تصوير 40 - ڄام فتح خان جي ڀيڻ جي مقبري جي ڇت جو اندريون پاسو،
جنهن کي ورن وڪڙن واري چٽساليءَ جون قطارون ڏسجي
رهيون آهن. ڪنڊن کي ننڍي قسم جون محرابيون آهن،
جنهن سان گڏ وڌيڪ ننڍڙيون محرابيون ڏسڻ ۾ اچن
ٿيون. ص 60
تصوير 41 - فتح خان ولد ڄام نظام الدين جي ڀيڻ جو هم چورس پڪ
سـِـرو مقبرو، جنهن جي اوڀر پاسي واريءَ تعمير ۾
ڪي اضافي محرابيون جوڙيل آهن. ان کان سواءِ مختلف
خانا ۽ پٿر جي چؤڪاٺن وارو لنگهه ڏسجي ٿو، جيڪو
ونگ سان آهي. هن تعمير جو واسطو 898 هه ۽ 1492
عيسويءَ سان آهي. ص 60
تصوير 42 - سادو محراب ڏسجي ٿو، جنهن جي ساڄي پاسي هيءَ عربي
تحرير آهي:
هذا المقام للرجي اليٰ رحمته الله تعاليٰ تمهيد العمارت باامر
تاج الدنيا والدين. ميان تاج الدين همشيره ميان
فتح خان بن سلطان نظام الدين شاهه خلد ملڪه و
السطلنته في سن تهمن و سب ان و تهمن مي اهوا در
ماهه ربيع الاول روز پنج شنبه. ص 61
تصوير 43 - قائوس سلطان
(Qaus - as - sultani) جي مقبري جو محراب، جنهن جي ٻنهي پاسي خوبصورت پاوا
نظر اچي رهيا آهن. محراب کان چؤڪنڊن خاني ۾ هم
چورس چٽ جي قطار آهي. ص 62
تصوير 44 - قائوس سلطاني جي مقبري جو ڏاکڻيون ٻاهريون پاسو،
جنهن جي وچ تي ونگ سان لنگهه ڏسجي ٿو. منجهس پٿر
جي چؤڪاٺو آهي. پاسن کان ونگن سان هڪ ٻئي مٿان ٻه
ٻه خانا آهن، جيڪي ديوار کان ٻاهر لڪل درين کان
مٿان آهي. مٿين خانن اندر مخروطي قسم جي چٽسالي
موجود آهي. جڏهن ته پلويڙي کي سرن جي ڏندي هڻي
خوبصورت بڻايو ويو آهي. هن اڏاوت جو دور 919 هه ۽
1513ع آهي. ص 63
تصوير 45 - قائوس سلطاني جي مقبري جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو،
جنهن ۾ وچ تي نظر ايندڙ لنگهه ۾ پٿر جو ٿنڀو
کـُـتل آهي. هن لنگهه جي کاٻي ۽ ساڄي ونگ سان
ٻاريون آهن. هن تعمير جي صفا ساڄي پاسي به هڪ
لنگهه آهي جتان گذري ڏاڪڻين ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. ص
63
تصوير 46 - قائوس سلطاني جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن جي
سامهون واري پاسي جو وچ ٻاهر تي نڪتل گگهيءَ نموني
جو آهي، جنهن جي درين ۽ ڀت ۾ پٿر جو وڏو پائو لڳل
آهي. سنجٽ واري لوڙهٽ، جهالر واريون ونگون هيٺ
بنياد ۾ گلن جي اُڪير آهي ۽ ڪرنگهائين لوڙهٽ لکت
سان آهي. جن جي مٿينءَ ڪنڊ ۾ تعمير ٿيل محرابيءَ
هيٺان آهن. ص 64
باب ٽيون
پليٽ 14 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جو
اولاهيون پاسو، جنهن جي وچ تي محراب نظر اچي رهيو
آهي. مقبري جو پشتي جهڙو هيءُ حصو ڏاڍو خوبصورت
آهي. هن پـُـشتي
(Butress)
۾ ڪم آندل پٿر تي نهايت نازڪ ۽ هنج ٽـُـڪ ٿيل
چٽسالي ڏسجي ٿي. هن مقبري جي ڏکڻ ۾ ڄام تماچيءَ جو
مقبرو آهي (؟). لکت پٽاندر ڄام نظام الدين جي
مقبري جي تعمير جو لاڳاپو 1509 صدي عيسويءَ سان
آهي. ص 67
پليٽ 15 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي محراب واري ٻاهرئين پاسي
جو پـُـشتو
(Butress)
ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين هيٺئين حصي ۾ ڪارنس
جهڙي وَٽِ
(Moulding)
آهي. ان کان سواءِ ونگن سان خانا
(Arched panels) آهن. وچ واري حصي ۾ ڪنڊن وٽ نفيس چٽسالي وارا سخارا
(Sikhara)
اُڪيريل خوبصورت پاوا، ڇـَـڄي نموني جهلون
(Brackets)
آهن، جيڪي پـُـشتي تعمير سان اڳتي پوئتي ڦـُـرترا
هلن ٿا. جڏهن ته مٿئين حصي ۾ جهروڪو ڏسجي ٿو. هي
ڄام نظام الدين مشهور سمي سلطان جو مقبرو آهي،
جنهن 1460ع کان 1508ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي.
ص 65
پليٽ 16 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي اولاهين مهاڙيءَ جو
ڏاکڻيون اڌ، جنهن ۾ در جي چوڌاري خوبصورت اُڪير
ڏسجي ٿي. جڏهن ته محراب جي مٿئين حصي کي ٽي دريون
نظر اچي رهيون آهن جيڪي ڏاڪڻ جي روشنيءَ جي مقصد
لاءِ رکيون ويون آهن. ص 66
پليٽ 17 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مقبري جي اولهه
پاسي محراب ڀت جو اتريون پاسو، جنهن تي هڪ خوبصورت
اُڪير واري چٽساليءَ جي پٽي آهي، جيڪا نازڪ ۽ نفيس
عربي ڪتابت جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. مٿان بدڪن جي
قطار آهي. ص 67
پليٽ 18 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مقبري جو
اندريون پاسو، جنهن ۾ هر ڪنڊ ۾ محرابي ۽ جهـَـلنُ
وارن لٽڪڻن
(Brackets Pendentive)
جي تعمير ٿيل آهي. مٿي ونگن واري لٽڪڻن ۽ خوبصورت
اُڪير جي قطار آهي. هيٺ تري ۾ به اُڪير جي ساڳي
قطار ڏسجي ٿي، جيڪا اڻ پوري آهي. ص 68
پليٽ 19 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مقبري جي
اندرئين پاسي وارو محراب، جنهن جي ٻنهي پاسن کان
سنڌي طرز جا نهايت خوبصورت پاوا نظر اچي رهيا آهن.
محراب ۾ هڪ ٻئي مٿان ٽي ونگون آهن. جيڪي نهايت
خوبصورت آهن. ص 69
پليٽ 20 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري اندر
رکيل محراب واري ڀت، جنهن ۾ محراب واضح نموني سان
نظر اچي رهيو آهي. مٿئين پاسي ٻاهر نڪتل جارو آهي،
جنهن جي ٻنهي پاسن کان پاوا لڳل آهن. ص 69
پليٽ 21 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جو
اولاهيون سامهون وارو پاسو، جنهن جي مٿئين پاسي
واري چٽساليءَ جي قطار مڪمل ڪانه آهي، ان جي ڏکڻ
پاسي چوديواري اندر سمن جون قبرون آهن، جيڪي پٿر
جون آهن. قبر جي سيرانديءَ کان لڳل پٿر تي تاج
اُڪيريل آهي ۽ پاسن تي کجيءَ جي وڻ جي اُڪير واري
چـِـٽُ ٿيل آهي. ص 70
تصوير 47 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو مقبرو اندرئين
اترئين پاسي محراب جي پـُـشتي تي ڪجهه مٿڀرو قبيءَ
جهڙي ننڍڙي اڏاوت آهي جنهن جي ڇت ۾ پاسراٽين جهڙي
چٽسالي نظر اچي ٿي. ڪنڊن تي ننڍيون محرابيون آهن.
ونگن سان ٻارين جي ٻي قطار ۽ سڌي سنوت ۾ اُڪير جون
ڪجهه سهيڙون آهن. تعمير جو دور 1509 صدي عيسويءَ
آهي. ص 72
تصوير 48 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جو
ٻاهريون اتريون ۽ ڏاکڻيون پاسو، جن کي اُڪير جون
هڪ جهڙيون پٽيون نظر اچن ٿيون. اُتي اتر ۽ اولهه
پاسي کان لنگهه آهن، جن ۾ پٿر جا چوڪاٺا لڳل آهن،
جيڪي هاڻي بند آهن. ص 73
تصوير 49 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي
اترين الهنديءَ ڀت جو ٻاهريون پاسو جنهن جي ساڄي
طرف هڪ در، ٽي دريون، وچ تي ٽن طبقن وارو محراب
جو پـُـشتو ۽ اولاهينءَ ڀت تي اُڪير جون چوڏنهن
قطارون. ص 73
تصوير 50 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي
اولاهين ڀت جي ٻاهرئين پاسي تي ۽ محراب کان اتر
طرف وچ تي عربي تحرير آهي. اُڪير جي هڪ پٽيءَ ۾
بدڪن جي قطار آهي، جنهن جي چهنبن ۾ ڪنول گل جهليل
آهي. ان کان سواءِ محراب جي پشتي تي ڪنڊ تي نفيس
اُڪير وارا سخارا به ڏسجي رهيا آهن. ص 74
تصوير 50 - الف - تصوير 49 ۾ نظر ايندڙ درين جو سلسلو موجود
ڏسجي ٿو. ص 75
تصوير 51 - محراب جي پـُـشتي جي ڏکڻ ڏس کان وچون حصو، جنهن تي
ڪنڊ ۾ ورن وڪڙن
(Curvilinear)
تي سخارا
(Sikhara)
ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ان کان سواءِ ونگن واريون
ٻاريون آهن، جيڪي اُڪيريل خوبصورت ننڍڙن ٺلهن جي
وچ تي ڏسجن ٿيون. صفا کاٻي پاسي مٿي ڇڄي نموني
جهلون آهن، جيڪي ور وڪڙ ڪندا هلندا وڃن ٿا. ص 75
تصوير 52 - محراب جي پشتي جو مٿيون اولاهيون پاسو، جنهن ۾ ونگن
سان ٻاريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انهن جي ٻنهي پاسن کان
هيٺان ننڍا سخارا آهن. مٿئين پاسي ونگ سان جهروڪو
آهي، جيڪو ڇڄن جهڙين جهلن جي آڌار تي بيٺل آهي. ص
75
تصوير 52 - الف - ڇڄي جهڙي جهل ڏسجي ٿي، جيڪا ور وڪڙ ڪندي اڳتي
هلندي وڃي ٿي. ص 75
تصوير 53 - محراب جي پـُـشتي جي وچ تي خوبصورت ونگائي ٻاري آهي.
ان کان سواءِ پٿر جا پاوا آهن جيڪي نهايت نفاست ۽
نزاڪت سان اُڪيريا ويا آهن. هن کان ڇڄي جهڙا واڏڪ
۽ امليڪي گلن واري چٽ سان اُڪير ٿيل آهي جيڪا
اندرئين پاسي ڏسجي رهي آهي. ص 76
تصوير 53 - الف - صفا مٿئين پاسي رکيل دريون. ص 76
تصوير 54 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي
اولاهينءَ ڀت جي وچ تي لنگهه وارو در، جنهن تي
نئين قسم جي اُڪير واري چٽسالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي،
جيڪا اسلامي روح جي نمائندگي ڪري ٿي. هي در اسلام
کان اڳ واري سنڌي زماني سان پڻ لاڳاپو رکي ٿو، پر
ان ۾ ڪي واڌارا آڻي هڪ وڻندڙ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽
هڪ مسلمان حڪمران جي جڳهه ۾ ڪتب آندو ويو آهي. ص
79
تصوير 55 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي
اولاهين ڀت جي هيٺئين اڌ ۾ رکيل دروازو، جنهن جي
چانئٺ وٽ ”دونون“
(Sill)
ڏسجي ٿو. پاسن کان سورج مکي جا اُڪير ٿيل جٽ آهن.
چانئٺ وٽ هنيل دونون نرم سفيد پٿر
(Moon Stone)
جو آهي جنهن جي مٿئين پاسي گل ۽ پاسن کان انگڙ
ونگڙ تي اُڪير ۽ گول دائرا آهن. چانئٺ وٽ "دونون"
هڻڻ جي روايت اسلام کان اڳ واري سنڌي اڏاوتي دور
سان تعلق رکي ٿي. ص 79
تصوير 56 - اترين ڀت جو ٻاهريون پاسو، جتي هڪ در ٺهيل ڏسجي ٿو
پر اهو پوءِ بند ڪيو ويو آهي، جنهن جي سامهون قبر
نظر اچي رهي آهي. اولهه واريءَ ڀت کان اُڪير جون
پٽيون آهن، جيڪي هلنديون اچن ٿيون. سردر تي هڪ
تاريخي لکت موجود آهي. ص 79
تصوير 57 - اوڀر واري ڀت جو ٻاهريون پاسو، جنهن ۾ مٿي ونگ سان
هڪ دري آهي ۽ هيٺ جافري سان دري ڏسجي ٿي. اتر
واريءَ ڀت کان اُڪير واري چٽساليءَ سان خوبصورت
پٽيون آهن جيڪي هلنديون آيون آهن. ص 80
تصوير 58 - اترينءَ ڀت تي نظر ايندڙ سنجٽ ۽ سونهن هتي بدڪن جي
اُڪيريل قطار بدران پٿر جي ٽڪ جون ٻيون طرزون پڻ
آهن، جيڪي هتان جي قديم سنڌي روايتن تان ورتيون
ويون آهن. ص 80
تصوير 59 - اتر واريءَ ڀت جي هيٺئين پاسي جي اُڪير ۽ سنجٽ، جنهن
۾ هم چورس اُڪير واري ڏاڪڻ وانگر رکيل آهي، جيڪا
هڪ گل جي قطار جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. ان کان پوءِ
وري به گل جهڙي اُڪير جي قطار آهي، جنهن جي چوڌاري
هم چورس اُڪير واري چٽن جي طرز ڦري اچي ٿي.
در جي چؤڪاٺي جي چوڌاري به گول دائري جي پٽي آهي.
ص 84
تصوير 60 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي
اوڀارين مهاڙيءَ جي اُڪير جي چٽساليءَ واري
خوبصورتي، جنهن ۾ عربي تحرير جي فن خطاطيءَ جو
ڪمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جو سلسلو اتر پاسي کان
هلندو ايندو ڏسجي ٿو، جيڪو مٿي نظر ايندڙ ونگائي
دريءَ جي ٻنهي پاسن کان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ص 84
تصوير 61 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي
اوڀارينءَ ڀت ۾ جافري لڳل دري ڏسجي ٿي. جنهن ۾
چٽساليءَ جا اٺڪـُـنڊا آهن، جيڪي دريءَ جي
ونگائينءَ جاريءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. صفا مٿئين پاسي
هڪ گل جي چٽساليءَ واري طرز آهي. هن چؤڪنڊي خاني ۾
ونگائي جافري ڪري اهڙا ٽڪنڊا
(Spandrels)
ٺهي پيا آهن، جن جون ڪنڊون هڪ ٻئي کان گهٽ وڌ آهن.
جن ۾ چٽساليءَ جا نمونا به مختلف آهن. جيڪي امليڪي
۽ ڪٿي گڏوچڙ امليڪي ۽ اليڪي چٽ آهن. ص 85
تصوير 62 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي
اوڀارين مهاڙي جي مٿئين پاسي جي اُڪيريل چٽسالي،
جنهن ۾ خوبصورت طرزن جون ٽي قطارون آهن. جن ۾ عربي
تحرير به شامل ڪري سگهجي ٿي جيڪا دري وٽ پهچڻ کان
اڳ پوري ٿي وڃي ٿي. ص 86
تصوير 63 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي
ڏاکڻين ڀت جي مهاڙيءَ جي مٿئين پاسي وارو حصو، جتي
مٿئين حصي جي اُڪير جي طرز جي فقط هڪ قطار ڏسجي
ٿي. جيڪا هلندي وڃي ڇيڙي تائين پهچي ٿي. باقي ٻيون
قطارون پوئتي کـُـٽي وڃن ٿيون. چوڌاري ڦري ايندڙ
پتيءَ
(Freeze)
وارن چٽن جون ٽي طرزون آهن، جيڪي اتر ۽ اوڀر واري
پاسي کان ڦري اچن ٿيون. اصل ۾ اهي طرزون بدڪن جي
جاءِ تي رکيون ويون آهن، پر پوءِ به اڻ پوريون
آهن. ڄام نظام الدين جي مقبري جي اوڀارينءَ مهاڙي
۾ نظر ايندڙ لنگهه ۾ رکيل پٿر جو چؤڪاٺو، جنهن کي
پٿر جي اوساري ڪري اڌ بند ڪيو ويو آهي. چؤڪاٺي جي
پاسن تي گول چٽ مٿئين پاسي عربي تحرير ۾ چانئٺ وٽ
نرم سفيد پٿر
(Moon Stone) جو دونون
(Sill)
لڳل آهي. چـَـؤڪاٺي ڀرسان جارو به رکيو ويو آهي. ص
86
تصوير 64 - ڏاکڻين لنگهه ۾ لڳل پٿر جو چؤڪاٺو، جنهن کي پٿر جي
اوساريءَ سان اڌ بند ڪيو ويو آهي. جنهن جي وٽ سان
امليڪي ڏوريءَ جهڙي اُڪير ۽ سردر تي عربي تحرير
ڏسجي ٿي. جڏهن ته چانئٺ وٽ اڇي نرم پٿر جو ”دونون“
(Sill)
لڳل آهي. چؤڪاٺي جي تري ۾ جارو ٺاهيو ويو آهي،
جنهن ۾ هيري ڪـَـڻِ
(Diamond)
طرز جي اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي. ص 87
تصوير 64 - الف - محراب جي اندرئين پاسي چٽساليءَ جو سلسلو. ص
87
تصوير 65 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري ۾
اولاهين ڀت ۾ رکيل محراب اندر ڪنڊ واري محرابيءَ
(Squinch)
۾ ڇڄي وانگي پٿر رکيل آهن، جنهن جي آڌار تي
محرابيءَ جي ونگ بيهاري وئي آهي ۽ محرابيءَ اندر
ڇڄي جهڙو هڪ پٿر لڳل آهي جنهن هيٺان لٽڪڻو
(Pendentive)
هنيو ويو آهي. ص 88
تصوير 66 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري اندر
تعمير ٿيل مکيه محراب جي مٿان جهلن جهڙي ڇڄي جي
آڌار تي بيهاريل جارو آهي، جنهن جي اندرئين پاسي
به چٽسالي آهي. مٿئين پاسي وَرَ وڪڙ وارن جهلن
مٿان ڇڄن جي اڏاوت ٿيل آهي. ڄاڻايل جاري جي ٻنهي
پاسن کان سڌيءَ سنوت ۾ ونگن سان خانا آهن. ص 89
تصوير 67 - اولهه وارو محراب، جنهن مٿان هڪ ٻئي هيٺان ٽي ونگون
آهن. محراب جي ٻنهي پاسن کان پٿر جا خوبصورت پاوا
ڏسجن ٿا. ٽئين ونگ هيٺان ٻٽاپاوا آهن. وچئين ونگ
جي بنيادن وٽان هڪ اهڙي شيءِ اڀرندي نظر اچي ٿي،
جيڪا سڃاڻي ڪانه ٿي سگهجي. هيءَ اهڙو طريقو آهي،
جنهن ۾ ديوار ۾ ڇڄي وانگي ٻنوڙو
(Corbelled)
رکي ونگ ٺاهي ويندي آهي. ص 90
تصوير 68 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري ۾ ٺاهيل
محراب جي ٻاهرين پاون جا خوبصورت، نازڪ ۽ نفيس
اُڪيريل وارا چٽ ۽ هم چورس بنياد تي بيٺل ونگن
وارا خانا نظر اچي رهيا آهن. پاون جا مٿيان پاسا
مٿي رکيل ٻن ٿانون جهڙي چٽن واري طرز وٽ پهچي ختم
ٿين ٿا. پاون جي هيٺئين پاسي تاج جهڙي طرز جو چٽ
آهي، جيڪو گلن جهڙي طرز جي اُڪير جو هڪ تسلسل آهي.
ص 90
تصوير 68 - الف - محراب جي اندرئين پاسي چٽسالي جو تسلسل. ص 90
تصوير 69 - محراب جي ڏاکڻين مهاڙيءَ جو ٻي ۽ ٽئين ونگ جي وچ
وارو حصو، جنهن ۾ مٿين ٻن ڀتين ۾ عربي تحرير ڏسجي
ٿي. هيٺئين پاسي به اُڪير جون مختلف طرزون آهن. وٽ
واريءَ مٿئين چٽسالي ۽ هم چورس طرز جي اُڪير جي وچ
تي وڻ - چٽ آهي. ان کان سواءِ هم چورس چٽ جي وچ ۾
گل جي طرز واري چٽساليءَ ڏسجي ٿي. ص 91
تصوير 70 - محراب جي اندرئين ٻي ۽ ٽئين ونگ جي وچ واري حصي جي
خوبصورت چٽسالي، جنهن ۾ طرز جون اهي ساڳيون قطارون
ڏسجن ٿيون، جيڪي ڏاکڻين پاسي آهن، پر هن پاسي وڻ
جي اُڪير جا وڌيڪ نمونا ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي ڪنهن حد
تائين گجراتي اُڪير نموني سان ويجهڙائي رکن ٿا. ص
92
تصوير 71 - محراب جو صفا اندريون پاسو، جنهن جي هر پاسي تي ٻٽا
پاوا رکيل آهن. هڪ پاسي اهي ٻٽاپاوا هڪ ونگ کي ٽيڪ
ڏيون جهليو بيٺا آهن ته ٻئي پاسي ونگ جي مٿان نظر
ايندڙ خانو به انهن جي آڌار تي بيٺل ڏسجي ٿو.
سامهون وارو پاسو ونگن وارن ٽن خانن ۾ ورهايل آهي
جيڪي اُڀيءَ طرز جا آهن. ليٽيل سنوت ۾ اُڪير جي
طرز جون قطارون ڏسجن ٿيون، جن کي سنهڙا ٻنوڙا يا
وٿيون ڏئي الڳ ڪيو ويو آهي. ص 94
تصوير 71 - الف - محراب جي مٿئين پاسي عربي تحرير. ص 94
تصوير 71 - ب - مسجد اندر محراب. ص 96
باب چوٿون
پليٽ 22 - چؤديواري اندر ٺهيل مرزا باقي بيگ ترخان جي مقبري جي
محراب جو اندريون پاسو، جنهن جي صفا مٿئين حصي ۾
ڪنگرا اڏيل آهن. هيٺئين پاسي اُڪير جي سادي طرز
آهي. محراب سادو آهي، پر ان واري خاني جي ڪنڊن ۾
هڪ هڪ گل جي اُڪير ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ محراب جي
هر هڪ پاسي تي هڪ پائو موجود آهي. سامهون نظر اندر
قبر تي رکيل پٿر ترخاني طرز تي اُڪيريل آهن، جنهن
مطابق قبر جا پٿراوان لوڙهٽ مختلف ڀاڱن ۾ ورهائجي
ويا آهن (1584ع-1572ع). ص 97
پليٽ 23 - زنانين قبرن جي وانگاڙي جي لنگهه وارو در. هي زنانيون
قبرون مرزا باقي بيگ ترخان جي گهراڻي جي عورتن جون
آهن. هيءَ زناني چوديواري مرزا باقي بيگ جي مقبري
سان بعد ۾ شامل ڪئي وئي آهي. لنگهه جي پٿريلي
چؤڪاٺي تي ڏاڍي خوبصورت اُڪير ڪئي وئي آهي، جنهن
جي مٿان ڪنگرن جي تعمير ۽ ان جي هيٺان اُڪير جون
ٽن طرزن جون ٽي قطارون آهن. ص 98
پليٽ 24 - مرزا باقي بيگ جي وڏي چوديواريءَ اندر مردن جي قبرن
جي ننڍي چوديواري جي لنگهه جي در جو چؤڪاٺو، جيڪو
سادو نظر اچي رهيو آهي. تعمير جي مٿان ڪنگرا ۽
انهن جي هيٺان اُڪير جون ليٽيل سنوت ۾ ٽن نموني جي
چٽن جون قطارون آهن. ص 99
پليٽ 25 - بديع الزمان جي اَٺ - ٿنڀي ڇٽيءَ جهڙي مقبري جو
اندريون مٿيون پاسو، جنهن تي هڪ مور جي تصوير آهي،
جيڪو نانگ تي چڙهيو بيٺو آهي ۽ ڪاوڙ مان کيس ٺهنگا
هڻي رهيو آهي. تعمير جو تعلق 1602 صدي عيسويءَ سان
آهي. ص 100
پليٽ 26 - مرزا بديع الزمان جي مقبري جي ٻئي ٿنڀي جو اندريون
پاسو، جنهن تي مٿي ٻه بدڪون نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ
ٻئي ڏانهن منهن ڪيون بيٺيون آهن. ان کان سواءِ ٻين
پٿرن تي به ڪجهه چٽساليءَ جون طرزون اُڪيريل آهن،
جيڪي گهڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ ڳري ڇڻي ويون آهن.
ڪنهن طرز جو صحيح پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي. ص 100
پليٽ 27 - سلطان ابراهيم خان جي اولهه پاسي اٺ - ٿنڀي چٽيءَ
وارو مقبرو آهي، جنهن جي ٿنڀن تي ڪنهن به قسم جي
چٽسالي نه آهي، پر ان اندر موجود قبرن تي ترخاني
طرز جي چٽسالي ٿيل ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 16
هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 101
پليٽ 28 - ٿلهي تي طغرل بيگ جو ڇٽي نما مقبرو، جنهن جي اولهه
پاسي تي اُڪيريل مسجد آهي. ان جي ٻنهي پاسن کان
ننڍڙا مينارا تعمير ٿيل آهن. ڇٽيءَ جهڙو هي مقبرو
ٻارهن ٿنڀن تي بيٺل ڏسجي ٿو، جنهن ۾ اُڪيريل طرز
موجود آهي. ص 101
پليٽ 29 - مرزا طغرل بيگ جي مقبري جا هم چورس ماپ جا ٿنڀ، جن تي
چٽساليءَ جو خوبصورت نمونو نظر اچي ٿو ۽ سردر ٿنڀن
تي رکيل آهن. جڏهن ته ڪنڊن وارن ٿنڀن تي ٽي سردر
رکيل ڏسجن ٿا. هن مقبري ۾ اُڪير جي هڪ نئين طرز
نظر اچي ٿي. ص 102
پليٽ 30 - مرزا جان بابا جي مقبري جي چوديواري جي ڏاکڻي ۽
اوڀارين مهاڙي. ڏکڻ واري ڀت ۾ ٿنڀن جي مدد سان
ڏيڍي تيار ڪئي وئي آهي. لنگهه واري در جو مٿيون
پاسو اوچو آهي. ان جي پٺئين پاسي هڪ مقبرو ڏسجي
ٿو، جيڪو ڊهڻ کان بچي ويو آهي. ص 103
پليٽ 31 - مرزا جان بابا جي مقبري جي ڏاکڻئين اندرئين پاسي تي
نظر ايندڙ اُڪير. لنگهه جي در جي چوڌاري نظر ايندڙ
خاني ۾ هڪ بنا اُڪير جي پٿر جو چؤڪاٺو آهي جنهن جي
چوڌاري نهايت اعليٰ معيار جي اُڪير ڏسجي ٿي. ص 104
پليٽ 32 - مرزا جان بابا جي مقبري ۾ تعمير ٿيل محراب جو پٺيون
پاسو جنهن تي اعليٰ طرز جي اُڪير واري چٽسالي نظر
اچي ٿي. محراب جي اتر - اولهه واري ڪنڊ کي ڪيترن
ئي ونگاين ٻارين ۾ ونڊيو ورهايو ويو آهي، جن اندر
آکڙي طرز جي اُڀريل اُڪير سان گڏ ٻيون به چٽساليءَ
جون گلن جهڙيون طرزون آهن، جيڪي پاڻ ۾ گڏيل وچڙيل
آهن. ص 105
پليٽ 33 - مرزا جان بابا جي مقبري جي محراب جي ٻئين پاسي
اولاهين پاسي وارو مٿيون حصو، جتي ونگن سان ٽي
خانا ڏسجن ٿا ۽ هو هڪ خاني اندر آکڙي طرز سان پوپٽ
۽ گلن جهڙيون مختلف طرزون گڏيل وچڙيل صورت ۾ ڏسڻ ۾
اچن ٿيون. ص 106
پليٽ 34 - مرزا جان بابا جي مقبري جي اندرئين پاسي واري ڪنڊ،
جتي نظر ايندڙ ونگائن خانن اندر آکڙي طرز واري
چٽسالي موجود ڏسجي ٿي. تقسيم ڪرڻ وارن پيٽن ۾ به
هلڪي اڀريل آکڙي قسم جي ساڳي طرز رکيل ڏسجي ٿي. ص
106
پليٽ 35 - مرزا جان بابا جي مقبري جي ٻاهرين ديوار ۾ نظر ايندڙ
آکڙي طرز جي اُڪير وارا خانا - اهڙي آکڙي اُڪير
مٿان پوپٽ رکيو ويو آهي. طرز اڳئين جهڙي آهي. ص
103
پليٽ 36 - مرزا جان بابا جي مقبري جي محراب جو خوبصورت اندريون
پاسو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت پاوا رکيل
آهن. بتي ٻارڻ لاءِ ڇڄي جهڙي ڏياکي تعمير ڪئي وئي
آهي. ونگ جي اندرئين پاسي پٿر جي ڏندڙي ڏسجي ٿي.
ان کان سواءِ اليڪي
(Geometrical)،
امليڪي،
(Foral)
ونگائون
(Arched)
۽ آکڙي
(Oval)
طرزون به آهن. ص 107
پليٽ 37 - مرزا جان بابا جي قبي جهڙي مقبري جي ڇت جو اندريون
پاسو، جنهن تي گول نموني جا خانا آهن صفا وچ تي
مٿي گل جي چٽسالي ڏسجي ٿي، جنهن جي چوڌاري ڏندڙيءَ
جهڙو چٽ موجود آهي. ص 108
پليٽ 38 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي چوديواري ۾ ونگ سان لنگهه وارو در،
جنهن ۾ پٿر جو چؤڪاٺو ڪتب آندو ويو آهي، جنهن جي
چوڌاري هڪ چؤڪنڊي ٻاري آهي. ٻنهي پاسن کان ديوار
کان ٻاهر تي نڪتل جارا ڏسجن ٿا. هر هڪ جارو چؤڪنڊي
ٻاريءَ سان ونگ جي وچ تي آهي. پٿر تي ڪيل ٽڪ يا
اُڪير مٿاڇري آهي. اهو سنه 1054هه/1744ع. ص 108
پليٽ 39 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري واري چوديواري جي اتر واري ڀت جو اندريون
پاسو، جنهن ۾ وچ تي وڏيءَ ونگ سان لنگهه آهي. در
جي ٻنهي ٻانهين جي پاسي سان هڪ هڪ جارو آهي، جيڪو
ڀت کان ٻاهر نڪتل آهي. ان کان سواءِ ڀت ۾ گهرا
اُڪيريل چٽساليءَ وارا جارا به نظر اچن ٿا. ڀت تي
ٿيل اُڪير به مٿاڇري آهي. ص 109
پليٽ 40 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي چوديواري ۾ الهندي پاسي ٺهيل محراب جي
اندرئين پاسي هڪ چؤڪنڊي اڏيل آهي، جنهن ۾ پڻ
مٿاڇري اُڪير ڏسجي ٿي. محراب جي وچ تي پٿر مان
گهڙيل ڄارين واري دري آهي. سامهون واري هر پاسي تي
هڪ پائو لڳل ڏسجي ٿو. ص 109
پليٽ 41 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جو سامهون وارو ٻاهريون پاسو، جنهن ۾
ٿنڀن سان ورانڊو آهي، جيڪو چوڌاري ڦري اچي ٿو.
ساڳئي قسم جو ورانڊو مٿينءَ ماڙ تي به آهي. وچ تي
اوچي چؤڪندي ٻاري جڙيل آهي، جنهن تي عربيءَ تحرير
جون ٽي قطارون آهن. مٿان قبو آهي جنهن جا پاسا
ٿورو ٻاهر تي نڪتل آهن. جنهن جي چوڌاري ننڍڙيون
قبرون تعمير ٿيل آهن ۽ هر هڪ قبو ٻن ٿنڀن جي وچ
واري ورانڊي جي حصي تي ٺهيل آهي. جڏهن ته وڏو سفيد
قبو اَٺ ڪنڊي مٿان تعمير ٿيل ڏيڍي
(Drum)
تي جوڙيل ڏسجي ٿو. هن تعمير جو تعلق 1054 هه :
1644ع سان آهي. ص 110
پليٽ 42 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي ڏاکڻي ڀت ۾ تعمير ڪيل ٽن ونگائن جي
پهرين اڏاوت آهي. هر در جي اوچائي ٻن ٿنڀن جيتري
آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ٿنڀ هڪ ٻئي مٿان رکيا
ويا آهن. ونگن جي اندرئين پاسي پٿر جي ڪنگري يا
ڏندڙي لڳل آهي. هن پاسي ڇڄي وارو پلويڙو ڏسڻ ۾
ڪونه ٿو اچي، تنهنڪري اٺن ڪنڊن وارو مرزا عيسيٰ
خان ترخان
II
جو مقبرو ڍيڍيءَ سوڌو چٽيءَ ريت نظر اچي رهيو آهي.
ص 111
پليٽ 43 - هيٺئين ورانڊي جي ڇت ٿنڀن جي آڌار تي بيٺل سودرن تي
تعمير ٿيل آهي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته چٽ هم چورس
خانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر خاني ۾ گل جي چٽساليءَ
ڏسجي ٿي. هن قسم جي تعمير اسلام کان اڳ واري سنڌي
دور سان لاڳاپو رکي ٿي. ان زماني ۾ هال يا منڊپ
تعمير ڪرڻ جو اهو طريقو هوندو هو. ص 112
پليٽ 44 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي ورانڊي جو ٻاهريون منظر، جنهن ۾ صفا
آخر ۾ ٻئي ورانڊي جي ٿنڀن جي هار قطار پڻ نظر اچي
رهي آهي. هي ٻن ورانڊن تي ٻڌل اهم اڏاوت آهي جنهن
جا ٻئي ورانڊا مرزا عيسيٰ خان ترخان
II جي مقبري جي چوڌاري ڦري اچن ٿا. ص 113
پليٽ 45 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري ۾ هڪ نراليءَ طرز جو ٿنڀ جنهن تي مٿي تاج
(Capital)
وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي. ان
کان سواءِ هم چورس ٿنڀ واري حصي تي امليڪي چٽسالي
به نظر اچي رهي آهي، جنهن جي اُڪير هيٺ گهري نه پر
مٿاڇري آهي. ص 114
تصوير 72 - ارغون دور جو هڪ مقبرو، جنهن بابت ڪا ڄاڻ نه آهي ته
اهو ڪنهن تعمير ڪرايو ۽ منجهس ڪير دفن آهي؟ هن
تعمير ۾ ونگ سان لنگهه آهي، جيڪو پٿر جي ڪام جي
مدد سان جوڙيو ويو آهي. هن لنگهه جي ٻنهي پاسن کان
ڀت ۾ گهرو اُڪيريل هڪ هڪ جارو آهي. هن مقبري جي
تعمير جو تعلق 16 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 117
تصوير 73 - هڪ قديم دور جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن ۾ ڪنڊن
تي محرابون جوڙي تعمير کي اَٺ ڪنڊي ۾ تبديل ڪيو
ويو آهي. هن مقبري ۾ اندرئين پاسي اُڪير جو فقط هڪ
نمونو آهي، جنهن ڪارنس
(Cornice)
کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. ص 117
تصوير 74 - ساڳي تعمير جي ٻاهرئين پاسي اڌ جيترو مٿي اوچائي تي
اُڪيريل پٿرن جي هڪ قطار آهي، جنهن ۾ ڪجهه وٿي تي
اُڪيريل چٽساليءَ وارو پٿر ڪتب آندو ويو آهي.
اهڙي اُڪير نه ابتدائي سما دور نه وري پوئين ترخان
دور ۾ نظر اچي ٿي. ص 117
تصوير 75 - امير سلطان محمد جي مقبري جي چوديواري، جنهن جي
محراب ۾ جاري واريون دريون ۽ ٻنهي پاسن کان سامهون
پاوا رکيل آهن. هن تعمير جو دور 963 هه
:
1556 عيسويءَ آهي. ص 120
تصوير 76 - سلطان سليمان پٽ مرزا عيسيٰ ترخان
Iجي
مقبري جي وانگاڙي اندر قبرن جا پٿر سلطان سليمان
جي قبر جي سيرانديءَ هڪ اوچو پٿر نصب ٿيل ڏسجي ٿو
جنهن ۾ ونگائون جارو آهي. شايد اهو چراغ ٻاري رکڻ
لاءِ ڏياٺيءَ طور تعمير ڪيو ويو هوندو. ان جي
مٿئين پاسي تاج
(Crown)
جي اُڪير ڏسجي ٿي. سلطان سليمان 1557ع ۾ وفات ڪئي
هئي. ص 123
تصوير 77 - مرزا صالح پٽ مرزا عيسيٰ خان ترخان
I
جي مقبري جي چوديواريءَ اندر پٿر جون قبرون، معلوم
ائين ٿئي ٿو، ته جنهن قبر لاءِ پاسي سان ٻه ڊگها
پٿر کـُـتل آهن، سا مرزا صالح جي آهي. قبر کي چئن
ڪنڊن تي پاوا لڳل آهن. هن 970 هه/1563ع ۾ وفات ڪئي
هئي. هتي هڪ ٻي به قبر آهي، جنهن کي چئن ئي ڪنڊن
تي پاوا لڳل آهن. شايد اها مير زاهد محمد ترخان جي
آهي، جنهن 966 هه/1559ع ۾ وفات ڪئي هئي. ص 123
تصوير 78 - مرزا باقي بيگ جي مقبري جي چوديواري جو لنگهه، جيڪو
چؤڪـُـنڊو ۽ اوچو آهي، مٿان ڪنگرا تعمير ٿيل اٿس.
هيٺان پٿر جو چؤڪاٺو لڳل آهي. پاسي وارين ڀتين ۾
جافريءَ سان دريون آهن، هن تعمير ۾ خاص فرق واري
ڳالهه هيءَ آهي، ته اُڪير جي طرز بلڪل نئين آهي،
جيڪا ترخان دور سان تعلق رکي ٿي. هن 1586ع ۾ وفات
ڪئي هئي. ص 124
تصوير 79 - هبشاد ٻائي اهنسا ٻائي
(Ahinsa Bai) جو پٿر سان جوڙايل مقبرو چوديواريءَ ۾ ٺاهيل محراب جي اوچيءَ
اڏاوت تي اُڪير واري چٽسالي ٿيل ڏسجي ٿي. ونگائين
محراب جي چؤڪـُـنڊي خاني جي ڪنڊن تي ٻه گل چٽيل
آهن. محراب جي هر هڪ پاسي تي خاني سان ونگ آهي،
جنهن جي مٿئين پاسي وچ تي هڪ گل اُڪيريل آهي. ان
کان پوءِ ٻنهي پاسن کان ڀت ۾ جافريءَ تي ٻه دريون
ڏسجن ٿيون. هن تعمير جو تعلق 1000 هه/1591ع جي دور
سان آهي. ص 126
تصوير 80 - ترخان دور جو هڪ گمنام اٺ - ٿنڀي ڇٽي جهڙو مقبرو،
جيڪو مرزا باقي بيگ ترخان جي وسيع چوديواريءَ اندر
آهي، جنهن جي ٿنڀن جو ڪنڊون ساديون آهن. هن اڏاوت
جو لاڳاپو 17 هين صدي عيسويءَ جي ابتدائي دور سان
آهي. ص 126
تصوير 81 - مرزا بديع الزمان جو اٺ - ڪنڊائون ڇٽي جهڙو مقبرو،
جنهن جي اندر سڌيءَ سنوت واري هڪ قبر آهي. مٿان
مـخروطي قسم جا قبا اڏيل آهن، جنهن کي گول بار ڏئي
جوڙيو ويو آهي، جيڪو قبائين تعمير جو پراڻو طريقو
آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 1602ع سان آهي. ص 127
تصوير 82 - مرزا بديع الزمان جو اَٺ ڪنڊائون ڇٽيءَ جهڙو مقبرو،
جنهن جي اٺ ڪنڊائين ٿنڀن تي اُڪير جي هڪ نئين طرز
واري چٽسالي نظر اچي ٿي. قبر واري پٿر تي اُڪير جي
زنجيري رکي وئي آهي، جنهن سان قبر جي ان پٿر جي
مهاڙين کي مختلف خانن ۾ ونڊي ڇڏيو آهي. ص 127
تصوير 83 - مرزا عيسيٰ ترخان
I
جي مقبري واري چوديواري اندر خوبصورت اُڪير سان اٺ
ڪنڊائون مقبرو، جنهن جي ٿنڀن تي ترخان دور سان
لاڳاپو رکندڙ نئين طرز جي اُڪير ڏسجي ٿي. هيءَ 17
هين صدي عيسويءَ جي اڏاوت آهي. ص 127
تصوير 84 - ساڳئي مقبري سان واسطو رکندڙ ڇت واري اُڪيريل
چٽسالي، جيڪا سما دور جي چٽ کان بلڪل الڳ آهي. ص
128
تصوير 85 - عبدالله شاهه اصحابي جي مزار کان اولهه پاسي اٺ -
ٿنڀي ڇٽي جهڙو مقبري جي اڏاوت، جنهن جي اندرئين ۽
ٻاهرئين پاسي ڪيتريون ئي قبرون آهن. سڀيئي ترخان
اڏاوتي طرز جون آهن. هن مقبري جا ٿنڀ به اٺ ڪنڊا ۽
لسا آهن. تعمير جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ جي
ابتدا سان آهي. ص 130
تصوير 86 - هم چورس ماپ جو اٺ - ٿنڀي ڇٽي جهڙو هڪ مقبرو، جنهن
جي ٿنڀن تي ڪنهن به قسم جي اُڪير نظر ڪانه ٿي اچي.
هر هڪ ٿنڀو پاسن جي وچ تي آهي ۽ اڏاوت چئن ڪنڊن
واري ڏسجي ٿي. هتي قبي جي تعمير جي نئين طرز ڏسجي
ٿي، جنهن ۾ ونگ سان خانا رکيا ويا آهن ۽ قبي جو
بنياد به ان ترتيب سان رکيو ويو آهي. تعمير 17 هين
صدي عيسويءَ جي وچئين دور سان تعلق رکي ٿي. ص 131
تصوير 87 - مرزا جان بابا جي مقبري جي ڏکڻ ڏسا تي هڪ گمنام
مقبرو، جيڪو ڇٽي جهڙو آهي، جنهن جي هم چورس لسن
ٿنڀن جي تاجن
(Capitals)
وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي چٽسالي اُڪيريل ڏسجي ٿي.
هن تعمير جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ جي وچئين دور
سان آهي. ص 133
تصوير 88 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جي ڏکڻ پاسي هڪ گمنام مقبري
جي ڇت، جتي جافريءَ سان ونگون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
هيءَ تعمير 17 صدي عيسويءَ جي وچ واري زماني سان
تعلق رکي ٿي. ص 133
تصوير 89 - مرزا طغرل بيگ جو مقبرو ۽ اولهه پاسي تعمير ٿيل
مسجد، جيڪا اوڀر - اتر پاسي کان نظر اچي رهي آهي.
مقبرو يارهن ٿنڀن تي بيٺل ڇٽيءَ جهڙي تعمير آهي.
هن جڳهه جو لاڳاپو 1059 هه/1649ع سان آهي. ص 134
تصوير 90 - مرزا طغرل بيگ جو مقبرو، جنهن ۾ خانا ۽ گڏيل وچڙيل
قسم واريون ونگون آهن. قبي جي تعمير ۾ نواڻ نظر
اچي ٿي. هن تعمير جو دور 1059 هه/1649ع وارو آهي.
ص 134
تصوير 91 - مرزا طغرل بيگ جي مقبري جي اولاهين ڀت ۾ ٺاهيل
خوبصورت مسجد، جنهن جي اُڪيريل ٿنڀن تي ٿيل ڪم
ٽـُـڪَ جيان گهرو آهي. ص 135
تصوير 92 - مرزا طغرل بيگ جي مقبري جي هم چورس ٿنڀن جي تاجن
(Capitals)
وٽ ماکيءَ جي مانارن جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. ان کان
سواءِ آکڙي طرز تي هيٺان ۽ مٿن پوپٽ جهڙا چٽ ڏسجن
ٿا. هيءَ اڏاوتي طرز ترخان دور سان تعلق رکي ٿي. ص
136
تصوير 93 - هڪ پٿرائين لوڙهٽ
(Cenotaph)
جنهن جي وچ تي بيد مشڪ جو وڻ اُڪيريل آهي ۽ هيٺ هڪ
چؤپائي جانور
(Quadrupeds)
جي تصوير ڏسجي ٿي. صفا مٿئين پاسي بدڪون آهن،
سيراندي کان لڳل پٿر تي هم چورس اُڪير جي وچ تي هڪ
گل موجود آهي. تعمير جو تعلق 948 هه/1542ع سان
آهي. ص 136
تصوير 94 - هڪ ٿلهي تي چؤڪنڊي نموني جهڙيون قبرون، جن جي پٿرن
کي هر ڪنڊ تي پاوا لڳل آهن. عورتن جي قبرن جي پٿرن
تي ٻن چوڙين جي اُڪير ڏسجي ٿي. تعمير جو واسطو 17
هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 137
تصوير 95 - چؤڪنڊي طرز جي قبرن جي پليٽ فارم تي اُڪير جا نمونا،
هيٺئين لوڙهٽ تي ور وڪڙ ليڪون، پٺين سان چٽسالي ۽
ڪونج چٽ
(Sigmas)
جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. مٿئين ٻن تختين تي ڏاڪڻ جي
ترتيب تي هم چورس ٽڪ کي قطار ۾ رکيو ويو آهي. اها
طرز پڻ پراڻي آهي جنهن کي نئينءَ ترتيب سان
اُڪيريو ويو آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 17 هين صدي
عيسويءَ سان آهي. ص 137
تصوير 96 - ٻن مان هڪ قبر جي تصوير، جيڪا ڪنهن عورت سان لاڳاپو
رکي ٿي، جنهن تي سنڌ جي نون
(None)
طرز جي ڳهڻ اُڪير ٿيل آهي. وچ تي چندن هار
(Torque)
۽ پاسن تي ڪنگڻ
(Armlet)
ان کان هيٺ منڊيون
(Finger Rings)
مٿان پنڙا
(Ear rings)
۽ قبر جي پاسي تي پٽيون يا ڪڙيون
(Anklets)
اُڪيريل آهن. ص 137
تصوير 97 - ٻن مان هڪ مرداڻي قبر، جنهن تي هٿيار بند گهوڙيسوار
جي تصوير اُڪيريل آهي. گهوڙو مڪمل طور سنجيل ڏسجي
ٿو ۽ مٿي اڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سوار جي مٿي
تي پٽڪو ٻڌل آهي. هن جي ساڄي هٿ ۾ گهوڙي جي واڳ
جهليل آهي. جڏهن ته سندس کاٻو هٿ تلوار جي مـُـٺئي
تي رکيل ڏسجي ٿو. ص 138
تصوير 98 - مرزا جان بابا جي مقبري جو ٻاهريون ڏاکڻو - اولاهيون
پاسو، جنهن ۾ اولهه واري ڀت جي خوبصورت اُڪير نظر
اچي رهي آهي. ڏاکڻين ڀت ٿنڀن جي مدد سان ٺهيل
ڏيڍيءَ تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ لنگهه واري در
سان اوچي اڏاوت نظر اچي ٿي. هن تعمير جو 17 هين
صدي عيسويءَ جي ابتدا سان لاڳاپو آهي. ص 139
تصوير 99 - مرزا جان بابا جي مقبري جو ڏاکڻيون سامهون وارو
پاسو، جنهن ۾ ٿنڀن جي مدد سان ڏيڍيءَ جي اڏاوت
ڏسجي ٿي. چوديواري جي ٻاهرئين پاسي ونگن سان خانا
آهن. خوبصورت ا ُڪير وارو اهو پاسو ايترو اوچو آهي
جو پٺيان وارا ٽي ڇٽيءَ جهڙا مزار نظر نٿا اچن. ص
139
تصوير 100 - مرزا جان بابا جي مقبري جو نقشو ۽ تعمير جي رٿا
بندي، جنهن ۾ مقبري جي پٿرن سان جوڙايل وانگاڙو
ڪاري رنگ ۾ ليڪيل آهي، جنهن تي هڪ ننڍڙي زناني
چوديواري جو به نشان آهي. ڏکڻ پاسي ٿنڀن جي مدد
سان ڏيڍي پڻ ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ اولهه پاسي کان
محراب جي اوچي اڏاوت پڻ ڏيکاري وئي آهي. ص 139
تصوير 101 - مرزا جان بابا جي مقبري اندر تعمير ٿيل محراب وارو
حصو به ان جي اوچائي، مکيه محراب جي مهاڙي ۾
ونگائين اڏاوت ڏسجي ٿي. ان ونگ جي شڪل ذري گهٽ گول
آهي. پاسي سان ٻه چؤڪنڊا خانا آهن، جن ۾ گول قسم
جي اُڪير موجود آهي. محراب واري خاني جي نـُـڪرن ۾
هڪ هڪ اُڪيريل گل چٽ ڏسجي ٿو. اندرئين پاسي اُڪير
جون ليٽيل سنوت ۾ پٽيون ڏسجن ٿيون. هن جي ٻنهي
پاسن کان خوبصورت سنڌي اڏاوتي طرز جا پاوا آهن. ص
140
تصوير 102 - مرزا جان بابا جي مقبري جي ديوار ۾ نظر ايندڙ خانا،
جن ۾ آکڙي طرز وارن چٽن سان پوپٽ نظر اچن ٿا ۽
مٿان گل جهڙي اُڪير آهي. خانن کي الڳ ڪرڻ وارن
پٽين تي به ساڳئي قسم جي اُڪيريل چٽسالي آهي. مٿي
ڪارنس تي اُڪير جون ٽي پٽيون آهن. ص 140
تصوير 103 - محراب جي پٺئين طرف وارو اولاهيون ۽ ڏکڻ - اولهه
وارو پاسو، جن تي خوبصورت خانن واري طرز موجود
آهي، جنهن ۾ آکڙي اُڪير واري طرز سان گڏ رکيل پوپٽ
آهن، جيڪي گڏوچڙ گلڪاريءَ سان گڏ نظر اچي رهيا
آهن. ص 142
تصوير 104 - مرزا جان بابا جي مقبري جي چوديواري اندر ڀتين
وسيلي ٺهيل ٽي مقبرا جن جا ٿنڀا هم چورس ۽ لسا آهن
پر سندن مٿئين پاسي تاجن وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي
اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي. هنن ٽنهي مان فقط وچون مقبرو
صحيح سلامت آهي. ص 142
تصوير 105 - مرزا جان بابا جي مقبري جي چوديواري اندر موجود
صحيح سلامت مقبري جي ڇت، جنهن ۾ ونگ وارن خانن جون
گهڻيون قطارون ۽ مٿي هڪ ورن وڪڙن جي طرز جي سهيڙ
آهي. ص 144
تصوير 106 - جان بابا جي مقبري اندر گول دائرن جي هڪ ٻئي کي
پائيندڙ ۽ ورن وڪڙن واري اُڪير جي طرز جيڪا قبي جي
وچ تي مٿي نظر اچي رهي آهي. ص 145
تصوير 107 - مرزا جان بابا جي مقبري اندر ونگ سان خانو، اهڙا
خانا ڪنڊ واري محرابيءَ جو ڪم به ڏيندا آهن. انهن
محرابن جي تعمير کان پوءِ هم چورس منڊپ، اٺ ڪنڊي
شڪل اختيار ڪري ويندي آهي. ان اٺ ڪنڊي کي وري
آسانيءَ سان سورنهن ڪنڊو به بڻائي سگهجي ٿو. ص 145
تصوير 108 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي رٿابندي ۽ زمين تي نقشو، هن مقبري جي
ٻاهران وانگاڙو ڏنل آهي، جنهن ۾ خوبصورت خانا
ٺاهيل آهن. مکيه لنگهه اوڀر پاسي کان آهي. اتر ۽
ڏکڻ طرف کان به ٻه لنگهه آهن، جيڪي بند آهن ۽
محراب اولهه پاسي تعمير ڪيو ويو آهي. مکيه مقبرو
ٿنڀن جي آڌار تي بيٺل آهي، جنهن کي پاسي واريون
ديواريون ڏئي تيار ڪيو ويو ٿو ڏسجي. ان کان سواءِ
ٿنڀن جي آڌار اڏايل ٻه ورانڊا آهن. اڏاوت جو هي
فن، گجرات جي اڏاوتي فن سان لاڳاپو رکي ٿو. ص 146
تصوير 109 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جو هڪ اوچو حصو، جنهن ۾ ٻن پاسن کان اوچو
پلويڙو ڏنل آهي. ٿنڀن واري ورانڊي ۾ ننڍڙيون قبيون
تعمير ڪيون ويون آهن. اتاهون قبو گڏيل ونگن تي
بيهاريو ويو آهي. ص 147
تصوير 110 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي محراب کان ٻئي پاسي جيڪڏهن ترڇو ڏسبو،
ته الهنديءَ ڀت ۾ هڪ وڏو ۽ گهرو جارو نظر ايندو.
ان کان سواءِ ڀت ۾ ونگن سان خانا به ڏسڻ ۾ ايندا.
ص 147
تصوير 111 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مکيه مقبري جي اوڀر پاسي واري ڀت جي سامهون کان
بيهي جيڪڏهن اولهه ڏانهن نهاربو، ته ٿنڀن جي آڌار
تي بيٺل ورانڊا، وچ تي ڀت ۾ ونگن وارن درن جو
لنگهه، مٿي ڇت تي ننڍڙيون قبيون ۽ سفيد قبو ڏسڻ ۾
ايندو ۽ چوڌاري ٺهيل قبيون ڦول - پتين وانگي ڏسجن
ٿيون. ص 148
تصوير 112 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي وانگاڙي جي ڏاکڻئين پاسي موجود ڪوڙي
لنگهه
(False entrance) کان بيهي جيڪڏهن اولهه ۽ اوڀر پاسي نظر ڪبي ته مکيه لنگهه جي
اوچيءَ تعمير جي هيٺين ٻن حصن ۾ ونگن وارا خانا ۽
مختلف طبقا آهن، جيڪي اصلي ماپ کان ڪجهه گهٽ ڏسڻ ۾
ايندا. ص 149
تصوير 113 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي چوديواري جي اُترئين ۽ ڏاکڻئين ڀت ۾
تعمير ڪيل ڪوڙن لنگهن کان بيهي نظر ڪبي ته
اولهنديءَ ڀت ۾ محراب جو وڏو، گهرو جارو ۽ ڀتين ۾
ونگن وارا خانا ڏسڻ ۾ ايندا. ص 149
تصوير 114 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جو، ڏکڻ - اولهه کان بيهي ڏسڻ ۾ ايندڙ
منظر، جنهن ۾ ڏکڻ واري لنگهه سان گڏ ٻيون، به
ڪيتريون مٿيون موجود آهن. ان کان سواءِ مقبري جو
قبو ۽ ٿنڀن جي آڌار تي بيٺل ورانڊا به واضح نموني
سان نظر اچي رهيا آهن. سن 1054هه/1644ع ص 150
تصوير 115 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي اتر - اولهه پاسي نظر ايندڙ ٿنڀن جي
آڌار تي بيٺل هيٺيون ۽ مٿيون ورانڊو ڏسجي ٿو. ان
کان سواءِ مقبري جي اڇي قبي سان گڏ ڇت تي مٿي
ننڍڙيون قبيون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، مٿئين پاسي وارن
ٿنڀن جي قطار ۽ اُڪيريل همچورس ٿنڀن تي مٿي تاجن
وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. ص 151
تصوير 116 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي اٺ ڪنڊي ڍيڍيءَ
(Drum)
جي ٻاهرئين پاسي تي نظر ايندڙ خوبصورت اُڪير، جنهن
۾ ترخاني قسم جي هڪ مخصوص طرز ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ص 151
تصوير 117 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي مٿينءَ ماڙي تي ڪتب آندل هم چورس ٿنڀن
۽ سردرن تي ڏسڻ ۾ ايندڙ خوبصورت اُڪير آهي جنهن ۾
مخصوص ترخاني طرز جا امليڪي
(Floral)
گڏوچڙ نمونا ڏسجن ٿا. ص 152
تصوير 118 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي ٻاهرئين پاسي نظر ايندڙ ونگ سان هڪ
خانو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ ننڍو ٿنڀ آهي
هنن ٻنهي ٿنڀن تي پيچيده اُڪير ڏسجي ٿي. جڏهن ته
چؤکٺي جي ٻنهي ٻانهين کان مٿاڇري اُڪير آهي. پر
ونگائين خاني اندر آکڙي طرز جي ٻنهي پاسن کان رکيل
هڪ هڪ پوپٽ، ان طرز جي اُڪير چئن ئي پاسن کان مٿي
۽ هيٺ گل جهڙي گهري اُڪير آهي. ص 152
تصوير 119 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي ڇت جو هيٺيون پاسو، جتي اُڪير جي ڀانت
جي طرز جي چٽساليءَ جا ڊگها سلسلا موجود آهن. ص
154
باب پنجون
پليٽ 46 - پڪسرائين ست چڙهڻي جي تعمير. ست چڙهيڻون معنيٰ ”ست
ڏاڪڻيون“ آهي. پر ڏسجي ٿو، ته هن اڏاوت ۾ ستن
بجاءِ اٺ ڏاڪڻيون آهن. سڀ چڙهڻيون ڊهي کنا کيڙا ٿي
ويون آهن پر هن اٺ ڪنڊيءَ جڳهه جو مکيه نقشو اڃا
به محفوظ آهي. ان سان گڏ چئن لنگهن جي مٿئين پاسي
۽ اڏاوت جي چئن ڪنڊن ۾ چار چار هـُـريون
(alcoves)
اڃا به محفوظ آهن. هيءَ تعمير 16 هين صدي عيسويءَ
جي وچئين دور سان تعلق رکي ٿي. ص 155
پليٽ 47 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جاري جي پڪسرائين مقبري جو
اندريون حصو، جنهن جي آڳنڌ ۾ ڪجهه قبرون ڏسجي
رهيون آهن ۽ ونگن وارن خانن سان اولاهين ڀت ۾
قبائين مسجد به تعمير ڪئي وئي آهي. مقبرو، مسجد جي
اوچي پيش طاق جي اوٽ ۾ اچي ويو آهي، جنهن ۾ ڪاشيءَ
جون چمڪدار سرون لڳل آهن. هن تعمير جو تعلق 1050
هه ۽ 1640ع سان آهي. ص 155
پليٽ 48 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جي مقبري واري اڌ قبائين مسجد ۾
ڪاشيءَ جي سرن جي سونهن ۽ سنجٽ ڪنڊن وارين محرابين
مٿان پاڻ ۾ گڏيل وچڙيل پيچيده ونگن جي ترتيب سان
آهي. جڏهن ته ڇت ۾ ڪـُـنڊڙي
(Zig Zag) جهڙي چٽسالي ڏسجي ٿي. ص 156
پليٽ 49 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي چوديواري جو منظر، جنهن جي اوڀرپاسي
واري ڀت ۾ تعمير ٿيل لنگهه ڏسجي رهيو آهي. مکيه
مقبرو وچ تي آهي، جڏهن ته کاٻي منڊپ ڏانهن امير
محمد سلطان جو مقبرو ۽ زبون ٿيل مسجد نظر اچي رهي
آهي. هن تعمير جو تعلق 966 هه : 1550ع سان آهي. ص
157
پليٽ 50 - سلطان ابراهيم جو اٺ ڪنڊو مقبرو جنهن جي اٺن ئي پاسن
کان هريون
(Alcoves)
تعمير ٿيل آهن. وچ تي اوچو ۽
ويڪرن پاسن سان مخروطي قسم جو قبو ڏسجي ٿو. هن جڳه
کي ٺهڻ وقت ڪاشيءَ جي نيريءَ سرن سان سينگاريو ويو
ٿو ڏسجي. ص 157
پليٽ 51 - سلطان ابراهيم جي مقبري ۾ ڪـُـنڊ واري هڪ هريءَ جو
ويجهو منظر جنهن ۾ در جي چؤڪاٺي ۾ ڳڙکين وارو پٿر
هنيو ويو آهي. مٿئين پاسي ونگائين دري ڏسجي ٿي. ان
کان سواءِ هڪ عربي لکت آهي، جيڪا نيري رنگ جي
ڪاشيءَ جي سرن تي اڇي رنگ سان خطاطي ٿيل آهي ۽
تباهيءَ کان بچي ويل سونهن ۽ سنجٽ به آهي، جيڪا
وڏي ونگ واري خاني جي نـُـڪرن ۾ ڏسجي ٿي. ص 158
پليٽ 52 - مرزا جاني بيگ جو پڪ سرائون اٺ ڪنڊو مقبرو، جنهن جي
پٿر جي چوديواري جي اندرئين اولاهين پاسي ڀت سان
مسجد جوڙي وئي آهي. هن تعمير جو تعلق 1009هه :
1601ع سان ڏسجي ٿو. ص 159
پليٽ 53 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جي ٻاهرئين پاسي هڪ هريءَ جو
ويجهو منظر، جنهن ۾ ڪاشيءَ جي سرن جا خانا آهن،
ڳڙکين سان هڪ پٿرانهين دري ۽ نيري رنگ جي تر تي
اڇي عربي لکت ڏسجي ٿي. ص 160
پليٽ 54 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن ۾ ونگن
سان خانا، هڪ ٻئي سان گڏيل وچڙيل ونگن جو هي
سلسلو، جن سڀني ۾ ڪاشيءَ جي سر جي سونهن واري سنجٽ
رکي وئي آهي. ص 161
پليٽ 55 - ديوان شرفا خان جو پڪسرائون مقبرو، جنهن ۾ هـُـرين
بدران ڪنڊن تي گول قسم جا منارا تعمير ڪيا ويا
آهن. ان کان سواءِ ويڪرن پاسن وارو قبو به ڏسجي
ٿو، جنهن کي هلڪي نيري رنگ جي سرن سان سينگاريو
ويو آهي. اولهه پاسي کان ڀت ۾ مسجد جي اڏاوت ٿيل
آهي. هن اڏاوت جو تعلق 1048هه : 1638ع سان آهي. ص
159
پليٽ 56 - ديوان شرفا خان جي مقبري جي قبي جو اندريون مٿيون
پاسو، جنهن ۾ ونگائن خانن کان مٿان ڏنگڙي
(Zig Zag) چٽسالي آهي. ص 161
پليٽ 57 - ديوان شرفا خان جي مقبري جي وانگاڙي جي اولاهينءَ ڀت
لڳ تعمير ٿيل مسجد جو محراب ڏاڍو چمڪيلو آهي، جنهن
جي ٻنهي پاسن کان ونگاوان خانا آهن، جن اندر
ڪاشيءَ جي سر ڪتب آندي وئي آهي. ص 162
پليٽ 58 - پڪ سرائين دبگير مسجد، جنهن ۾ اوڀر طرف ٽي ونگاوان
لنگهه ڏسجن ٿا. سامهون واري پاسي ٻنهي ڏسائن کان
مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. مسجد جو اڱڻ پٿرن
سان جڙيل آهي. ڇت تي قبا ٽي ڏسجن ٿا. تعمير جو سال
1588ع آهي. ص 162
پليٽ 59 - دبگير مسجد جي وچين لنگهه جو ويجهو ڏيک، جنهن جي هر
هڪ پاسي ونگاوان خانا آهن، جن ۾ ڪاشيءَ جي سر ڪتب
آندي وئي آهي. ص 163
پليٽ 60 - محراب واري وچين قبي جي فرش تي بيهي اتر پاسي نظر ڪبي
ته ونگن جي ۽ ونگائين خانن جي وٿيءَ ۾ ڪاشيءَ جي
سر ڪتب آندي وئي آهي. ص 163
پليٽ 61 - دبگير مسجد جو وچيون محراب، جنهن جي سامهون واري پاسي
تي پٿر تي ٿيل اُڪير وڃي اڌوگابري بچي آهي. هوا
لاءِ پاسي کان ونگن سان دريون رکيون ويون آهن.
مٿئين پاسي تي ڪاشيءَ جي سرن جو استعمال ڏسجي ٿو.
ص 164
تصوير 120 - شيخ جيئي جي پڪ سرائين ۽ گچ جو ليپو ڏنل مقبري جو
ڏاکڻيون ٻاهريون پاسو، جنهن جي کاڄي ويل ڇت ۾
اڀيءَ طرز جا خانا ۽ هم چورس جارا آهن. در ۾ پٿر
جو چؤڪاٺو لڳل ڏسجي ٿو. ان سان گڏ هڪ ننڍو ونگائون
لنگهه به آهي، جتان گذري ڏاڪڻ تائين پهچي سگهجي
ٿو. صفا مٿي محرابيءَ جهڙو اڌ - قبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ص 166
تصوير 121 - ارغون دور جو هڪ گمنام مقبرو، جنهن جي ٻاهرئين پاسي
هڪ ٻئي اندر چؤڪنڊا خانا جوڙيا ويا آهن. ان کان
سواءِ بنيادن کان وٺي وچئين حصي تائين پٿر جي
اوساري ڏسجي ٿي. ڀت جي پٺئين پاسي محراب جي اوچي
اڏاوت موجود آهي. هن تعمير جو تعلق 16 هين صدي
عيسويءَ جي شروعات سان آهي. ص 166
تصوير 122 - ارغون دور جي هڪ گمنام مقبري جو اوڀاريون ٻاهريون
پاسو، جنهن وچ تي لنگهه ڏسڻ اچي ٿو. هن جي هر هڪ
پاسي تي هڪ ٻئي مٿان ونگن سان خانا آهن. ونگائين
لنگهه مٿان دري آهي، جيڪا ڀڳل آهي. هتي وڏيءَ ونگ
جي نئين طرز ڏسجي ٿي. هي 16 هين صدي عيسويءَ جي
شروعات سان لاڳاپو رکي ٿي. ص 167
تصوير 123 - ارغون دور جي گمنام مقبري اندر پٿرانهين لوڙهٽ آهي،
جنهن جا ٻه طبقا آهن. هن قبر تي اُڪير جي ٻن نموني
چٽساليءَ جي وچ تي عربي تحرير آهي. ص 168
تصوير 124 - ست چڙهڻي جو ڏکڻ - اولهه پاسو، جنهن جي مکيه لنگهه
واري ڏاڪڻ کي ست ڏاڪا آهن، جيڪي وچ تي نظر اچي
رهيا آهن. بنيادن وٽ پٿرن جي اوساري ڏسجي ٿي. ڪنڊن
وٽ ٽي محرابي لنگهه آهن. هن اڏاوت جو واسطو 16 صدي
عيسويءَ جي آخري حصي سان آهي. ص 169
تصوير 125 - ست چڙهڻيءَ جي اٺ ڪنڊي منڊپ
(Hall)
جنهن جي فرش تي گچ سان لنبيل قبرون آهن، هر ڪنڊ تي
هڪ وڏو محراب موجود آهي. هنن محرابن کي ڪاشيءَ جون
سرون هڻي خوبصورت بڻايو ويو آهي. هتي ونگ سان هڪ
لنگهه آهي جتان گذري ڀر واري ڪمري ۾ وڃي سگهجي ٿو.
مکيه لنگهه واري ونگ واري خاني جي نـُـڪرن ۾
ڪاشيءَ جون چمڪدار سرون لڳل ڏسجن ٿيون. ص 171
تصوير 126 - دبگير مسجد جي مکيه ونگائين لنگهه جي ٻاهرئين پاسي
واري ونگائين خاني ۾ سونهن سنجٽ لاءِ ڪاشيءَ جون
چمڪڻيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن، جيڪي ڏندائين
ونگ
(Multicusped Arch) ۾ موجود ڏسجن ٿيون. هن چٽساليءَ طرز جي مرڪزي تصوير ائين آهي
ڄڻ ڪا ڪوراڙ بلا وڪڙ هڻندي وڃي رهي آهي. هن اڏاوت
جو دور 1588ع آهي. ص 171
تصوير 127 - مرزا جاني بيگ جي مقبري واري چؤديواري ۾ در جهڙو
لنگهه، جنهن تي عربي لکت آهي، جيڪا در جي چوڌاري
ڦري اچي ٿي. ان سان گڏ خانن جو هڪ سلسلو آهي.
اهڙيءَ ريت هڪ چهنبدار ونگ اندر گلن جي طرز واري
چٽسالي رکيل ڏسجي ٿي. ص 172
تصوير 128 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جو نقشو، جنهن ۾ اٺ ڪنڊي
مقبري کي پٿر جي چؤديواري وانگاڙو آهي، جنهن کي
اوڀر کان لنگهه ۽ اولهه پاسي کان ڀت ۾ محراب جوڙيو
ويو آهي. هن مقبري کي چار لنگهه آهن. ٽن ڪـُـنڊن ۾
ٽي هر ٻئين ۽ چوٿينءَ ڪنڊ ۾ ڏاڪڻ جوڙيل ڏسجي ٿي.
هن اڏاوت جو زمانو 1601ع آهي. ص 172
تصوير 129 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جو اڌ حصو، جنهن ۾ سونهن ۽
سنجٽ لاءِ خانن ۾ ڪاشيءَ جي سر کي ڪتب آندو ويو
آهي. ڇت ۾ گڏيل وچڙيل ونگون ۽ ڪنڊڙو
(Zig Zag)
چٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ص 173
تصوير 130 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جي مقبري جي چوديواري ۾ اولهه
پاسي تعمير ڪيل قبائين مسجد جي محراب جو پٺيون
پاسو، جنهن ۾ اٺ ڪنڊي ڍيڍيءَ
(Drum)
جي مٿان نبات جهڙو قبو تعمير ڪيو ويو آهي ۽ ڪارنس وٽ ڪنگرين يا ڏندڙي جي قطار
آهي. هن تعمير جو تعلق 1050هه / 1640ع آهي. ص 174
تصوير 131 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جي مقبري جي چوديواري جو مجموعي
منظر، جنهن ۾ اوڀر پاسي واريءَ ڀت ۾ لنگهه تعمير
ڪيو ويو آهي. اولهه پاسي کان ديوار ۾ خانا آهن،
ديوار سڄي ڪري ڀڄي ڀـُـري وئي آهي. ص 174
تصوير 132 - ديوان شرفا خان جي مقبري جي چوديواريءَ جو نقشو،
جنهن ۾ اولهه پاسي کان مسجد جي تعمير ڏيکاري وئي
آهي. هن مقبري جي هرڪنڊ تي هـُـري رکڻ بدران گول
قسم جا منارا جوڙيا ويا آهن. هن اڏاوت جو دور
1048هه / 1638ع آهي. ص 178
تصوير 132 - الف - دبگير مسجد جي چوڌاري موجوده دور جي تعمير
ڪيل ڀت. ص 182
باب ڇهون
پليٽ 62 - امير محمد خان جي هڪ قبي تي مشتمل هم چورس ۽ پڪسرائين
مسجد. لنگهه اوڀر پاسي کان اٿس جنهن ۾ اُڪيريل پٿر
جو چؤڪاٺو لڳل ڏسجي ٿو. هن اڏاوت جي اندرئين ۽
ٻاهرئين پاسي کان ڪاشيءَ جي چمڪدار سر ڪتب آندي
وئي هي. هن اڏاوت جو تعلق 1039 هه / 1629ع سان
آهي. ص 164
پليٽ 63 - ٺٽي جي جامع مسجد، جيڪا دهلي جي شهنشاهه شاهه جهان جي
حڪم سان تيار ڪئي وئي هئي. مسجد جي سامهون باغيچو
آهي، جنهن لاءِ ٽي لنگهه آهن. هي ٻئي موجوده دور
جو واڌارو آهن. سامهون ڦوهارو، پاڻيءَ جي ڪسي ۽
راهدارين سان بيد مشڪ جا وڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن
اڏاوت جو لاڳاپو 1054هه/1644ع-1057هه/1647ع سان
آهي. ص 183
پليٽ 64 - مسجد جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو، جنهن ۾ ٽي ونگاوان
لنگهه آهن، جن مان وچيون وڏو آهي. اتان گذري قبي
واري منڊپ ڏانهن وڃي سگهجي ٿو پر اهو پاسو هاڻي
ڪاٺ جا در هڻي بند ڪيو ويو آهي. سامهون پوئين دور
جي هڪ قبر آهي. هر هڪ لنگهه جي پاسي ۾ دريون آهن
جن ۾ گـِـرل
(gril)
لڳل آهي. هنن سڀني ۾ موجوده دور جون چمڪدار ڪاشيءَ
جون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. ص 183
پليٽ 65 - جامع مسجد جي مکيه دروازي جو اندريون پاسو، جنهن ۾
ڪاٺ جا در لڳل آهن. بنيادن کان وٺي وچ واري حصي
تائين ڀتين تي مينا ڪاري جو ڪم ڏسڻ جهڙو آهي. هن
ننڍي قسم جي قبي اندر ۽ هيٺئين پاسي گڏيل وچڙيل
ونگن ۽ محرابيءَ جي چٽساليءَ ۾ موجوده دور جي
ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. ص 184
پليٽ 66 - جامع مسجد جي مکيه لنگهه جي پٺئين پاسي قبائين اڏاوت
هيٺان ڪمري واري ڇت ۾ ڪاشيءَ جي سرن کي ڪم آندو
ويو آهي، جنهن ۾ گڏيل وچڙيل پيچيده قسم جون ونگون
ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. صفا مٿي وچ تي سورج مـُـکي گل جو
چٽ آهي. منظر مان ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ آڪاس ۾
تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هجن. ص 185
پليٽ 67 - جامع مسجد جي ٻئي قبي جي ڪمري جي ڇت، جنهن ۾ موجوده
دور جي ڪاشي ڪتب آندي وئي آهي. هتي معلوم ٿيندو،
ته پراڻي دور جي چٽساليءَ کي ورجايو ويو آهي.ان
کان سواءِ وچ واري حصي کي اڇين ليڪن سان سجايو ويو
آهي. ص 185
پليٽ 68 - جامع مسجد اندر واري آڳنڌ جنهن ۾ اولهه اتر ۽ ڏکڻ
پاسي وارين ايوانن جي مهاڙين جي چٽسالي ڏسجي رهي
آهي. هتان کان اولهه ۾ اوچو مقبرو ڏسجي رهيو آهي،
تنهنڪري مسجد جي محراب وارو مکيه مرڪزي قبو اوٽ ۾
اچي ويو آهي ۽ نظر ڪونه ٿو اچي. ص 186
پليٽ 69 - جامع مسجد جي اندرئين اترئين ايوان جي مهاڙي، جتي
ونگايون اڏاوتون ۽ اتر وارو قبائون مرڪزي لنگهه
نظر اچي ٿو، جنهن ۾ سونهن ۽ سنجٽ لاءِ ڪاشيءَ جون
سرون ۽ ونگن جي هيٺئين ۽ اندرئين پاسي پٿر جا ڊگها
ٽڪر ڪتب آندا ويا آهن. وچ تي گچ سان ٺهيل اڇي قبر
ننڍي ماپ جي پلويڙي کان مٿي چٽي نظر اچي ٿي، جنهن
جي هيٺان ٻين جي مقابلي ۾ وڏي ونگ ڏسجي ٿي. ص 186
پليٽ 70 - مسجد جي اترئين حصي، ٿنڀن وسيلي جدا ڪيل پاسي کان
بيهي جيڪڏهن نهاربو، ته ڪاشيءَ جي سرن سان
سينگاريل هڪ منظر ڏسڻ لاءِ پڪل ڳاڙهين سرن جي
ونگن جو سلسلو نظر ايندو. ص 187
پليٽ 71 - محراب جي اولهه پاسي واري مهاڙي، جنهن ۾ ڪاشيءَ جي سر
جي استعمال جو ڏانءُ ۽ ڏات جو سدا بهار نظارو
موجود آهي، اڌ قبي جهڙي محراب اندر سفيد رنگ جي
ليپي جي تر تي
Talac tite
چٽ آهي. پٺئين پاسي ڳڙکين واري دري ڏسجي ٿي. ص
187
پليٽ 72 - محراب جي ڪنڊ ۾ هڪ محرابيءَ اندر ڪاشي جي سرن جا خانا
ٺاهيا ويا آهن، جيڪي بنيادن کان وٺي محرابيءَ جي
وچ تائين آهن. اندرئين مٿي پاسي به ونگون ٺاهيون
ويون آهن. ص 188
تصوير 133 - مسجد محمد بن قاسم، جنهن ۾ ٽن قبن واريون ٻه جڳهون
شامل آهن. ڏاڪڻ ٻنهي مسجدن جي وچ واري حصي ۾ تعمير
ڪئي وئي آهي. قبن جي چوڌاري پٽي ڏسجي ٿي. لنگهه
ونگ سان آهي، جتان گذري ڪري چوديواري اندر پهچي
سگهجي ٿو. اها اڏاوت 17 هين صدي عيسويءَ جي آخري
دور جي آهي. ص 192
تصوير 134 - مسجد محمد بن قاسم جو پٺيون پاسو، جنهن ۾ محراب
واري ٻاهر ڏانهن نڪتل اڏاوت ۾ ونگن سان دريون آهن.
ص 192
تصوير 135 - مسجد محمد بن قاسم جي چوديواريءَ جي اتر - اوڀر
پاسي تعمير ڪيل منارو، جيڪو گول ۽ ٻن منزلن تي ٻڌل
آهي. صفا مٿان قبي جهڙي شڪل اٿس. هيءَ اڏاوت 17
هين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي سان لاڳاپيل آهي. ص
193
تصوير 136 - مسجد محمد بن قاسم جي مناري ۾ ڪاٺ جون ٻاهر نڪتل
جهلون، جنهن جي آڌار تي جهروڪو بيهاريو ويو آهي.
قوي امڪان آهي، ته ڄاڻايل جهروڪو آذان ڏيڻ لاءِ
ڪتب ايندو هجي. ص 193
تصوير 137 - شاهجهان مسجد جي هڪ قبي جي ڇت، جنهن ۾ وچ تي هڪ گول
نشان آهي، جنهن جي چوڌاري ستارا چمڪندي ڏيکاريا
ويا آهن. هن منظر مان معلوم ائين ٿئي ٿو، ته اهو
گول نشان سج جو آهي. ص 198
تصوير 138 - شاهجهان مسجد، جنهن ۾ بنيادن کان وٺي وچ حصي تائين
هڪ خانو ڏسجي ٿو، جنهن ۾ سفيد ليڪن جي وچ تي گل جا
چٽ رکيل آهن، اهي گل به مختلف اليڪي شڪلين ۾ ڏسجن
ٿا. ص 202 |