



محمد بخش ڏاهري
سانوڻ جي
مُند ۽ مِنهن وَساڙا
جڏهن اسين پنھنجي ڳوٺ
”پرائمري اسڪول ڳوٺ
ڪامل ڪيريو“
۾ پڙهندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول نه
هوندو هو. اسڪول اسان جي ڳوٺ کان ٻه ڪلوميٽر پري
هوندو هو. ڪچا رستا ۽ پيچرا هوندا هئا. اسڪول
تائين رستي ۾ اَڏون واٽر هوندا هئا. چوڌاري آباد
ٻنيون هونديون هيون. نِمُن ۽ ٽالھين جا گھاٽا وڻ
بيٺل هوندا هئا. جتي اسان جو اسڪول هوندو هو. اُتي
زمين وارياسي ۽ غيرآباد هوندي هئي. واريءَ جا دڙا
هوندا هئا. جنھن کي ’ڊٻ‘
سڏبو هو. ان
’ڊٻ‘
۾ سنوان پَٽ به
هوندا هئا. انھن پَٽن تي کِپ ۽ اَڪَ بيٺل هوندا
هئا. اَڪَ جون اَڇيون ڦُلڙيون مون کي ڏاڍيون
وڻنديون هيون. اَڪَ جي ٻوٽي جھنگ ۾ پيون جِرڪنديون
هيون. اسان جي اسڪول ۾ ٻه ڪچا ڪمرا هوندا هئا.
اسڪول جي گرائونڊ ۾ سِرنھن جو گھاٽو وڻ بيٺل هوندو
هو. نازبو، موتيو، گلاب جا ٻوٽا ۽ ڊوڊينا جا گُل
پوکيل هوندا هئا. وڻن ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ
سائينءَ اسان ٻارن جا وارا مقرر ڪري ڇڏيا ھئا.
اسڪول ۾ ٻه اُستاد هوندا هئا. نوشھروفيروز جو
سائين علي محمد سولنگي ۽ نوان جتوئي جو سائين عطا
محمد چنا. گلن ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ ۽ ڪلاس جي صفائي
لاءِ اسان جا وئڪيشن ۾ به وارا مقرر ٿيل ھوندا
ھئا. وئڪيشن ۾ ئي سانوڻ شروع ٿي ويندو هو. زوردار
مِينهُن پوندا هئا. گوڙ کِنوڻ ڪِرڻ جو ڪو واقعو نه
ٻُڌبو هو. سو مِينهُن وسندي گوڙين کِنوڻين ۾ اسان
ٻار ’لانگوٽا‘
ٻڌي سانوڻ جي
مِينهُن مان تمام گھڻو لُطف اندوز ٿيندا هئاسين.
مِينهُن کان پوءِ اسان جي اسڪول جي آسپاس سنوَن
پٽن ۽ واريءَ جي دڙن جي پاڙ ۾ کُنڀيون ڦُٽنديون
هيون. سڄا پَٽَ کُنڀين سان اڇا ٿي ويندا ھئا. اسان
سوين کُنڀيون پَٽي گھر کڻي ويندا هئاسين. کُنڀين
جي ڀاڄي تيار ٿيندي هئي. ان ڀاڄيءَ ۾ وڏو سواد
هوندو هو. اسان ٽي چار ڏينھن کُنڀيون پٽيندا
هئاسين، پر اهي کُٽنديون ئي نه هيون. وري مِينھَن
وسندا ھئا، وري کُنڀيون پَٽَن تي پيدا ٿينديون
هيون. سانوڻ جي مِينهن جي ٻئي ڏينھن صبح جو سوير
وارياسن پَٽَن مان هڪڙا ننڍڙا ڳاڙهي رنگ جا جيت
نڪرندا هئا. هزارن جي تعداد ۾ قطارون ٺاهي پيا
ڦرندا هئا. انھن جيتن جو رنگ لعل ڳاڙهو هوندو هو ۽
ٽِنڊڻي کان ننڍا هوندا هئا. اسان کي خبر نه هوندي
هئي، ته انھن جيتن جو نالو ڇا آهي؟ اسان کي پنھنجي
وڏڙن انھن جيتن جو نالو ”مِينھن
وساڙو“
ٻڌايو هو. مينھن وساڙا صرف سانوڻ جي مُند ۾ مِينهن
کان پوءِ تڏهن ظاهر ٿيندا ھئا، جڏهن مِينهن کان
ٻئي ڏينھن تيز اُس نڪرندي هئي. اها اُس ايڏي تِکي
هوندي هئي، جو جنھن لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي، ته
”سانوڻ جي
اُس ماٽيجي ماءُ جي مُڪَ“
مِينھن وساڙن سان
مِينهن ۾ پُسيل پَٽ ڳاڙها لڳا پيا هوندا هئا. اڄ
مِينھن وَساڙن جي تصوير نظر مان گذري ته ماضي جا
منظر واپس موٽي آيا. اهي سانوڻ ياد اچڻ لڳا، جيڪي
ڪنھن خواب جيان جيون جي سفر ۾ ماضيءَ جي واٽن تي
وڃائجي ويا.
نور احمد ڏهوٽ
ڦُلجي اسٽيشن دادو
ٻاجهاري ۽ پياري نانِي
پيار ۽ شفقت هڪ اهڙو عمل آهي، جنھن سان ماڻھو ته
ٺھيو پر جانور به پنھنجو ٿي وڃي ٿو! جنھن کي به دل
سان پيار ڪبو، ته ڌاريو به پنھنجو ٿي پوندو آهي ۽
اهو ٻار ڏاڍو مٺو لڳندو آهي. منھنجي امڙ سائيءَ جي
بيماريءَ سبب وفات ڪري وئي، جنھن ڪري مان پنج سالن
جي عمر ۾ يتيم ٿي ويس، والد صاحب دل و جان سان
پرورش ڪئي، پر جڏهن هو نوڪري ۽ ٻين ڪمن سبب ٻاهر
ويندو هو ته ان وقت منھنجي ناني امان ۽ مامن خوب
ذميداري نڀائي. اسان ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئاسين. جن
جو ننڍپڻ جو گھڻو وقت ناناڻن وٽ گذرندو هو پيار،
شفقت سان کاڌو ۽ راند رُوند پڻ کيڏندا هياسين.
منھنجي ناني امان
’عظيمان
خاتون‘
واقعي به عظيم هئي. هوءَ باوقار ۽ ذميدار عورت
هئي. عام چوڻي آهي، ته
”نانيءَ
کي ڏوهٽا مِٺا لڳندا آهن.“
پر اصل ڪھاڻي جيڪا منھنجي دل ۾ سانڍيل هئي اها لکي
ڇڏيان. جيڪا وقت جي خوبصورت ڪھاڻي آهي. ناني سانئڻ
وڏي تعليم يافته يا ادارن ۾ پڙهيل نه هئي، پر قرآن
پاڪ ۽ ديني تعليم جي کيس بھترين ڄاڻ هئي. سندسن
والد آخوند عبدالرئوف بھترين پرورش ڪئي. سندس وڏي
۽ وڻندڙ آواز سان تلاوت اڄ به منھنجي ڪَنن ۾
گُونجي ٿي. ناني امان جو
شفقت ڀريو لھجو ۽ پيارڪڏهن به وسرڻ جھڙو نه آهي ۽
ڪيتريون ئي يادون پڻ آهن. جڏهن به ماني يا چانھه
جو وقت ٿيندو هو، ته پنھنجي اولاد کان اڳ مون کي
ڏيندي هئي. هوءَ هنرمند هئي جڏهن رليون سُبندي
هئي، ته مان رلِي تي سندن اڳيان ويھندو هوس. پر
ڪڏهن به دڙڪو نه ڏنو ۽ ٻاجھاري ٻوليءَ سان
ڳالھائيندي هئي. سندس پيار ۽ شفقت جو سايو هميشه
مون تي رهيو. پر اسين بدنصيب خدمت ڪري نه
سگھياسين.
ماڻھو جيستائين جيئرو آهي، ته سڄڻن جي سار رهي ٿي.
اڄ ناني سانئڻ جو ڪٽنب خوشحال آهي. سندس دعائن سان
اعليٰ منصب تي آهن ۽ عزت واري زندگي گذارين پيا.
اڄ نفسا نفسي جو دور آهي. مائٽن کي ياد ڪري دلي
سڪون حاصل ڪيان پيو. مان به هميشه سندس لاءِ دعا
ڪندو رهندو آهيان ته کين الله پاڪ جنت الفردوس ۾
اعليٰ مقام عطا ڪري.

پيارا ٻارؤ! توهان به پنھنجي وڏڙن جو ادب ۽ احترام
ڪريو، ٿي سگھي، ته انھن جي خدمت ڪريو ۽ ڪاميابي
لاءِ انھن کان دعائون گھرايو ۽ انھن جي ڏسيل واٽ
تي هلو.
***
عبدالسميع (ثمير) ملاح ڪلاس ڏھون
(ڪنڊيارو)
خليفه اول سيدنا ابوبڪر صديقرض جو
مختصر تعارف
سندن پھريون نالو عبدالڪعبه هو. اسلام آڻڻ کان
پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن تبديل ڪري
عبدالله رکيو.
ڪُنيت ابوبڪر هئي.
لقب: صديق ۽ عتيق هيس.
پيءُ جو نالو: عثمان. ڪنيت: ابو قحافه
والده جو نالو: سلميٰ بنت صخر. ڪنيت: ام الخير.
حضرت ابوبڪر صديق رضه هجرت کان پنجاهه سال اڳ مڪي
شريف ۾ بنو تميم قبيلي ۾
572ع
۾ پيدا ٿيو. پاڻ عمر ۾ نبي سائين صلي الله عليھ
وسلم جن کان ٻه سال ننڍو هو. سيدنا صديق اڪبر رضه
جي پالنا مڪه مڪرمه ۾ ٿي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي
نيڪ ۽ سعادتمند هو. ڪوڙ ڪين ڳالھائيندو هو.
18
سالن جي عمر ۾ حضرت ابوبڪر رضه پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن سان ڪپڙي جو واپار سانگي شام ملڪ جو
سفر ڪيو . واپاري سفر کان سواءِ ڪڏهن به مڪي شريف
کان ٻاهر نه ويندا هئا پنهنجي قوم جي رئيسن ۽
سردارن ۾ شمار ٿيندو هو. وڏا صصاحب ڪردار ۽
ماڻھپپي وارا هئا. صله رحمي ۽ صدقه خيرات ۾ مشهور
هئا ڪمزورن جا بار کڻندا هئا مصيبت ۽ مشڪل وقت ٻين
جي ڪم ايندا هئا سندن جي ڏنل مشوري کي اهميت ڏني
ويندي هئي ۽ ماڻھن جي محبوب شخصيت هئا حضرت
ابوپبڪر صديق رضه اهو اصحابي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن جو سچو ساٿي هو، جنھن اسلام جي تبليغ
۾ سڀ کان پھريان ئي وڏيون وڏيون تڪليفون برداشت
ڪيون.
حضرت ابوبڪر صديق رضه جن جي اسلام لاءِ قرباني:
سيدنا حضرت ابوبڪر صديق رضه جي عظمت بي مثال آهي.
جنھن اسلام جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ کي سھارو ڏنو ۽ اسلام
جي عظمت کي چار چنڊ لڳايا. نبوت جي دعويٰ ڪندڙ
مسلمه ڪذاب جو مقابلو ڪري رسول الله صلي الله عليھ
وسلم جي نبوت تي پھرو ڏنو. زڪواة جي منڪرن جو
خاتمو ڪري اسلام جي اهم رڪن جي حفاظت ڪئي. حضرت
محمد صلي الله عليھ وسلم جن جي مصلي کي رونق بخشي.
سندن دور خلافت ۾ مزدورن ۽ هارين کي حق مليا. جنهن
صحابه ڪرام کي سھارو ڏنو. قرآن مجيد جون ست آيتون
حضرت ابوبڪر صديق رضه جي شان ۾ نازل ٿيون ۽ پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن سندن باري ۾ ستر
حديثون بيان فرمايون. ان سبب هڪ لک چوئيتاليھه
هزار صحابه ۾ ممتاز رهيا. سيدنا صديق اڪبر رضه کي
اسلام ۾ اهو مقام حاصل آهي جيڪو انساني ڪائنات ۾
ڪنھن کي به حاصل نه آهي.
حضرت ابوبڪر صديق رضه ان جڳھه تي بيٺو جتي نبي
ڪريم صلي الله عليھ وسلم بيھندا هئا. صديق اڪبر
رضه اهو ڪم ڪيو جيڪو نبي ڪريم حضرت محمد صلي الله
عليھ وسلم ڪيو. ليڪن صديق نبي نه آهي. ڇوته نبوت
حضور اڪرم حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم تي ختم
آهي. حضرت ابوڪر صديق رضه کي خليفة سن
11
هجري
632ع
۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي وفات بعد
اسلام جو پھريون خليفو مقرر ڪيو ويو. پاڻ ٻه سال
ٽي مھينا ۽ يارنھن ڏينھن اسلام جا خليفا رهيا.
سندن خلافت جي دور ۾ اسلام جي ترقي ۽ ترويج ٿي ۽
مسلم دنيا ۾ اسلام جو ڦھلاءُ ٿيو. سندن حڪومت ۾
ڪيترائي ملڪ فتح ڪري اُتي اسلام نافذ ڪيو ويو.
وفات کان اڳ
15
ڏينهن بيمار رهيا. جڏهن وفات جو وقت ويجھو هو ته
حصرت عمر فاروق رضه جي خليفي ٿيڻ جي باري ۾ صحابه
ڪرام سان مشورو ڪيائون ۽ بعد ۾ حضرت عثمان غني رضه
کان وصيت نامو لکرايائون.
15
ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ
63
سالن جي عمر ۾ مغرب ۽ عشاءَ جي وچ واري وقت
22
جمادي الثاني
13هه
634ع
تي لاڏاڻو ڪيائون. اسلام جي هن مرد مجاهد ۽ پھرئين
اسلامي خليفي کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جي
روضي اطھر ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.
(حوالو: حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضه جا فضائل ۽
مناقبات. مولوي عطاالله عباسي جي ڪتاب تان ورتل)
ڊاڪٽر رشيده ڀٽي
ڄام شورو
پسنديده جملا
·ڇا
واقعي ائين ٿيندو آهي؟
·زبان
جا تيز ۽ جلد ڪاوڙ (غصي) ۾ اچڻ وارا ماڻھو عموماً
بي ضرر ۽ دل جا صاف سٿرا هوندا آهن. جيڪي ظاهر طور
”غصو“
ڏيکاري پنھنجي (من) دل کي هلڪو ڦلڪو ڪري وٺندا
آهن، ليڪن پنھنجي مخالف کي ٻيو ڪوبه نقصان نه
پھچائيندا آهن. جڏهن ته مٺي زبان ۽ جذبات کي هڪ
زهريلي مسڪراهٽ سان اندر ۾ لڪائي، دل ۾ دشمنيءَ جو
جذبو رکڻ وارا ڏاڍا خطرناڪ زهريلي نانگ وارا هوندا
آهن، جيڪي پٺيان لڪي حملو ڪري مخالف کي هيٺ پاتال
۾ ڪيرائي وجھندا آهن.
·اعتبار
۽ اعتماد ورھين ۾ جڙندو آهي، لمحن ۾ ڀُرندو آهي، ۽
سڄي عمر سندس مرمت ۾ لڳي ويندي آهي.
·غم
کائو ۽ غصي (ڪاوڙ) کي پي ڇڏيو.
·ٻار
ٻالڪپڻو، ڇڏي جڏهن بلوغت ڏانھن وڌندا آهن ته ان
عمر جي ٻارن جو ذهن آئيني مثل هوندو آهي. جنھن ۾
والدين جي روين جو عڪس اُڀري سندن نا پخته ذهن تي
نقش ٿي ويندو آهي. اڳتي هلي هو والدين جي نقشِ قدم
تي هلڻ لڳندا آهن.
***

حسين بخش سارنگ
ڄام شورو
ڦر ڦر سؤنٽو
دٻلي ٿي کڙڪي
سنڌ جي اصلوڪي راند
راند جنھن کي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ کيڏڻ سڏجي ٿو. سندس فعل
(اسم مصدر) کيڏڻ آھي. وڏي سنڌي اکر وينجھه يعني
سنڌي ٻولي اختياريءَ جي ڇپايل جامع سنڌي لغات
مطابق راند لفظ جي معنيٰ کيل ۽ بازي وغيرھه پڻ
آھي. انگريزيءَ ۾ کيڏ، راند، کيل ۽ بازيءَ جا ھم
معنيٰ لفظ آھن
Play،
Game
،
Sport
ھڪ صديءَ (1828ع)
کان بار بار ڇپجندڙ انگريزي اکر وينجھه/لغت مطابق
Play
۽ گيم لفظ ٻارھين عيسوي صديءَ کان ڪم آندا پيا
وڃن. اھڙيءَ ريت اسپورٽ لفظ پندرھين صديءَ کان
استعمال ھيٺ آھي. اسپورٽ (Sports)
جسماني راند کي سڏجي ٿو. گيم ذھني به آھي ته
جسماني به.
رانديون بند ڪمرن ۽ چوديوارين ۾ به ٿينديون آھن ته
چوگانن، اڱڻن، پڙن ۽ کليل ميدانن تي به. اھڙيءَ
ريت ڳوٺاڻيون ۽ شھري رانديون پڻ ٿينديون آھن. انھن
کي اندريون
Indoor
۽ ٻاھريون
Outdoor
به ڪوٺجي ٿو. ھڪڙيون ٻاراڻيون ۽ ٻيون وري وڏن جون
پڻ ٿين ٿيون. اھڙيءَ ريت ڪجھه رانديون صرف عورتون
ته ڪي وري صرف مرد کيڏن ٿا. ڪي وري اھڙيون رانديون
به آھن جيڪي عورتون توڙي مرد گڏجي کيڏن ٿا.
ڳوٺاڻي ۽ شھري ماحول ۾ جيڏن، سرتين سان مختلف
عمرين ۾ مختلف رانديون مختلف جڳھن تي کيڏيون
وينديون آھن. اھي رانديون سدائين ياد رھنديون آھن
جيڪي ننڍپڻ ۾ کيڏيون وينديون آھن. ٻاروتڻ ۾ خاص
ڪري چانڊوڪي راتين ۾ ڊڪڻ، ڀڄڻ ۽ لِڪڻ کي ڪير ٿو /
ٿي وساري سگھي! ھاڻوڪن اڪثر ٻارن اھي رانديون
کيڏيون ته ڇا ڏٺيون ۽ ٻڌيون به نه ھونديون جيڪي
چاليھارو سال اڳ اسان کيڏندا ھئاسين. اھڙين
ٻاراڻين راندين ۾
”ڦر
ڦر سونٽو“
راند ڏاڍي پياري راند آھي. ھيءَ راند اسان ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون چانڊوڪي راتين ۾ گڏجي کيڏندا ھئاسين. ھيءَ
راند ھاڻي شايد ڪٿي سنڌ جي ڳوٺن ۾ کيڏي ويندي ھجي.
ھن راند کي وري جيئارڻ جي گُھرج آھي.
ڦر ڦر سونٽو راند جا کيڏاري:
ھيءَ ٻاراڻي راند آھي. ھن راند ۾ ڀڄي ڊڪي سگھندڙ
ويڙھي جا سڀ ٻار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي کيڏندا
ھئاسين. ھن راند ۾ اٺن کان ويھن تائين کيڏندڙ
ھوندا آھن. ھن راند ۾ کيڏارين جو انگ مقرر نه
ھوندو آھي. ھن راند ۾ ٽولا يا ٽيمون ناھن ٿينديون.
نه ئي وري ڪو مُک کيڏاري يا ڪپتان ٿيندو آھي.
ڦر ڦر سونٽو راند جي مھل:
ڦر ڦر سونٽو راند کليل جڳھه، گھر جي آڳر يا اَڱڻ
ٿئي سج لھڻ کان پوءِ چانڊوڪيءَ ۾ کيڏبي آھي. ھن
راند لاءِ ڪو مدو مقرر نه ھوندو آھي. دير تائين
ٻار کيڏندا رھندا آھن.
ڦر ڦر سونٽو راند کيڏڻ جو سامان:
ھن راند کيڏڻ لاءِ صرف پوتي يا ڪپڙي جي ٽوال جي
ضرورت پوندي آھي. ان کي وٽي سونٽو ٺاھبو آھي.
ڦر ڦر سونٽو راند کيڏڻ جو طريقو ۽ اصول:
سواءِ ھڪ کيڏاريءَ جي باقي سڀ گول دائري ۾ اکيون
بند ڪري ھيٺ مُنھن ڪري ويھندا آھن. ھڪ ٻار ڪپڙي جو
وٽيل سونٽو ھٿ ۾ کڻي ويٺل ٻارن جي پٺيان گول
گھمندو ۽ سونٽو ڦيرائيندو رھندو آھي. سونٽو
ڦيرائيندڙ گول ويٺل ٻارن جي چوڌاري ڦرندي چوندو
رھندو آھي،
”ڦر
ڦر سونٽو....“
ھيٺ دائري ۾ اوڪڙو ويٺل ٻار چوندا آھن،
”دٻلي
ٿي کڙڪي....! دٻلي ٿي کڙڪي......!“
ھي ٻول گول دائري ۾ ويٺل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي ھڪ
ئي آواز ۾ چوندا آھن. ڇا ته ردم ھوندو آھي، ھنن
گڏجي نڪتل آلاپن ۾، ٻارن توڙي ٻڌندڙ وڏڙن کي عجيب
سڪون ايندو آھي.
ڦر ڦر سونٽو راند کيڏندي اکيون بند ڪري ويٺل ھر
ٻار گول ڦرندڙ دوست کان اکيون چورائي کيس ڏسڻ ۽
پٺيان ھٿ ڦيرائي ٽوال يا پوتيءَ جي سونٽي کي
جاچيندا رھندا آھن، ته متان سونٽو سندن پٺيان ته
رکيل ناھي. اھا اک ڇنڀ جاري رھندي آھي. چوڌاري چڪر
ھڻندڙ ٻار ڪنھن ٻار جي پٺيان سونٽو آھستگيءَ سان
رکندو آھي. ھڪ ڦيري کان پوءِ جيڪڏھن سونٽو جنھن
ٻار پٺيان رکيل ھوندو ھو ۽ کيس خبر نه پوندي آھي
ته ان ڪپڙي جي وٽيل سونٽي سان ڦرندڙ ٻار، ويٺل ٻار
جنھن جي پٺيان سونٽو رکيل ھوندو آھي، کي گول چڪر
پورو ڪري پنھنجي جڳھه تي ويھڻ تائين سونٽي سان خوب
ڪٽيندو رھندو آھي. ھا جيڪڏھن ھڪ چڪر کان اڳ ۾ اھو
سونٽو ويٺل ٻار کي ھٿ اچي ويندو آھي، ته اھو ٻار
گول ڦرندڙ ٻار جو سونٽو کڻي ڪڍ پوندو آھي. اھو کيس
پھچي ڪُٽڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندو آھي. اھو ٻار ويھي
سونٽو کڻي ڪڍ پوندڙ ٻار جي جڳھه تي جيستائين ويھي
تيستائين ھو ھن جي ڪڍ ڊوڙندو رھندو آھي. کيس سونٽي
ھڻڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندو آھي.
ھن جي ويھڻ کان پوءِ سونٽو کڻي ڊوڙائيندڙ ٻار راند
جي نئين سر شروعات ڪندو آھي. پوءِ ساڳيا آلاپ
گونجندا آھن:
ڦر ڦر سونٽو.... دٻلي ٿي کڙڪي....!
ڦر ڦر سونٽو.... دٻلي ٿي کڙڪي...!
وري ساڳئي طريقي سان راند جاري رھندي آھي. ھڪ
سنڌي شاعر
”آزاد
عجيب“
ھن راند کي ياد ڪندي لکيو آھي:
ڦر ڦر سونٽو دٻلي ٿي کڙڪي،
سڀ جي ٻارو دل پئي ڌڙڪي،
هو
’آزاد‘
هيا ڪيڏا ڏينهن پيارا،
اڄ
’عجيب‘ جي اک پئي ڦرڪي. |