سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل اپريل  2026ع

باب:

صفحو:4 

خير محمد لاکو (سڪرنڊ)

گُُل ڦُل

}بهار جهڙو ٻارڙن جو رسالو{

ٻارڙن جو گُل ڦُل رسالو جيڪو 1959ع کان مسلسل شايع ٿي رهيو آهي، گُل ڦُل ٻارڙن لاءِ هميشه  بھار جيان تازگي، خوشبو ۽ رنگ ڀري دنيا کڻي ايندو رهيو آهي. هيءُ صرف هڪ رسالو ناهي، پر سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ هڪ علمي ادبي زرخيز ڌرتيءَ جيان آهي. هيءُ رسالو انتھائي قابل ٽيم جي نگراني هيٺ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران شايع ٿئي ٿو. جنھن ۾ مشھور ۽ معروف ليکڪن، شاعرن ۽ اديبن سان گڏوگڏ  نَوَن ليکڪن، شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ خاص طور تي ٻارڙن پاران لکيل مواد پڻ شامل ٿيندو رهي ٿو. جيڪو ٻارڙن لاءِ اُتساھه جو سبب بڻجي ٿو .

سنڌ جو هي ساراھه جوڳو گُل ڦُل رسالو ٻارن ۾ علم، ادب ۽ تخليق جي شوق پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. هن ٻارن لاءِ شاعري، ڪھاڻيون، لوڪ ادب، مضمون، خط، آرٽ، فن، ڏاهپ، اخلاقي قدرن سان گڏ، مھارتن جي ترقي، صحت جي ڄاڻ، راندين، ڳجھارتن، لطيفي فڪر، روح رهاڻ، نصيحتن، غلط صحيح جي پرک، من مستي مزاق، متاثر ڪندڙ انٽرويوز ۽ تعارفي  سلسلا شامل ڪيا ويا آھن. جيڪي دنيا سان واقفڪاري وڌائن ٿا. ان سان گڏوگڏ، هيءُ رسالو ٻاهرين دنيا جو ادب سنڌي ٻارن تائين پھچائي ٿو. جنھن سان نه رڳو سندن خيالن جي وسعت ٿئي ٿي. پر ساڳئي وقت سندن سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سنڌيت کي به محفوظ ۽ اجاگر ڪري ٿو. گُل ڦُل ۾ معصوم ٻارڙن جا خوبصورت فوٽو ۽ رنگين البمز سان سينگاريل شاھڪار صفحا شامل آهن. جيڪي پڙهندڙن لاءِ هڪ دلڪش ۽ متحرڪ تجربو فراهم ڪن ٿا. جديد دؤر ۾ به هي رسالو سنڌ جي ٻارڙن لاءِ علم، ادب ۽ ثقافت جو روشن چراغ آهي. جيڪو سندن دلين ۾ سنڌيت جو شان بُلند ڪري ٿو. آءٌ پاڻ 1985ع کان گُل ڦُل جو پرجوش پڙهندڙ رهيو آهيان. اڄ مون لاءِ بيحد فخر جي ڳالھه اها آهي، جو مون پنھنجي شاعري هن رسالي کي موڪلي آهي، جيڪا پڻ ڇپجي چڪي آهي.

آءٌ گُل ڦُل جي سڄي ٽيم جو دل جي گھراين سان ٿورائتو آهيان، جن ٻارڙن سميت منھنجي ذهن کي به علم، ادب ۽ تخليق الھام فراهم ڪيو آهي. گُل ڦُل ٻارڙن جي دلين جي سُرهاڻ ۽ ادب، علم، فن ۽ ثقافت جو مورچو آهي. جيڪو نسل در نسل لکندڙ ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾ موجود مطالعاتي شوق ۽ لکيل مواد کي تحفظ بخشي رهيو آھي. آءٌ سنڌ حڪومت جي هن اداري، سنڌي ادبي بورڊ جو شڪر گذار آهيان. جيڪو  مسلسل معلوماتي، ثقافتي، علمي، ادبي، فني ۽  شعوري ماحول ڏيندڙ
گُل ڦُل رسالو شايع ڪري رهيا آهن. دعا آهي، ته هي ڪتابي محبت جو سلسلو مستقبل ۾ پڻ جاري رهي ۽ ٻارن لاءِ علم، ادب ۽ خوشيءَ جو ذريعو بڻجندو رهي.    
 

 

مرزا گُل حسن احسن ڪربلائي

حيدرآباد

خدمت خلق

حضرت مُحمّدُ رسول اللهﷺ جن جي خدا جي حڪمن کي پوري ڪرڻ سان گڏ، خلق خدا جي خدمت ڪرڻ به سندن خاص عادت هوندي هئي، پاڻ تڪليفون سَھندا هئا، پر ٻِين کي آرام پُھچائيندا هئا. پاڻ خود بُکيا رهندا هئا، پر ٻين کي کاڌو کارائيندا هئا.

هڪ ڀيري هڪ شخص اچي مھمان ٿيو. رات جو کائڻ لاءِ گھر ۾ رڳو ٻڪريءَ جو کير هو. جو مھمان کي ڏنائون. پاڻ ساري رات فاقه ۾ گذاريائون.

هڪڙي ڏينھن هڪ عورت هڪ چادر آڻي سندن کي ڏني. جا پاڻ ورتائون کين چادر جي ضرورت به هئي، پر هڪ غريب جو سندن ڪچھريءَ ۾ ويٺو هو. ان چيو ته ڪھڙي نه سُٺي چادر آهي. پاڻ اها چادر لاهي، ان شخص کي ڏني. جڏهن پاڻ هليا ويا، تڏهن ماڻھن ان سان جُٺ ڪئي، ته حضورﷺ جن ڪنھن جو به سوال رد نه ڪندا آهن. ان شخص چيو، ته هي چادر مون برڪت جي لاءِ ورتي آهي. مون کي هن چادر جو ڪفن ڏنو ويندو.

هڪ ڀيري حضرت جن نماز پڙهي ٿي، ته عرب جو هڪ بَدُو سندن چولي جي دامن کي جھلي چيائين، ته منھنجي هڪ معمولي ضرورت رهجي وئي آهي. ڊپُ اٿم ته متان ڀُلجي وڃان، ان کي پورو ڪريو. جنھن تي رسول اڪرم حضرت مُحمّدُﷺ ان سان گڏجي ويو ۽ ان جي ضرورت کي پورو ڪيائون.

حضرت مُحمّدُﷺجن سڀني ماڻھن جي مدد ڪندا هئا، پوءِ ڀلي اهي ڪھڙي به مذهب جا ڇو نه هجن، پاڻ چوندا هئا، ته دنيا ۾ جيڪي به ماڻھو آهن، سي سڀئي ربّ پاڪ جي مخلوق آھي ۽ ربّ تعاليٰ جي اڳيان اهو پيارو آهي، جيڪو ربّ جي مخلوق سان سُٺو سلوڪ ڪري ٿو ۽ اهو ماڻھو چڱو آهي، جنھن مان ٻين ماڻھن کي فائدو رسي ۽ اهو خراب آهي، جنھن مان ٻين ماڻھن کي نقصان رسي ٿو. جيڪڏهن توهين خدا جي مخلوق تي رحم نه ڪندا، ته خدا به توهان تي رحم  نه ڪندو. جنھن جي رحم جا توهين هر وقت محتاج آهيو.

***


 

عيدالفطر مسلمانن لاءِ هڪ وڏي خوشي جو ڏينهن آهي، جيڪو رمضان جي مهيني جي عبادتن ۽ روزن کان پوءِ اچي ٿو. هي ڏينهن نه رڳو عبادت جو انعام آهي، پر گڏجڻ، محبت ۽ ڀائپي جو پيغام به آهي. رمضان ۾ روزا رکڻ سان انسان صبر، قرباني ۽ غريبن تي احساس ڪرڻ سکندو آهي. رمضان المبارڪ مسلمانن لاءِ عبادت، صبر ۽ قربانيءَ جو مھينو آهي. هن مهيني ۾ روزا رکڻ سان انسان کي بُک ۽ اُڃ جو احساس ٿئي ٿو، جنهن سان هو غريبن ۽ ضرورت مندن جي حالت کي سمجهي سگهي ٿو. جڏهن رمضان ختم ٿئي ٿو، ته ربّ تعاليٰ پنهنجي بندن کي عيدالفطر جو تحفو ڏئي ٿو. هي ڏينهن اصل ۾ ان محنت، عبادت ۽ صبر جو انعام آهي. عيد جي ڏينهن اهي سڀ سبق عملي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. ماڻهو هڪ ٻئي کي عيد مبارڪ چون ٿا، نوان ڪپڙا پائين ٿا، ۽ خاص طور تي ٻارن کي خوشيون ڏنيون وڃن ٿيون.

عيد جي ڏينهن صبح سوير هر گهر ۾ هڪ خاص رونق هوندي آهي. ٻار نوان ڪپڙا پائي خوشيءَ سان تيار ٿين ٿا. وڏا ماڻهو غسل ڪري، خوشبو لڳائي، ۽ بهترين لباس پائي مسجدن ڏانهن روانا ٿين ٿا. مسجدن ۾ عيد جي نماز پڙهڻ لاءِ وڏو ميڙ گڏ ٿيندو آهي. نماز کان پوءِ سڀ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي عيد مبارڪ چون ٿا. اهو منظر محبت ۽ ڀائپيءَ جو عظيم مثال هوندو آهي. عيدالفطر جو سڀ کان اهم حصو فطره ڏيڻ آهي، جيڪو هر مسلمان تي واجب آهي. هي عمل ٻارن کي سيکاري ٿو ته خوشي تڏهن مڪمل ٿئي ٿي، جڏهن اها سڀني سان ورهائجي. فطرانو ٻڌائي ٿو ته عيد صرف ذاتي خوشي نه آهي، پر سماجي ذميواري ۽ محبت جو اظهار به آهي.

عيد ٻارن لاءِ سڀ کان وڌيڪ دلچسپ هوندي آهي. کين نوان ڪپڙا، جوتا ۽ عيد جون خرچيون، دوستن سان گڏجي کيڏڻ، مٺايون کائڻ ۽ گهر ۾ خاص کاڌا کائڻ سندن لاءِ عيد کي يادگار بڻائي ڇڏين ٿا.

عيدالفطر جو پيغام:

اهو آهي ته خوشي تڏهن مڪمل ٿئي ٿي، جڏهن اها سڀني سان ورهائجي. محبت، ڀائپي ۽ سخاوت ئي عيد جو اصل روح آهي. عيد جو اصل پيغام گڏجڻ ۽ محبت آهي. ماڻهو هڪ ٻئي سان ملي محبت جو اظهار ڪن ٿا. رشتيدار ۽ پاڙيسري هڪ ٻئي جي گهر وڃن ٿا، گڏجي کاڌا کائن ٿا ۽ خوشيون ورهائن ٿا. هي ڏينهن ٻڌائي ٿو ته سماج ۾ محبت ۽ ڀائپي ئي اصل طاقت آهي.

اخلاقي سبق:

عيدالفطر ٻارن کي سيکاري ٿو ته، خوشي تڏهن مڪمل ٿئي ٿي، جڏهن اها سڀني سان ورهائجي. سخاوت ۽ محبت ئي زندگيءَ جا اصل رنگ آهن. غريبن ۽ ضرورت مندن کي خوشيءَ ۾ شامل ڪرڻ سان سماج ۾ محبت وڌي ٿي.

نتيجو:

عيدالفطر نه رڳو خوشيءَ جو ڏينهن آهي، پر هڪ اخلاقي سبق به آهي. هي ڏينهن ٻارن کي سيکاري ٿو ته محبت، سخاوت ۽ گڏجڻ ئي زندگيءَ جا اصل اصول آهن. جڏهن ٻار ننڍپڻ کان اهي سبق سکندا، ته وڏا ٿي سماج جا بهترين فرد بڻبا.

***


 

سيده معصومه بخاري

عيدالفطر

رمضان جو مھينو ختم ٿيڻ وارو هو ۽ ننڍڙو حمزه ڏاڍو خوش هو. هن سڄو مھينو روزا رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُڃ ۽ بُک هن کي روزو رکڻ نه ڏنو. امڙ حمزه کي چيو، پٽ، تون اڃان ننڍڙو آهين، توتي روزو فرض ناهي، جڏهن تون وڏو ٿي ويندين ته پوءِ رکجين. آخرڪار، عيدالفطر جو چنڊ نظر آيو!. گھر ۾ سڀ خوش هئا. امڙ عيد جي ماني تيار ڪري ڇڏي، بابا مٺايون آنديون، ۽ ڀيڻ مھندي لڳائي رهي هئي. صبح جو سڀني جلدي سڄي تياري ڪري ڇڏي. حمزه نوان ڪپڙا پائي، بابا سان گڏ عيد جي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ويو. مسجد ۾ هر ڪنهن هڪ ٻئي کي عيد مبارڪ ڏني. عيد نماز پڙهڻ بعد مسجد مان ٻاهر اچڻ کان پوءِ بابا حمزه کي خرچي ڏني.

هو خوشيءَ سان پنھنجي دوستن سان گڏ بازار ويو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙي ڪاري گاڏي خريد ڪري، پنھنجي گھر واپس آيو. گھر پھچڻ سان ئي هن ڏٺو ته ڪجھه مھمان آيل هئا. هو خوشيءَ مان انھن سان مليو، مٺايون کاڌيون، ۽ پورو ڏينھن خوشين ۾ گذاريو.

شام جو حمزه پنھنجي امڙ کان پڇيو، امڙ، عيد ڇو ايندي آهي؟ امڙ کيس چُمي ڏئي چيو، عيد انعام آهي انھن سڀني لاءِ، جن رمضان ۾ صبر ڪيو، نيڪيون ڪيون، ۽ ٻارن سان پيار ڪيو.

حمزه خوشيءَ مان دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو، مان به هميشه نيڪ ڪم ڪندس، جيئن هر سال عيد اهڙي ئي مزيدار ٿئي!                                ***


 

مستقيم محمد علي ڪوريجو (ڪراچي)

سنڌي ٻولي

}مادري ٻولي اسان جي{

مادري ٻولي هر انسان جي سڃاڻپ جو بنيادي حصو آهي. اها ٻولي جنهن ۾ ٻار پهريون دفعو ماءُ کي سڏي ٿو، جنهن ۾ لولي ڳائي وڃي ٿي، ۽ جنهن ۾ گهر جا رشتا محبت سان ڳالهائين ٿا، اها ٻولي دل ۽ ذهن سان ڳنڍيل هوندي آهي. اسان جي ٻولي سنڌي آهي، جيڪا نه رڳو ڳالهائڻ جو وسيلو آهي پر اسان جي ثقافت، تاريخ ۽ ورثي جو خزانو به آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ صديون پراڻا قصا، لوڪ گيت، بيت ۽ ڪهاڻيون محفوظ آهن. اهي ٻارن کي خوشي ڏين ٿا ۽ ساڳئي وقت اخلاق، محبت ۽ انسانيت جا سبق سيکارين ٿا. شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جا بيت، سچل سرمست جا ڪلام ۽ لوڪ ڪهاڻيون ٻارن کي نه رڳو علم ڏين ٿيون، پر کين پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ به سيکارين ٿيون.

مادري ٻولين جو ڏينهن، جيڪو هر سال 21 فيبروري تي ملهايو ويندو آهي، اسان کي ياد ڏياري ٿو، ته پنهنجي ٻوليءَ سان محبت ڪرڻ، ان کي سکڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ اسان جي ذميواري آهي. يونيسڪو جي عالمي اداري هن ڏينهن کي ان لاءِ مقرر ڪيو ته دنيا جون سڀ ٻوليون زنده رهن ۽ هر قوم پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي. جڏهن ٻار پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ سکندا آهن، ته انهن جي سوچ وسيع مضبوط ۽ تخليقي ٿيندي آهي، ڇو ته مادري ٻولي ذهن کي قدرتي سهولت سان سمجهڻ ۾ مدد ڪندي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي جديد دور سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ تعليمي وسيلن ۾ استعمال ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ٻار پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ علم حاصل ڪندا، ته هو دنيا سان مقابلو ڪرڻ ۾ پوئتي نه رهندا. رسالا، ڪتاب، ڪارٽون ۽ تعليمي پروگرام سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺاهڻ سان ٻارن ۾ دلچسپي وڌندي ۽ هو پنهنجي ٻوليءَ سان وڌيڪ محبت ڪندا.

اسان جي مادري ٻولي سنڌي، اسان جي سڃاڻپ آهي، ۽ ان کي زنده رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري پڻ آهي. گھر ۾، اسڪول ۾، رسالن ۾ ۽ ڪتابن ۾ ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪرڻ ۽ سيکارڻ ئي اسان جي اصل ڪاميابي آهي. اچو ته هن مادري ٻولين جي ڏينهن تي واعدو ڪريون ته پنهنجي ٻوليءَ کي نه وسارينداسين، ان کي وڌائينداسين ۽ دنيا کي ٻڌائينداسين ته سنڌي ٻولي محبت، علم ۽ انسانيت جو پيغام ڏيندڙ آهي.   

   ***


 

نويد ناز ڀٽي (لاڙڪاڻو)

طاقت جو غرور

ڪنھن زماني جي ڳالھه آهي، ته هڪ بادشاهه جي درٻار ۾ گوشت دانھين ٿيو. گوشت بادشاهه سلامت کي عرض ڪندي چيو، ته بادشاهه سلامت! مون سان انصاف ڪيو وڃي. منھنجي، هر گھر تائين رسائي کي ممڪن بڻايو وڃي. پٽاٽا، ٽماٽا، بصر، ٿوم ۽ ساوا مرچ مون کان ايترا ڀلا آهن ڇا جو هر گھر انھن کي خريد ڪرڻ ۾ دير ئي نٿو ڪري؟

گوشت وڌيڪ فخر ڪندي چيو، ڇا پٽاٽو مون جھڙي غذائي قوت فراهم ڪري سگھي ٿو؟“ ”ڇا ٽماٽي ۾ مون جھڙي لذت آهي؟“ ”ڇا بصر منھنجي سواد کان مٿي آهي؟“ ”ڇا ساوا مرچ ۽ داڻا منھنجي قيمت جي برابر آهن؟

بادشاهه جو فيصلو:

بادشاهه سلامت گوشت جون سڀ ڳالھيون غور سان ٻُڌيون ۽ مُسڪرائيندي وراڻيو، اي گوشت! تنھنجون ڳالھيون بجا آهن، پر ياد رک! پٽاٽو امير توڙي غريب جو پيٽ پالي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو سستو آهي. تنھنجي قيمت ايتري آهي، جو هڪ غريب هاري يا مزدور توکي روز خريد نٿو ڪري سگھي.

بادشاهه وڌيڪ ڳالھائيندي چيو، تون هر ڀاڄيءَ کان اگھه ۾ سرس (مھانگو) آهين. تنھنجي اها ارهائي پٽاٽن، ٽماٽن ۽ بصرن سان نٿي ٺھي. تون واقعي لذيذ آهين، پر طاقت جي غرور ۾ انڌو ٿي ويو آهين! تنھنجي هڪ ڪلو جي رقم ۾ سموري ڏينھن جون ڀاڄيون اچي سگھن ٿيون. پر غريب وٽ توکي خريدڻ لاءِ ايتري آمدني ناهي.

ڪھاڻي جو نتيجو:

بادشاهه سلامت جون اهي حقيقت تي ٻڌل ڳالھيون ٻُڌي درٻار ۾ موجود سڀني ماڻھن تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو. گوشت پنھنجي طاقت ۽ وڏائيءَ واري غرور تي بيحد شرمسار ٿيو ۽ کيس پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو.

سبق:

پيارا ٻارؤ! پنھنجي طاقت يا مرتبي تي ڪڏهن به غرور نه ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته اصل فضيلت ٻين جي ڪم اچڻ ۾ آهي.

***


 

اديبه خان سنڌيڪار: اظھر آزاد مغل

شڪارپور

امير ماڻهو غريب ماڻهو

ھڪ ڀيري جي ڳالھه آھي، ته ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ گھر جي اندر ٻه ڪٽنب رھندا ھئا. انھن ٻنھي ۾ فرق اھو ھو جو، ھڪ گھر جو مالڪ ھو ۽ ٻيو گھر جي مالڪ لاءِ ڪم ڪندو ھو.

احمد، مالڪ ۽ ھن جي گھر واري کي ٻه ننڍا ٻار ھئا. علي انھن جو ڊرائيور ھو، جنھن کي پاڻ، سندس زال ۽ نوجوان پٽ لاءِ نوڪرن جي رھائش وارو مخصوص ڪوارٽر مليل ھو. علي جي گھر واري، ماھا، احمد جي خاندان لاءِ رڌ پچاءَ جو ڪم ڪندي ھئي. ٻئي خاندان گذريل پنجن سالن کان گڏجي رھي رھيا ھئا. جڏھن کان وٺي علي کي ڪم تي رکيو ويو ھو.

سائره ھڪ مغرور ۽ بخيل عورت ھئي. جيڪا رڳو پنھنجي رتبي واري اعليٰ طبقي جي سھيلِين سان، سُٺي سلوڪ سان پيش ايندي ھئي. ھوءَ علي ۽ سندس ڪٽنب کان نفرت ڪندي ھئي. جڏھن احمد نه ھوندو ھو ته سائره، علي جي سڄي گھر سان غلط ورتاءُ ڪندي ھئي ۽ انھن کي دڙڪا ڏيندي ھئي ۽ ڄاڻي واڻي کين پاروٿو کاڌو ڏيندي ھئي.

علي ۽ ماھا، تمام مسڪين ۽ شڪرگذار ھئڻ ڪري، احمد کي ڪڏھن به سائره جي ڪنھن بُري سُلوڪ جي شڪايت نه ڪئي. اُھي اڳ ۾ ئي ڏاڍو خوش ھئا. ڇاڪاڻ جو انھن کي رھڻ لاءِ جاءِ مليل ھئي، جيڪا شڪايت ڪري وڃائڻ نٿي گھري ۽ نه ئي وري هن مسئلي ۾ ڦاسڻ ٿي چاھيو. انھن جي خيال مطابق ته وقت گذرڻ سان معاملا بھتر ٿي ويندا.

پوءِ ھڪ ڏينھن اھڙو به آيو جو سائره سڀ ليڪا لتاڙي وئي، عليءَ کي گھر واري ۽ پٽ سميت گھر ڇڏڻ جو حڪم ڪيو. احمد ان وقت شھر ۾ موجود نه ھو ۽ ھن کي سائره جي حڪم کي مڃڻو پيو. علي جو ڪٽنب هاڻي بنا گھر گھاٽ جي روڊن تي ڌڪا ٿاٻا کائي رھيو ھو! ڪئي ڏينھن گذري ويا ۽ آخرڪار علي کي جميل نالي ھڪ رحمدل ماڻھوءَ جي گھر ۾ نوڪري ملي وئي. ھن کي ان گھر ۾ نوڪرن جي رھائش واسطي مخصوص ڪوارٽر به ملي ويو.

انھن ايمانداري سان ڪم ڪيو، ھر شيءِ جي لاءِ ھميشه انھن جا شڪرگذار رھيا. جيڪا انھن کي پنھنجي نئين مالڪ کان ملي ھئي.

علي جي ڪٽنب جا پندرھن سال سڪون سان گذري ويا ۽ ھاڻي ھن جو پٽ جوان ٿي ويو ھو. ھو نه رڳو اسڪالرشپ جي ذريعي شھر جي سڀ کان سٺي ۽ ھڪ ساک واري اداري مان اعليٰ تعليم پرائي رھيو ھو، پر ساڳي وقت ھو ڪلاس وٺڻ کان پوءِ ڪنھن اداري ۾ پڻ ڪم ڪري رھيو ھو. جوڙو اڃا تائين جميل جي گھر ڪم ڪري رھيو ھو ۽ ھو انھن سان ائين ورتاءُ ڪندو ھو، جيئن پنھنجي گھر ڀاتين سان ڪندو ھو. جميل پنھنجي گھر جي وڏي ڪمري ۾ علي ۽ ھن جي ڪٽنب سان رات جي ماني کائڻ کي يقيني بڻايو. ڄڻڪ اھي ھن جي پنھنجي خاندان جو حصو ھجن.

ھڪ ڏينھن جميل، عليءَ کي ٻُڌايو ھو، ته ھن جي ڪاليج جي ساٿي جو ڪٽنب ڪجھه ڪلاڪن ۾ سندس گھر گُھمڻ لاءِ اچڻ وارو آهي. ھن علي کي مارڪيٽ مان ڪجھه ضروري شيون وٺي اچڻ لاءِ چيو ۽ ھن ماھا کي پڻ رات جو عمدو کاڌو تيار ڪرڻ جي لاءِ چيو. ائين، ھوءَ پنھنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ تڪڙي رڌڻي ڏانھن وئي.

شام جو جڏھن جميل جا مھمان آيا، ته ھن انھن جو آدرڀاءُ ڪيو ۽ ساڻن گڏ مھمانن واري ڪمري ۾ ويٺو. ماھا آئي ۽ انھن مھمانن جي تازن جوسن سان خاطر تواضع ڪئي. پوءِ به، مھمانن انھن ڏانھن تڪيو ئي ڪو نه ۽ ويتر انھن کي پريشان ڪندا رھيا.

رات جي مانيءَ جي موقعي تي کائڻ واري ميز تي مھمانن سان گڏ علي، ماھا ۽ انھن جو پٽ ويٺا. مھمان انھن کي پنھنجي آڏو ويٺل ڏسي اچرج ۾ اچي ويا. جن مھمانن کي جميل دعوت ڏئي گھرايو ھو، سي ڪي ٻيا نه پر اصل ۾ احمد، ان جي گھرواري ۽ سندن ٻار ھئا. احمد ۽ سائره کان سواءِ سڀ کاڌو کائي رھيا ھئا. اھو انڪري ھو، ڇاڪاڻ جو احمد پنھنجي پراڻن خادمن سان ٻيھر گڏجي ويو ھو. جڏھن ته سائره جا ڳل ڳوڙھن سان ڀريل ھئا. ھن جو قصور ھن کي اندر کان کائي رھيو ھو.

ھوءَ جميل جي گھر ۾ سڄو وقت خاموش رھي، جڏھن ته احمد علي سان پرجوش انداز ۾ ڳالھائيندو رھيو. جيئن ئي اھي جميل جو گھر ڇڏڻ وارا ھئا، سائره علي، ماھا ۽ انھن جي پٽ سان پنھنجي رويي تي معذرت ڪئي.

ھن ٻڌايو ته جڏھن کان ھن 15 سال پھريان غريب خاندان کي بغير ڪنھن سبب جي پنھنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيو ھو، تڏھن کان وٺي ھن ڪڏھن به سڪون جو ساھه نه کنيو ھو.

ماھا ۽ علي ھڪ ٻئي کي ڏسي مُرڪيا ۽ ھن کي ٻڌايو، ته انھن گھڻو وقت اڳ ھن کي معاف ڪري ڇڏيو ھو. انھيءَ ڏينھن کان وٺي، احمد جو خاندان ھر ھفتي جميل جي گھر گھمڻ ايندو ھو ۽ علي جي خاندان سان وقت گذاريندو ھو. سائره سڪون محسوس ڪيو. ڇاڪاڻ جو هاڻي ماھا ۽ ھوءَ سٺيون سھيليون بڻجي ويون ھيون. ٻنھي خاندانن وچ ۾ رتبي جي جيڪا رڪاوٽ ڪنھن دؤر ۾ ھئي سا ختم ٿي وئي. ھر شيءِ پنھنجي معمول تي اچي وئي.

}حوالو: ينگ ورلڊ، ڊان{

***


 

امر ادريس درس

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

لالچي گدڙ

ٻه گدڙ پاڻ ۾ سُٺا ۽ گھرا دوست هئا. انھن مان هڪ ننڍو ۽ هڪ وڏو هو. وڏو گدڙ تمام گھڻو لالچي هوندو هو ۽ ننڍو گدڙ ٿورو سادو ۽ سياڻو هوندو هو.

قصو ڪوتاهه! ٿيو ائين جو هڪ ڀيري ننڍڙي گدڙ تمام سُھڻو  ۽ خوبصورت باغ ڏٺو. باغ ڏسڻ کان پوءِ ننڍي گدڙ فيصلو ڪيو، ته اڄ رات ان باغ ۾ وڃجي، جتي قسمين قسمين ميوا ۽ رنگبرنگي گُل بيٺل آهن. هو رات جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو ۽ دل ۾ سوچي رهيو هو، ته ڪڏهن ڏينھن ختم ٿيندو ۽ آءٌ باغ ۾ ويندس. پر اڃان نه ته سج لٿو ۽ نه ئي وري ڪي رات جا آثار ظاهر ٿيا. هن کي ڏاڍي بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي آخر رات ٿي ۽ هن جي اُڻتڻ ختم ٿي. هو رات جو باغ ۾ ويو. ڍوءُ ڪري ميوا کاڌائين ۽ ٻي رات، ٽين رات، هاڻي وڃڻ ته هن جو روز جو معمول بڻجي ويو!

هڪ رات هو پنھنجي دوست وڏي گدڙ کي به باغ ۾ وٺي ويو. ٻنھي کي تمام گھڻو مزو آيو ۽ خوش ٿيا. وڏو گدڙ به روز رات جو هن سان باغ ۾ وڃڻ لڳو. وڏي گدڙ تي ٻگھايون (ٻگھه پکي) تمام گھڻيون آيون. ان ڪري هن هڪ اٽڪل سوچي. هُو هڪ ڏينھن ننڍي گدڙ وٽ آيو ۽ چيائينس، ته تو منھنجو هيترو سارو خيال رکيو آهي. منھنجو به فرض ٿو بڻجي، ته تنھنجي به ڪجھه خدمت ڪريان. ان ڪري تون اڄ تيار ٿي، ته توکي مٺي پاڻيءَ جي ندي ڏيکاريان. اڄ رات جو پاڻ ٻئي ان نديءَ تي هلنداسين.

جڏهن رات ٿي، ته هو ٻئي هڪ نديءَ ڏانھن روانا ٿي ويا. وڏو گدڙ اڳ به ڪيترا ڀيرا ان نديءَ تي اچي چڪو هو. کيس نديءَ جي اونھائي ۽ کڏن، کُٻن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي. هن ننڍڙي گدڙ کي وڏي پاڻيءَ وٽ لھڻ جي صلاح ڏني. ننڍڙو گدڙ ويچارو بي خبر پاڻيءَ ۾ لھندي ئي ٻُڏڻ لڳو. وڏي گدڙ جلدي جلدي ڪري هن کي پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍيو ۽ چالاڪيءَ سان پاڻيءَ ۾ ٽُٻِي ڏنائين، هن جي ٽُٻي ڏيڻ سان سڀ ٻُگھايون ننڍي گدڙ تي اچي پيون. وڏو گدڙ ته وٺي ڀڳو.

هاڻي ته ننڍو گدڙ اچي سورن ۾ پيو سڀ ٻگھايون اچي هن کي تنگ ڪنديون هيون. هن جو چين سُڪون تباهه ٿي ويو. هو ويچارو ڪجھه ڪري به نه ٿي سگھيو. پيو سُور سٽيندو هو ۽ وڏي گدڙ جي چالاڪي تي پيو پڄرندو هو. جتي به هو ويندو هو، ٻگھايون هن سان گڏ هونديون هيون. هن کي نه ته هو آرام نه ئي ڪو کائڻ پيئڻ جو سُک.

وڏي گدڙ جي هڪ بُکايل شينھن سان دشمني هئي. پر شينھن هن جي ان ڪري ويجھو نه ايندو هو، ته متان هي ٻگھايون شينھن تي نه چڙهي وڃن. هڪ ڏينھن اهو ننڍو گدڙ ان نديءَ تي ويو ۽ پاڻيءَ ۾ ڪاٺي کوڙي ڏٺائين، ته پاڻي ننڍو هو. ان پاڻي ۾ هڪ سڪل ڪاٺي اُڇلائي ۽ پوءِ پاڻ پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هنيائين ۽ ٻي پاسي نڪري وٺي ڀڳو. ان طرح هن جي ٻگھاين مان جان ڇُٺي ۽ هن سُک جو ساھه کنيو جو ٻگھاين کيس گھڻو تنگ ڪيو هو. هڪ ڀيري شينھن هرڻ جو شڪار ڪري، آرام ڪرڻ لاءِ هڪ وڻ هيٺان ترسيو ۽ سامھون  وڏو گدڙ اهو لقاءُ ڏسي رهيو هو. هن جيئن ئي ڏٺو ته شينھن هاڻي اکيون پوريون آهن، ته هو آهستي آهستي شڪار طرف وڌڻ لڳو. گدڙ جيئن ئي شڪار جي ويجھو پھتو، ته هن جو پير ڪنھن شيءِ سان ٽڪرائجي ويو ۽ کُڙڪي تي شينھن جي اک کُلي پئي ۽ شينھن ڏسڻ سان ئي کڻي گدڙ کي سوگھو ڪري وڌو. اهڙيءَ طرح هن لالچي گدڙ کي پنھنجي لالچ جي سزا ملي ۽ هڪ طرف دوست سان بي وفائي ڪيائين ۽ ٻي طرف ٿوري گوشت لاءِ پنھنجي جان مان هٿ ڌوتائين.

پيارا ٻارؤ! ان ڪري چوندا آهن، ته گھڻي لالچ ڪرڻ نقصانڪار آهي. هن ڪھاڻيءَ مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته پنھنجي دوستن سان برابري وارو سُلوڪ رکجي.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org