سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: شڪنتلا

پردو چوٿون

صفحو :5

پردو چوٿون

ڪڻوءَ جو آشرم

شروعاتي نظارو

(ساهيڙيون گل پٽينديون اچن ٿيون)

اَنسويا – پريمودا، آءٌ جڏهن اهو سوچان ٿي ته شڪنتلا کي دلپسند وَر ملي ويو ۽ سندس شادي به ”گانڌرو“ طريقي موجب ٿي ويئي، تڏهن منهنجي دل بهار بهار ٿيو وڃي! پر هڪڙي ڳالهه منهنجي دل ۾ الائي ڇو کٽڪي رهي آهي؟

پريمودا – اُها ڪهڙي ڳالهه آهي؟

اَنسويا – اُها ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ قربانيءَ جو ڏينهن آهي ۽ پوڄارين راجا کي واپس وڃڻ جي اجازت به ڏيئي ڇڏي آهي، پر راجا جڏهن پنهنجي ديس ۾ پهچندو، تڏهن ائين نه ٿئي جو ”رنواس“۾ جي عرش آرام ۾، هتي جيڪي وهيو واپريو آهي، تنهن کي صفا وساري ڇڏي.

پريمودا – ڇڏ اَنسويا، ڪڏهن اهڙيءَ من موهيندڙ مورت وارا ماڻهو به جلاد ٿيا آهن؟ جيڪڏهن فڪر آهي ته رڳو انهيءَ ڳالهه جو ته ڪڻو بابا جڏهن هيءَ ڳالهه ٻُڌندو تڏهن پنهنجي دل ۾ ڇا چوندو؟

اَنسويا – آءٌ ته اِئين ٿي سمجهان ته هُو اِنهيءَ ڳالهه کي هر طرح پسند ڪندو!

پريمودا – پر توکي انهيءَ ڳالهه جي پَڪ ته ڪانهي؟

اَنسويا – پَڪ ڇو نه آهه! سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو مَن اِهو ئي چاهيندو آهي ته سندن ڌيءُ جي شادي ڪنهن چڱي سُلڇڻي ماڻهوءَ سان ٿئي! پر جيڪڏهن سندن ڀاڳين گهر ويٺي اهڙو وَر ملي وڃي ته پوءِ سواءِ ڪنهن حيلي بَهاني جي مَن جي مُراد پوري ٿيڻ لاءِ کين اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي؟

پريمودا – (گلن جي ٽوڪريءَ کي ڏسي) – پوڄا لاءِ هيترا گُل پورا ٿيندا يا نه؟

اَنسويا – شڪنتلا جي ”ڀاڳ ديوتا“ تي به ته چاڙهڻا آهن!

پريمودا – سچ ٿي چوين.

(ٻئي ڄڻيون چونڊڻ ۾ لڳي وڃن ٿيون)

پردي پٺيان آواز – ڪو آهي؟ آءٌ توهان جي گهر مهمان ٿي آيو آهيان.

اَنسويا – ساهيڙي، هيءُ ته ڪنهن مهمان جوآواز آهي.

پريمودا – فڪر نه ڪر،شڪنتلا جهوپڙيءَ ۾ آهي...(پاڻ) پر اُن جي دل ڪٿي ٻئي هنڌ پيئي وسي رسي.

اَنسويا – ڏس، هاڻي ته گُل گهڻائي آهن.

(ٻئي وڃڻ لڳن ٿيون)

پردي پٺيان آواز – او مهمانن جي بيعزتي ڪرڻ واري! ڇا توکي اِنهيءَ ڳالهه جو ڪو به ڌيان ڪونهي ته مون جهڙو بندگيءَ وارو انسان، تنهنجي در تي بيهي سين هڻي رهيو آهي. ياد رک، جنهن جي خيالن ۾ ايتريقدر غلطان آهين، سو توکي صفا وساري ڇڏيندو: ۽ ياد ڏيارڻ تي به نه سڃاڻي سگهندو. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڪو چلولو پنهنجو وعدو وساري ڇڏيندو آهي!

پريمودا – هاءِ افسوس، هيءُ ڪهڙو غضب ٿي ويو! شڪنتلا بيخبريءَ ۾ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي بيعزتي ڪئي آهي، جو هڪ وڏو گياني ڪري ليکيو ٿو وڃي. (اوڏانهن نهاري) اڙي سچ پچ هيءُ ته ڪو معمولي ماڻهو نه آهي بلڪ ناميارو رشي دُر واسا آهي جو ٿوري گهڻي ڳالهه تي هڪدم ڪاڙوجيو وڃي. ڏِس ته پاراتو ڏيئي، ڪاوڙ ۾ ڪَنبندو سر پٽ هليو پيو وڃي! مُئو ڪو باه جو کورو آهي!

اَنسويا – ڀيڻ، اِنهيءُ اندر سڙيل کي پيرين پيئي واپس موٽائي اَچ. آءٌ انهيءَ وچ ۾ سندس پوڄا جو سامان تيار ڪري ٿي وٺان!

پريمودا – چڱو ڀلا! (وڃي ٿي)

اَنسويا(هلندي ٿاٻڙجي) – هاءِ ڙي، ڊپ وچان منهنجو پير اهڙو ٿاٻڙجي ويو، جو منهنجي هٿن مان گلن جي ٽوڪري به ڪري پيئي!(1)

(ڪريل گُل چونڊي ٿي)

پريمودا (واپس اچي) – ڀيڻ، هُو تَن تَتو ڪنهن جي وينتيءَ تي ڌيان ئي نٿو ڏئي! پر تنهن هوندي به سندس پٿر دل ٿوري نرم ٿي آهي.

اَنسويا(مشڪي – آخر ڪجهه آسرو ته ٿيو! پر توکي چيائين ڇا؟

پريمودا – جڏهن هن واپس ورڻ کان صفا انڪار ڪيو، تڏهن مون روئي چيومانسِ”او مَها ٻَلي، ڪجهه قياس ته ڪريو! آخر هوءَ ويچاري اوهان جي اولاد آهي! هوءَ ”تپ بن“ جي اسرار کي ڇا سمجهي؟ تنهن کان سواءِ اِها سندس پهرين غلطي آهي، پنهنجي ڪرامت جي صدقي معاف ڪري ڇڏيوس.“

اَنسويا – ها، پوءِ؟

پريمودا – اڙي، هو ته اک ڇنڀ ۾ ائين گم ٿي ويو، جيئن ڳئون جا مٿيان ڏند! بس، ائين چوندو ويو ته ”منهنجو چوڻ پٿر تي ليڪو آهي، پر سنديس نشاني ڏنل منڊيءَ کان پوءِ پاراتي جو اثر لهي ويندو.“

اَنسويا – اباڙي، ڪجهه ته پيٽ ۾ ساه پيو! هيانءُ کي ڪجهه ته آٿت آيو! راجا جنهن وقت واپس وڃي رهيو هو، تڏهن پنهنجي نالي اُڪريل مُنڊي يادگيريءَ طور پارائي هئائينس، انهيءَ ڪري شڪنتلا کي پِٽ پاراتي جو ڪو به ڊپ ڪونهي.

پريمودا – ادي، اچ ته انهيءَ لاءِ ديوتائن جي پوڄا ڪريون. (ويندي ويندي ٻاهر نهاري) اَنسويا، ڏس ته سهي، پنهنجي محبوب جي فراق ۾ اسان جي پياري ساهيڙي کاٻي هٿ تي مٿو رکي، ڪهڙي نه سُهڻي ڍنگ سان ويٺي آهي. سچ پچ گُڏي پيئي لڳي گُڏي! هن ويچاريءَ کي ته پنهنجو به هوش نه آهي، پوءِ ڪنهن آئي وئي جي ڪهڙي سُڌ پونديس؟

اَنسويا – پريمودا، خيال رکجانءِ! جيئن هن معاملي جي خبر ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ کي نه پوي. تون سمجهين ٿي ته اسان جي ڀيڻ جي دل ڪيتري نه نازڪ آهي! مطلب ته اُن کي انهي مصيبت جي ڪا به لکا نه پوي.

پريمودا – اڙي، اهو ته سچ آهي پر چنبيليءَ تي به ڪو ڪوسو پاڻي هاريندو آهي؟

(ٻيئي وڃن ٿيون)

(ايتري ۾ ننڊ مان اُٿيل هڪ چيلو اچي ٿو)

چيلو – گرو مهاراج هينئر مسافريءَ تان واپس موتيس آيو آهي ۽ مون کي وقت ڏسڻ لاءِ موڪليو اٿس. ٿورو ٻاهر وڃي ڏسان ته اڃا رات ڪيتري آهي؟...(ٻاهر وڃي ڏسي ٿو)... اجهو، پره ڦٽڻ واري آهي. هيڏانهن چنڊ اولهندي جبلن ۾ لڪي رهيو آهي، ۽ هوڏانهن اڀرندي کان سج پنهنجو گُلابي جهنڊو لهرائي رهيو آهي....

هڪڙيئي وقت ٻن هستين جي اوج ۽ پستيءَ کي ڏسي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين جو پورو پورو سبق حاصل ڪري ٿو.

جيئن ته هن وقت چَنڊ ٻُڏي رهيو آهي، تنهنڪري هيءُ ساڳيو جل سوسن منهنجن اکين کي ذرو به نٿو وڻي، ڇاڪاڻ ته هاڻي اُن جي سُونهن ڏسڻ وٽان نه رهي آهي ۽ سندس تصور فقط خيالن ۾ ئي سمايل آهي. سچ آهي، سڄڻن جي فراق جو صدمو، سڄڻن کي ئي وڌيڪ پريشان ڪري ٿو!

پَنن تي پکڙيل ماڪ جي ڦُڙن کي، چنڊ گلابي رنگ عطا ڪري ڇڏيو آهي. جهوپڙين جي ڪکائينءَ ڇت تي سُتل مور سُجاڳ ٿي چڪا آهن، ۽ اُهي هرڻ، جي قربانگاه جي ڪٽهڙي تي ٽنگون ٽيڙي سُتا پيا هئا. سي به اُٿي کڙا ٿيا آهن ۽ ائين پيا ڪَر موڙين ڄڻ ته ڪو ڪُٻ نڪري آيو اٿن... چنڊ پنهنجو نور کسائي، آسمان مان هيٺ ڪري رهيو آهي. اهو به ڏينهن هو جڏهن وشنوءَ، چنڊ جي نڪرڻ جي هنڌ يعني جبلن جي سرتاج ”سُمير“4 کي پنهنجي قدمن هيٺ رکيو هو ۽ چنڊ جي سَڄي دنيا کي پنهنجي راڄڌانيءَ ۾ شامل ڪيو هئائين.... وڏن جي وڏائي به اونهائيءَ تي اچي ختم ٿئي!

(انسويا پردو مٿي کڻي، اندر اچي ٿي)

اَنسويا (پاڻ) – آءٌ جيڪڏهن دنيا جي ريتن رسمن کان اَڻ ڄاڻ آهيان ته ڇا ٿي پيو؟ ايتري ته ڄاڻ اٿم ته هُن راجا، شڪنتلا سان چڱا پير ڪو نه ڀريا آهن.

چيلو – هاڻي گُرو مهاراج کي وڃي ٻُڌايان ته پوڄا جو وقت ٿي ويو آهي.

(هليو وڃي ٿو)

انسويا – هيءَ جبل جيڏو ڏينهن ڪيئن گذرندو؟ من اهڙيءَ مُونجهاري ۾ اچي ڦاٿو آهي، جو ڪنهن به ڪم ڏي چت نٿو وري. اي ٻاجهارا، ڇا اسان جي نادان ساهيڙيءَ کي هڪڙي زور آور جي ڦندي ۾ ڦاسائي تنهنجو اَندر ٿڌو ٿيو؟ .... يا انهيءَ بيپرواهيءَ جو اصل سبب ”درواسا“ جو پاراتو آهي!... نه ته هوند ائين ڪيئن ٿئي، جو راجا اهڙا اهڙا وچن ڪرڻ کان پوءِ به هيترو وقت هڪڙو پتر نه موڪلي!...(ويچار ڪندي) اهڙيءَ حالت ۾ اُها نشانيءَ واري مُنڊي ڏانهنس موڪلڻ گهرجي، پر جوڳيءَ ته پنهنجي پنهنجي بندگيءَ ۾ پورا آهن، آخر ڪنهن کي موڪلجي؟ آءٌ وري ڪڻوءَ بابا کي به اِهو نٿي ٻڌائي سگهان ته ڪو شڪنتلا جي شادي ٿي چُڪي آهي ۽ سندس لَت ڳري ٿي پيئي آهي. ڏوهه ته مون مَت موڙهل جو ئي آهي!... هاءِ، افسوس! هاڻي هن مصيبت جي وقت ڇا ڪرڻ گهرجي؟

(ايتري ۾ پريمودا اچي ٿي ۽ خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي)

پريمودا – ڀيڻ، جلدي اَچ! شڪنتلا پنهنجي پريتم جي گهر وڃي رهي آهي ۽ سنديس موڪلاڻي جي رسم پوري ڪرڻي اَٿيئون.

اَنسويا – اڙي، هيءُ ڇا ٿيو؟

پريمودا – ٻُڌ، هينئر آءٌ شڪنتلا کان پُڇڻ ويئي هيس ته ننڊ ته چڱيءَ طرح آيئهءِ؟

اَنسويا – ها، پوءِ؟

پريمودا – مون ڏٺو ته شڪنتلا شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺي آهي ۽ ڪڻو بابا کيس سيني سان لڳائي چئي رهيو آهي، ”شاباس، پوڄاريءَ جون اکيون دونهيءَ جي سببان دوهانٽجي ويون ته ڇا ٿيو! سندس چَڙهت ته باه کي پهچي ويئي. منهنجي لُڏڻ، جيئن ڪنهن چيلي کي علم سيکاريندي، افسوس نه ٿيندو آهي تئين تنهنجي پالڻ ڪري به مون کي ڪو دُک نه پهتو آهي. اڄ ئي ساڌن سان گڏ توکي ساهري گهر ڏياري ٿو موڪليان.

اَنسويا – پر ڪڻو بابا تي اِهو راز ڪيئن کليو؟

پريمودا – جڏهن هو ديوالا ڏانهن وڃي رهيو هو، تڏهن آسماني آواز ٻڌڻ ۾ آيس.

اَنسويا – هان، اِهو آواز ڪهڙو هو؟

پريمودا – اهو آواز هيءُ هو ته ”اي برهمڻ! ڄاڻ ته تنهنجي ڌيءُ جي اندر ۾ اِها حياتي جي جوت آهي، جا دشينت ڌرتيءَ جي بهتريءَ لاءِ امانت ڌري آهي.“

اَنسويا (پريمودا کي ڀاڪر پائي) – ساهيڙي، صدقي وڃان! آءٌ ته خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيان، پر ساڳئي وقت انهيءَ ڳالهه جو ڏک به ٿو ٿئي ته شڪنتلا اسان کان وڇڙي ويندي!

پريمودا – اڙي چري، اسين پنهنجي اندر جو سَور جيئن تيئن ڪري، پي وينديونسين، پر شڪنتلا کي ته آرام ملندو!

اَنسويا – خير، ڏس ته سهي! مون اَنب جي ٽاريءَ ۾ پنهنجي ٽوڪري لٽڪائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ خاص اِنهيءَ موقعي لاءِ هڪ ”سدابهار“ هار سانڍي رکيو اٿم. تون اُهو ڪڍي اچ ته آءٌ جيستائين وڃي شڪنتلا جي سينگار جو سامان تيار ٿي ڪريان، جهڙوڪ: گئولوچن، تيرٿن جي پوتر رک ۽ قربانگاه جا ڪک.

پريمودا – چڱو، تون ڀلي وڃ!

(اَنسويا هلي وڃي ٿي ۽ پريمودا گل چونڊڻ لڳي ٿي)

پردي پُٺيان آواز – گوتمي، شارنگرو ۽ شاردوت کي چئو ته ”توهان کي شڪنتلا سان گڏجي وڃڻو آهي.“

پريمودا(آواز ٻڌي) – اَنسويا، ڦڙتي ڪر! جوڳي هستناپور وڃڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن.

اَنسويا (سينگار جو سامان کڻي اچي ٿي) – ڀيڻ، هَل ته هَلون.

(ٻيئي هلڻ لڳن ٿيون)

پريمودا(ڪجهه ڏسي) هوڏانهن ڏس، پره ڦٽيءَ کان وٺي شڪنتلا نَنهن کان چوٽيءَ تائين سَنبهي سَنوارجي بيٺي آهي. جوڳياڻيون کيس مبارڪون ڏيئي رهيون آهن. نظر لاهڻ لاءِ چانورن جون مُٺيون ڀري کڻي آيون آهن. هَل ته اُنهيءَ وٽ هلون.

(ٻيئي ڄڻيون اوڏانهن روانيون ٿين ٿيون ۽ شڪنتلا انهيءَ ساڳيءَ حالت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي)

هڪ جوڳياڻي – ڌيءُ، ڀڳوان شل توکي مهاراڻيءَ جو درجو عطا ڪري، ۽ اهو لقب تنهنجي مڙس جي بي اَنت محبت جي نشاني هجي!

ٻي جوڳياڻي – ڌيءُ، ڀڳوان ڪري، شل تنهنجو پٽ مَهاٻَلي بنجي!

ٽين جوڳياڻي – منهنجي آسيس آهي ته شل تنهنجو مڙس توکي جيءَ ۾ جايون ڏئي!

(گوتميءَ کان سواءِ، ٻيون آسيس ڏيئي هليون وڃن ٿيون)

ٻيئي ساهيڙيون (ويجهو اچي) – پياري، شل تون هميشہ خوشيءَ سان اوڍيل هجين!

شڪنتلا – ڀلي ڪري آيون! اچو، هتي ويهو.

ٻيئي ساهيڙيون – (سينگار جو سامان رکي ويهي رهن ٿيون) – پياري، توکي سَنوارڻو سينگارڻو اٿئون، تنهنڪري هڪدم تيار ٿي وڃ.

شڪنتلا – قربان وڃان! مون کي هاڻي پنهنجن ساهيڙين جو سَنوارڻ سينگارڻ ڪٿي نصيب ٿيندو؟ روئڻ لڳي ٿي)

ٻيئي ساهيڙيون – اهڙيءَ مبارڪ گهڙيءَ تي روئڻ سٺو نه آهي.

(ٻئي ڄڻيون شڪنتلا جا ڳوڙها اُگهي، کيس سينگار ڪرائڻ لڳن ٿيون)

پريمودا – هن سهڻيءَ صورت کي ته هيرن موتين سان سينگارڻ گهرجي، آشرم جي گُلن ۽ پَنن سان ته سندس گهٽتائي ٿئي ٿي.

(ايتري ۾ ٻه رشي ڪمار ڳهڻا کڻي اچن ٿا)

رشي ڪمار – اسين هي امله ماڻڪ هن ديويءَ جي لاءِ کڻي آيا آهيون.

(ڳهه ڏسي سڀ حيرت ۾ پون ٿيون)

گوتمي – پُٽ نارو! هي زيور توهان کي ڪنهن ڏنا آهن؟

پهريون – هيءُ سڀ گُرو مهاراج جي ڪرامت جو ڦل آهي.

گوتمي – واه واه! ڇا هي زيور! اِرادو ڪندي ئي پاڻمرادو پيدا ٿي پيا؟

ٻيو – تڏهن وري!... گروءَ مهاراج اسان کي چيو ته شڪنتلا لاءِ وڻن مان گل پٽي اچو. اسين اڃا گُل پَٽي رهيا هئاسين ته، ڪنهن وڻ مان انهيءَ شڀ موقعي لاءِ چنڊ جهڙا اڇا پَٽ جا ڪپڙا پيدا ٿي پيا. ٻئي مان گلال وسڻ لڳو، جنهن سان هٿ پير رڱيا ويندا آهن. ٻين وڻن مان وري بَن جي پَرين، نازڪ نازڪ ٽارين جيئن لچڪندڙ هٿن سان، اسان کي ڀانت ڀانت جا ڳهه ڪڍي ڏنا.

پريمودا (شڪنتلا ڏي نهاري) – اِهي سُهڻا سڳڻ ۽ ساٺ ٻڌائين ٿا ته تون ساهرين گهر سکي گذاريندينءَ. (شڪنتلا شرمائي ٿي).

پهريون رشي ڪمار (ٻئي رشي ڪمار کي) – گرومهاراج هاڻي وهنجي سهنجي آيو هوندو، اچ ته کيس وڻن جي انهيءَ شيوا جو احوال ڏيون.

ٻيو رشي ڪمار – هائو ٻيلي، هَل ته هلون!

(ٻيئي وڃن ٿا)

انسويا – ڀلا اسان کي ڳهن جي ڪهڙي خبر؟ جهوپڙيءَ طرح تصويرن ۾ ڏٺو اٿئون؛ تهڙيءَ طرح توکي پارايون ٿيون.

شڪنتلا – وڃو، پَري ٿيو! مان توهان جي انهيءَ مکر کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي.

(ساهيڙيون ڳهه پارائينس ٿيون)

ڪڻو (وهنجي سهنجي، اِهو خيال ڪندي اچي ٿو ته شڪنتلا اڃ موڪلائيندي) (پاڻ) – منهنجي دل ۾ غم جا اُڌما ٿا اُٿن! ڳوڙهن ڳڙڻ ڪري نڙي ويهجي ويهي آهي ۽ هٿ پير کيرا ٿي ويا اٿم! جڏهن مون جهڙي بنواسيءَ کي به اولاد جي محبت جي جذبي ايترو ماندو ڪري ڇڏيو آهي، ته پوءِ پنهنجن نياڻين کي پهريون پهريون ڀيرو پاڻ کان جدا ڪرڻ وقت دنيا وارن جي الائي ڪهڙي حالت هوندي؟

(پسار ڪري ٿو)

ساهيڙيون – شڪنتلا، سينگار ٿي چڪو! هاڻي اُٿ ۽ هيءُ ريشمي وڳو پائي وٺ.

(شڪنتلا اُٿي وڳو ڍڪي ٿي)

گوتمي – ڌيءُ، اجهو بابَهن اَچي رهيو آهي! سندس اکيون توکي ڏسي، خوشيءَ سان ٽمٽار ٿي رهيون آهن، وڃي پرنام ڪرينس!

شڪنتلا (شرمائيندي) – پيرين ٿي پوان، بابا!

ڪڻو – ڌيءُ، شل تون پنهنجي مڙس کي ايتري پياري هجين، جيتري ”شَرمِشٽا“، ”ييامتيءَ“ کي پياري هئي!5.... جيئن اُنهيءَ پَروءَ جهڙي نامياري ٻلوان کي جنم ڏنو، تيئن آءٌ اَسيس ٿو ڏيان ته ”شل تنهنجو پٽ به راجا ڌراج ٿئي!“

گوتمي – اها فقط آسيس ناهي، پر خود وچن آهي.

ڪڻو – ڌيءُ، اچ ته پوتر اگنيءَ جي چوڌاري ڦيرو پايون. هينئر اُن کي ٻارڻ ڏنو ويو آهي...(سڀ چوڌاري ڦرن ٿا) شل اِهي باهه جا ڀنڀٽ، جي پنهنجي سَنسڪاري کاڌ وٺي، قربانگاه جي چوڌاري پنهنجي جاءِ تي ڀڙڪي رهيا آهن ۽ جن جي ڪنارن وٽ ڪش گاه جا ڪک کِنڊڙيا پيا آهن، توکي پوتر ڪري ڇڏين، ۽ قربانيءَ جي ڌوپ پاپ جي بدبوءِ کي اُڏائي ڇڏي! هاڻي هلندا هلو!(چوڌاري نهاري) شارنگرو ۽ ٻيا ڪٿي آهن؟

(هڪ چيلو اندر اچي ٿو)

چيلو – گُرو مهاراج، اسين تيار آهيون!

ڪڻو – پنهنجي ڀيڻ کي رَستو ڏيکاريو!

شارنگرو – ڀيڻ، هِتان هلڻو آهي!

ڪڻو – او تپ بن جا وَڻ! اُها جا توهان کي پاڻي ڏيڻ ڌاران پنهنجي وات ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو نه وجهندي هئي، اُها جا سينگار جي سڪايل هوندي، توهان جي چاه جي سببان تازين ڪَلين کي هٿ به نه لائيندي هئي، اُها جا توهان جي ٻوڪجڻ وقت جشن ملهائيندي هئي، سا شڪنتلا اڄ پنهنجي ساهري گهر وڃي رهي آهي. توهين سڀ خوشيءَ سان موڪل ڏيوس. (ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌي ٿو)... شڪنتلا جا دل گهريا وڻ کانئس موڪلائي رهيا آهن ۽ هن ڪوئل جي ڪوڪ ۾ اُنهن جي درد وَند دانهن سمايل آهي...

(هوا ۾ آواز اچي ٿو).... ”شل سندس رستو چپي چپي تي ڪنول گُل وڇايل تَلائن سان وَڻندڙ هجي! شل ڇانو وارا گهاٽا وڻ اُس جي لوساٽ کان بچائينس! شل ائين ٿئي، جو سندس پيرن هيٺان مٽي بدلجي، ڪنول جي ٻُور وانگر نرم ٿي پوي! شل ساريءَ واٽ تي نَرم ۽ سَڻائي هير ساڻس شامل هجي!

(سڀ حيرت مان اِهو آواز ٻڌن ٿا)

گوتمي – تپ بن جون اَپڇرائون، جي اسان وانگر تنهنجون گهڻگهريون آهن، سي توکي آسيس ڏيئي رهيون آهن. تون اُنهن جي اڳيان ڪَنڌ نماءِ!

شڪنتلا (ڪنڌ نمائي، پسار ڪندي) – پياري پريمودا، جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي ساه کان وڌيڪ پياري دوست جي درشن جي اُڃايل آهيان، پر آشرم مان ويندي منهنجا پير مشڪل سان چُري رهيا آهن!

پريمودا – اهو وڇوڙي جو ڏک رڳو تو اڪيليءَ کي نه آهي ... پر هن آشرم جي حالت ڏي به نهار، جنهن کان تون پَل ساعت ۾ وڇڙجي ويندينءَ. هرڻن ڊڀ چَرڻ ڇڏي ڏنا آهن ۽ وڻ ٽڻ ٻوٽا پنهنجا ڪومايل پن ڇاڻي، ڄڻ ڳوڙها وهائي رهيا آهن!

شڪنتلا(ڪجهه ياد ڪندي) – بابا، آءٌ پهريائين پنهنجي وَل ڀيڻ کان رخصت وٺنديس!

ڪڻو – ڇو نه! انهيءَ سان تنهنجي ساهيڙپ جي مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي.

شڪنتلا(ول کي ڳري لائي) – اي بن جوت! تون پنهنجي پريتم اَنب جي وڻ سان چنبڙي پيئي آهين ته ڇا ٿيو؟ تنهنجون اِهي ٽاريون، جي هن طرف وري آيون آهن، تن سان مون کي ڀاڪر ته پاءِ!... اڙي، آءٌ هينئر توکان گهڻو پري وڃي رهي آهيان!

ڪڻو – تو پنهنجي سُٺن لڇڻن سان پنهنجي لاءِ هڪ لائق وَر ڳولي ڪڍيو. هن چنبيليءَ پڻ اَنب جي وڻ سان نينهن لڳايو آهي. هاڻي آءٌ توهان ٻنهي جي چنتا کان ڇُٽس...

ڌيءُ! هاڻي دير نه ڪر. موڪلاڻيءَ جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي.

شڪنتلا (ساهيڙين کي) – مٺڙيون، هيءَ وَل هاڻي توهان جي آسري ٿي ڇڏيان!

ساهيڙيون – پر اسان کي ڪنهن جي آسري ڇڏي ٿي وڃين؟

(روئڻ لڳن ٿيون)

ڪڻو – هيءُ روئڻ وري ڇا جو؟ اَنسويا، توهان کي ته پاڻ شڪنتلا جي همت وڌائڻ گهرجي!

شڪنتلا – منهنجا بابا! هيءَ هرڻي، جا پيٽ سان آهي، ۽ جهوپڙيءَ جي ڀَر ۾ پيئي چري، سا جڏهن ٻچو ڄڻي، تڏهن مون کي نياپو موڪلجو!

ڪڻو – چڱو، اها ڳالهه نه وسرندي!

شڪنتلا – اڙي، هي ڇا آهي، جو منهنجي پلاند کي ڇڪي رهيو آهي؟

ڪڻو – ڌيءُ، هيءُ اهو ئي هَرڻ جو ٻچڙو آهي، جنهن کي تو پنهنجو پُٽ ڪيو هو! جڏهن ڊڀ کائيندي، سندس وات سُڄي پيو هو، تڏهن تو مال ڪنگڻيءَ جو تيل مکي، کيس چڱو ڀلو ڪيو هو ۽ پنهنجن هٿن سان نپائي تاتي وڏو ڪيو هُيئِه، هينئر اِهو تنهنجو رستو روڪيو بيٺو آهي.

شڪنتلا – منهنجي دل وارا هرڻ، هينئر جڏهن آءٌ توکي ڇڏي وڃي رهي آهيان، تڏهن تون مون کي ڇڏي ڇو نٿو ڏين؟ جڏهن تنهنجي ماءُ مري ويئي هئي ۽ تون اڃا ننڍڙو هُئين، تڏهن کان آءٌ توکي نپائڻ تاتڻ لڳي آهيان، ۽ هينئر توکي اڪيلو ڇڏي ٿي وڃان. هاڻي بابا تنهنجي پرگهور لهندو، تنهنڪري تون پوئتي موٽي وڃ! (روئي ٿي)

ڪڻو – ڌيءُ، روئڻ مان ڇا ورندو؟ پنهنجي طبيعت کي سنڀال ۽ هڪ ڀيرو پنهنجي رستي ڏانهن نهار. تنهنجن اکين ايترو ته رُنو آهي، جو سندءِ پنبڻيون به نٿيون چُرن. هاڻي انهن ڳوڙهن کي پي ڇڏ. ڇو ته رستي جي کڏن کوٻن نه ڏسڻ، ڪري، تنهنجا پير سَنوان نٿا لڳن!

شارنگرو – گُرو مهاراج، سياڻن چيو آهي ته ”پنهنجن پيارن کان موڪلائڻ وقت درياءَ جي ڪناري تائين اچڻ گهرجي“. ڏسو، هاڻي درياءَ جو سرو اچي ويو، تنهنڪري اوهان اسان کي آگيا ڏيئي واپس ورو!

ڪڻو – ته پوءِ اچو، ٿوري ساعت هن انجير وڻ جي ڇانءَ ۾ بيهون!

(سڀ اوڏانهن وڃن ٿا)

ڪڻو(پاڻ) – راجا دشينت جهڙي نامور مهاراج جي شان وٽان ڪهڙو پيغام آهي، جو موڪليان!

(سوچڻ لڳي ٿو)

شڪنتلا(پرڀرو ٿي) – ڀينرو، ڏسو! چڪور ڪنول جي گلن ۾ لڪي ويو آهي ۽ چڪوري رڙي رڙِي ماندي ٿيندي وڃي! اوهين مون کان پُڇو ته ڪيڏيءَ مشڪلات سان پنهنجي دل کي قابو ڪري جهليو اٿم.

انسويا – ائين نه چئو، پنهنجي پياري کان سواءِ هوءَ به ته جبل جهڙي رات گذاريو ڇڏي. وري نامراد وڇوڙي جي رات ڪيڏي نه ڊگهي ٿيو پوي! پر ساڳئي وقت اهو به سمجهي ڇڏ ته وڇوڙي جو ڏک ڪيترو به جهوريندڙ ڇو نه هجي، ته به اُميد جو سهارو اُن کي سهسايو ڇڏي!

ڪڻو – شارنگرو، شڪنتلا کي پيش ڪري، راجا کي منهنجو سَنيهو ٻُڌائج!

شارنگرو – آگيا!

ڪڻو – اِهو دل ۾ رکج ته تون جيڪڏهن راجا آهين، ته اسين به فقير آهيون، ۽ هي به ته شڪنتلا ڪنهن جي ڊپ کان نه، پر پنهنجي آزاديءَ سان تو سان محبت ڪئي آهي. هاڻي منهنجي اها مرضي آهي ته شڪنتلا سان به ٻين راڻين جهڙو برتاءُ ڪرين! بس، ان کان وڌيڪ هئڻ يا نه هئڻ سڀ نصيب جي بازي آهي! ۽ ڇوڪريءَ وارن کي انهيءَ باري ۾ وڌيڪ ڪجهه به نه چوڻ گهرجي.

شارنگرو – بس، اسان کي پيغام مليو.

ڪڻو – منهنجي ٻچڙي، هاڻي توکي هڪ ٻه نصيحتون ڪرڻيون اٿم! جيتوڻيڪ اسين جهنگ جا رهاڪو آهيون پر دنياداريءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻون سُڃاڻون ٿا....

شارنگرو – برابر، اکين وارن کان ڇا ڳجهو آهي؟

ڪڻو – جڏهن ساهرين گهر پهچين، تڏهن پنهنجن وڏن جي خدمت ڪرڻ کان ڪڏهن به نه نٽائجانءِ؟ پنهنجن پهاڄن سان ساهيڙين جهڙو برتاءُ ڪجانءِ! مڙسهن ڪڏهن گهٽ وڌ ڳالهائي به کڻي، تڏهن به موٽائي جواب نه ڏجانءِ! نوڪرن سان هميشه سٺو سلوڪ ڪجانءِ! عيش عشرت ۾ رهي، هَٺ جي ويجهو ڪڏهن به نه وڃجانءِ!

ڇوڪريون جڏهن اهڙيون سُلڇڻيون ٿين ٿيون، تڏهن ئي چڱن جو اولاد ٿيون سڏجن؛ پر جيڪي ڪُلڇڻيون بنجي، اُبتو رستو اختيار ڪن ٿيون، سي نه رڳو پاڻ کي پر پنهنجي سڄي گهراڻي کي به ڪارنهن جو ٽِڪو لڳائي ٿيون ڇڏين... ڪيئن گوتمي ديوي، تنهنجو ڇا خيال آهي؟

گوتمي – ڪنوار لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نصيحت ٿي سگهي ٿي!... (شڪنتلا کي) منهنجي مٺي، انهيءَ نصيحت کي دل ۾ سانڍج.

ڪڻو – ڌيءُ، اچ! اسان سڀني کان ڀاڪر پائي موڪلاءِ.

شڪنتلا – بابا، ڇا منهنجون ساهيڙيون هتان ئي واپس ورنديون؟

ڪڻو – ڌيءُ، نيٺ اُنهن جي به ته شادي ٿيڻي آهي! تنهنڪري سندن اوڏانهن وڃڻ مناسب نه آهي، باقي گوتمي توسان گڏجي هلندي.

شڪنتلا(پيءُ کي ڀاڪر پائي) – جيئن چَندن جي چڪي ملايا جي ٽَڪر تان پاڙئون پٽي وڃي؛ تيئن آءٌ پنهنجي پيءُ جي گود کان پري ٿي، هڪ پرائي ديس ۾ ڪيئن ٿي گذاري سگهان؟

ڪڻو – ڌيءُ، تون اجايو ٿي گهٻرائين! جڏهن تنهنجو خوش نصيب مُڙس توکي مهاراڻيءَ جو عهدو عنايت ڪندو، ۽ تون ساڻس گڏجي راڄڌانيءَ جي ڌنڌن ۾ ڦاسجي پوندينءَ، ۽ جڏهن توکي هڪ ڀاڳوان پُٽ پيدا ٿيندو، تڏهن اسان جي جُدائيءَ جو غم توکان پاڻمرادو وسري ويندو.

(شڪنتلا پيءُ جي پيرن تي ڪري ٿي)

ڪڻو – شل منهنجي اِڇا موجب تنهنجون سڀ من مرادو پوريون ٿين!

ساهيڙيون (ڀاڪر پائي) – پياري، جي راجا توکي جلدي نه سُڃاڻي سگهي، ته کيس هيءَ مُنڊي ڏيکارجانءِ، جنهن تي سندس نالو اُڪريل آهي.

شڪنتلا – انهيءَ وسوسي ۾ منهنجو هيانءُ ٿو ڦاٽي!

ساهيڙيون – هيانءُ ڦاٽڻ جي ڪا به ڳالهه ڪانهي، محبت ۾ بدگماني ته ضرور ٿيندي آهي!

شارنگرو – هاڻي ڏينهن پهر کن چڙهي ويو آهي. سو جلدي ڪريو!

شڪنتلا (آشرم ڏانهن مُنهن ورائي) – بابا، خبر نه آهي ته هتي اچڻ وري ڪڏهن نصيب ٿيندو!

ڪڻو – ٻڌ، جڏهن گهڻن ڏينهن تائين ڌرتيءَ جي پهاڄ بنجي رهندينءَ، 6 ۽ دشينت جي لاثاني پهلوان پٽ کي پرڻائيندينءَ، تڏهن تنهنجو مُڙس راڄ جو بار سندس ڪُلهن تي ڌري، توسان گڏ هن بن اندر آشرم ۾ اچي رهندو.

گوتمي – لاڏلي، ڏس، روانگيءَ جو وقت ٽرندو ٿو وڃي! هينئر تون پنهنجي بابا کي رخصت ڏي. ... (ڪڻوءَ کي) گُروجي، اوهان هاڻي واپس ورو!

ڪڻو – هائو ٻچا، هاڻي تپسيا ۾ به دير ٿي ٿئي!

شڪنتلا(ٻيو ڀيرو ڪڻوءَ جي ڇاتيءَ سان چنبڙي) – بابا،اوهان جو جسم تپسيا جي ڪري، سُڪي ڪنڊا ٿي ويو آهي، مهرباني ڪري منهنجي گهڻي چنتا نه ڪجو!

ڪڻو(ٿڌو ساهه کڻي) – ڌيءُ جڏهن آءٌ جهوپڙيءَ جي سامهون سارين جي سنگن کي لُڏندو ڏسندس، جن کي تون پوڄا جي وقت ڀيٽا رکندي هُئينءَ، تڏهن منهنجي دل ڇو نه ڀرجي ايندي؟ بس، هينئر وڃو، شل، واٽ سڻائي ٿيئه!

(شڪنتلا ۽ ساٿي ٻاهر نڪرن ٿا)

ساهيڙيون (شڪنتلا ڏي نهاريندي) – هاءِ هاءِ، گهاٽن وڻن شڪنتلا کي لڪائي ڇڏيو!

ڪڻو (آه ڀريندي) – انسويا، توهان جي ساٿياڻي ته هلي ويئي! هاڻي پاڻ سنڀاليو ۽ مون سان هلو.

(سڀ وڃڻ لڳن ٿا)

ساهيڙيون – بابا، شڪنتلا کان سواءِ هيءُ آشرم ته اُجڙيل پيو ڀانئجي!

ڪڻو – اِها محبت جي ڪرامت آهي. _(سوچيندي) آه، شڪنتلا کي سندس ساهرين موڪلي، ائين پيو لڳي ڄڻ دل تان هڪ وڏو بار لهي ويو آهي... ڇا لاءِ ته ڌيءُ آخر پَرائو ڌن آهي.... اڄ کيس ساهرين موڪلي اهڙي روح جي راحت حاصل ٿي اٿم، جهڙي ڪا امانت سندس مالڪ ڏي موٽائيندي ٿيندي آهي.

(سڀ وڃن ٿا)


(1)  اِنهيءَ کي يد سوڻ ڪري ليکيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com