سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مئي  2025ع

باب:

صفحو:2 

مستقيم محمد علي ڪوريجو/ ڪراچي

 پهرين مئي

مزدورن جو عالمي ڏهاڙو

هر سال پهرين مئي تي سڄي دنيا ۾ مزدورن جو ڏينهن ملهائبو آهي. هي ڏينهن مزدورن جي محنت، قرباني ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ لاءِ هوندو آهي. مزدور اهي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي هٿن جي محنت سان سماج کي هلائين ٿا: ڪو زمين تي پورهيو ڪري ٿو، ڪو ڪارخاني ۾ ڪم ڪري ٿو، ڪو عمارتون ٺاهي ٿو، ته ڪو رستن کي صاف ڪري ٿو. سندن محنت کان سواءِ زندگيءَ جو ڍانچو نامڪمل آهي.

مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي شروعات آمريڪا ۾ ٿي، جتي مزدورن پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. 1886ع ۾ شڪاگو شهر ۾ مزدورن وڏي انگ ۾ احتجاج ڪيو، ته ڪم جا ڪلاڪ گهٽ ڪيا وڃن ۽ اجورو منصفاڻي ڏنو وڃي. هن جدوجهد ۾ ڪيترن ئي مزدورن قربانيون ڏنيون. ان کان پوءِ مزدورن جي حقن لاءِ عالمي سطح تي تحريڪ زور ورتو ۽ پهرين مئي مزدورن جي يادگار ڏينهن طور ملهائڻ شروع ڪيو ويو.

مزدورن جي اهميت

مزدور سماج جا اصل هيرو آهن. هو خاموشي سان ڪم ڪن ٿا، پر سندن ڪم جو اثر هر هنڌ نظر اچي ٿو. جيڪڏهن مزدور ڪم نه ڪن، ته نه فصل پوکجن، نه گهر ٺهن، نه ڪارخانا هلن. مزدورن جي محنت سان ئي شهر آباد ٿين ٿا ۽ زندگي اڳتي وڌي ٿي.

اسلام ۾ مزدورن جي عزت

اسلام مزدورن جي حقن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. حضور پاڪ ﷺ فرمايو، مزدور کي سندس پورهئي جو اجورو پگهر سُڪڻ کان اڳ ڏيو. هي حديث اسان کي سيکاري ٿي، ته مزدور سان انصاف ڪرڻ ۽ وقت تي اجورو ڏيڻ ئي سچي انسانيت آهي. محنت ڪرڻ عبادت آهي، ۽ جيڪو ايمانداري سان ڪم ڪري ٿو، الله تعاليٰ ان سان محبت ڪري ٿو.

موجوده دؤر ۾ مزدورن جا مسئلا:

اڄ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ مزدور گهٽ اجوري تي ڪم ڪن ٿا. سندن حقن جو تحفظ نه ٿيندو آهي ۽ هو غربت ۾ زندگي گذارين ٿا. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جو مقصد اهو آهي، ته سماج ۽ حڪومتون مزدورن جي حقن جو خيال رکن، کين عزت ۽ سهولتون ڏين.

ٻارن لاءِ سبق:

پيارا ٻارؤ! محنت ڪرڻ ۾ عزت آهي. مزدورن سان عزت ۽ انصاف سان پيش اچو. ڪنهن جي ڪم کي گهٽ نه سمجهو. هر ماڻهو پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. اي ربّ پاڪ! اسان سڀني کي محنت سان ڪم ڪرڻ، حلال روزي ڪمائڻ ۽ ٻين جي عزت ڪرڻ جي توفيق عطا فرما. (آمين.)               

 

مرزا گل حسن 'احسن' ڪربلائي/حيدرآباد

سُٺيون عادتون

عقيدن ۽ عبادتن کان پوءِ اخلاق آهي. اخلاق مان مراد آهي، هڪ ٻي جي حقن ۽ فرضن جا اُهي لاڳاپا، جن کي پورو ڪرڻ هر انسان جي لاءِ نه رڳو مناسب آهي، بلڪ ضروري آهي. انسان جڏهن هن دنيا ۾ پيدا ٿئي ٿو، تڏهن ان جو هر ڪنھن شيءِ سان ٿورو يا گهڻو لاڳاپو رهي ٿو. ان لاڳاپي جي فرضن کي چڱي طرح سرانجام ڏيڻ اخلاق آهي.

هن دنيا ۾ جيڪي به نبي آيا آهن، تن جو اصلي مقصد دنيا جي اخلاقي حالت جي اصلاح ڪرڻ آهي. تنھنڪري هر ڪنھن نبي پنھنجي پنھنجي قوم جي ضرورتن جو لحاظ رکي، ماڻھن کي اخلاقي تعليم ڏني. جڏهن آهستي آهستي پاڻ ۾ گڏجي رهڻ جي طريقي ۾ ترقي ٿي، دنيا کي اخلاق جي ضروررت ٿي، تڏهن ڌڻي تعاليٰ پنھنجي آخري نبي حضرت محمد ﷺ کي دنيا ۾ موڪليو. جنھن اخلاقي اصولن جو هڪ پورو  پورو قانون قرآن ڪريم دنيا جي اڳيان پيش ڪري، ان تي سڀني کان اڳ پاڻ عمل ڪري ڏيکاريو.

سندن زماني کان اڳ نه رڳو عرب پر سڄي دنيا جي اخلاقي حالت پُٺ ٿي پيل هئي. ان وقت هڪ اهڙي هاديءَ جي ضرورت هئي، جو سڄي دنيا جي اصلاح جو رهبر ٿئي. گمراهن کي نيڪي جو رستو ڏيکاري. هيءَ ضرورت حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي اچڻ کان پوءِ پوري ٿي. حضورﷺ جن جو چوڻ مبارڪ آهي، ته مون کي انھيءَ لاءِ موڪليو ويو آهي، ته سُٺين عادتن جي تڪميل ڪريان ۽ سندن جو ٻيو چوڻ آهي، ته توهان ۾ سڀني کان چڱا اُهي آهن، جن جون عادتون سڀني کان سُٺيون هجن.

سُٺين عادتن ۾ سڀني کان پھرين فضيلت سچائي کي آهي. انسان جي قول ۽ ڪم جي سُڌاري جو بنياد هي آهي، ته ان جي لاءِ ان جي دل ۽ ان جي زبان پاڻ هڪ ٻي جي مطابق هڪ هجن. ان جو نالو آهي، سچائي. جيڪو سچو نه آهي، ان جي دل هر بُرائي جو گهر ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪو سچو آهي، ان جي لاءِ هر نيڪي کي حاصل ڪرڻ جو رستو سولو آهي.

هڪ ڀيري هڪ ماڻھو حضرت رسول خدا ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين، ته يارسول الله ﷺ مون ۾ چار خراب عادتون آهن. هڪ هي ته بدڪار آهيان، ٻيو هي ته چوري ڪندو آهيان، ٽيون هي ته شراب به پيئندو آهيان ۽ چوٿون هي ته ڪوڙ به ڳالھائيندو آهيان. انھن مان جنھن به هڪ عادت لاءِ چوندا سا آءٌ حضور ﷺ جن جي خاطر ڇڏي ڏيندس. حضرت محمدﷺ جن فرمايو، ته ڪوڙ نه ڳالھائج. جنھن تي هن رسول خدا ﷺ سان وعدو ڪيو، ته آئينده آءٌ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالھائيندس.

جڏهن رات ٿي، تڏهن  هن کي هميشه جيان عادت موجب  شراب پيئڻ جي دل ۾ خيال آيو. وري بدڪاري ڪرڻ لاءِ به تيار ٿيو. پر وري هن جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو، ته صبح جو جڏهن حضور اڪرمﷺ جن مون کان پُڇندا، ته رات تو شراب پي بدڪاري ڪئي؟ تڏهن تون ڪھڙو جواب ڏيندين؟ جيڪڏهن هائو چوندس، ته شراب پيئڻ ۽ بدڪاري جي سزا ملندي. پر جي انڪار ڪيم، ته پنھنجي ڪيل وعدي جي برخلاف ٿيندو. هي دل ۾ سوچي، ان ٻنھي ڪمن ڪرڻ کان توبھه ڪئي.

جڏهن رات گهڻي گذري وئي ۽ چوڌاري انڌارو ٿي ويو، تڏهن چوري ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو خيال ڪيائين. پر وري جلدي خيال ڪيائين، ته جيڪڏهن سڀاڻي پُڇا ٿيندي، ته ڪھڙو جواب ڏيندس. جي هائو ڪندس، ته هٿ وڍيا ويندا ۽ جي انڪار ڪندس، ته پنھنجي ڪيل وعدي جي برخلاف ٿيندو. انھي خيال ايندي هن ڏوهه ڪرڻ کان بنھه توبھه ڪئي.

صبح جو سويل اُٿي پنھنجي پياري رسول خداﷺ جي ڪچھري ۾ وڃي حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين، ته يا رسول خدا ﷺ هڪ ڪوڙ نه ڳالھائڻ ڪري مون چارئي خراب عادتون ڇڏي ڏنيون. هي ٻُڌي حضور ﷺ جن ڏاڍا خوش ٿيا ۽ چوڻ لڳا، ته سچ ڳالھائڻ نيڪ ڪمن جي طرف رهنمائي ڪري ٿو ۽ جيڪو سچ ڳالھائي  ٿو، سو خدا جي اڳيان سچو ٿي وڃي ٿو.

پيارا ٻارؤ! هن مضمون مان معلوم ٿئي ٿو، ته رڳو هڪ ٻه ڀيرا سچ ڳالھائڻ مان هي رُتبو نه ٿو ملي. بلڪ ان جي لاءِ سچائي تي مضبوطي سان قائم رهڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ هميشه سچ ڳالھائجي ۽ گهڻن بُرائين کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
 

عليزا امداد بروهي

قاضي جميل پبلڪ ھاءِ اسڪول/نوابشاهه.

ڊرون ڇا آهي؟

ڊڪشنري موجب، ڊرون جي اصل معنيٰ آهي نر ماکي. اهو نالو ڇو رکيو ويو؟ هتي ٻه مکيه سبب آهن، ڇو ته هن ٽيڪنالاجيءَ کي ڊرون سڏيو ويندو آهي. هڪ آواز: نر ماکيءَ جو، اُڏامڻ وقت مخصوص آواز نڪرندو آهي. ڇاڪاڻ ته اوائلي بنا پائلٽ فضائي گاڏيون، ساڳيون آوازون ٺاهينديون هيون، انهن کي ڊرون سڏيو ويندو هو. حياتياتي لحاظ کان نر ماکي (ڊرون) پاڻ ماکي گڏ نه ڪندي آهي پر راڻي مک جي خدمت ڪندي آهي. اهڙي طرح، شروعات ۾ اهي ٻيڙيون صرف هڪ خاص مقصد لاءِ پري کان هلنديون هيون.

سائنسي ۽ اصطلاحي معنيٰ:

ٽيڪنيڪل اصطلاح ۾، ڊرون کي (UAV) سڏيو ويندو آهي، جنهن جو مطلب آهي بغير پائلٽ هوائي گاڏي يعني هر شيءِ جيڪا هوا ۾ اُڏامندي آهي پر ان ۾ پائليٽ نه هوندو آهي ۽ زمين مان ريموٽ يا ڪمپيوٽر ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي، ان کي ڊرون چئبو آهي. ڊرون جو اصل مطلب آهي نر ماکي، پر اڄڪلهه اهو هڪ خودڪار فلائنگ مشين ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي هلايو وڃي.

امر ادريس درس/ميرپورخاص

لکڻ جا فائدا ۽ اصول

هي اعلان انھن ماڻھن جي لاءِ آهي، جيڪي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جهڙي مقدس شعبي سان وابسته آهن. جيڪي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪي پنھنجي غريب والدين لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا. هي تحرير انھن جي لاءِ به آهي، جيڪي چاهين ٿا، ته انھن جي زندگي جي ناڪامين ۽ جدوجهد مان ماڻھو لاڀ پرائين ۽ ڪامياب ٿين. جيڪي زندگي ۾ ڪو جذبو رکن ٿا، ڪا اُميد رکن ٿا. ڪو ٻُوٽو ٻارڻ چاهين ٿا. هي اعلان انھن لاءِ به آهي، جيڪي قسمت تي افسوس ڪرڻ بجاءِ پاڻ پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿا. جيڪي ماڻھو علم رکن ٿا، ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ نو سؤ نوانوي ڀيرا تجربا ڪبا، تڏهن وڃي ڪاميابيءَ جي روشني پيدا ٿيندي.

سنڌي ادبي بورڊ اهڙن ئي ٻارن ۽ جوان جذبو رکندڙ نوجوانن لاءِ هڪ اهڙو پليٽ فارم مھيا ڪري رهيو آهي. جتي اوهان جو آواز پوري سنڌ ۾ پھچندو. جتي اوهان جا خوبصورت خيال ۽ خوبصورت تجربا ماڻھن جي هٿن تائين پھچندا ۽ ماڻھو توهان کي توهان جي نالي سان سڃاڻيندا. توهان جو نالو جهر جهنگ ۾ وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو ويندو.

جي ها پيارا ٻارؤ! گُل ڦُل توهان جي تحريرن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ تائين پھچائڻ جو اهتمام ڪيو آهي. گُل ڦُل اها ڪوشش ڪافي وقت کان ڪندو پيو اچي، نه ڄاڻ ڪيترا لاجواب ۽ بي مثال ماڻھو گُل ڦُل سان ناتو رکڻ کان پوءِ اديب ٿيا آهن. هر ڀيري جيان هن ڀيري، سونھن، سچ ۽ سوڀ سان سينگاريل لاجواب شمارو اچي رهيو آهي. جنھن ۾ توهان جون خوبصورت ڪھاڻيون، تحريرون، انٽرويوز، شاعري، ادب جي سونھن، مضمون، قيمتي قول، روح کي راحت ڏيندڙ قصا، علم ادب ۽ احترام، آرٽ گئلري، تصويرون ۽ ٻيو اهو ڪجهه هوندو، جيڪو توهان پڙهڻ چاهيو ٿا.

پيارا ٻارؤ! ته پوءِ ديرنه ڪريو ۽ پنھنجو مواد موڪلي ڏيو، ته جيئن گُل ڦُل جي گلن جي بھاريءَ ۾ توهان جو به حصو شامل ٿئي. توهان جي اها بيمثال تحرير، جيڪا نه صرف توهان جو نالو روشن ڪندي، پر ٻين لاءِ ڪاميابي جا اصول پڻ ثابت ٿيندي. ڇو ته ڪھاڻي يا تحرير ۽ هر اها شيءِ جيڪا ماڻھو جي کان پوءِ به انسان جي پيغام کي دنيا ۾ زنده رکندي آهي.

ياد رکو! جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا، ته توهان چار ماڻھن ۾ پنھنجو مؤقف بيان ڪري سگهو، پنھنجي ڳالهه سُٺي ۽ سڌي نموني سان ماڻھن کي سمجهائي سگهو، ته پوءِ لکڻ شروع ڪريو، توهان کي تقرير جو فن اچي ويندو. دنيا جا اهي عظيم انسان اڄ به زنده آهن، جن دنيا ۾ پنھنجي قلم وسيلي انقلاب آندو. آءٌ هتي ڪجهه عظيم هستين جا نالا کڻندس. جن جي تحريرن ۽ شاعريءَ ماڻھن ۾ عظيم انقلاب پيدا ڪيو.

سڀ کان پھرين سنڌ جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح آهي، جنھن شاعريءَ وسيلي ماڻھن ۾ روحانيت پيدا ڪئي آهي. ان کان پوءِ شاعر مشرق علامه اقبال رح جي شاعري ماڻھن ۾ عظيم انقلاب آندو.

امام غزالي رح جي لٽريچر به ماڻھن ۾ وڏي هلچل پيدا ڪئي آهي. مولانا مودوديرح جنھن پنھنجي لٽريچر جي ذريعي هڪ تحريڪ پيدا ڪئي ۽ سندس لٽريچر اڄ به نوجوانن ۾ وڏي چاهه سان پڙهيو وڃي ٿو ۽ سندس لکيل ڪيترائي ڪتاب نيشنل يونيورسٽيز ۾ پڙهايا وڃن ٿا ۽ توهان کي اهو ٻُڌي وڏي حيراني ٿيندي، جڏهن توهان کي معلوم ٿيندو، ته سندن پھريون عربي ٻولي ۾ لکيل ڪتاب تڏهن منظرِ عام تي آيو. جڏهن سندن عمر صرف ۽ صرف سورنھن سال هئي.

پيارا ٻارؤ! چوندا آهن، ته ٽاپ جي جڳهه هميشه خالي هوندي آهي. توهان به ڪوشش ڪريو توهان به لکو ۽ دنيا جي عظيم انسانن جي لسٽ ۾ پنھنجو نالو شامل ڪريو. هميشه ياد رکو توهان جي تحرير ڪنھن جي خلاف نه هجي، نه وري ڪنھن جي دل آزاري جو سبب بڻجي. سچو واقعو لکو ٿا، ته ان جا نالا به فرضي ڏيو. ڪنھن سياسي موضوع تي نه هجي يا ڪنھن سياسي پارٽي جي خلاف نه هجي. ڪھاڻي يا تحرير ۾ ڪنھن کي نشانو نه بڻايو. سڌو سنئون يا اڻ سڌو ڪنھن جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ نه هجي. نه وري ڪھاڻي ۾ ڪنھن تي ٽوڪ مذاق يا ٺٺول ڪئي وڃي. ڪھاڻي جا لفظ سڌا ۽ سمجهه ۾ ايندڙ هجن. ڪھاڻي نقل شده يا ڪنھن پراڻي ڪتاب تان ڪاپي ٿيل نه هجي.

انھن ڳالھين جو توهان کي خاص خيال رکڻو آهي ۽ پوءِ ئي توهان جي تحرير گُل ڦُل جي زينت بڻجي سگهندي.

انتھائي اهم ڳالهه جيڪڏهن توهان اديبن جي لسٽ ۾ پنھنجو نالو لکرائڻ چاهيو ٿا، ته توهان جو به ڪو ڪارنامو سامھون اچي ۽ توهان جي محنت کي ڪو پسند ڪري، ته هي گُل ڦُل جو پليٽ فارم هڪ بھترين پليٽ فارم آھي. جتي توهان پنھنجو آواز پوري سنڌ ۾ پھچائي سگهو ٿا.

جي ها ٻارؤ!  پوءِ دير نه ڪريو ۽ پنھنجو مواد جلد از جلد اداري کي موڪلي ڏيو، ته جيئن توهان جو به نالو روشن ٿي سگهي.


 

مھر فقير  /ڪراچي

امداد اڄ به ٻار آهي

ٻارن جي شاعري ڪالھه وانگر اڄ به تخليق ٿي رهي آهي، پر آڱرين تي ڳڻڻ جيتري ۽ انھن آڱرين جيترن شاعرن ۾ امداد جسڪاڻيءَ جو نالو به سر فھرست آهي. جيڪو مسلسل ٻارن جي شاعري تخليق ڪري، نئين نسل کي تعليم طرف متوجهه ڪري، نسلن جي جنگ جوٽي رهيو آهي. امداد سچ ته ڪنھن به تعارف جو محتاج ناهي. نه وري هن سان ڪا منھنجي روبرو واري عليڪ سليڪ آهي. ها! پر بس فون تي هن تڪڙي ۽ مصروف دؤر ۾ سلام دعا ضرور ٿيندي آهي. ڇو ته هن نفسانفسي واري دؤر ۾ انسان خود کي ئي وقت نٿو ڏئي سگهي. سو ٻي ڪنھن کي ڪٿان ۽ ڪيئن وقت ڏيندو. وري به سلام آهي امداد کي، جيڪو ٻارن جي شاعري لکي ٿو. ايترو ئي نه پر تازو ئي انھيءَ شاعريءَ کي سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ آندو اٿائين. جيڪو پڻ هن مَھانگي دؤر ۾ اوکو عمل آهي. ڇو ته مواد جمع ڪرڻ کان ويندي ڪتاب ڇپجڻ تائين جي وچ ۾ ڪافي مرحلا آهن. جن منجهان شاعر کي گذرڻو ٿو پوي ۽ انھن ۾ منھنجي تجربي مطابق سڀ کان ڏکيو عمل پروفن جو آهي. ڇو ته جيڪڏهن ڪٿي ڪنھن بيت، نظم، وائي، گيت يا ڪنھن ٻي اسم ۾ هڪ لفظ جي به چُڪَ رهجي ٿي وڃي، ته سچ ۾ اها تخليق ئي ڄڻ شھيد ٿيو وڃي ٿي!

تازو ئي امداد جسڪاڻي جو ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب شايع ٿيو آهي. جنھن جي ڄاڻ مون کي فيس بڪ تان ملي آهي. ڇو ته آءٌ شڪر ڪندو آهيان رب ڪريم جو، جو هيل تائين ڪٿان به ڪنھن به دوست جي شايع ٿيل ڪتاب جي ڪا اعزازي ڪاپي ناهي ملي ۽ نه وري اهڙي عمل جو حامي آهيان. اعزازي ڪاپي سچ ته ليکڪ جي ڪتاب جو قتل آهي. ڇو ته هڪ ليکڪ هڪ ڪتاب تي هڙان وڙان خرچ ڪري ٿو ۽ اعزازي ڪاپين جا انتظاري وري ڪاپي جي طلب ڪن ٿا، ته اهو مناسب ناهي سو بھتر عمل اهو آهي، ته ڪتاب خريد ڪجي.

خير ٻارن ٻاريا ديپ جيڪو سنسار پبليڪيشن طرفان شايع ڪيو ويو آهي. نھايت ئي بھترين ٽائيٽل سان. اُميد ٿي ته نئين نسل خاطر لاڀائتو ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ شاعر جو پورهيو ساڀيان ماڻيندو.

انھيءَ ڪري هن مختصر تحرير رستي منھنجي سڀني دوستن کي وينتي آهي، ته امداد جو اهو ڪتاب پنھنجي ٻارن جي نازڪ هٿڙن تائين پھچائي، امداد کي داد ڏيو. ڇو ته امداد اڄ به ٻار آهي. ان لاءِ ئي، ته هو ٻارن لاءِ لکي ٿو. نت باقي وڏا ۽ مَھان شاعر ته ٻارن لاءِ لکن ئي ڪو نه ٿا! جڏهن ته هر شاعر تي اهو قومي فرض عائد ٿئي ٿو، ته هُو هر صورت ۾ ٻارن لاءِ لکي. آخر ۾ امداد کي ڪتاب جي شايع ٿيڻ جون لک لک واڌايون هجن ۽ دعا آهي، ته ربّ رحيم قادر ڪريم امداد جسڪاڻي کي سدائين سرخرو ڪري. (آمين).

گهر گهر ۾ گلاب ٿا چاهيو ته تعليم پرايو،

سنڌ کي شاداب ٿا چاهيو ته تعليم پرايو،

علم جي روشني کي مات ناهي مھر فقير،

آزادي لاءِ انقلاب ٿا چاهيو ته تعليم پرايو.

***

عبدالباقي 'ادريس السندي'/ڪنڊيارو

ايجادون

       ·ٿرماميٽر فارنھائيٽ، جرمني ۾ ايجاد ڪيو.

       ·خوردبين جينسن، هالينڊ ۾ ايجاد ڪئي.

       ·سئنيما مشين، ٿامس ايڊيسن آمريڪا ۾ ايجاد ڪئي.

       ·ماچيس لينسي ٽارم، سوئيڊن ۾ ايجاد ڪيو.

       ·سلائي مشين نيربار ٽيلمي، فرانس ۾ ايجاد ڪئي.

       ·دوربين ليرٿسي، هالينڊ ۾ ايجاد ڪئي.

       ·انجڻ اسٽيفينسن، برطانيه ۾ ايجاد ڪئي.

       ·سيمينٽ جوزف انسپينڊن، برطانيه ۾ ايجاد ڪيو.

       ·رٻڙ چارلس گڊويئر، آمريڪا ۾ ايجاد ڪيو.

       ·ٽائيپ رائيٽر شول، آمريڪا ۾ ايجاد ڪئي.

***


 

امداد سروري/آراضي سيوهڻ

دل ۾ سانڍڻ جهڙيون ڳالهيون

       ·وڏو ماڻھو اهو آهي، جنھن جي دل ۾ جڳهه موجود آهي.

       ·موبائل جي عارضي مزي، نوجوانن کي ڪتابن کان پري ڪري ڇڏيو آهي!

موبائل جي نشي ۾ هو ڪتابن کان پري آهي،

سوالن کي نٿو سمجهي، جوابن کان پري آهي.

       ·بنگلو سائين جو هجي ۽ مھمان کي ماني توکي کارائڻي پوي، ته پوءِ سمجهي ڇڏ سائين توسان سچو ڪونھي.

       ·جنھن  انسان جي معاشري ۾ ڪا سڃاڻپ ڪانھي ڪا، ان جو دنيا ۾ اچڻ بيڪار آهي.

       ·بزدل جي اڳيان بھادريءَ جي ڳالهه ڪري، بھادرن جي توهين نه ڪر، ڇو ته گدڙ ڪڏهن به شينھن نٿو ٿي سگهي.

       ·ڪردار جا سُٺا ماڻھو جيڪي جهوپڙين ۾ رهي مري ويندا آهن، مگر انھن جي ڪردار جي خوشبوءِ سالن تائين ان جي جهوپڙين مان ايندي رهندي آهي. ان جي برعڪس مغرور ۽ دولتمند انسان زنده هئڻ جي باوجود پنھنجي محلن ۾ مئل مثل هوندا آهن.

       ·ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ گهر ۾ ويھي روئجي، بھتر ائين آهي، ته ان حاصلات کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري جدوجهد ڪجي.           ***

شاهه ڀٽائيءَ جي سٽ رات به مينھڙا وٺا ۾ ڪيڏو نه سھڻو تصور آهي. انھن سٽن مان انساني اُڌمن کي اونداهي رات ۾ چمڪندڙ کنوڻن جون چلولايون ڏسي راحت ملندي آهي. اهڙيون چلولايون واجھائڻ سان فطري ۽ روحاني خوشي حاصل ٿيندي آهي. مينھوڳي ٿيندي ئي ٿر ۾ فطري سونھن، مور، ٻاٻيھو (تاڙو) پپيھو مينھن وسڻ لاءِ پڪارون ڪندا آهن. اڄ دردمندي جو ديس وٺو آهي. پلر جي ماروئڙن جي چھرن تي مُرڪون موٽي آيون آهن. هر چھرو خوشيءَ مان ٻُھڪي ٿو. بئراجي علائقن مان موٽندڙ، پراڻن پڊن، جھوپڙين ۽ لانڍين ۾ وڃي پنھنجا پکڙا اڏڻ شروع ڪيا آهن. انھن جي لاءِ برسات جھڙي هن دنيا ۾ ٻي خوشي آهي ئي ڪانه! ماروئڙن جا ويڙها وري واسجڻ شروع ٿي ويا آهن. وسڪاري جي مند ۾ انيڪ اُميدون رکندڙ ماروئڙن کي مدهوش ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي مدهوشي ۾ جڏهن سانوڻ ۾ مينھن اوهيڙا ڪري اچن ٿا، تڏهن هر پاسي ٿري ماروئڙن جي مُک تي جھونگارون، للڪارون، همرچا، دوهن ۽ ٻين انيڪ لوڪ گيتن جون پُڪارون هونديون آهن.

اهڙي مدهوشي ۾ وسندر مينھن انيڪ رنگ آڻيندا آهن. جڏهن ٿر جي ڀلاريءَ ڀونءَ تي مينھن وسندو آهي، ته انيڪ گاهن جون گلزاريون ٿينديون آهن. کَستوري، لپ، لوڻي، لام، چيھو، سيڻ، ڊامڻ، ڊڀ، ويڪر، وينجھور، ٻرو، اڳ ٿڻي، سڻي، کيرول، کوري، ويساني، جھرڻيون، آراڙ، کوائي، پپون، ۽ ٻيا انيڪ گاهه ڦُٽي ٿر جي فطري سونھن کي ساڀيا ڏيندا آهن ۽ ٿر جي ٿڌي واريءَ تي سائي چادر ۽ وليون پڻ ڦُٽن، جن ۾ گولاڙا، گدريون، ڪارينگال ول، ٽوهه ول، گدريا ول، ڪونڍيرو ول، مھيا ول، گوٽينبڙا ول، متيرا، گدرا، توريا، ڪدو، گنڍير، ڪتيا، ڀڳڙا، پيرول، موگر، لوو، بناپاڙي، انکروتي، سمس ڌڌول وغيره شامل آهن. اهڙي ئي فطرت ۾ ڦُٽندڙ ڀاڄين جا پڻ انيڪ قسم آهن. جھڙوڪ کُنڀيون پڻ نڪرڻ شروع ٿينديون آهن. انھن جا به ڪيئي قسم آهن. هڪ وينھل واريءَ جي ڀٽن ۾  نرم زمين ۾ نڪرن جيڪي سنھيون آهن، ٻيون ڊِٻَ ۽ نرم زمين تي نڪرن، ٽيون ڏهرن ۽ سخت زمين ۽ ڪي وري ڀونڇانڊن ۽ پاساڙن ۾ نڪرن، جن جي اهڙي لذت واري ڀاڄي ٿئي، جن کي اسان لاڙ پلي سان به ڀيٽي نه ٿا سگھون.

اھڙي فطرت جي سونھن ۽ سوڀيا ۾ جڏهن  مينھن مار ۽ ٿر فطرتي ۽ جمالياتي سونھن آهن. هن سونھن جا انيڪ رنگ آهن. انھن رنگن جي عجيب دنيا آهي. ڪيئي ڀٽڪندڙ روح انھن  رنگن جي دنيا ۽ موسم لاءِ پنھنجي اندر جو جلوو جلائيندا آهن. اهڙي نموني ٿر جي حسناڪي، مڙهين، مٿارين، ڏهرن، اوڙن، ٽونڪن، جھولن، ريلن، گوچارن، اڪن، لڪن، لانگھن، پڪڙن، ڀونڇانڊن، پاڇن، ڏرڙن ۽ ڏنگرن تي سانگِيئڙن جي بانسري ۽ چنگ چوري، ٿر تي ماروئڙن جون تنواريون آهن. اهڙي ردم ۽ سُر ۾ چوپائي مال، ٻڪرين، رڍن ۽ ڍڳين جي ڌڻن جي ٽوڪرين ۽ گھنڊين جا آواز ٿر جي حسناڪين کي سُر بخشيندا آهن ۽ چوپائي مال جي چرڻ لاءِ انيڪ گاهن جو گلزاريون هونديون آهن. جن ۾ مريئڙو، ڀرٽ، ڀنگري، جوڳيئڙو، جوٽي، وينل، سائوڙ، ملير مکڻي ۽ ٻيا گاهه هوندا آهن.

اهڙي مَھڪندڙ ماحول ۾ وري ٿاريلا اياز کي تنوارين ته ڪي وري باغي کي ڳائين، ڪي لوليون للڪارين، ته ڪي همرچي جا هوڪرا ۽ وراڻيون پنھنجي فطري حُسن سمجهن، صبح سوير ۽ ميرانجهڙي شام مورن جي ٽھوڪن ۽ تاڙن جي تنوارين ۽ ڌنارن جي جھونگارن سان فطرت جي اهڙي ماحول کي وڌيڪ حسناڪي بخشيو ڇڏين. اهڙين پُڪارين ۾ سانگيئڙن جا سمورا ڏک، ڏولا، سُور ۽ سختيون ٿوري وقت لاءِ کانئن ڏور ٿيون وڃن. فطرت جي اهڙي حسناڪي کي ڀٽ ڌڻي پڻ عجيب ڪيفيت ۾ بيان ڪيو آهي.

مينھان ۽ نينھان اکر ٻئي هيڪڙي

جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪينھان

بادل ٿي بيھان اگم، اچڻ جي ڪري.

ڀٽائي پڻ هتي جي مينھن ۽ نيھن کي هڪ ئي واٽ تي ڏٺو. هتي جي ماڻھن جون محبتون، قربتون، قراريون ۽ ڪچھريون پڻ وسڻ جا ويس ڪندڙ ڪڪرن ۽ ڪيھان ڪندڙ ڪڪرن جھڙيون ئي هونديون آهن. سچن موتين ۽ سونھن  جي سُندرتا  جي هن ديس ۾ تل، ترائين، ٽوڀن، ندين جو ڪھڙو ذڪر ڪجي. ڪارونجھر جي هنج مان نڪرندڙ ندين جي گھوگھاٽ هماليه ۽ هندو ڪش (جبل) مان نڪرندڙ  گليشرن کان گھٽ نه هونديون آهن.

جڏهن ڀوڏيسر، راڻاسر، انچلاسر، ڳئون مکي، ڪجلاسر، رڙياسر، ڀڻاسر، پلر جي پالوٽ سان پلٽجن ٿيون، تڏهن کن پل لاءِ اکيون ڪينجھر جي ڪنارن ۽ سنڌو جي نظارن کي وساري ويھي رهنديون آھن ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ سنڌ ڌرتيءَ جو اصل روح هن حسناڪين ۾ رھِي رهيو آهي ۽ هي دردمندي جو ديس اصل جنت لڳندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org