|
اويس ساگر سومرو
نيوپنڊ سکر
پاڪ وطن
پاڪ وطن اي پاڪ وطن،
چَمڪي تُنھنجو روزُ چَمن!
تُنھنجي ڌَرتي سون ساري،
ماکيءَ مُشڪَ امبر واري.
گيتَ وطن جا ڳائي هرڪو،
سائو پَرچم لھرائي هرڪو.
پاڪ وطن اي پاڪ وطن،
چَمڪي تُنھنجو روزُ چَمن!
جڳَ ۾ تنھنجو شانُ اعليٰ،
خُدا ڪيو تنھنجو مانُ اعليٰ!
تو ۾ ساوَڪَ سُونھَن سارِي،
ھر نعمتَ آ تنھنجي پيارِي.
پاڪ وطن اي پاڪ وطن،
چَمڪي تُنھنجو روزُ چمن!
***

مسرور سيال
باڊهه
سورج منڊل
سورج منڊل نظام شمسي،
اچو ته ڏسون اچو ته سمجھون.
جيئن نه رهجي پاڻ ۾ ڪمِي،
ڪُل آهن گرهه نَوَ چون ٿا.
ستَ انھن ۾ آهن لڌا ويا،
اچو ته جانچيون باقي ٻيا.
انسان بُلندين تي پھتو پيارا،
قدرت جا ڏنائين عجب نظارا.
سج، زمين، مريخ ۽ مشتري،
روشن سارا جن ۾ حڪمت.
الله جوڙي واهه جي قدرت،
زحل، يورينس، عطارد ۾ ڇا ٻڌي،
ٽٽي پوي جي هڪ سيارو،
ته ٿي ويندو اوندھه ڪارو.
زهره، نيپچون، پلوٽو گھمن چوڌاري!
”مسرور“
اسين ٻار به آهيون تارا،
روشن ڪيون ٿا سرس سونھارا،
رهندي اسان جي سوچ جي بُلندي.
***
عبدالقيوم جکراڻي
جيڪب آباد
پيارو پوپٽ
پوپٽ ڪيڏو پيارو آھي،
سندر سھڻو سارو آھي،
پوپٽ ڪيڏو پيارو آھي.
رنگا رنگي، پرڙا پيارا،
ڳاڙھو پِيلو ڪارو آھي،
پوپٽ ڪيڏو پيارو آھي.
ڪيڏو آھه نرم نفيس،
نازڪ نرمل نيارو آھي،
پوپٽ ڪيڏو پيارو آھي.
گلن سان ٿس پيچ پراڻا،
گل بنا ھو ٻاڙو آھي،
پوپٽ ڪيڏو پيارو آھي.
’قيوم‘
ڪيڏو خوبصورت،
سھڻن رنگن وارو آھي،
پوپٽ ڪيڏو پيارو آھي.
***

مقبول ميمڻ مارو
پياري امان
مٺڙي امان پياري امان،
تنھنجا ٿو پير چُمان.
توتان آئون قربان وڃان،
هر حڪم تنھنجو اکين رکان.
شاهي تنھنجو رتبو امان،
تنھنجو مون تي آ احسان.
تنھنجي هنج تي هيج سان نپيس،
تنھنجي ڪڇ تي ڪوڏ سان پليس.
بُکون ڪاٽي تو مون کي کارايو،
راتيون جاڳي تو مون کي سُمھاريو.
هر هر اچي ٿو توتي پيار،
پاڻ کان ڪڏهن نه ڪيو ڌار.
توئي مون کي آهه نپايو،
ڌڪ کاڌم ٿي ڇاتي لايو.
دانھن ڪندي چيم امان،

مٺڙي امان پياري امان.
عزير احمد
’عزير‘
علوي
شڪارپور
موبائل
موبائل سڀ کي وندرائي،
ھر ڪنھن کي ٿي بھلائي.
سڀ سان رابطي لاءِ اهم آ،
ساري سنگت کي ڳنڍرائي.
فيس بڪ، واٽس ايپ، ٽڪ ٽاڪ ادا،
هرڪو خوش ٿي پاڻ هلائي.
گيمن واري ايپ هجي ڀل،
ٻالڪ کي جيئن گيم کيڏائي.
ورزش وارا پيج ڏسي سڀ،
هرڪو پنھنجي صحت بڻائي.
موبائل هجي ٽچ اسڪرين واري،
جيئن
’عزير‘
سڀ ڪجھه رکرائي.
***

غلام نبي اوٺو
ٿرپارڪر
ھائيڪا
ننڊ نه ڪر نادان،
علم سان جاڳي پوندو آ،
اندر جو انسان.
ننڊ نه ڪر نادان،
علم بنا آدمي صفا،
ڄڻ آھي حيوان.
ننڊ نه ڪر نادان،
علم آدميءَ کي،
ٿو بنائي انسان.
ننڊ نه ڪر نادان،
علم ئي بنائي ٿو،
ماڻھوءَ کي مھان.
ننڊ نه ڪر نادان،
علم سان ئي ملي ٿو،
سکن جو سامان.
***

آفتاب سرهيو
ڳڻيتر-
CALCULATOR
تنهن جو سنڌيءَ ۾
”ڳڻير“
نالو وٺبو آ
انگريزيءَ ۾ جنهن کي ڪلڪيوليٽر چئبو آ
ھڪ سان واڌو ھڪُ ڪجي يا ٻن مان ڪاٽو ھڪُ
ٻن سان ٻن جي ضرب ڪجي يا ونڊ ڪجي ھڪُ ٽڪُ
سيڪڙو به سوَلو سَھنجو هن سان لھبو آ
تنهن جو سنڌيءَ ۾
”ڳڻيتر“
نالو وٺبو آ
انگريزيءَ ۾ جنهن کي
”ڪلڪيوليٽر“
چئبو آ
واڌو ڪاٽو ضرب ۽ ونڊ ٿي هن ۾ خوب ٿئي
پلَ ۾ حَلُ حساب ڪري ۽ جلدي جواب ڏئي
غلطي ڀانئين نمبر جيڪو ٻُڙيءَ سان ونڊبو آ
تنهن جو سنڌيءَ ۾
”ڳڻيتر“
نالو وٺبو آ
انگريزيءَ ۾ جنهن کي
”ڪلڪيوليٽر“
چئبو آ
اچو ته هن ۾ حَل ڪريون گڏجي ھڪ حساب
پنج [5]
واڌو [+] ست [7]
برابر [=] ٻارنهن ڏئي جواب
ٻن نمبرن جو ڏسي نتيجو بٽڻ جي ڇھبو آ
تنهن جو سنڌيءَ ۾
”ڳڻيتر“
نالو وٺبو آ
انگريزيءَ ۾ جنهن کي
”ڪلڪيوليٽر“
چئبو آ

ڳڻپاتر -
COMPUTER
گهڻو
”ڳڻيتر“
کان به اڳتي ڪمپيوٽر آهي
سنڌيءَ ۾
”ڳڻپاتر“
نالي جيڪو پاڻُ سڏائي
ماڻھوءَ جوڙي آهي جڳ ۾ اهڙي عجب مشين
پل ۾ سڀ ڪجهه حل ڪري ٿي ڏاڍي آهي ذهين
غلطي ھن کان ممڪن ناهي سب ڪجهه صحي ٻڌائي
گهڻو
”ڳڻيتر“
کان به اڳتي ڪمپيوٽر آهي
سنڌيءَ ۾
”ڳڻپاتر“
نالي جيڪو پاڻُ سڏائي
سائنس ساري صنعتڪاري يا هجي فنڪاري
دنيا ھن کان ڪَمَ وٺي ٿي هاڪاري ناڪاري
مونجهارن مان ماڻهوءَ جي ٿو جهٽ پٽ جان ڇڏائي
گهڻو
”ڳڻيتر“
کان به اڳتي ڪمپيوٽر آهي
سنڌيءَ ۾
”ڳڻپاتر“
نالي جيڪو پاڻُ سڏائي
سڀ ڪم سوَلا سھنجا ئي پيا اهڙي آهي سھولت
هر هنڌ هر وهنوار ۾ هن جي هاڻي خاص ضرورت
ڪاروباري دنيا ساري چَپٽيءَ ساڻ
هلائي.
گهڻو
”ڳڻيتر“
کان به اڳتي ڪمپيوٽر آهي
سنڌيءَ ۾
”ڳڻپاتر“
نالي جيڪو پاڻُ سڏائي

سنڌ جي درياهي ماحول ۾ مماليه جاندار جا ٻه قسم
آهن، هڪ لُڌڙو ۽ ٻي ٻلھڻ. جيتوڻيڪ لُڌڙي جو نسل
ڪافي حد تائين ختم ٿي ويو آهي. پر وري به ڪنھن حد
تائين پاڻ بچائڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.
ٻلھڻ جي صورتحال بلڪل مختلف آهي، ان کي درياءَ جي
اونھي ۽ لُڙاٽيل پاڻيءَ کان سواءِ ٻي ڪٿي به پناهه
نٿي ملي. سنڌو نديءَ تي
1930ع
ڌاري بئراج سکر وٽ ٺھيو ان کان اڳ سنڌو ڊيلٽا کان
ڪشمير جي جبلن جي پاڙ تٿائين هر هنڌ ڏسبي هئي ان
کان پوءِ جڏهن غلام محمد بئراج، گڊو بئراج جي وچ ۾
قيد ٿي وئي ۽ انھن ٻنھي جي وچ ۾ نظر اچي ٿي. ٻلھڻ
جي عادت آهي، ته اها چؤماسي يا مينهوڳي ۾ اوڀاري
ويندي آهي ۽ جڏهن پاڻي لهندو آهي ته گھري پاڻيءَ
ڏانھن (بئراج جي ذخيرن) ۾ موٽي ايندي آهي. ٻلھڻ
ڪوشش ڪندي آهي ته اها درياهه جي سڀ کان اونھي
پاڻيءَ ۾ هجي پر ڪڏهن ڪڏهن ڍورن، واهن ۽ شاخن ۾
ڦاسي پوندي آهي، جنھن ڪري مري به ويندي آهي. هن
وقت ٻلھڻ جو نسل ٽن حصن ۾ قيد آهي.
2001ع
۾
wwf
جي اڀياس موجب سکر کان گڊوءَ جي وچ ۾ سراسري طرح
هر ڪلوميٽر ۾
3.6
گڊو کان تونسه جي وچ ۾
0.74
۽ تونسه کان چشمه جي وچ ۾
0.28
داڻا موجود هئا. ان ريت ان وقت ٻلھڻ جي ڪل آبادي
1100
مس هئي. دريا4
جي ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندڙ ماحولياتي حالتن سبب
ٻلھڻ سخت ترين خطري ۾ آهي. اهڙي طرح دريائي جيوت
جو هي ناياب نسل نابودي جي يادداشت ۾ ٻئي نمبر تي
آهي.
ٻلھڻ شڪل ۾ مڇيءَ جھڙي ٿئي ٿي. جنھن جو وات سيسر
وانگر ڊگھي چُھنب جھڙو ٿئي ٿو. پيشاني اُڀي ۽
لاهيدار اٿس ان جو پيٽ گول ۽ جسم ٿوٻرو ٿئي ٿو.
پُٺيءَ جو ڦنگ نه هئڻ برابر ۽ چيلھه جو ڪُٻ ڪافي
نمايان هوندو اٿس. پاسن جا ڦنگ وڏا ٿيندا اٿس. ٻه
ڦاڪُو پُڇ ڪافي ويڪرو ۽ پکڙيل هوندو اٿس، جنھن جي
مدد سان پاڻيءَ ۾ تري ٿي.
ٻلھڻ جون اکيون تمام ننڍڙيون سنھي سوراخ جھڙيون
ٿين ٿيون انھن ۾ تارا ڪونه ٿين، ان ڪري ان کي انڌي
ٻلھڻ (Blind
Dolphin)
به چوندا آهن. انھيءَ هوندي به هيءَ مخلوق اکين
سان اونداهي ۽ روشنيءَ جو فرق محسوس ڪري سگھندي
آهي. اکين کان محروميءَ سبب هن ۾ آوازي حس (Sound
Sensors)
يا
’ايڪو
لوڪيشن‘
ذريعي پنھنجو رستو ۽ شڪار مثال: مڇي، جھينگو يا
درياءَ جي تري ۾ موجود ٻيو ڪجھه ڳولي وٺندي آهي.
تري ۾ کوٽھڙي لاءِ چُھنب ۽ ڦنگ استعمال ڪري ٿي.
ٻلھڻ جي هڪ ٻي به عجيب عادت آهي اها پاسيري ترندي
آهي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته اها تانگھي يعني فقط
30
سينٽي ميٽر (هڪ فٽ) پاڻي ۾ به هلي آهي.
عام طرح سان ٻلھڻ درياءَ جي تَري کان پاڻيءَ جي
سطح تائين لڳاتار گولائيءَ ۾ چڪر هڻندي رهندي آهي
۽ ٻلھڻ
24
ڪلاڪ چڪر کائيندي رهندي آهي. بظاهر آرام ڪونه ٿي
ڪري ڇو ته هر
30
کان
40
سيڪنڊن بعد پاڻيءَ جي سطح تي اُڀرڻ ان جي مجبوري
آهي. هر ڀيري پاڻيءَ ۾ ٽُٻي کان پوءِ عام طور تي
پنھنجو رخ بدلائي ويندي آهي. عام طور رفتار گھٽ
آهي پر خطري جي احساس مھل درڙي ڀري تيز به ڊوڙي
سگھي ٿي.
جيتوڻيڪ بنيادي طرح اڪيلائي پسند آهي. پر انھن
جاين تي وڌيڪ نظر ايندي آهي جتي ٻن پاڻين جو سنگم
هجي ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو نسبتاً سُست هجي. ٻلھڻ کي
پُٺيءَ تي هيٺانھون ڪُٻ ٿئي ٿو. رنگ سُرمائي ناسي
هوندو اٿس ۽ پيٽ جو رنگ هلڪو ڪڏهن ڪڏهن گلابي
هوندو آهي.
مادي جسامت ۾ نر کان وڌيڪ هوندي آهي ان جو ٻچو کير
ڌائي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڏٺو ويو آهي ته ٻلھڻ
پنھنجو ٻچو ڪنڌ يا پُٺيءَ تي کڻي مٿي پاڻيءَ تي به
ايندي آهي. ٻلھڻ ڇھه کان ڏھه سالن ۾ بالغ ٿئي ٿي.
10
کان
11
مهينا پيٽ سان هجي ٿي. سال ۾ ڪنھن به وقت ٻچو ڏيئي
سگھي ٿي. پر ڊسمبر کان جنوري ۽ مارچ کان مئي
تائين ان جي افزائش جي عروج جا ڏينھن آهن. ٻچي ۾
وقفو ٻن سالن جو ڪري ٿي.
ٻلھڻ جي عمر لڳ ڀڳ
30
سال هوندي آهي ٻلھڻ جو ٻچو
70
کان
90
سينٽي ميٽر (28
کان
35
انچ) ٿئي ٿو. بالغ ٿيڻ مهل
1.5
کان
2.5
ميٽر جي بالغ ٻلھڻ جي روزاني خوراڪ گھٽ ۾ گھٽ هڪ
ڪلو آهي ۽ ٻچو سال کن ماءُ جو کير ڌائي ٿو.
ٻلھڻ جي چُھنب سيسر (واڳونءَ جي هڪ قسم) جھڙي ٿئي
ٿي جنھن ۾ ان جا اڳيان ڊگھا ۽ تکا ڏند ان وقت به
نظر ايندا آهن. جڏهن وات بند هوندو اٿس. موجوده
حالت ۾ سنڌو نديءَ ۾ پاڻي جي کوٽ يا ڪميءَ جي سبب
ٻلھڻ جو نسل خطري ۾آهي. امر ان وقت اهو آهي، ته
ٻلھڻ جي نسل کي بچايو وڃي، ته جيئن هي عجيب خلقت
بچي وڃي. |