سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل سيپٽمبر 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

 [05]

سونارا، صَراف سِين ڀَڃِي ڇَڏِ بازِي

چاندِي ڪئو چَلائِيين رُپو روَازِي

جِتِ ٿِيندو رَبُ قاضِي، اُتِ تورِيندُءِ تَجِوِيزَ سين.

سمجھاڻي: اي سونارا تون صراف کان ڀڄي پري ٿيءُ. تو واري ٺڳي اتي ڪانه هلي سگهندي. تون رواجي رپئي (مَٺَ گڏيل چانديءَ کي) اصلي چاندي ڪريو پيو هلائين (عوام سان ٺڳيون پيو ڪرين.) ليڪن (ياد رک) جڏهن ربّ تعاليٰ پاڻ انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهي عدالت ڪندو تڏهن تنھنجي هر وهوار جي پوريءَ ريت تور تڪ ٿيندي (پوءِ تون ڪھڙو منھن کڻندين).

[06]

سونارا، صَرافَ سِين بازِي ڀَڃي ڇَڏ

جو چاندِي ڪِئو چَلائِيين، سو مَڇُڻ پوئِي هَڏَ

صَرافاڻي سَڏِ، تُرَندا تِرَ مِيزانَ ۾.

سمجھاڻي: اي سونارا، صراف سان تنھنجي راند نه هلي سگھندي (ان سان کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪر.) تون جو سڀ ڪجھه (ملاوٽ ۽ کوٽ ڪيو) چاندي ڪري پيو وڪڻين، اها ڳالھه توکي ڳچيءَ ۾ ضرور پوندي، ڇو ته جڏهن صرافن وارو سڏ (سچ ۽ ڪوڙ کي پرکڻ جو اعلان) ٿيندو، تڏهن ته (واريءَ جھڙا) ننڍا ذرڙا به تارازيءَ ۾ تُرندا (۽ سڀ ڳالھه ظاهر ٿي پوندي).

[07]

سونارا، صَرافَ سين لَڏو لاهه، مَ لَڏِ

سَودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواهِرُ ناهِه ڪو.

سمجھاڻي: اي سونارا، (توکي گھرجي ته) صرافن (اصلي پارکن) سان گڏ گذارين (ته ڪجھه سکين ۽ پرائين) ۽ انھن کان پري نه وڃ. اهڙي ڪنھن سودي ۾ هٿ نه وجھه جنھن ۾ ڪا قيمتي شيءِ آهي ئي ڪانه! (ان مان توکي ڇا حاصل ٿيندو؟).

[08]

سونارا، صَرافَ سين لَڏو لَڏِ مَ لاهِه

آهي تَنِ اُونداهِه، جَنِ جَواهِرَ ضاعِ ڪِئا.

سمجھاڻي: اي سونارا، صرافن سان گڏ گذار ۽ انھن کان ڪڏهن به جدا نه ٿيءُ ڇو ته اهي اوندهه ۾ رهجي ويندا (نقصان پرائيندا)، جيڪي موتي ۽ جواهر (پنھنجي اڻڄاڻائيءَ سبب) ضايع ڪري ڇڏين ٿا (جڏهن تون اهڙن پارکن يعني الله وارن جي ويجھو نه آهين ته پوءِ پڪ سان نقصان ۾ ويندين).

شاهه جو رسالو

]سُر سري راڳ داستان چوٿون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ:  سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

غلام محمد غازي

شڪارپور

الله سائين

هر هنڌ حاضر ڏسڻا ڏور،

نُور نسورو نُور ئي نُور.

ڪو ته پرولي ڀڃي ٻُڌائي،

ٻار، جوان يا ٻُڍڙو جُھور.

هڪڙي واٽ ڏسيان ٿو آءٌ،

جلد پئي جيئن ڪا ٻاٻور.

ڪوڙل ڀائو آءٌ ٻُڌايان،

هيءُ ته هرهنڌ آ مشھور.

پلپل ان کي ياد ڪيون ٿا،

ايندو آهي ساهه سُرور.

سو سچ آهي الله سائين،

منھنجي نيڻن جو آ نُور.

ڀاءُ ڀڳي تو آهه پرولي،

توکي رهندو هو هي پُور.

نانءُ مٺو الله جو آهي،

غازي ڇو نه وڃان وهلور.

***

 


 

نياز حسين نياز هيسباڻي

لاڙڪاڻو

 

نَعت

اي ادا دنيا ۾ مالڪ مھربان کي ياد ڪر،

باغ عالم جي حقيقي باغبان کي ياد ڪر.

 

نُور سان معمور ٿيو، جنھنجي سڄو سارو جھان،

تنھن سچي سردار مير مُرسلﷺ کي ياد ڪر.

 

ٻن جھانن جي خوشي حاصل ٿئي توکي مگر،

شرط آھي روز و شب تون مھربان کي ياد ڪر.

 

روزِ محشر ۾ شفا ٿيندي نه ڇو اي دوستو،

تون شفاعت جي نشانِ شيرين بيان کي ياد ڪر.

 

اڄ تنھنجو قلم ڪٿي پھتو وڃي ناگاھهنياز،

جو چيو ھاتف امام دوجھانﷺ کي ياد ڪر.

نياز پنھور

ڄام شورو

روشن تارا

نانءُ وڌايو ديس سندو، جاڳو روشن تارا،

پنھنجي ماتر ڀومي لاءِ، جاڳي ڪجھه ڪريو پيارا.

جاڳو اي روشن تارا.

وقت هٿن مان نڪري پيو، مُور نه موٽي ايندو پوءِ،

وقت سان ساٿي ساٿ ڏيو، وک وڌايو جيءَ جيارا.

جاڳو اي روشن تارا.

منزل پنھنجي ويجھي آهي، تڪڙي تڪڙي وک کڻو،

منزل تي جلدي رسبو، ڇُھي وٺبا اُڀ جا تارا.

جاڳو اي روشن تارا.

پنھنجي دل جي آس اوسائين، آخر هڪ ڏينھن ٿيندي پوري،

نانءُ هلايو تڪڙِي سائين، ڄاڻ نظر کي آيا ڪنارا.

جاڳو اي روشن تارا.

***

 

وسيم سومرو

نوابشاهه

گُُل ڦُُل وٺندس

آئون به گُل ڦُل وٺندس ٻارو!

علم ادب کي پڙهندس ٻارو.

مون کي گُل ڦُل مور پڙهايو،

احساسن کي آ اُڌمايو،

گُل ڦُل جون آکاڻيون پياريون،

گيت، نظم ۽ وايون نياريون،

آئون ڳجهارت ڀڃندس ٻارو!

آئون به گُل ڦُل وٺندس ٻارو!

پنھنجي سوَلي سوادي ٻولي،

پڙهي ڀريان لفظن جي جهولي،

پنھنجن گفتن کي سينگاري،

ٻولن مان ڪي لاٽون ٻاري،

ڏاهپ جڳ کي ڏيندس ٻارو!

آئون به گُل ڦُل وٺندس ٻارو!

آئون پڙهان ۽ دوست پڙهائي،

چاهت، ساهت لاءِ وڌائي،

ليک لکي ڪو ٻالڪپڻ تي،

جنھن کي گُل ڦُل منجهه ڇپائي،

ننڍڙو ليکڪ ٿيندس ٻارو!

آئون به گُل ڦُل وٺندس ٻارو!

ملھار سنڌي

علم سان چاهه

علم سان چاهه رکندين ٻالڪ،

روشن تنھنجو نالو ٿيندو.

 

ڪُوڙ ڪيني کان نفرت ڌاري،

سچ جو پاسو وٺندين ٻالڪ،

روشن تنھنجو نالو ٿيندو.

 

ڪونه اجايو وقت وڃائي،

هردم لکندين پڙهندين ٻالڪ،

روشن تنھنجو نالو ٿيندو.

 

محبت، محنت ساڻ سدائين،

اڳتي وڌندو رهندين ٻالڪ،

روشن تنھنجو نالو  ٿيندو.

***

 

اُستاد گُل دايو

لاڙڪاڻو

گهرُو ڪم

گھرو ڪم پنھنجو ڪجو دوستو،

گُھمڻ ڪِين وڃجو ھليا اوچتو.

 

سنڌيءَ جو گھرو ڪم ساري ڪجو،

سوشل، سائنس رياضي سنڀاري ڪجو.

 

آ انگلش سان دلڙِي اوھان جي گھڻي،

جي پڙھندؤ ته ويندؤ سڀن کي وڻي.

 

ٿِي روحاني راحت ڏئي اسلاميات،

سمايل آ جنھن ۾ ديني ڪائنات.

 

آ مضمون اردوءَ جو ڏاڍو سُٺو،

اوھان کي اھو ڀي ته آھي مِٺو.

 

گھرو ڪم ڪري پوءِ ٽُوئر ڪجؤ،

ڪري سير تفريح پوءِ موٽجؤ.

***


 

حافظ بلاول بروهي

رهبر ڀٽائي

اسان جو توهان جو آ رهبر ڀٽائي،

سڄي سنڌ جو آهه سرور ڀٽائي.

 

ڏسو سنڌ ۾ سندس فيض جاري،

منوّر ڪيو جنھن سان هر گھر ڀٽائي.

 

دعاڳو سڄڻ سنڌ آ هميشه،

ڪيو ساري عالم کي خوشتر ڀٽائي.

 

هيو عشق قرآن سان بي حساب،

نشانبر اهو آهه دلبر ڀٽائي.

 

سندس بيت هرهڪ آهه بي مثال،

اثر آ رکيو ان ۾ بھتر ڀٽائي.

 

سندس شاعري آهه پيغام حق جو،

ادب جي فلڪ جو آ اختر ڀٽائي.

 

انھي در جو خادم بروهي بلاول آ،

جو سمجھي ٿو راحت جو آ در ڀٽائي.

 

اسماعيل سليم هنڱورجا

ٻارن جي ٻاري

ٻارن جي ڇا ٻاري چئجي،

کل خوشيءَ جي کاري چئجي.

 

نفرت جنھن ۾ ناهي مُور،

ميٺ محبت واري چئجي.

 

ڏکن ڏولاون کان سا خالي،

سُکن ڀريل ساري چئجي.

 

گلن جيان ٿي مھڪي ٻھڪي،

جڳُ جُڳ جيءَ جياري چئجي.

 

ڪانھي جنھن ۾ ڪائي ڪدورت،

سا بيشڪ ڀونءِ ڀلاري چئجي.

 

سليم روئڻ راحت ڪنھن جو،

ڪنھن جو کِلڻ به خواري چئجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org