|
حيان عباسي
مترجم: اظھر آزاد مغل
گم
ٿي ويل بادشاهه
ھڪ دفعي جي ڳالھه آھي، ته مھاشمتي جي بادشاھت ۾
ڪمونگ نالي ھڪ بادشاھه رھندو ھو. ھن کي پٽ جي
اولاد جي خواھش ھئي، جيڪو ھن جي موت پُڄاڻان ھن جو
راڄ ڀاڳ ۽ تخت تاج سنڀالي. جلد ئي ھن کي قدرت واري
ٻن جاڙن پُٽن سان نوازيو. انھن جي پئدائش تي،
بادشاھه پنھنجي قوم جي لاءِ جشن ملھائڻ جو اعلان
ڪيو. جشن پارٽي واري ڏينھن، سڀ ماڻھو نمودار ٿيا،
ايستائين جو اھي ماڻھو به جن کي دعوت نه ڏني وئي
ھئي، تن ۾ چور، غُنڊا ۽ بدمعاش به شامل ھئا.
جڏھن جاڙن ٻارن کي عوام جي سامھون پيش ڪيو ويو، ته
ٻه خوبصورت ۽ مُھانڊن ۾ ھڪجھڙن ٻارن کي ڏسي ڪري
ماڻھو حيران ٿي ويا. جلد ئي انھن جي باري ۾ خيالن
جي ڏي وٺ جو آغاز ٿي ويو، ته ڪمونگ کان پوءِ جاڙن
ٻارن مان ڪير بادشاھت جو تاج پھريندو. بادشاھه به
ان سوچ سبب پريشان ھيو. پر ھن اھو سوچي ان خيال کي
ذھن مان ڪڍي ڇڏيو، ته جاڙا ٻار اڃان رڳو ٻن ڏينھن
جا ھئا ۽ ان جو فيصلو انھن جي وڏي ٿيڻ تي ئي ٿي
سگھي ٿو.
ڪجھه ڏينھن کان پوءِ، ھڪ چور بادشاھه جي بيڊ روم ۾
داخل ٿيو ۽ ھڪ ٻار کي اغوا ڪري ويو. چور ٻار کي
کڻي، پاڙيسري رياست ۾ ھليو ويو ۽ ھن کي پنھنجي پٽ
جيان پاليو.
بادشاھه کي اھو ڄاڻڻ تي تمام گھڻي تڪليف پھتي، ته
ان جي پٽن مان ھڪ کي اغوا ڪيو ويو آھي ۽ ھن پنھنجي
پٽ کي ڳولي ايندڙ شخص لاءِ وڏي انعام جو اعلان
ڪيو.
چور ڇوڪري جو نالو جيڪ رکيو ھو. جڏھن ته بادشاھه
پنھنجي پٽ جو نالو اليڪس رکيو ھو. ڪيئي سال گذري
ويا، پر جيڪ ڪٿان به نه ملي سگھيو. جيڪ کي چوري
ڪرڻ جا طريقا ۽ ھنر سيکاريا ويا ھئا ۽ ھن کي چورن
جو بادشاھه بڻايو ويو ھو. جڏھن ته ٻئي طرف اليڪس
کي مھاشمتي جي بادشاھه ٿيڻ جي تربيت ڏني وئي ھئي.
ھڪ ڏينھن بادشاھه کي پاڙيسري سلطنت امبوري جي طرف
کان ھڪ دعوت ملي. جنھن جي تڪميل جي باري ۾ سلطنت
جي شھزادي ايسابيل پنھنجي روح جي ساٿي (جيون ساٿي)
جي چونڊ ڪندي. سمورن اھل ۽ قابل جوانن کي حاضر ٿي
ڪري حصي وٺڻ لاءِ چيو ويو.
بادشاھه پھريائين سوچيو، ته ھوءَ اليڪس جي رشتي
لاءِ ھڪ موزون ۽ ٺھڪندڙ عورت ھوندي. پر پوءِ ان جي
خلاف فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ جو ان جو مطلب اھو ھوندو،
ته اليڪس کي پنھنجي بادشاھت کي ڇڏڻو پوندو ۽
امبوري ۾ رھڻو پوندو.
تنھنڪري ڪمونگ اليڪس کي مقابلي ۾ شامل ٿيڻ کان
روڪي ڇڏيو. جيتوڻيڪ اليڪس جي اوڏانھن وڃڻ جي شديد
خواھش ھئي. جيڪ ان جي باري ۾ ٻڌو ۽ مختلف رياستن
جي ٻين ڪيترن ئي رياستن جي جوانن جيان حصي وٺڻ جو
فيصلو ڪيو. جيڪ پنھنجي صلاحيتن، مھارتن ۽ سٺن
مھانڊن سبب ھر ڪنھن کي متاثر ڪرڻ ۾ سرخرو ٿيو ۽
مقابلو کٽي پنھنجي نالي ڪيو.
شھزادي ايسابيلا جيڪ سان شادي ڪئي ۽ ھن کي امبوري
سلطنت جو بادشاھه بڻائي ڇڏيو. بادشاھه بڻجڻ کان
جلد پوءِ، جيڪ امبوري جي سمورن چورن کي ان شرط تي
معافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ته اھي وڌيڪ چوري نه
ڪندا. اھي سخت محنت مشقت ڪندا ۽ زندگي گذارڻ لاءِ،
روزي ڪمائڻ جي سلسلي ۾ ايمانداري کان ڪم وٺندا.
ڪيترن ئي سالن کان پوءِ، جڏھن ڪمونگ پوڙھو ٿي ويو،
ته ان اليڪس کي مھاشمتي جو بادشاھه بڻائي ڇڏيو.
ڪمونگ جي وفات کان پوءِ، اليڪس جيڪ جي دعوت تي
امبوري ويو. جڏھن اليڪس جيڪ جي محل ۾ داخل ٿيو ته
بادشاھه وانگر سڀني تن تي متاثر ڪندڙ لباس اوڍيا.
ھن کي پنھنجو پاڻ کي سامھون تخت تي ويٺل ڏسي حيرت
ٿي. جيڪ پڻ پاڻ جھڙي شخص کي ھن جي محل ۾ گھمندي
ڏسي حيران ٿيو.
وڏي هال ۾ اوچتو خاموشي ڇائنجي وئي. ڇاڪاڻ جو سڀئي
پنھنجي سامھون ٻن ھڪجھڙن، ساڳين شڪلين شبيھن وارن
بادشاھن کي ڏسي ڪري حيران ۽ دنگ رھجي ويا. ٻئي
ڀائر مُنجھي پيا ۽ ھڪ ٻئي کان پڇيو، ته ٻيو ڪير
آھي. پوءِ وري ھال ۾ وڏو چرچو ٿيو. جڏھن سڀني ٻنھي
بادشاھن ۾ ھڪجھڙائي تي حيرت جو اظھار ڪيو. اوچتو
ھڪ پراڻو وزير جيڪو اليڪس سان گڏ ھوندو ھو، اڳتي
وڌيو. ھن بيان ڪيو، ته بادشاھه اليڪس جو ھڪ جاڙو
ڀاءُ ھيو. جنھن کي ننڍپڻ ۾ اغوا ڪيو ويو ھو ۽ ممڪن
آھي، ته بادشاھه جيڪ وڏي عرصي کان اليڪس جو گمشده
ڀاءُ ھجي.
ھاڻي جنھن شخص جيڪ کي اغوا ڪيو ھو، اھو به اڳتي
وڌيو ۽ حقيقت تان پردو کنيو ۽ ٻئي ڀائر ھڪ ٻئي سان
ملي ڪري ڏاڍا خوش ٿيا. جيڪ ان شخص کي معاف ڪري
ڇڏيو جنھن ان کي اغوا ڪيو ھو ۽ ٻنھي رياستن ۾ وڏو
جشن ملھايو ويو ھو.
***

سميع ميراڻي
ڏوڪري
گڏهه
اڙي تو مون کي مٺائي ته نه کارائي....
اڙي ڇا جي يار مٺائي کائيندين تون وري....
خبر نٿي ڇا، هاڻي تنھنجو نالو مٽائيو اٿن
ڇو؟ ڪير ٿو چوي....
هاڻي تون راجا ٿو سڏجين....
گڏھ راجا، ڊونڪي راجا.
هان! ڊونڪي ڪنگ....
هل ڙي جھنگ ۾ ٻيا جانور کُٽي ويا آهن، جو هاڻي پڳ
مون تي ٿا رکن، هون..... گڏھه ۽
راج............کوڙ وئي ڪونه ٿولڳي.
هل بابا هل، مون تي اڳئي عوامي وزن گھڻو آهي، سڄو
ڏينھن وزن به کڻان، اُس ۾ به رلان، سَٽڪو ڪُٽڪو به
جام کاوان، ماني به وقت تي ڪونه ملي، مان ته
وهنجندو به ڪونه آهيان. مِٽي ۾ ليٽي پاڻ تي گڏھه
هجڻ جي ملامت مليندو آهيان ته مان گڏھه ڇو ٿيس.
تون وري حوال ئي اُبتا ٿو ڪرين.. گڏھه راج...
ڊونڪي ڪنگ.... اهو ممڪن ئي نه آهي يار ڪُتا! ڀلا
يار ڪُتا اهڙيون وائي خبرون توکي ڪير ٿو ٻڌائي؟
يار گڏھه! هاڻي هاڻي پاڻ واري مالڪ، رڇَ جيئن ئي
توتان سند لاهي اندر اچي ٽي وي هلائي، ته ان ۾
هڪڙو باندر (ڀولو) هو. جيڪو نچندي چئي رهيو هو،
”ڊونڪي
راج ڊونڪي راج“.
مون مالڪ کان پڇيو مالڪ سائين هن ڀاندر (ڀولي) کي
ڇا ٿيو آهي. جو مٿو ئي کائي ويو آهي، چريو ٿيو آهي
ڇا.....؟
نه اڙي! ڀُوڪَ هي چوي ٿو، ته
”شينھن“
هاڻي بادشاهي نٿو سنڀالي سگھي، ان جي لاءِ هُو
هاڻي جهنگل جو بادشاھه ٻئي کي چونڊڻ ٿو چاهي. پر
سڀني جانورن بادشاھه کي مشورو ڏنو آهي، ته بادشاهي
لاءِ ڪنھن اهڙي جانور جو انتخاب ڪريو، جيڪو عوام ۽
اسان جانورن جو وزن کڻي سگھي. هر ڪنھن جي ڏک سُک ۾
مدد ڪري سگھي. گرمي سردي ۾ سڀني سان گڏ هجي.
اهڙو ڀلا ڪھڙو جانور اسان مان ٿي سگھي ٿو!؟ ڪُتي،
باندر (ڀولي) کي ٽي وي ۾ تڪيندي پنھنجي مالڪ رڇَ
کان پڇيو. مالڪ رڇَ پنھنجي وفادار ڪُتي کي
ٻُڌائيندي چيو، ته لومڙي بادشاھه سلامت کي هڪڙو
نالو بادشاھت لاءِ تجويز ڪري
”گڏھه“
جو به ڏنو آهي.
لومڙي جيڪا بادشاھه سلامت جي خاص مشيره آهي ۽ هوءَ
بادشاھي جا خاص ۽ اهم معاملا سنڀاليندي آهي.
بادشاھه سلامت کي ڏکين مسئلن ۾ پنھنجي سياڻپ ۽ عقل
سان مدد فراهم ڪندي آهي. لومڙي، بادشاهي ۾ سياڻپ ۽
ڏاهپ جي ڪري خاص حيثيت رکندي آهي. بادشاھ به ڏاڍو
ڀائيندو اٿس. بادشاھه سلامت گڏھه هن منصب لاءِ
بھتر رهندو. هن ۾ سڀ خوبيون موجود آهن. سھپ،
برداشت، بُک، اُڃَ جو پڪو، ٿُڪَ چنبي ۾ به ڪو ٻيو
جانور نه لڳيس. لومڙي گڏھه جي تعريف بادشاھه سان
ڪندي چيو. پر بادشاھه سلامت گڏھه صرف علم ۾ کُٽل
آهي. مونکي ياد آهي، ته جڏھن اسڪول ۾ گڏ پڙهندا
هئاسين ۽ جڏهن اسان جو سبق ڪچو هوندو هو، ته اسان
کي مِس ٿَڦُون هڻي چوندي هئي، ته گڏھه ڀيان گڏھه!!
مون هڪ دفعي ميڊم کان پڇيو هو، ته ڇا مس گڏھه به
نه پڙهندو آهي؟ ته مس دڙڪا ڏيندي چيو هو، ته گڏھه
ڪم عقل ٿيندو آهي. پڙهائي ۾ ايترو هوشيار نه هوندو
آهي. ماري ٿڪجي پون جي هِي ڪا شيءِ سمجھي.
پياري لومڙي تعليم جو خير آهي، ڀلا مون کي به ته
تُون ٿِي هلائين نه، ٻيون ته سڀ خوبيون گڏھ جون
ڀليون آهن نه، هوئين به اڳواڻي ڪرڻ لاءِ سھپ،
برداشت، بُک ۽ ڏک سھڻ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو آهي.
شينھن چيو. ها! ته پوءِ بادشاھه سلامت دير ڇا جي!
جي بلڪل اڄ ئي گڏھه کي درٻار ۾ شاهي پروٽوڪول ۾
گھرايو وڃي.
شينھن شاهي فرمان جاري ڪندي، لومڙي کي وڌيڪ چيو،
ته جھنگ جي سڀني جانورن ڏانھن دعوتنامه جاري ڪيا
وڃن ۽ هڪ شاهِي دعوت جو جلد از جلد انتظام ڪيو
وڃي.
بگھڙن چيو، ته گڏھه کي جھنگ جو بادشاھه، چونڊيو
ويو آهي. هي دعوتنامو به بادشاھه موڪليو آهي ته
جلدي بادشاهيءَ درٻار ۾ سڀ اچي حاضر ٿيو. اڄ نئين
بادشاھه گڏھه جي حوالي جھنگ جي بادشاهي ڪئي ويندي.
مالڪ رڇَ، گڏھه ڏانھن مُنھن ڪندي چيو، جلدي تيار
ٿي وٺ، اڄ تون جھنگ جو بادشاھه ٿيندين. جلدي ڪريو
ته نڪري هلون. ٻين جانورن جي پيھه ۾ متان تون گم
نه ٿي وڃي.
ها ها..... مان بادشاھه ٿيندم دنيا ڏسندي گڏھه
ڀُڻڪندي پنھنجي مُنھن سان چيو.
”گڏھه
ساڳيو آهي، پر آٿر مَٽَ اٿس.“
ڪُتي درٻار ۾ زيبرا کي بادشاھه شينھن جي ڀرسان
بادشاهيءَ ڪرسي ته تاج سر تي ڏسندي مالڪ رڇ کي رڙ
ڪندي چيو.
***

اڪبر علي جسڪاڻي
جوهي/دادو
چورايل آسمان
هيءَ انھيءَ ڏينھن جي ڳالھه آهي، جڏهن اسان جي ڳوٺ
۾ اڃان بجلي ڪانه آئي هئي. گھر جي اڱڻ ۾ رات جو
سُمھندا هئاسين ته آسمان ۾ تارا ٽمڪندا نظر ايندا
هئا. مان سُمھڻ کان اڳ نانيءَ کان پُڇندو هئس ته
”ناني!
هي آسمان ۾ اڇو پٽو (کير ڌارا) ڇاجو آهي؟“
”ناني
چوندي هئي ته
”ابا!
جڏهن نوح نبيءَ جي ٻيڙي پاڻيءَ ۾ مٿي ٿيندي ويندي
۽ آسمان سان وڃي لڳندي هئي اهو اڇو پٽو ان ٻيڙيءَ
جو گيساٽو آهي.“
وري ڪڏهن ڪو سيارو آسمان مان ٽُٽندو هو شعاع ڪري
ايندو هو، ته ناني چوندي هئي، ته ملائڪ سڳورا
شيطان کي آسمان کان هيٺ ڀڄائين ٿا. ائين ناني مون
کي تارن بابت ٻُڌائيندي هئي، ته هوءَ کٽ آهي، هو
ڪَتِي آهي ۽ هُو آهن ٽيڙو..... پر جڏهن کان اسان
وٽ بجلي آئي آهي، ته آسمان جو اهو حسن به ڄڻ ختم
ٿي ويو آهي ۽ تارا هاڻي اڱڻ ۾ ايترا نٿا ڏسجن، جن
لاءِ ناني چوندي هئي، ته
”اها
بجلي مُئي جڏهن کان آئي آهي، نظر به گھٽ ٿيندي
وڃي.“
ناني صبح جو اُٿندي به تارن جي حساب ڪتاب سان هئي،
ان کي ايتري خبر هوندي هئي، ته هي جيڪو تارو گھر
جي وڻ مٿان آيو آهي، ته هاڻي رات کُٽڻ واري آهي.
جڏهن پورب جي هوا لڳندي هئي ته چوندي هئي،
”کٽون
اندر ڪريو مينھن ڄاڻ آيو ۽ کن پل ۾ مينھن اچي ڪڙڪو
ڪندو هو.“
يا وري جڏهن سانوڻ جي مند ۾ ڪنڊين ۾ سڱريون گھٽ
ٿينديون هيون ته چوندي هئي، ته
”هيل
برسات گھڻي پوندي.“
واقعي ائين ئي ٿيندو هو. پر هاڻي ته سائنس ايڏي
ترقي ڪئي آهي. ريڊيي ۽ ٽي. وي. تي موسمات کاتي
وارا اڳڪٿي ڪندا آهن، ته بارش فلاڻن فلاڻن علائقن
۾ پوندي. پر ڪڏهن ڪڏهن سندن اڳڪٿي غلط به ٿيو وڃي.
پر پراڻي وقت جي ماڻھن وٽ، اها ڄاڻ هئي جو هوا جو
رخ ڏسي سمجھي ويندا هئا ته هاڻي مينھن آيو ڪي آيو.
دنيا ايڏي ترقي ڪئي آهي، پر اڃان تائين زلزلي اچڻ
جي اڳواٽ خبر ڪانه ٿي پوين. پر هڪ ڀيري رات جو
ڪُتن وٺي ڀؤنڪيو. جھرڪيون رات جو آکيرن مان اُٿي
ٻاهر”چُون
چُون“
ڪرڻ لڳيون. نانيءَ چيو، الله خير ڪري! جلجلو
(زلزلو) ايندو.“
۽ ويرم ئي ڪانه گذري ته زمين پينگھي وانگيان لُڏڻ
لڳي هئي، پر ايترو نقصان ڪونه ٿيو هو.
جڏهن ڪڻڪ آڀُن تي ايندي هئي. تڏهن نانيءَ کي هاري
چوندا هئا ته
”امان!
ٻڌاءِ ته ايڪڙ گھڻا خرار ڪندو؟ ناني هڪ سنگ پٽي،
هٿن جي ترين انُ مھٽي ان جا داڻا ڳڻي ٻُڌائيندي
هئي ته ايڪڙ هيترا خرار ڪندو.“
ان ۾ هڪ اڌ ٻوريءَ جو فرق پوندو هو.
***

نويد ناز ڀٽي
پنجاھه جو نوٽ
هن عيد تي دلبر کي پنج سؤ روپيا عيد جي
خرچي ملي، ٻه
سؤ جا نوٽ، هڪ پنجاهه جو نوٽ، ڪجھه ڏهن ڏهن جا
ڪجھه پنجن جا نوٽ هئا، دلبر جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي.
هو نانيءَ جي گھر ڳوٺ عيد ڪرڻ پنھنجي امڙ ۽ ڀيڻن
سان آيو هو. دلبر پنھنجي ٽن مامن کي گھڻو پيارو
هو. هو سدائين عيد جي ڏينھن ۾ مامن سان ڳوٺ عيد
ملھائيندو هو. پر اڳ جيان ايتري خرچي نه ملندي
هيس. جيڏي هن عيد تي ملي هيس. دلبر اڄ عيد ڏهاڙي
ڏاڍو خوش هو. هڪڙي مامي کي ويجھڙ ۾ هيلٿ ڊپارٽمينٽ
۾ نوڪري ملي هئي. ان به دلبر کي خرچي ڏني هئي.
عيد جي ٻي ڏهاڙي هن پنجاهه جي نوٽ تي پين سان
پنھنجو نالو دلبر پينٽ ڪيو. پوءِ وڃي دڪاندار کان
خوب شيون، پيپسي بوتل، چاڪليٽ، کٽمٺڙا وٺي، ڀينرن
کي به ڏنا پاڻ به کاڌا. اصل دلبر مزي ۾ اچي ويو.
هيل عيد ڪجھه ٿڌن ڏينھن ۾ آئي هئي. خاص گرمي نه
هئي. شام ٿي ته ڳوٺ گھميو، ڳوٺ جي ٻارن سان عيد
ملھائي، پوءِ نانيءَ جي گھر ڪجھه ڏينھن عيد جا
گذاري پنھنجي گھر موٽي آيو، ته عيد کان پوءِ ستت
اسڪول به کُلي ويا. دلبر معمول موجب وري اسڪول وڃڻ
لڳو. پنھنجي دوستن سان مليو عيد جي باري ۾ دوستن
کي سربستو احوال ڏيندو وٺندو رهيو. ان سان گڏ
پڙهائي به ڪندو رهيو.
ڪجھه ڏينھن کان پوءِ رسيس ۾ چاٽ ڇولن وارو آيو.
دوستن سان چاٽ ڇولا ورتا کائي، جڏهن سوَ جو نوٽ
کُليو ڪرايو، ته ڇولن واري بقايا پيسا هٿ ۾ ڏنا.
ته دلبر تعجب ۾ پئجي ويو. هي ته اهو ئي ساڳيو
پنجاهه وارو نوٽ آهي، جنھن تي مون پنھنجو نالو
لکيو هو. پوءِ ته اُستادن ۽ پنھنجي دوستن مٽن
مائٽن کي پاڙي وارن کي پنجاهه جو نوٽ ڏيکاريندو
رهيو. من ئي من ۾ خوش به ٿيندو رهيو. پنجاھه جي
نوٽ واپس ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظھار ڪيو. يقينن هڪ
ٻار لاءِ هي هڪ خوشيءَ جھڙي ڳالھه ته هئي. پنجاهه
جي ساڳي نوٽ ڳوٺان سفر طئي ڪري ڪيئن دلبر جي هٿن
تائين پھتو هيو.
سو پيارا ٻارؤ! توهان ائين هاڻي نه ڪجؤ! هي ٽيھه
سال اڳ هڪ حقيقي ڪھاڻي آهي. ان دور ۾ نوٽن تي نالا
لکي کپائبا ها، ته ڪڏهن ڪڏهن ساڳيا نوٽ واپس اچي
مالڪن تائين رسائي به ڪندا هئا. پر موجوده دور ۾
نوٽن تي پين سان ليڪ پائڻ نوٽ جي ساک کي وڃائڻ
آهي.
***

سرمد عباسي
(قسط: نائين)
خانواهڻ
سپِي، سارنگ ۽ مَتارو
}ٻاراڻو ناول{
متارو گاڏيءَ جي پوئين ڀاڱي سان اچي لڳو ۽ پنھنجي
اڳين چنبن جا نَنھن،گاڏيءَ جي درَ جي ھيٺين حصي ۾
ڦاسائي ڇڏيائين. ھاڻي ھن جون پويون ٻئي ڄنگھون
روڊَ تي گھلجڻَ لڳيون ۽ ھُو گاڏيءَ سان چنبڙي پيو
ھو. ھنَ جي بارَ جي ڪري گاڏيءَ کي ھڪ ٺاھوڪو لوڏو
آيو ۽ اھا فھيم جي قابوءَ مان نڪري ھيڏانھن
ھوڏانھن لھرَ ھڻڻ لڳي.
گاڏيءَ کي کاھيءَ ۾ ڪِرڻَ کان بچائڻَ لاءِ فھيم
ڏاڍي ھوشياري ڏيکاري.ھنَ گاڏيءَ کي سِڌو رکندي،
ھڪدم ھٿُ بريڪ ڇِڪي ورتو. گاڏي چيڪٽَ جو آواز
ڪڍندي، کاٻي پاسي ڏانھن رِڙھندي وئي ۽ کاھيءَ جي
ڀت وٽ اُونڌي ٿِي ڪري پئي. فھيمَ جي ھوشياريءَ
ڪري، اندر ويٺلن جو بچاءُ ٿي ويو ھو. سواءِ ھڪ ٻن
جي باقي ٻين کي رڳو رَھنڊون آيون ھيون. پر ھو
ڪِريلَ گاڏيءَ ۾ ڦاسي پيا ھئا. پوئين پاسي کان
گاڏيءَ کي چُنبڙيل متارو به ليٿڙيون پائيندو ھڪ
پاسي وڃي ڪِريو. پر ھوش ۾ ھو. ھن کي فھيم ۽ ٻين تي
ڏاڍي ڪاوڙ ھئي. انھن جي ڪري کيس ڏاڍي پيڙا ٿي ھئي.
”ھنن
کي چِيرِڻَ ڦاڙِڻَ کان سواءِ ڪو نه ڇڏيندس. مون کي
ڏاڍو لوڙايو اٿائون.“
متاري خارَ مان سوچيو ۽ گاڏيءَ جي پوئين ڀاڱي ۾
ڪريل فواد ۽ صداقت وارن ڏانھن وڃڻَ لڳو. انھيءَ
مھل ئي ھن جي نِھارَ ساڄي پاسي ڏانھن کڄي وئي. ھنَ
جون اکيون ويتر ڳاڙھيون ٿي ويون.
”ھُون...سپي
۽ سارنگ.“
متاري نڪ مان ڀوائتا آواز ڪڍندي پنھنجي مُنھن
ڳالھايو. ھنَ جي اکين آڏو سيٺ رميش جي ھوٽل ھئي.
جنھن ۾ سِپي ۽ سارنگ لڪيل ھئا.
***
آڪاش، تڪڙ ۾ دريءَ ڏانھن ويو ۽ شيشي مان ٻاھر جو
لقاءُ ڏسڻَ لڳو. پنھنجي دوست فاريسٽ آفيسر فھيم جي
گاڏي پاسيري ڪِريلَ ۽ ڀرسان ئي متاري کي بيٺل ڏسي
آڪاش کي مٿو ڦِرندي لڳو ۽ پھريون ڀيرو ھنَ کي ڀَئو
به ٿيو.
تڪڙ ۾ ھالَ جون بتيون بند ڪيو. آڪاش، فيروز ڏانھن
ڏسندي چيو. فيروز ۽ ڪريم ھڪدم اٿيا ۽ ھال جون سڀ
بتيون بند ڪري ڇڏيائون. ھال ۾ اوندھه ٿي وئي. آڪاش
وري، دريءَ مان ٻاھر ڏسڻَ لڳو. متاري کي ھوٽل
ڏانھن ايندي ڏسي، آڪاش تڪڙ ۾ ٻين وٽ پھتو.
”ڇا
ٿيو پٽَ؟ تو بتيون ڇو بند ڪرائي ڇڏيون؟“
سيٺ رميش ڳڻتيءَ مان پڇيو.
”ٻاھر
شينھن اچي ويو آھي. ھو پڪَ سان اندر اچڻَ جي
جاکوڙَ ڪندو. سٺو ٿيندو ته پاڻَ ھتان ھليا ھلون.“
آڪاش، پنھنجي بُتَ جي اوٽَ ۾ ٽارچ ٻاريندي چيو.
ٽارچ جي سُھائي به، ھنَ ڪجھه گھٽ ڪري ڇڏي. آڪاش جي
ڳالھائڻ ۾ ڳڻتي محسوس ڪري ٻين کي به ڊپُ ورائي
ويو.
”پوءِ
ھتان ڪيئن ھلجي پُٽ؟“
سيٺ رميش پڇيو.
”اسان
پوئين دروازي مان ٻاھر ھلنداسين. مان سپي ۽ سارنگ
مٿي جبل تي چڙھي، اتان ئي سنڌو ڪالوني پھچنداسين
بابا. اوھان، فيروز ۽ ڪريم، روڊَ ڏانھن ويندؤ. اتي
منھنجي دوست فھيم جي گاڏي پاسيري ٿي ڪريل آھي.
اوھان ٽنھي کي انھن جي مدد ڪرڻي آھي. سوير جيڪو
ڌماڪي جو آواز ٿيو ھو سو فھيم جي گاڏيءَ جو ئي ھو.“
آڪاش، ھوٽل جي بند دروازي ڏانھن نھاريندي ٻڌايو.
متاري،اڃان ڪا به حرڪت ڪونه ڪئي ھئي.
”ٺيڪ
آھي پٽَ.“
سيٺ رميش وراڻيو.
”ته
پوءِ ھلو. بنا ڪو کڙڪو ڪرڻ جي. کڙڪي تي شينھن
ڇِرڪجي حملو به ڪري سگھي ٿو. توڙي جو اھو ھڪ
ڪارٽون شينھن آھي.“
آڪاش چيو ۽ اڳتي وڌڻ لڳو. ٻيا به ھنَ جي ڪڍَ ھلڻ
لڳا. ھُو سڀُ دخلَ جي ڀرسان لڳل دروازي مان لنگھي
رَڌڻي ۾ ھليا آيا. اتي ئي ھوٽل مان نڪرڻَ لاءِ
پويون درُ ھو. سيٺ رميش کيسي مان چاٻي ڪڍي،تالو
کوليو ۽ ھُو سڀ واري واري سان ٻاھر نڪري آيا.
***
ھوٽل جي شٽرَ آڏو متارو بيھي رھيو. کيس سپيءَ ۽
سارنگ تي ڏاڍي ڪاوڙ ھئي. جن نه رڳو کيس ڊُڪايو ھو،
پرَ ھنن جي ڪري کيس ڏاڍي پِيڙا به سَھِڻِي پئي
ھئي. متاري ته چاھيو پئي ته تُرت شٽر ڀَڃي اندر
وڃي ۽ سارنگ سان گڏ اُتي موجود ھر ماڻھوءَ کي
قِيمو ڪري ڇڏي. ھنَ چؤڦير نھاريو، ڪير به ڏسڻَ ۾
ڪونه پئي آيو. گاڏيون به گم ھيون. مينھن جي ڪري
سڀ ڪو وقتَ سر ڪم ڪار لاھي گھرن ڏانھن وڃي چُڪو
ھو. سيءُ به وڌي ويو. متارو اڃان اتي ئي بيٺو ھو
جو سندس نھارَ، شٽر کان ٿورو ئي پري ھوٽل جي دريءَ
تي پئي. ھُو تڪڙو ھلندو دريءَ وٽ پھتو ۽ شِيشي مان
اندر نھارڻَ لڳو. اندر توڙي جو اوندھه ھئي، پر
پوءِ به کيس سڀ ڪجھه چِٽو پئي ڏسڻَ ۾ آيو. دريءَ ۾
موجود وِٿين مان ڳالھائڻ جو ھلڪو آواز پئي آيو.
متارو ڌِيانَ سان ٻُڌڻَ لڳو. آڪاش جو سمورو منصوبو
ٻُڌي متاري جي اکين ۾ ڄڻ ته ٽانڊا ٻَري پيا. ھن
پنھنجن ڀوائتن ڏندن تي ڄِڀَ ڦيرائي ۽ وري دريءَ
مان لِيئو پاتو. آڪاش ۽ ٻيا ھڪ درَ مان اندر وڃي
رھيا ھئا. انَ ڳالھه کان اڻ ڄاڻ ته ھوٽل جي دريءَ
مان متاري نه رڳو کين رڌڻي ڏانھن ويندي ڏسي ورتو
آھي، پرَ سڀ ڪجھه ٻُڌي به ورتو اٿائين.
”سنڌو
ڪالوني.“
متاري ڀُڻڪو ڪيو ۽ ٿورو پوئتي ٿِي، ھوٽل جي
ٽِڪُنڊي ڇِتِ ڏانھن نِھارڻَ لڳو.
***
ھڪ ڀيرو وري سارنگ، سپيءَ جي پُٺيءَ تي ھو ۽ ھُو
ٻئي آڪاش جي پُٺيان مٿانھينءَ ڏانھن ھلي رھيا ھئا.
سارنگ ڳرو صفا به ڪونه ھو سو سپيءَ، سارنگ جي پنڌ
ھلڻ جي ضد کان پوءِ به کيس پٺيءَ تي کنيو ھو ۽
سپيءَ کي ڪا به پِيڙا ڪونه ٿِي رھي ھئي.
سيٺ رميش جي ھوٽل جي پٺيان ئي جبل تي مٿي وڃڻَ
لاءِ چاڙھيءَ وانگر دَڳ ھو. ......
(هلندڙ.......)
نثار سومرو
دادو
پتڪڙو ذهن
هن جي عمر مشڪل سان
7
سال به نه ٿيندي!پنھنجي بابا کي گھر اڳيان هر سال
محرم دوران سبيل لڳائيندي ڏسندي آئي. جتي سندس
والد ايندڙ ويندڙ هر ماڻھوءَ کي جوش جذبي سان سبيل
پياريندو هو. هن پنھنجي بابا جي عقيدت کي ڏسندي،
پاڻ به پنھنجي ننڍڙن هٿن ۾ گلاس کڻي سبيل ۾ ڪڏهن
پاڻي، ته ڪڏهن شربت پيارڻ ۾ پنھنجي بابا سان پيش
پيش هوندي هئي. توڙي جو هن جو دين اسلام نه هو، هن
جو جذبو ڏسڻ وٽان هو. هن جي ڪربلا جي شھيدن سان بي
انتھا محبت هئي. هن پنھنجي بابا سان مخاطب ٿيندي
چيو،
”بابا
اسان مسلمان آهيون؟“
سندس بابا جواب ڏيندي چيو،
”نه
پُٽ! سڀ آدم ڄاوا آهيون. پوءِ ڪو هندو ڪو
مسلمان!!!“
هن وري پنھنجي بابا کان پڇيو،
”بابا
ڇا ڪربلا
جي شھيدن سڀني لاءِ قرباني ڏني؟“
بابا هن کي جواب ڏنو،
”پُٽ
ڪربلا جي شھيدن جي قرباني اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي،
ته حق لاءِ وڙهو، ڪڏهن به ڪنھن ظالم اڳيان نه
جُھڪو، ڇو نه ان جو تعلق ڪھڙي به مذهب سان هجي،
ڪيڏو به طاقتور ڇو نه هجي.“
ننڍڙي پنھنجي بابا جي هنج ۾ پيار منجھان ويھندي
معصوميت وچان وري سوال پڇيو،
”ڇا
بابا! ڪربلا جي شھيدن جو مقابلو اسان هندن سان هو؟
اسان جي هندن انھن کي شھيد ڪيو!؟“

اهو معصوماڻو سوال ٻُڌي، هن جو والد سوچ ۾ پئجي
ويو. هن ننڍڙيءَ جي پيشاني تي چُمي ڏيندي وراڻيو،
”نه
پٽ! اسان جي هندن ڪربلا جي شھيدن جو قتل نه ڪيو
هو. انھن جو قتل سندس نانا جي دين جي پوئلڳن مطلب
مسلمانن ڪيو هو!!!!“
اهو ٻُڌي ننڍڙي ڄڻ اچرج ۾ پئجي وئي. چوڻ لڳي،
”پر
بابا پنھنجي مسلمانن پنھنجي نبيءَ جي خاندان کي
آخر ڇو قتل ڪيو؟“
مون سمجهيو پئي ته اسان جي هندن قتل ڪيو هوندو!
اهو ٻڌي هن جو والد حيرت واري نظرن سان ننڍڙيءَ
ڏانھن ڏسڻ لڳو، دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو ته هن پتڪڙي
ذهن ۾ ايترا سوال!!!
پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻيءَ مان اهو سبق ملي ٿو، ته
مسلمان ڪربلا جي شھيدن کي ياد ڪن ٿا. پر ان سان گڏ
غير مسلم به ڪربلا جي شھيدن جي قرباني کي سلام پيش
ڪن ٿا ۽ محبت ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪربلا جي شھيدن حق
سچ جو عَلَمُ اُوچو رکيو! پنھنجن جانين جو نظرانو
پيش ڪيو. انھي جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به ٻي هنڌ نه ٿو
ملي.
***
اشتياق احمد
(قسط: پندرهين)
مترجم: مير سردار چنڙ
اله دين جو چراغ
}ٻاراڻو ناول
{
اسان کي ڪنھن وڏي مصيبت ۾ نه ڦاسائي.“
بابا ڪاوڙ ۾چيو. ھن وقت ته اسان کي مصيبت مان ڪڍي
آيو آھي. پوليس وري گھر طرف وڃي رھي آھي. پر اسان
ان گھر مان لڀنداسين ئي ڪونه. آخر ڪيسيتائين. ڇا
اسان جن جي ھٿ تي ئي سفر ڪندا رھنداسين.
نه...! جڏھن پوليس ھلي ويندي، ته اسان به گھر ھليا
ھلنداسين ۽ جيڪڏھن ھو رات جي سمھڻ وقت آئي ۽ اسان
سڀني کي گرفتار ڪري وڃي، ته پوءِ جنُ ڪٿان ايندو.
اھو اسان گھر ھلي سوچينداسين. ادا چيو.
جيپ گھر جي سامھون پھچي بيھي وئي. پوليس وارا سڌو
گھر ۾ داخل ٿيا، جن ۽ اسان گھر جي مٿان بيٺا
ھئاسين.. اسان ڏٺو، ته پوليس وارا سڄي گھر جي سرچ
آپريشن ڪري رھيا ھئا. آخر اھي مايوس ٿي ھليا ويا.
انھن کان پوءِ اسان گھر ۾ داخل ٿياسين. سڀئي گڏجي
سوچيو، ته ھاڻ ڇا ڪجي. ان ڳالھه تي يقين رکو ته
پوليس وري ھتي ايندي. ھا! اھا ھر ھر ھتان چڪر
ھڻندي.
”ھن
وقت صرف ھڪ ئي رستو بچيو آھي“
ادا چيو. اھو ڪھڙو؟ ھن محل کي کڻي ڪنھن ٻئي ھنڌ
منتقل ٿيون. خبر ناهي! جن ھن محل کي کڻي سگھندو،
به الائي نه! مان چيو. ڇو! جڏھن ھن اله دين جو محل
کنيو ھو، ته ڇا ھي ان کان نه کڄندو. ھيءُ محل ته
ان محل کان ننڍو ھوندو. ادا چيو.

مان پڇانس ٿو. مان جواب ڏنو ۽ جن طرف مُنھن ڪندي
چيو، ته ڏس ادا جن! پوليس اسان جو پيڇو ڇڏيندي نظر
نٿي اچي! تنھنڪري اسان سوچيو آھي، ته ھتان کان ڪٿي
ٻئي ھنڌ ھلجي ۽ ڇا تون ھن محل کي کڻي سگھين ٿو؟
”سج
اُڀرڻ وقت.“
جن جواب ڏنو. ڇا مطلب ؟ مطلب ته سڀاڻي صبح جو جنھن
وقت سج اُڀرندو ان وقت مان کڻي سگھان ٿو. ڇو....
ھن وقت ڇو نه ٿو کڻي سگھين. سج اُڀرڻ وقت اسان جي
جسم ۾ سؤ دفعا وڌي طاقت ھوندي آھي. اڇا ٺيڪ آ....
سڀاڻي سج اُڀرڻ کان پھرين توکي اسان گھرائينداسين.
جيڪو حڪم منھنجا آقا. آڌيءَ رات اسان کي جھنجھوڙي
جھنجھوڙي گھري ننڊ مان اُٿاريو ويو. اسان کي اٿارڻ
وارا پوليس جا جوان ھئا. انھن اسان سڀني کي گرفتار
ڪري ورتو ھو.
جِنَ جي آزادي:
باقي رات اسان قيدخاني ۾ جاڳي گذاري. امان ته
روئِي روئِي پنھنجو حال پلال ڪري ڇڏيو ھو. ادا ۽
بابا خاموش ھئا. باجي ڪڏھن روئي پئي، ته ڪڏھن
خاموشي سان ويھي پئي. منھنجي دل به ھٿن مان وڃي
رھي ھئي. سڀئي سوچي رھيا ھئا، ته ھاڻي ڇا ٿيندو.
ھاڻي ھتان اسان ڪيئن نڪرنداسين...... صرف نادر ئي
بي فڪر لڳي رھيو ھو. ٿي سگھي ٿو اھو پاڻ ئي اسان
جي گھر اچي وڃي ادا سوچيندي اوچتو چيو. امان ان جي
مراد جن ھئي. اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ڀلا اھو ڪيئن ٿو
اچي سگھي. ھا! جيڪڏھن شام جو سندس وڃڻ وقت کيس چيو
ھجي ھا، ته صبح سوير پاڻ ئي اچجان ته اھا ٻي ڳالھه
آ.
”الله
الله ڪندي صبح ٿيو.“
صوبيدار ڊيڄاريندڙ مُنھن کڻي دروازي تي آيو. ڇا
توھان جادوگر آھيو؟
“
ان پڇيو. نه.! پوءِ ڪالھه قيدخاني جو دروازو ڪيئن
کليو ھو. مونکي خبر ناهي ته ڪيئن کليو ھو. بابا
چيو.
توھان ڪوڙ ٿا ڳالهايو. بابا ھاڻ ڪوڙ ڳالھائڻ مان
ڪھڙو فائدو، سچ ٻڌائجي ته پنھنجو فائدو آ. اسان
وڏا ڌاڙيل آھيون. اسان ڌاڙا ھڻي ھڻي ڪروڙين روپين
جي دولت پنھجي گھر ۾ لڪائي آ. مان اچانڪ چيو.
صوبيدار ڇرڪي اٿيو.
”ڪھڙي
بڪواس ٿو ڪرين.“
بابا رڙ ڪندي چيو. ھاڻ لڪائڻ مان ڪھڙو فائدو بابا،
انھن کي سچ ٻڌايو ان ۾ ئي اسان جو فائدو آ. مان
چيو.
”خبردار!
تو ھڪ لفظ به واتان ڪڍيو.“
بابا چيو. اھو شايد منھنجي چال کي سمجھي ويو ھو.
اوووئي! ان ڇوڪري کي ٻاھر ڪڍو. صوبيدار پھريدار کي
چيو. جي سر! ببلو! انھن کي ڪجھه نه ٻڌائجان!
جيڪڏھن انھن گھر مان اھا دولت برآمد ڪري ورتي، ته
اسان ڪٿي جا نه رھنداسين. پوءِ اسان سڄي عمر ايئن
ئي جيل ۾ سڙندا رھنداسين. اھو ته ھاڻ به سڙي رھيا
آھيون. مان خراب منھن ڪندي چيو. ايتري ۾ دروازو
کُلي ويو. سپاھيءَ مون کي ٻانھن مان پڪڙي ٻاھر ڇڪي
ورتو. ان کي منھنجي ڪمري ۾ وٺي اچو. صوبيدار ھڪ
ٻئي سپاھيءَ کي چيو ۽ ان مون کي ٻانھن مان پڪڙيو ۽
ڌڪا ڏيندو صوبيدار جي ڪمري ۾ وٺي آيو.
پُٽ ھاڻ ٻُڌاءِ... اھا دولت ڪٿي آھي؟ گھر ۾ ....
ھڪ ڳجھي جاءِ آھي... مان چيو.
اسان کي ٻُڌاءِ اھا جاءِ ڪٿي آھي؟
اھا اوھان کان نه لڀندي، باقي جيڪڏهن مان ھلان ته
اھا جاءِ ڏيکاري سگھان ٿو. دولت ڪيتري آھي؟
صوبيدار پرجوش ۾ چيو. ڪروڙين رپين جا زيور، ھِيرا
۽ سونَ جا ڍير. صوبيدار جي اکين ۾ ٻُڌندي چمڪ اچي
وئي. تون ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آھين. اچ اسان سان گڏجي
ھل! انھن مون کي ھڪ جيپ ۾ ويھاريو ۽ گھر طرف روانا
ٿيا. منھنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. ڇاڪاڻ ته بچي نڪرڻ جي
اُميد جاڳي ھئي. جيپ گھر جي ٻاھران بيٺي ۽ اسان
جيپ مان لٿاسين ۽ گھر اندر گھڙياسين. ھا... ڪٿي آ
اھا جاءِ.
اچو مون سان گڏ.... مان انھن کان اڳ ھلندي پنھنجي
ڪمري ۾ داخل ٿيس ۽ پنھجي الماڙي طرف وڌڻ لڳس. ڇا
دولت اُن الماڙي ۾ آھي؟
جي نه! باقي ان الماڙيءَ ۾ اھڙو ڳجھو بٽڻ موجود
آھي. جنھن کي گھمائڻ سان سامھون واري ڀت ۾ ھڪ
دروازو پيدا ٿيندو. اھو دروازو خزاني جو دروازو
آھي. ان مان ٽُپي ھڪ ننڍڙي ڪمري ۾
گھڙنداسين...........
(هلندڙ......)
وري زال آئي ته خرچو وڌي ويندو ۽ ڳالھه ڳالھه تي
جھيڙو ٿيندو، جيئن امان ۽ بابا ننڍين ننڍين ڳالهين
تي وڙھندا آھن. ڀولڙي چيو، يار ھر جانور جي زبان
تي تنھنجو ۽ ڌوٻي جي گڏھه جو نالو آهي. گڏھه
معصوميت مان چيو، مونکي ڪھڙي خبر آئون ته گڏھه
آھيان. لومڙ ڳالھه کي اڳتي وڌائيندي چيو، ڀلا ڌوٻي
جي گڏھه توکي وڻندي آهي نه. گڏھه شرمائيندي چيو
ھا، مونکي ڏاڍي وڻندي آهي پر ڇا ڪيان، ھو مونکي
گاھ ئي نٿي وجھي. ڀولڙي يڪدم چيو، ھو سڀ ڪجھه
ڪندي. لومڙ ڀولڙي کي ڳالھائڻ کان منع ڪندي چيو،
تون ڪجھه به نه ڪر، اسان تنھنجا دوست ويٺا آھيون
نه، سڀ اسان ڪنداسين، بس تون رڳو اسان جو ساٿ ڏي.
گڏھه چيو، توھان ٻيئي منھنجا دوست آھيو، مونکي خبر
ئي نه ھئي، آئون گڏھه آھيان نه، ٻڌايو مونکي ڇا
ڪرڻو آهي. ڀولڙي چيو، تون رڳو لومڙ جي ھا ۾ ھا
ملا. گڏھه چيو، ملاوٽ ڪرڻي آهي، نه يار مونکان اھو
ڪم ڪونه ٿيندو، اھو ڪم ته انسانن جو آھي. لومڙ کي
ڪاوڙ اچي وئي، يار اسان ڪھڙي گڏھه سان مغز ماري
ڪري رھيا آھيون، ڀولڙا تون ڍڳي واري ڳالھه گڏھه کي
ٻڌاءِ. ڀولڙي لومڙ جي منھن ڏي ڏٺو ۽ سوچڻ لڳو ڍڳي
ته اھڙي ڳالھه ئي نه ڪئي آھي. جيڪا گڏھه کي
ٻڌايان. لومڙ کي چيائين، ادا لومڙ تون ئي ٻڌا
منھنجي ٻُڌائڻ سان اھا ڳالھه سٺي نه لڳندي. لومڙ
چيو، گڏھه تون اسان جو دوست آھين، انڪري توکي
ٻڌايون ٿا، شينھڻ جو پڇ تو چورايو آهي، اھو ڍڳي
شينھن کي چيو آھي. گڏھه پريشان ٿي ويو ۽ چيائين نه
مون نه چورايو آهي، اھو مون تي الزام آھي، ڍڳي اھو
منھنجي لاءِ ڪيئن ٿي چئي سگھي، مون ھن لاءِ ڇا ڇا
نه ڪيو آهي، ھر تڪليف ۾ سندس ڪم ايندو آھيان. ھو
ڪم ڪرڻ کانپوءِ ٿڪي پوندي آهي ته سندس رھيل ڪم
آئون ڪندو آھيان. لومڙ ڀولڙي کي اک ھنئي، ان جو
مطلب تير نشاني تي لڳو آھي. ڀولڙي چيو، ان کي
چوندا آهن نيڪي ڪري درياھ ۾ وجھه. لومڙ چيو، اسان
کي ته يقين آھي تو چوري نه ڪئي آھي پر ڍڳي ته
پرھيزگار آھي، ڪوڙ نه ڳالھائيندي آھي، تون شينھن
کي ڪيئن يقين ڏياريندين ته چور ناھين. گڏھه پريشان
ٿيو ۽ پيشاني تان پگھر اگھندي چيائين، اھا ڳالھه
ته وڏي ٽينشن واري آھي، آئون ته بي موت ماريو
ويندس. لڳي ٿو ته منھنجو داڻو پاڻي ختم ٿي ويو
آهي. لومڙ چيو، اسان توکي ايئن مرڻ نه ڏينداسين.
ڀولڙي چيو، ادا لومڙ بيڏوھي ھميشه ماريو وڃي ٿو،
اھو ئي جھنگ جو قانون آهي. ڀولڙي ھڪ ھٿ پنھنجي
ڇاتي تي رکندي چيو، ان صبح بي نور کي آئون نٿو
مڃان، آئون نٿو مڃان. لومڙ ڀولڙي کي پٺيان لت ھنئي
۽ ھو منھن ڀر وڃي ڪريو. لومڙ گڏھه وٽ ويو ۽ چيائين
جيڪڏھن تون اسان جو ساٿ ڏيندين ته اسان به توسان
گڏ ھونداسين ۽ توکي بچائينداسين. گڏھه پڇيو، اھو
ڪيئن. لومڙ چيو، تون اڄ ميٽنگ ۾ نه ويندين. گڏھه
پڇيو، ڇو. لومڙ سمجھائيندي چيو، اڙي يار تون نه
ويندين ته توتي الزام لڳندو ۽ توکي خبر ئي نه
پوندي. گڏھه سوچڻ لڳو، آئون گڏھه آھيان، اھا ڳالھه
منھنجي سمجھه ۾ اچي پئي ته آئون ميٽنگ ۾ نه ويندس
۽ نه ئي مونکي خبر پوندي ته ڇا ٿيو. لومڙ گڏھه جي
پٺي ٺپيندي کيس شاباس ڏني، ھاڻي اسان جيڪو ڪجھه
ڪنداسين، تون اسان سان گڏ ھوندين. گڏھه ڊڄندي چيو،
ڪو خطرناڪ ڪم ته نه ڪندؤ نه. لومڙ جوش ۾ چيو، اسان
بغاوت ڪنداسين. گڏھه معصوميت مان چيو، بغاوت ڇا
ٿيندي آهي. ڀولڙي خوشي مان لومڙ جي ڪنَ ۾ چيو، شڪر
آهي ھن کي بغاوت جو مطلب نٿو اچي. لومڙ گڏھه کي
چيو، اڙي يار تون
”انب
کاءُ وڻ نه ڳڻ“.
گڏھ چيو، گڏھ انب نه کائيندا آهن، ھاھاھا... لومڙ
گڏھ جي مٿان ويھندي چيو، اسان شير جي خلاف بغاوت
ڪرڻ وارا آھيون، ڀولڙو، تون ۽ مان اسان سڀ گڏ
آھيون. ڀولڙي يڪدم چيو، رڇ، ھاٿي، بگھڙ به اسان
سان گڏ آھن. بگھڙ جو نالو ٻڌندئي گڏھ سُن ٿي ويو.
ڇو ته شينھن ۽ بگھڙ جي پراڻي دشمني ھئي. شينھن
بگھڙن کي جھنگ مان ڪڍي ڇڏيو ھو، ڇو ته بگھڙن جھنگ
۾ قھرام مچائي ڇڏيو ھو. ڪاري ھرڻ جو نسل چٽ ڪري
ويا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن شينھن جو شڪار به تاڙي وٺندا
ھئا، انڪري شينھن ھڪ خطاب ۾ کين غدار چيو ھو، جڏھن
ته بگھڙ پاڻ کي انقلابي سڏيندا ھئا. گڏھ کي سوچن ۾
گم ڏسي ڀولڙي چيو، ڇا ٿيو گڏھ، ڪھڙن سوچن ۾ گم ٿي
ويو آھين. گڏھ چيو، آئون توھان جون ڳالھيون ٻڌي
رهيو آھيان. لومڙ چيو، شاباس، ھاڻي تون تعليم جو
وزير ٿيڻ جي تياري ڪر. ٻيئي اڳتي وڃڻ لڳا، ڇو ته
ھنن کي ٻين جانورن کي به ورغلائڻو ھو. گڏھ سوچڻ
لڳو، وزير تعليم ڇا ھوندو آھي، مونکي ڪھڙي خبر
آئون ته گڏھه آھيان.
***
لومڙ ۽ ڀولڙي جو پلان خطرناڪ ھو. ٻيئي ھاٿي وٽ
ويا، ۽ ڪجهه ٻڌايو، ھاٿي جيڪو ڪمند کائي رھيو،
اچانڪ اھو ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي ويو. سونڍ سان لومڙ کي
جھلي فضا مان اڇلائي ڇڏيائين، لومڙ پري وڃي ڪريو.
ڀولڙو وڻ تي چڙھي ويو. لومڙي پنھنجي پاڻ کي
ڇنڊيندي چيو، ان کي چوندا آهن نيڪي ڪري درياھ ۾
اڇلايو، چاچي ھاٿي کي ته دوست ۽ دشمن جي تميز ئي
ناھي. ھاٿي لومڙ طرف وڌڻ لڳو ۽ لومڙ پوئتي ھٽڻ
لڳو. آئون شينھڻ جو پڇ ڇو چورائيندس، مون وٽ
پنھنجو پڇ آھي. مونکي پنھنجي پڇ تي فخر آهي، ننڍو
آھي ته ڇا ٿي پيو. لومڙ ھاٿي کي سمجھائيندي چيو،
چاچا ھاٿي توھان مون تي ڪاوڙ ڇو ٿا ڪيو، اسان ته
توھان کي خبردار ڪرڻ آيا ھئاسين. ھاٿي پنھنجي سونڍ
مٿي ڪندي چيو، اھو سڀ ڪوڙ آھي. لومڙ ٻه قدم پوئتي
ھٽيو، ڀولڙو وڻ تان ھيٺ لھي آيو ......
(هلندڙ.....)
محترمه ايڊيٽر صاحبه السلام عليڪم ڀيڻ مون
CALCULATOR
۽
COMPUTER
جا سنڌي لفظ تخليق ڪيا آھن. جنھن ۾ ڪلڪيوليٽر کي
سنڌيءَ ۾
”ڳڻيتر“
جڏھن ته ڪمپيوٽر کي
”ڳڻپاتر“
سان سڏيو آھي.
ان کي اسڪولن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ٻنھي لفظن تي ٻه
نظم لکيا آھن. جيڪي گُل ڦُل لاءِ اوھان ڏانھن
ٽيڪسٽ ۽ اميج ۾ واٽس ايپ ڪيان ٿو. جي منھنجا لفظ ۽
نظم معيار تي پورا لھن ٿا، ته شايع ڪرائڻ ۾ منھنجي
مدد ڪيو.
***
آفتاب سرهيو
مانواري ايڊيٽر گُل ڦُل محترمه نجمه پنھور صاحبه،
السلام عليڪم اُميد ته خوش هونديون مون ڪافي
ڪھاڻيون ٻاراڻي ادب ۾ لکيون آهن. انھن ڪھاڻين مان
هڪ ڪھاڻي محرم جي حوالي سان موڪليان پيو، اُميد ته
سُٺي موٽ ڏيندا.
نثار سومرو
دادو سنڌ
***
بخدمت ايڊيٽر گُل ڦُل، ادي نجمه پنھور صاحبه ۽ سب
ايڊيٽر گُل ڦُل جناب محمد رفيق جمالي السلام
عليڪم. گذارش ته هن خط سان گڏ منھنجي بياض مان
گُل ڦُل جي ننڍڙن گُلڙن لاءِ هڪ نظم ۽ بيت لکي
روانو ڪري رهيو آهيان، اُميد آهي ته اڳي گُل
ڦُل جي لاءِ موڪليل مواد جيان اهي تحفا به
گُل ڦُل جي گُلڙن لاءِ شايع ڪندا. اُميد آهي
ته پڙهندڙ پسند ڪندا. مھربانيون.

***
محمد پناهه بروهي
شڪارپور سنڌ
اُميد ته گُل ڦُل رسالي جو سمورو سٿ خوش ۽ سرکرو
هوندو. رسالي جي شايع ٿيڻ جو بيچيني سان انتظار
رهندو آهي. پر بدقسمتي سان ان جي ڪاپي حاصل ڪرڻ
لاءِ پڻ ڪافي جتن ڪرڻا پوندا آهن. پنھنجي شھر
ڏوڪري ۾ رسالي جي رسائي نه هجڻ ڪري پريشاني کي
مُنھن ڏيڻو پوندو آهي. پر هتي گُل ڦُل جي اشاعتي
ٽيم خاص طور تي ايڊيٽر ميڊم نجمه پنھور ۽ سب
ايڊيٽر سائين رفيق جمالي کي عرض آهي، ته هر مھيني
رسالي جون ڏھه ڪاپيون هيٺ ڏنل پوسٽل ايڊريس تي
موڪلي رسائي جي پريشاني دور ڪندا. مھرباني.
سميع ميراڻي
ڏوڪري سنڌ
***
محترم جناب رفيق جمالي صاحب السلام عليڪم. بعد
لکجي ٿو ته جولاءِ مھيني جو پرچو شايع ٿي ملي ناهي
سگھيو ان ڪري ان جي اعزازي ڪاپي مون ڏي نه موڪلي
اٿَوَ. ٻيو عرض ته هڪ عدد لوڪ ڪھاڻي
”عقلمند
مھاڻو“
اوهان ڏي موڪلي رهيو آهيان. ان کي گُل ڦُل ۾ شايع
ڪندا ته مھرباني ٿيندي. والسلام
حاجي علي محمد پلهه
ڳوٺ پلهه سانگهڙ
***

لطيفي لات جو نتيجو
آگسٽ
2025ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
يمن“
جي داستان پنجين جو چوڏهون نمبر بيت آھي.
بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:
حقيقي محبوب کي (سڪ ۽ سوز مان) ياد رکڻ واري سبق
کي پيو دهرائجانءِ. الله تعاليٰ جي وحدانيت کي
تسليم ڪرڻ سان گڏ حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جي محبت کي دل ۾ جاءِ ڏي. عبداللطيف چوي ٿو
ته اهي مٺڙا ٻول (ڪلمي جو آواز) پنھنجيءَ دل سان
ادا ڪندو رهه.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد
هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع
نوشھروفيروز
*عبدالسميع جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي *زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني
گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ
*شهزاد احمد لاکو: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول هالا نوان
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو
*ڪونين زهره: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري
اسڪول آراضي سيوهڻ
*زڪيه جمالي: ڪلاس پنجون گورنمينٽ پرائمري اسڪول
ڳوٺ علي محمد جمالي
*مريم جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان
*محمد يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ بوائز
پرائمري اسڪول پاهڙ جمالي
*انيبا ڀٽي: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ
ڀٽي حيدرآباد
*شايان علوي: ڪلاس ٽيون، ڪراچي
*ارسلان: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي
سيوھڻ
*ذوالقرنين جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا
نوان
*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول
حيدرآباد
*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون
سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
ڪونين زهره جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران
’گُل
ڦُل‘
رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

|