سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مئي 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

 

[03]

اَکَڙِيُون پِريَنِ ري جي ڪِين ٻِئو پَسَنِ

ته ڪَڍي کي ڪانگنِ، نِوالا نيڻَ ڏِيان.

سمجھاڻي: جيڪڏهن منھنجيون اکيون پنھنجي محبوب کان سواءِ ڪنھن ٻئي کي ڏسڻ جي گستاخي ڪن ته جيڪر انھن کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري (گرهه ٺاهي) ڪانگن کي کائڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان.

[04]

نيرانا ئِي نيڻَ، نيئي آڇِ پِريَنِ کي

سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھُ ڏِٺو مُنھُ مَحبوب جو.

سمجھاڻي: نيرن ڪرڻ کان اڳ (صبح جي ماني کان پھرين) تون پنھنجا نيڻ محبوب کي کڻي وڃي پيش ڪر. (هن جي ديدار جو انتظار ڪر.) جيڪڏهن انھن کي محبوب جو منھن ڏسڻ نصيب ٿيو ته سمجهه ته ستر کاڌا کائي ڇڏيائون. (محبوب جي ديدار کان وڌيڪ سڪون ڏيندڙ ٻي ڪا شيءِ ناهي.)

[05]

تَنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ، جَنِ ساجهُرِ سيڻَ سانڀيٽِئا

جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حَضُورِي حَجُ ڪِئو.

سمجھاڻي: انھن اکين وڏي نيرن ڪئي جن فجر مھل سوير وڃي محبوب جي آمھون سامھون ديدار ڪيو. بلڪ انھيءَ سان ڄڻ مون پنھنجي دل، جسم ۽ روح سوڌو سندن حضور ۾ وڃي حج ڪيو. (اها منھنجي لاءِ حج کان وڏي سعادت آهي.)

[06]

اَکِيُون عَلي الصُباح، دوستُ ديکَڻَ آئِيُون

اُڀيندِيُون اَرداسَ ۾، ٻِي نه ڪَنديون ڪاء

رَچَندِيُون ري پاهَ، پَرچَنديون پِريَنِ سِين.

سمجھاڻي: اکيون سويل صبح ٿيڻ شرط ئي محبوب جي ديدار ڪرڻ لاءِ اچي حاضر ٿيون آهن ۽ عرضداشت کڻي وڏي ادب سان بيٺيون آهن. کين ٻيو ڪوبه غرض يا لالچ ناهي. اهي ڪنھن (ظاهري) رنگ لڳڻ کان سواءِ رنگجي وينديون ۽ محبوب جو ديدار ڪري خوش ٿينديون، (محبوب مٿن راضي ٿيندو.)

[07]

ڪِين جو ڪيڏاهِين، اَکيون پَسِي آئِيُون

تاڻِينِ تيڏاهِينِ، پييُون پاڻَ مُنهائِيون.

سمجھاڻي: \اکيون الائجي ڪھڙي طرف ڇا ڏسي آيون آهن(محبوب) جو ان کان پوءِ پنھنجي منھنپاڻمرادو اوڏانھن هر هر ڇڪجي پيون وڃن، (محبوب جي ڪشش کين هر وقت پاڻ ڏانھن ڇڪيو بيٺي آهي.)

شاهه جو رسالو

]سُر آسا داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ:  سنڌي ادبي بورڊ[

امداد عاجز نصيراڻي/ شڪارپور

حمّد باري تعاليٰ

رحمان آ بلاشڪ قادر ڪريم آھي،

عالمَ سَندو هُو بيشڪ اَعليٰ عليم آهي.

 

سارو نظام سائين پَروَرُ پيو هلائي،

روزي به ٿو رسائي رازق رحيم آھي.

 

ڀريل سدا خزانا خالي ٿين نه جنهن جا،

ڏاتار آ ھو ڏيندڙ حاڪم حڪيم آھي.

 

احسان ڪيترائي مالڪ ڪيا اسان تي،

ڪيڏو ته مهربان هو خالق عظيم آھي.

 

عظمت بيان ڪهڙيعاجز ڪيان خدا جي،

بخشيندو ڏوھَه سارا هادي حليم آھي.

***


 

ساحر سليم الله اوڳاهي ڪنڌڪوٽ/ڪشمور

نعت

ڪڏهن ٿيندي قسمت وڃان مان مديني،

اکين ساڻ روضو چُميان مان مديني.

 

جتي پاڪ قدم پرين پنھنجا رکيا،

آهي آس گھٽيون گُھمان مان مديني.

 

اچي خواب اهڙو جو ديدار ٿي پئي،

اڱڻ روضي جي ۾ سُمھان مان مديني.

 

جنت جون جٿي گُھلن ٿيون هوائون،

اُهي پاڪ منظر ڏسان مان مديني.

 

جڏهن وقت منھنجو پورو ٿئي مالڪ،

ٿئي ڪرم اهڙو هجان مان مديني.

 

وڃان جي اوڳاھي وري نه وران مان،

سليم دعائون گُھران مان مديني.

***

محمد ياسين ڪنڀرسلطانپور/پنوعاقل

عيد

مُرڪ جي آ مھل عيد آهي،

نيڪين جو بدل عيد آهي.

 

جن جا آهن ابو امان زندهه،

تن جي گھر ۾ اصل عيد آهي.

 

ذڪر اذڪار سھڻي تلاوت،

سڀني روزن جو ڦل عيد آهي.

 

خير سان ملڪ ساري ۾ يارو،

پڪو انَ جو فصل عيد آهي.

 

هر مسلمان جي صحن تي اڄ،

ٽڙيا نرگس ڪنول عيد آهي.

 

هر عبادت جي ماڻي حلاوت،

منھنجي لُڙڪن جو حل عيد آهي.

 

ڪچو گھر ئي صحيح پر آ پنھنجو،

ڄڻ سُکن جو محل عيد آهي.

 

اِنَّ مَعَ العُسْرِ يُسْرَا پڙهي ڏس،

ايندو خير ۽ فضل عيد آهي.

 

يار ياسين ڪر زندگيءَ ۾،

نيڪ هرڪو عمل عيد آهي.

***


 

اُستاد گُل دايو/لاڙڪاڻو

مزدور جو ٻار

پيٽ بُکيو ۽ اَڻڀا وار،

مان آھيان مزدور جو ٻار.

 

ڇڳل کٽ تي روز سُمھان ٿو،

پَٽڙي ڀَتَ تي گذر ڪيان ٿو.

 

مسواڙي آ گھرڙو منھنجو،

ابي امان جي خدمت ڪيان ٿو.

 

گھر ۾ ڪا به سھولت ڪانھي،

گرمي سرديءَ ۾ ڦَٿڪان ٿو.

 

گھر وارن جو خواب مان آھيان،

خوب لکان ٿو خوب پڙھان ٿو.

 

پڙھڻ کان شام جو واندو ٿي،

مان ٽافيون ۽ ڇولا وڪڻان ٿو.

 

گُل اُستاد ٻُڌايو آھي،

محنت نيٺ ته رنگ لائيندي.

 

نيٺ ته ٿيندا ٻيڙا پار،

مان آھيان مزدور جو ٻار.


 

ارباب علي عادل چوهاڻ /شڪارپور

ٻار

ٻار اکين جا ٺار اٿئي،

سُھڻا ھِنئين جا ھار اٿئي.

 

سارا گلڙن وانگر سندر،

سنڌ ڌرتيءَ جا ٻار اٿئي.

 

مڪتب مندر ۽ اسڪول،

ھر گھر جا سينگار اٿئي.

 

ھر پل خوش ٻالڪ سارا،

جڳ ۾ باغ بھار اٿئي.

 

ھر ماڻھوءَ جي دل جا داڻا،

مَنَ جا پڻ منٺار اٿئي.

 

مِٽ مائٽ ڀاءُ ۽ ڀيڻ،

ماءُ پيءُ جا آڌار اٿئي.

 

ٻالڪ سارا عادل پارا،

دنيا لئه ھٻڪار اٿئي.

***

 

ياسر قاضي/ڪراچي

مڇيءَ سان ڪچهري

مَڇڙِي ڙي مَڇڙِي....!!

مِٺو تنھنجو پاڻي...

ڄارڙو وڇائي،

ويٺي ٿئي مُھاڻي.

 

مَڇڙِي ڙي مَڇڙِي....!!

جيئي تنھِنجي ناني

ڪنڊا تنھِنجا ڪرڙا

ڀلِي تنھِنجي آنِي.

 

مَڇڙِي ڙي مَڇڙِي....!!

ڇلَرَ  ۾ ڇوڏو

ٽنگون تنھنجيون ڪاٿي؟

ڪاٿي تنھنجو گوڏو؟

 

مَڇڙِي ڙي مَڇڙِي....!!

جلَ جي تون راڻي

سنڌوءَ سان تنھنجي،

پريت پُراڻي.

 

مَڇڙِي ڙي مَڇڙِي....!!

نديءَ ڄائي

ٻاهر جو ٿئي، تو،

خبر نه ڪائي.

***


 

غلام محمد غازي/شڪارپور

سوات

سھڻي سوات جي آهي وادي،

هن جهڙي ٻي ناهي وادي.

 

ڏور کان ماڻھو ڏسڻ اچن ٿا،

سير سوات جو شوق سان ڪن ٿا.

 

وڻ ٽڻ جبل پھاڙ سوات جا،

ساوا، اڇا ويس ڍڪن ٿا.

 

ڇا ته حُسن آ هن واديءَ جو،

هر پاسي آهي وکريو پيو.

 

جنت جهڙا سوات جا منظر،

آءُ ڏيکاريان توکي دلبر.

 

صاف هوا ۽ پاڻي سوات جو،

صحت اسان کي بخشي ٿو پيو.

 

مينگورا کي ڀي ڏسنداسون،

شعر ان تي ڀي لکنداسون.

 

بحرين ۽ مالا جبا ٻارو،

سيد شريف به گُهمجو سارو.

 

بحرين ۾ ٻارو ٻن دريائن جو،

وھڻ جو دلڪش منظر ڏسجو.

 

گُل ڦُل ۽ باغات سوات جا،

ماڻھو کائن تازا ميوا.

 

معراج اچي مالم ۾ ملندو،

هو به اسان سان منظر ڏسندو.

 

بادل برسڻ ايندا آهن،

ڪارا ڀورا ٿيندا آهن.

 

سُھڻا سوات جا فوٽو ڪڍجو،

قراقرم کي ڀي اُت ڏسجو.

 

چيئر لفٽ تي گڏجي ويھجو،

هيٺ مٿي سڀ منظر ڏسجو.

 

هر پاسي کان خوشبو ايندي،

مَنَ کي سوات ۾ فرحت ڏيندي.

 

آبشار ۽ چشما سارا،

پاڻيءَ جا ڏسبا منظر پيارا.

 

مغلستان ۾ مسجد ڏسبي،

ڪاٺيءَ سان آ ٺاهيل سُھڻي.

 

رنگ سوات جا مصور چٽيا،

هوش عقل سڀ دنگ رھجي ويا!

 

ساري حقيقت ڪئي آ غازي،

هاڻ ته ٿيندءِ دلڙي راضي.

***


 

اويس ساگر/سکر

عيد

چنڊ نڪتو ته عيدَ آئي،

خوشين جي سوغات کڻي آئي.

 

تون جي گڏ ھجين ته ايئنءَ ڀانيان،

ھر خوشي مون وٽ ھلي آئي.

 

عيدَ جو ڏينھن آهي،

محبت جو نينھن آهي.

 

ھر چھري تي مُرڪَ آهي،

ھر چھرو حَسِين آهي.

***

سنڌي ٻولي

سنڌي ٻولي پياري ٻولي،

جڳَ سڄي ۾ ڀلاري ٻولي.

 

ٿرَ، ڪاڇي ۽ لاڙَ ۾ ڀي!

ساڳي آهي سٻاجھي ٻولي.

 

سامِي سچلَ ۽ ڀٽائيءَ جي،

سڀَ جي آھي شاھي ٻولي.

 

ساگر کي آ پيارُ تنهن سان،

پنھنجي آھي نشاني ٻولي.

***


 

شفيق عاصم منگي/شڪارپور

ڪاوڙ

ڪاوڙ جذبو ماري ٿي،

ماس هڏن جو ڳاري ٿي.

 

هوش عقل تي حاوي ٿي،

پنھنجا پير پٿاري ٿي.

 

سيرت اڱڻ تي ساڃھه ساري،

غفلت ۾ ڄڻ هاري ٿي.

ڪاوڙ حرام ڏَسِيو ڏاهن،

راهه غلط ڏيکاري ٿي.

 

ڪاوڙ کان پاسيري جا،

سا دل محبت ڌاري ٿي.

 

اُوچ نيچ جا فرق وجھي،

نفرت آڳ به ٻاري ٿي.

 

دانائي جي ورقن جا،

اکر به سڀ ميساري ٿي.

 

سُک سانت جي اڱڻ تي،

ساعت عاصم گھاري ٿي.

***


 

نويد ناز ڀٽي/لاڙڪاڻو

قلفيءَ وارو

قلفيءَ وارو آيو، ٻارو قلفيءَ وارو آيو،

مائَي مَکڻ جھڙي قلفي، هوڪو پيارو آيو.

 

ديدو، دينو، دودي ورتي کاڌي هِنيانءُ ٺريو،

سانوڻ سان گڏ مُرڪي مُرڪي آ سُونھارو آيو،

قلفيءَ وارو آيو، ٻارو قلفيءَ وارو آيو.

 

مون ته ڏٺو پئي ڳوٺ سڄي کي، سورج ساڙي پيو،

هيل اسان ڏي تَپندڙ، رجھندڙ آ اونھارو آيو،

قلفيءَ وارو آيو، ٻارو قلفيءَ وارو آيو.

 

کائو کائو جنھن ۾ واقعي پستا شامل آهن،

بادامين جو ٻُورو جنھن تي، آهي سارو آيو،

قلفيءَ وارو آيو، ٻارو قلفيءَ وارو آيو.

 

قلفيءَ تي هيڪاندو گُلقند واهه جو وڻندو آ،

اصلي کير مان تيار ڪري ٿو، جيءَ جيارو آيو،

قلفيءَ وارو آيو، ٻارو قلفيءَ وارو آيو.


 

مجاهد خاموش هيسباڻي

سنڌي ٻارڙا

ڌرتي جا تارا سنڌي ٻارڙا،

ڪيڏا ڏس پيارا سنڌي ٻارڙا.

 

منَ ۾ رکن ٿا مير نه ڪوئي،

محبت ڪرڻ وارا سنڌي ٻارڙا.

 

پيار محبت امن جا پيڪر،

ھڪٻئي جا سھارا سنڌي ٻارڙا.

 

ڏاڍن لاءِ ڏھڪار بڻبا ھي،

دودا دلير سارا سنڌي ٻارڙا.

 

ابي امان جي دل جا ٺار،

آھن جيءُ جيارا سنڌي ٻارڙا.

 

گھر ۾ ڪيڏي رونق آھي،

بخشين سونھن نظارا سنڌي ٻارڙا.

 

ٻاتا ٻاتا ٻول ٿا ٻولن،

سڀني کان نيارا سنڌي ٻارڙا.

 

مون کي مجاھد پيارا آھن،

روشن چنڊ ستارا سنڌي ٻارڙا.

***


 

عبدالله آس هنڱورجو/مٺي

جگر جو ٽڪڙو

تُون جو اِقرار آسَ آھِين،

منھنجو جِگَربند خاص آهِين.

 

ساھُه بَرابر سمجھيم توکي،

تُون ته ھَڏن جو به ماس آھِين.

 

ڍَوءُ اکين جو ٿِيڻُو ناهي،

اهڙي ئِي ڪا پياس آھِين.

 

خوشبُودار گُلن کان وڌ،

مُون لئَه وَڻندڙ واس آھِين.

 

مُنهنجي ڪُل خَوابن جو،

تُون ئِي هِڪ احساس آھِين.

 

منھنجو وجُود ئي اوکو آهي،

روحَ کي فقط تون راس آهين.

 

هڪڙي پل جِي ڳالھه نه آهي،

منھنجو سَمورو ساس آهين.

 

اکڙين سان پڻ ڳالھيون ڄاڻي،

حيران ڪندڙ ۽ حساس آهين.
 

خير محمد لاکو/مجيد ڪيريو/سڪرنڊ

ڀاڪر پايو عيد ملهايو

ڏينهن خوشين جو آيو،

 ڀاڪرَ پايو عيد ملھايو.

 

جھومو نچو، اچو ڳايو،

 نوان ويس وڳا پايو.

 

گڏجي گھرڀاتين سان،

سنگتي ساٿين سان.

 

خوب خوشيون ملھايو،

 ڏينھن خوشين جو آيو.

 

بابا امان ڏيندا خرچي،

سچ پوندي دل سرچي.

 

هو ڏسو سرخي لڳل،

سنڌو جو منھن ڀريل.

 

سرمد پاتو سرمو گھڻو،

لڳي پيو من مھڻو.

 

رانديڪن تي رش ڏس،

۽ سامھون سرڪس ڏس.

 

 مچي ويو ميلو سفا،

خلق خريدي پئي تحفا.

 

اچ ته هلون خيرمحمد،

اڃان گُھمڻو آ ٻئي هنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org