|
جاويد حسين لاکو
هالا نوان
نِم جا فائدا
بيشمار فائدا ڏيندڙ سنڌ جو اصلوڪو وڻ
جڳ مشھور ۽ ھزارين بيمارين جو علاج رکندڙ سنڌ جي
قومي قرار ڏنل نِم جو وڻ غيرقانوني واڍي، سار
سنڀال ۽ سرپرستي نه ڪرڻ سبب ختم ٿيندي پئي وڃي.
سريلنڪا کان سنڌ ۽ عربستان کان اڇڙي ٿر تائين نِم
جو وڻ ٿوري گھڻي فرق سان ھڪجھڙن نالن سان سڏيو ۽
سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ ۾ چوڻي عام آھي
”ته
نِم جون ڇائون مائرن جون دعائون“.
سنڌ جي مختلف علائقن مان نم بابت هٿ ڪيل ڄاڻ مطابق
ايلسا قاضي جي نظم
”نيم
ٽري“
۽ مائي ڀاڳي جي راڳ
”کڙي
نيم ڪي نيچي“
طور جڳ ۾ سڃاتي ويندڙ نِم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن
پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، سريلنڪا، ملائيشيا ۽
اولھه آفريقا جھڙن ملڪن ۾ ملي ٿي. نِم کي سنڌ جو
اصلوڪو مقامي وڻ چئجي ٿو. ھي وڻ گھڻو ڪري خشڪي
وارن علائقن ۾ ٿئي ٿو، ان لحاظ سان سنڌ جي ڏاکڻي
ٿر واري علائقي ۾ وڌيڪ ملي ٿو. ملي ته هي جابلو
علائقن ۾ به ٿو پر اهي جبل ڪچا ۽ ڀرندڙ جبل هجن ٿا
ان کانسواءِ هي ميداني علائقن ۾ به ٿئي ٿو پر هاڻي
وڌندڙ سم ۽ ڪلر هن کي سنڌ جي ميداني علائقن
تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي قومي قرار ڏنل
وڻ نِم جي خاصيتن کي لوڪ ڏاهپ جي عينڪ پائي ڳولبو
ته اهي گھڻي ڀاڱي مقامي علاج ۽ حڪمت جي حوالي سان
ئي ملنديون. ان کانسواءِ ھي ڇانوَ، موسمن جي مٽجڻ،
پکين پاران آنا ٻچا ڪرڻ، فصل پوکڻ جي لوڪ ڏاھپ،
خوشبو، ڏندڻ، ڪاٺي، مال جي چاري، ۽ پکين جي فروٽ
طور ڪم ايندي به نظر ايندو آهي. نم هڪ سخت قسم جو
وڻ آهي، جيڪو ٺوٺ زمين تي پڻ ٿي سگھي ٿو. ڪيترن ئي
فائدن سميت نِم جو ھڪ غير معمولي ڪارج اھو به آهي
ته اهو زمين توڙي گھريلو زندگيءَ کي نقصان
رسائيندڙ جيوڙن کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ڪيترن ئي ماھرن جي راءِ آھي، ته نِم ۾ جيتن مارڻ
جي اهڙي غيرمعمولي طاقت آهي، جيڪا ايندڙ ڏهاڪن ۾
قدرتي جيت مار دوائن ۾ سڀ کان اهم هوندي. فصلن جي
حفاظت لاءِ نِم جي رَس ۾ پاڻي ملائي ٻنين ۾ ڦوهارو
ڪري سگھجي ٿو. اهڙن تجربن سان ڪڻڪ، جَوَ، سارين،
ڪمند، ٽماٽن، وونئڻن ۽ دائودي گل جي پنن ۽ ڏانڊين
کي مختلف قسمن جي نقصانڪار جيتن کان ڏهن هفتن
لاءِ محفوظ رکي سگھجي ٿو. مستقبل ۾ دنيا محفوظ
جيت مار دوائن، انساني آباديءَ جي واڌ، انساني صحت
۽ زرعي پيداوار لاءِ نِم ڏانھن واجھائيندي. اھڙي
طرح ٻوڏن تي ضابطو، سم ۽ ڪلر جي خاتمي، زمين جي
کاڌ کي روڪڻ، زمين جي زرخيزيءَ کي بحال رکڻ،
چوپائي مال ۽ پالتو جانورن جي بيمارين لاءِ نِم جو
ڪردار اھم آھي. نِم جا ڪجھه مرڪب انساني صحت لاءِ
مفيد آهن ان جي پنن ۽ ٻج ۾ اهڙا مرڪب شامل آهن جن
جا اثر جيوڙا ۽ وائرس مار هوندا آهن. اهڙيون به
شاهديون مليون آهن جن سان نِم جي اهڙن اثرن جي خبر
پئي آهي جيڪي سوج (خارش) ختم ڪرڻ، دٻاءُ گھٽائڻ ۽
ناسور کي ختم ڪرڻ جي اھليت رکن ٿا، ٻين لفظن ۾
انساني صحت لاءِ ان ۾ فائدا لڪل آھن. نِم جي پنن ۾
ھڪ اھڙو جزو به آهي جيڪو سرطان (ڪينسر) پيدا ڪندڙ
مختلف غذائي جزن کي ختم ڪري ٿو، ڏندن جي حفاظت
لاءِ نِم نھايت ڪارآمد، ٽوٿ پيسٽ ۽ ڏند صاف ڪندڙ
برش جي استعمال کان سواءِ اسان جي ملڪ جي اڪثر
ماڻھن جا ڏند چمڪدار ۽ صحتمند ھوندا آھن. جنھن جو
سبب اسان وٽ نِم جي ڏندڻ جو استعمال آھي، روز صبح
سوير ماڻھو نِم مان ٽاري پٽي ان جي ھڪ پاسي کي برش
وانگر ٺاھي، پوءِ ھو ان سان ڏندن ۽ مَھارن کي صاف
ڪندا آھن، نِم جي کل جا ڪيميائي مرڪب جيوڙا مار
ھوندا آھن. نِم ڏندن کي نقصان کان بچائي ٿي ۽
مھارن جي سوڄ کي ٺيڪ ڪري ٿي، انھن جي حفاظت ڪري
ٿي، نِم کي ھاڻي ملڪ اندر ڪن مقبول ترين ٽوٿ پيسٽن
۾ ھڪ جزي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھاڃيڪار جيت،
بيماريون، زمين جي کاڌ، وڻن جي واڍي، زمينن جي رڻ
پٽ ۾ تبديلي ۽ پيدا ٿيندڙ عالمي مسئلا وغيره اهڙا
معاملا آهن جن جي حل لاءِ ڏونگر ڏورڻا پوندا، ان
لاءِ اسان کي دور انديشي سان گڏ، گڏيل حڪمت عمليءَ
کان ڪم وٺڻو پوندو، ان ڪري ضرورت آهي ته گڏيل
ڪوششن سان نم جي وڻ کي وڌ ۾ وڌ اُپايو وڃي، ان
لاءِ خاص زمينون ۽ هنڌ مقرر ڪيا وڃن ۽ ان لاءِ
واپاري منڊيون ٺاهيون وڃن، سٺو ۽ معياري ٻج گھٽ
اگھه تي مارڪيٽ ۾ مھيا ڪيو وڃي، اھڙين ڪوششن سان
نم کي دنيا جو وڌ ۾ وڌ پيدا ٿيندڙ وڻ بڻائي سگھجي
ٿو.
حڪومتن ۽ ادارن کي گھرجي ته اهي ان سلسلي ۾ ڳوٺن
کي ترقي وٺرائين ته جيئن اقتصادي ترقياتي سرگرمين
کي هيٺين سطح تائين پکيڙي سگھجي. ان کان سواءِ نِم
جي پيداوار مان جيت مار دوائون ٻاهران گھرائڻ
بدران ٻاھر اُماڻي سگھجن ٿيون، جن سان نه رڳو
پرڏيھي ناڻو بچائي سگھجي ٿو پر مڪاني سطح تي ڪافي
ماڻھن کي روزگار پڻ مھيا ڪري سگھجي ٿو. سنڌ ۾
مقامي ڄاڻو ماڻھن مطابق نِم ٻن قسمن جي ٿئي. ھڪ
چُھچ سائي ۽ ٻي ٿوري هلڪي سائي. چھچ سائي نم جي
ڪاٺي وڌيڪ پڪي، وزني ٿُلھي ۽ وڏي ٿئي. جڏھن
ته ھلڪي سائي نِم وزن ۾ پوري، پر پن وڌيڪ ھجڻ ڪري
ڇانو وڌيڪ ٿيڻ کانسواءِ تيار به جلد ٿيندي آهي.
انھن جي ٻور جو رنگ به الڳ الڳ صفا اڇو ۽ پيلاڻ
مائل اڇو ٿئي ٿو ته پنن ۾ به واضح فرق محسوس ڪري
سگھبو آھي. نِم جي ڇانوَ گھاٽي ۽ ٿڌي ٿئي ٿي، سالن
۽ صدين کان نم مان وڌ مان وڌ ڪم مقامي علاج وارو
ئي ورتو ويندو رھيو آھي.
اڄوڪي جديد دور ۾ جتي ھي ڪيترين ئي ايلوپيٿڪ،
ھوميوپيٿڪ ۽ حڪمت جي دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو، اتي
بام، صابڻ، شيمپو، ڪريم،
ٽوٿ پيسٽ وغيره ۾ به استعمال ٿيڻ سان گڏ ڪيترن
ئي پيسٽيسائڊ ۾ به استعمال ٿئي ٿو.
گڏ ڪيل ڄاڻ مطابق نِم تي ڪيل تحقيق مان اهو به
ثابت ٿيو آهي ته نِم آباديءَ جي واڌ کي روڪڻ ۾ پڻ
اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ان جي ٻج مان حاصل ڪيل مادن
کي ڄم روڪ لاءِ مفيد ڄاتو ويو آهي، ان جو تيل نسل
جي واڌ وارن جزن کي ختم ڪرڻ جي زبردست قوت رکي ٿو،
ان مان ٺھيل گوريون اولاد تي ضابطي آڻڻ جي خواھش
رکندڙ مردن لاءِ پڻ مفيد آهن. اهڙين ضرورتن لاءِ
نِم جي مرڪبن مان فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو.
نم مان جيت مار ۽ انساني صحت لاءِ فائديمند دوائن
کان سواءِ روزمره لاءِ به ڪيتريون مفيد ۽
ڪارائتيون شيون ملن ٿيون. مثلن نِمورين مان نڪتل
تيل صابڻ ٺاهڻ ۽ ميڻ سان ملائي گرمي ۽ روشنيءَ
لاءِ ٻارڻ طور ڪم اچي ٿو. تيل نڪرڻ کان پوءِ
نِمورين جون رهيل کلون زرعي ڀاڻ طور ڪم اچن ٿيون،
نم جون ڪاٺيون عمارتن لاءِ بھترين شھتير ۽ پٽيون
مھيا ڪن ٿيون. ان سان گڏ نم جون ڪاٺيون
”در
درين“
لاءِ پڻ نھايت موزون آھن، ڇاڪاڻ ته انھن کي سُرو
نٿو لڳي. ان کانسواءِ نِم جي ڪاٺيءَ مان فرنيچر
پڻ ٺاھيو وڃي ٿو ۽ ان جي سنھين ڪاٺين کي ٻارڻ لاءِ
ڪتب آندو وڃي ٿو، ان جي کل مان کؤنر ڪڍيو وڃي ٿو.
چمڙي لاءِ مرڪب ۽ ڏندن لاءِ ٺھندڙ دوائن جا مرڪب
پڻ حاصل ڪيا وڃن ٿا.
آڳاٽي زماني کان وٺي نِم کي زخم ڇٽائيندڙ عنصر طور
ڄاتو وڃي ٿو، ننڍي کنڊ جي طب وارن ڪتابن ۾ ان جي
نمورين، ٻجن، تيل، پنن، پاڙن ۽ کل وغيره جي فائدن
جا اڪثر حوالا ملن ٿا. انھن مان ھر ھڪ نسخو صدين
کان پاڪستان ۾ يوناني دوائن ۾ استعمال ٿي رھيو
آھي، ان لحاظ کان ھزارن سالن کان اربين ايشيائي
ماڻھو نِم کي طبي مقصدن لاءِ استعمال ڪري چڪا آھن.
نِم جي وڻ کي ھڪ بھتر جراثيم مار دوا طور ھر جڳھه
مڃيو وڃي ٿو، نِم جون دوائون ڪيترن ئي قسمن جي
چمڙي جي بيمارين، ڦٽ ڦرڙين ۽ زخمن لاءِ نھايت
فائديمند ثابت ٿيون آھن. ڦٽ ڦرڙي، السر ۽ ڏڍ لاءِ
نم جا مرڪب تجويز ڪيا وڃن ٿا. اھو تيل ڳلي جي
بيماريءَ لاءِ پڻ
مفيد قرار ڏنو ويو آھي. وڏي اميد آھي ته ويجھي
مستقبل
۾ خارش کي ختم ڪرڻ ۽ ڏڍ جھڙن مرضن لاءِ نِم جو
استعمال وڏي پيماني تي ٿيڻ لڳندو. گھڻن فائدن
کانسواءِ موسمون مٽجڻ جو اندازو به لڳائبو آهي،
مثال طور جڏهن نِم پيلا پن ڪري ڇاڻي ته اها سياري
جي پڇاڙي، بھار جي آمد ۽ چيٽ اچڻ جو اعلان ھوندو
آهي. پن ڇاڻڻ بعد نوان گونچ ڪڍڻ بھار جي ڦوٽھڙي ۽
چيٽ پوکڻ جي ڄاڻ ھوندي آھي. نموري ڇڻي بس ڪئي ته
ڄڻ سانوڻ جي مند به بس ڪئي. پوءِ ان دوران بادل
وسن نه وسن پر نِم ڳوڙهن وانگر نِموريون پيو هيٺ
ڪيرائيندو آهي. جڏهن نموريون ڇڻي بس ڪنديون آهن ته
اهو وقت وري نوان نِم ڦٽڻ جو هوندو آهي. جيئن ته
نموريون ڪيترائي پکي شوق سان کائيندا آهن. ان ڪري
نِم جو ٻج پکين جي وِٺن وسيلي پري پري تائين پکڙجي
ويندو آهي. ڪاش رڳو ان قدرتي طرح ڦُٽل ٻج کي ئي
اسان سنڀالي وڏو وڻ ڪيون ته
اهڙيون موسمي تبديليون ۽ گرميون ڏسڻيون نه پون.سنڌ
۾ نِم سان نه صرف موسمون جاچبيون آهن پر ڪي خفتي
انھن جي پن پيلا ٿيڻ کان نِموريون ڇڻڻ تائين پکين
جي آنن ۽ ٻچن جون موسمون به سنڀاليندا آهن.
امداد سروري
آراضي/ سيوهڻ
علم وڌيڪ يا عقل وڌيڪ!
ٻن شاگردن جي گفتگو
منظر:
ٻه دوست پارڪ ۾ ڳالھيون ڪندي، احمد ڏي
خبر، علم وڌيڪ يا عقل وڌيڪ!؟
احمد:
يار ڇڏ کڻي، چرين واريون ڳالھيون پيو ڪرين! علم
کان سواءِ دنيا ۾ ڇاهي، انسان ڄڻ جانور پيو لڳندو
آهي.!
محمد:
يار سچ ٿو چوين مگر علم، عقل جو محتاج آهي. علم کي
عقل سان ئي منزل تي رسائي سگھجي ٿو.
احمد:
ادا عقل به تڏهن ڪم ڪندو، جڏهن علم هوندو. علم بنا
عقل هلي نه سگھندو.
محمد:
چريا سمجھه عقل هڪ نھايت ئي خوش فڪر واعظ آهي. هڪ
باوقار رھبر آهي ۽ هڪ دانشور وڪيل آهي.
احمد:
اها حقيقت آهي مگر علم ئي اسان کي دنيا جي تاريخ
ٻُڌائي، ماضيءَ بابت آگاهي ڏئي ٿو. حال تي هلڻ جو
مشورو ڏئي ٿو ۽ مستقبل بابت ڄاڻ ڏيئي هدايت ڪري
ٿو.
محمد:
ته پوءِ اهي ڳالھيون عقل ئي تسليم ڪري، انھن کي
اونداهي مان ڪڍي ڏِيئي وانگر روشني ڏئي پوءِ هوش
کان ڪم وٺڻ جي هدايت ڪري ٿو.
احمد:
دوست هڪ عالم فاضل علم کان سواءِ ڪابه حيثيت نٿو
رکي سگھي. هو علم جي زور تي ئي ماڻھن جي دلين ۾
پنھنجي جاءِ ٺاهي ٿو.
محمد:
ادا علم جي ڳالھين کي انسان عقل جي زور تي تسليم
ڪري ٿو. عقل نه هجي ته محبت، انصاف ۽ نيڪي جھڙيون
اعليٰ برتر شيون بيڪار رهجي وڃن. حضرت علي سائين
جن جو قول آهي، ته عقل مصيبتن جي بچاءِ لاءِ ان جو
حجاب آهي.
احمد: يار ضد نه ڪر. ٻُڌو ڪونه اٿئي ته علم انسان
جي ٽين اک آهي. علم انسان لاءِ روشني آهي علم
انسان لاءِ سچائيءَ جي بُلند ۽ محڪم مينار جي
حيثيت رکي ٿو.
محمد:
پيارا! انڌو، چور کي علم جي ذريعي نٿو سُڃاڻي
سگھي. هُو چور کي ان جي ڪيل گفتگو مان عقل جي
ذريعي ان جي ڳالھائڻ مان سُڃاڻندو آهي. ڀلا! مون
کي اهو ٻُڌاءِ مورڙي ميربحر وٽ علم هو يا عقل هو.
جنھن مانگر مڇ سان پنھنجي ڀائرن جو پلاند ڪيو؟
احمد:
ادا! چرين جي ڳالھين کي ڇڏ علم لاءِ حضرت علي
سائين جن جو فرمان آهي، ته جنھن مون کي زندگيءَ
۾ هڪ لفظ به سيکاريو ته مان ان جي غلاميءَ ۾ رهڻ
پسند ڪندس.
محمد:
سو به ڪير سکڻ چاهي ته پوءِ نه! جاهل جيسين علم
سکي تيسين ته هو پنھنجي عقل تي هلندو نه. مان توکي
چوان ته چنڊ تي ٽرين پھتي آهي، ته اها ڳالھه تون
علم جي ذريعي تسليم ڪندين يا عقل ذريعي ته ٽرين
بنا ريل پٽڙين جي چنڊ تي ڪيئن پھتي!؟
احمد:
اچ ته توکي علم بابت ڪجھه ٻُڌايان، اهو
ته
”علم
حاصل ڪريو پينگھي کان قبر تائين.“
محمد:
اهو فرمان اکين تي پر توکي معلوم هئڻ گھرجي. جيسين
انسان علم حاصل ڪري، تيسين هن کي پنھنجي عقل تي
هلڻو پوندو. علم انسانُ، انسان کان حاصل ڪندو آهي.
پر عقل قدرت طرفان مليل ڏات هوندي آهي. ڀلا هي
جيڪي دنيا ۾ انمول شيون ٺھيل ڏسين پيو، سو علم جو
ڪم آهي يا عقل جو؟
***
مير مدثر حسين جوڻيجو ڳوٺ ويھڙ
لاڙڪاڻو
ڪير ڇا چوندو آهي!!؟
·پئسو
چوندو آھي، مون کي حاصل ڪريو ۽ سڀ ڪجھه وساري
ڇڏيو.
·وقت
چوندو آھي، منھنجي پويان هلو ۽ سڀ ڪجھه وساري
ڇڏيو.
·مستقبل
چوي ٿو، منھنجي لاءِ ڪوشش ڪريو ۽ باقي سڀ ڪجھه
وساري ڇڏيو.
·ماضي
چوندو آھي، مون کي ياد ڪريو ان مان سبق پرايو ۽
باقي سڀ ڪجھه وساري ڇڏيو.
·ربّ
تعاليٰ چوي ٿو، ته اي بندا مون کي ياد ڪر دنيا جي
هر سھولت ۽ ڪاميابي سڀ ڪجھه تنھنجي قدمن ۾ اچي
پوندو.
فقير شان سيوهاڻي
آراضي/سيوهڻ
قرآن پاڪ ۾ الف کان ي تائين اکرن جو تعداد
|
·
ا
– 48872 |
·
ب-
11422 |
|
·
ت-
16199 |
·
ث
– 1276 |
|
·
ج
– 3273 |
·
ح
– 3973 |
|
·
خ
– 2416 |
·
د
– 5642 |
|
·
ذ
– 4697 |
·
ر
– 11793 |
|
·
ز
– 1560 |
·
س
– 5991 |
|
·
ش
– 2253 |
·
ص
–2013 |
|
·
ض
– 1607 |
·
ط
– 1274 |
|
·
ظ
– 842 |
·
ع
– 9220 |
|
·
غ
– 2208 |
·
ف
– 8419 |
|
·
ق
– 6813 |
·
ڪ
– 9520 |
|
·
ل
– 32432 |
·
م
– 26535 |
|
·
ن
– 26560 |
·
و
– 26536 |
|
·
ه
– 19070 |
·
ه
– 4720 |
|
·
ء
– 4115 |
·
ي -
25919 |
نه ڄاڻ ڇو، اسان وٽ جيڪڏهن ڪنھن کي به رات جو جلد
سُمھڻ لاءِ چيو وڃي، ته هو ناراض ٿي پوي ٿو. ڪيترن
جو خيال هوندو آهي، ته رات جو نَو يا ڏَهين وڳي
سُمھڻ وارا پينڊو (ڳوٺاڻا) هوندا آهن. گھڻا ماڻھو
چون ٿا، ته
”ايترو
جلد به ڪو سُمھندو آهي ڇا؟“
اسان جا وڏا چوندا آهن، ته
”سج
اُڀرڻ تائين سُمھڻ نڀاڳ آهي.“
اسان انھن ڳالھين کي ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان نه
ورتو. چوندا رهياسين ته،
”ننڊ
ته ننڊ هوندي آهي، ڪھڙو نڀاڳ؟“
اسين وڏي شوق سان نڀاڳ واري ننڊ ۾ هوندا آهيون ۽
پوءِ شڪايتون ڪريون ٿا، ته”يار،
منھنجا ڪم نٿا ٿين، دل بي چين آهي، ڪجھه سُجھندو
ئي ناهي، دل ٿي چاهي، ته سڀ ڪجھه ڇڏي ڪٿي هلي
وڃجي.“
وغيره. اهي سڀ گھر، جتي رات دير سان سُمھڻ ۽ صبح
دير سان اُٿڻ جو رواج آهي، مون انھن ۾ بيشمار
نفسياتي بيماريون، مسئلا ۽ ذهني اذيتون ڏٺيون آهن.
اهڙا گھر صرف هڪ يا ٻه ناهن، پر گھڻا خاندان آهن.
ڪيترا ماڻھو فخر سان چوندا آهن، ته اسان وٽ ٻارهين
وڳي کان اڳ ناشتو ئي نٿو ٿئي!“
اهي ماڻھو فخر ڪندا آهن، ته
”صبح
سوير اُٿي ڪري ڇا ڪجي؟ ڪرڻ لاءِ ته ڪجھه ناهي!“
پر سوال هي ناهي ته صبح اُٿي ڇا ڪجي؟ سوال هي آهي،
ته ڏينھن چڙهڻ تائين سُمھڻ سان ڇا حاصل ٿيندو؟
ڪجھه ماڻھو بحث ڪن ٿا، جيڪو ماڻھو الله تعاليٰ جي
مقرر ڪيل وقتن تي اعتراض ڪري، ته ان کي دنيا جو ڪو
ماڻھو سمجھائي نٿو سگھي.
جيڪڏهن رات دير تائين جاڳندڙ نوجوان آهن، ته انھن
۾ جلدي ۾ نفسياتي بيماريون پيدا ٿين ٿيون. جيڪڏهن
وڏي عمر وارا آهن، ته جسماني بيماريون وڌڻ لڳن
ٿيون. اهي ماڻھو پاڻ به نه ٿا ڄاڻن ته اهي بيمار
ٿي ويا آهن. اُداسي، بي چيني ۽ بيقراري ته عام
ڳالھه ٿي چڪي آهي.
ڇا ڪڏهن اوهان سوچيو آهي، ته نوجوان ڇو ايترا چڙيا
چڙيا ٿين ٿا؟ ڇو هو هر وقت وڙهڻ لاءِ تيار
هوندا آهن؟ ڇو جلد ئي مايوس ٿي ويندا آهن؟
توهان جيڪڏهن موبائل تي ويڊيو ڏسو، ته بيٽري جلدي
ختم ٿيندي آهي. پر گيلري ۾ تصويرون ڏسندا ته بيٽري
آهستي گھٽ ٿيندي.
اهڙيءَ ريت، رات جو جاڳڻ توهان جي ذهني، روحاني ۽
جسماني بيٽري کي جلدي ختم ڪري ٿو.
ياد رکو ته توهان وقت کان اڳ پوڙها ٿي
ويندا، يادگيري ڪمزور ٿي وڃي ٿي، مدافعتي نظام
ڪمزور ٿي ويندو، انفيڪشنز جلد لڳندا،
مشڪلاتن ۾ همت گھٽ ٿيندي، آخرڪار حوصلا ڇڏي ويھندا،
فيصلو ڪرڻ جي طاقت گھٽ ٿيندي ۽ غلط فيصلا ڪرڻ
لڳندا.
ننڊ صرف ننڊ ناهي، اُن جي پٺيان لاشعور جي وڏي
طاقت ڪم ڪندي آهي. جيڪا ذهن کي تازه دم ڪري ٿي.
رات جي خاص خوبي اها آهي، ته اها انسان کي
Heal
(شفا) ڪري ٿي. الله تعاليٰ انسان لاءِ رات جي ننڊ
۾ شفا رکي آهي. توهان ڪمرو بند ڪري، لائيٽون بند
ڪري، الله جي رات نه ٿا بڻائي سگھو. اهو رڳو توهان
پاڻ سان ٺٺول ڪري رهيا هوندؤ.
ڇا توهان ڄاڻو ٿا؟ خودڪشي جو خطرو سڀ کان وڌيڪ رات
جي وقت هوندو آهي. خاص ڪري رات جي پھرئين حصي کان
وٺي ڏيڍ، ٻه وڳي تائين. اڪثر خودڪشيون انھيءَ وقت
ٿيون آهن.
هڪ ناول ۾ لکيل آهي
”راهِ
نور“
۾ طلال کي ننڊ نٿي اچي، ڇو ته هُو خودڪشيءَ جي حد
تي آهي. ڊاڪٽر دوائون ڏئي کيس سُمھارين ٿا، پر
جيڪڏهن هُو فطري ننڊ وٺي، ته اڌ بيماري ختم ٿي
وڃي. اها ننڊ کيس ڀاءُ جي حويليءَ ۾ ملي ٿي، جتي
ڀاءُ کيس ڪجھه ٽرکس (گُرَ) سيکاري ٿو.
اصل ڳالھه اها آهي، ته ننڊ رڳو ننڊ ناهي، ان جي
پٺيان لاشعور جي عجيب طاقت آهي. سائنسدان،
نفسياتدان لاشعور جي طاقت کي ڄاڻن ٿا. ان ڪري
سمجھدار ماڻھو رات جو پھريون ۽ ٻيون پھر ضرور سُتي
گذارين ٿا. اسان جي دماغ جي اندر هڪ ڪائناتي
گھڙيال آهي، جيڪا الله جي بڻايل ٽائيم ٽيبل تي هلي
ٿي. رات جي ننڊ ئي اصل ننڊ آهي. ڏينھن جي ننڊ صرف
ٿورو آرام آهي. جنھن کي
”قيلوله“
چيو ويندو آهي.
مان بلڪل ايمانداريءَ سان چوان ٿي، ته انھن گھرن
کان مون کي گھٻراھٽ ٿيندي آهي، جتي هڪ وڳي ناشتو
ٿئي ٿو، رات دير تائين گھٽيل روشنيءَ ۾ ڏينھن وارو
ماحول هوندو آهي. اهو سڀ سراسر ضد آهي، خساري وارا
سودا آهن. جيڪڏهن توهان جي آڱر ڪَٽجي، ۽ توهان وقت
تي سُمھي پئو، ته صبح تائين اهو زخم لڳ ڀڳ ڀرجي
ويندو.
اهو ڪم ڪيئن ٿيو؟ ننڊ دوران، جيڪا وقت تي ورتي وئي
هجي، ڇو ته اڄ جي سائنس اهو ثابت ڪري چڪي آهي، ته
ننڊ (سُٺي ۽ گُھربل ننڊ) اسان جي اميونٽي سسٽم
يعني مدافعتي نظام جي بحالي ۽ مضبوطيءَ لاءِ تمام
اهم آهي. اچو ته ان کي سادي ۽ سمجھاڻي واري ٻوليءَ
۾ سمجھون.
ننڊ ۽ اميونٽي سسٽم جي وچ ۾ تعلق:
جڏهن اسان سُمھندا آهيون، ته اسان جو دماغ ۽ جسم
سُڪون ۾ اچي ويندا آهن، پر اميون سسٽم (Immune
System)
سرگرم ٿي ويندو آهي. ننڊ دوران اميونٽي سسٽم
مدافعتي سيلز (Immune
Cells)
جي مرمت ۽ پيداوار شروع ڪري ڏيندو آهي. جسم نوان
T-cells،
cytokines
macrophages
وغيره ٺاهيندو آهي. جيڪي وائرس، بيڪٽيريا يا ٻين
نقصان ڏيندڙ جُزن سان وڙهڻ لاءِ ضروري هوندا آهن.
Cytokines
جو اخراج وڌي ويندو آهي.
Cytokines
خاص پروٽينز آهن، جيڪي سوزش گھٽائين ٿا ۽ مدافعتي
عمل کي منظم ڪن ٿا. ننڊ جي وقت انھن جي مقدار وڌي
ويندي آهي، جيڪا انفڪشن يا دٻاءَ دوران تمام ضروري
هوندي آهي.
ننڊ دوران جسم بيماريءَ سان وڙهڻ جي تياري ڪندو
آهي. جسم پاڻ کي ايندڙ جراثيمن سان مقابلي لاءِ
تيار ڪندو آهي. جيڪڏهن ننڊ پوري نه ٿئي، ته اها
تياري اڌوري رھجي ويندي آهي. ۽ اسان بيمار ٿي
پوندا آهيون. ان ڪري اسان کي قدرتي ننڊ وٺڻ تمام
ضروري آهي اگر اسان سمجھون ته.
پيارا ٻارؤ! اڄ اسان جا زخم ڇو نٿا ڀرجن؟ اڄ اسان
جو ڊپريشن ڇو وڌي رهيو آهي؟ اڄ اسان جي دل ٽٽي ته
جلدي ٺھي ڇو نٿي؟ ڇو ته اسان لاشعور کي ڪم ڪرڻ جو
موقعو ئي نٿا ڏيون. لاشعور وٽ جادوئي طاقت آهي، پر
اسان کيس موقعو ئي نٿا ڏيون. اسين عقل واري صديءَ
جي سمجھدار نسل آهيون، پر هر پاسي خساري وارا سودا
ڪري رهيا آهيون. اسان کي گھرجي ته اسان قدرت جي
فيصلي کي نه مٽايون نه ته اسان پاڻ خساري ۾
وينداسين هليا.
ولي الله بروهي
هالا نوان
مُحمّد صلي الله عليھ وسلم جن جو فرمان مبارڪ
صدقو ڪرڻ
هڪ روايت جا لفظ آهن، ته صدقو ربّ جي غصي کي وسائي
ڇڏيندو آهي ۽ بُري موت کان بچائيندو آهي.
(سنن ترمذي664
)
***
عبدالحفيظ جوڻيجو
ڳوٺ ڦلڻ، ڏوڪري/لاڙڪاڻو
ڪجهه خاص ترجما
·”قرآن
پاڪ“
جو منظوم ترجمو مولوي احمد ملاح ڪيو.
·”غدار
ناول“
جو ترجمو ولي رام ولڀ ڪيو.
·”تاريخ
معصومي“
جو ترجمو ننديرام ڪيو.
·”انڪوائري
آفيسر“
ڊرامي جو ترجمو مرزا قليچ بيگ ڪيو ۽ ڪتابي صوررت ۾
ڇپرايو.
·”لطيف
آف ڀٽ“
عطا محمد ڀنڀرو ترجمو ڪيو.
·”يادگيريون
سيٺ تائون مل جون“
جو ترجمو حنيف صديقي ڪيو.
·”چچ
نامون“
علي ڪوفيءَ ترجمو ڪيو.
·”سنڌو
ڪناري وساريل شھر“
عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو.
·”مٽيءَ
ھاڻا ماڻھو“
عبدالواحد آريسر ترجمو ڪيو. |