|
ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن جو ڪردار هڪ
مشعل راھ هوندو آهي. جن زماني جي گرم سرد هوائن ۾
به ڀٽائي سرڪار جيان
”تتي
ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي“
تي عمل ڪندي نوان رستا ۽ نيون راهون جوڙي، ٻين
لاءِ منزل تي جلدي پھچڻ آسان ڪيو آهي. سندن شخصيت
نئين نسل لاءِ هڪ ڏيئي وانگر آهي، جنھن مان سوين
ڏيئا ٻاري اونداهي ۾ روشني پکڙجي ٿي. اهڙين انمول
شخصيتن جو پورهيو صرف پنھجي ذات لاءِ نه پر پوري
قوم ۽ وطن جي لاءِ هوندو آهي.
سنڌ جي سدا حيات شاعر ۽ تعليمي ماهر سائين
تنوير عباسيءَ اھڙن ڪردارن لاءِ ئي چوي ٿو:
ڏئي وينداسين، ڪجھه نه کڻي وينداسين.
ٻور آهيون ميوو ڏئي ڇڻي وينداسين.
سو اهي مَھان ماڻھو زندگيءَ ۾ اهڙو لازوال پورهيو
ڪندا آهن، جن جو ڦَل سندن پويان ڪئي نسل کڻندا ۽
اڳتي وڌائيندا رهندا آهن.
ڊاڪٽر غلام مطفيٰ سولنگي صاحب هڪ اهڙي ئي شخصيت
آهي، جنھن جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي روشني
پوري سنڌ سميت ملڪ ۾ پڻ مڃتا ماڻي چڪي آهي.
جيڪو ٻھراڙيءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان تعليم سان لگن،
محنت ۽ ڪتابن سان چاھه رکي هڪ اهڙو مان ۽ مرتبو
ماڻيو آهي، جو اڄ سندس سنڌ ۽ ملڪ جي تعليمي ۽ ادبي
حلقن ۾ هر هنڌ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سڀ کان وڏي
ڳالھه ته ٻارڙا/ شاگرد ۽ وڏا به سنڌي، اردو ۽
انگريزيءَ ۾ ملڪ مان مختلف نڪرندڙ رسالن ۽ ڪتابن ۾
سندس ڄاڻ تي مشتمل ۽ سبق آميز ڪھاڻيون، مضمون ۽
ٻيون مختلف لکڻيون پڙهندا ۽ همت افزائي حاصل ڪندا
رهن ٿا.
مشھور سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان ٻارڙن ۽ وڏن لاءِ
بنيادي ۽ اعليٰ ليول جي گرامر جا ڪيترائي ڪتاب
پوري سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن ۾ شوق ۽ چاھه سان
پڙهيا وڃن ٿا. جن ۾ سنڌيڪا ٽينسز، سنڌيڪا فارمس آف
وربس، سنڌيڪا فريزل وربس، سنڌيڪا اسٽينڊرڊ انگلش
گرامر، سنڌيڪا سائنٽيفڪ ڊڪشنري، سنڌيڪا ماڊل ايسيز
اينڊ ليٽرس، سنڌيڪا اپلائيڊ گرامر ون ٽو اينڊ ٿري،
سنڌيڪا انگلش اسپيڪنگ ڪورس فارٽي فور ڊيز، سنڌيڪا
ايڊوانسڊ ڊڪشنري انگلش ٽو سنڌي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا
جيڪي ڊاڪٽڙ غلام مصطفيٰ جا نطرثآني ٿيل آهن.
ٻارڙن لاءِ ڪھاڻين، مضمونن ۽ ناولن تي مشتمل ڪتاب
عقلمند قاضي، ٽي کارڪون، بابا جي دعا، جھرڪيءَ جو
ٻچڙو، آخري ڪلاس، پروفيسر مٺو، ٻارن سان
ڳالھيون،ننڍڙي سائي ريل، نرالا مضمون، موتين هار،
ڪارڪ ۽ واليا جي عجيب و غريب مھم ۽ ٻيا ڪيترائي
ڪتاب شامل آهن.
وڏي ڳالھه ته پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ
(پي. ايڇ. ڊي.) جي ڊگري ٻارڙن جي هڪ تمام اعليٰ ۽
بھترين رسالي
”گُل
ڦُل“
تي ڪئي اٿائون، جيڪا سندن ٻارڙن ۽ ٻارڙن جي ادب
سان لڳاءَ ۽ محبت جو هڪ وڏو مثال آهي. مختصر ائين
ته ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي جن جي ذات هڪ جامع
اداري جي حيثيت رکي ٿي.
ڪنھن اردو شاعر جون هي سِٽون اهڙن شخصيتن لاءِ دل
جي ترجماني ڪن ٿيون ته:
جن لوگ سے مِل کر زندگی سے عشق ہو جاۓ،
وه آپ نے شاید نہ دیکھے ہو، مگر ایسے بھی ہیں.
***
سُھانه لغاري (ڪلاس
12)
RTC
سينٽر ڄام شورو
(
A.I)
مصنوعي ذهانت ۽ انساني روزگار
هن دؤر کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور چيو وڃي ٿو.
جتي (اي. آءِ.) انساني زندگيءَ جي هر شعبي ۾
تيزيءَ سان داخل ٿي رهي آهي. (اي. آءِ.) اهڙي
ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا مشينن کي انسانن وانگر سوچڻ،
سکڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿي. هن ترقيءَ سان
جتي انساني زندگي آسان ٿي آهي، اُتي روزگار بابت
ڪيترائي سنگين سوال به جنم وٺي رهيا آهن.
مصنوئي ذهانت جو سڀ کان وڏو اثر انساني روزگار تي
پوڻ جو انديشو آهي. اهڙا ڪيترائي ڪم جيڪي اڳ انسان
سرانجام ڏيندا هئا. هاڻي اهي ساڳيا ڪم، مشينون
وڌيڪ تيزي ۽ درستگيءَ سان ڪري رهيون آهن. ڪارخانن،
بئنڪن، اسپتالن ۽ آفيسن ۾ خودڪار نظام (Automation)
سبب مزدورن ۽ ملازمن جي ضرورت گھٽجي رهي آهي.
نتيجي ۾ بي روزگاري جو خطرو وڌي رهيو آهي. خاص طور
تي گھٽ تعليم يافته ماڻھن لاءِ. ٻئي پاسي مصنوعي
ذهانت نون موقعن جا در به کوليا آهن. ڊيٽا سائنس،
روبوٽڪس، سائبر سيڪيورٽي ۽ سافٽويئر ڊولپمينٽ جھڙا
شعبا وڌي رهيا آهن. اهي شعبا اعليٰ مھارت رکندڙ
ماڻھن لاءِ نيون نيون نوڪريون پيدا ڪري رهيا آهن.
مطلب ته مصنوعي ذهانت انساني روزگار لاءِ هڪ
چئلينج به آهي ۽ هڪ موقعو به. صحي پاليسين، جديد
تعليم ۽ مھارتن جي واڌاري سان، اسان هن تبديليءَ
کي پنھنجي فائدي ۾ تبديل ڪري سگھون ٿا. مستقبل
انھن قومن جي ترقيءَ جو ٿيندو، جيڪي ٽيڪنالاجيءَ
سان گڏ هلڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. نه ته ٻيا عام
انسان وڌيڪ متاثر ٿي سگھن ٿا.
***
اياز دانش(بدين)
”غلام
محمد غازي“
سنڌي ٻاراڻي ادب جو سدا ملوڪ شاعر
اپريل مھيني جي نائين تاريخ ھن جي جنم جو ڏينھن
آھي.اول ته اھا پياري امڙ مبارڪن جي مستحق آھي
جيڪڏھن حال حيات آھي، ته سدابھار گل جيئن ٽڙندي
ھجي. جي نه ته سندس روح خوش ھجن. جنھن جي ڪُک مان
ھھڙا محب، ملوڪ، سپوت ۽ ساڃاھه وند پٽ جنم وٺن ٿا.
جيڪي پنھنجي جيجل ماءُ جي ٿَڃَ ملھائين ٿا. پنھنجي
ڌرتي، پنھنجي ٻوليءَ سان بي پناھه پيار ڪن ٿا ۽
تاريخ جن تي ناز ڪري ٿي، ته پياري مھربان امڙ جي
ذڪر کان پوءِ دل جي حضور ۾ مُرڪندي سندس پياري پٽ
شڪارپور کان سکر ۽ سکر کان سڄي سنڌ تائين سڀني جي
سائين ٻاراڻي ادب جي ٻھڳڻي شاعر محترم غلام محمد
غازي صاحب کي سندس ٻاهترهين جنم جون ڪروڙين
مبارڪون. خيرن سان ھو پنھنجي حياتيءَ جون ايڪھتر
بھارون ماڻي چڪو آھي. مون کي ھي حضرت شاعر ھميشه
سچل سرمست جي
”سچو
عشق ٻڍا نه ٿيوي“
جي سرمستي ۽ حفيظ جالندھري جي
”ابھي
تو مين جوان هون“
جي تخيل جيان لڳندو آھي. ڇاڪاڻ ته پنھنجي مزاج ۾
سادو ۽ سچو ھي شخص پنھنجي شاعريءَ ۾ به ھُوبھُو
اھڙو ئي شاندار تخليقڪار سائين غازي صاحب سنڌ جي
ڪُنڊ ڪڙڇ تي ادبي دعوتن ۾ اکيون پير ڪري پھچندو
آھي.
سنڌي ادب ٻولي ۽ خاص طور ٻاراڻي ادب سان کيس بي
پناھه لڳاءُ آھي. آءٌ ته ائين چوندس، ته سنڌي
ٻاراڻي ادب ۾ سندس ساھه آھن. اھا سچ به وڏي اعزاز
جي ڳالھه آھي، ته سندس ٽيھارو کن ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ
۾ پڌرا ٿي چڪا آھن. اڃان به ڪيترو ئي مواد وٽس
موجود آھي. جيڪا نھايت ئي خوش آئينده ڳالھه آھي.
ھونءَ ته سنڌي ٻاراڻي ادب جي کيتر ۾ ڪيترائي
خوبصورت نانءَ اچي وڃن ٿا. پر غلام محمد غازي سڀ
کان وڌيڪ ڀاڳوند ۽ نرالو ان ڪري به لڳي ٿو، جو
سندس شاعري دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي
چڪي آھي. جھڙوڪ اردو، سرائڪي، براھوي ۽ فارسي زبان
۾ ترجمي ھيٺ آھي. جڏھن ته انگريزي ٻوليءَ ۾ سندس
شاعري جو ڪتاب
”Stars of Land“
ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آھي، اسين اُميد ٿا ڪريون،
ته انگريزي وارو ڪتاب غازي صاحب کي عالمي سطح تي
مڃتا ڏياريندو ۽ ھي اسان جي سنڌ ديس جو دلدار
شاعر، اھڙي مڃتا ۽ مقبوليت جو حقدار پڻ آھي. سندس
شاعري ٻارن کي اخلاقي قدرن جي ساڃاھه ڏي ٿي، علم
سان گڏ ھنر سکڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿي، وڏي ڳالھه ته
ھن جي اڪثر شاعري سائنسي ايجادن ۽ زندگيءَ جي
حقيقتن سان ڀرپور آهي. جنھن کي پڙھڻ، سمجھڻ، پرکڻ
۽ پروڙڻ کان پوءِ، يقينن ٻارن ۾ سائنسي ايجادن جو
لاڙو ۽ رجحان وڌندو. جيڪا وقت جي اھم ضرورت آھي ۽
اھڙي قسم جي شاعري درسي ڪتابن طور تعليمي ادارن ۾
ابتدائي ڪلاسز دوران پڙھائڻ سٺو سنئوڻ ثابت
ٿيندو.گڏوگڏ چونڊ شاعري کي موسيقي ۾ ڪمپوز ڪري
ڳارائيجي جيڪا اسڪولن جي اسيمبلين ۾ صبح جي دعا
طور ھلائجي، ته آئون سمجھان ٿو ته ٻارن جي سکيا جي
عمل ۾ دلچسپي وڌندي ۽ شاعر جو پيغام اڃان وڌيڪ
ڦھلجندو.
غازي صاحب جي ڏات جا چونڊ اسم ھتي سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو پاران شايع ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي
ادب جي، شھنشاھه رسالي گُل ڦُل
پڙھندڙن جي مانَ ۾ پيش ڪجن ٿا.
يارب تنھنجو شان نرالو.
شان نرالو مانُ نرالو،
علم عطا ڪر مونکي سائين،
تون مونکي منزل تي رسائين.
علم بنا انسان آ ڪھڙو،
ماکي بن ماناري جھڙو،
ماڻھو ٿي پئو تون انمول،
آ ته ھل ھلون اسڪول.
ٻار بنا گھر دوزخ جھڙو،
ڪيئن وڻي گھر خالي اھڙو،
ٻار اسان جا ٻھڳڻ ٿيندا،
امڙ ابي کي سک پيا ڏيندا.
فون اھو اوزار آ ٻارو،
جنھن کي ڄاڻي ٿو جڳ سارو،
پري پري کان ٿا ڳالھايون،
ھڪ ٻئي کي احوال ٻڌايون.
ڇڪ ڇڪ ڇڪ ڇڪ ريل ڪري ٿي،
ڪيڏي تکي ۽ تيز اچي ٿي،
گاڏا ڄڻ ڪي ڪمرا آ ھن،
ويٺي سارو ٿڪ ٿا لاھين.
محنت جڳ ۾ مانُ وڌائي،
عزت عظمت شانُ وڌائي،
محنت جو ڦل مِٺڙو آ ھي،
محنت ٿي دنيا کي ٺاھي.
ساري قوم سڏي ٿي مونکي،
آ ئيندي جو سرجڻھار،
جڏھن وڌي مان وڏو ٿيندس،
قوم جو کڻندس سِرَ تي بار.
آ ءُ ته ڳولھيون اڄ اسرار،
سائين جوڙيو ھي سنسار،
ماڻھو ماڻھو کي اي
’غازي‘،
انسانيت سان آ ھي پيار.
دعا آھي ته شال سنڌي ٻولي جي ٻاراڻي ادب جو ھي
قلندر شاعرسدا جيئرو ھجي ۽ ٻاراڻي ادب جي سخمت
ڪندو رهي.
(آمين.)
***
چوڙيئي مندر طرف ويندي ڇا ته نظارا هئا. ڪکاوان
گھر، جھوپڙا، مورن جا ٽھوڪا، عورتون چيلھه تي دلا
کنيون کوھه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ ويندڙ. سادگي هر ڪنڊ
۾ سمايل بخمل ۽ ريشم کي هٿ نه لائين، لوئي، کيس ۽
کٿن کي اوڍن ناڻي واريون ۽ سھاڳ عورتون، سوني نٿ،
بولي، ٻانھن ۾ چوڙا جنھن کي واھين چون ۽ سوني
دُهري کي پنھنجي سونھن جو زيور ڪوٺين. مارن جي
اھڙي سادگي ڏسي، لطيف جي سورمي مارئي جي ڳالھه
لطيف جي زباني ياد اچي وئي، ته
پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نه مَٿي ڪَنِّ
جھ لاکَ رَتائُون لوئِيُون، ته سالُنِئان
سُونھَنِّ
اُنَّ ايلاچَنِئُون اَڳرِي، بَخمَلَ بافتَنِّ
سَکَرَ ڀانئِيان سُومِرا! کَٿِي کان کُنھِبَنِّ
جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِّ، سا لاهِيندي لَڄَ مَران.
ھڪ ڪلاڪ جي پنڌ کان پوءِ چوڙيئي مندر پھتاسين. هي
مندر ننگرپارڪر کان چاليھه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي
آهي. دراصل چوڙيو هڪ ڳوٺ آهي ۽ چوڙيو جبل جو نالو
پڻ آهي. ان ڪري ان کي
’چوڙيئي
جو مندر‘
چون ٿا. مندر جو داخلي رستو اوچو آهي ۽ گاڏين کي
وڃڻ جي اجازت نه آهي، ان ڪري اسان گاڏي بيھاري پنڌ
وياسين. هن مندر تي هر سال پنجين کان ستين سيپٽمبر
تي ميلا لڳندا آهن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻھو شريڪ ٿيندا
آهن. هن مندر جي خاص ڳالھه اها آهي، ته هي هڪ سؤ
سال کان به پھريان قائم آهي ۽ هڪ وڏي پٿر تي بيٺل
آهي. پٿر اهڙي طرح رکيل آهي، جو بنا ٽيڪ جي آهي.
مندر ۾ ماتا ديوي ۽ هُنومان جون مورتيون موجود
آهن. مندر ۾ هڪ خاندان، ٻوجا ۽ ديوي جا درشن ڪرڻ
آيو هو، اسان انھن جو احترام ڪري هيٺ ويٺاسين ۽
پرساد کاڌو.
سچ ته سنڌ مذھبن جي ماءُ آهي ۽ مذھب انسانيت جو
درس ڏئي ٿو. آخر ۾ اسان اتان جي پنڊت، جنھن کي
مھاراج به ڪوٺين، کان سڳا ٻڌرايا. هي ڪارونجھر جي
ٽڪرين تي پاڪستان جو آخري ڳوٺ آهي ۽ هتان پاڙيسري
ملڪ هندستان جو بارڊر آساني سان ڏسي سگھجي ٿو. هتي
اسان سان هڪ دلچسپ واقعو پيش آيو، جڏهن اسين
چوڙيئي مندر ۾ داخل ٿياسين، اسان جو ٽائيم اڌ ڪلاڪ
وڌي ويو. يعني هندستان جو ٽائيم. جتان جو ڪارڻ
هندستان جي سرحد ملڻ ۽ اتان جا ڪجھه سگنلز ملڻ
آهن.
مندر سنڀاليندڙ عملي اسان جي خدمت لاءِ چانور تيار
ڪرايا. اسان کائي واپس جيپن ۾ سوار ٿياسين. اسان
جي جيپ واري ٻڌايو، ته
”آءٌ
سڀني ڊرائيورن جو اُستاد آهيان ۽ واقعي هلائڻ مان
لڳي پيو، ته سٺو ڊرائيور آهي. ان ڪري مجال آهي جو
اسان جي جيپ کان ڪوئي اڳتي نڪري. سچ ته اُستاد سان
اُستادي نه ڪرڻ گھرجي.“
جيپ جي ڊرائيور ٻڌايو، ته ٿر کي گھمڻو آهي ته
سانوڻيءَ ۾ گھمجي. سانوڻي هتان جي ماڻھن جي محبوب
موسم آهي. جنھن ۾ ٿر ۽ چوپائي مال جو حُسن جرڪي
پوي ٿو. ھڪ چوڻي به مشھور آهي، نه
”وٺو
ته بَرُ نت ٿَر“
ٿر جي سونھن هوندي ئي وسڪاري سان آھي.
جڏهن ٿر جي ڀٽن ۾ مندائتا مينھن وسي وسڪار ڪندا
آهن، ته ٿر جي دلربا ڌرتيءَ، ڪنھن سھاڳڻ سرتيءَ
جيئان سائي چادر اوڍي، سورنھن سينگار ڪري واديءِ
ڪشمير ۽ ڪوھه مري جون سُڪون لاھڻ لڳندي آهي ۽
ماروئڙن جا مَنَ مَھڪِي پوندا آهن. اھڙي ئي ملھار
مُند ۾ ٻنين مان ليڏاڻ ۽ گُڏَ ڪڍندي جڏهن ھاري
ناري پنھنجي ٻنين ۾ ٻاري ٺاھي ٿري لوڪ گيت
”ھمرچو“
جھونگاريندا آهن ۽ تاڙا تَنوارِيندا آهن مور پکي
پڪاريندا آهن تڏهن سچ پڇو، ته ساري سنڌ پرينءَ جي
پاڇي جيئان محسوس ٿيندي آهي.
بارڊر جي ڀرسان رهندڙ ماڻھو وڏا تيز دماغ هوندا
آهن ۽ سندن پاڪ آرمي تي پڻ وڏو اعتبار هوندو آهي.
دشمن جي حملي کان ڪين ڊڄن، پنھنجا حوصلا ھماليه
جيان بُلند ڪري ۽ سِينو کولي گھمندا آهن. مون
ڊرائيور کان پڇيو، ته
”هتي
سرداري نظام آهي؟“
ان وراڻيو،
”هتي
ڪجھه ڳوٺن ۾ آهي، اتي سردارن کي پٽيل ڪوٺين ۽ اڪثر
علائقن ۾ مسلمان حاوي آهن.“
ان کان پوءِ اسان ڪارونجھر طرف ڪاھه ڪئي. ڪارونجھر
جبل مٺي شھر کان
133
ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هي عظيم جبل
24
ڪلوميٽر اسڪوائر ۾ پکڙيل آهي. اوچائي ۾
350
ميٽر مٿي اوچو ڳاٽ ڪري بيٺو آهي. ڪارونجھر گُھمڻ
ايندڙن کي ائين نظر ايندو ته ڄڻ يورپ پيا گھمن.
ڪارونجھر تي سج اُڀرڻ ان جي سونھن ۾ اضافو ڪري ٿو
۽ لھندڙ سج جو منظر ڄڻ شيخ اياز جا نظم هجن.
}ڪارونجھر جبل جي حوالي سان مقامي ماڻھن جو چوڻ
آهي، ته ھي جبل روزانا سو ڪلو سون جي پيدا ڏئي ٿو
۽ سڄو ڪارونجھر جبل گرينائيٽ سان ڀريو پيو آھي.{
گرينائيٽ، دنيا جو قيمتي، مھانگو ۽ آتشي پٿر (Igneous
rock)
آھي. هي ڪيترو پراڻو آهي، ان جي اڃان صحيح خبر نه
ملي سگھي آهي. جڳ مشھور ليکڪ ۽ جيالاجسٽ
M.H
پنھور، پنھنجي ڪتاب
’ٿر
جي ڪٿا‘
۾ لکيو آهي، ته
350
يا
550
ارب سال اڳ ڌرتيءَ تي هڪ ٻرندڙ جبل ڦاٽو ۽ انھي
مان هڪ جبل سمنڊ جو ساھه کڻي ڌرتيءَ جو سِينو چيري
اُڀريو سو اهو ڪارونجھر ئي آهي.
برطانوي راڄ دوران سڄي دنيا لتاڙي هتي پھچندڙ سياح
ريچرڊ برٽن ڪارونجھر جي سونھن بيان ڪندي لکيو، ته
”مون
فطرت جي حُسن جي ديوي جي ڳولا لاءِ
3600
پرڳڻا ڏٺا، پر مون کي نه ملي. وڏي ڳولا بعد اها
ديوي مونکي ڪارونجھر جي چوٽي تي لطيف جون وايون
ڳائيندي ملي.“
سنڌ جي ڏاهي اديب دانشور سائين عبدالواحد آريسر
صاحب جن هڪ هنڌ لکيو آهي، ته
”مون
سموري ايشيا جي سونھن ڪارونجھر جي چوٽي تي ڏٺي
آهي.“
ڪارونجھر جبل، روپلي ڪولھي جي يادگيري به ڏياري
ٿو. جنھن ڪارونجھر ڪارڻ پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي،
دشمن سان اکيون اکين ۾ ملائي جنگ جوٽي. انگريز
جڏهن روپلي ڪولھي تي ان جي زال جي سامھون تشدد ڪري
رهيا ھئا. ھڪ لمحي لاءِ روپلي ڪنڌ ھيٺ ڪيو، ته ان
جي زال روپلي کي چيو،
”روپلا
ھنن جي اڳيان نه جُھڪ، سڀاڻي ڪارونجھر جون
ڪولھياڻيون مونکي مَھڻا ڏينديون. منھنجي پيٽ ۾ ھڪ
ٻيو روپلو جنم وٺي رھيو آهي.“
ڪارونجھر جي چوٽي تي، روپلو اڄ به ڳاٽ اوچو ڪري
بيٺو آهي.
ڪارونجھر فقط جبل نه آهي، ڪارونجھر تاريخ آهي،
ڪارونجھر صدي آهي، ڪارونجھر هڪ دور آهي، ڪارونجھر
مزاحمت جي تاريخ آهي ۽ ڪارونجھر ئي سنڌ آهي.
ڪارونجھر چڙھندي مان سوچيان پيو، ته ماڻھو اهڙي
ڌرتيءَ سان غداري ڪيئن ٿا ڪن؟ ڪارونجھر جي سونھن
تي سنڌ کي ناز آهي. ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪارونجھر
جا پٿر ساھه کڻندي ۽ احتجاج ڪندي چئي رهيا آهن، ته
”اسان
کي به مُرڪڻ ڏيو، اسان کان جيئڻ جو حق نه کسيو.“
او حڪمرانو! ٿيڻ ته ائين گھرجي سنڌ جي هن حَسين
منظر ڪارونجھر کي قومي ورثو قرار ڏئي، ورلڊ
ھيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪنھن به صورت سنڌ جي قومي
ورثن ڪارونجھر جي ڪٽائي، نيلامي نه ٿيڻ گھرجي.
ڪارونجھر جبل کي هتان جا ماڻھو اسحاق سميجي جي هنن
سٽن جيان سمجھن ٿا.
”پٿر
کي ڪير ٿو پوڄي،
ڪارونجھر ڀڳوان ڙي ڀايا...
پربت ڪڏھن جھڪندا نه آهن،
جھڪندو آهي انسان ڙي ڀايا.
ڪارونجھر ڀڳوان ڙي ڀايا...“
ڪارونجھر کي الوداع چئي، اسان واپس جيپ تان لھي
مٺي طرف روانا ٿياسين. جتي اسان کي رات جي ماني
کائڻي هئي. مٺي وارا چوندا آهن، ته محبت صرف ڄام
شوري جي ورهاست ناهي، محبوب جو شھر مٺي به ٿي سگھي
ٿو. هي اهو شھر آهي، جتي منھنجي محبوب دوست ڪانجي
رام جا نثر پنڌ ڪندا آهن. هي اهو شھر آهي، جتي
حاجي ساند جا نظم جھڙوڪ،
”ھُوءَ
منھنجي گوڏي ننڊ سُتي، تون جھڪين ٿي سانوري، ۽ ڳلن
تي والڙو، چنڊ ڄڻ ڪو عيد جو روز ٿو چميو وڃي!“
رقص ڪن ٿا هي اهو شھر آهي، جتي رجب فقير جا گيت
پڙاڏي جيان گونجن ٿا. هي اهو شھر آهي، جنھن جي روڊ
تي هلندڙ رڪشن ۾ فوزيا به هلندي آهي. مٺي، ضلعي
ٿرپارڪر جو هيڊڪوارٽر آهي. ھتي صفائي جو خاص خيال
رکيو وڃي ٿو.
ھي پاڪستان جو واحد شھر آهي، جتي هندن جي آبادي
مسلمانن کان گھڻي آهي. پر ڪڏهن به مذھب جي نالي تي
ڪوئي فساد نه ڪيو آهي. مسلمان هندن جي تھوارن ۽
هندو مسلمانن جي عيدن کي ڀائرن وانگر گڏجي
ملھائيندا آهن. ھتان جي مذھبي رواداري جا مثال
پوري پاڪستان ۾ ڏنا ويندا آهن. مٺي ۾ اسان گڊي ڀٽ
گھمي. گڊي ڀٽ تان پورو مٺي شھر ديوالي جي ڏيئن
جيان ٻرندڙ نظر ايندو آهي. گڊي ڀٽ گھمي پوءِ مٺي
جي مشھور هوٽل روئل پئلس تي ماني کائي، ٿرپارڪر کي
خداحافظ چئي واپسي ڪئي.
ٿر ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ امرَ روپلي ڪولھي، مسڪين جھان
خان کوسي، ڄام ساقي، راءِ چنڊ راٺوڙ، مائي ڀاڳي،
صادق فقير ۽ شفيع فقير جھڙن ڪردارن کي ڪڏھن به نه
وساريندي. ٻئي ڏينھن صبح جو يارهن وڳي، نچندا
ڪڏندا نوشھروفيروز پھتاسين. سچ ته ٿر فطرت جو کليل
عجائب گھر آهي. ھتي گھمڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آهي. ٿر
کي سمجھڻ لاءِ ڏينھن، هفتا نه پر مھينا کپن. فطرت
جيڪر انسان کي اختيار ڏئي ھا، ته آءٌ ٿر ۾ ئي جنم
وٺڻ پسند ڪيان ھا! ٿر اها ڌرتي آهي، جنھن جا خواب
سائين جي. ايم. سيد ۽ لطيف سرڪار ڏٺا هئا. ٿر وارن
لاءِ لطيف جي هنن سٽن جيان دنيا آهي، ته
سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
منھنجي حساب سان سفر ڪرڻ جا ٽي فائدا آهن، ھڪ ته
تفريح جيڪا عام ڳالھه آهي. ٻيو ته ماڻھو سکي ۽
پرکي ٿو، ٽيون ته دوستي ۽ دوستن جي رويي جي خبر
پوندي آهي. جيئن مشھور ڳالھه آهي، ته دوستي جي خبر
ريل ۽ جيل ۾ پوندي آهي. هي سفر منھنجي زندگيءَ جي
يادگار سفرن منجھان هڪ آهي. ڪافي ڪجھه ڏٺو، سِکيو،
پَرکيو، ۽ دوستن سان قيمتي ۽ انمول لمحا ڪئميرا جي
اک ۾ قيد ڪيا. هونئن به چوندا آهن، ته گھڻي کاڌي
کان گھڻو ڏٺو چڱو. هي سفر ٻن ڏينھن جو هو، پر دل
هن مھل، ڪارونجھر جي چوٽيءَ تي بيھي سنڌ ۽ گڊي ڀٽ
تي بيھي مٺي شھر جا ديدار پئي ٿي ڪري. |