سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 1

صفحو ؛ 4

 

  تصوير 6 - درياهه جي پراڻي پيٽ مان بيهي ڏسبو ته مڪليءَ تي سامهون واري پس منظر ۾ وچ تي سلطان ابراهيم خان مرزا عيسيٰ ترخان I جو مقبرو نهايت چٽو نظر ايندو.

جڏهن اسان نيشنل هاءِ وي تي پهچنداسون ته مسافرخاني جي ڀرسان مڪليءَ جي قبرن وٽ روڊ ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو. هڪ روڊ جنگشاهي ڏانهن هليو وڃي ٿو. ٻيو مڪلي ٽڪريءَ تان ٿيندو ور وڪڙ کائيندو، ٺٽي شهر پهچي ٿو ته ان وڪڙ ۾ هڪ مندر آهي، ان جي اوڀر طرف ڌرم شالا ۽ کاٻي هٿ تي اسلام پور واري مسجد آهي. (نمبر 4)

سنڌو درياهه جي سڪي ويل واهڙ جي تري مان اوڀر طرف کان مڪليءَ جو نظارو ڏاڍو خوبصورت لڳندو آهي. درياهه جي پراڻي ڳٺَ مان مڪلي ٽڪري اُڀڪپري ٿي مٿي اڀري ٿي ۽ ساموئي تائين اتر ڏانهن ائين هلندي وڃي ٿي. ڪيترن هنڌن تان درياهه موڙ کائي ڪپر ڪوري چاڪ وارين ٽڪرين کي کائي پنهنجو رستو جوڙيندو ويو آهي. گهڻو اتر طرف هڪ هنڌ تي قبرن جي مـُـچلي ۾ شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جو چورس ۽ گـَـچُ سان لتل قبو آهي. موجوده دور ۾ اتي ٻه ڇٽيون آهن، هڪ قبي جي اوڀر ۽ ٻي ڏکڻ ۾ آهي. ان جي اولهه ۾، قبيءَ سان هڪ همچورس اڏاوت آهي. ماڻهو ان کي شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جو مدرسو ڪوٺين ٿا. اهي تمام قديم يادگار مڪلي ٽڪريءَ جي درياهه ڏانهن وڌيل ٺـُـونٺ تي موجود آهن. اهو وڌاءُ ڏکڻ پاسي سيد علي شيرازي جي درگاهه تائين آهي، جتي مٿي اتانهون قبو، پاسي تي اڀو منارو پس منظر ۾ مسجد، ڏاڍو دل لڀائيندڙ نظارو بنجي ٿو پوي. درياهه واري پاسي کان جديد دور سان لاڳاپيل عام رواجي اڏاوتون آهن ۽ کاٻي پاسي کان سرن جو تباهه ٿيل ڪو مقبرو آهي.

اُن کان پوءِ درياهه مڪليءَ ڏانهن ڪاهي پوي ٿو ۽ ٽڪري اندرئين پاسي گولائيءَ ۾ پوئتي هٽي ٿي وڃي ۽ وري اڳتي وڌي وڃي ٿي، جتي قبرن جي مچلي ۾ ڄام نظام الدين جو مقبرو آهي. اتي هم چورس تعمير جي مٿان گچ سان لنبيل هڪ قبو آهي ۽ ان جي کاٻي طرف تي ڇهه ڪـُـنڊي ڇٽي آهي. ان جي بلڪل سامهون ڄام نظام الدين جو مقبرو آهي، ان جي ساڄي طرف هڪ ڇٽي ۽ هڪ قديم مسجد آهي. ان جي ڏکڻ - اولهه ۾ ٻيون به ڇٽيون ۽ پڪين سرن مان اڏيل مقبرا آهن. مقبرن جو هيءُ مچلو ٽڪري جي ٻي ٺونٺ والاري ٿو. درياهه ٽڪريءَ کي وري به اڳتي کائي اڳتي وڌي وڃي ٿو ۽ ٽڪري جهول ڪري بيهي رهي ٿي. سندس ڏاکڻي اُڀار تي پٿر جو بنايل هڪ ڪوٽ آهي، جيڪو سلطان سليمان ولد مرزا عيسيٰ ترخان I جوڙايو هو. چؤطرف گچ سان لـِـتل ڪيتريون ئي قبرون پکڙيون پيون آهن ۽ ڪي وري پٿرن ۽ سرن جا جوڙيل مقبرا آهن، جي ارغون دور جا ٺهيل ٿا ڀانئجن. ان کان پوءِ مڪليءَ جي مضبوط ۽ پختي ٽڪري آهي، جيڪا درياهه کان کاڄڻ واري ڪانهي. اهو ڪنارو ڏئي اسان شيخ جيئي جي مزار تي اچي پهچنداسون. هن مقبري کان اتر-اوڀر طرف تي  اسان کي ميران شاهه جو اڇو قبو ۽ مسجد ڏسڻ ۾ ايندي. مسجد چوڪـُـنڊي شڪل جي آهي. اندر وڃڻ لاءِ اوڀر کان ونگ ٻڌل ٽي لنگهه آهن. ڪنگرن جي اولي سان سينگاريل وچئين لنگهه جو ونگ پاسي وارن لنگهن کان اوچائيءَ ۾ مٿڀرو آهي. سندن ڇت اِهرامي (Pyramidal) آهي. مٿس ٻه ڀڳل ڪلس اڃا موجود آهن. مڪلي ٽڪريءَ تي پنهنجي طرز جي اها اڪيلي عمارت آهي. شيخ جيئي جي مقبري جي ڏکڻ ”ست چڙهڻي“ واري مشهور جڳهه آهي، ان کان پوءِ مڪليءَ جي ٽڪري انگريزي “S” اکر جهڙو موڙو کائي ڏکڻ ڏانهن وري اچي ٿي ۽ اسان عبدالله شاهه اصحابي جي چؤگرد وارين بيشمار قبرن وٽ پهچي وڃون ٿا. ساڄي طرف تي ترخان گهراڻي جي اڳين حڪمرانن جي ٺهرايل پٿر جي چوديواري آهي، جنهن جي پٺيان پوئين دور سان تعلق رکندڙ هڪ ڊگهو جارو لڳل آهي. ان کان پوءِ عبدالله شاهه اصحابيءَ جي مزار اچي وڃي ٿي. آخر ۾ سلطان ابراهيم جو اٺ ڪنڊو ۽ قبائون مقبرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو (نمبر 7). ويجهي ڏسڻ سان (نمبر 6) نقشو ڪجهه هن ريت ڏسڻ ۾ ايندو: ويجهڙ واري دور جي عمارت جي پٺئين پاسي ساڄي طرف هبشاد ٻائيءَ جو مقبرو ڏسڻ ۾ ايندو، وچ تي سلطان ابراهيم جي پڪ سري مزار ۽ کاٻي پاسي هڪ زبون حال مزار آهي. اتي مرزا عيسيٰ خان II جو عاليشان مقبرو پڻ  آهي. روڊ کان بيهي ڏسبو ته ڏاڍو دل لڀائيندڙ منظر ڏسڻ ۾ ايندو. (نمبر 5) ساڄي طرف کان جان بابا جو مقبرو ۽ ديوان شرفا خان جي قبائين مزار، مرزا عيسيٰ خان II جو سفيد رنگ جو عاليشان مقبرو، ڪوٽ اندر باقي بيگ ازبڪ جو مقبرو ۽ کاٻي طرف کان طغرل بيگ جي قبائين ڇٽي واري قبر آهي. مڪليءَ جو هيءُ خوبصورت منظر اتي ختم ٿي وڃي ٿو، جتي روڊ مڪليءَ کي ڪپي ٿو ۽ اتان ٽڪري شهر ڏانهن هلندي وڃي ٿي ۽ سندس اها ٺونٺ عيدگاهه طرف وڌي ٿي. جڏهن هن ٽڪريءَ هيٺان درياهه ڇوليون هڻندو وهندو هوندو ته انهن قديم يادگارن جو نظارو ڪيڏو نه دلفريب هوندو.

ٺٽي جي تاريخ سومرا خاندان جي پوئين دور جي بادشاهن سان لاڳاپيل آهي. سما سلطانن جي آزاد دور ۾ جڏهن سنڌ پنهنجي ثقافتي عروج تي پهتي. انهن کان پوءِ ارغونن جو مختصر ۽ والار وارو وڳوڙي دور آيو. جن قنڌار کان اچي سنڌ ۾ ديرو ڄمايو. ارغونن کان پوءِ ترخان خاندان اچي ٿو، جن جي پويان مغل آيا، جن سنڌ کي پنهنجي ننڍي کنڊ جي شهنشاهت ۾ ضم ڪري ڇڏيو. جاگرافيائي طور سنڌ هن ننڍي کنڊ جي اولاهين ڪناري سان آباد آهي، جنهن تي افغانستان ۽ وچ ايشيا جي تاريخي واقعن جا اثر پون ٿا ۽ جيڪي به انهن ملڪن ۾ سياسي تبديليون آيون ٿي، سنڌ انهن تبديلين کان آجي ۽ الڳ رهي ڪانه ٿي سگهي. ان وقت جي ويجهي بين الاقوامي قوت جي ڪمزور ٿي پوڻ ڪري، سما دور جي ڏينهنن ۾ سنڌ جي اڪيلي ۽ خودمختيار رهڻ جي ڪري، سنڌ وڌي ويجهي ۽ ترقي ڪئي. هڪ طرف سنڌ پنهنجا دوستاڻا ناتا گجرات سان مضبوط ڪيا ته ٻئي طرف ان هرات جي تيموري خاندان ۽ مغلن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو. ايران جي علمي ۽ فني خزاني سنڌ جي وڌندڙ ۽ ويجهندڙ ثقافت ڏانهن رُخ رکيو. سنڌ ان زماني ۾ هنرمندن، عالمن، فاضلن، صوفين، ڪاريگرن، شاعرن، درويشن جي واسطي ڄڻ دارالامان بنجي ويئي هئي، جيڪي وچ ايشيا، ايران ۽ برهانپور (هندستان) کان هلي اچي هتي آباد ٿيا هئا. سنڌ جي حڪمرانن ان قسم جي ثقافتي قوتن کان ڪم ورتو، شاعرن، ڪاريگرن ۽ موسيقارن جي وڏي همت افزائي ڪئي، منجهن سنڌ جي مڪاني ۽ غير مڪاني عنصر کي گڏي، هڪ ڪري گڏيل ثقافتي تصوير کي چٽڻ لاءِ کين اتساهه ڏياريو، ان ثقافت کي جيڪا سگهه ڏني ويئي سا برقرار رهي، پر ان ثقافت ۾ اسلامي روح به سمايل هو. سنڌ پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ڳولي ورتي هئي، جيڪا سنڌي زبان سان لاڳاپيل هئي، زبان جيڪا انسان جي عظيم ڪاميابين کي محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي.

ٺٽي جي ترقي جي شروعات سنڌي سومرا حڪمرانن جي دور ۾ ٿي، جن عربن جي ڪمزور ٿيڻ شرط برتري حاصل ڪئي، پر سلطان محمود غزنوي 11 صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ سنڌ تي حملا ڪري کين جهڪائي ڇڏيو. ٻارهين ۽ تيرهين صدي عيسويءَ جي سياسي هلچل ۾ سومرن ضرور سلطان محمد بن سام غوريءَ26 سان پنهنجا سياسي ناتا قائم ڪري ڇڏيا هوندا، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن سنڌ ۾ گهڻو اندر تائين وڃي حملا ڪيا هئا. هن جي وفات کان پوءِ ناصر الدين قباچه اُچ ۽ ملتان جو طاقتور حڪمران ٿي گذريو  آهي، جنهن سنڌ تي به ضابطو رکيو ته ساڳئي وقت دهليءَ جي سلطان سان به دوستاڻو رستو قائم ڪيو. تيرهين صديءَ ۾ سومرن ۽ دهلي جي سلطانن جي معاملن جي ڪابه خبر نه ٿي پوي، ان وقت ٺٽي جي ڪهڙي حيثيت هئي، ان لاءِ ڊاڪٽر ايم.ايڇ صديقي27 لکي ٿو: ”ان معاملي ۾ ٻيو ذڪر ابن بطوطه جو آهي، جنهن 34-1333ع ۾ سنڌ ڏٺي هئي ۽ سيوهڻ مان درياهي سفر ڪري لاهري بندر پهتو هو. ان وقت نه ته هو ٺٽي جو ذڪر ڪري ٿو ۽ نه وري ڪنهن اهڙي واهڙ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو ان وقت ٺٽي جي ڀرسان درياهه مان ڦاٽ کائي نڪرندو هجي“ سندس ان ڳالهه مان اهو پتو پوي ٿو ته جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو ته ٺٽي جو وجودئي نه هو. ٺٽي متعلق ابن بطوطه واري هڪ ناڪاري معلومات آهي، جنهن کي تغلق جي نسبت سان ڄام انڙ جي حيثيت جي به خبر آهي، ته هن بغاوت ڪري تغلق حڪومت جي مقرر ڪيل سيوهڻ جي حڪمران ملڪ رتن کي قتل ڪري سما گهراڻي جي حڪومت جو بنياد وڌو هو جنهن کي ابن بطوطه سٺو ڪونه ٿو سمجهي.28 پير حسام الدين راشدي29 امير خسرو جي ديوان تحفة الصغر مان 671 هه جو هڪ پراڻو حوالو ڏنو آهي:

سرو چو تو،در اُچه و در تتہ نباشد
گل مثل رخِ خوب تو، البة نباشد
ترجمو: ”تنهنجي قد جهڙا سروَ نه اُچ ۾ آهن ۽ نه ٺٽي ۾،
 تنهنجي سهڻي منهن جهڙا خوبصورت گل اتي ڪڏهن به ڪونه ٿيا  آهن.“

هن حقيقت کان ته انڪار نٿو ڪري سگهجي ته امير خسرو، دهليءَ جي سلطان غياث الدين بلبن جي وڏي پٽ سلطان خان شهيد سان گڏ ملتان ۾ پنج سال (678هه-683هه) گذارياهئا، جڏهن امير خسرو ٺٽي جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ تشبيهه طور ڪري ٿو، ته ان مان اهو  ظاهر ٿئي ٿو ته تيرهينءَ صديءَ ۾ هيءُ شهر تمام مشهور هو، ان ڪري ان شهر جي بنياد پوڻ جا نشان ابن بطوطه جي سنڌ اچڻ کان گهڻو اڳ هجڻ گهرجن. درحقيقت تاريخي شاهديون اهو ٻڌائين ٿيون ته جڏهن علاؤ الدين خلجيءَ (1296ع-1316ع) سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سومرن جي تخت گاهه محمد طور کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ته سومرن ٺٽي ۾ وڃي پنهنجو ديرو ڄمايو هو.30 ان کان پوءِ جڏهن غازي ملڪ تغلق ملتان ۽ سنڌ جو گورنر ٿيو ته ٺٽي جي اهم حيثيت تاريخ ۾ موجود آهي، ان کي تغلق شاهي جي شروعاتي ڏينهن ۾ سلطنت سان ملايو ويو هو. پر چوڏهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ جڏهن محمد بن تغلق جي حڪومت31 بدنظميءَ جو شڪار هئي ته ڄام فيروز الدين انڙ پٽ ڄام ٻانڀيڻو، جنهن جو تعلق سما خاندان سان هو، تنهن بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. اهو 1335ع وارو نازڪ سال هو، جڏهن شهنشاهه جي آڏو ڏاڍا مشڪل مسئلا هئا. 1335ع وارو سال سنڌ جي آزادي ۽ سما خاندان جي آزاد حڪومت جو سال آهي. سمن جي پٺيان ڄام جو لقب هوندو آهي. اهو سڀني سما سلطانن جي نالن سان شامل رهندو آيو آهي، اهو ايران جي شاهنامي جي رزميه ڪهاڻيءَ جي هيرو جمشيد تان ورتو ويو آهي. دهليءَ جي ٻنهي سلطانن - سلطان محمد بن تغلق ۽ فيروز شاهه تغلق سنڌ جي مٿان پنهنجي شاهي بالادستي قائم ڪرڻ جون ڏاڍيون ڪوششون ڪيون، پر سما سلطانن 1335ع ۾ سنڌ جي آزاديءَ جو جهنڊو هڪ وار ڦڙڪايو ته پورو هڪ سو اسي سال تائين پنهنجي پاڙيسري حڪمرانن سان مٽي مائٽيءَ جا رشتا ڳنڍي پنهنجي طاقت جي اثر جي دائري کي وڌائي اقتدار کي هٿي ڏني، ۽ پنهنجي شان ۽ شوڪت ۾ واڌارو آندو. سنڌ جي آزاد حيثيت جي ڪري واپار ۽ تجارت ڏينهون ڏينهن ترقي ڪئي ۽ سنڌ علم، ادب ۽ ثقافت جي بلندين تي وڃي پهتي.

بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته سما دور جي ڪا همعصر لکت ملي نه سگهي آهي، جنهن وسيلي اسان اهو معلوم ڪري سگهون، ته سما خاندان جي حڪمراني ڪهڙن اصولن تي قائم رهي. پوئين دور سان لاڳاپيل تاريخي ڪتابن ڪن روايتن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي يا وري يادگاري ڪتبا آهن، جن عالمن32 کي ڪجهه معلومات ڏني آهي، جن مان ان خاندان جي بادشاهن جا شجرا ترتيب ڏئي سگهجن ٿا، پر خانداني دشمنين شجرن کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي ۽ مسلماني وراثت جي عمل کي ڄڻ روڪي وڌو آهي. وراثت جي ان طريقي هميشه ڀاءُ کي ڀاءُ هٿان ڪهرايو آهي. ڀائٽن هميشه چاچن جو قتل ڪيو آهي. سما خاندان جي سنڌ اندر ڊگهي عرصي جي حڪومت ۾ به اهڙا ڪيترائي مثال ملندا. ان قسم جي جهيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻٽي بادشاهي33  جي اصول کي سمجهائڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي جيڪا سنڌ ۾ ڪا نئين ڳالهه نه رهي آهي. غوري ڀائرن، شهاب الدين ۽ غياث الدين محمد جو ته34 مشهور مثال آهي، پر موجوده حالتن ۾ هيءَ ڳالهه بلڪل مختلف آهي.

سما خاندان جي ڏاڏي جو نالو ٻانڀيڻو هو، جنهن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ بلڪل صحيح ٻڌايو آهي ته سنسڪرت جي اکر برهمڻ تان ورتل آهي، جنهن جي پوئين صورت ٻانڀڻ آهي. هن لفظ جي اصليت برهمڻ مان برهمانيه آهي، جنهن جو مطلب آهي35 ’برهما بچايو‘ کيس ٻه پٽ هئا. هڪ انڙ ۽ ٻيو جوڻو. پهرئين سن 1335ع ۾ محمد بن تغلق جي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو يا ان کان ٿورو اڳ ۾. جنهن وقت ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو هو. ڄام انڙ کان وٺي ڄام نصير الدين ابو الفتح سلطان فيروز شاهه تائين هڪ شجرو ڄام نظام الدين36 عرف ڄام نندي جي مقبري ۾ خطاطي ۾ اُڪيريل آهي، جيڪو پوئين حڪمران جو پيءُ هو. پر جانشينيءَ وارو معاملو ڏاڍو ڏکيو آهي. دهلي جي تغلق سلطان، شروعاتي دور ۾، مڪاني دشمنين مان فائدو ورتو ۽ ڄام انڙ جي ڀاءُ ڄام جوڻي کي پنهنجي ٻن ڀائيٽن صدر الدين ڄام ٻانڀيڻو II ۽ رڪن الدين شاهه ڄام تماچيءَ خلاف استعمال ڪيو. ڄام جوڻو کڻي ٿوري وقت لاءِ ته ڪامياب ٿيو، پر سندس ٻنهي ڀائيٽن پنهنجي حيثيت ٿوري وقت اندر بحال ڪري ورتي. ٻنهي ڀائرن جي طاقت جي بحالي هڪ صوفي شيخ درويش حماد جمالي37 ولد شيخ رشيد الدين جي ڪرامت جي ڪري ٿي هئي، جنهن جي خدمت انهن ٻنهي جي ماءُ بجا آڻيندي هئي. پر حقيقت اها آهي، ته 1388ع ۾ فيروز شاهه تغلق جي وفات ٿي، جيڪو ٻنهي کي يرغمال ڪري دهليءَ وٺي ويو هو ۽ ان جي موت جي ڪري ئي کين آزادي نصيب ٿي هئي. تن مان هڪ ڀائٽي صدر الدين وفات ڪئي ۽ ٻيو ڄام تماچي واپس موٽي آيو ۽ پنهنجي چاچي ڄام جوڻي کان تخت کسي ورتائين. اقتدار ڄام تماچي کان پوءِ سندس پٽ صلاح الدين ۽ بعد ۾ سندس پوٽي ڄام نظام الدين I وٽ آيو، پر ان کان پوءِ ڄام نظام الدين جي چاچي ڄام علي شير اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. امڪان اهو آهي ته چاچي ۽ ڀائٽي جي تخت لاءِ ڇڪتاڻ ڪمزوريءَ جو سبب بڻي هوندي ۽ تخت وري ڄام جوڻي جي ٻن پوٽن ڏانهن هليو وڃي ٿو، جيئن اسان ڏسون ٿا ته ڄام ڪرن ۽ صدر الدين ڄام سڪندر، خير الدين ڄام توغاچيءَ جا پٽ هئا. اقتدار جي واڳ ٻن نسلن تائين پوئين خاندان ۾ رهي. ڄام سڪندر جا ٻه پٽ ڄام فتح خان ۽ ڄام تغلق هڪ ٻئي پٺيان تخت نشين ٿيندا رهيا. سندن اقتدار جو دور چاليهه سال کن هليو، پر سڪندر ٻئي جي زماني ۾ وري ساڳيو اقتدار وارو مسئلو جاڳي پيو، ڇاڪاڻ ته ٿوري عرصي لاءِ تخت تي ڄام مبارڪ زوري قبضو ڪري ورتو هو. اقتدار لاءِ سؤٽاڻي ڇڪتاڻ ٻئي گهراڻي جي سمي خاندان صدر الدين ڄام سنجر عرف راءِ ڏني کي تخت تي قبضي ڪرڻ جو وجهه ڏنو. اها هڪ خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي جو پوئين حڪمران جي پٽ ڄام نظام الدين عرف نندي گهڻي وقت تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندس اقتدار اٽڪل روءِ ساندهه پنجاهه سالن تائين هليو. هن حڪمران جي ڏينهن ۾ سنڌ گهڻ پاسائين ترقي ڪئي. سڀ تاريخ لکندڙ هن حڪمران جي تمام گهڻي ساراهه ڪن ٿا. سندس هڪ عقلمند ۽ مدبر وزير دريا خان38 حڪومت جو سارو ڪاروهنوار اُڪلائيندو هو، جنهن کي سندس ڪوڏاڻي نانءَ سان ”قبوليو“ ڪري به سڏيندا هئا. هن رياستي معاملن کي وڏي تدبر ۽ ڏاهپ سان هلايو. آخري حڪمران سلطان فيروز شاهه، جو سندس سؤٽ صلاح الدين ٻئي سان اقتدار جي معاملي تي ڊگهو تڪرار شروع ٿي ويو. ان قسم جي دشمنيءَ ۽ دريا خان جي وفات، قنڌار جي ارغونن کي سـَـوِلو وجهه مهيا ڪيو. سما خاندان سان لاڳاپيل حڪمرانن جو شجرو ايندڙ صفحن تي ڏسي سگهجي ٿو.

سما دور جي پوين حڪمرانن کي وچ ايشيا، افغانستان ۽ ايران جي سياسي ڦيرگهير جي نتيجن کي منهن ڏيڻو پيو هو. تيمور جي وارثن تيموري شهنشاهت کي پاڻ ۾ ورهائي کنيو ۽ هر هڪ بادشاهه پنهنجون شاهـــي سرحدون

 تصوير 7 - درياءَ جي پراڻي پيٽ وٽان بيهي ڏسبو ته سلطان ابراهيم خان جو مقبرو مرزا عيسيٰ ترخان I جي مقبري جي چوديواري جي کاٻي طرف  آهي ۽ عبدالله شاهه اصحابي جي مزار وچ تي ڏسجي ٿي.

وڌائڻ ويجهائڻ ۾ لڳو پيو هو. انـهـن سڀنـــي مان شــاه رخ وڏيءَ طاقت وارو حــڪمران ٿيو. جنهن پنهنــجي طاقت کي هرات کان اولهه ايران  ڏانهن وڌائڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پاسي ڏکڻ ڏانهن قنڌار تائين پنهنجي اقتدار کي پکيڙيو. شاهه اسماعيل صفويءَ شاه رخ جي پوين کي هرات مان هڪالي پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪري ورتو. ٻئي طرف، شيباني اتر کان ڏکڻ ڏانهن وڌيا. بابر، جيڪو دهليءَ ۾ مغل طاقت جو بنياد وجهندڙ شهنشاهه هو، تنهن سمرقند ڇڏي افغانستان ڏانهن قسمت آزمائي شروع ڪئي ۽ ڪابل ۾ پير پختا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان زماني ۾ تيموري خاندان جو سلطان حسين بايقراه، جيڪو هرات جو حڪمران هو، تنهن ذوالنون، ارغونن جي وڏي کي سمرقند جو گورنر مقرر ڪيو. امير ذوالنون، سلطان حسين بايقراه جي پٽ بديع الزمان کي وڌيڪ ويجهو هو، ڇو ته هن پنهنجي ڌيءَ جو سڱ بديع الزمان کي ڏنو هيو، جيڪو پنهنجي پيءُ جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪري چڪو هو. پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ اقتدار لاءِ ويڙهه واري زماني ۾ امير ذوالنون 1507ع:913هه ۾ شيبانين هٿان شهادت ماڻي. سندس پٽ شاه بيگ پنهنجو بخت آزمائڻ لاءِ اڳتي پيش قدمي شروع ڪئي، پر بابر جون لالـچي نظرون سندس مستقبل لاءِ وڏي رنڊڪ بڻيل هيون، تنهنڪري هن ڏکڻ طرف سنڌ ڏانهن نظر ڊوڙائي. هن جي پهرين هلان ۽ پيش قدمي دريا خان روڪي ورتي، جيڪو ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو وزير ۽ فوج جو سپهه سالار پڻ هو. ان ئي زماني ۾ سنڌ جي سما خاندان گجرات جي حڪمرانن سان مٽي مائٽيءَ جا رشتا ناتا جوڙي ورتا هئا. ڄام نظام الدين پنهنجي هڪ ڌيءَ بيبي معلي گجرات جي سلطان محمد (1441ع-1451ع) کي پرڻائي ڏني هئي، جنهن جي پيٽان محمود بيگڙي (1511ع-1458ع) جهڙو جڳ مشهور ۽ ناليوارو سلطان ڄائو. گجرات جا سلطان سنڌ جي سمن سلطانن جي هميشه مدد ڪندا رهندا هئا. جڏهن ارغونن سنڌ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، ته گجرات جي سلطان سنڌ جي سمي، حڪمران صلاح الدين II کي پاڻ وٽ پناهه ڏني ۽ ٺٽو موٽائي وٺڻ لاءِ سندس فوجي مدد پڻ ڪئي. پر سندس سؤٽ ڄام فيروز شاهه (II) ان وقت ارغونن جو طرفدار هو، کيس اها خوشفهمي هئي ته اهي کيس صلاح الدين کان اقتدار وٺرائي ڏيندا. پر جيڪڏهن هو ٿورو به دور انديشيءَ کان ڪم وٺي ها ته کيس محسوس ٿي وڃي ها ته ارغون پاڻ ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاٿل هئا. انهن وٽ ڄام فيروز II کي ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو ڪونه هو ۽ آخرڪار 1520ع ۾ ارغونن سنڌ فتح ڪري ان کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو. سمن جو آخري حڪمران وٺي گجرات ڏانهن ڀڳو ۽ اهڙيءَ ريت سنڌ جي آزادي ختم ٿي ويئي. سنڌ ان راند جو حصو بڻجي ويئي، جنهن جون پاڙون وچ ايشيا جي خوني اقتداري سياست ۾ کتل هيون ۽ صورتحال اڃا به وڌيڪ خراب ٿي جڏهن بابر جي اولاد سنڌ کي فتح ڪيو، سنڌ ۾ ثقافتي سرگرمين ۾ واڌ جاري رهي. جڏهن ته سياسي غير يقيني صورتحال نين طاقتن کي وجود ۾ آندو. ان ريت تبديليءَ واري هن دور ۾ ملڪ ۾ بربادي ۽ مصيبت وڌي وئي.

 تصوير 8 - قومي شاهراهه تان بيهي ڏسبو ته ٺٽي جو نئون شهر هڪ پراڻي دڙي تي تعمير ٿيل نظر ايندو. جنهن جي کاٻي پاسي پاڻيءَ جي اوچي ٽانڪي ڏسجي رهي آهي.

شاهه بيگ ارغون جي پٽ شاهه حسن ارغون پاڻ کي سنڌ ۾ڪجهه اهل حڪمران ڪري ثابت ڪيو، جنهن ٺٽي ۾ پنهنجاپير پختا ڪيا. بکر جو سلطان محمود ڪوڪلتاش سندس اقتدار ۾ ٻانهن ٻيلي هو. هيءُ اهو زمانو  آهي، جڏهن شهنشاهه همايون شير شاهه کان شڪست کائي سنڌ ۾ بخت آزمائڻ ۽ پير ڦٻائڻ جا جتن ڪري رهيو هو ۽ هن سنڌ کي پنهنجي جدوجهد جو مرڪز بڻائڻ ٿي گهريو، پر شاهه حسن ارغون کانئس وڌيڪ چالاڪ ثابت ٿيو ۽ ڳالهين ٻولهين ذريعي کيس ايران ڏانهن وڃڻ لاءِ راضي ڪيائين ۽ کيس سفر جي لاءِ ضروري خرچ پکو پڻ ڏنائين.

شاهه حسن ارغون جيتوڻيڪ گهڻين خوبين جو مالڪ هو ۽ پوئين تيمور خاني روايتن تي ڪاربند هو، پر تنهن هوندي به ارغونن ۽ ترخانن جي مختلف قبيلن کي گڏ رکڻ ۾ بلڪل ناڪام ويو. جڏهن انهن ۾ ڳنڀير قسم جا اختلاف پيدا ٿيا ته اميرن نوابن هڪ هنڌ گڏ ٿي 1554ع:962هه ۾ مرزا عيسيٰ سان وفاداريءَ جو اعلان ڪيو. شاهه حسن ساڻن اختلاف پيدا ڪيو، ۽ لشڪر وٺي وڃي هنن سان جنگيون ڪيائين، نيٺ فيبروري 1555ع ۾ شاهه حسن وفات ڪري ويو. ترخانن ٺٽي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ اتر سنڌ سلطان محمود جي حوالي رهي. منجهن اهائي دشمني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 1556ع:963هه ۾ پورچوگيزن کي دعوت ڏئي گهرايو ويو، جن ٺٽي جي دولت ۽ سونهن ڦري لٽي باهيون ڏئي ناس ڪري ڇڏي. مرزا عيسيٰ خان ترخان I جي پٽن ۾ اختلاف شروع ٿيا ۽ مرزا محمد صالح ۽ مرزا باقي بيگ جي وچ ۾ خوني اقتداري راند جي شروعات ٿي. مرزا باقيءَ جا ڀاڳ ڀلا هئا جو مرزا صالح 1562ع:970هه ۾ مارجي ويو. مرزا عيسيٰ ترخان جي وفات 1565ع:973هه کان پوءِ اقتدار تان سندس ٻن پٽن مرزا باقي بيگ ۽ جان بابا جي وچ ۾ اختلاف جي شروعات ٿي. نيٺ مرزا باقي بيگ ڪامياب ٿيو. مرزا باقيءَ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ پائينده خان ٿوري وقت لاءِ سندس جانشين ٿيو. پائينده خان کان پوءِ سندس پٽ جاني بيگ ٺٽي جو اقتدار سنڀاليو،پر هن کي به شهنشاهه اڪبر تپائي کنيو.

 تصوير 9 - نئين شهر جي جڳهن هيٺان پراڻي ٺٽي جا دڙا جيڪي هلندا وڃي آباد زمين تائين پهچن ٿا ۽ جن مٿان گهاٽا وڻ ڏسجي رهيا آهن.

شهنشاهه اڪبر جي پنهنجي شهنشاهت جي سرحدن وڌائڻ واري حڪمت عملي ۽ قنڌار تي سندس اباڻي دعويٰ، سنڌ کي پنهنجي الڳ ۽ آزاد حيثيت ۾ رهڻ ۽ سـُـک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. قنڌار ڏانهن فوجي اڳڀرائي واري حڪمت عمليءَ ۾ سنڌ کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو. ڪيترين جنگين کان پوءِ مرزا جاني بيگ شڪست تسليم ڪئي. تـُـرت کيس دهلي روانو ڪيو ويو. اڪبر 1593ع ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس 3000 جو منصبدار ۽ ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو، پر کيس سنڌ وڃڻ جي اجازت ڪانه هئي. سندس پٽ غازي بيگ پنهنجي وفات: 1022هه/1614ع تائين ٺٽي جو نالي ماتر گورنر رهيو، پر هن کي به ٺٽي ۾ رهڻ جي اجازت ڪانه هئي. انهن پاران مرزا خسرو چرڪس حڪومت جو ڪاروهنوار هلائيندو رهيو، جيڪو فن، شاعري ۽ عمارت سازيءَ جو ڏاڍو شوقين هو. هن پنهنجي دور ۾ ڪيتريون ئي عاليشان عمارتون جوڙايون. ترخان خاندان جو ٻيو ناليوارو مغل حڪمرانن پاران مقرر ٿيل گورنر مرزا عيسيٰ II مشهور ٿيو، جنهن ٺٽي ۾ عاليشان قبو تعمير ڪرايو.

قنڌار مان ايندڙ ارغونن ۽ ترخانن ٺٽي ۾ تيموري روايتن کي برقرار رکيو. سنڌ، سندن اقتدار واري دور ۾ فارسي ادب ۽ محل ماڙيون اڏائڻ واري فن ۾ تمام وڏي ترقي ٿي. ساڳي وقت اصلي سنڌي فن به نئين سر ترقي حاصل ڪرڻ لڳو. مغلن جي اچڻ سان ساريون حالتون ئي بدلجي ويون. سنڌ، 1612ع کان وٺي 1737ع تائين پورا 38 مغل گورنر ڏسي ٿي، جيڪي ڪلهوڙن جي ڏينهن يا اورنگزيب جي موت، خاص طور تي نادر شاهه جي حملي 1740ع تائين سنڌ ۾ آيا ۽ ويا. ان کان پوءِ سنڌ دهليءَ جي مغل حڪمرانن جي بالادستيءَ مان نڪري، ايراني تسلط هيٺ آئي. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ٺٽو سنڌ جي راڄڌاني نه رهيو، ان ريت ٺٽي کي پنهنجي مقدر سان پاڻ نبرڻ لاءِ کيس آزاد ڇڏيو ويو.

تصوير 9 - الف - ريسٽ هائوس کان نظر ايندڙ مڪليءَ جو منظر.

 مرزا جاني بيگ 1592هه (1001هه) ۾ عبدالرحيم خانِ خانان ۽ مير معصوم بکري جي فوجن سان ڪيتريون چوٽون کائي ٻاهڙي واري جنگ ۾ هڪ فوجي اٽڪل نه سمجهڻ سبب شڪست کاڌي. سندس سنڌي فوج جي ساٿ ۽ عوام جي ساڻس گهري سنٻند سبب مغلن کيس مان ڏنو ۽ کيس سنڌ جو غير حاضر گورنر مقرر ڪيائون ۽ کيس ڪڏهن به سنڌ ۾ اچڻ نه ڏنائون. مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ ان جي پٽ مرزا غازي بيگ جيڪو پڻ سنڌ جو مغل گورنر مقرر ٿيو (کيس به سنڌ ۾ اچڻ جي منع ٿيل هئي) رڳو ٽي سال سنڌ ۾ رهيو ۽ 7 سال قنڌار ۽ پنجاب جي فوجي مهمن ۾ مصروف رهيو. هن شهزادي 27 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ساڳيو سلسلو مرزا عيسيٰ خان ترخان II سان دهليءَ وارن جو رهيو، هن جي سڄي زندگي سنڌ کان ٻاهر گجرات ۽ سورت جي گورنري ۽ فوجي مهمن ۾ گذري. سنڌ ۾ ترخان حڪمرانن جي حڪومت سندن نائب هلائيندا رهيا. مٿيان سنڌ جا حڪمران مغلن پاران افغانستان، گجرات ۽ ٻين علائقن ۾ دهلي حڪومت جا فوجي فرض ادا ڪندي اتي گذاري ويا ۽ کين وصيت پٽاندر سندن جنم ڀومي سنڌ ۾ مڪلي ٽڪريءَ تي دفنايو ويو. ان ڪري گهڻا تاريخ جا ماهر مرزا جاني بيگ جي شڪست 1592ع تائين ترخان دور کي تسليم ڪن ٿا. ان ڪري ليکڪ پاران ٻنهي جي مغلن پاران غير حاضر گورنر واري دور کي ”جاگيرداري“ وارو دور ڪري لکيو آهي.

** مرزا جان بابا سنڌ جو نالي ماتر غير حاضر گورنر به نه رهيو ۽ سڳي ڀاءُ ميرزا باقي بيگ جي سازش سبب قتل ڪيو ويو. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ