تصوير 13 - هن تصوير ۾ شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مدرسي سان گڏ سينڌ
ونگ
Lancet Shaped arch سان لنگهه ڏسجي ٿو، جيڪو هڪ پڪ سرائين مقبري ڏانهن کـُـلي ٿو.
ان لنگهه وارو مقبرو هاڻي ڊهي ناس ٿي ويو آهي.
جيڪو شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مدرسي واري جڳهه ۽
سندس سفيد مقبري جي وچ تي آهي. هيءَ اڏاوت 14 هين
صدي عيسوي جي مـُـنڍ واري دور سان تعلق رکي ٿي.
(بقايا سنڌيڪار جو نوٽ)
قلعي سما، ارغون ۽ ترخان دور ۾ ٺٽي جو ڪڏهن بچاءُ ئي نه ڪيو
آهي. قلعي جو نالو به ڪلان ڪوٽ نه پر ڪلياڻ ڪوٽ
آهي. ڏٺو وڃي ته نگر ٺٽو جاگرافيائي طور سنڌ جي
لاڙ واري حصي ۾ موجود آهي. ڪڏهن تاريخ ۾ ڪڇ ۽ ڀڄ
به لاڙ واري حصي ۾ موجود هوندا هئا. هن علائقي جي
مشهور شهرن جا نالا
هن دور ۾ ڏسجن ٿا. مينانگر، ٺٽو نگر، ڄام نگر، سريندر نگر
وغيره. هن علائقي ۾ ڪن ماڳن جا اهڙا نالا آهن جن
جو اڳيون لفظ ڪلياڻ آهي.
تصوير 11 ۾ سندس بيان آهي ته قلعي واري مسجد سما دور يعني 16
هين صديءَ کان اڳ جي ڪانه آهي. پر سمن جو دور
سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ ئي ختم ٿي وڃي ٿو، ته
مسجد سمن کان اڳ ڪنهن تعمير ڪرائي؟ ٻيو ته مسجد ۽
قلعي ۾ استعمال ٿيل سر ساڳئي هڪ قسم جي آهي، جيڪا
مڪليءَ جي اڏاوتن واريءَ سر کان مختلف آهي. ان کان
سواءِ مينگر ۽ ان جو قلعو ڪلياڻ ڪوٽ سنڌوءَ جي
ساڄي ڪناري آهن. معلوم ٿئي ٿو ته هنن ٻنهي اڏاوتن
جو ان دور سان تعلق ڪونهي جڏهن سنڌ تي خيبر ۽
بولان لـَـڪ کان حملا ٿيڻ شروع ٿيا هئا. پر ان
زماني سان حملن جو امڪان هو. قوي امڪان آهي ته
"دَسِ رجني" جنگين ڪري سنڌ جي حڪمرانن سنڌوءَ جي
ساڄي ڪناري شهر ۾ انهن جا قلعا تعمير ڪيا هجن.
وڌيڪ ثابتيءَ لاءِ ڏسو گريگوري ايل. پوسيل
(Gregory L.Possehl) جو مشهور ڪتاب
“Indus Civilization in Sorashatra”
(سنڌيڪار جو نوٽ پورو ٿيو).
ٿورو مٿان پٿرائين پرديءَ ۾ هوا ۽ روشنيءَ لاءِ ڳڙکيون ڪڍيل
آهن. ڏيڍيون اَٺاس شڪل وارن ٺـُـلهن تي بيٺل آهن.
ٺلهن جي بنيادن وارا پاسا چورس آهن، مٿان ڇت سر
درن تي رکيل ڊگهن پٿرن سان ڇانيل آهي. اولي مٿان
ڪرنگهائينءَ طرز جا سادا ڪـُـنگرا رکيل ڏسجن ٿا،
انهن جي هيٺان پٿرن جو ڇـَـڄو نڪتل آهي. اندرئين
پاسي تي اٺاس شڪل جا اٺ ٺلهه آهن. هر هڪ ٺلهه هڪ
ڪنڊ تي ۽ هر هڪ پاسي جي وچ تي هڪ ٺلهه آهي. انهن
ٺلهن جا تاج ٻه مـُـکي گهوڙيءَ جي نموني ٺاهيل
آهن، سردر اهڙيءَ ترتيب سان رکيا ويا آهن، جو ڪنڊن
وارا ٺلهه وچ تي اچي ويا آهن، ۽ ساڳئي ماپ جي
ٻاهرين ٺلهن جي وچ ۾ وٿي آهي. اهڙيءَ ريت مٿي قبي
کي اڳتي وڌيل سردرن جي وڌيڪ ٽيڪ ملي وڃي ٿي. مٿي
هن طريقي کي (سردرن ۽ سانگڙين کي آرپار رکي) ٻه
ڀيرا ورجايو ويو آهي، جيڪي اڳتي هلي قبي لاءِ اٺ
ڪنڊو بنياد بڻائين ٿا. اهڙيءَ ريت ڄڻ ڏاڪڻ وانگي
هڪ ٻئي مٿان سردر رکي اٺ ڪنڊي يا چوراس واري وٿيءَ
سان ترتيب ڏني ويئي آهي ۽ ڇت کي ڍڪيو ويو آهي.
اندرئين پاسي وارا اٺاس وارا ٿنڀا، ٻاهرئين پاسي
کان وٿي ڇڏين ٿا. ان وٿيءَ کي وچ واري ننڍڙي چورس
وٿي لاءِ، رستي طور ڪم آڻي سگهجي پيو. اندر طرف
وارا ڇڄا ٻاهرئين طرف کان چؤطرفي قبيءَ جي ڇت جي
ڪري ڏسي ڪونه ٿا سگهجن، ڇاڪاڻ ته اها ڄڻ چؤڪنڊيءَ
جي ڇت بنجي پوي ٿي. قبي جي مٿان هڪ ٻئي جي مٿان
رکـيـل ڪـَـلسن جو سلسلو آهي. هيءُ بناوت جي لحاظ
سان سادي سودي عمارت آهي، پردين مان روشنيءَ ۽ هوا
جي لاءِ ڇڏيل سوراخن جي بناوتي فن کان سواءِ ساري
ڪاريگري عام نموني جي آهي ۽ وقت گذرڻ ڪري پٿر به
هيڏي هوڏي ٿي ويا آهن، هيءُ هڪ سادي قسم جو تجربو
آهي، گهڻو ڪري ٻين هنڌن تان ماضيءَ جا اڏاوتي
نمونا ڏسي ٺاهيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو، ته اهي ڪن
درويشن جا درسگاهه هجن، جن جو نقل ڪيو ويو هجي.
مدرسه نما قبايون ڇٽيون
هي قديم آثارن جي هڪ ٻئي مـُـچلي
(Group) سان لاڳاپو
رکن ٿيون، جنهن کي قديم آثارن واري کاتي جي رڪارڊ
۾ مچلو III
ڪري سڏيو ويندو آهي. ان جو اصلي مرڪز، شيخ حماد
جمالي واري19 جڳهه چيو وڃي ٿو.
تصوير 14 - مدرسي جي جڳهه سان مشابهت رکندڙ هڪ ڇٽيءَ نما
مقبرو، جنهن ۾ هڪ ٿنڀ ۽ سردر تي ٻڌل هڪ لنگهه ڏسجي
رهيو آهي. اندر داخل ٿبو، ته هڪ ٿلهي تي ٻه ساديون
قبرون ڏسڻ ۾ اينديون. هن تعمير ۾ سنهي پردي سان
دريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن جي پٺئين پاسي کان هڪ
قديم مسجد جو اوڀر وارو پاسو طرف ڏسجي رهيو آهي.
هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي.
سندس والد جو نالو شيخ رشيد الدين شيخ جمال اُچي هو، جيڪو اُچ
شريف جو ويٺل هو، هيءُ چوڏهينءَ صدي عيسويءَ جو
مڪليءَ جو مشهور بزرگ آهي، سما خاندان جو پايو
وجهندڙ ڄام انڙ جي گهر واري سندس ڏاڍي عقيدت مند
هوندي هئـي، قـديم مسـجد کـان اولهه طرف سندس
خانقاه هئي، هن جو پنهنجو مقبرو، جيڪو پراڻي مسجد
جي اوڀر طرف آهي، سو هينئر ڊهي پٽ ٿي ويو آهي.
سندس مقبري جي مرمت مغل دور ۾ ٿي ۽ ان کي ڪاشيءَ
جي سرن سان پڻ سينگاريو ويو. ان مقبري جي ڏکڻ ۾ڊٺل
هڪ مقبرو آهي، (نمبر 14) جنهن جا سادا ٺلهه اڃا به
بيٺل آهن. سردر، پردي واريون ڀتيون هڪ ئي ٿلهي تي
ٻه قبرون اڃا به موجود آهن. مير علي شير قانع20 ان
مقبري جي چؤطرف گهڻين عمارتن جو ذڪر ڪيو آهي. هڪ
عمارت سلامت رهي آهي، جنهن جو لاڳاپو به پراڻي دور
سان آهي، جيڪا بناوت ۾ مٿي ذڪر ڪيل مدرسي جي عمارت
سان هڪ جهڙائي رکي ٿي. اڳين پراڻيءَ اڏاوتن وانگي
هڪ سادي عام رواجي عمارت آهي. اڏاوت جي لحاظ کان
هم چورس آهي. ان جي ٻاهرين ماپ 18 فوٽ 19 انچ
آهي، منجهس 12 ٺلهه آهن، جن جي بناوت هم چورس 12
انچ آهي. چار ٺلهه چئن ڪنڊن تي ٺهيل آهن ۽ باقي
ٻه هر هڪ پاسي تي ٺهيل آهن. ساڳئي نموني سان ڪنڊن
تي سردر هنيا ويا آهن، جيڪي پاسي وارن ٻن ٺلهن تي
ڌريل آهن، وچ تي ٽيڪ لاءِ هڪ ٺلهه ڏنو ويو آهي.
وڌيڪ ٺلهن ۽ سردرن اندرئين چوراس جي صورت کي اٺاس
۾ بدلائي ڇڏيو آهي، جيڪو قبي جي بناوت لاءِ بنياد
بڻجي ٿو، پر بدقسمتي اها آهي جو اهو ڊهي ڪري ختم
ٿي ويو آهي. اهو چٽو ڪونهي، ته اهو قبي جو سڌو
سنئون بنياد هو يا مدرسي ۾ استعمال ٿيل اڏاوتي
طريقي کي پڻ هتي به ڪتب آندو ويو هو. ٻن قبرن جو
ٿلهو، جنهن جي ماپ 7 فوٽ 11 انچ ڊيگهه ۽ 7 فوٽ 9
انچ منڍو آهي، انهن مٿان سرن جي ڏندڙي به هنئي وئي
آهي، جيڪا سادي آهي. قبرن جو مٿيون پاسو ٻن
چوڪـُـنڊي خانن ۾ ورهايل آهي. سيرانديءَ کان گول
اُڪير واري چٽسالي ٿيل اٿس ۽ ڏاکڻي خاني ۾
زنجيريءَ واري لڙهه ٺهيل آهي. ٻاهرين ٺلهن واري
وٿي مـُـنڍ ۾ لسن پٿرن جي اوساريءَ سان بند ڪيل
هئي، پر هر هڪ ڪنڊ تي هوا ۽ روشنيءَ جي گذر واسطي
پرديءَ واري ڀت ۾ جالي ٺهيل آهي. سڀ ٺلهه هم چورس
شڪل جا آهن، جيڪي صفا سادا آهن. انهن جي تاج ۾
چؤمـُـکيون گهوڙيون لڳل آهن، مقبري جي بناوت جي
سادگي اهو ظاهر ڪري ٿي، ته مدرسي جي قديم عمارت
وقت جي لحاظ کان ان اڏاوت جي ويجهو هئي.
شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جي ڇٽي
مڪلي ٽڪريءَ تي قديم مسجد جي اولهه پاسي (پليٽ 7) ڪيتريون ئي
تباهه ۽ برباد جڳهون موجود آهن. اهو پٽ تي ڪريل
اڏاوتي سامان پنهنجي اصلي صورت ۾ چوڌاري کنڊريو ۽
پکڙيو پيو آهي ۽ اهو ممڪن آهي، ته ساڳين اڏاوتي
شين مان گهڻي قدر ساڳيون عمارتون کڙيون ڪري سگهجن
ٿيون. بي انتها خوبصورت يادگار (نمبر 15) جنهن جي
دروازي جي لنگهه تي هنيل پٿر تي ڪيل چٽسالي (پليٽ
9) ٺلهه، پردي لاءِ ڪڍيل ڀتيون ۽ سر درن تي اُڪير
واري چـِـٽَ اڃا بچيل آهي. سندس تعمير جو نقشو
قديم مدرسي جيان آهي. نفاست ۽ نزاڪت سان ڀرپور
باڪمال ڪاريگريءَ واري اُڪير اهو ٻڌائي ٿي، ته
هيءُ ڪم ڪنهن شاهي بخشش وسيلي ٿيو هوندو. اهو چيو
ويندو آهي ته سلطان ڄام تماچي، شيخ حماد جماليءَ
جو ڏاڍو معتقد هو، اهو امڪان ٿي سگهي ٿو، ته ڀر
واري مسجد سان گڏ هيءَ
تصوير 15 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جو هڪ مجموعي منظر، جنهن
۾ مختلف سردرن جو هڪ دائرو نظر اچي ٿو. جيڪي ٺلهن
جي آڌار تي بيٺل آهن. هن اڏاوت جو واسطو 14 هين
صدي عيسويءَ سان آهي.
تصوير 16 - هڪ تعمير جي ڪـُـنڊ وارو اُڪيريل سردر جيڪو پٿر جي
خوبصورت اُڪيريل چٽيل ٿنڀن جي آڌار تي بيٺو آهي.
هن اڏاوت جي ڪاريگري مان پتو پئجي وڃي ٿو، ته شيخ
حماد جماليءَ جي مدرسي جي گول ڪمري کي اٺاس جي شڪل
۾ ڪيئن بنايو ويو آهي.
مدرسي جي عمارت به هن لاءِ سلطان اڏائي هجي. ان عمارت جو بنياد
مٿي آهي ۽ اڳئين ذڪر ڪيل مدرسي وانگي هم چورس آهي،
جنهن کي ٻارنهن ٺلهه آهن. هڪ ٺلهه هرهڪ ڪنڊ تي ۽
ٻه هر هڪ پاسي تي بيٺل آهن. ڪمري جي چورس کي ڀتيون
ڏئي ٺاهيو ويو آهي. ڀتين ۾ استعمال ٿيل پٿر لسو ۽
سادو آهي. هر هڪ ڪنڊ تي پرديءَ ۾ هوا ۽ روشنيءَ
لاءِ جالي ٺهيل آهي. اوڀر طرفان در وارو پٿرائون
چوڪاٺو تمام نفاست ۽ نزاڪت سان اُڪيريو ويو آهي.
(پليٽ 9). پٿر جي ٺلهن جو نمونو (نمبر 17) ڏاڍو
دلچسپ آهي. ٺلهن جو ٻاهريون پاسو، جيئن ٻاهرئين
طرف کان ڏسجي ٿو، هم چورس آهي، پر بي انتها سادو
آهي، ۽ اندريون پاسو جيئن اندران ڏسجي ٿو، ڏاڍو
سهڻو ۽ اڀريل اُڪير
(High relief)
ٿيل آهي. هڪ مثال: اُڀريل اُڪير طرز جي چٽساليءَ
جا ڪيترائي ڀاڱا ۽ نمونا ڏيکاري ٿو. ٺلهن تي
چؤمـُـکيون گهوڙيون آهن، جن جي پٿر جي ڪناريءَ تي
هيري ڪڻ جي آڌين جي چٽن واري اُڪير ٿيل آهي. انهن
کان سواءِ گهوڙين جي هيٺئين پاسي کان تمام سنهي
اُڪير جا ونگوڙا ٺهيل آهن. ٺلهن جي تاجن جي هيٺان
ٿوري ڳچي ۽ ليڪن سان سوڙهي پٽي آهي، پر ٻيو ڪو خاص
ڪم ٿيل ڪونه آهي، ٺلهه جي تمام مٿانهين حصي ۾
گلدان بدران ابتن پنن جي چٽسالي اُڪيريل آهي، ان
کان هيٺئين حصي ۾ هيري جي اڌ جهڙي اُڪير آهي، تنهن
بعد سورج مکيءَ جو گل ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن جي چوڏس
مڻين جي چٽسالي آهي. ان جي هيٺان اُڀو چؤپاسو چٽيل
ڏسڻ ۾ ايندو. آخر ۾ پنن جي قطار آهي، جيڪي مٿي کڙا
نظر اچن ٿا. ٺلهه جو هيٺيون حصو کاڄي ويو آهي.
اهڙيءَ ريت اڀريل اُڪير ٺلهه تي روشني ۽ پاڇي جو
تاثر ڇڏي ٿي. ساڳيءَ ريت پردي واري ڀت ۾ به سورج
مکيءَ جي گل جي آرپار ٽــُـڪ ٿيل آهي. جيڪا
گولائيءَ جي اندر آهي. در جي چانئٺ ۾ اڌ گول چنڊ
نڪتل آهي. در جا کاٻي ۽ ساڄي طرف وارا چوڪاٺا ڏاڍا
ٺاهوڪا آهن ۽ ٺلهه جي تري ۾ هندي اڏاوت جي نموني
واري جاري آهي، پر ان تي ڪوبه بت تراشيل ڪونه
آهي، فقط عربي صورت خطيءَ ۾ اڀريل کوکيءَ طرز تي
مٿان کان هيٺ تائين اُڪير ٿيل آهي، ان کان علاوه
هيري ڪڻين جي چٽن جي هڪ قطار آهي، وچ تي ’ڏندن‘
وانگي ڏسڻ ۾ ايندڙ هڪ بلاڪ آهي. تعمير جو اندريون
پاسو پوريءَ ريت شانائتو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اندرئين
پاسي سر درن تي اُڀريل اُڪير ((High
relief
طرز تي قرآني آيتن جي خوبصورت (پليٽ 8) خطاطي ٿيل
آهي. هيٺ بنيادن وٽ هيرڪڻين جي هلڪي کوکيءَ طرز
(Low Relief Style) تي ٽـُـڪ ٿيل آهي. ڪـُـنڊ وارا ٽي ٺلهه (نمبر 16) هڪ ٽيڙو
بنائين ٿا ۽ مٿن ترڇو سر در رکيل آهي. اهڙيءَ طرح
هڪ چورس ڪمرو اٺاس جي شڪل ۾ بدلجي وڃي ٿو. ڪمري جي
اندر ڪو ٻيو ٺلهه نظر ڪونه ٿو اچي. قبي تعمير ٿيڻ
وارو سلسلو بيان ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ٿي سگهي ٿو ته
اهو ڇلن کي ڍڪي ڇڏڻ واري طريقي (نمبر 27) سان
بنايو ويو هجي. ممڪن آهي، ته قديم مدرسي جو نقل
ڪيو ويو هجي، ڇو ته اهو ڪـُـنڊن جي پاسن کان سوڙهو
ٿيندو وڃي ٿو. بهرحال هيءَ پراڻي دور سان واسطو
رکندڙ هڪ خوبصورت اڏاوت آهي ۽ سنڌي ڪاريگرن جي هنر
جو هڪ شاهڪار ۽ باڪمال نمونو آهي، جنهن ڄام نظام
الدين جي مقبري جي ڪاريگريءَ جي ڪمال کان گهڻو وقت
اڳ اڏاوتي فن کي اوج ڏياريو. ساڳئي وقت قرآني آيتن
جي اُڪير جي فن کي اسلام کان اڳ وارن نمونن سان
گڏائي ڏيکاريو ويو آهي. ڏٺو وڃي، ته اهي پاڻ ۾
ڪيڏو نه خوبصورت توازن رکن ٿا. آرائشي فن جي لحاظ
کان شيخ حماد جماليءَ جو مدرسو ڄام نظام الدين جي
مقبري واري وڏي فن ۽ ڪلا جي ڄڻ ته هڪ ننڍي پر
بنيادي شروعات هو.
(ب) ڇٽين وارا مقبرا
(الف) ڇهه ٿنڀيون ڇٽيون:
ڀٽا يارو(هالي درويش جو مقبرو)
ڀٽا يارو (هالي درويش جو مقبرو) شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي
اوڀر طرف آهي. پنهنجي نقشي ۾ هيءَ اڏاوت (نمبر 19)
ڇهه ٿنڀي آهي، ان جو اندريون قطر 17 فوٽ 2 انچ
آهي، ڪنڊن تي اُڪيريل چٽن وارا ٺلهه اٿس. هر ٺلهه
تي چؤمکي گهوڙيءَ نموني جو تاج ٺهيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
سڄو تاج بناوت ۾ سادو آهي، پر سندس اهو حصو، جيڪو
مڪڙي وانگي موڙ کائي ڦري اچي سر درن کي جهليو بيٺو
آهي، تنهنجي هيٺئين پاسي کان ٽي ڦيٿا يا سورج مکي
جا گـُـل اُڪيريل آهن. ٻاهرئين پاسي وچ تي هيٺئين
طرف کان ٿوري گهرائيءَ ۾ هڪ هم چورس دائري اندر به
سورج مکيءَ جي اُڪيريل تصوير نظر اچي ٿي. پاسن تي
ڏوريءَ واري روايتي اُڪير آهي، جنهن جي گولائيءَ
جي وچ ۾ هڪ پـَـنُ جو چـِـٽ اُڪيريل آهي. اهي سردر
اڳتي وڌيل ڇڄي کي ٽيڪ ڏيو بيٺا آهن، جن کي سوگهي
جهلڻ لاءِ اولي وارا پٿر هنيا ويا آهن. مٿن گل ميخ
جي مٿي جهڙي چٽسالي ٻن قطارن ۾ نظر اچي ٿي. مٿي
اولي ۾ ڪجهه ڪنگرا ڊهڻ کان بچي ويا آهن، مٿن
ڏندائين ٽڪ جي ڪري وچ تي ڄڻ ونگ بڻجي پيئي آهي. ان
کي قبائينءَ ڇٽيءَ سان ڍڪيو ويو آهي، مٿان دِڪـِـي
جوڙي ڪلسن سان نيل رکي وئي آهي. ڇانئيل ڍڪ پٿرن
جا گول ڇلا هڪ ٻئي مٿان رکي جوڙايل ٿو ڏسجي، جيڪي
اوساري ۾ اڳتي وڌندا اچن ٿا. انهن گول پٿرن جي ڇلن
جو تعداد ست ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهي گول ڇلا چٽن سان
اُڪيريل آهن. اُڪير ۾ گل جي پنکڙين جو هڪ سلسلو
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پنکڙين جي اُڪير اهڙي طرز جي آهي جو
پنکڙين مان ونگون بڻجي پيون آهن. چوٽيءَ تي مٿي
پٿر جو اُڪيريل لڏڪڻو نظر اچي رهيو آهي. پٿر جا
ٺلهه (نمبر 18) اڳين وانگي روايتي آهن ۽ سندن طرز
اسلام کان اڳ وارين اڏاوتن جي نموني جهڙي آهي، فرق
رڳو اهو آهي، ته ان جي مٿان ساهواري ڪنهن جيوَ جون
تصويرون چٽيل ڪونه آهن. هر هڪ ٺلهه هڪ يڪو جانڊل
آهي، جيڪو ٽڪرن ۾ ورهايل ڪونهي. تري وارو پاسو هم
چورس آهي. ان کان پوءِ ڪوريل ڳچي آهي، جيڪا
گولائيءَ تي آهي. اهڙيءَ ريت ان يڪي پٿر جا پنج
ڀاڱا آهن. ڪن جي شڪل اٺاس، ڪن جي سورنهن ڪنڊي ته
ڪن جي گول آهي. هيٺئين هم چورس حصي تي چئن ئي
پاسن کان ونگدار جاري جيان ٿوري ٽـُـڪ ٿيل آهي.
اٺاس شڪل وارن ڀاڱن تي هلڪي کوکيءَ
(Low relief)
سان مستطيل جاري جي ٽـُـڪ ٿيل آهي. تنهن کان پوءِ
اهو ڀاڱو اچي ٿو، جنهن تي اُڀن پنـن جي اُڪـير
آهـي. انهـن کـان پـوءِ لــڪـدار پاسـن وارا چورس
اچن ٿا جنهن جي مٿان وچ تي گلاب جي گل جي اُڪير
وارو چٽ چٽيل آهي. ان کان پوءِ واري خاني ۾ ڏاڪڻ
نموني اُڪيريل چورس چٽساليءَ جو هڪ سلسلو شروع
ٿئي ٿو. آخريءَ کان اڳ واري خاني ۾ ٻارين جي
ٻـِـٽي قطار آهي. آخري خاني ۾ ابتا پن اُڪيريل
آهن. ائين لڳي ٿو ته اهو ڄڻ اسلام کان اڳ واري
سنڌي اڏاوت واري دور
تصوير 17 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جي اُڪير ٿيل خوبصورت ٿنڀ
جنهن جي مٿئين پاسي چؤمـُـکو تاج لڳل آهي. ان ٿنڀ
جو هيٺيون پاسو کاڄي ڇڻي ويو آهي. باقي مٿئين پاسي
واري حصي تي سڌيءَ سنوت ۾ چٽساليءَ جي هڪ خوبصورت
طرز چٽيل ڏسجي ٿي. ان ٿنڀ جو فقط اندريون پاسو
اُڪير سان سينگاريل ڏسجي ٿو. باقي ٻاهريون پاسا
لسا آهن. نئين پاسي کان پرديءَ واري دري آهي جنهن
تي سورج مکيءَ جي نموني واري چٽساليءَ ڏسڻ ۾ اچي
ٿي.
جي گل ۽ گلدان جي نقالي آهي. اهڙي نموني وارا ٺلهه سما دور
ســان لاڳاپيل ٺلهـــائين ڇٽين جي تعمير جي حوالي
سان ڏاڍا مشهور هئا. انهن ٺلهن تي چٽن جي اُڪير
شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جي ڇٽيءَ ۾ لڳل ٺلهن
تي ٿيل اُڪير کان ٿوري گهڻي ٻئي نموني جي آهي.
هتي جي ٺلهن تي ٿيل اُڪير واري چترڪاري ڪاريگريءَ
جي لحاظ سان وڌيڪ بهتر آهي.
تصوير 18 - اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ جي تعمير ۾ هڪ ٿنڀ تي اعليٰ معيار جي
اُڪير ٿيل آهي. هيءَ اڏاوت شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي
مقبري جي ڏکڻ ۾ آهي. هن دور جي مقبرن جي اڏاوت ۾
ٿنڀ جي هيءَ اُڪير جو ڪم پنهنجي فن ۾ پنهنجو مٽ
پاڻ آهي جنهن جو تعلق 15 هين صدي عيسويءَ سان آهي.
تصوير 19 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ طرف ڇهن ٿنڀن
وارو ڇٽيءَ جهڙو مقبرو آهي. جنهن کي ڀٽا يارو
Bhitta yaro
جي مزار ڪري سڏيو ويندو آهي. جنهن ۾ درويش هالو
دفن ٿيل آهي. هن ڇٽيءَ جا ڇهه ئي ٿنڀا هڪ جهڙا
آهن. ڇڄو، چٽساليءَ وارو پلويڙو، ڪنگرا ۽ ٿانوءَ
جهڙي نيل اٿس. قبي ويٺوڙي طرز جي آهي جنهن جو تعلق
14 صدي جي پوئين دور سان آهي.
تصوير 20 - قديم مسجد جي اتر اولهه پاسي قاضي عبدالله پٽ تاجو
جي ڇهه ٺلهائين ڇٽيءَ جهڙو مقبرو آهي. هن مٿان
تعمير ٿيل پلويڙو
Parapet
، ٿانءَ جهڙي نيل
Fineal
۽ مينهن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارو ڏسجي ٿو
جيڪو پلويڙي کان ٻاهر نڪتل آهي. ٿوري پنڌ تي سفيد
رنگ جي سيد علي شيرازيءَ جي مزار آهي. هن اڏاوت جو
لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي.
قاضي عبدالله پٽ تاجي جو ڇهه ٿنڀو ڇٽايون مقبرو
مير علي شير قانع22 لکي ٿو ته: قاضي عبدالله پٽ تاجي جو مقبرو،
شيخ حماد جماليءَ جي خانقاه جي ڀرسان هو. اها ڇٽي
(پليٽ 7) مدرسي جي اتر اولهه طرف تي آهي، جيڪا
ظاهري ڏيک ۾ قاضي عبداالله سان واسطو رکي ٿي. اهو
چيو ويندو آهي، ته سندس وفات کان ڪيترو عرصو پوءِ
سندس قبر جو پتو پيو هو. سندس جنازي جي نماز سمي
سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي پڙهائي هئي.
جيڪڏهن اها ڳالهه سچي آهي ته ان مقبري کي چوڏهين
صدي عيسويءَ جي اڏاوت چئي سگهجي ٿو. هيءَ ڇهه ڪنڊي
تعمير، جيڪا هر پاسي کان 8 فوٽ آهي، سا هر طرح
اڳئين دور جي ڇٽيءَ جهڙي آهي. موجوده ڇٽيءَ جي
معاملي ۾ هم چورس پر ڏنگي وِنگي طرز ۾ ڪيل اُڪير
واري چٽساليءَ ڇڄي تي، اڃا به محفوظ آهي. نيل ۾
لڳل ڪلس موڪرا آهن خود نيل، ڇٽيءَ جي چوٽيءَ تي
مٿي وريل دِڪيءَ تي اڃا تائين بچيل حالت ۾ موجود
آهي. تصوير ۾ (نمبر 20) ڏيکارجي ٿو، ٿوري مفاصلي
تي گچ سان لنبيل، سيد علي شيرازيءَ جو مقبرو ڏسڻ ۾
اچي ٿو، جيڪو شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي
چوڌاري قبرن جي مـُـچلي ۾ موجود آهي.
تصوير 21 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ پاسي اٺ ٿنڀائي
ڇٽيءَ جهڙو مقبرو آهي. هن مقبري جي تعمير به قاضي
عبدالله جي مقبري جهڙي آهي پر سندس ٿانءَ جهڙي
نيل ڀڄي پئي آهي. ڇڄو ۽ پلويڙو به هاڻي سلامت ڪونه
رهيا آهن. هن اڏاوت جو لاڳاپو 15 هين صدي عيسويءَ
جي شروعات سان آهي.
(ب) اَٺ ٿنڀي ڇٽين وارا
شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڀرسان اٺ ٿنڀيون ڇـَـٽيون
شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ طرف ڇٽيءَ سان (نمبر 21)
مقبرو آهي. موجوده وقت ۾ اُتي ڪابه قبر ڪانه آهي.
مٿي ذڪر ڪيل ڇٽيءَ جيان هن مقبري ۾ به جانڊل
(Monolithic)
ٺلهه آهن، جيڪي هن تعمير کي اٺاس بڻائين ٿا، جنهن
جي هر هڪ پاسي جي ماپ 8 فوٽ آهي. اڳين مقبرن وانگي
هتي به ٺلهن مٿان تاج تي چؤمکيون گهوڙيون ڏسجن
ٿيون، جن تي سردر ڌريل آهن ۽ ڇڄو سنجٽ جي اُڪير
سان سجايل آهي. هڪ ٻئي کي ڍڪيندڙ پٿرن جا ڇلا
(نمبر 27) تعداد ۾ 10 آهن. سڀ کان هيٺئين ڇلي تي
ٻاريون ۽ واري سان چئن پنکڙين سان گل جي اُڪير
واري چٽساليءَ ٿيل آهي. باقي ٻين مٿين ڇلن تي
روايتي نموني جون پنکڙيون يا گولايون آهن. وچين
ڏاڪيدار لڏڪڻي تي بيمثال اُڪير جو ڪم ٿيل آهي. قبي
جي ٻاهرئين پاسي کان گچ جي لنبائي ٿيل آهي. نيل ۾
لڳل ڪلس ڀڄي پيا آهن. آڏو مٿي مـُـهاڙيءَ تي ڪنگرا
هنيل آهن.
ڄام تماچي ۽ نوريءَ جو مقبرو
مير علي شير قانع23 جي چوڻ مطابق، سما خاندان جي حڪمرانن مان
سلطان ڄام تماچي ۽ سندس پياري گهر واري نوري، جيڪا
ڪينجهر جي هڪ گندري جي ڌيءَ هئي، تنهن جي قبر به
هڪ اَٺَ ڪنڊي ڇٽيءَ هيٺان آهي، اها قبر ڄام
تماچيءَ جي مقبري جي اتر پاسي واقع آهي. (نمبر 22)
ڄام تماچي، شيخ حماد جماليءَ جو ڏاڍو معتقد هو.
اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانهي، جو ان جو لاش سندس
مرشد جي ڀر ۾ دفن نه ٿئي. پر نوريءَ جي قبر متعلق
ڪجهه انومان آهن. ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ ٿنڀن تي بيٺل
هڪ مقبرو آهي. وڌيڪ امڪان اهو آهي، ته کيس اتي
(سندس مرشد شاهه هودڙي جي ڀر ۾) پوريو ويو هوندو.
پر مڪليءَ ۾ موجود هن مقبري جي هيءَ اَٺَ ڪنڊي
تعمير چڱيءَ پر بچي ويل آهي. ڇڄو، جهروڪا، ڪنگرا ۽
سامهون واري آڏي ترڇي اُڪير سڀئي سلامت آهن. نيل ۽
ڪلس به محفوظ آهن. اندر پٿر جون ٽي قبرون آهن. سڀ
کان اولاهين قبر ڏاڍي سينگاريل آهي (نمبر 23). قبر
جي پٿرائين لوڙهٽ لوڙهه
(Cenotaph)
کي چار ڀاڱا آهن. ان جو هيٺيون پاسو لسو، سادو ۽
مستطيل آهي. ٻئي خاني جي مٿان ڪنگرا ۽ هيٺئين طرف
کان گل ميخ جي مٿي جيترن نشانين جون چار قطارون
چٽيل آهن. ٽئين تي ســاڳي نموني تي ڪـــنگرا
آهـــن. مٿيون پاسو ڪرنگهي نموني واري
تصوير 22 - اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ وارو مقبرو شايد اهو ڄام تماچيءَ جو
آهي جيڪو ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڏکڻ طرف آهي.
هي قديم يادگار چڱيءَ ريت محفوظ آهي. اُڪيريل،
ٿنڀا، ڇڄا، پلويڙو، ڪنگرا ۽ ٿانءَ جي شڪل جهڙي
مٿان واري نيل سڀ صحيح سلامت آهن. هن ڇٽيءَ هيٺان
ٽي قبرون آهن. هن تعمير جو تعلق 14 صدي عيسويءَ
سان آهي.
تصوير 23 - ڪڻٺي واري اُڪيريل پٿر واري قبر گهڻو ڪري ڄام
تماچيءَ جي دور سان تعلق رکي ٿي. سيرانديءَ واري
پٿر تي تاج جهڙو ڪوبه نشان ڪونه آهي. ڀرسان به
ڪڻٺي واري بنا چٽساليءَ جي لسي قبر آهي. ٽين قبر
ڪنهن ٻار جي ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين
صدي عيسويءَ جي آخر سان آهي.
لوڙهٽ سان آهي ۽ پاسن تي چترڪاري واري اُڪير جون ٽي قطارون آهن،
جن تي واري وٽيءَ سان پن ول ۽ گولاين جي طرز جي
اُڪير ٿيل آهي. هيءَ پهرين سينگاريل قبر آهي، جيڪا
ڇٽيءَ جي اندر ۽ بچي ويل حالت ۾ ملي آهي، جنهن جو
لاڳاپو پراڻي دور سان آهي. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو،
ته اها قبر ضرور ڪنهن اهم شخصيت جي هوندي. روايتي
قسم جي چٽسالي جهڙوڪ: سورج مکي يا گلاب جي گل واري
چٽسالي هن قبر تي موجود ڪونه آهي.
لکت واريون ڇٽيون
هن قسم جي ڇٽي ڪجهه مٿانهين جڳهه تي اڏيل آهي. (پليٽ 10) اها
مَلڪ راڄپال جي مقبري جي اوڀر پاسي آهي. شڪل ۽
صورت ۾ ٻين اٺ ڪنڊائي ڇٽين وانگي آهي. فرق فقط اهو
آهي، ته سردر جي اندرئين پاسي هيري ڪڻين جي آڌين
جي چٽن جي اُڪير ٿيل آهي. هڪ خاني ۾ فارسيءَ جون
ٻه سٽون موجود آهن. (نمبر 23) ۽ هڪ سٽ بسم الله
سان شروع ٿئي ٿي، ان جي لکت هن طرح آهي:
(1) بسم الله الرحمان الرحيم حصار کردم بقول لا اله الله مهر
زدم.
(2) بنام محمد رسول الله
سمن جي جڳهن ۾ فارسي زبان جي لکت جو هئڻ ڌيان جوڳو آهي.
ڄام تغلق جي دور جي اٺ ٿنڀي ڇٽي
هيءَ به اٺ ٿنڀي ڇٽي آهي. (نمبر 24) سندس اڏاوتي
نقشو ٻين ڇٽين جهڙو آهي. اندرئين پاسي فقط هڪ قبر
آهي. ٺلهه جي مٿئين ڀاڱي وارو پٿر ٻن چوڪنڊي خانن
۾ ورڇيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جو مٿيون حصو گول
نموني جو آهي. هيٺئين پاسي تي زنجيريءَ طرز جي چٽن
واري اُڪير ڪيل ڏسجي ٿي. اهڙيءَ طرز جي ٽـُـڪ عام
طور تي مدرسن جي اڏاوتن تي ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. |