|
عبدالسميع ابن الھيار ڄام شورو
(قسط: پنجين)
سڙهه
بَندرَ جان ڀَئِي، سُکاڻِيا مَ سُمَهو
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، جِئَن ماٽِي مَنجِهه مَهِي
ايڏو سُورُ سَهِي، نِنڊَر نه ڪجِاهُ ناکُئا!
واپاري:
”
ته پوءِ ھي به منھنجو ٿيو.“
قزاق:
”ڪل
ٻه سؤ درھم وٺندس.“
واپاري:
”پر
اسان پھرين طئه ڪيو، ته ٻارنھن درھم ھڪ قيدي.“
قزاق ڳالھه ڪٽيندي:
”بس
ٻه سؤ درھم.... نه ته ھليو وڃ؟“
نوجوان واپاريءَ درھمن جي ھڪ ٿيلھي ۽ ڏھه درھم الڳ
سان قزاق کي ڏنا ۽ پنھنجا غلام وٺي منڊيءَ مان
نڪري آيو. ويجھي مھمان خاني ۾ غلامن نئون لباس
پاتو ۽ ماني کاڌي. ايتري ۾ اھو واپاري به مٿن اچي
پھتو ۽ ساڻ ھڪڙي صندوق به آندائين. سيٺ ممتاز ۽
صديق بابا سُڃاتو، ته اھا صندوق سندن ئي جھاز تان
چورايل آھي. جنھن ۾ ڪيترا ئي پئسا ڏوڪڙ ۽ سون پيل
ھو. سڀني جون نظرون ميز تي پيل صندوق تي کُتل ھيون
۽ ان واپاريءَ پھريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ ڳالھايو، ته
پوءِ ڪپتان ڪير ٿيندو؟ سڀني جو عجب ۾ وات ڦاٽي
ويو. ھي فارسي واپاري ڪو ٻيو، نه پر سندن ئي ساٿي
ميرب ھو. سيٺ ممتاز ۽ صديق کان ٽھڪ نڪري ويو ۽
ڪمري ۾ نعرن جي ھوڪار مچي وئي. جيئي سنڌ.... سدا
جيئي جئي، سنڌو ساگر مھا ساگر.
پوءِ ميرب پنھنجي ڪوڙي ڏاڙھي لاٿي ۽ صندوق آڻي سيٺ
ممتاز جي اڳيان حاضر ڪيائين. سيٺ کيس مٿي تي چمي
ڏيندي چيو، وڏي مھرباني پيارا ميرب. تو پنھنجي
ٽوليءَ کي بچائي ورتو.
ميرب:
”نه
سيٺ صاحب سڄو ڪمال اوھان جي صندوق جو آھي. پھرين
ته سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻ کان پوءِ، ھن صندوق مون کي
ڪناري آندو ۽ پوءِ ھن صندوق جي خزاني مون کي
پنھنجي ٽوليءَ سان ملايو.“
ممتاز:
”تڏھن
ھاڻ تون ڀلي اھا بچيل رقم رکي ڇڏ.“
ميرب:
”نه
سائين، مان اوھان جو خادم آهيان. جڏھن اوھان مون
کي ٻيو سڀ ڪجهه ڏيندا رھو ٿا، ته ھن صندوق جي ڪھڙي
ضرورت. ھونئن به اوھان جي نوازش گھٽ ته ناھي. اچي
وٺو ھيءَ صندوق.“
ممتاز:
”ڀلا....
سنڌيار جي ڪا خبر؟“
ميرب:
”ان
کي مون جھاز تان سمنڊ ۾ ڇلانگ ڏيندي ڏٺو ھو، پر
ٻيھر ھو مون کي نظر نه آيو. شايد سڀاڻي وڪرو ٿيڻ
لاءِ منڊيءَ ۾ اچي.“
ممتاز:
”اھو
ڏاڍو خراب ڪم ٿيو. ڪنھن به ريت سنڌيار کي ڳولھي
لھڻو آھي.“
ھڪ جھازيءَ چيو ته
”سنڌيار
واقعي سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو ھو، پر ھو بانس جي ھڪ لڪڙي
تي تري ڪناري نڪتو، پوءِ خبر ناھي ڪٿي پھتو ھجي.“
ممتاز:
”اوھه
خدايا! اھا وڏي آزمائش جھڙي ڳالھه ٿي وئي. پر ھاڻ
ڪنھن به حال کيس ڳولھي لھڻو آھي، ورنه مان سنڌ
واپس نه ھلندس.“
صديق بابا چيو:
”سيٺ
صاحب، ٿئي نه ٿئي سنڌيار سمنڊ تي ضرور ايندو،
ڇاڪاڻ ته کيس اڃا تائين اھا ئي خبر آھي، ته
سامونڊي جھاز ئي کيس سنڌ پھچائي سگھي ٿو. ان ڪري
پاڻ کي ڪنھن بندرگاھه تي ھلي معلوم ڪرڻ گھرجي.“
ممتاز: برابر ھتان موخا جو بندرگاھه ويجھو ٿو
معلوم ٿئي. ان ڪري اُتي ٿا ھلون ۽ في الحال پاڻ کي
بندرگاھه تي ئي ڪو ڪم ڪار ڪرڻو پوندو، جيسين
سنڌيار جي خبر پوي ۽ ڪو جھاز به وٺجي. ميرب:
”صحيح
ٿا چئو سيٺ، سڀاڻي تائين آرام ڪيو پوءِ ڏسنداسين.“
ممتاز:
”چڱو
ھاڻ سڀ آرام ڪريو، سڀاڻي وڏو سفر ڪرڻو آھي. سڀ دعا
ڪيو، ته سنڌيار خيريت سان ھجي ۽ جلد ملي وڃي.“
انسان ڪڏھن به ساڳئي حال ۾ ناھي رھندو. ڪڏھن ڏک
ڏسڻا پون ٿا، ڪڏھن تقدير سُک جي جھلڪ ۽ مسڪراهٽن
جو سامان کڻي اچي ٿي. سنڌيار به ھڪ وڏو حادثو ڏٺو.
پر عبدالله ۽ ڪريمه جي ڳالھين کيس اھڙي دلداري
ڏني، جو ھو کن پل لاءِ پنھنجي بي ترتيب ٿي ويل
حالتن جي به ڳڻتي وساري ويٺو. عبدالله ۽ ڪريمه ٻئي
بي اولاد ھئا. پر ٻئي ڏاڍا شفيق مزاج ۽ ھڪ ٻئي سان
ھڪ صلاح وارا لڳن پيا. ھو سنڌيار کي ڪجهه وقت ترسڻ
لاءِ چون ٿا ۽ سنڌيار به ترسي پوي ٿو. جتي قسمت سڀ
ڪجهه لُٽي ڦُري وڃي، ته پوءِ ٻين تي اعتبار ڪرڻو
ئي پوندو آھي ۽ ھر حال ۾ پاڻ کي اڳتي لاءِ متحرڪ ۽
گامزن رکڻو پوندو آھي. سنڌيار به قدرت جي ان اصول
تي ھلندي پڪو پھه ڪيو، ته نيٺ ھو وطن واپس ويندو.
ڀلي ڪيترو به وقت لڳي، پر نيٺ ھو ماءُ پيءُ سان
ملندو ۽ ممڪن آھي، تيستائين ھو گھڻو ڪجهه سکي چڪو
ھجي.
سنڌيار عبدالله سان گڏ بازار ۾ سامان ڍوئڻ جي
مزدوري ڪرڻ لڳو. عبدالله کيس پٽ وانگر سمجهندو ھو.
ھن سنڌيار کي پنھنجي ڪمائي الڳ بچائي رکڻ جي صلاح
ڏني. جيئن ھو اڳتي ڪو مقصد پورو ڪري سگھي ۽ سندس
ڪفالت عبدالله ۽ ڪريمه پنھنجي سر تي کنئي. سچ آھي،
ته دنيا ۾ ھر قسم جا روح آھن. ڪٿي قزاق ظالم ھئا،
ته ڪٿي وري ھي مھربان جوڙو. جنھن سنڌيار کي پُٽيلو
بڻايو ھو.
شام جي وقت سنڌيار مڪتب ۾ عربي ۽ فلسفو پڙھڻ شروع
ڪيو. مڪتب جي ماحول کي ڏسي سنڌيار کي شوق ٿيو، ته
ھو پنھنجي ڪھاڻيءَ کي قلمبند ڪري، ته جيئن ھو ماءُ
کي سربستو احوال ڏئي سگھي. ھن وقت سندس محبوبه
ماءُ ئي ھئي، جنھن جي تانگهه کيس ستائي رھي ھئي.
پر صبر ۽ محنت کان سواءِ کيس ڪوبه رستو نه ھو.
جيڪڏھن ھن پاڻ ھاريو، ته سندس وطن موٽي ماءُ پيءُ
سان ملڻ جي اُميد به گهٽ ٿي پوندي ۽ ھن جي شخصيت
ھجڻ نه ھجڻ جي وچ تي رھجي ويندي.
وقت جھڙو تيز وھندڙ درياهه شلَ ڪو ٻيو ھجي،
ڪالھوڪو سنڌ جو ھڪ عام ڇوڪرو سنڌيار اڄ حڪمت ۽
فلسفي جو ڄاڻو ٿي ويو ھو. ان کان علاوه ھو عربيءَ
۾ ڀَڙ ٿي ويو. خبر ئي نه پئي، ته ڪيئن پوڻا ٻه سال
گذري ويا ۽ سنڌيار کي ماءُ ۽ مٽيءَ جي سڪ تمام
گھڻو تنگ ڪيو.
(هلندڙ........)
رڇ چيو، ڀولڙو به ڪلھه کان گم آھي، ڪلھه رات پارٽي
۾ به نه ھو. بابا ڪڇون ڪوما کلڻ لڳو، جانورن کي
حيراني ٿي، ھي ڪھڙو کلڻ جو وقت آھي، ھڪ ننڍڙو ٻار
گم ٿي ويو آهي، بابا وري کلي رھيو آھي. ڊڊو کي اھو
کلڻ ڏاڍو خراب لڳو. بابا ڪڇون ڪوما چيو، ھر مشڪل
کان پوءِ آساني ھوندي آھي، توھان جيڪو سوچي رھيا
آھيو، ائين ناھي. اھو چئي بابا ڪڇون ڪوما سڀني
جانورن جا چھرا پڙھڻ لڳو. سڀني جانورن کي غور سان
ڏسڻ کان پوءِ پڇيائين، گڏھه پٽ، اُٺ ڪٿي آھي؟ گڏھه
اُٿي بيٺو ۽ چيائين مون کي ڪھڙي خبر، آئون ته گڏھه
آھيان. بابا ڪڇون ڪوما چيو، جلدي اُٺ جي گھر وڃ ۽
کيس وٺي اچ. گڏھه ويو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ڏاچي
سان ايندي نظر آيو. رڇ چيو، ڏسو گڏھه طوفان ميل کي
وٺيو اچي. ھاڻي ھو ڳالھائيندي ۽ اسان ٻڌنداسين.
ڍڳي چيو، ھاڻي جاپان ۽ جرمني جون سرحدون ھڪ ٿيڻ
واريون آهن. ھاٿي چيو، گڏھه مان اھا ئي اُميد ھئي.
گينڊي چيو، بابا ڪڇون ڪوما گڏھه کي موڪلي ئي نه
ھا، بابا توھان مون کي به موڪلي پئي سگھيا. گڏھه ۽
ڏاچي جڏھن ويجھو پھتا، ته رڇ گڏھه کي سائيڊ تي وٺي
ويو، اڙي توکي اُٺ کي وٺڻ لاءِ موڪليو هو ۽ تون
ڏاچي کي وٺي آئين. توکي اُٺ ۽ ڏاچي جي خبر نٿي پوي
ڇا؟ تو وٽ عقل آھي يا نه. گڏھه چيو، مون وٽ جيترو
عقل آھي، ان مطابق ڏاچي کي وٺي آيو آھيان. رڇ چيو،
تون ڏاچي کي نه وٺي اچين ھا. توکي خبر آهي، ته ھو
جڏھن ڳالھائڻ شروع ڪندي آهي، ته ڪنھن جي ناھي
ٻُڌندي. گڏھه چيو، مون سان به ائين ئي ٿيو. مون
ڏاچي کان اُٺ جو پڇيو، ته ھن ڊگھي ڪھاڻي ٻڌائي.
آئون گڏھه آھيان، مون کان ايڏي ڊگھي ڪھاڻي ڪيئن
ياد ٿئي ھا، ان ڪري وٺي آيس. ھاڻي پڇوس ته اُٺ ڪٿي
آھي. ڏاچي جيڪا اسڪارف پائي آئي ھئي، جهڪي بابا
ڪڇون ڪوما کي سلام ڪيو. بابا ڪڇون ڪوما ڏاچي کان
پڇيو، ادي اُٺ ڪٿي آھي. ڏاچي چيو، بابا ڪڇون ڪوما
توھان کي ته خبر آهي، ته آئون گھڻو نه ڳالھائيندي
آھيان. ٽو دي پوائنٽ ڳالھائيندي آھيان. فضول
ڳالھين کان مون کي ڪاوڙ ايندي آهي.
سچ ڳالھائيندي آھيان، ڪنھن کي وڻي نه وڻي. ڪلھه
رات پارٽي ھئي، آئون پارٽي ۾ نه آئي ھيس، مون کان
ڪنھن پارٽي ۾ نه اچڻ جو پڇيو به ڪونه، ڇا پارٽي ۾
عورتن جي اچڻ تي پابندي پيل ھئي. ھاڻي توھان پڇيو
آھي، ته ٻڌايان ٿي ته مون وٽ پائڻ لاءِ ڪو ڍنگ جو
وڳو نه ھو. گڏھه چيو، پوءِ ڪبوتر جو وڳو پائي اچين
ھا. ڏاچي گڏھه کي ڪاوڙ مان ڏٺو. ڏاڍي خراب ڳالھه
آھي ادا گڏھه، جڏھن ڪير ڳالھائي رھيو ھجي، ته وچ ۾
نه ڳالھائجي، ڳالھائڻ جو سلسلو ٽٽي ٿو وڃي. گڏھه
ھٿ ٻڌي جان ڇڏائي. ڏاچي وري شروع ٿي وئي. ھا آئون
ڇا چئي رھي ھيس، ھا ياد اچي ويو. مون وٽ پاڻ لاءِ
ڪو ڍنگ جو وڳو ڪونه ھو. مون پنھنجي مڙس کي سٺي وڳي
وٺي ڏيڻ لاءِ چيو، ته ھن جواب ڏئي ڇڏيو. آئون
خاموش ٿي ويس. ڇو ته مون کي مٿي ۾ سور پئجي ويو.
ھو تيار ٿيو ۽ پارٽي ۾ ھليو ويو. پارٽي ۾ ڇا ٿيو،
مون کي ڪنھن به ڪجهه ڪونه ٻڌايو. منھنجو مڙس اڌ
رات جو گھر آيو، آئون جاڳي رھي ھيس. مون کائنس
پڇيو، ھي ٽائيم آھي گھر اچڻ جو. ھو خاموش رھيو.
اھا ھن جي بدمعاشي ھئي. منھنجو جھيڙي ڪرڻ جو موڊ
ھو ۽ ھو منھنجي ھر ڳالھه تي خاموش رھندو آھي ۽ مون
کي چڙ ڏيارڻ لاءِ کلندو آهي. رات به ائين ئي
ڪيائين. توهان کي ته خبر آهي مون کي جيڏي مھل ڪاوڙ
ايندي آهي، ته آئون ڪجهه نه ڏسندي آھيان. آئون به
ڪاوڙ ۾ الائي ڇا ڇا چئي ويس. ھو خاموشي سان ٻڌندو
رھيو. خير پوءِ ھو سُمھي رھيو. ڪجهه دير کان پوءِ
مون کي چيائين، تو وٽ مٿي جي سور جي ٽڪي آھي. بس
اھو ٻڌندئي مون کي وري ڪاوڙ اچي وئي. توکي مٿي ۾
سور ھو، ته پوءِ تون بابا ڪڇون ڪوما کان ڪا ٽڪي
وٺي اچين ھا نه... پر نه توکي پنھنجي عياشي جي
ھئي. توکي منھنجو ذرو به خيال ناھي. پوءِ جيڪو
منھن ۾ ايندو ويو، ڳالھائيندي ويس. صبح جڏھن اک
کُلي، ته ھو پنھنجي بستري تي نه ھو. ھو مون کان
ناراض ٿي ھميشه لاءِ ڪيڏانھن ھليو ويو. الا ھاڻي
آئون ڪيڏانھن وينديس. منھنجون ڳالھيون ڪير ٻڌندو،
آئون ته بيواھه ٿي ويس. ڏاچي ھڪ ئي ساھي پوري
ڪھاڻي ٻُڌائي وئي. ھو اڃان به ٻڌائڻ واري ھئي، پر
بابا ڪڇون ڪوما کيس اشاري سان منع ڪيو. سڀ جانور
کلڻ لڳا. بابا ڪڇون ڪوما به کليو.. ڊڊو روئڻ لڳو،
ته ڏاچي وري شروع ٿي وئي. مڙس ته منھنجو گم ٿي ويو
آهي، ڪٿي منھنجي مڙس کي شينھن ته گم نه ڪيو آھي.
جيڪڏھن ائين آھي، ته آئون ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏينديس.
اڙي تون ڇو ٿو روئين، تون ته ماٺ ڪر. بابا ڪڇون
ڪوما کلڻ لڳو. گڏھه چيو، توھان کلي سگھو ٿا، پر
ڊڊو ويچارو روئي به نٿو سگھي. بابا ڪڇون ڪوما ڏاچي
کي چيو، ادي تون گھر وڃ، تنھنجو مڙس اچي ويندو.
ڏاچي حيران ٿيندي چيو، اڇا ته اھا ڳالھه آھي، اُٺ
کي توھان ڪنھن ڪم سان موڪليو آھي. ھن کي ٻين جو ڪم
ڪرڻ جو وڏو شوق آھي. آئون ڪو ڪم چوانس، ته چوي ٿو
ته مون کي فلاڻي ھنڌ وڃڻو آهي، مصروف آھيان، ٺيڪ
آهي توھان ڪنھن ڪم سان موڪليو آھي ته خير آ، پر
مون کي ٻڌائي ته وڃي ھا نه، آئون ڌاري آھيان ڇا،
منھنجو ساڻس نڪاح ٿيل نه آھي ڇا، ڇا آئون سندس
ٻارن جي ماءُ ناھيان، ڇا آئون وڃڻ کان منع ڪيانس
ھا. جيڪڏھن آئون منع به ڪيانس ھا، ته ڇا ھو رُڪي
ھا! ھو ته پنھنجي مرضي جو مالڪ آهي، آئون جنھن ڪم
کان منع ڪندي آھيانس، اھو ئي ڪم ڪندو آهي. ھن کي
ته منھنجو ذرو به خيال ناھي. صبح کان مون کي
اُبتا سبتا خيال اچي رھيا آھن. عين ان وقت ڍڳي کي
پري کان اُٺ ايندي نظر آيو. اڙي ھو ڏسو اُٺ اچي
رھيو آھي. سڀ اُٺ ڏانھن ڏسڻ لڳا، اُٺ جي پٺي تي
دوربين به نظر اچي رھي ھئي ۽ دوربين جي پويان لڊو
ھو. ڊڊو ڪاوڙ مان دانھن ڪئي. اڄ انھي رول کي سبق
سيکاريندس. اھو چئي ڊڊو ڊوڙ پاتي. بابا ڪڇون ڪوما
ڊڊو کي جھليو، سڀني جانورن جي سامھون لڊو کي ڪجهه
نه چئجان، ٻار آھي، آئون پيار سان سمجهائيندومانس.
ڊڊو ڊوڙندي لڊو کي ڀاڪر پاتو. جڏھن اُٺ ڏاچي جي ڀر
۾ آيو، ته ڏاچي شروع ٿي وئي. گھمي ڀري اچي وئين،
وڏو مڙس ماڻھو آھين، جيڪڏهن ٻڌائي وڃين ھا، ته
تنھنجي عزت ۾ گھٽتائي ٿي پئي ھا. تون ته مون کي
ڪجهه سمجهين ئي نٿو. ھائي منھنجي قسمت! ڪٿان ڪٿان
کان منھنجي لاءِ سڱ آيا ھئا. عربستان مان، آفريڪا
مان منھنجي لاءِ سڱ آيا هئا. مون سڀني کي جواب ڏئي
ڇڏيو. منھنجي قسمت ۾ تون جو لکيل ھئين. اُٺ
ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ لڳو. اڙي جيڪو چوڻو اٿئي گھر
ھلي چئو. منھنجي بيعزتي ته نه ڪر. ڏاچي اُٺ کي وٺي
گھر ڏي وڃڻ لڳي.
(ختم ٿيو..)
***
عارفه (حيدرآباد)
بيوقوف شڪاري
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ شڪاري جھنگ ۾ شڪار
سانگي ويو. سڄو ڏينھن گذري ويس پر ڪوبه شڪار نه
لڳس ۽ مايوس ٿي موٽي ويو. وري ٻئي ڏينھن شڪار لاءِ
جھنگ جو رُخ ڪيائين. انھيءَ ڏينھن به ڪو خاص شڪار
نه لڳس، صرف هڪ جھرڪي شڪار ۾ ڦاٿي ۽ جھرڪي کي پڪڙي
ورتائين ۽ جڏهن جھرڪي هٿ آيس ته جھرڪي چيس ته مون
کي پڪڙي توکي ڇا ملندو؟ مون ۾ ته اڌ ڇٽانگ گوشت به
ڪونه آهي. منھنجي هڪ صلاح اٿئي جي اگر منھنجيون ٽي
نصيحتون مڃين ته ٻُڌايانءِ. پوءِ ان تي عمل ڪندين
ته توکي گھڻو فائدو ٿيندو. انھيءَ دوران شڪاريءَ
چيس ته ٻُڌاءِ ته ٽي نصيحتون ڪھڙيون آهن.
منھنجيون ٽي نصيحتون هي آهن. هڪ اها ته جيڪا ڳالھه
پنھنجي پھچ کان مٿي هجي، ته ان تي ڌيان نه ڏجي.
انھيءَ کان پوءِ جھرڪي ڀڙڪو ڏئي وڃي وڻ تي ويٺي ۽
پوءِ شڪاري کي ٻُڌايائين، ته منھنجي ٻي نصيحت هي
آهي، ته جيڪو ڪم هٿ مان نڪري وڃي انھيءَ جو ارمان
نه ڪجي. انھيءَ ڪري جو جيڪا توهان جي هٿ ۾ نه هجي
پوءِ انھيءَ لاءِ ڪھڙي جدوجھد ڪجي. جھرڪي ٽي نصيحت
ٻُڌائي اها نصيحت وڻ تي ويٺي ڪنھن مھل روئي پئي ۽
ڪنھن مھل کلي پئي. انھيءَ تي شڪاريءَ پڇيس، ته
کلين ۽ روئين ڪھڙي ڳالھه تي ٿي؟ انھي تي جھرڪي
وراڻيس ته کلان تنھنجي بي وقوفيءَ تي ٿي ۽ روئان
ان ڪري ٿي جو تو مون تي يڪدم کڻي اعتبار ڪيو.
پيارا ٻارؤ! هميشه وڏڙن جي ڳالھه ٻُڌي پوءِ انھن
ڳالھين تي اعتبار ڪندا ڪريو. وڏا هٿ سُٺي صلاح
ڏيندا آهن.
”گُل
ڦُل“
سُونهن، سينگار ۽ سچ جي سُرهاڻ سان سجايل رسالو
آهي
جناب ايڊيٽر صاحب. اسلام عليڪم فيبروري جو لاجواب،
بي مثال، گُل ڦُل سائين امر ادريس درس صاحب جن جي
هٿان مليو. جيڪا منھنجي لاءِ بيحد خوشيءَ جهڙي
ڳالهه آهي ۽ سائين امر ادريس درس صاحب جن جي
مھرباني آهي، جيڪو وقت تي اسان کي رسالو پھچائيندو
رهي ٿو. ٽائيٽل تي پنج گلڙن جون تصويرون ڏٺيون، ته
اندر ۾ سُرهاڻ محسوس ٿي. سڄو سٽاءُ پبلڪ اسڪول
ميرپورخاص جي نانءُ هو. پبلڪ اسڪول جي ٻارن وسان
نه گهٽايو، سندن محنت ۽ جُستجو ڏسي، هڪ اُميد جاڳي
ته ٻارن ۾ سنڌي ادب ٻيھر جاڳي پيو آهي. ائين لڳو
جيئن موئن جو دڙو ۽ ڀنڀور جو ڀڙو ٻيھر آباد ٿيا
هجن.
شاعري سڀ سونُ هئي، پر ارباب ياسر نھڙي جي شاعري
”ابي
جي اهميت“
تارن ۾ چنڊ وانگر پئي لڳي. ڪھاڻين ۾ رحيم حسين
عمراڻي جي
”سچائي
۽ ايمانداري“،
ايم. ايس. نارو. جي
”تعليم
جي وڏائي“،
راحيل علي ڌونئرو نوشھروفيروز جي
”بوٽ
جي آتم ڪھاڻي“،
هئا. وري مضمونن ۾ امر ادريس درس جو
”ڪھاڻي
ڪيئن وجود ۾ آئي“،
محمد هاشم نھڙيو جو مضمون
”تعليم
نياڻين جو حق آهي“،
ذوهيب انور جو مضمون
”ايمانداري“
وغيره. مطلب ته سڀني ڪھاڻين ۽ مضمونن ۾ گلاب جي
گُلن جهڙا عنوان ۽ لفظ استعمال ٿيل هئا، پڙهي تمام
بھترين لڳا.
اوهان کي جسُ هجي جو ٻاراڻي ادب ۾ اوهان وري نوان
ليکڪ تيار ڪرايا. جيڪي مستقبل ۾ هلي بھترين اديب
ٿيندا. جيڪي پنھنجي ملڪ جي تاريخ ۾ پنھنجو نالو،
هڪ سُٺي اديب جي لسٽ ۾ شامل ڪرائيندا. انھيءَ ڪوشش
تي توهان کي ۽ توهان جي ٽيم کي مبارڪون هجن. اُميد
ته اهڙي ڪوشش ۽ ڪاوش جاري رکندا.
زوهيب علي ڌونئرو
پبلڪ اسڪول ميرپورخاص
محترم رفيق جمالي صاحب ايڊيٽر
”گل
ڦل“سنڌي
ادبي بورڊ، ڄامشورو (سنڌ)
”گل
ڦل“
جي تازي شماري جي پهچَ ۽ عيد واڌايُون
محترم جمالي صاحب، آءٌ دل جي گھراين سان اوهانجو
ٿورائتو آهيان، جو اوهان
”گل
ڦل“
جي مارچ
2026ع
واري شماري ۾ منھنجو حمد شايع ڪيو ۽ بورڊ جي
روايتن موجب رسالي جي اعزازي ڪاپي مون کي ڏياري
موڪلي.”گل
ڦُل“
۾ وِسرڳ ۽ اَوِسرڳَ ــ
”ھه“
جون غلطيون به نظر آيون. ان پاسي به اوهان کي خاص
ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
پنھنجو ٻارن لاءِ لکيل هڪ تازو نظم
”گل
ڦل“
جي ايندڙ شماري لاءِ اوهان کي موڪلي رھيو آهيان.
پرُوف جي چُڪن کان بچڻ لاءِ ساڳيو نظم اوهان کي
ميل به ڪري رھيو آهيان. مھرباني ڪري ميل چيڪ ڪري
وٺندا. مان هن موقعي تي اوهانکي گذري ويل عيدالفطر
جي مبارڪباد پڻ پيش ڪريان ٿو ۽ دعا ڪريان ٿو، ته
هن عيد اوهان ۽ اوهانجي گهر ڀاتين لاءِ خوشيءَ،
اطمينان ۽ امن جو پيغام آندو هجي ۽ سنڌ ڌرتي
شانتيءَ سان ڀرپُور اڻ ڳڻيون عيدون پسي. (آمين!)
ياسر قاضي
منزل مقصود، فليٽ نمبر
2،
سيڪنڊ فلور عبدالله ڪارنر
H.C.3
پلاٽ نمبر
C-19
سينٽرل ڪمرشل ايريا ڪراچي سنڌ
اسلام عليڪم جناب ايڊيٽر: جيئن ته آئون اوھان جو
ماھوار گُل ڦُل رسالو شوق سان پڙھندو آھيان ۽ ھن ۾
نظم پڻ موڪليندو آھيان. اوھان طرفان سٺي موٽ ملندي
آھي. ان لاءِ اوھان جو احسانمند آھيان. آئون
ماھوار گُل ڦُل جو ساليانو خريدار ٿيڻ چاھيان ٿو.
مجاھد
”خاموش“ھيسباڻي
ڳوٺ گل محمد ھيسباڻي پوسٽ ٽپال گھر ڪوٽ مرزا ڪالو.
وايا اسٽيشن باڊھه تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو سنڌ.
لطيفي لات جو نتيجو
اپريل
2026ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
ڏهر“
جي داستان پھرئين جو ٽيو نمبر بيت آھي.
بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:
(اي منھنجا ربّ) جيڏو (اعليٰ ۽ عظيم) تنھنجو نالو
آهي، آءٌ توکان مھرباني ۽ نوازش به اوتري (بيحد ۽
بي حساب) گهران ٿو. بيشڪ تون ئي بنا ڪنھن ٿنڀ
ٿُوڻيءَ جي (سواءِ ڪنھن ٽيڪ ۽ جَهل جي) وڏي ۾ وڏو
اجهو ۽ ڇانوَ آهين. مان تنھنجي ڪهڙي تعريف (حمّد)
ڪريان، جو اها سڀ (صرف) توکي معلوم آهي. (تون ئي
پنھنجي ثنا کي پاڻ ڄاڻين ۽ سمجهين ٿو.)
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*دعاءِ زينب ٻٻر: ڪلاس ستون، گورنمينٽ ايس ڪي رحيم
گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد.
*محمد ايان ڀٽي: ڪلاس ٻيو گريٽ پاڪستان چلڊرين
اڪيڊمي حيدرآباد.
*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول
حيدرآباد.
*رايان علي ڀٽي: ڪلاس چوٿون، ڪيئر هائوس اسڪول
حيدرآباد.
*فردوس علوي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ گرلس اسڪول هالا
نوان.
*قرار حسين: ڪلاس چوٿون، اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول
هالا نوان.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو.
*ذوالقرنين حيدر لاکو: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا
نوان.
*عدنان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
آراضي سيوھڻ.
*احسان جمالي: ڪلاس چوٿون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
ڳوٺ پاهڙ خان جمالي.
*آسيه غفور چانڊيو: ڪلاس ڏهون، پروفيسر محمد هارون
سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.
*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون
سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.
*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد
هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع
نوشھروفيروز.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
رايان علي ڀٽي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي
ادبي بورڊ پاران
’گُل ڦُل‘
رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |