|
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
علم نَدِي
علم نديءَ ۾ گھڙڻ جھڙو
پار به تنھن کي ڪرڻ ضروري.
علم سان اوچي عزت عظمت،
تار ۾ تنھن جي ترڻ ضروري.
محبت محنت جذبي واري،
آڳ اندر ۾ ٻرڻ ضروري.
دانيءَ جا درس ملن تن،
چارن تي پڻ چرڻ ضروري.
عظمت جي هر گام وساري،
چُستيءَ دڳَ ڏي ورڻ ضروري.
قول وڏن جا سيني سانڍي،
ذهن به تن سان ڀرڻ ضروري.
علم پرايو ڏاهن ڏسيو،
علم ڏي
’عاصم‘
سُرڻ ضروري.
***

سميع ميراڻي/ڏوڪري
اچو ته ٻوليون سکون
اچو ته ٻُوليون سکُون ٻارو،
سٺا ڪي ٻول ٻوليون ٻارو،
انگريزي ٻُوليون، اردو ٻُوليون،
اچو ته هرڪا ٻولي ٻُوليون.
ٻولين سکڻ سان آ ترقي ٿيندي،
ڏيھه ۽ پرڏيھه ۾ آ سڃاڻپ ٺھندي،
پڙهون، لکون ۽ سمجھون هرڪا ٻولي،
سولي، سولي آ پنھنجي سنڌي ٻولي.
اچو ته ٻُوليون سکُون ٻارو،
سُٺا ڪي ٻول ٻُوليون ٻارو.
چائني سکون، عربي سکون،
دنيا جي هر هڪ ٻولي سکون،
سنڌي ته آهي پنھنجي ٻولي،
جيجل جنھن ۾ ڏني آهي لولي،
سنڌي آهي پنھنجي سڃاڻ،
وڌايون ان جو هر هنڌ شان.
اچو ته ٻوليون سکون ٻارو،
سُٺا ڪي ٻول ٻوليون ٻارو.
فارسي ٻُوليون، سرائيڪي ٻُوليون
اچو ته هرڪا ٻولي ٻوليون.
’سميع‘
ڄاڻي ٿو، انگريزي، اردو،
سرائيڪي، براهوي ۽ ٿوري پشتو.
’ميراڻي‘
جو وري به آ سنڌيءَ سان چاھه،
تنھنجي ٻولي منھنجي ٻولي سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي.
***
آزاد زنگيجو
خيرپورناٿن شاهه
لوڪ گيت
آءُ ڏيان توکي!
لوليءَ ۾ لوڏو.
پيار منجھان پيارا،
گھوريان پَلَ سارا،
تيل ڦُليل مَکَي،
آءُ ڏيان توکي!
لوليءَ ۾ لوڏو.
ڪپڙا پارائي،
دُڪو کارائي،
سِيني ساڻُ ٻَکي،
آءُ ڏيان توکي!
لوليءَ ۾ لوڏو.
’آزاد‘
چُمي مُکُ،
دُعا جو جھلي ٻُڪُ،
مُنھن تي هَٿُ رکي!
آءُ ڏيان توکي!
لوليءَ ۾ لوڏو.
***

غلام نبي اوٺو
ٿرپارڪر
غزل
مان روز سويل اُٿندو آھيان،
تيار ٿي ناشتو ڪندو آھيان.
ڪتاب، ڪاپيون، پينون ساري،
کڻي اسڪول ويندو آھيان.
مائٽ، دوست، اُستاد، شاگرد ڀائن،
سڀني جو مان احترام ڪندو آھيان.
بھتر مستقبل جي باري ۾ جيڪو پُڇي،
صلاح تنھن کي سُٺي ڏيندو آھيان.
ابي امڙ جون دعائون کٽڻ لئه،
روز تن جا پير چمندو آھيان.
جن جي صحبت جو خراب نتيجو نڪري،
”اوٺا“
اھڙن ٻارن کان پري رھندو آھيان.
***

عبدالجبار مسافر ويسر/ٺري ميرواهه
سنڌ جو ٻارڙو
دودي جي ديس جو دلدارُ،
تون ئي ته ڌرتيءَ جو آڌارُ.
تون شل جاڳين ديس لاءِ،
مستقبل جو ٿئين مَعِمارُ.
درياھ جو بڻجين ڀرجھلو،
۽ رهي سنڌو سدا تاروتارُ.
هُوشو، هيمون بڻجي تون،
شال ڌرتيءَ جو کڻين بارُ.
قوم چُمندي قدم تنھنجا.
ٿيندين تاريخ ۾ نيٺ نروارُ.
***

ڪوثر سوز هالائي/ هالا نوان
وائي
هيڏي ساري لوڪ مان،
پرچائيندو ڪير؟
ڇورا ڇنا ٻارڙا.
لٽو تن جي تَنَ تي،
پارائيندو ڪير؟
ڇورا ڇنا ٻارڙا.
اٽڪيا مانيءَ ڀور تان،
سرچائيندو ڪير؟
ڇورا ڇنا ٻارڙا.
روئي روئي سُڏڪندا،
ريجهائيندو ڪير؟
ڇورا ڇنا ٻارڙا.
ڀٽڪِي ويندا راهه تان،
سمجهائيندو ڪير؟
ڇورا ڇنا ٻارڙا.
آئي عيد براد جي،
ڳل لائيندو ڪير؟
ڇورا ڇنا ٻارڙا.
ڇورا ڇنا ٻارڙا.
***
اويس ساگر
سکر
سچل سائين
سچل سڏ ڪيو سچ جو، جاڳ او سُتل انسان،
راهه حق جي روشن آ، ڇڏ ڪوڙ جو سامان.
هڪڙو نور سڀن ۾ آ، ڪهڙو هندو ڪهڙو مُسلمان،
دل جي ڪعبي ۾ ڏس تون، اتي ويٺو آ سبحان،
ساڳي مٽي، ساڳيو پاڻي، ساڳيو شاھه سلطان،
راهه حق جي روشن آ، ڇڏ ڪوڙ جو سامان!
عشق بنا ڇا ڄاڻيندين، تون راز ربّ رحمان،
پاڻ سڃاڻ ته ربّ سڃاڻين، اٿئي اندر ارمان،
ٽوڙ نفس جون زنجيرون، ڪر سچ سان پيمان،
راهه حق جي روشن آ، ڇڏ ڪوڙ جو سامان!
سچل چيو سچو ٿيءُ، ڇڏ ڏيکاءُ ۽ گُمان،
حق جي واٽ تي هلندي، ملندو توکي انعام،
’ساگر‘
سچ ڳالھائي، تون ڪري عشق بيان،
راهه حق جي روشن آ، ڇڏ ڪوڙ جو سامان!
***

منظور حسين
سومرو ڪلاس ستون / ٺري ميرواهه
اي سنڌ امان!
اي سنڌ منھنجي جند امان!
اي سنڌ منھنجي جند امان!
توتان سر ساھه صدقو ڪيان،
تو ۾ نئين سج نيون باکون ڦٽن،
خوشيءَ ۾ ٿر جا مٺڙا مور نچن،
اي سنڌ منھنجي جند امان!
هيءُ هوشو، دودو ۽ هيمون،
جن تو مٿان سر ساھه گھوريو،
تنھنجي سينڌ تان چاھه گھوريو،
اي سنڌ منھنجي جند امان!
هجي ايڪتا ۽ امن جي هوا،
تون ۾ گُھلن ٿڌڙيون هيرون،
ڪويل ٻولي مٺڙيون ٻوليون،
اي سنڌ منھنجي جند امان!
***

صوفي عبدالقيوم جکراڻي (جيڪب آباد)
رمضان المبارڪ
}برڪتن ۽ رحمتن جو مهينو{
اسلامي سال جو مقدس ۽ بابرڪت مھينو رمضان المبارڪ
پنھنجون سموريون رحمتون کڻي، اسان جي اڳيان جلوه
گر آهي. هي اهو مھينو آهي، جنھن جو انتظار هر مومن
سڄو سال ڪندو آهي، هن مبارڪ مھيني کي ٽن عشرن ۾
ورهايو ويو آهي، پھريون عشرو (رحمت): جنھن ۾ ربّ
تعاليٰ جي رحمت جا دروازا کلي ويندا آهن.
ٻيون
عشرو (مغفرت): جنھن ۾ ٻانھا پنھنجي گناهن جي معافي
گھرندا آهن.
ٽيون
عشرو (نجات): جيڪو جھنم جي باهه کان ڇوٽڪاري ۽
آزاديءَ جو ڏهاڪو آهي.
رمضان المبارڪ جو قرآن پاڪ سان گھرو ۽ ازلي تعلق
آهي. هن مھيني ۾ مسجدن جي رونق ڏسڻ وٽان هوندي
آهي، جتي رات جي وقت نمازِ تراويح جو خاص اهتمام
ڪيو ويندو آهي. اسان جا حافظِ قرآن نھايت خوش
الحانيءَ سان هر رات تراويح ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت
ڪندا آهن، جنھن کي ٻڌي مؤمنن جي دلين کي سڪون
ملندو آهي. اڪثر ڪري
27
رمضان المبارڪ جي رات تي مسجدن ۾ ختمِ قرآن جو
روحاني منظر هوندو آهي، جتي هزارين هٿ الله جي
حضور دعا لاءِ اُٿندا آهن. هن مھيني جي آخري عشري
۾ هڪ اهڙي رات آهي، جنھن کي ليلة القدر چيو ويندو
آهي. قرآن جي گواهي موجب، هيءَ هڪ رات هزار مھينن
کان بھتر آهي. هن رات ۾ ملائڪ به ربّ تعاليٰ جي
ٻانھن لاءِ سلامتيءَ جون دعائون ڪندا آهن.
رمضان جي عبادتن جي قبوليت ۽ عيد جي خوشين
کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسلام صدقه فطره جو تصور ڏنو
آهي. جنھن سان معمولي غلطين يا ڪوتاهين کان روزي
کي پاڪ ڪرڻ آهي. فطري جو اصل روح اهو آهي ته
معاشري جا امير ماڻھو عيد جي نماز کان اڳ پنھنجي
گھر جي هر فرد پاران مقرر ڪيل رقم غريبن ۽ مسڪينن
کي ادا ڪن، ته جيئن اهي به نوان ڪپڙا پائي ۽ سٺو
کاڌو کائي عيد جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ ٿي سگھن.
اسلام اسان کي سيکاري ٿو ته عيد تڏهن ئي عيد آهي،
جڏهن اسان جو پاڙيسري به خوش هجي.
روزو رڳو بک ۽ اُڃ جو نالو ناهي، پر هي نفس جي
تربيت جو عظيم ذريعو آهي. جڏهن هڪ صاحبِ حيثيت
ماڻھو سڄو ڏينھن بُک ۽ اُڃ محسوس ڪري ٿو، ته کيس
انھن مسڪينن جي تڪليفن جو احساس ٿئي ٿو، جيڪي سڄو
سال غربت سبب بک ڪاٽيندا آهن. ان ڪري هن مھيني ۾
زڪوات ۽ خيرات وڌ کان وڌ ڪئي ويندي آهي ، پر افسوس
جو اسان جي سماج ۾ رمضان المبارڪ ۾ مھانگائيءَ جو
طوفان اچي ويندو آھي. ذخيراندوزي ۽ منافعي جي
لالچ، اسان جي اخلاقي زوال جي نشاني آهي. هڪ سچي
مسلمان جي حيثيت ۾ اسان کي گھرجي، ته هن مھيني ۾
ٻين لاءِ آسانين جا ذريعا بڻجون. بھر حال رمضان
المبارڪ پاڻ کي بدلائڻ جو مھينو آهي. اچو ته سڀيئي
عھد ڪريون، ته هن رمضان ۾ اسان رڳو ظاهري عبادتون
نه ڪنداسين، پر پنھنجي اخلاق کي به سنوارينداسين،
غريبن کي فطرو ۽ خيرات ڏئي سندن مدد ڪنداسين ۽
قرآن پاڪ جي ڏنل تعليمات تي عمل ڪندي، معاشري کي
امن جو گھوارو بڻائينداسين. ***
ٻاراڻي ادب جو يار آھي غلام محمد غازي،
سھڻي ديس جو پيار آھي غلام محمد غازي،
مظلوم ٻارن لاءِ خوب لکندو رھي ٿو ھر وقت،
’حئي‘
جو سچو منٺار آھي غلام محمد غازي.
(عبدالحئي ڀٽو)
جڏھن اسين سنڌي ٻاراڻي ادب تي نظر وجھنداسين ته
اسان کي ان ۾ ٻارن لاءِ خوبصورت ۽
محمد رفيق جمالي (ايڊيٽر)، گُل ڦُل غلام محمد غازي
کي گُل ڦُل رسالو ڏيندي. سرمد مھر ساڻن گڏ آهي.
پياريون تحريرون سرجيندڙ غلام محمد غازي سرفھرست
نظر ايندو. اسان جي مٺڙي ادبي ساٿي غلام محمد
غازيءَ کي پنھنجي مادري ٻولي سنڌي ۽ انھيءَ جي
ٻاراڻي ادب سان بيحد اُنس آھي، جنھن ھن وقت تائين
سنڌي ٻارڙن کي ڪافي نثر ۽ نظم جا ڪتاب ڏئي پنھنجي
ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ بي پھچ ٻالڪن سان محبت ۽ سچائي
جو اظھار ڪيو آھي. ھن ھميشه ديس جي سادڙن ٻارن جي
حقن جي ڳالھه ڪندي، انھن جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ
جدوجھد ڪئي آھي ۽ اڳتي به جاکوڙي پيو، ڪجھه وقت
ٻارن جي نج ادبي تنطيم
’ٻالڪ
ادبي فورم‘
جو مرڪزي صدر به رهيو آهي، جيڪو لطيف سائين جي
سھڻي وطن جي معمارن، علمي ۽ ادبي اتساھه پورا ڪرڻ
لاءِ، تعليمي سيمينار ۽ ٻالڪ مشاعرا سنڌ جي
جھرجھنگ، واھڻ وستين ۾ ڪوٺائي رھيو آھي. اسان جو
سادڙو ۽ دل جو صاف دوست سنڌي ٻاراڻي ادب جي خدمت
ڪندي، ڪڏھن به ٿڪيو ناهي. اهو هر وقت ادبي دوستن
کي هر موڙ تي عزتون ۽ مانُ ڏيندو رهي ٿو. ان ۾
انسانيت ۽ همدرديءَ جا سچا گڻ نظر اچن ٿا ۽ انھيءَ
جي چپن تي ھر وقت مُرڪ رھي ٿي. اھو ڪڏھن به دوستن
۽ شاگردن سان ناراض نه ٿيندو آهي، ان ۾ هڪ بھترين
اُستادي جا سمورا رنگ ۽ ڍنگ شامل آھن. غازي سنڌي
ٻاراڻي ادب جو ھڪ اھم ڪردار آھي. ھن کي وطن جي
ماڻھن سان تمام گھڻي اُڪير آھي، جيڪو ديس لاءِ ھڪ
ھنڌ لکي ٿو، ته
تنھنجي جوڌن ۽ جرنيلن تان
تنھنجي وڻندڙ سندر شھرن تان
تنھنجي باغ باغيچن ٻيلن تان
تنھنجي درياھن ۽ بحرن تان
ھي پنھنجو آ ايمان وطن.
تو ۾ شام به فرحت ڏيندي آ
تو ۾ مند بسنت جي ايندي آ
رس ماڪ گلن ۾ ڀريندي آ
صدقي ٿا ڪيون جند جان وطن
هي پنھنجو آ ايمان وطن
تو ۾ وھندڙ ڍنڍون ڍورن تان
تو ۾ رھندڙ ڪارن ڪوجھن تان
تو ۾ نچندڙ سھڻن مورن تان
سر گھوريندڙ شھزورن تان
صدقي ٿا ڪيون جند جان وطن
ھي پنھنجو آ ايمان وطن.
غلام محمد غازي سنڌي ادب ۽ ٻاراڻين تنظيمن جو غازي
۽ مجاھد آھي، جيڪو اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به جابر ۽
ظالم اڳيان نه جھڪيو آھي ۽ نه وري وڪيو آهي!
شڪارپور ضلعي جي ننڍڙي شھر عبدو جو ديس پرست ساٿي
غلام محمد غازي ھن وقت به ساڳي جوش ۽ جذبي سان لکي
۽ پڙهي رهيو آهي. هو دوستي جي ناتي کي برقرار
رکندي، دوستن جي سڏ ۾ سڏ ڏيندي، ڪڏهن ماٿيلو مومل
جي ماڙي ته ڪڏهن رستم شھر، ته ڪڏهن حيدرآباد، ته
ڪڏهن لاڙڪاڻي ته ڪڏهن خيرپور ميرس، ته ڪڏهن دادو
ته ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ادبي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ نظر
ايندو آهي. اسان غلام محمد غازي سان ڪيتريون به
مذاقون ڪندا آهيون، پر اهو ناراض ٿيڻ بجاءِ کلندي
کلندي جان ڇڏائي ويندو آهي. ان جي سڄي زندگي مرڪن،
ٽھڪن، خوشين ۽ ڀلائين سان ڀري پئي آھي. آءٌ غلام
محمد غازي کي
72
ھين سالگرھه جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي اها اميد
ٿو ڪيان، ته سنڌ جي ٻاراڻي ادب جو مزاحمتي ۽
البيلو شاعر غلام محمد غازي پھرين جيان ديس جي
سادڙن، اٻوجھن ۽ مظلوم ٻارن لاءِ ساڳي ولولي ۽
جذبي سان لکندو رهندو. انھيءَ سان مون سميت سنڌ جي
ٻالڪن جو دعائون گڏ آھن. آخر ۾ آءٌ ھن مضمون جي
پڄاڻي سنڌ جي عوامي شاعر اُستاد بخاري جي ھنن سٽن
سان ڪيان ٿو،
لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي
لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي
ڏکي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ
رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي.
*** |