سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل اپريل  2026ع

باب:

صفحو:5 

ڪرن گُل ويسر(ڪلاس ستون)

ٺري ميرواهه

پيءُ جو پيار

پيءُ ربّ تعاليٰ جو اهو عظيم ترين انعام آهي، جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ سدائين لاءِ سهارو ۽  همدرد هوندو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي بابا جي بي انتها عزت ۽ سدائين احترام ڪريون ۽ ڪڏهن به کيس ناراض نه ڪريون. منهنجو بابا حضور بخش ويسر به هڪ اهڙو انمول پيءُ هيو، جيڪو مون کي بي حد ڀائيندو ۽ تمام گهڻو خيال رکندو هيو. جڏهن مان ننڍڙي هيس تڏهن منهنجي پڇڻ تي منهنجو بابو مون کي چوندو هيو ته: تون ته منهنجي تمام پياري ۽ ڏاهي ڌيءُ آهين بلڪ چنڊ آهين، تڏهن منهنجو چوڻ ته چنڊ ته آسمان تي هوندو آهي ته ابو چوندو هيو آسمان وارو چنڊ سڄي دنيا لاءِ آهي پر منهنجو چنڊ تون ئي آهين.

ان وقت  مان سوچيندي هيس ته ابو ڄڻ ائين مون کي خوش ڪرڻ لاءِ چوندو هجي، پر جڏهن منهنجو بابا هن دنيا مان  وڇڙي ويو، ته پوءِ ڳالھه سمجھه آئي ته واقعي پيءُ ڪيڏو نه شفيق ۽ ٻاجهارو رشتو ٿئي ٿو. بيشڪ جنهن جي محبت جو ڪو انت ۽ ڪنارو ناهي هوندو. شال رب پاڪ اسان جي مٺڙي بابا سائين جا درجا بلند ڪري.

 (آمين)
 

عمار ناصر/سنڌيڪار: سجاد ڪاتيار ڄام شورو

موبائل جو استعمال

هڪ هفتي کان پوءِ منھنجا، سال جا آخري امتحان شروع ٿيڻ وارا هئا. اسڪول مان اچي جيئن ئي مون امان کي امتحان جو شيڊول ڏيکاريو، ته امان هڪدم چيو، هاڻي امتحان ختم ٿيڻ تائين موبائل کي هٿ به ڪونھي لڳائڻو، اسڪول مان اچڻ شرط ئي موبائل تي گيم ٿا کيڏو. اهو چئي، امان منھنجي هٿ مان موبائل ڦُري ورتو! مون کي ان ڳالھه جو ڏُک به ٿيو ۽ ماني کائڻ بغير ئي سُمھي رهيس. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ امان زوري مون کي اُٿاري ماني کارائي ۽ پوءِ چيو، ته اڃان ٿورو آرام ڪر! پوءِ پڙهائي به ڪرڻي آهي. آءٌ نه چاهيندي به آرامي ٿي پيس. امان جي ڪمري مان وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. ڪجھه گھڙين کان پوءِ، جڏهن امان ڪمري مان هلي وئي، ته مون (ادِي) جو موبائل کڻي پنھنجي پسند جي گيم ان ۾ ڊائونلوڊ (Download) ڪئي. پر جيئن ئي گيم کيڏڻ شروع ڪيم، ته اچانڪ موبائل مان تيز آواز آئي ۽ آءٌ ڇرڪِجي ويس ۽ مون (ادِي) ڏٺو، ته اها به کُلي پئي ۽ چوڻ لڳي، ته منھنجي ڳالھه ٻُڌ، ادا! توهان کي امان امتحان ڏيڻ تائين موبائل استعمال ڪرڻ کان روڪيو آهي. ان جي خبر موبائل کي به پئجي وئي آهي. انھيءَ لاءِ ان پنھنجي آواز سان توکي ڊيڄاريو آهي. آءٌ ان ڊٻي کان ڊڄان ٿو. عمار آڪڙ ۾ اچي چيو ۽ موبائل تي ٻي راند ڊائونلوڊ (Download) ڪرڻ لڳو. ٻن منٽن کان پوءِ وري موبائل مان آواز آئي، توهان ائين نه مڃندؤ، جيستائين توهان کي سزا نه ملندي. منھنجا ٻچڙا! ڇڏيو موبائل کي ۽ پنھنجي امتحان جي تياري ڪريو، نه ته توهان کي گھڻا دڙڪا ملندا. اهو ٻُڌي عمار واقعي به ڊپ ۾ اچي، ڀيڻ سان روئي ڏنو. اهو روئڻ بند ڪريو ۽ پنھنجي پڙهائي تي توجھه ڏيو.

موبائل جو اهو آواز ٻُڌي، عمار امان امان چوندو وڃي، ماڻس وٽ پھتو ۽ وڃي چيو، ته موبائل مون کي دڙڪا ڏنا آهن، آءٌ هاڻي موبائل کي هٿ نه لڳائيندس. پُٽ! توهان کي صحي دڙڪا مليا آهن. هر وقت موبائل کي چمبڙيا پيا هوندا ۽ نه پڙهندا ته ائين ئي ٿيندو. ماءُ چيو. اهو ٻُڌي عمار چيو، امان پر موبائل ته بي جان آهي، اهو ڪيئن ٿو ڊيڄاري سگھي؟ پُٽ! موبائل پوري دنيا ۾ ٿو هلي. تون به هر شيءِ هن ۾ ڏسين ٿو. موبائل به ته ٻارن مان تنگ آيو هوندو. ان لاءِ موبائل توهان کي ڊيڄاريو هوندو، ته متان منھنجي جند ڇڏي. توهان وانگر ان کي به آرام ڪرڻ جي ضرورت آهي.  ان جي به بيٽري ڪمزور ٿي ويندي آهي. اڃان به تون نه مڃين، ته پوءِ اڃان گھڻو توکي ڊيڄاريندو. ماءُ، عمار کي سمجھائيندي چيو. اهو ڪيئن امان؟ عمار پڇيو. اهو ائين جو توهان گيم کيڏندا، ته گيم بند ڪري ڇڏيندو. توهان جيڪي ڪھاڻيون ٻُڌندا آهيو ۽ ڏسندا آهيو، اهي به بند ٿي وينديون.

عمار، ماءُ جي ڳالھه ٻُڌي موبائل الماڙي مان ڪڍي زمين تي اُڇلائي ڇڏيو! انھيءَ وقت موبائل زمين تي ڪِرڻ جو آواز آيو ۽ خاموش ٿي ويو.

ماءُ اهو ڏسي عمار تي ڪاوڙ ڪئي ۽ چيو، ته تو موبائل اُڇلائي ڇڏيو؟ ان توکي دڙڪا ڏنا اها ڳالھه توکي سمجھه ۾ ڪونه آئي. هاڻي امتحانن تائين موبائل کي هٿ نه ھڻجان! نه ته وڌيڪ دڙڪا ملندئي،مون کان به ۽ موبائل کان به!! عمار جو معصوم ذهن ان ڳالھه تي اُلجھيو رهيو، ته موبائل ڪيئن پيو دڙڪا ڏي! اچانڪ ان کي خيال آيو، ته جيئن مس ڪلاس ۾ روبوٽ جي باري ۾ پڙهايو هو ۽ جنھن طرح سان هو اسان جا ڪم ڪري رهيا آهن. موبائل ۾ به هڪ لڪيل روبوٽ آهي. اهو سوچيندي هن موبائل کي چيو، ته هاڻي تون مون کي دڙڪا نه ڏجان. آءٌ تنھنجي ڳالھه مڃيندس ۽ هاڻي اسان جي دوستي پڪي آهي.

***

ناديه درس قاسم آباد حيدرآباد

اُُُستاد ۽ شاگرد

هڪ ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول هوندو هو. ان اسڪول ۾ احمد نالي هڪ اُستاد پڙهائيندو هو. اُستاد ٻارن سان پيار سان ڳالھائيندو هو ۽ هر ڳالھه آرام سان سمجھائيندو هو. پر ڪلاس ۾ ڪجھه ٻار شرارت ڪندا هئا. ڪو ڳالھائيندو هو، ڪو کلندو هو. اُستاد جي ڳالھه تي ڌيان نه ڏيندا هئا، انڪري پڙهائي صحي نموني سان نه ٿيندي هئي. هڪ ڏينھن اُستاد ڪلاس ۾ آيو ۽ هو خاموش ٿي ڪجھه دير بورڊ وٽ بيٺو رهيو ۽ ڪلاس کي پئي ڏٺو. هل!!! ڪيترو گوڙ آهي. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو. هي گوڙ منھنجي ڪلاس جو آهي! پوءِ نرم آواز ۾ چيائين، ٻارؤ! مان توهان جو اُستاد آهيان ۽ توهان جو دوست به آهيان. مان توهان کي سُٺو انسان بڻائڻ ٿو چاهيان.

پيارا ٻارؤ! جيڪو ٻار، اُستاد جي عزت ڪندو، اهو اڳتي وڌندو رهندو. ٻار خاموش ٿي ويا ۽ انھن کي احساس ٿيو ته اسين غلط آهيون ۽ غلط ڪري رهيا آهيون.  انھن ٻارن کي پنھنجي غلطي سمجھه ۾ اچي وئي. هڪ شاگرد اُٿي بيٺو ۽ چيائين، ته سائين احمد اسان کان غلطي ٿي وئي آهي. اسان گوڙ ڪيو، شرارتون پئي ڪيون ۽ توهان جي ڳالھه نه ٻُڌي، توهان کي پريشان ڪيو. پر هاڻي اسان سڀ توهان سان واعدو ٿا ڪريون، ته هاڻي اوهان کي پريشان نه ڪنداسين ۽ ڌيان سان دل لڳائي پڙهنداسين. پوءِ سڀني ٻارن گڏجي چيو، ها! سائين هاڻي اسان توهان جي به عزت ڪنداسين. اُستاد اهو ڏسي خوش ٿيو ۽ ان کان پوءِ ڪلاس بلڪل صاف سُٿرو ٿي ويو. ٻار خاموشي سان ويھي پڙهڻ سان گڏ سوال جواب به پڇڻ لڳا ۽ اُستاد جي هر ڳالھه کي ٻُڌڻ لڳا. اُستاد به خوش ٿي مُسڪرايو ۽ چيائين، ته ٻارو! جيڪو ٻار اُستاد جي عزت ۽ احترام ڪري ٿو، اهو اڳتي هلي ڪاميابي حاصل ڪري ٿو ۽ علم سان ماڻھو ڪامياب بڻجي وڃي ٿو. ٻار خوش ٿي پڙهڻ لڳا ۽ اسڪول پيار جو گھوارو بڻجي ويو.

پيارا ٻارؤ! اسان کي هن ڪھاڻي مان اھا نصيحت ملي ٿي، ته هر اُستاد جي عزت ۽ احترام ڪريون ۽ هن جي ڳالھه کي ڌيان سان ٻُڌون ۽ سُٺا شاگرد بڻجون. تڏهن ئي اسان دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ۽ ڪامراني ماڻي سگھون ٿا، پنھنجي والدين جو نالو به روشن ڪري سگھون ٿا ۽ ملڪ کي ترقي جي راهن تي گامزن ڪري سگھون ٿا.***

سرمد عباسي خانواهڻ                (قسط: سورهين)

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

}ٻاراڻو ناول{

سپيءَ کي صفحي ۾ لھندو ڏسي،آڪاش به مُرڪي پيو. سپيءَ ڏاڍي بھادريءَ ۽ ھمتَ کان ڪم وٺندي، ڏکيائين کي مُنھن ڏنو ھو ۽ ھاڻي ھوءَ پنھنجي گھر پھچي وئي ھئي. ادا جلدي اچو. سپيءَ، دريءَ مان آڪاش کي سڏيندي چيو. آڪاش مُرڪندي ھائوڪار ڪئي ۽ ٽارين کي پڪڙي ڏارَ تي اڳتي ھلڻَ لڳو. دريءَ کي ويجھو پُڄي،آڪاش ھڪ ھٿ وڌائي چوکٽ تي رکي ڇڏيو ۽ مٿي نھاريو. ان وقت ئي گجگوڙ جو ھڪ ڀوائتو آواز آيو ۽ ھن ڀيري اھو آواز ڪَڪرن مان ڪو نه آيو ھو.

***

متارو تيز ڊُڪي رھيو ھو. ھنَ جھنگ ۾ به وڏا وڏا جبل ھئا. کاھيون به ھيون. انھن تي ڊُڪڻ ۽ پار ڪرڻ ھن لاءِ مسئلو ئي نه ھو. سارنگ کي جھٽڻَ لاءِ ھو سدائين جبلن تي چڙھندو لھندو ھو. سو ھتي به چُھنبدار پٿرن تي ڊوڙڻَ ۾ کيس ڪا به ڏکيائي ڪو نه پئي ٿي. سُتت ئي ھو جبل جي انَ ڀاڱي تي پھچي ويو، جتان کان ھيٺ سنڌو ڪالونيءَ جا گھرَ ڏسڻَ ۾ پئي آيا. متارو، چِتائي سنڌو ڪالونيءَ ڏانھن ڏسڻَ لڳو. ھنَ ڊُڪڻ بند ڪري، ھلڻ شروع ڪيو ۽ گھرن ڏانھن نھاريندو رھيو. ڪجھه ئي دير کان پوءِ ھن جي چپن تي مُرڪ اچي وئي. سندس نِھارن جي آڏو سپيءَ جو گھر ھو، ھُو اتي ئي بيھي رھيو. ھاڻي سارنگ کي مون کان ڪير به نه ٿو بچائي سگھي. مان کيس کائي، اڪيلو ئي ٽي ويءَ وسيلي جھنگ ويندس. متاري پنھنجن ڏندن تي ڄِڀَ ڦيريندي چيو ۽ ھلندو جبلَ جي ڪنڌيءَ وٽ بيھي رھيو. متاري پنھنجو پُڇُ اُڀو ڪيو ۽ سندس ڳاڙھيون، ڀوائتيون اکيون، سپيءَ جي گھرَ جي ڇت تي بيھاري ڇڏيائين. انھيءَ مھلَ ئي ڪارن ڪڪرن تي، کنوڻ جي ڊگھي ۽ ڦِڪي لِيڪ ٺھي وئي ۽ گجگوڙ جو آواز به ٿيو. آواز ٿيندي ئي متاري پنھنجو پيٽ پٽَ سان لڳايو ۽ ڇِتِ ڏانھن ٽَپو ڏنو. ھوا ۾ اُڏامندي ھنَ ٻه ٽي بولاٽيون ڏنيون ۽ وڻَ مٿان ٿيندو سِڌو اچي ڇتِ جي پرئين ڀاڱي تي لَٿو.ھن جي لھڻ سان وڏو کڙڪو ٿيو. پر گجگوڙ جي آواز ۾ اھو کڙڪو، ڪنھن کي به ٻُڌڻَ ۾ نه آيو. ٽڪنڊي ڇت تي لھندي ئي متاري کي لوڏو آيو ۽ ھو ھيٺ رِڙھڻَ لڳو. ھنَ تڪڙ ۾ پنھنجا نَنھن ڪڍيا ۽ ڪاٺ جي ڇت ۾ کُپائي ڇڏيا. ائين ڪرڻ سان ھن جو ھيٺ گِسڪڻ بند ٿي ويو ۽ ھُو اُتي ئي پَئي ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻَ لڳو. پوءِ ھو ڇتِ جي مَٿئين پاسي ڏانھن ائين وڌڻ لڳو، جيئن ڪا ٻلي ڇت تي ويٺل ڪبوتر ڏانھن وڌندي آھي. ڇت جي مٿئين ھنڌ وٽ پھچي ھن پنھنجي مُنڍي مٿي ڪئي ۽ وڻَ ڏانھن نھارڻ لڳو. سپيءَ کي دريءَ مان اندر ويندي ڏسي متارو سمجھي ويو ، ته سپيءَ جي ڪڍَ آڪاش به ضرور ھوندو. ٿيو به ائين ئي. سپيءَ جي اندر ويندي ئِي آڪاش به ڏارَ تي ھلندي، دريءَ ڏانھن وڌڻَ لڳو. آڪاش کي ڏسندي ئي متارو ويتر ڪاوڙ ۾ وَٺجي ويو.

تو کي به ڪو نه ڇڏيندس پوليس وارا. ھنَ خارَ وچان دل ۾ چيو ۽ گجگوڙ ڪندي،آڪاش ڏانھن ٽپُ ڏئي ڇڏيائين.

***

گجگوڙ جو آواز متاري جو ھو. متاري کي ڇت تان بُل ڏيندو ڏسي، آڪاش گھڙيءَ کن لاءِ ڊِڄي ويو. ھنَ تڪڙ ۾ پاڻَ کي سنڀاريو ۽ ٻي گھڙي دريءَ ڏانھن ٽپُ ڏنائين. متارو ٽاريون پَٽيندو سِڌو اچي ان ڏار تي ڪريو، جتي گھڙي کن اڳ آڪاش بيٺو ھو. ڏار تي ڪرندي ئي، ٽِڙڪاٽَ جو آواز ٿيو ۽ ڏارُ ٻه اڌ ٿي ويو. متاري کي ٺاھوڪو لوڏو آيو ۽ ھُو ڏارَ سوڌو ھيٺ اچي ڪِريو. ھن کي ڌڪُ ته لڳو، پر سپي ۽ سارنگ جي گھر پھچي وڃڻَ جو سوچي متارو تڪڙ ۾ اُٿي بيھي رھيو ۽ مٿي دريءَ ڏانھن نھارڻَ لڳو. وڻَ تي چڙھي دريءَ تائين پھچڻ ھن لاءِ مسئلو نه ھو. متارو وڻَ ڏانھن وڌيو،ته سندس پٺيان ھڪ آواز آيو. نه ويندين مُوذي. آواز گھٽيءَ جي مُنڍَ کان آيو ھو.

متاري ڪنڌُ ورائي ڏٺو، ته کيس فاريسٽ آفيسر فھيم ڏسڻَ ۾ آيو. فھيم جي ھٿن ۾ بندوق ھئي. فھيم جا پُٽَ. تڪڙ نه ھجي ھا، ته تو کي به کائي ڇڏيان ھا. متاري پنھنجا ڀوائتا ڏندَ ڪِرٽيندي چيو ۽ تڪڙ ۾ وڻَ جي پويان ھليو ويو ۽ ان کان اڳ جو فھيم گولي ھلائي ھا، متارو وڻَ تي چڙھي ويو. وڻَ تي پھچي، دري ٽپڻ ۾ به ھنَ دير ئي نه ڪئي.

***

جڏھن آڪاش، سپي ۽ سارنگ اندر پھتا ته رات جا ساڍا ڏھه پئي ٿيا ۽ بجلي بند ھئي. سپيءَ جي امڙ پنھنجي صفحي ۾ آرامي ھئي. اڍائي ڪلاڪ گذري ويا ادا. شڪر آھي جو امان کي سُجاڳي ناھي ٿي، نه ته ڪيڏي پريشان ٿئي ھا. سپيءَ ٿڪل انداز ۾ چيو. دوا کائڻَ جي ڪري آرام ايندو آھي ۽ ننڊَ وٺي ويندي آھي. آڪاش چيو.

سپي، بجلي ڪيڏي مھل ايندي. سارنگ پڇيو. توھان ٻنھي ڌِيانُ ڏنو آھي الائجي نه. پرَ جڏھن کان آءٌ سنڌو ڪالونيءَ ۾ آيو آھيان، تڏھن کان وٺي اھو ڏسان پيو، ته بجلي اچڻ کان اڳ ۾ سِرِڙِ... سِرِڙِ جو آواز ٿئي ٿو ۽ ھڪدم بجلي اچي وڃي ٿي. آڪاش جي ڳالھه  ٻُڌي سپي ۽ سارنگ ڏانھنس ڏسڻَ لڳا. سارنگَ، تون ٽي ويءَ وٽ بيھي رھه. جيئن ئي مان سِينڍَ (سيٽي) وڄايان، تون اکيون ٻُوٽي ٽي ويءَ ڏانھن ٽَپُ ڏجانءِ. آڪاش سمجھائيندي چيو.

جي جيئرو بچين ته ڏاڪڻ واري پاسي کان آواز آيو. آڪاش ھڪدم ٽارچ اوڏانھن ڪري ڇڏي. ڏاڪڻ تي متارو بيٺو ھو ۽ ٺَٺولَ مان ھنن ڏانھن ڏسي رھيو ھو. ھنَ جون اکيون، واري واري سان ھنن ٽنھي کي تَڪي رھيون ھيون. آڪاش اڳتي وڌي سپي ۽ سارنگ کي پُٺتي ڌِڪي، پاڻ آڏو ٿي بيھي رھيو. متارا، اجھو بجليءَ جَھٽڪو ڏنو. ماٺِ ڪري جھنگ ھليو وڃ. ھتي گندُ ڪرڻَ جي ڪا به گُھرج ڪونھي. مون ڏاڪڻ وارو درُ به جھيڙي کان بچڻَ لاءِ بند ڪو نه ڪيو ھو. آڪاش پنھنجي بندوق، متاري ڏانھن سِڌي ڪندي سخت انداز ۾ چيو.

ضرور ويندس آڪاش. پرَ تو کي ۽ سپيءَ کي کائڻَ کان پوءِ. يڪو ڊُڪيو آھيان. ڏاڍي بُکَ لڳي آھي دوستَ. متاري پنھنجي چپن تي ڄِڀَ ڦيريندي چيو.

(هلندڙ.......)

عبدالسميع ابن الھيار ڄام شورو           (قسط: چوٿين)

 

سڙهه

وَهَه تِکَ، وَھڪُرا، جِت نَنگرَ نه ٿَهرَنِ

وَڏاندَرِيُون وَهَه سامُھيُون جَجهي جورَ جُنبَنِ

نيڍُوءَ ۾ ناتارِيُون وَڻجارا وِجَهنِ

مُلا مُعَلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالَهڙِي.

سندس زال کيس چيو ٿڌو ٿي ٿڌو (عربيءَ ۾) ھي ھڪ مسافر آھي. جنھن جي منزل کانئس ڀلجي وئي آھي. مرد سامان کٽ تي رکندي چوي ٿو، يابني.... اسمي عبدالله. مااسمڪ (اي پٽڙا منھنجو نالو عبدالله آھي، تنھنجو نالو ڇا آھي)؟

پر سنڌيار کيس ڏکاري انداز ۾ چوي ٿو،اسان جو جھاز آفريڪا تائين وڃڻو ھو، پر قزاقن حادثو ڪري وڌو. مون کي ته خبر به ناھي، ته اوھان ڇا چئي رھيا آھيو.

عبدالله: والله... تون ته مالڪ بن نذير جي ملڪ جو لڳين ٿو. مان سنڌ ۾ پورا ڏھه سال ملازمت ڪئي آھي ۽ مالڪ بن نذير جي معرفت مون کي اتي ڏاڍو سٺو ماحول مليو ھو. ھو کجين جو واپاري آھي. سنڌيار خوشيءَ مان ٻھڪي چيو، سچي؟؟ توھان کي سنڌ جي خبر آھي؟ مون کي سنڌ وڃڻو آھي. مان اتان جو ئي آھيان.

عبدالله ٿڌو ساهه ڀري چوي ٿو، آھه ... ھا مون سنڌ جي ڳالھه ڪئي. جتي مون کي وڏا مھمانواز ۽ قدردان ماڻھو مليا. پر منھنجي ايتري ڄاڻ سڃاڻ ناھي جو مان توکي سنڌ موڪلي سگھان.

سنڌيار: اوھان جنھن مالڪ بن نذير جي ڳالھه ڪئي، ان سان ڳالھائي ڏسو من ھو ڪجھه ڪري سگھي. عبدالله: ھا ضرور. پر مالڪ بن نذير ٻئي شھر ۾ رھي ٿو. سندس وڏا سنڌ جا ھئا. پر جڏھن ته مان گذريل ٽن سالن کان ھتي آھيان ۽ کيس ڏٺو به ناھي. ايتري ۾ عبدالله جي زال ڪريمه کاڌو پيتو کڻي آئي. سنڌيار به جڏھن پنھنجي ٻولي ۽ ملڪ جو نالو ٻڌو تڏھن پيٽ ۾ ساھه پيس ۽ کاڌو ڏسي کيس بُک جو احساس ٿيو. ھنن گڏجي ماني کاڌي. وچ ۾ عبدالله سنڌيار کان معلومات وٺندو رھيو. في الحال ته سنڌيار کي سٺا ميزبان ملي ويا. انڪري سندس غم ھلڪو ٿي ويو ۽ ڪجھه ڏينھن رھڻ جي اميد به جُڙي پئي.

ھوڏانھن سيٺ ممتاز جو جھاز نيربان مڪمل طور قزاقن جي ھٿ چڙھي ويو. بدمعاش ۽ لالچي قزاق جتي ويندا ھئا، ته کنڀ نه ڇڏيندا ھئا. جھاز تي قبضي ٿي وڃڻ کان پوءِ جھازي به پاڻ ھاري ويٺا. ڪيترائي ويچارا مارجي ويا ۽ ڪيترائي قيد ٿي ويا. سيٺ ممتاز کي سنڌيار جي ڳڻتي ھئي، ھو جھاز جي ھيٺئين گودام ڏي ويو، ته متان سنڌيار ملي وڃي، ته ھر حال ۾ کيس ساڻ رکان ڇو ته ھو منھنجي دوست قيصر جو اڪيلو پٽ آھي. پر سنڌيار کيس نظر ئي نه آيو. ٿڪجي پگھرجي جڏھن ھو مٿي چڙھڻ لڳو، ته ڳچيءَ ۾ اچي رسو پيس ۽ ھو به ڌاڙيلن جو قيدي بڻجي ويو. سيٺ ممتاز صديق کي رڙ ڪري چيو، ته جھاز جي حڪمران چڪري ھيٺ ھڪ صندوق سڪن سان ڀري پئي آهي سان کڻي فرار ٿي وڃ. پوڙھو صديق ويچارو زخمي حالت ۾ حڪمران چڪري وٽ پھتو، ڇا ڏسي ته ڪٻٽ اڳي ئي کليل آھي ۽ سڪن واري صندوق غائب آھي. ڀلا اھڙي ڦرمار جي حالت ۾ ڇا سلامت رھي سگھندو؟ ھن پوئتي سيٺ ممتاز ڏي نھاري نھڪر جو اشارو ڪيو. جنھن سيٺ جي اميدن ته پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ ھاڻي چپ چاپ قزاقن جي مرضيءَ تي ھلڻ کان سواءِ ٻي ڪا راھه نه رھي. صديق به گرفتار ٿي ويو ۽ قزاقن جو اڳواڻ جھاز جي حڪمران چڪري وٽ بيھي چوڻ لڳو، خبردار! ڪا به هوشياري نه ڏيکارجو! ھي جھاز ۽ جھازي سڀ اسان جي ملڪيت آھن. سامونڊي ڌاڙيلن تباھه حال جھاز ۽ مسافرن کي ڪناري تائين آندو. جھاز ته ھو پنھنجو ڪري چڪا ھئا، پر جھازين جي سر جي ڳڻتي سڀني کي ھئي، ته الائجي ڇا ٿيندو. ايئن بک ۽ اُڃ تي اچي رات ٿي ۽ قيدين کي ٻڌي منڊيءَ تائين آندو ويو. بري حالت ۾ ھرڪو اھو پيو چاھي ته اسان اڳي وڪرو ٿي وڃئون. پر سامونڊي ڦورن وٽ ٻيا به قيدي جام ھئا نيٺ اھو وقت آيو، جو قيدي قطار ۾ بيھاريا ويا ۽ سندن خريدار ملھه لڳائڻ لڳا. ھڪ فارسي ڳالھائيندڙ نوجوان واپاري قيدين جي خريداريءَ لاءِ وڪرو ڪندڙ قزاق سان ڳالھائي رھيو ھو. واپاري: مون کي ڪل سورنھن ماڻھو گھرجن، جيڪي جھاز ھلائڻ ڄاڻندا ھجن.

قزاق: ھي سڀ جھازي آھن، توکي جيڪي کپن پنھنجا چونڊي وٺ. واپاري: ته پوءِ مان پوري قطار جاچيندس، جيڪو سٺو لڳو سو منھنجو. قزاق: ھا جلدي ڪر! ۽ رقم به سٺي لڳندي.

نوجوان واپاري چونڊي چونڊي ماڻھو کڻڻ لڳو. ان ھڪ ٻه عرب ڇوڪرا کنيا ۽ گھڻا تڻا سيٺ ممتاز جي جھازين مان چونڊيائين جن ۾ پوڙھو صديق به شامل ھو. صديق جي ڀرسان ئي سيٺ ممتاز به بيٺل ھو. پر افسوس جو ان نوجوان کيس نه چونڊيو. ڪل سورھن ماڻھو چونڊي ان واپاريءَ قزاق کي چيو،ھي منھنجا ٿيا. قزاق: ٺيڪ آھي، پئسا گھڻا ڏيندين؟ واپاري: ڏھه درھم ھرھڪ جا. قزاق: ڪا ضرورت ناھي ھليو وڃ. واپاري: چڱو يارھن درھم.

قزاق: پندرھن ھڪ ھڪ جا، نه ته ھلندو ٿيءُ.

واپاري:اڃا ھنن کي کارائڻو ۽ پارائڻو به آھي. ھونئن به بُک جي ڪري، ھي تو وٽ مري ويندا. چوين ته ٻارنھن ھرھڪ جا ڏيانءِ؟ قزاق: تون ئي ڌُوڙ پاءِ. پئسا ڏي ۽ پنھنجا ماڻھو وٺي وڃ.

    نوجوان واپاري وري ٻيھر قيدين جي قطار ڏانھن آيو ۽ سيٺ ممتاز جي اڳيان بيھي ڏاڙهيءَ کي ھٿ لائي پڇڻ لڳو، ڇا تون باورچي آھين؟ سيٺ ممتاز کي اھو واپاري ڄاتل سُڃاتل لڳو. پر ھو اوندھه ۾ کيس چٽو سُڃاڻي نه سگھيو، پر ڌاڙيلن کان ڇٽڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو چيائين، جي جي سائين، مان باورچي آھيان ۽ ھڪ سو ماڻھن جي ماني آرام سان تيار ڪري سگھان ٿو.

 (هلندڙ........)

تنھنجي جڳھه تي آءٌ ھجان ھا، ته به سندس ڳالھين ۾ اچي وڃان ھا. ھاٿي جذباتي ٿي ويو، يار تون موٽو ضرور آھين پر تنھنجو عقل موٽو ناھي، ھاٿي پنھنجي ڪنن مان جھلي گينڊي کان معافي ورتي ۽ ٻئي ڀاڪرين پئجي ويا. جھنگ ۾ ھر طرف روشني ٿي وئي ھئي. شينھن پندرهن لک ٽانڊاڻن کي روشني جو ٺيڪو ڏنو ھو. سڀ ٽانڊاڻا ميوزڪ جي ڌُن تي ڊانس ڪندي، گڏ ٻري ۽ وسامي رھيا ھئا. لڊو ۽ ڊڊو ڏاڍا خوش ھئا. جانور خوشي ۾ نه پئي ماپيا. ڇو ته سندن پسند جو کاڌو وافر مقدار ۾ موجود ھو. جانور پنھنجي پنھنجي طريقي سان نچي رھيا ھئا. جانورن جي ٻارن لاءِ الڳ پتلين جو تماشو رچايو ويو ھو. موت جي کوھه تي رڇ موٽر سائيڪل ھلائي رھيو ھو. موٽرسائيڪل ھلائيندي جانورن کان نوٽ به وٺي رھيو ھو. ھر طرف تفريح ھئي. شينھن مائڪ وٽ آيو، شينھن کي تقرير ڪرڻ جو وڏو شوق ھو.

معزز ۽ غير معزز جانورو! مالڪ سائين جا ڪرم آهن، جو آءٌ آنا نه ڏيندو آھيان. شينھن جڏھن به خوش ھوندو ھو، اھو جملو ضرور چوندو ھو. ان جملي تي جانورن جي مُنھن تي مسڪراهٽ اچي وئي. شينھن وڌيڪ چيو، اسان پنھنجن ننڍڙن مھمانن کي ڀليڪار چئون ٿا. مون ڪُتن کي چئي ڇڏيو آهي، ته اڄ کان ڊڊو ۽ لڊو جھنگ جا شھري آھن. انھن کي به اھي حق ڏنا ويندا، جيڪي ٻين جانورن کي حاصل آھن، ھنن جي پڙھائي جي ذميداري اسان تي آھي. سڀاڻي ھنن کي شناختي ڪارڊ به ملي ويندا. ڊڊو لڊو خوش ٿيا. ھن پارٽي ۾ بابا ڪڇون ڪوما کي جھنگ جو مھا ڏاھو جو خطاب ڏنو ويو ۽ ڪوئي کي تمغه شجاعت پارايو ويو. شينھن گجگوڙ ڪئي، ته سڀ جانور ڊڄي ويا. توھان منھنجي تقرير ٻُڌي وقت ڇو ضايع ڪري رھيا آھيو. وڃو وڃي انجواءِ ڪيو. سڀ انجواءِ ڪرڻ لڳا. ھر طرف خوشي جو ماحول ھو. سڀني جانورن بھترين ڪپڙا پاتا ۽ خوشي جي ڳالھه اھا ته شينھن ٻي ڏينھن تي موڪل جو اعلان ڪيو ھو. اڌ رات تائين جشن جاري رھيو. سڀئي جانور خوش ٿي پنھنجن گھرن ڏي روانا ٿي ويا ۽ سڪون جي ننڊ سمھي رھيا. ڊڊو جي صبح جو جڏھن اک کلي ته لڊو بيڊ تي نه ھو. ڊڊو سوچيو ته واش روم ويو ھوندو، پر پوءِ ياد آيس ته لڊو ته اڃا ننڍو آھي ۽ کيس واش روم وٺي وڃڻو پوندو آهي. ڊڊو احتياطن واش روم ۾ ڏٺو پر لڊو اتي نه ھو. کيس خيال آيس، ته لڊو ٻاھر کيڏڻ ويو ھوندو. انڪري ھو ٻاھر ڳولڻ ويو. سڄي جھنگ ۾ ڳوليائين، پر لڊو نه مليو. ڊڊو پريشان گھر موٽي آيو ۽ بابا ڪڇون ڪوما کي جاڳايائين. توھان لڊو کي ڏٺو آهي بابا؟ بابا ڪڇون ڪوما چيو، نه آءٌ ته خواب ۾ ڪجھه ٻيو ڏسي رھيو ھئس. ڊڊو روئڻ لڳو، منھنجو ننڍو ڀاءُ وڃائجي ويو آهي، آءٌ سندس سار سنڀال نه ڪري سگھيس، آءٌ امان کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندس. بابا ڪڇون ڪوما به پريشان ٿي ويو، پر پنھنجي پريشاني کي لڪائي ڊڊو کي حوصلو ڏيڻ لڳو. اڙي ڊڊو انھي ۾ روئڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي، لڊو ڪٿي راند کيڏي رھيو ھوندو. ڊڊو روئيندي چيو، سڄو جھنگ ڏسي آيو آهيان، لڊو ڪٿي به ناھي. بابا ڪڇون ڪوما سوچيندي چيو، ٿي سگھي ٿو، لڊو ندي ۾ وھنجڻ ويو ھجي. ڊڊو چيو، آءٌ اتي به ڏسي آيو آهيان، اتي به ناھي. بابا ڪڇون ڪوما ھيڏانھن ھوڏانھن ھلندو رھيو ۽ ڪجھه سوچيندو رهيو. ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو منتر پڙھي رھيو ھجي ۽ پوءِ ڊڊو کي ھٿ کان وٺي ٻاھر نڪتو. ھن کي جيڪو به جانور واٽ تي پئي مليو، کيس لڊو جو حليو پئي ٻڌايائين ۽ ملڻ تي فورن ٻڌائڻ جو به چيائين پئي. بابا ڪڇون ڪوما شينھن وٽ ويو، شينھن به ٻُڌڻ کانپوءِ پريشان ٿي ويو. شينھن معمولي ڳالھه تي ڪاوڙ ۾ اچي ويندو ھو. ڪاوڙ ۾ چيائين، بابا ڪڇون ڪوما اھو جھنگ جو قانون آهي، ته مھمان کي ڪو به جانور نقصان نٿو پھچائي سگھي. جيڪڏهن ڪنھن ايئن ڪيو آهي، ته ھن پنھنجي موت کي دعوت ڏني آھي. بابا ڪڇون ڪوما چيو، بادشاھ سلامت ائين به ٿي سگھي ٿو، لڊو جھنگ گھمڻ ويو ھجي ۽ رستو ڀلجي ويو ھجي. شينھن چيو، ھا ايئن به ٿي سگھي ٿو، آءٌ ھاڻ ئي ڪُتن کي چوان ٿو، لڊو جي گمشدگي جو اعلان ڪرائن ٿا. جھنگ ۾ اعلان ٿيو. ھڪ ڏيڏر جو پٽ جنھن جو نالو لڊو آھي ۽ جيڪو شاھي مھمان آھي ۽ ھن جھنگ مان بلڪل اڻ واقف آهي، کيس جھنگ جي رستن جي خبر ناھي، گم ٿي ويو آهي. جنھن کي ملي شينھن وٽ پھچائي، کيس انعام ڏنو ويندو. اعلان ختم ٿيو. سڀ جانور لڊو کي ڳولڻ لڳا. شينھن نانگڻ وٽ ويو، جيڪا آنا لاھڻ لاءِ جاءِ ڳولي رھي ھئي. ادي نانگڻ ڳالھه ٻُڌ. نانگڻ شينھن کي ڏسي ڊڄي وئي، جي بادشاھه سلامت. شينھن چيو، تو لڊو کي کائي ته نه ڇڏيو. نانگڻ چيو، بادشاھه سلامت آءٌ ايتري ڪريل ناھيان. شينھن چيو، توکي ته جھنگ جي قانون جي خبر آهي، قانون مطابق مھمان جانور کي کائڻ حرام آھي. نانگڻ چيو، بادشاھه سلامت آءٌ قانون جو احترام ڪندي آھيان. شينھن چيو، تنھنجو پيٽ وڏو آھي، تنھنجي پيٽ ۾ لڊو آھي. نانگڻ چيو، بادشاھه سلامت منھنجي پيٽ ۾ پندرهن آنا آھن ۽ آءٌ آنا لاھڻ لاءِ جاءِ ڳولي رھي آھيان.

شينھن شرمسار ٿيو، ادي نانگڻ معاف ڪجان، مونکان غلطي ٿي وئي، لڊو نظر اچئي، ته ٻڌائجان ضرور. نانگڻ ھا ۾ جواب ڏنو ۽ شينھن اڳتي ھليو ويو. لڊو کي ڳوليندي سڀ جانور ٿڪجي پيا ھئا، پر لڊو نه مليو. سڀ جانور ساھِي پٽڻ لاءِ ھڪ وڻ جي ڇانوَ ھيٺ ويھي رھيا. بابا ڪڇون ڪوما اکيون بند ڪري ھڪ ھنڌ ويھي رھيو. ٻيا جانور سندس چوڌاري ڦري ويا. بابا ڪڇون ڪوما ڊڊو کي چيو، ڊڊو جلدي دوربين کڻي اچ. جانور حيران ٿي ويا، ته بابا ڪڇون ڪوما بند اکين سان ڊڊو کي ڪيئن ڏٺو؟ ڪٿي بابا ڪڇون ڪوما وٽ ٽئين خفيه اک ته ناھي، جيڪا پري تائين ڏسي ٿي. يڪدم ڀولڙي کي سڏيو، اھو ڊگھي وڻ تي چڙھي دوربين سان ڏسندو. ڊڊو چيو، دوربين به غائب آھي بابا ڪڇون ڪوما.

(هلندڙ.....)

ٻاراڻي شاعريءَ جي شروعات پراڻي آھي، انگريز دور کان وٺي ٻاراڻي شاعريءَ پنهنجو هڪ ڊگهو سفر ڪيو آھي، اُن وچ وارن مختلف مرحلن ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي رستا روڪ نه لکڻ ڪري ضرور ٿي، پر پوءِ به ٻاراڻي شاعريءَ پنهنجو سفر جيئن جو تيئن جاري رکيو، تان جو اڄ تائين ٻاراڻي شاعري لکي وڃي ٿي ۽ اڳتي به لکي ويندي. هن وقت ٻاراڻي شاعري جيڪي شاعرَ لکن ٿا، انهن ۾ ڪجهه پراڻا ته ڪجهه نوان شاعر شامل آھن، جيڪي ٻاراڻي ادب ۾ خاص ڪري ٻاراڻي شاعري لکي رهيا آھن.

محمد ياسين ڪنڀر به اُن ئي ڪڙيءَ جو شاعر آھي، جيڪو مسلسل ٻاراڻي شاعريءَ کي وقت ڏئي رهيو آھي، نه صرف وقت پر مطالعي، ٻارن جي مشاهدي ۽ ٻارن سان مخاطب ٿي ڪري انهن تائين، اُنهن جي شاعري پهچائيندو رهي ٿو. محمد ياسين ڪنڀر حمد، نعت کان وٺي ٻين مختلف موضوعن تي ٻاراڻي شاعري ڪئي آهي، موسمن سان گڏ ٻاراڻين شين يا اهڙين شين جو ذڪر هُن ڪيو آھي، جن جو تعلق ٻارڙن جي خيالن سان منسلڪ آهي. جيئن ٻار، حمد نعت پڙهڻ پسند ڪندا آھن، تيئن ئي ٻيا موضوع به پسند ڪري پڙهندا آهن، جن ۾ تعليم، لکڻ، پڙھڻ ۽ ٻين رنگن جو ذڪر ڪيل  هوندو آهي. محمد ياسين ڪنڀر جي لکيل حمد جنهن ۾ هُن جيڪو پيغام ڏنو آهي اُهو ڏاڍو ڀرپور ۽ سهڻو آهي.

حمّد کان اڳ پڙهان ٿو بسم الله،

آ شِفا به مڃان ٿو بسم الله.

خير خوبيءَ سان ڪم ڪرڻ کان اڳ،

مان شروع ۾ ڪيان ٿو بسم الله.

ماني کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ وقت،

اڳ ۾ پڙهندو رهان ٿو بسم الله.

اسان اصل ۾ ٻارن جي هن ئي نموني تربيت ڪري سگھون ٿا، جو هُنن تائين ههڙين نصيحتن ۽ پيغامن واري شاعري پهچايون. هن حمد ۾ محمد ياسين ڪنڀر اُهو پيغام ڏنو آهي، ته ٻارو سڀ کان پهريان ۽ هر ڪم کان پھريان بسم الله الرحمٰن الرحيم پڙھڻ گهرجي جنهن ۾ هڪ وڏي طاقت ۽ برڪت آھي. محمد ياسين ڪنڀر جي شاعريءَ ۾ هڪ خاصيت اُها به آهي ته سندس شاعري پڙھڻ سان گڏ جهونگاري به سگهجي ٿي، ڇو ته شاعري پڙھڻ سان ايتري اثرائتي ناهي ھوندي جيتري جهونگارڻ سان اثرائتي ٿيندي آھي. هاڻي پڙهون ٿا محمد ياسين ڪنڀر جون نعتون جيڪي هُن لکيون آھن.

مُحمّد جي صدقي هوائون گھلن ٿيون،

خدا جون اسان تي عطائون ٿين ٿيون.

نه ليکا ڪري ٿو خدا ڏي ٿو اڻکٽ،

وري معاف ڪن جون سزائون ٿين ٿيون.

يا وري!

شافِع محشر قاسمِ ڪوثر،

عربي انور عربي انور،

پاڪ مطهر اطهر اظهر،

پاڪ محمد هاشمي سيد،

مڪي مدني اُمي سيد،

خالقِ اڪبر جو آ دلبر.

محمد ياسين ڪنڀر وٽ نعت شريف ۾ خيال اظهار ڪرڻ جو انداز تمام خوبصورت ۽ بهترين آھي. جنهن جي ڪري ٿڌيون هوائن گُهلن ٿيون، ۽ جنهن جي ڪري اسان تي خدا جون عطائون ٿين ٿيون، انهيءَ ئي سردار جي شانَ ۾ محمد ياسين ڪنڀر جون خوبصورت نعتون آھن. هنن نعتن مان ٻارڙن کي اُهو سبق ملي ٿو ته اسان جو پيارو نبي ڪيترو نه ٻاجهارو آھي جو سڀ اُن جي ئي طُفيل اسان کي نصيب ٿيو آھي. جنھن ڪري اسان کي پنهنجي پياري نبي جي ڏسيل چڱائي واري واٽ تي ھلي، انسانيت، خدا جي عبادت ۽ ٻين سهڻن اخلاقن جي طرف وڌڻ گهرجي.

ڪينجهر ۾ سنڌي ٻولي منڇر ۾ سنڌي ٻولي،

ٿر بر ۾ سنڌي ٻولي گهر گهر ۾ سنڌي ٻولي.

هر ڳوٺ ۾ شهر ۾ ۽ تر ۾ سنڌي ٻولي،

سنڌوءَ جي سونهن واري منظر ۾ سنڌي ٻولي.

ٺل خيرپور مٺي ۾ سکر ۾ سنڌي ٻولي،

ٿرپارڪر ڪراچي قمبر ۾ سنڌي ٻولي.

سنڌي ٻولي هڪ اهڙي ٻولي آھي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻاراڻي شاعري ٿي آھي، هر شاعرَ سنڌي ٻوليءَ تي لکيو آھي، ۽ خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ تي ٿيندڙ شاعري ٻار به پسند ڪن ٿا، ڇو جو اُها ئي انھن جي مادري ٻولي آھي. هر ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ سان ساھ کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو. محمد ياسين ڪنڀر به اهڙو ئي قومي نظم لکيو آھي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت سندس سُھڻو اظھار ٿيل آھي.

آئي گرمي قھر جي وري دوستو،

باھه ڄڻ آھي، جت ڪٿ ٻري دوستو،

سج شعلا سٽي ٿو گرم با گرم،

جند هرڪا پئي آ ڳري دوستو،

حال هيڻا اونھاري ڪيا ٿي رهي،

مند ٻوسٽ ۽ گُھٽ جي چري دوستو.

اونهاري جي نظم ۾ اونهاري جي گرميءَ جو ذڪر محمد ياسين ڪنڀر سٺي نموني ڪيو آهي. ليڪن هن نظم ۾ اونهاري کان بچڻ لاءِ ڪا تدبير ناهي، ته ڪيئن هن گرميءَ کان بچجي. مُٿو ڍڪي هلجي، پاڻي گهڻو پئجي، يا ٻاهر گهٽ نڪرجي، اُنهن ڳالهن جو به ذڪر هن نظم ۾ ٿئي ها ته اڃان وڌيڪ ٻارڙن جي خيالن سان ملي ها. محمد ياسين ڪنڀر جي ٻاراڻي شاعريءَ جي مطالعي مان اُها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته سندس محنت جستجو ٻارن کي ڪجهه نواڻ واري شاعري ڏيڻ جي لاءِ آھي، هو چاهي ٿو ته مستقبل جا ايندڙ سڀئي ٻار تعليم سان پيار ڪن، ادب، ۽ سهڻن اخلاقن کي اپنائي پنهنجي زندگي سنواري اڳتي وڌن.

پيارا ٻارؤ!اميد ته اوهان کي هن سلسلي جي ٽئين ڪڙي به پسند آئي هوندي! پنهنجي سهڻي راءِ کان ضرور آگاھه ڪندا.

***

محترم سائين اسلام عليڪم: فيبروري جو شمارو گُل ڦُل رسالي جو پنھنجي ننڍڙيءَ جي ٽائيٽل واري تصوير سان موصول ٿيو. ان جي لاءِ اوهان ۽ سموري سٿ جا لک ٿورا. محترم سائين اوهان جي اهڙي شفقت منھنجي قلم کي سگھارو بڻائڻ سان گڏوگڏ مون کي اُتساهه به ڏيندي رهي ٿي. نتيجن مسلسل لکندو ئي رهيو آهيان. گذريل مھيني هڪ رپورٽ به همسفر فري ٽيوشن سينٽر ڏوڪري جي موڪلي هئم، جيڪا اُميد ڪجي ٿي، ته ايندڙ شماري ۾ شايع ڪندا. محترم سائين لکڻين ۽ اوهان جي دريا دلي واري موٽ ايترو لکڻين کي تيزي وٺرائي آهي، جو مواد وڃي ٿو لکبو. هتي 21 فيبروري مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن جي نسبت سان شاعري موڪلي رهيو آهيان، جيڪا نظم واري حصي ۾ لڳائي شرف بخشيندا.

سميع ميراڻي

عبدالسلام اسڪول آف ماڊرن سائنسز ڏوڪري

***

اسلام عليڪم ايڊيٽر گُل ڦُل جيئن ته منھنجون پھرين ٻه ڪھاڻيون ھيون، جيڪي توهان گُل ڦُل رسالي ۾ شايع ڪيون، توهان جي وڏي مھرباني. ھينئر ھڪ ٻاراڻي ڪھاڻي موڪلي رھيو آھيان، مھرباني ڪري شايع ڪندا.

اشرف علي ابڙو (ڳڙهي ياسين)
محترم سائين ايڊيٽر صاحب السلام عليڪم عرض ته ماھوار
گُل ڦُل لاءِ پنھنجا نڪور ٻاراڻا احساس اُماڻي رھيو آھيان اُميد  ته گُل ڦُل ۾ جڳھه ڏئي ھمت افزائي ڪندا، ته توھان جو تھدل شڪرگذار رھندس.

غلام نبي اوٺو (ٿرپارڪر)

***

محترم محمد رفيق جمالي صاحب ايڊيٽر ماهوار گُل ڦُل رسالو ڄامشورو السلام عليڪم! اميد ته اوهان خوش ھوندا، سائين عرض ته تمام گھڻي عرصي کانپوءِ گُل ڦُل رسالي ڏانھن ڪجھه مواد اماڻي رهيو آهيان، اميد ته مانائتي موٽ ڏيندا. مھرباني.

امداد عاجز نصيراڻي

ايڊريس: محلا ڀٽائي ڪالوني نزد منڊو ڦاٽڪ شڪارپور

***

جناب محمد رفيق جمالي صاحب (ايڊيٽر گُل ڦُل رسالو) اسلام عليڪم، اميد ته اوهان ۽ گُل ڦُل جي پوري ٽيم خير و عافيت سان ھوندا. اسان اوھان جي رسالي ۾ پنھنجون ٻه تصويرون شايع ڪرڻ جي گذارش ڪري رھيا آھيون. مھرباني ڪري ايندڙ شماري ۾ اسان جون ٻئي تصويرون گل ڦل ۾ شايع ڪندا جنھن لاءِ اوھان جا بيحد ٿورائتا رهنداسين.

1. مريم راڄپر (ڪراچي ـ سنڌ)

2. عبدالستار راڄپر (ڄامشورو ـ سنڌ)

عبدالسميع الھيار راڄپر

ڳوٺ نھان، محرابپور
 

لطيفي لات جو نتيجو

مارچ 2026ع جي ماهوار شماري ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر ڏهر جي داستان پھرئين جو ويھون نمبر بيت آھي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

الله سائينءَ جي عبادت (ذڪر فڪر جي شغل) ۾ سڄي رات سجاڳ رهڻ وارن کي شاباس آهي. اهو جاڳڻ ئي آهي جيڪو سندن دلين تان ڪٽ کي لاهي صاف ۽ اُجرو ڪري ٿو. اي سھڻا سورھيه جوان، پنھنجي ڌڻيءَ کي صبح جو سوير ئي راضي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪر ۽ ان ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪجانءِ.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*شايان علي علوي: ڪلاس پنجون، مخدوم خليق الزمان پرائمري اسڪول هالا نوان

*فردوس علوي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ گرلس اسڪول هالا نوان.

*قرار حسين: ڪلاس چوٿون، اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان.

*محمد ايان ڀٽي: ڪلاس ٻيو گريٽ پاڪستان چلڊرين اڪيڊمي حيدرآباد.

*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد.

*عدنان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوھڻ.

*احسان جمالي: ڪلاس چوٿون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ پاهڙ خان جمالي.

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو.

*ذوالقرنين حيدر لاکو: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان.

*آسيه غفور چانڊيو: ڪلاس ڏهون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.

*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.

*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع نوشھروفيروز.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
شايان علي علوي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org