سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 2

صفحو ؛ 8

 

تصوير 38 - ملڪ راڄپال جو هم چورس پڪ سرائون مقبرو، جنهن ۾ سينڌ ونگ  Lancet Shaped arch سان لنگهه ڏسجي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان پٿر جي ننڍڙن پاون سان، اڀيءَ طرز جا خانا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪارنس Cornice ۾ ڏنڊڙي لاءِ پڪي سر جو ڪنڊائون بار هنيو ويو آهي. هيءَ تعمير 15 صدي عيسويءَ سان لاڳاپو رکي ٿي.

تصوير 39 - هيءَ ملڪ راڄپال جي مقبري جي اندرئين پاسي نظر ايندڙ عربي تحرير آهي، جيڪا هن ريت آهي: هذا المقام الر جي رحمت الله تعليٰ ملڪ راجبال بن ملڪ انر بن ملڪ راهو بن ملڪ رائدن بن ملڪ راهو بن فيروز شاهه سلطان الاهم برد مصجعه ونور قبره والنس حشش.

 

 (د) سرن جا ٺهيل هم چورس مقبرا

هن قسم جون ٽي جڳهون آهن. سڀئي هڪ قبايون ۽ بناوت ۾ هم چورس آهن. انهن کي ٽن يا چئن پاسن کان ونگن سان لنگهه آهن. قسم جي لحاظ کان سڀئي سـِـينڌ ونگ آهن. ٻاهرئين پاسـي لنگـهه جـي ٻنهـين پاسـن کـان، سـرن جا اُڀا بار ڏنا ويا آهن، تنهن ڪري لنبيل سادي تعمير ۾ ڄڻ ته خانا بڻجي پيا آهن. قبا ننڍين هم چورس ڏيڍين (Drums) تي بيٺل آهن، پر سرن جي سبب ڪري اڏاوت جو اهو طريقو ڪنهن مخصوص قسم جو پيو لڳي. هم چورس ڪمري کي ڦيرائي اٺاس جي صورت ۾ تبديل ڪرڻ واسطي ڪنڊن ۾ ڪناري جي سنوت کان مٿان محراب جوڙيا ويا  آهن، پر ڪناري جي سنوت جي هيٺان ڪـُـنڊن جي مضبوطي واسطي هڪ يا ٽي ننڍا محراب جوڙيا ويا آهن. ڪٿي ڪنڊن ۾ قوسي لڪدار ٽڪندا (Pendentives) به هنيا ويا آهن. هن قسم جو اڳواٽ ئي احتياط ڪرڻ ڪري ڀتين جي اوچائي وڏي آهي، جيڪي اندران ۽ ٻاهران گچ سان لنبيل آهن. جيڪڏهن سرن جا اڀا ٻاهر نڪتل ٻار ڏئي ڊگهن خانن سان ڀتين جي سطح کي نه ورهائجي ها ته جيڪر ڀتين جي اوچائيءَ جي سطح لسي ۽ ٻـُـسي لڳي ها.

مـَـلڪ راڄپال جو مقبرو

تعمير جي اندرئين پاسي عربي لکت28 (نمبر 39) ملڪ راڄپال جي شجري متعلق ٻڌائي ٿي، ته اهو فيروز الدين ڄام انڙ جي اولاد مان هو ۽ اهڙيءَ ريت ان سان ڄام نظام الدين جيان سندس ڪـُـرِ جو هڪجهڙو لاڳاپو ۽ مائٽي هئي. مقبري تي ڪابه تاريخ لکيل ڪانه آهي، پر ان جي تعمير کي پندرهين صدي عيسويءَ ۾ رکي سگهجي ٿو. هيءُ مقبرو مبارڪ خان جي مقبري جي اتر - اوڀر ڏِسا تي آهي. عمارت هڪ قبائين ۽ ڏيڍي هم چورس آهي، جنهن جي چوڌاري ماپ 24 فوٽ 10 انچ آهي. (نمبر 37-38) پيڙهه کان وٺي ساڍا ڇهه فوٽ مٿي پٿر جي اوساري  آهي ۽ ان ماپ کان پوءِ پڪين سرن جي تعمير آهي. چئن طرفن کان سينڌ - ونگن جي ڪري کليل آهي. لنگهه جي ٻنهي طرفن کان سرن جا اُڀا بار هنيا ويا آهن، جنهن جي ڪري ٻه اُڀا ۽ ڊگها خانا بڻجي پيا آهن. موجوده جڳهه ۾ محرابن جي اڏاوت پٿر جي بارن کان مٿان شروع ٿئي ٿي. اهڙيءَ ريت محرابن ۽ قوسي لڪدار ٽڪنڊن جي سلسلي کان پوءِ اٺاس هڪ گولائيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو، جيڪو قبي جي تعمير واسطي هڪ بنياد ثابت ٿئي ٿو. قبائين ڇت جي هيٺان ليڪن وانگي ڏندائين طرز جي خوبصورت سجاوٽ ٿيل آهي.

سما خاندان جي ڪنهن گمنام شهزادي جو مقبرو

ملڪ راڄپال جي مقبري جي ڏکڻ - اوڀر طرف هلڪو پوٺو آهي. ان پوٺي جي هڪ ڀاڱي تي مبارڪ خان جي مقبري جي ڀرسان هڪ قبائين سرن جي اڏاوت آهي. اها تعمير پنهنجي نقشي ۾ هم چورس آهي ۽ هر پاسي جي ماپ 20 فوٽ 7 انچ اٿس. ٽن پاسن يعني اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ کان ونگائين لنگهن جي ڪري کليل آهي. اولهه ڏِسا کان هڪ سادو محراب جوڙيل آهي. ڀتيون گچ سان لنبيل آهن. مقبري جي اندرين پاسي، ڪـُـنڊون پاڻ ۾ بيهڪ جي لحاظ کان چڱي جوڙجڪ ڏيکارين ٿيون. ننڍو محراب وڏي محراب کي ٽيڪ ڏئي ٿو. ائين ڪرڻ سان ڪمري جو چؤرسو اٺاس جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو. بعد ۾ قوسي لڪدار ٽڪنڊا (Pendentives) هڻي، قبي لاءِ ڏندائي بار جو بنياد ٺاهيو ويو آهي. اندر چيروليءَ جي پٿر مان بڻيل هڪ قبر  آهي، پر بدقسمتي اها  آهي، ته ان جو پٿرائين لوڙهٽ (Cenotoph)، ڀڄي پيو  آهي ۽ ان جا ٽڪرا مقبري کان ٻاهر رکيل آهن. قبر تي نصب ڪيل ڪلنگي ۽ ٻيا حصا کنڊر جي صورت ۾ هيڏي هوڏي ٽڙيا پکڙيا پيا آهن.

سما خاندان جي ٻئي گمنام شهزادي جو مقبرو

هيءُ مقبرو به ساڳي پوٺي تي، ڇٽيءَ - مقبري (پليٽ 10) جي پٺيان تعمير ٿيل  آهي. ان جي پيڙهه جي اوساري چن جي اڻ گهڙيل پٿر مان ڪئي وئي آهي، جنهن جو نقشو هم چورس آهي ۽ هر پاسي جي ماپ 24 فوٽ 10 انچ اٿس. اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ کان ونگن تي لنگهه آهن ۽ اولهه پاسي کان محراب  آهي. ڪـُـنڊن وٽ اندرين بيهڪ ڪجهه بدليل آهي. هتي ڪنڊن وٽ سرن کي وڌائي محرابن کي مضبوط ڪيو ويو آهي. معمول مطابق هت به سرن جا اڀا بار هڻي خانن جو سٽاءُ ڪيو ويو آهي. اولاهين ڀت کي وچ تي محراب واسطي سرن جو ڇڄو (Projection)  ڏنل آهي. اندر قبر آهي، پر ان جو هيٺيون حاشيو کاڄي ويو آهي.

(ج) فتح خان جي ڀيڻ جو مقبرو

سـِـرن جو ٺهيل هيءُ مقبرو، ملڪ راڄپال جي مقبري جي اتر- اوڀر ۾ آهي (نمبر 42) ۽ اندران عربي لکت29 اٿس، جيڪا 1492ع : 898 هه جي تاريخ ڏيکاري ٿي. ان تعمير کي فتح خان جي ڀيڻ ڏانهن منسوب ڪـيو وڃـي ٿو، جيـڪا ڄام  نظام الدين جي ڌيءُ هئي. اصلي تعمير مٿاهينءَ پٽ تي آهي،  جنهن جو نقشو هم چورس ۽ هرپاسي جي ماپ 29 فوٽ 7 انچ اٿس. ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ ٻي اڏاوت کي ان ۾ شامل ڪيو ويو هو، جنهن جي موڪر 13 فوٽ ٿيندي.مکيه جڳهه کي (نمبر 41) اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ڏسا ڏانهن ونگن سان ٽي لنگهه آهن. ڏکڻ طرف واري ونگ واري لنگهه ۾ در جو پٿرائون چؤڪاٺو پيل آهي. اها سما دور جي اڏاوتن ۾ پهرين نواڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. دروازي جي سردر (Lintel) جي وچ تي سورج مـُـکيءَ جي گل جي اُڪير ٿيل آهي ۽ دروازي جي چانئٺ تي چيروليءَ جو پٿر استعمال ڪيو ويو آهي. مهاڙيءَ ۾ لنگهه جي ٻنهي پاسن تي سرن جي ٻن بارن سان اڀا ۽ ڊگها خانا بڻجي پيا آهن. تعمير جو

تصوير 40 - فتح خان جي ڀيڻ جي مقبري جي ڇت جو اندريون پاسو، جنهن ۾ ورن وڪڙن واري چٽساليءَ جون قطارون ڏسجن ٿيون. ڪنڊن کي ننڍي قسم جا محراب آهن، جنهن سان گڏ وڌيڪ ننڍڙا محراب ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

تصوير 41 - فتح خان ولد ڄام نظام الدين جي ڀيڻ جو هم چورس پڪ سـِـرو مقبرو، جنهن جي اوڀر پاسي واريءَ تعمير ۾ ڪي اضافي محراب جوڙيل آهن. ان کان سواءِ مختلف خانا ۽ پٿر جي چؤڪاٺن وارو لنگهه ڏسجي ٿو. جيڪو ونگ سان آهي. هن تعمير جو واسطو 898 هه : 1492 عيسويءَ سان آهي.


 

تصوير 42 - سادو محراب ڏسجي ٿو، جنهن جي ساڄي پاسي هيءَ عربي تحرير آهي:

هذا المقام للرجي اليٰ رحمته الله تعاليٰ تمهيد العمارت باامر تاج الدنيا والدين. ميان تاج الدين همشيره ميان فتح خان بن سلطان نظام الدين شاهه خلد ملڪه و السطلنته في سن تهمن و سب ان و تهمن مي اهوا در ماهه ربيع الاول روز پنج شنبه.

اندريون پاسو هم چورس ۽ قائوس سلطاني (ڏسو هيٺ) جي مقبري سان هڪجهڙائي رکي ٿو. وڏن محرابن کي مضبوط ڪرڻ واسطي ڪنڊن ۾ ننڍا محراب جوڙيا ويا آهن، جيڪي هم چورس ڪمري کي مٿي وڃي اٺاس جي صورت ڏين ٿا. قبو اٺ ڪـُـنڊيءَ ڍيڍيءَ تي بيٺل آهي. ان جي اندرئين پاسي واري ڇت تي سرن جي ورن وڪڙن واري اوساري ڪيل آهي. اولاهينءَ ڀت ۾ محراب رکيل آهي ۽ محراب مٿان جارو جوڙيو ويو آهي. مقبري اندر گهڻيون ئي قبرون آهن. ڏکڻ - اوڀر واري ڪنڊ تي هڪ وڏي قبر آهي، جنهن جي شڪل صورت پيٽيءَ جيان مستطيل  آهي. سندس پاسن کان ونگدار خانن ۾ گلن جي اُڪير واري چٽساليءَ جو سلسلو آهي. هن مستطيل پٿر جي مٿان ڏاڪڻ نموني ٽي منزلون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تابوت وانگر اچن ٿيون، پر رڳو وچينءَ منزل، جا ڪـُـنڊن وٽ اُڀن پاون جيان بونبا سلامت آهن، صفا مٿئين ڀاڱي جي ڪرنگهائين بٺيءَ واري شڪل آهي ۽ ان جي هيٺئين پاسي عربي لکت آهي. ان جي مٿان وري ونگدار خانن ۾ گـُـل اُڪيريل آهن. بعد ۾ شامل ڪيل ڪمري ۾ به هڪ وڏي پٿر جي قبر آهي.

(خ) سرن جو هم چورس مقبرو ۽ ڏاڪڻ جي تعمير

ان قسم جون رڳو ٻه جڳهون آهن، جيڪي ٿورو ڏکڻ ڀـَـرَ تي، ڄام نظام الدين جي مقبري جي چوڌاري قبرن واري مـُـچلي ۾موجود آهن. ٻئي نقشي ۾ هڪ جهڙيون آهن. انهن اڏاوتن ۾ نئين قسم جي ونگدار جارن جي شروعات ٿئي ٿي، جيڪي اوساريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مال مسالي کي گهٽائن ٿا، پر دروازن جا چؤڪاٺا پنهنجي پراڻي روايت تي قائم آهن، جيڪي سورهينءَ صدي عيسويءَ جي شروعاتي عمارتن سان لاڳاپو رکن ٿا. ان وقت هتي هرات ۽ قنڌار جي اڏاوتي فن تي وڏو اثر پئجي رهيو هو.

قائوس سلطاني جو مقبرو (1513ع : 919 هه)

هيءُ سرن جي هڪ قبائين هم چورس اڏاوت (نمبر 45) آهي، جنهن جي هر پاسي جي ماپ 33 فوٽ آهي، مٿي ڇت تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ لاءِ هم چورس 10 فوٽ ايراضي ٻي به ان ۾ شامل آهي، جيڪا اتر - اوڀر واري ڪنڊ  تي ڏسي

تصوير 43 - قائوس سـُـلطاني Qaus - as - sultani جي مقبري جو محراب،  جنهن جي ٻنهي پاسي کان خوبصورت پاوا نظر اچي رهيا آهن. محراب کان چوڪنڊن خاني ۾ هم چورس چٽ جي قطار آهي.

تصوير 44 - قائوس سلطاني جي مقبري جو ڏاکڻيون ٻاهريون پاسو، جنهن جي وچ تي ونگ سان لنگهه ڏسجي ٿو. منجهس پٿر جي چؤڪاٺو آهي. پاسن کان ونگن سان هڪ ٻئي مٿان ٻه ٻه خانا آهن، جيڪي ديوار کان ٻاهر لڪل درين کان مٿان آهن. مٿين خانن اندر مخروطي قسم جي چٽسالي موجود آهي. جڏهن ته پلويڙي کي سرن جي ڏندي هڻي خوبصورت بڻايو ويو آهي. هن اڏاوت جو دور 919 هه : 1513ع آهي.

تصوير 45 - قائوس سلطاني جي مقبري جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو، جنهن ۾ وچ تي نظر ايندڙ لنگهه ۾ پٿر جو ٿنڀو کـُـتل آهي. هن لنگهه جي کاٻي ۽ ساڄي ونگ سان ٻاريون آهن. هن تعمير جي صفا ساڄي پاسي به هڪ لنگهه آهي جتان گذري ڏاڪڻين ڏانهن وڃي سگهي ٿو.

تصوير 46 - قائوس سلطاني جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن جي سامهون واري پاسي جو وچ ٻاهر تي نڪتل گهگهيءَ نموني جو آهي، جنهن جي درين ۽ ڀت ۾ پٿر جو وڏو پائو لڳل آهي. سنجٽ واري لوڙهٽ، جهالر واريون ونگون، هيٺ بنياد ۾ گلن جي اُڪير آهي ۽ ڪرنگهائين لوڙهٽ لکت سان آهي جن جي مٿينءَ ڪنڊ ۾ محراب تعمير ٿيل آهن.

سگهجي ٿي. پيڙهه کان وٺي چار پنج فوٽ مٿي پٿرن جي اوساري ڪيل آهي. ڀتيون جيئن مٿي تيئن سوڙهيون ٿينديون وڃن ٿيون. ڏکڻ پاسي واري ٻاهرين مهاڙيءَ جي (نمبر 44) مٿاڇري تي ڪيل مختلف نمونن جي چٽساليءَ سـان ڏاڍي مـن موهـيندڙ ٿي لڳي. سرن جي ٻاهر نڪتل اُڀن بارن سان  سامهون وارو پاسو پنجن اڀن ۽ ڊگهن خانن ۾ ورهايو ويو آهي. پڇاڙيءَ وارا خانا بلڪل سادا آهن. وچينءَ ۾ ونگ سان ٺهيل لنگهه آهي، جنهن ۾  پٿرائون چؤڪاٺو پيل آهي ۽ گهوڙيون هڻي، مٿان ڇڄا ٺاهيا ويا آهن. در جي چوڌاري پٽيءَ تي پن ول جي وڻندڙ چٽسالي ٿيل آهي. سردر تي لکت آهي ۽ در جي چانئٺ ۾ اڌ چنڊ ٺاهيل آهي. لنگهه جي ونگ جي بلڪل مٿان ونگن سان ٽي خانا جوڙيل آهن. لنگهه جي ٻنهي پاسن کان خانن ۾ وري ڊگها جارا ٺاهيل آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي مٿان آهن، جيئن مبارڪ خان جي مقبري ۾ پٿر جا گهڙيل جهروڪي دار جارا (Oriels niches) موجود آهن، تيئن هتي به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جهروڪن جون ونگون ماکيءَ جي ماناري جـهڙيـون آهـن. ساڄي طـرف تـي مٿي، اولي ڀلويڙي (Parapet) کان بلڪل هيٺان، سرن جي ڏندائين هڪ قطار آهي. اوڀر واري مهاڙيءَ ۾ (نمبر 45) ڏاڪڻ جي هجڻ ڪري ڪجهه تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ونگ واري مکيه لنگهه کي دروازي وارو چؤڪاٺو لڳل ڪونهي. رڳو سردر لڳل آهي، جنهن تي اڌ سورج مکي گل جي قطار چٽيل آهي. اهڙيءَ ريت اسان ڏسون ٿا، ته فيروز شاهي دور جي عمارتن جي ”ونگ ۽ شهتير“ (Arch-and-beam) جي اڏاوتي ۽ فني اصول جي بلڪل ويجهو آهن. البت ڏاڪڻ واري لنگهه کي چوڪاٺو لڳل آهي. ساڳيءَ ريت مکيه ونگ واري دروازي مٿان ٽي جارا آهن. قبو اٺ ڪـُـنڊيءَ ڍيڍي (Drum) جي مٿان بيٺل آهي، جنهن کي مٿي چئن طرفن کان ونگدار دريون جڙيل آهن. اولاهينءَ ڀت ۾ محراب جو وڌاءُ ٿيل آهي. جڳهه جو اندريون حصو هم چورس آهي ۽ خوبصورت محراب اٿس. (نمبر 43). ان جي مٿان لکت موجود آهي. محراب جي ٻنهي پاسن کان اُڪيريل پاوا آهن، جيڪي سنڌي طرز جي علامتي سڃاڻپ آهن. محراب کي قبيءَ سان ڍڪيو ويو آهي. ٻاهرين ونگ جي چوڌاري چؤڪاٺو آهي، ان کان مٿان چورسن جو سلسلو نظر اچي ٿو، جيڪي اُريب (Diagonal) جي رستي پاڻ ۾ گڏيل آهن. ڪـُـنڊن ۾ ننڍا محراب ڏئي وڏن محرابن کي مضبوط بنايو ويو آهي. محرابن کان مٿان ونگن سان جارا هڻي اٺاس کي سورنهن ڪنڊو ڪيو ويو آهي. اهڙن جارن جو وڌيڪ سلسلو رکي سورنهن ڪنڊي کي گول بنائي ڇڏيو آهي، جنهن مٿان قبو اڏيو ويو آهي،  جيڪو هاڻي ڪـِـري کنڊر بڻجي ويو آهي. هيٺ فرش تي هڪ ٿـَـلهو  آهي، جنهن جي هڪ پاسي تراکڙي قبر آهي. (نمبر 46) قبر جي پهرين منزل تراکڙي آهي. ڪناريءَ تي پن ول جي بي مثال اُڪير ٿيل اٿس ۽ پاسن ۾ مرڪزي ونگون آهن. ونگن کي جدا ڪندڙ ڀاڱن ۾ هيري ڪڻ ۽ گلاب جا گل اُڪيريل آهن. ان کان مٿي مختلف سطحن واري تابوت وانگي قبر جي بناوت آهي، جنهن جي ڪنڊن تي لڳل بونبا مٿي اڀا آهن. سڀ کان مٿان بنايل پٿرائين لوڙهٽ ڪرنگهائين آهي. قبر جي ڊگهي مهاڙيءَ تي عربي لکت آهي، جنهن کي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ چئن پنکڙين واري گل، انهن کي الڳ الڳ ڪري بيهاريو آهي. ڪرنگهائين لوڙهٽ جي هيٺئين پاسي ۽ ننڍيءَ ڪناريءَ جي مٿان ڪنگرن جي قطار چٽيل آهي.

سرن جو تباهه ٿيل مقبرو

سرن جو ٺهيل ٻيو به هڪڙو مقبرو آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل جڳهه سان هڪجهڙائي رکي ٿو. ان وانگي هڪ - قبائين، هم چورس ۽ ڏاڪڻ لاءِ وڌايل ايراضي چوڪـُـنڊي آهي. ٽنهي لنگهن مان فقط هڪ اوڀارين ونگائين لنگهه کي پٿرائون چؤڪاٺو پيل آهي. ان چؤڪاٺي تي سورج مکي گل اُڪيريل آهن. سردر جي وچ تي به سورج مکيءَ جي چترڪاري آهي ۽ ٻنهي پاسن کان اليڪي چٽسالي آهي. سردر جي باقي رهيل ساڄي اڌ تي قرآن شريف جي آيت الڪرسي خطاطي ۾ اُڪيريل آهي ۽ کاٻي اڌ تي فارسي لکت آهي. اندريون پاسو به اڳين ڄاڻايل اڏاوت جهڙو آهي، پر هن کي اولهه پاسي کان تمام ڊگهو محراب آهي ۽ هيٺ فرش تي چار قبرون آهن. پٿرائين لوڙهٽ تي ڏاڪڻ واري طرز ۽ ونگدار خانن کان سواءِ سورج مکيءَ جي وڏي گل جي چٽسالي ڪيل آهي. پيڙهه کان ٻه چار فوٽ مٿي اوساريءَ ۾ پٿر جا بار ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

 

سمن جي دور بابت سنڌيڪار طرفان وضاحت:

vسنڌ جا گهڻا تاريخ جا ماهر ۽ ڄاڻو سمن جي حڪومتي دور کي 1351ع کان 1520ع تائين يعني شاهه بيگ ارغون هٿان ڄام فيروز جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين تسليم ڪن ٿا. جڏهن ته ڊاڪٽر احمد حسن داني ۽ ڪي ٻيا ان دور کي 34/1333ع کان 1524ع تائين مڃين ٿا. سندن چوڻ آهي ته سما حڪومت جو بنياد وجهندڙ تغلق شاهه ڄام جوڻو I دهليءَ جي تغلق حڪومت پاران سيهوڻ ۾ مقرر ٿيل حڪمران ’ملڪ رتن‘ کي قتل ڪري سيهوڻ تي سما خاندان جي حڪومت قائم ڪئي. مٿئين واقعي جو احوال ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ پڻ آيل آهي. انهيءَ ريت 1520ع ۾ جڏهن ارغونن سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي تي پاڻ حڪومت ڪرڻ لڳا ته ڪجهه عرصي لاءِ هنن ڄام فيروز کي سيهوڻ جو حڪمران تسليم ڪري، هتي جي ماڻهن جي دلين ۾ ڄام سلطانن جي گهري تعلق کي عارضي طرح تسليم ڪيائون. اهو دور 1524ع تائين رهيو. ان ڪري ڪي تاريخدان ملڪ رتن جي قتل ۽ ڄام فيروز جي رڳو سيهوڻ تائين حڪمراني واري دور يعني 34/1333ع کان 1524ع تائين کي سما حڪومت جو دور تسليم ڪن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org