سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مئي  2025ع

باب:

صفحو:4 

اشرف علي ابڙو

شڪارپور

پياري مسڪراهٽ

اهو هڪ نھايت خوبصورت ڏينھن هو. آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا. ريلوي اسٽيشن تي وڏي اچ وڃ هئي. سڀئي مسافر ريل جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. انھن ۾ کِلندڙ مُرڪندڙ ڇوڪرن جو هڪ گروپ به شامل هو. جيڪي پاڻ ۾ خوب مذاق ڪري رهيا هئا. اهي ڇوڪرا موڪلون گذارڻ لاءِ ڪنھن جبل واري مقام تي وڃي رهيا هئا.

ريلوي اسٽيشن تي وڏي چھل پھل هئي. چانھه وارا، جُوس وارا ۽ اخبار وڪڻندڙ هيڏانھن هوڏانھن اچي وڃي رهيا هئا. چانھه جي اسٽالن ۽ ريسٽورنٽن تي مسافرن جون قطارون لڳيون پيون هيون. غرض ته اسٽيشن پري ۽ ويجهو وڃڻ وارن مسافرن سان ڀريل هئي. ان ئي لمحي لائوڊ اسپيڪر تي ريل جي اچڻ جو اعلان ٿيو، ته هر طرف هلچل مچي وئي. مسافر هوشيار ٿي ويا. گهڻا ئي ماڻھو جلد کان جلد ريل ۾ سوار ٿيڻ لاءِ تيار هئا، ته جيئن پنھنجي سيٽ تي جلدي ويھي سگهن. ڪجهه مسافرن جون سيٽون اڳواٽ بُڪ ٿيل هيون ۽ ڪجهه جون نه هيون. ريل جي اچڻ جو اعلان ٻُڌندي ئي ڇوڪرن جي گروپ هڪ زوردار خيرمقدمي نعرو هنيو. ريل اڃا پوريءَ طرح بيٺي به نه هئي، ته ڇوڪرن جو اهو پورو گروپ ڊوڙي هڪ ٻي (بوگي) ۾ داخل ٿيو ۽ سڀني پنھنجون سيٽون سنڀالي ورتيون. جيڪي اڳواٽ بُڪ ٿيل هيون. ڪجهه دير تائين ريل پليٽ فارم تي بيٺي رهي، پوءِ گارڊ پھرين سِيٽي وڄائي ۽ اُن سان گڏ ئي سائي جهنڊي به لھرائي، ۽ ريل آهستي آهستي پليٽ فارم تان رڙهڻ لڳي.

اُن ئي وقت هڪ پوڙهو ماڻھو، هڪ چوڏهن پندرهن سالن جي، ڇوڪري جو هٿ پڪڙي ڊوڙندو پليٽ فارم تي پھتو. کين شايد ان ئي ريل ۾ وڃڻو هو، اهي ڊوڙندي هڪ ڊٻي ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنھن کان فوراً پوءِ ريل جي رفتار به تيز ٿي وئي. اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ، هنن بوگي ۾ هيڏانھن هوڏانھن نظر ڦيرائي، ته کين شوخ ڇوڪرن جي گروپ جي ويجهو سيٽون خالي نظر آيون. پوڙهي سان گڏ وارو ڇوڪرو تمام گهڻو خوش به نظر اچي رهيو هو ۽ حيران به. هن چيو، ابو! ريل ته اڳيان وڌي رهي آهي، پر سڀ شيون پٺيان طرف ڀڄي رهيون آهن!

پيءُ مُرڪي پنھنجي پٽ ڏانھن ڏٺو، هن اها ڳالھه ٻُڌي زبان سان ته ڪجهه نه چيو، پر صرف ڪنڌ لوڏيائين. هاڻي ريل جي رفتار خاصي تيز ٿي چڪي هئي. پٽ هڪ ڀيرو ٻيھر خوشيءَ مان رڙ ڪئي. ابو هي ڏسو! تمام وڻ ساوا آهن ۽ اهي سڀ پٺيان طرف به ڪيتري تيزي سان ڊوڙي رهيا آهن.

پيءُ مُرڪندي چيو، ها منھنجا پٽ! اهي ساوا آهن ۽ پٺيان طرف ڊوڙي رهيا آهن.

اهو نوجوان ڇوڪرو ڪنھن ننڍڙي ٻار وانگر هر منظر کي وڏي جوش ۽ خوشيءَ سان ڏسي رهيو هو. سندس اکين ۾ هڪ اڻڄاتي حيرت هئي.

ان ئي وقت ڊٻي ۾ فروٽ وڪڻندڙ آواز ڏيندو اچي ويو. سندس وٽ زيتون ۽ صوف هئا. ڇوڪري انھن ميون کي ڏٺو ۽ پنھنجي بابا کي چيائين، ابو! مان صوف کائيندس. پيءُ پٽ کي صوف خريد ڪري ڏنا. ڇوڪري اهي کائيندي چيو، صوف ڏسڻ ۾ تمام خوبصورت لڳي رهيا هئا، پر انھن جو ذائقو، ته ان کان به وڌيڪ سٺو آهي. کائي مزو اچي ويو!

شوخ ڇوڪرن جو گروپ، ان ڇوڪري ۽ سندس پيءُ جون ڳالھيون به ٻڌي رهيا هئا ۽ سندن هڪ هڪ حرڪت کي غور سان ڏسي به رهيا هئا. انھن مان هڪ ڇوڪري پوڙهي کي مخاطب ٿيندي چيو، ڇا توهان جو پٽ بيمار آهي؟ هي اهڙيون عجيب و غريب ڳالھيون ڇو ڪري رهيو آهي؟

ايتري ۾ ان ئي گروپ جي هڪ ٻئي ڇوڪري زور سان چيو، مون کي ته هي ڇوڪرو چريو لڳي ٿو.

نوجوان ڇوڪري جي پيءُ وڏي سڪون سان انھن ٻنھي جون ڳالھيون ٻُڌيون ۽ پوءِ مڌم لھجي ۾ جواب ڏنائين، منھنجو هي پٽ انڌو پيدا ٿيو هو، يعني هي پيدائشي انڌو هو. پوءِ مون ان جو علاج ڪرايو ۽ ڪجهه ڏينھن اڳ ئي هن جي ٻنھي اکين جو ڪامياب آپريشن ٿيو هو. جنھن کان پوءِ هن جي نظر (بينائي) ٺيڪ ٿي وئي. هاڻي هي ڏسي سگهي ٿو. جنھنڪري هن اهي سڀ شيون پنھنجي زندگي ۾ پھريون ڀيرو ڏٺيون آهن. ان ڪري وڌيڪ حيران به ٿي رهيو آهي ۽ خوش به. پنھنجي پيءُ جون اهي ڳالھيون ٻڌي پٽ وڏي فخر سان هن ڏانھن ڏٺو، پوءِ نوجوان ڇوڪرن ڏانھن مڙيو، ته سندس اکين ۾ وڏو ڏک هو. شوخ ڇوڪرن جو گروپ اها حقيقت ڄاڻي ڄڻ پٿر جا ٿي ويا. انھن سڀني پيءُ ۽ پٽ ٻنھي کان معافي گھري، ته اڻڄاڻائي ۾ هو نه ڄاڻ ڇا ڇا چئي ويا. پيءُ ۽ پٽ رڳو مُرڪي خاموش ٿي ويا. سندن وٽ ڇوڪرن جي ڳالھه جو هڪ پياري مُسڪراهٽ کان سواءِ ٻيو ڪو جواب نه هو.

سبق: پيارا ٻارؤ! اسان کي ڪنھن جي به حالتن کان واقف ٿيڻ کان سواءِ، انھن بابت رايا قائم نه ڪرڻ گهرجن.

ولي الله بروهي /هالا نوان

                      مُحمّد صلي الله عليھ وسلم جن جا فرمان مبارڪ

سلام ۾ اڳرائي ڪري سگھون ٿا.

سيدنا ابو ايوب انصاري  کان روايت آهي رسول اللهﷺ جن فرمايو، ته ڪنھن به شخص لاءِ اهو جائز نه آهي، ته ٽي ڏينھن کان وڌيڪ ڪنھن مسلمان ڀاءُ سان قطع تعلقي رکي. اهڙي طرح جو ٻنھن جي ملاقات ٿئي هي هن کان  ۽ هو هن کان منھن موڙي ۽ ٻنھن ۾ ڀلو اهو آهي، جيڪو سلام ۾ اڳرائي ڪري.

(صحيح بخاري: 6077)

***

ڪشف سليم (ڪلاس 12) گورنمينٽ گرلس هاءِ سيڪينڊري اسڪول شاهپور چاڪر

ڪوڙ جو انجام

گھڻو وقت اڳ جي ڳالھه آهي، ته هڪ شھر ۾ ٻه سھيليون ھونديون هيون. ٻنھي جي دوستي تمام سٺي هوندي هئي. هو هڪ ٻئي سان گڏ رهنديون هيون ۽ گڏ پڙهنديون هيون. هڪ جو نالو اريبا ۽ ٻئي جو نالو لائبه هو. لائبه پنھنجي ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌيءُ هئي. جيڪا پنھنجي والدين کا هر ڳالھه مڃرائي ويندي هئي. لائبه تمام گھڻي خوبصورت هئي ۽ هن کي پنھنجي خوبصورتي تي ناز هوندو هو. ٻي طرح اريبا سُٺي ۽ رحمدل ڇوڪري هئي ۽ هميشه سچ ڳالھائيندي هئي ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي هئي.

هڪ ڏينھن ڪلاس ۾ ٽيسٽ هئي، ته لائبه چيو اريبا مون کي هي سوال نٿا اچن. مان ٽيسٽ ڪيئن ڏينديس!

اريبا هن کي چيو، جي ڪوشش ڪندينءَ ته سوالن جو جواب اچي ويندءِ.

ان وقت ته لائبه ڳالھه ٻُڌي پر بعد ۾ ان ڳالھه کي درگزر ڪري هلي وئي. اريبا پنھنجي ٽيسٽ جي تياري ڪندي آهي ۽ لائبه کي ڪابه فڪر نه هوندي آهي. ٽيسٽ جي ٻئي ڏينھن اريبا لائبه کي اسڪول لاءِ وٺڻ ويندي آهي، ته لائبه ڪوڙ ڳالھائيندي آهي، ته مون کي بخار آهي، مان اڄ اسڪول ڪانه ٿي هلان تون وڃ! اريبا اسڪول هلي ويندي آهي جڏهن لائبه جي ماءَ هن کان پُڇندي آهي، پُٽ تون اڄ اسڪول ڇو ڪانه وئي آهين؟ تنھنجي ته اڄ ٽيسٽ هئي  مون کي اريبا ٻُڌايو هو!

اُتي هي پنھنجي ماءُ سان ڪوڙ ڳالھائيندي آهي، ته امان مون کي اڄ بخار آهي.

ماءُ چيس ته اُٿ ڊاڪٽر ڏي هلون؟

لائبه ڊاڪٽر ڏانھن هلڻ کان انڪار ڪيو، ۽ چيائين ته امان مان صحي ٿي وينديس.

پر هن جي ماءُ احتياطن هن کي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويندي آهي. جڏهن ڊاڪٽر لائبه کي چيڪ ڪندو آهي، ته بخار محسوس نه ٿيندو اٿس، پر پوءِ به پئسن جي خاطر لائبه کي انجيڪشن لڳائيندو آهي. لائبه جي ڪوڙ ۽ ڊاڪٽر جي لالچ جي ڪري انجيڪشن ري ايڪشن ڪري وجھندي آهي. جنھن جي ڪري لائبه بيھوش ٿي ويندي آهي ۽ سندس رنگ نيرو ٿي ويندو آهي.

هن جي ماءُ لائبه جي اها حالت ڏسي گھٻرائجي ويندي آهي ۽ هڪدم ڊاڪٽر کي گھرائيندي آهي، ته ڊاڪٽر چيو هن کي بخار ته ڪونه هو. هي انجيڪشن جو غلط (React) ٿي ويو آهي. ان ڪري هي حالت ٿي اٿس. ڊاڪٽر هن کي ٺيڪ ٿيڻ لاءِ (Antibiotic) ڏني، جنھنڪري آهستي آهستي ٺيڪ ٿي وئي.

چوندا آهن، ته ڪنھن کان غلطي ٿي وڃي، ته ان کي هڪ موقعو ڏنو وڃي. ربّ تعاليٰ لائبه کي وري موقعو ڏنو. جنھن جي ڪري لائبه وري ٺيڪ ٿي وئي. هن جي ماءُ هن جي پيشاني کي چُميو ۽ چيو، ته پُٽ تو ڪوڙ  ڳالھائي اسڪول جي موڪل ڪئي ۽ چيو، ته مون کي بخار آهي. جنھن جي ڪري مان توکي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي آيس ۽ ڊاڪٽر پئسن جي لالچ ۾ توکي انجيڪشن هنئي ۽ تنھنجي اها حالت ٿي وئي. اهو سڀ ٻُڌي لائبه جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا ۽ پنھنجي ماءُ کي چوڻ لڳي، ته امان مون کان غلطي ٿي وئي ۽ مان هاڻي ڪڏهن به ڪوڙ ڪانه ڳالھائينديس.

پوءِ هن کي ماءُ گھر واپس وٺي ويندي آهي. اُتي ئي لائبه جي سھيلي اريبا به آيل هوندي آهي، اهو سڀ ڏسي اريبا هن کي چوڻ لڳي، ته ڪوڙ ڳالھائڻ خراب ڳالھه آهي.  اڄ تو ٽيسٽ لاءِ ڪوڙ ڳالھايو، سڀاڻي تون ڪو ٻيو ڪوڙ ڳالھائينديءَ ته ڇا ٿيندو! اريبا جي ڳالھه کي لائبه سمجھي ويندي آهي ۽ پنھنجي سھيلي اريبا سان واعدو ڪندي آهي، ته مان هاڻي ڪڏهن به ڪوڙ ڪانه ڳالھائينديس. ان کان پوءِ لائبه به هڪ سُٺي ڇوڪري ٿي ويندي آهي. اريبا وانگر پنھنجي پڙهائي دل لڳائي ڪندي آهي ۽ خوشي خوشي پنھنجي ماءُ پيءَ سان رهندي آهي.

پيارا ٻارؤ! اسان کي به گھرجي ته ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالھايون نه ته لائبه وانگر پاڻ جو حشر به اهڙو ٿيندو جو مرندي مرندي بچنداسين.

***


 

عنايت الله اوٺو صادق فقير پبلڪ ايليمينٽري اسڪول/ ٿرپارڪر

سُهڻا سُخن

       ·قرآن پاڪ ۾ 17 جانورن جو ذڪر آيل آھي. جن ۾ رڍ، ٻڪري، ڳئون، گابو، گڏھه، اُٺُ، ڏاچِي، گھوڙو، خَچرُ، شينھن، ڪُتو، ڀولڙو، ھاٿِي، بگھڙ، سُوئر، دنبو ۽ ڏاند شامل آهن.

       ·قرآن پاڪ ۾ ڇھن رنگن جو ذڪر آيل آھي. انھن ۾ اڇو، ڳاڙھو، پِيلو، ڪارو، سائو ۽ گلابي شامل آهن.

       ·قرآن پاڪ ۾ چئن وڻن جو ذڪر آيو آھي، جن ۾ کجي، زيتون، ٻير ۽ ٿُوھر شامل آهن.

       ·قرآن پاڪ ۾ چئن ميون  کارڪون، زيتون، ڏاڙھون ۽ انجير جو ذڪر آيل آھي.

       ·قرآن پاڪ ۾ پنجن ساين ڀاڄين جو ذڪر آيل آھي جن ۾ ڪدُو، دال، بصر، ساڳ ۽ ونگي شامل آھن.

       ·قرآن پاڪ ۾ پنجن ڌاتن جو ذڪر آيل آھي، سون، چاندي، لوھه،ٽامو ۽ شيھو.

       ·قرآن پاڪ ۾ ٽن جيتن جا نالا آيل آھن، ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي ۽ ڪوريئڙو.

       ·قرآن پاڪ ۾ چئن پکين ابابيل،  ھُدھُد، ٻٽيرو ۽ ڪانءُ جو ذڪر آيل آھي.

       ·قرآن پاڪ ۾ چئن جبلن جو ذڪر آيو آھي، عرفات، صفا و مروه، طُورسينا، ۽ جودي.

***

فرمان علي خاصخيلي آراضي/سيوھڻ

منهنجو طوطو

ننڍي هوندي منھنجو جمال نالي دوست هو. اسان اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ راند ڪندا هئاسين. اسان جي گهر جي پاسي ۾ پاڻيءَ جو تلاءُ هو ان جي ڀرسان مسجد هئي. مسجد ۾ هڪ وڏو سرنھن جو وڻ هو. اسان اُتي راند ڪندا هئاسين. سرنھن جي وڻ تي چڙهي ڏنڊي ڪونڊي راند ڪندا هئاسين. زمين تي هڪ وڏو گول دائرو پائي، ان ۾ بيھي هٿ ۾ ڪاٺيءَ جو ڏنڊو کڻي پري اُڇلائيندا هئاسين. پوءِ اسان وڻ تي مٿي چڙهي ويندا هئاسين. هڪ ڇوڪرو جيڪو اسان کي پڪڙيندو هو، اهو اُڇلايل ڪاٺيءَ جو ڏنڊو کڻي اچي گول دائري ۾ ڏنڊو رکي اسان کي پڪڙڻ لاءِ وڻ تي چڙهندو. راند ٽائيم کان پوءِ  وري اسان پاڻي جي تلاءَ ۾ وهنجندا هئاسين. پاڙي جا سڀ ٻار منجھند جي ٽائيم اڪثر اُتي اچي گرمي جي موسم ۾ وهنجندا هئا.  مسجد واري سرنھن جي وڻ ۾ طوطي  جا ٻچا هوندا هئا. هڪ ڏينھن اُتان مون چار طوطي جا ٻچا کنيا ۽ گھر موٽي آيس. ٽي ننڍا ٻچا بيماريءَ ۾ ئي مري ويا. باقي جيڪو هڪڙو ٻچو بچيو، ان کي مون پالي وڏو ڪيو.  ٻولي به سيکاريمانس.

هڪ ڏينھن ڏسان ته طوطي وارو پڃرو خالي لڳو پيو آهي! پڃري جو در کُليو پيو آهي، ان ۾ طوطو آهي ئي ڪونه. پوءِ خبر پئي، ته طوطو بابا کڻي هڪ ڳوٺ واري کي ڏئي ڇڏيو. مان ڏاڍو اُداس ٿيس طوطي جي لاءِ. اسان جي گھر ۾ به هڪ نم جو وڻ هو. ڪجھه ڏينھن گذرڻ کان پوءِ نم جي وڻ تي طوطي جي ٻولي ءَ جو آواز اچي ڪنن ۾ پيو. آءٌ يڪدم نم جي وڻ هيٺان، مٿي نم ڏي نھاريو، ته مون وارو طوطو ويٺو هو. مان تڪڙ ۾ وڻ تي چڙهي ان کي لاهي آيس. ان کي پڃري ۾ وجھي، پاڻي پيارو ٽماٽو کارايو. شام جو بابا پڃري ۾ طوطي کي ڏسي، مون کي چيو ته هي وري ٻيو طوطو ڪٿان آندئي؟ مون بابا کي چيو، ته بابا سائين! هي اهو ساڳيو طوطو آهي، جيڪو اوهان محمد رجب کي ڏنو هو. اڄ واپس مون وٽ موٽي آيو آهي. ايترا ڏينھن هن وٽ قيد هو.  اڄ شايد موقعو ڏسي هي مون وٽ واپس اُڏامي آيو آهي.

پوءِ بابا سائين چيو هل!! ڪيترا ڏينھن ٿي ويا آهن، پوءِ به طوطي توکي وساريو نه آهي ۽ واپس موٽي آيو آهي. تمام ڪو وفادار پکي آهي. هاڻي هن طوطي کي اسان پاڻ وٽ رکنداسين. ڪنهن کي به نه ڏينداسين. هي اسان جو وفادار پکي آهي. ان ڏينھن کان پوءِ اهو طوطو اسان سان گڏ رهڻ لڳو.

***

سرمد عباسي خانواهڻ         (قسط: سترنھن)

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

}ٻاراڻو ناول{

لڳي ٿو، ته تو کي ھيءَ بندوقَ ڏسڻَ ڪا نه ٿي اچي. ڇھن گولين ۾ ئي تنھنجو قِيمو تيار ٿي ويندو. آڪاش مُرڪندي بندوق لوڏي.

ھاھاھا! گوليون ڀلي ھلاءِ آڪاش. جيڪڏھن ٺَڪائن تي سپيءَ جي امڙ جاڳي پئي ۽ ھيڏانھن آئي، ته پوءِ مان انَ کي به کائڻ ۾ دير ڪو نه ڪندس. متاري ٽھڪُ ڏئي وراڻيو.

ادا. سپيءَ ڀوَ مان چيو. ڳڻتي نه ڪر سپي. ھنَ کي اتي ئي پورو ٿو ڪيان. آڪاش پنھنجي پويان بيٺل سپيءَ ڏانھن ڏسندي چيو. سپيءَ جي پويان ئي سارنگ لڪيل ھو. مان ھتي ڪچھري ڪرڻ ناھيان آيو. اُنَ کان اڳ جو بجلي اچي، ڇو نه رات جي ماني کائي ڇڏيان. متاري پُڇُ اُڀو ڪندي چيو ۽ بُلُ ڏيڻَ لاءِ تيار ٿي ويو.

انھيءَ وقت ئيسِرِڙِ... سِرِڙِ جو ھلڪو آواز ٿيو. آواز ٻڌندي ئي آڪاش مُرڪي ڏنو ۽ پوءِ سِينڍَ وڄايائين. سينڍَ وڄندي ئي ھوڏانھن متاري ھنن تي ٽپُ ڏنو ۽ ھيڏانھن بجلي به اچي وئي. سپي. آڪاش، متاري کي ٽپُ ڏيندو ڏسي دانھن ڪئي ۽ پاڻَ تڪڙ ۾ پاسيرو ٿيندي سپيءَ جو ھٿ پڪڙڻَ جي جاکوڙ ڪئي، ته جيئن ھو ٻئي اڳيان پري ٿي وڃن ۽ متارو سارنگ سوڌو ٽي ويءَ ۾ ھليو وڃي. پرَ، ائين ڪرڻَ کان پھرين ئي آڪاش جو پيرُ تِرڪي پيو ۽ ھُو پاسيرو ٿي ھيٺ وڃي ڪِريو.

ادا. سپيءَ رڙ ڪئي. پر آڪاش جي اُٿي بيھڻ تائين، متارو سِڌو اچي سپيءَ ۾ لڳو. سپيءَ کي ٺاھوڪو لوڏو آيو ۽ ھوءَ سارنگ سان وڃي لڳي. ٻِي گهڙي، متارو، سپيءَ ۽ سارنگ سوڌو ٽي ويءَ ۾ گم ٿي ويو. بجلي وري ھلي وئي. ٽي وي ھالَ ۾ ماٺِ پکڙجي وئي ۽ آڪاش ٽارچ جي سُھائيءَ ۾ اکيون ڦاڙي بند ٽي ويءَ ڏانھن ڏسي رھيو ھو.

***

سپي ۽ سارنگ دانھون ڪندا ٽي ويءَ ۾ گهڙي ويا.سندن اکين آڏو اوندھه اچي وئي ۽ کين ايئن لڳو ڄڻ ته مٿانھينءَ کان ھيٺ ڪرندا ھجن. ستت ئي ھُو ٻئي ڪنھن نرم شيءِ تي اچي ڪِرِيا ۽ ليٿڙيون پائيندا اڳتي ھلندا ويا. ڪجهه گهڙين کان پوءِ سپيءَ اکيون کوليون ۽ وڏا وڏا ساھه کڻڻ لڳي. پاڻَ کي سنڀالي سپيءَ پنھنجي کاٻي پاسي ڏٺو، ته اُتي کيس سارنگ ڏسڻَ ۾ آيو. اسان ڪٿي پھچي ويا آھيون سارنگ ؟سپيءَ ڪجهه جهيڻي آواز ۾ پڇيو.

منھنجي گهر سپي. اسان ھنَ وقت جهنگ ۾ آھيون. سارنگ، سَرھائيءَ وچان وراڻيو. پرَ...پرَ مان ھتي ڇو آھيان؟ مون کي ته پنھنجي گهرَ ۾ ھجڻ کپي. سپيءَ، ذري گهٽ روئيندي چيو.

ھا.ائين ته آھي. متاري جي ڪري پھريان مان ۽ ھاڻي تون پنھنجي گهرَ کان ٻاھر ٿي وئينءَ سپي.

سارنگ پنھنجو کُرُ، سپيءَ جي ڪُلهي تي رکندي وراڻيو. سپيءَ جي اکين ۾ لُڙڪَ (ڳوڙھا) اچي ويا.ھنَ کي پنھنجا ماءُ پيءُ ياد اچڻَ لڳا. ھاڻي ڇا ٿيندو؟ مان گهر ڪيئن وينديس؟ امڙ جڏھن مون کي گهر مان گم ڏسندي، ته ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويندي.بابا کي فون ڪندي، بابا انھيءَ مھل ئي ڪراچيءَ کان گهر پھچندو. ٻئي ڄڻا مون کي ڳوليندا پرَ مان کين ڪونه لڀنديس. ڇو جو مان ته ھتي ڪارٽون جهنگ ۾ آھيان. سپي، سوچيندي سوچيندي سڏڪا ڀري روئي پئي. نه روءُ سپي. تون صفا ايئن پنھنجي گهر پھچي ويندينءَ، جيئن مان ۽ متارو پھتا ھئاسين. سارنگ،  سپيءَ کي دلاسو ڏيندي چيو.

اوھان ٻئي ڪيئن پھتا ھئا؟سپيءَ، سڏڪو ڀري پڇيو. بس کنوڻ چمڪندي.گجگوڙ ٿيندي ۽ تون پنھنجي گهر پھچي ويندينءَ. اسان ائين ئي ته پھتا ھئاسين. سارنگ ٻڌايو.

سپي ماٺِ ٿي وئي.سارنگ جي جهنگ ۾ به مينھن وَسي رھيو ھو ۽ کِنوڻ به ٿِي رھي ھئي. سپي ۽ سارنگ ڊگهن ڊَڀن تي ڪِريل ھئا. ڪٿي آھيو منھنجا پيارؤ. سامھون ته اچو. مون کي اوھان جي ڏاڍيبُکَ.... اوهه معاف ڪجو. سِڪَ لڳي آھي. اُمالڪ ئي متاري جي آوازَ سپيءَ ۽ سارنگ کي ڇِرڪائي وِڌو. متارو به ھنن سان گڏ جهنگ ۾ پھچي ويو ھو. سپي ۽ سارنگ ماٺ ڪري ھڪٻئي ڏانھن نھارڻَ لڳا. پياري سپي تون پنھنجي شھرَ ۾ ئي مون کان لِڪِي ڪونه سگهينءَ. ھيءُ ته منھنجو جهنگ آھي. ھتي ته تنھنجو بچڻ ڏکيو آھي. ھڪدم منھنجي سامھون اچُ.

ھيلَ متاري ڪجهه سخت انداز ۾ چيو. سپي ۽ سارنگ وري به ماٺ ڪيون ويٺا رھيا. ھنن چُرپُر ڪرڻ به بند ڪري ڇڏي، ته جيئن متاري کي اھا ڄاڻ نه پئي ته ھو ڊَڀن ۾ لڪيل آھن. ٺيڪ آھي. مان ئي توھان ٻِنهي کي ڳوليان ٿو. پرَ ياد رکجو، اوھان جو اھڙو حشر ڪندس جيڪو سمورو جهنگ، سدائين ياد ڪندو. متاري چِڙَ مان چيو ۽ نرم ڊَڀن تي ھن جي ھلڻَ جا آواز اچڻ لڳا.

آڇُون...آڇُون سپيءَ کي نِڇون اچي ويون. توڙي جو ھنَ کي مينھن کان بچڻَ لاءِ جَبو، جيڪيٽ، گرم ٽوپي ۽ بوٽ پاتل ھئا. پر گهڻو وقت مينھن ۾ پُسڻَ جي ڪري شايد ھنَ تي ٿَڌِ جو اثر ٿي ويو ھو. سپيءَ ڊپَ مان سارنگ ڏانھن ڏٺو، جيڪو پڻ ھيسجي ويو ھو. متاري ڊڀن ۾ لڪيل سپيءَ ۽ سارنگ کي ڏسي ورتو. ھنَ ڀوائتي انداز ۾ گجگوڙ ڪئي ۽ ھنن ٻنھي جي ويجهو اچي پھتو. ھُو ڏاڍي ڪاوڙ ۾ ھو ۽ پنھنجين ڳاڙھين اکين سان ھنن ڏانھن ڏسي رھيو ھو. ھن کي پنھنجي ڀرسان بيٺل ڏسي، سپي به تڪڙ ۾ اُٿي بيھي رھي. منھنجي ڀيڻ کي نه کائجان متارا. نه ته جيئرو ڪونه ڇڏيندوسانءِ. متاري کي ڏسي ڏڪڻَ وارو سارنگ، سپيءَ کي خطري ۾ ڏسي دلير ٿي ويو ھو. ھاھاھا...تو کان اڳ تنھنجي ڀيڻ کي کائيندس سارنگ متاري ساڳئي نموني چيو ۽ ھڪ چَنبو مٿي ڪري ڀوائتو آواز ڪڍيو.

سارنگ، سپيءَ ڏانھن ڏٺو. سپي ڏاڍي ھيسجي وئي ھئي ۽ سندس اکين مان اڃان به لُڙڪَ وھي رھيا ھئا. ڏسُ متارا. تنھنجو کاڌو مان آھيان. منھنجي ڀيڻ نه. ھيڏانھن نه اچجانءِ.سارنگ، بي ڊپو ٿي اڳتي وڌندي چيو. ماٺ ڪر ته ڪيانءِ نه پھرين توکي پُورو. متاري وراڻيو ۽ چَنبو، سپيءَ کي ھڻڻَ لاءِ اڳتي وڌايو. ***                                   (هلندڙ.......)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org