦڙڪڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي! سندس ڀرون جي اڳي ئي پيچدار هئا، تن ۾ به وڌيڪ وَر پئجي ويا آهن. سندس ڪروڌ ته مون کي هيڪاري حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ۽ سندس سچ هئڻ ۾ ڄڻ ڪو به شڪ ڪونهي. هاڻي ته منهنجو مغز ئي چرخ ٿي رهيو آهي. جڏهن مون کي هُن سان شادي ڪرڻ جي ڪا به سُڌ ڪانهي ۽ آءٌ برابر اهو ئي چوندو رهانس ٿو ته ”تو ۾ ۽ مون ۾ ڪڏهن به پيار جو ناتو نه رهيو آهي“، تڏهن ڪيئن ته تارا ڦوٽاري، ڀرن کي ڪمان وانگر ور ڏيئي، مون ڏانهن ائين ٿي نهاري، ڄڻ ته ڪامديو جي ڌنش کي هينئر جو هينئر ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي! (بلند آواز سان) ديوي، دُشينت جي چال چلت کان سڄو جهان واقف آهي ۽ اهڙي وارڌا منهنجي پرجا ۾ نه ڪڏهن ٿي آهي ۽ نه وري ڪنهن ٻڌي آهي.

شڪنتلا – زماني جي چالاڪي ته ڏسو، مون کي روبرو رولاڪ ڪوٺيو ٿو وڃي! افسوس، مون پروءَ جي اولاد جي شرافت تي ڀروسو ڪيو ۽ مون بدبخت پنهنجو پاڻ اُنهيءَ نانگ کي ارپن ڪيو، جنهن جي زبان ماکيءَ جهڙي مٺي آهي ۽ هِردو وهه سان ڀريو پيو اٿس.

(منهن تي پلاند ڏيئي روئي ٿي)

شارنگرو – ٻڌ، نفس کي ڇڙواڳ ڇڏڻ جي ڪري اِجهو اهو نتيجو نڪري ٿو، ۽ اهو ڏک سَهڻو پوي ٿو. جيستائين ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح نه ڏسي وائسي، تيستائين اُن کي شل پنهنجي دل ۾ ڪڏهن به جاءِ نه ڏئي! جيڪڏهن سواءِ ڏسڻ وائسڻ جي ڪنهن سان پريم ڪبو، ته هڪ نه ٻئي ڏينهن ضرور نراسائيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو.

راجا – اوهان هڪڙيءَ ڇوڪري جي ڳالهه تي ايترو وشواش ڌري، سَڄو الزام مون تي ڇو مڙهي رهيا آهيو؟

شارنگرو – معاف ڪندا، اوهان جهڙن وڏن ماڻهن جون اسين ڪيتريون ئي وڏيون ڪَٿائون ٻُڌي چڪا آهيون. ڇا اُها ڇوڪري، جنهن پنهنجي جنم کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هنسا ۽ جنگ جو نالو به نه ٻڌو آهي، تنهن جي چوڻ تي ويساه نه رکون، باقي هڪ اهڙو بيرحم جو جنگ کي وديا سمجهي سکيو هجي، اُن جي هر ڳالهه پٿر تي ليڪو ڪري ليکيون!

راجا – خير، ائين ئي سهي! اوهان سچا ۽ آءٌ ڪوڙو! پر اوهان مون کي اهو ته ٻڌايو ته هن ڪماريءَ کي ڌوڪو ڏيئي، مون کي ڇا ورندو؟

شارنگرو – نرڳ جي باه.

راجا – ڪير ٿو چئي ته پروءَ جي اولاد ڏسي وائسي نرڳ ۾ وڃڻ پَسند ڪندو؟

شاردوت(راجا سان) – اوهان جيئن به چئو، پر هيءَ اوهان جي اِستري آهي. هاڻي اوهان ڄاڻو ۽ اوهان جو ڪم ڄاڻي. ڀل ته اوهان هن کي سويڪار ڪريو يا ڇڏي ڏيو. مطلب ته استريءَ تي پنهنجي پتيءَ جو ئي حق آهي...(شارنگروءَ کي) ڀائي، هن حجت هلائڻ مان ڇا ورندو؟ اسان پنهنجي گُروءَ جو حُڪم بلڪل چڱيءَ طرح بجا آندو، ۽ هاڻي اسان کي هڪدم واپس ورڻ گهرجي... گوتمي ماتا، اچو، اوهان اسان سڀني جي اڳيان ٿيو! (سڀ وڃن ٿا)

شڪنتلا(رڙ ڪري) – هيءُ ڇا؟ هن بيرحم ته: ڊوه ڪري مون کي قبول ڪرڻ کان صفا انڪار ڪيو، پر اوهين به مون کي ڇڏي هليا ٿا وڃو؟

گوتمي (ٿورو ترسي) – پُٽ شارنگرو، شڪنتلا ته اسان جي پٺيان رڙندي ٿي اچي! سچ آهي، جنهن بدنصيب جو مُڙس اهڙو نيچ بنجي، پنهنجي زال کي قبول ڪرڻ کان صفا انڪار ڪري، سا روئندي رڙندي نه، ته ٻيو ڇا ڪندي؟

شارنگرو(واپس اچي، ڪاوڙ وچان) – ڇوڙي بيحيا ڇوڪري، توکي ايتري همت جو پنهنجي مرضيءَ موجب ٿي هلين؟

(شڪنتلا ڊپ وچان ڏڪي ٿي)

شارنگرو – جيڪڏهن راجا سَچ ٿو چوي ته پوءِ تنهنجي پتا کي هاڻي توسان ڪهڙو واسطو؟ تو ته پاڻ پنهنجي خاندان جي رشتي کي ٽوڙي ڇڏيو. پر جيڪڏهن تون پاڻ کي سچو ٿي سمجهين، ته تنهنجو ڌرم آهي ته تون پنهنجي پتيءَ جي چرنن ۾ رهه. پوءِ ڀل ته هو توکي پنهنجي داسي ڪري رکي.

راجا – ساڌو مهاراج، اوهان هن سندريءَ کي اجايو ڇو ڀنڀلائي رهيا آهيو... چندرما فقط جل سوسن جي بَند مکڙيءَ کي کوليندو آهي، ۽ سج ڪنول گل جو ڪَڙو کڙڪائيندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪو به ڌرمي ماڻهو ڪنهن به وقت پرائيءَ زال ڏانهن اک کڻي به نٿو نهاري.

شارنگرو – اوهان جهڙن ماڻهن کي ڌرم سان ڪهڙو واسطو؟ اڄ جيڪڏهن ڪا نئين تازي ملي وڃي، ته پوءِ پراڻيءَ کي ڪير ٿو پُڇي؟

راجا(پنهنجي پوڄاريءَ کي) – پوڄاري، تُون ئي هنن جي ڳجهارت کي سَل. مون کي ته خبر ئي نٿي پوي، ته هيءَ ڪماري سچ چئي رهي آهي يا هروڀرو منهنجو مغز ٿي خراب ڪري! هاڻي ته آءٌ انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ اچي ڦاٿو آهيان ته ڇا آءٌ پرائيءَ اِستريءَ کي هَٿ لائڻ جو پاپ ٿو کڻان، يا سچ پچ پنهنجي زال کي گهر مان ڪڍي رهيو آهيان!

پوڄاري(سوچ ويچار ڪندي) – مهاراج، اوهان هڪڙو ڪم ڪريو!

راجا – حڪم ڪريو!

پوڄاري هن گرڀ ونتيءَ کي ويم تائين منهنجي گهر ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو.

راجا – انهيءَ مان ڇا ورندو؟

پوڄاري – وڏن وڏن رشين ۽ اوتارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ”اوهان جو پهريون ٻار راجمڪار هوندو ۽ سَنسار تي راڄ هلائيندو.“ سو جيڪڏهن هن رشي ڪماريءَ کي پُٽ ڄائو ۽ منجهس اِهي سڀئي گُڻ ڏسڻ ۾ آيا، ته پوءِ اوهان کي به هن ديويءَ کي سويڪار ڪرڻو پوندو. پر جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهيو، ته پوءِ اوهان کيس هڪدم تپ بن ڏانهن واپس روانو ڪري ڇڏجو.

راجا – جيڪڏهن اوهان جي اها مرضي آهي، ته پوءِ ڀَل اِئين ڪريو.

پوڄاري – ڌيءُ، تُون مُون سان گڏجي هل!

شڪنتلا(پاڻ) – اَي ڌرتي ماتا، اڄ تنهنجي هَنج ۾ به مون لاءِ جڳهه ڪانهي! تون مون کي ڇو نه ٿي وڃين؟

(روئندڙ حالت ۾ پوڄاريءَ سان گڏ رواني ٿئي ٿي ۽ ٻيا به سڀ هليا وڃن ٿا. رڳو راجا اِنهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻ لاءِ رهجي وڃي ٿو. پاراتي جي سببان راجا سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهي)

(پردي پٺيان آواز) – ڪهڙي نه اچرج جهڙي ڳالهه آهي! ڪرامت آهي ڪرامت!

(ايتري ۾ اُهو پوڄاري، اچرج وچان وائڙو ٿي ڊوڙندو اچي ٿو)

پوڄاري – مهاراج، بلڪل حيرت جهڙي ڳالهه ٿي چُڪي!

راجا – ڇا ٿيو ڀلا؟

پوڄاري – جڏهن ڪڻوءَ جا چيلا هليا ويا، تڏهن هوءَ ڇوڪري پنهنجو سينو ڪُٽڻ ۽ مُنهن مَٿو پٽڻ لڳي.

راجا – ها، پر پوءِ ڇا ٿيو؟

پوڄاري – اوچتو ئي اوچتو هڪ سوجهرو پيدا ٿيو، ۽ آڪاس منجهان هڪ لاٽ اِستريءَ جي روپ ۾ هيٺ لٿي ۽ اُن رشي ڪُماريءَ کي پنهنجي هَنج ۾ کڻي هڪدم غائب ٿي ويئي.

(سڀ اچرج ۾ پئجي وڃن ٿا)

راجا – پوڄاري، اَسان ته پهريائين اُن کي پنهنجو ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو آهي. هينئر اوهان هروڀرو ڇو ٿا ڊڄو؟ وڃي پنهنجي پنهنجي ڪم کي لڳو.

پوڄاري – (ڏسندو رهجي وڃي ٿو) چڱو سرڪار!

(هليو وڃي ٿو)

راجا – ويتروتي، منهنجي دل ڏاڍي مُنجهي پيئي آهي! مون کي پنهنجي آرام جي جاءِ ڏانهن وٺي هل.

داسي – مَهاراج، هيڏانهن تشريف وٺي اچو!

راجا (هلندي هلندي، پاڻ) – مون کي ته ياد ئي نٿو اچي ته ڪو مون هن سان ويهي پيار ونڊيو! پر ساڳئي وقت منهنجي ڏکويل دل ائين چئي رهي آهي ته ڪماري بلڪل سچي هئي.

(سڀ وڃن ٿا)

(پردو ڪري ٿو)


(1)  درواسا جي پاراتي سببان، راجا دشينت، شڪنتلا کي بلڪل وساري ڇڏيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com