سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 5

صفحو ؛ 17

 

 باب پنجون

ارغون ۽ تـَـرخان دور جا يادگار

(سرن سان جوڙيل اڏاوتون)

مڪليءَ جهڙيءَ پٿرانهين جاءِ تي، پٿر جون ڀتيون جوڙڻ هڪ فطري ڳالهه آهي، پر اسان ڏسون ٿا، ته سڀني حڪمرانن جي دورن ۾ سرن جون جايون به تعمير ڪيون ويون آهن. ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سرن جي جڳهن ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ويو. اسان کي سندن جوڙايل ڪيتريون نيون اڏاوتون ملن ٿيون، جيڪي انهن هتي اچي متعارف ڪرايون. انهن مان خاص طور تي،قبن جي اوچائي ۽ اڏاوتي شڪل ۾ نواڻ، اهميت جي جوڳيون ڳالهيون آهن. نئين ڪاريگريءَ ۾ هم چورس ڪمري کي اٺاس ۾ بدلائڻ لاءِ، ڀتين کي مٿي اوچائيءَ ۾ ڇڪي وڃڻ جي ضرورت نه ٿي محسوس ٿئي. ڪاريگر کي قـُـبي جي ڏيڍيءَ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻو ٿي پيو ۽ قبي کي نوڪدار بنائي ٿي ورتائين. قبي جي نوڪدار شڪل تيموري اڏاوتي فني طرز ۾ اڳي ئي گهڻي ترقي ڪري ورتي هئي، پر هتي ٻٽو قبو نه ٿو ڏٺو وڃي. ان دور ۾ ٻي تبديلي به اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا اَٺ پاسائين عمارت آهي. ان معاملي ۾ ڀتين جي سڄي اوچائيءَ ۾ دريون يا محراب ڇڏي ڀت جي نهرائپ کي هلڪو ڪيو ويندو هو. هيءُ اڏاوتي طريقو تيموري دور جي اڏاوتن ۾ ڏاڍو مقبول ٿي ويو هو. جو ان اڏاوت جي طريقي ڪجهه هلڪائيءَ جو تاثر پيدا ٿي ڪيو. اسان ان قسم جي اڏاوت کي مغل دور جي عمارتن ۾ گهڻو تڻو ڏسون ٿا. اهڙي عمارت جوڙائڻ واري ڪاريگري، جڳهن ۾ نزاڪت ۽ نفاست به آندي ۽ اڏاوتي جوڙجڪ ۽ بناوت ۾ ڪمزوري به ڪانه آئي. جڳهن جي اڏاوتي شان ۽ ان سان گڏ شڪل ۽ صورت ۾ خوبصورتي به وڌي، جنهن ۾ روشني، رنگ ۽ رونق به موجود رهي. اهڙيون سڀ

خاصيتون تيموري دور جي عمارتن ۾ موجود هيون. مغلن به پنهنجي پنهنجي طبعيت مطابق انهن تان نقل ڪيو. اهو ساڳيو ذريعو آهي، جتان ارغونن ۽ ترخانن سرن جي جڳهن جون اڏاوتي طرزون ۽ نمونا ورتا آهن. انهن جڳهن ۾، ٺٽي جي رازن، هتان جي پراڻين روايتن کي پئي ونڊيو ۽ ورڇيو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ جيڪڏهن پٿر جي اوساري ڪئي ويندي هئي، ته به ان تي پراڻي قسم جي اُڪير واري چٽساليءَ کان سواءِ، ڪاشيءَ جي سر تي آرائش جون نيون طرزون چٽيون وينديون هيون. جڳهن ۾ لڳل رنگين ڪاشيءَ جي سرن جون قطارون نوان نرمل نظارا پيدا ڪري وجهنديون هيون. ڪاريگر گهڻن رنگي ڪاشيءَ جي سرن جا ٽڪرا ملائي گلڪاري وارا ۽ اليڪي وارا نوان نمونا جوڙي وٺندا هئا، جن کي ليٽيل سنوت وارين ٻارين ۾، بنيادن وٽ، ونگدار ٻارين ۾، چؤڪـُـنڊي ٻارين ۾، چؤڪنڊن جارن ۾، ونگن جي ونگڙن ۽ نـُـڪرن ۾، ڪنڊاون محرابن ۾، محرابن ۽ درن، درين ۾ ٿي استعمال ڪيو. ٻيو ته ٺهيو، پر خطاطي به ڪاشيءَ جي سرن تي ڪئي ويندي هئي. ڪاشيءَ جي سر ٺاهڻ جو هنر به ان دور ۾ ٺٽي ۾ واقف ڪرايو ويو. ان دور کان پوءِ به هيءُ هنر هتي ڏاڍو وڌندو ۽ ويجهندو رهيو. اهڙو هنر ارغونن ۽ ترخانن سان گڏ آيو، جنهن جو جنمي رشتو هرات جي تيموري اڏاوت جي فني طرز سان آهي. ان جو گهڻو تڻو رنگ نيرو ۽ سفيد آهي. واڱڻائي ۽ ڦڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ملي ٿو. چٽساليءَ جون طرزون گهڻو ڪري گل ٻوٽي سان تعلق رکن ٿيون. انهيءَ طرز جو ٺٽي سان ۽ سنڌي ڪاشيءَ جي سر سان به گهٽ لاڳاپو آهي.

شيخ جيئي جو مقبرو

شيخ جيئو،1 شيخ نعمت الله جو پٽ هو. ملتان جي مشهور بزرگ شيخ بهاؤالدين زڪريا جي اولاد مان هو. سمجهه ۾ اچي ٿو، ته شيخ نعمت الله سما سلطانن جي ڏينـهن ۾ ٺٽـي آيو. شيـخ جيئي جو مقـبرو سـرن جـو ٺهيـل آهـي (نمبر 120)

تصوير 120 - شيخ جيئي جي پڪ سرائين ۽ گچ جو ليپو ڏنل مقبري جو ڏکڻيون ٻاهريون پاسو، جنهن جي کاڄي ويل ڇت ۾ اڀيءَ طرز جا خانا ۽ هم چورس جارا آهن. در ۾ پٿر جو چؤڪاٺو لڳل ڏسجي ٿو. ان سان گڏ هڪ ننڍو ونگائون لنگهه به آهي، جتان گذري ڏاڪڻ تائين پهچي سگهجي ٿو. صفا مٿي محرابيءَ جهڙو اڌ - قبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

تصوير 121 - ارغون دور جو هڪ گمنام مقبرو، جنهن جي ٻاهرئين پاسي هڪ ٻئي اندر چؤڪنڊا خانا جوڙيا ويا آهن. ان کان سواءِ بنيادن کان وٺي وچئين حصي تائين پٿر جي اوساري ڏسجي ٿي. ڀت جي پٺئين پاسي محراب جي اوچي اڏاوت موجود آهي. هن تعمير جو تعلق 16 هين صدي عيسويءَ جي شروعات سان آهي.

بيهڪ ۾ هم چورس آهي. هرپاسي جي ماپ 50 فوٽ اٿس. ان عمارت جو ٻاهريون نظارو مڪلي ٽڪريءَ تي سما دور جي تعمير ٿيل مسجد جهڙو  آهي. ديوارون ٻاهرئين پاسي گچ سان لنبيل آهن. ناليسـَـرَ لنب کان خالي ڇڏيا ويا آهن. سامهون ڀت ۾ ڳڙکين جا نشان ڇڏيل  آهن ۽ ڀتيون پاڙ وٽ موڪريون آهن. مکيه لنگهه ونگ سان آهي. منجهس پٿر جو چؤڪاٺو پيل آهي. ان عمارت ۾ هيءَ ڄڻ ته هڪ قسم جي نواڻ آهي، جيڪا پراڻيءَ مسجد ۾ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. در جو پٿرانهون چؤڪاٺو لسو ۽ سادو آهي. در جي وچ تي هيٺ چانئٺ ۾ گول، چنڊ چيروليءَ (Moon Stone) جو ٺهيل آهي. ٻيو به هڪڙو لنگهه ساڄي پاسي ڏکڻ - اوڀر جي ڪنڊ تي مٿي ڏاڪڻ لاءِ آهي. ونگون ڪي سينڌ طرز جون، ته ڪي اڌ گول آهن، جيڪي سما دور کان اڳ واري عهد سان لاڳاپو رکن ٿيون. جڏهن ته ان مقبري جي ڀتين جي اوچائي سما دور جي ٻين جڳهن جي ڀتين کان ڪجهه سرس آهي. انهن

تصوير 122 - ارغون دور جي هڪ گمنام مقبري جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو، جنهن وچ تي لنگهه ڏسڻ اچي  ٿو. هن جي هر هڪ پاسي تي هڪ ٻئي مٿان ونگن سان خانا آهن. ونگائين لنگهه مٿان دري آهي، جيڪا ڀڳل آهي. هتي وڏيءَ ونگ جي نئين طرز ڏسجي ٿي. هيءَ عمارت 16 هين صدي عيسويءَ جي شروعات سان لاڳاپو رکي ٿي.

ڀتين جي مٿان ٺهيل اڌ قبيون ۽ ان جون محرابي ونگون اڃا تائين بچيون بيٺيون آهن، جيڪي هم چورس منڊپ کي اٺاس ۾ بدلائڻ لاءِ تعمير ڪيون ويون هيون. اولهه پاسي واريءَ ڀت ۾ هڪ سادو محراب آهي. هيٺ فرش جي سٽاءُ ۾ هيءَ عمارت سما دور جي پڇاڙي يا ارغون دور جي شروعات سان لاڳاپو رکي ٿي، جيڪو سورهينءَ صديءَ جو پهريون اڌ ٿي سگهي ٿو!

گمنام مقبرو

شيخ جيئي جي مقبري جي اتر طرف،پڪي روڊ جي پاسي سان، سرن جو هڪ مقبرو (نمبر 121) آهي. ونگدار ٻارين ۽ ٻاهرين مهاڙيءَ جي ٻي آرائش سبب گهڻو مشهور آهي ۽ دهليءَ 2 جي لوڌي اڏاوت جي مشهور طرز سان هڪجهڙائپ رکي ٿو. هيءَ هڪ قبي تي ٻڌل هم چورس اڏاوت آهي، جنهن جو هر ٻاهريون پاسو 28 فوٽ 4 انچ آهي. سندس پيڙهه وارو هيٺيون پاسو پٿر سان اوساريل آهي. مٿس لنب ٿيل ڪانه آهي. ان جي ٻاهرئين پاسي اُڀن کسڪن واري ناليسرن ۽ ونگن وارين پيٺل ٻارين جي ڪري اُس ۽ ڇانوري جو مختلف تاثر اڀري ٿو. ان عمارت کي رڳو ڏکڻ پاسي کان ونگ سان لنگهه آهي (نمبر 122). اوڀر ۾ اتر پاسي کان، مٿي ڀت تي دريون رکيل آهن. الهنديءَ ڀت ۾ محراب  جوڙيل آهن. لنگهه ۽ دريون، سرن جي چوڪنڊي هـُـريءَ جهڙي بـُـهري ۾ لڳل آهن. لنگهه جي هر هڪ پاسي ونگ سان ٻاري آهي. لنگهه ۽ درين جي مٿان هر پاسي کان هڪ دري آهي. اولي کان هيٺان ونگن سان ٻارين جي ٻي قطار آهي. اندرئين پاسي کان ڪمرو هم چورس آهي. ڀتيون گچ سان لنبيل اٿس. اولهه پاسي کان اڌ اٺ پاسائون محراب آهي. منڊپ جي ڪنڊن تي محرابن جون ونگون نظر اچن ٿيون، جيڪي چؤراس کي اٺاس شڪل ۾ بدلائن ٿيون. ٿلهي واري فرش تي پٿر جي قبر (نمبر 123) آهي. پٿرائين لوڙهٽ جي وٽ تي ارغون دور سان لاڳاپيل اوڀڙ واري اُڪير ٿيل آهي. مٿئين پاسي جي وٽ تي به اهڙي چترڪاري ٿيل آهي. سيرانديءَ کان حاشيه اندر نسخ خط ۾ رڳو ’الله‘ لکيل آهي. پيرانديءَ کان فارسي لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پٿرانهين لوڙهٽ جي ڊگهي لام وارن پاسن تي قرآن شريف جي آيت الڪرسـي لکيل آهي. آيت

تصوير 123 - ارغون دور جي گمنام مقبري اندر پٿرانهين لوڙهٽ آهي، جنهن جا ٻه طبقا آهن. هن قبر تي اُڪير جي ٻن نموني چٽساليءَ جي وچ تي عربي تحرير آهي.

جو اڌ هڪ پاسي ۽ اڌ ٻئي پاسي تحرير ڪيل  آهي. صفا مٿان قرآن شريف جون ٻيون آيتون به لکيل آهن. لوڙهٽ تي سورج مکيءَ، ڪنول گل يا زنجيريءَ جي ڪابه طرز موجود ڪانه آهي. اُڪير واري چٽن جي طرز جي نقطه نگاه کان ان عمارت کي سورهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ ڄاڻائي سگهجي ٿو.

ست چڙهڻي

سرن جي عمارت، جنهن کي ست چڙهڻيءَ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، سا مرزا عيسيٰ خان ترخان I جي مقبري جي اتر ڏانهن موجود آهي. هيءَ عمارت پنهنجي نقشي ۾ لاثاني آهي. پير حسام الدين ان عمارت کي خسروءَ جي رانئڪ سڏي3 ٿو. خسرو خان چرڪس ترخان دور (1554ع - 1612ع) ۾ شهرت جي بلندين تي پهتو، پر مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ جڏهن مغلن ٺٽي تي حملو ڪيو، ته سندس اقتدار ۽ اختيار ۾ اڃا به ڪجهه واڌارو آيو. مرزا غازي بيگ جي گورنريءَ جي ڏينهن ۾ خاص طور 1001 هه/1592ع کان 1017هه/1608ع4 تائين پنهنجي طاقت جي انتها تي وڃي پهتو. جڏهن مرزا غازي بيگ قنڌار ۾ موجود هو، ته سندس غير موجودگيءَ ۾ ٺٽي اندر خسرو خان چرڪس اڇي ڪاري جو مالڪ هو ۽ کانئس ڪير به پڇڻ وارو ڪونه هو. موجوده اڏاوت جوڙائڻ جي عام روايت هن ڏانهن منسوب ٿيل آهي. ست چڙهڻي پنهنجي نقشي ۾ هم چورس آهي، پر سندس ڪنڊون ڪجهه ماريون ويون آهن (خاڪو 6). ڪـُـنڊن جي ڪاٽجي وڃڻ کان  پوءِ عمارت ڄڻ ته اَٺ ڪنڊي معلوم ٿئي ٿي. هرهڪ وڏي پاسي جي ماپ 47 فوٽ 6 انچ آهي ۽ ڪپيل ڪنڊن جي پاسن جي ماپ 11 فوٽ 9 انچ آهي. عمارت اتاهين ٿلهي تي جوڙيل آهي. مهاڙي پٿرائين اٿس. ونگن سان چار لنگهه اٿس، جيڪي هر پاسي کان هڪ ئي ترتيب سان آهن. ونگون ڪشاديون ۽ سينڌ طرز تي  آهن. لنگهه جي هر پاسي تي مٿي وڃڻ لاءِ ٻه ڏاڪڻيون آهن. حساب پٽاندر ڪل اَٺ ٿين ٿيون. پر عوامي روايت پٽاندر ان جڳهه جو نالو ست چڙهڻي آهي، يعني اها جڳهه جنهن کي ست ڏاڪڻيون هجن. اهو به امڪان آهي ته اٺين ڏاڪڻ گند ڪچري يا ڀنجهوءَ جي ڀراءَ ۾ لڪل هجي ۽ ست ظاهر هجن، ان ڪري اهوئي نالو پئجي ويو هجيس! اهو به ٿي سگهي ٿو، ته چئن پاسن کان، ڌرتيءَ جي سنوت کان وٺي مٿي ٿلهي تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ کي ست ڏاڪا آهن. مکيه ونگ واري لنگهه جي مٿان اوچيءَ ونگ جي هيٺان هڪ بـُـهرو آهي (پليٽ 46). موجوده زماني ۾ بهري جي نيم قبو ڪـِـري پيو آهي. هر هڪ هـُـري/بهرو جي ماپ 12 فوٽ 3 انچ x 6 فوٽ 5 انچ آهي. هڪ هم چورس 6 فوٽ 8 انچ رستو اُڪيري بـُـهري جي ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿجي ٿو، جنهن جي ماپ 8 فوٽ 4 انچ x 5 فوٽ آهي. آخرڪار هڪ وچ واريءَ منڊپ ۾ پهچجي ٿو، جيڪو شڪل ۽ صورت ۾ اٺاس آهي. سندس هر پاسي جي ماپ 10 فوٽ 4 انچ آهي. چئن ڪنڊن تي ڪـُـنڊاوان محراب ٺاهيل آهن،  جيڪي فرش جي سنوت تائين هيٺ هليا وڃن ٿا. هر ونگ جي هيٺان لنگهه آهي، جيڪو ڪنڊن مليل ڪمرن ڏانهن کـُـلي ٿو. اهي ڪنڊن وارا ڪمرا به شڪل صورت جي لحاظ کان اٺاس آهن. ونگدار ٽي لنگهه هر پاسي ڏانهن کلن ٿا. وچئين منڊپ پنهنجي اصلي بناوت ۾ قبي سان ڍڪيل هئي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪنڊن وارن ڪمرن مٿان قبيون ٺاهي کين ڍڪيو ويو هو. ان جڳهه کي اصل ۾ پنج قبائين ڇت پيل هئي. وچيون قبو وڏو هو. باقي چوڌاري چار ننڍا قبا هئا. ٻاهرين مهاڙيءَ کان اٺن ئي پاسن تي سرن جي ٿلهين ڀتين اندر گهرا بـُـهرا به ٺهيل هئا ۽ ساڳيو حال هيٺ ايندڙ ڏاڪڻين جو هو.

تصوير 124 - ست چڙهڻي جو ڏکڻ  - اولهه پاسو، جنهن جي مکيه لنگهه واري ڏاڪڻ کي ست ڏاڪا آهن. جيڪي وچ تي نظر اچي رهيا آهن. بنيادن وٽ پٿرن جي اوساري ڏسجي ٿي. ڪنڊن وٽ ٽي محرابي لنگهه آهن. هن اڏاوت جو واسطو 16 صدي عيسويءَ جي آخري حصي سان آهي.

هيءُ جڳهه، مڪلي ٽڪريءَ تي پنهنجي قسم جي هڪ لاثاني عمارت آهي. جڏهن ٺهي پوري ٿي هوندي، ته هڪ اتاهين ۽ شاندار يادگار بڻجي پئي هوندي. ان جي اڏاوت هڪ مٿاهين ٿلهي تي ڪيل آهي، جنهن تي مٿي وڃڻ لاءِ چئن پاسن کان ستن ڏاڪن واريون ڏاڪڻيون جوڙيون ويون آهن. وچ واريءَ - منڊپ تي اُچو قبو ۽ ڪنڊ وارن ڪمرن تي ننڍا قبا اڏايا ويا  آهن. مٿي ڇت تي وڃڻ لاءِ اٺ ڏاڪڻيون آهن. مهاڙيءَ تي گـِـهريون هـُـريون  ٺهيل آهن، جنهن ڀت ۾ هڪ قسم جي هلڪائي ۽ نفاست پيدا ڪري وڌي آهي. اندرئين پاسي کان چار راهداريون آهن، جيڪي مکيه وچئين مـَـنڊپَ (Chamber) ڏانهن رهنمائي ڪن ٿيون ۽ اتان کان وري چار راهداريون ڪـُـنڊن وارن ڪمرن ڏانهن وٺي ٿيون وڃن. اهڙيءَ ريت اسان کي پنج هوا دار ۽ روشن ڪمرا ملن ٿا، جيڪي قبرن يا ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ جوڙايا ويا هئا. مقبرن لاءِ اهڙي وَرنَ جا مقبرا هندستان اندر تمام گهٽ ڏٺا ويا  آهن. مثال طور: تاج محل يا دهليءَ ۾ همايون جو مقبرو آهي. موجوده وقت ۾ وچينءَ منڊپ اندر ڪيتريون ئي گچ سان لـِـتلَ قبرون آهن.

خاڪو 6. مٿيون ست چڙهڻي تعمير جو نقشو آهي، جنهن ۾ پنج قبائين طرز جي نئين قسم جي عمارت ڏسجي ٿي. هن جڳهه جي اڏاوت جو تعلق سورهين صديءَ جي پوئين حصي سان آهي.

جيئن ته هيءَ جڳهه سرن سان بڻيل آهي ۽ اندرئين پاسي سونهن وڌائڻ لاءِ ڪاشيءَ جون سرون استعمال ڪيون ويون آهن (نمبر 125) پر اڄ ڪاشيءَ جي سرن مان ڪي ٿوريون وڃي بچيون آهن. اهي فقط اوڀارين لنگهه واري ونگ جي نـُـڪرن ۾ ۽ ڪجهه اوڀر - ڏکڻ واري ڪنڊ واري ڪمري ۾ رهجي ويون آهن. ونگ جي نـُـڪرن واريون وَٽيون سفيد هلڪي نيري رنگ جون آهن. جڏهن ته ڪاشيءَ جي سرن سان وڻ واري طرز جي گڏوچڙ چترڪاريءَ طرز تي چٽسالي ڪئي ويئي آهي ۽ آکڙي تصوير جي چوڌاري پن ول جي ڄڻ ته جهالر واري اُڻت ڪئي ويئي آهي. سندس تـَـرُ هلڪو آسماني آهي ۽ وَلِ جا موڙ سفيد رنگ جا آهن. هيءَ عمارت جـُـڙڻ ويل اندريون پاسو ڏاڍو من موهيندڙ ۽ اکين - ٺار هوندو.

باقي بيگ ازبڪ جي مقبري جي چوديواري

(1050 هه /1640ع)

هيءُ وانگاڙو ان دور جي عجيب اڏاوت آهي (پليٽ 47). ان قسم جي اڏاوت ۾ پٿر جي ڪاريگريءَ کي سرن جي ڪاريگريءَ ۾ بدلايو ويو آهي. ٻنهي ۾ هڪ جهڙي شيءِ اها آهي، ته ٻنهي ۾ قبر جا پٿراوان لوڙهٽ آهن، جن تي ترخاني دور وانگي ساڳيءَ قسم جي عربي لکت ۽ اُڪير جا به ساڳيـا نمونا آهـن. ڄاڻايل وانگـاڙو طغرل بيگ جي ڇٽيءَ ۽ مرزا  عيسيٰ خان ترخان II جي رانئڪ جي وچ تي آهي. ان جي اڏاوت ڀراءَ پيل ٿـَـلهي تي ڪيل آهي ۽ مهاڙيءَ تي پٿر استعمال ڪيو ويو آهي. اندرئين پاسي کان سندس ماپ 75 فوٽ x 69 آهي. ڊگهو پاسو اوڀر کان اولهه طرف آهي. ڀت 2 فوٽ ساڍا 3 انچ ٿـُـلهي آهي. وانگاڙي (نمبر 131) ۾ اندر اچڻ واسطي اوڀر پاسي کان اُتانهون ونگدار لنگهه آهي. ان لنگهه مٿان اوچي چؤڪنڊي اڏاوت آهي، جنهن مٿان ڪاشيءَ جي سرن جو استعمال ڪيو ويو هو، پر هاڻي اهي غائب آهن. ان وانگاڙي جي اتر ۽ ڏکڻ

تصوير 125 - ست چڙهڻيءَ جي اَٺ ڪنڊي منڊپ (Hall) جنهن جي فرش تي گچ سان لنبيل قبرون آهن، هر ڪنڊ تي هڪ وڏو محراب موجود آهي. هنن محرابن کي ڪاشيءَ جون سرون هڻي خوبصورت بڻايو ويو آهي. هتي ونگ سان هڪ لنگهه آهي. جتان گذري ڀر واري ڪمري ۾ وڃي سگهجي ٿو. مکيه لنگهه واري ونگ واري خاني جي نـُـڪرن ۾ ڪاشيءَ جون چمڪدار سرون لڳل ڏسجن ٿيون.

تصوير 126 - دبگير مسجد جي مکيه ونگائين لنگهه جي ٻاهرئين پاسي واري ونگائين خاني ۾ سونهن سنجٽ لاءِ ڪاشيءَ جون چمڪڻيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. جيڪي ڏندائين ونگ (Multi Cusped Arch) ۾ موجود ڏسجن ٿيون. هن چٽساليءَ طرز جي مرڪزي تصوير ائين آهي ڄڻ ڪا ڪوراڙ بلا وڪڙ هڻندي وڃي رهي آهي. هن اڏاوت جو تعلق 1588ع واري دور سان آهي.

تصوير 127 - مرزا جاني بيگ جي مقبري واري چؤديواري ۾ در جهڙو لنگهه، جنهن تي عربي لکت آهي، جيڪا در جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. ان سان گڏ خانن جو هڪ سلسلو آهي. اهڙيءَ ريت هڪ چهنبدار ونگ اندر گلن جي طرز واري چٽسالي رکيل ڏسجي ٿي.

تصوير 128 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جو نقشو، جنهن ۾ اٺ ڪنڊي مقبري کي پٿر جي چؤديواري وانگاڙو آهي. جنهن کي اوڀر کان لنگهه ۽ اولهه پاسي کان ڀت ۾ محراب جوڙيو ويو آهي. هن مقبري کي چار لنگهه آهن. ٽن ڪـُـنڊن ۾ ٽي هر ٻينءَ ۽ چوٿينءَ ڪنڊ ۾ ڏاڪڻ جوڙيل ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو زمانو 1601ع آهي.

تصوير 129 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جو اڌ حصو، جنهن ۾ سونهن ۽ سنجٽ لاءِ خانن ۾ ڪاشيءَ جي سر کي ڪتب آندو ويو آهي. ڇت ۾ گڏيل وچڙيل ونگون ۽ ڪنڊڙو Zig Zag چٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

وارن  پاسن کان بند ونگدار لنگهه آهن، انهن جي هر پاسي ونگن سان چار دريون ۽ اندرئين پاسي هر ڪنڊ وٽ نيم اَٺاس هـُـري بنايــل آهي. اڱڻ جـي ٻڌل فرش ۾ ڪـلان ڪوٽ مـسجد جيان سـرن جو چـؤنڪو هنيو ويو آهي (ڏسو باب 11). ڀت جي ٻاهرئين پاسي ۾ به ونگن سان ٻاريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ انهن سان گڏ دريون به آهن. انهن جي مٿان ڪارنس جي سنوت ۾ ليڪو نڪتل آهي. (نمبر 130). اولاهين ڀت جي وچ تي چـُـوڪنڊ پيش طاق لڳل آهي، جنهن کي عملي طور پٺيان واري قبي ڍڪي ڇڏيو  آهي. ان پيش طاق جي هر پاسي (پليٽ 47) تي هڪ ٻئي جي مٿان ونگن سان ٻهَ ٻهَ ٻاريون آهن. ٿورو اڳڀرو، وچئين وڌاوڙي ۽ اڌ اَٺَ ڪـُـنڊي هـُـريءَ جي وچ ۾ اندران ٻه جارا به آهن ۽ ان کان پوءِ سڄي ڀت پوري ٿي وڃي ٿي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو، ته اڏاوت وقت سڄيءَ اوڀارين مهاڙي ۽ وَٽين کي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريو ويـو آهي. اهڙيءَ ريت ونگن جي نـُـڪرن کـي ڪاشيءَ جون سرون هڻـي سينگاريو ويو آهي. سرن جو رنگ گڏيل نموني تي آسماني آهي. وچينءَ وڏيءَ ونگ جي مٿان اوچي چؤڪنڊي ٻاري  آهي جنهن جي هم چورس مانڌاڻي نشانن جي اُڪير ٿيل  آهي. هيءُ وڏي  ونگ وارو لنگهه ننڍي ونگ جي کليل بـُـهري ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جيڪو نماز واري ڪمري ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو مکيه قبي وارو منڊپ پڻ آهي. ٻنهي

تصوير 130 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جي مقبري جي چوديواري ۾ اولهه پاسي تعمير ڪيل قبائين مسجد جي محراب جو پٺيون پاسو، جنهن ۾ اٺ ڪنڊي ڏيڍي (Drum) جي مٿان مخروطي قسم جو قبو تعمير ڪيو ويو آهي ۽ ڪارنس وٽ ڪنگرين يا ڏندڙن جي قطار آهي. هن تعمير جو تعلق 1050هه / 1640ع جي دور سان آهي.

تصوير 131 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جي مقبري جي چوديواري جو مجموعي منظر، جنهن ۾ اوڀر پاسي واريءَ ڀت ۾ لنگهه تعمير ڪيو ويو  آهي. اولهه پاسي کان ديوار ۾ خانا آهن، جيڪا سڄي ڪـِـري ڀڄي ڀـُـري وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org