سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون  2026ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 


 

[22]

آهي اُونداهِيءَ جو شِرَڪُ سَهَائِي

چِٽي چِٽائِي، اَلفَ جِي عَمِيقَ ۾.

سمجھاڻي: جھڙيءَ طرح اونداهيءَ جي مقابل (ضد) روشني آهي. (ٻين لفظن ۾ جيڪو اونداهيءَ جو اقرار ڪري ٿو اهو روشنيءَ کي به مڃيندو يا ان جو اُلٽ به صحيح آهي ته جيڪو روشنيءَ کي مڃي ٿو اهو ظاهر آهي ته اونداهه جو به قائل هوندو) ليڪن الف يعني الله تعاليٰ جي ذات پنھنجي اونھي اسرار موجب رڳو روشني ئي روشني يا چٽي چٽائي (نور ئي نور آهي.)

[23]

سُتي جا ساڃاءِ، سا جاڳندي نه ٿِئي

تِهان پوءِ مون ماءِ، نيڻَ هيرايا نِنڊَر سِين.

سمجھاڻي: ننڊ واريءَ حالت ۾ (اکيون بند ڪرڻ سان)  جيڪا سُرت ۽ سڃاڻڻ واري سمجھه حاصل ٿي آهي. اها جاڳ واري حالت ۾ نٿي ٿئي (مشاھدي جي ڪيفيت). ان کان پوءِ (انھيءَ ڪري) مون پنھنجيون اکيون يڪجا ڪري اُنھن ۾ اهڙي قسم جي ننڊ  جي عادت وڌي آهي.

[24]

سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِيُون

سَندِي سُپيرِينِ، پَرِ پَروڙڻُ ڏاکَڙو.

سمجھاڻي: اهو محبوب سدائين سولايون ڪري ٿو (اسان جي لاءِ سُٺو سوچي ٿو)، پر عام ماڻھو سمجھن ٿا ته ان ۾ تڪليفون آهن (درحقيقت محبوب جي انھيءَ روش کي سمجھڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي.)

[01]

اُڀَرَندي ئِي سِجُ پِرين جي نه پَسَندِيُون

سي ٻَئي ڪَڍِي ڏِجِ، اکڙيُون ڪانگنِ کي

سمجھاڻي: جيڪي اکيون سج اُڀرڻ سان، ڏينھن ٿيندي ئي (سڀ کان پھرين) محبوب جو ديدار نٿيون ڪن، ته اُهي ٻيئي ڪڍي ڪانگن کي ڦٽو ڪري ڏيئي ڇڏ (اهي ڪنھن ڪم جون ناهن.)

[02]

مون کي اَکَڙِيَنِ، وَڏا ٿورا لائِيا

تَپُڻَ پِِرين پَسَنِ، کَڻان جي کَرَ سامُھِيُون.

سمجھاڻي: منھنجي اکين جا منھنجي مٿان وڏا احسان آهن، (اهو هن ڪري جو) جڏهن آءٌ پنھنجي رقيب يا بدخواهه تي به نظر وجھان ٿو، تڏهن به اهي پنهنجي پرينءَ کي ڏسن ٿيون (انھن کي هر شيءِ ۾ محبوب ٿو نظر اچي.)

 

شاهه جو رسالو

 

]سُر آسا داستان پھريون/ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ:  سنڌي ادبي بورڊ[
مجاهد
خاموش هيسباڻي لاڙڪاڻو

 

آيو رمضان

آيو آ رمضان ڀلارو پيارا ٻارو آيو آ رمضان،

رحمت وارو برڪت وارو رب وڌايو جنھنجو شان.

اسان گنھگار بندن لئه آھي مغفرت جو ھي مھينو،

اسان جي ھر دعا جي آھي قبوليت جو ھي مھينو،

بخشش جا دروازا کلي ويا ربّ جا ھي احسان.

پيارا ٻارو آيو آ رمضان.

فضول ڳالھيون ڇڏي اچو ڪي ڳالھيون ڀليون ڪيون،

ربّ پاڪ جي ڪيون عبادت نيڪيون گھڻيون ڪيون،

گناھن کان پري رھون صاف رکون دل و جان.

پيارا ٻارو آيو آ رمضان.

روزا رکي سڀ روزيدارن جو ڪريون احترام،

روزيدارن جو ڌڻي وٽ آھي اعليٰ مقام،

سچي نيّت خلوص سان ٿي مشڪل ويندي آسان.

پيارا ٻارو آيو آ رمضان.

پڙھون نمازون ۽ صلواتون ڪريون خوب عبادت،

تسڪِين ملندي دل کي ۽ روح کي ملندي راحت،

پڙھون قرآن پاڪ جنھن سان راضي ٿي رحمان.

پيارا ٻارو آيو آ رمضان.

ڪيون اسان تي خوب ڀلايون پاڪ پرور سائين،

پنھنجو ڪلام پاڪ اسان ڏي تحفي ۾ مُڪائين،

ھن ڀلاري مھيني ۾ ٿيو مڪمل آھي قرآن.

پيارا ٻارو آيو آ رمضان.

سحري ۾ افطاري ۾ رکجي خيال غريبن جو،

ڏکي وقت ۾ ساٿ نه ڇڏجي بھرحال غريبن جو،

انسانيت جو اُوچو رکجي ڳاٽ ھميشه اي انسان.

پيارا ٻارو آيو آ رمضان.

ربّ جا آھن ڪرم مجاھد اسان تي اڻ ڳڻيا،

اسان گنھگار گندا اسان ۾ آھن عيب اڻ ڳڻيا،

پوءِ به نوازي پنھنجي رحمت آ ڪيڏو مھربان.

پيارا ٻارو آيو آ رمضان.

***

محمد ياسين ڪنڀر

سلطانپور پنوعاقل

 

نعت

اُوندَھِه اَنڌوڪارَ ۾ لاٽَ ٻَرِي پيئي،

وچ درياءَ ۾ ٻُڏندڙ ٻيڙي تري پيئي.

 

مدني مٺڙو ڄايو باکَ ڦُٽي ھرسو،

جلندڙ ڌرتي ساري خوب ٺري پيئي.

 

جڏھن پڙھيم صلوات سونھاري سيّد تي،

ڳڻتي پنھنجو پاڻ ئي يار ڳري پيئي.

 

سڀني لاءِ سڻائي سھنج سھولت ٿي،

وھشت دھشت جي ڏائڻ به ڏري پيئي.

 

سُک جو ساھه کنيو انسانيت آھي،

گدگد ٿيو مَنُ مَنَ جي مونجھه مري پيئي.

 

توحيد و سنت ٿيا وابسطا سڀ،

خوش اسلوبي خوش اخلاقي ڀري پيئي.

 

ٻھڳڻ ٻاجھاري جي تات تنوار اٿم،

ان جي چاھه ۾ منھنجي دل ٿي چري پيئي.

 

عربيءَ صدقي ارقمُ پٽُ ياسينَ مليو،

واليءَ جي رحمت آ مون ڏي وري پيئي.

***


 

غلام محمغد ازي

شڪارپور

شندور

ايندڙ گرمين جي موسم ۾،

شندور به هلبو سير سفر تي.

 

گلگت ۽ چترال جي وچ تي،

شندور مقام پيو ٿو ٻُڌجي.

 

گلگت کان شندور جو هلبو،

رستو  سو چترال کان هلجو.

 

دل ٿي چاهي جھاز ۾ ويھي،

شندور جا منظر ڏسبا ڪيئي.

 

ٿڌڙي ٿڌڙي هِير آ لڳندي،

لوڏ گُلن جي آهي وڻندي.

 

پولو راند ڪبي شندور ۾،

خلق ڏسڻ ايندي شندور ۾.

 

رنگ برنگي ڪپڙا پائي،

ٻار ٻُڍو ٿو دل وندرائي.

 

بس ۾ سفر شندور جو ٻارو،

ڪيڏو لڳندو آهي پيارو.

 

ساڻ سلِيپنگ بيگ به هوندا،

غازي گرم ڪي ڪپڙا به کڻبا.

***


 

مھر فقير

عيد

عيد آئي آ عيد ملهايون،

عيد مبارڪ ڀاڪر پايون.

 

اوڙي پاڙي جو رکون خيال،

نفرت دل مان ٻارو ڀڄايون.

 

ڪيون مدد غريبن جي سدا،

مرڪي محبت ايئن ورهايون.

 

رهي نه بُکيو ۽ ڪو اگهاڙو،

پاڻ سان گڏ شريڪ بڻايون.

 

اهو ئي درس اسلام جو آهي،

ختم ڪجن سو اوچ نچايون.

 

غريب جو امير تي آهي حق،

سڀ کي درس اهو ٻڌايون.

 

رڳو نه عيد تي پر اي ٻارو،

ناتو اهڙو سدا خوب نڀايون.

 

ڪندو جيڪو آ مدد ٻي جي،

رب ڪندو آ ان جون سڻايون.

 

مهر فقير جو غزل رهنمائي آ،

پاڻ پڙهون ٻين کي پڙهايون.

 

عيد  آئي  آ عيد ملهايون،

عيد مبارڪ ڀاڪر پايون.

***


 

ارباب علي عادل چوهاڻ/ شڪارپور

ٻارڙا

سُونھن ۽ سُندرتا جا سنگم ٻارڙا،

گھر ۽ اسڪول ۾ پڻ اھم ٻارڙا.

 

باغ، پارڪ، چمن، پاڻ گُلشن اندر،

خوب کلندي ۽ ڪُڏندي ڏٺم ٻارڙا.

 

حرف جر، حرف جملو، ندا، يا ضمير،

ظرف، صفت، فعل  ۽  اسم  ٻارڙا.

 

جيت، جنتر، پکي، جانور، بي زبان،

پاڻ ڪن ٿا انھن  تي  رحم  ٻارڙا.

 

شاعري جي بلاشڪ اٿئي ھر صنف،

گيت، وائي، غزل ۽ نظم ٻارڙا.

 

ھاڻ تشبيھه ڪھڙي گُلن سان ڏيان،

گُل گُلابي ثمن کان اتم ٻارڙا.

 

بورڊ، سليٽون، پٽيون، چاڪ، ٿيلھا سندر،

ڊائري، بُڪ، پنا ۽ قلم ٻارڙا.

 

انب، ڪيلا، چڪون، ناسپاتيون، ڄمون،

کارڪون، صوف، ڏاڙھون، اٿم ٻارڙا.

 

دال، چانور، چڻا، ساڳ، جوئر، مٽر،

ساريون، سِرنھن، ڄانڀو، گندم ٻارڙا.

 

کاڌي، ڪاٽن، توڙي سوٽي، اوني وڳو،

سچ ته عادل ٿي ريشم پشم ٻارڙا.

***


 

اعجاز علي شاهه رضوي اعجاز

حيدرآباد

خدمت وطن جي

زياده آ عظمت ۾ عظمت وطن جي،

ڪريو ٻارو ڪا خدمت وطن جي.

 

سڀن کي هجي دل ۾ عزت وطن جي،

آ هر ڪنھن تي لازم حفاظت وطن جي،

 

هي نقطو نصيحت جو دل ۾ وھاريو،

سراسر آ عبادت آ خدمت وطن جي.

 

 انھن سرفروشن تي ملت آ نازان،

جي دل سان ڪن ٿا حمايت وطن جي.

 

هينئر آ بدلڻو نظام پياري وطن جو،

ضروري آ اعجاز محبت وطن جي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org