سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مئي  2025ع

باب:

صفحو:3

سوشل ميڊيا جي جديد دؤر ۾، جتي توهان کي دنيا جي هر معلومات سستي ۽ سولي ملي وڃي ٿي. پر جيڪو مزو ڪتاب جي صورت ۾ ملي ٿو، اهو وڌيڪ لطف اندوز آهي. ڪتاب پڙهڻ پازيٽو (Positive) يعني مثبت عادتن ۾ شامل آهي. جس آهي اهڙن شاعرن ۽ اديبن کي جيڪي بغير ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي سچائي سان پنھنجو ادبي ڪم ڪندا رهن ٿا. ڪتاب لاءِ ڏاهن چيو ته، ڪتاب آب حيات وانگر آهن، جيڪي ليکڪ کي صدين تائين زنده رکن ٿا. ڪتاب سچو دوست به آهي، ڪتاب انساني سوچ کي وسعت ڏين ٿا. ان کان سواءِ ڪتاب سوچڻ، سمجهڻ ۽ شعور جي بُلندين تائين پھچڻ جو سڀ کان بھترين وسيلو آهن. آءٌ خاص ڪري سنڌي ادب جي ڳالھه ڪندس، ته اسان جي پياري دوست ۽ محقق سائين گلزار ڪلھوڙو پاٽائي جي تازي آيل ڪتاب ٽھڪن جا آواز جي رونمائي دادو ضلعي جي قديم شھر پاٽ ۾ ڪئي وئي. جنھن ۾ ضلعي جي مکيه اديبن کان سواءِ مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم احمد سولنگي ۽ خزانچي ڀارو مل امراڻي شامل ٿيا.

سائين گلزار ڪلھوڙو جي ادبي صلاحيتن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. سندس قلم ۾ طاقت ۽ همت آهي. جيڪو سدائين بيباڪي سان وهندو رهي ٿو. ليکڪ گهڻ رکي شخصيت آهي، هُو ماٺيڻي مزاج جو مالڪ ۽ اعليٰ ظرف وارو ماڻھو آهي. هميشه نون لکندڙن کي اُتساهه ڏيندو آهي. هڪ ئي وقت اُستاد، محقق، اداڪار، شاعر، سماجي ڪارڪن ۽ صحافي پڻ رهي چڪو آهي. سندن اهم ادبي ڪم دادو جي قديم شھر پاٽ جي تاريخ لکي، جيڪو اهم دستاويز پڻ آهي. جنھن مان کين ادبي حلقي مان گهڻي پذيرائي ملي. ان کان پوءِ گهڻو وقت سگا شاخ پاٽ جو پھريائين ڪارڪن ۽ پوءِ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. جتي پڻ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا آهن. اهڙا ماڻھو پنھنجي ڪم، ترقي پسند سوچ  ۽ رت ست ڏئي  سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

هن جديد دؤر ۾ ماڻھو پريشانين جي ڄار ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو ۽ مشڪل سان ڪو کِلندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ گلزار جهڙا سنجيده ماڻھو اڄ جي معاشري جو حال ڏسي، انھن کي کلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪو مثبت قدم آهي. ليکڪ مزاحيه لطيفا صرف کلائڻ لاءِ نه لکيا آهن. پر هنن ۾ پيغام به آهي، ته جيئن حرام کان بچجي ۽ هلال شيون کائجن، جيڪو ٻار نه پڙهندو اهو يقينن ناپاس ٿيندو يا جيڪو ٻار هوم ورڪ نه ڪندو، ته بھتر پڙهائي نه ڪري سگهندو. زال ۽ مڙس جو ڪاوڙجڻ ۽ پرچڻ، ماڻھن جي گهرن مان ٽھڪن جا آواز اچڻ، پراڻن حڪيمن ۽ جديد ڊاڪٽرن جا وڻندڙ ۽ مزيدار عنوان پڙهي يقينن ڪجهه دير لاءِ دنيا جا ڏک سُور ڀُلجيو وڃن. ان کان سواءِ ڪتاب ۾ موالين، ملن، ڏاهن، واپارين، ڪنجوسن، سخين، شادين جانورن، پکين ۽ پروفيسرن جهڙن مزيدار عنوانن سان لطيفا لکيا آهن.

هن ڪتاب جو مُھاڳ ناليواري اديب، شاعر۽ سابقه رابطه سيڪريٽري سائين رجب آزاد لکيو آهي، ٻه اکر سندس ڳوٺائي علي رضا منگي لکي کيس بھترين لفظن جي ڀيٽا ڏني آهي. راڌڻ شھر سان تعلق رکندڙ بھترين اُستاد ۽ شاعر معصوم بخاري ليکڪ کي پاٽ شريف جي ادبي سنگت جو روح روان سڏيو آهي ۽ سندس لکڻين کي هر دل لاءِ درد جي دوا چيو آهي. سندس ڀاءُ زوار بچل ڪلھوڙو ڪتاب جو خوبصورت بيڪ ٽائٽل لکي ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. ڪتاب ۾ 64 صفحا آهن. هن جو ڇپائيندڙ پيڪاڪ پبلشر ڪراچي آهي. اُميد ڪيان ٿو، ته سائين جو هي ڪتاب ادبي ڌارا ۾ ڪاميابيون حاصل ڪندو ۽ ليکڪ پنھنجو ادبي ڪم جاري ۽ ساري رکندو.          ***


 

نصرالله نُھڙيو، لياکڙو /ٿرپارڪر

ماءُ

 

       ·ماءُ دنيا جي سڀ کان پياري هستي آهي.

       ·ماءُ جي هنج انسان جو پھريون اسڪول آهي.

       ·ماءُ کان وڏو ڪو به اُستاد ناهي.

       ·ماءُ جو پيار گل کان وڌيڪ خوبصورت ۽ تازو هوندو آهي

       ·ربّپاڪ هر دعا قبول ڪندو آهي، جيڪا ماءُ جي زبان مان نڪرندي آهي.

       ·ماءُ کي گار ڏيڻ سڀ کان وڏو گناھ آهي.

       ·ماءُ زندگيءَ جي اونداهين رستن ۾ روشني جو ڏيئو آهي.

       ·ماءُ کان سواءِ گهر قبرستان آهي.

       ·اي منھنجا ربّ، انھن تي رحم ڪر جيئن انھن مون کي ننڍي هوندي پاليو هو.

***


 

سميع الله عباسي

ڪنڊيارو

اسان جون دعائون ڇو قبول نٿيون ٿين.

نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جو ارشاد مبارڪ آهي، ته الله تعاليٰ جل شانھ خود پاڪ آهي ۽ پاڪ مال ئي قبول ڪرڻ فرمائيندو آهي. ۽ ان مسلمانن کي ان ڳالھه جو حڪم ڪيو آهي. جنھن جو پنھنجي رسولن کي حڪم فرمايو اٿس.

قرآن شريف ۾ آهي، ته ترجمو:  ”اي رسول! پاڪ شين کي کائو ۽ نيڪ عمل ڪريو. آءٌ توهان جي ڪمن کان باخبر آهيان.

ٻئي جاءِ تي ارشاد گرامي آهي، ته اي ايمان وارؤ!  اسان جي ڏنل پاڪ رزق مان کائو.

ان بعد وري حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم هڪ شخص جو ذڪر فرمايو، ته هو وڏا وڏا سفر ڪري ٿو (جيئن مسافر جي دعا قبول ٿيندي آهي) ۽ ان سان گڏ وکريل وارن وارو ميرن ڪپڙن وارو (يعني پريشان حال) ٻئي هٿ آسمان جي طرف ڦھلائي چوي ٿو، ته اي الله... اي الله پر سندس کائڻ حرام آهي ۽ پيئڻ حرام آهي، لباس حرام جو اٿس. هميشه حرام کاڌائين، ته پوءِ ان جي دعا ڪيئن قبول ٿي سگھي ٿي. اسان ماڻھن جي هميشه اها سوچ رهي ٿي، ته مسلمانن جون دعائون قبول نه ٿيون ٿين. ليڪن اسان جي حالاتن جو انديشو مٿينءَ حديث شريف مان لڳائي سگھجي ٿو ، ته اسان جو کائڻ پيئڻ لباس وغيره حلال طريقي جو آهي يا حرام.

جيتوڻيڪ ربّ سائين پنھنجي فضل ۽ ڪرم سان ڪڏهن ڪڏهن ڪافر جي به دعا قبول ڪري وٺندو آهي. اهڙيءَ طرح فاسق شخص جي پڻ. ليڪن پرهيزگار جي دعا اصل شيءِ آهي. ان ڪري پرهيزگار، نيڪ ۽ صالح شخص کان دعا جي تمنا ڪئي ويندي آهي.

پيارا ڀائرو! جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا. ته اسان جون دعائون قبول ٿين. ته پوءِ اسان جي لاءِ ضروري آهي. ته حرام مال کان پرهيز ڪريون ۽ اهڙو ڪير ٿي سگھي ٿو ، جيڪو چاهيندو هجي، ته منھنجي دعا قبول نه ٿئي؟ بس! ڌڻيءَ در دعا آهي، ته اسان سڀني مسلمانن کي حق ۽ حلال کارائي پياري ۽ اسان گنھگارن جون دعائون مديني واري گھوٽ حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن جي صدقي قبول فرمائي.

(آمين)

***

 

 

 


 

ذيشان چنڙ/سنڌيڪار: اڪرم مصراڻي

R.T. Centre ڄام شورو

مادو ڪيئن پيدا ٿيو؟

ڌرتيءَ تي وسندڙ تمام زندگيءَ جيان، انسان به هڪ جيو يا آرگنزم آهي. ڪوبه جيوَ ماءُ جي ٻچي داني ۾ دل، دماغ، ڦڦڙ، بڪيون، جيرو، هٿ پير ۽ ٻين کوڙ سارن عضون جي ملڻ سان تيار ٿيندو آهي. ڪنھن جنس (Species) کي ٺاهيندڙ عضوا خود ٽشوز جا ٺھيل هوندا آهن. ٽشوز وري مختلف جيوگھرڙن (Cells) جي ميلاپ جو نتيجو هوندا آهن. جيوگھرڙا ڪاربوهائڊريٽس، پروٽين، نيوڪلڪ ايسڊز، لپڊز وغيره. جھڙن بايوماليوڪلز جي ملڻ سان ٺھندا آهن. بايوماليڪولز مختلف عنصرن يعني ڪاربان، هائڊروجن، آڪسيجن، نائٽروجن، سلفر وغيره جي جوڙجڪ جا ٺھيل هوندا آهن. اهي عنصر ايٽمن جا ٺھيل هوندا آهن. ايٽم وري ننڍڙن ذرڙن اليڪٽران، پروٽان، نيوٽران جي ميل جول سان ٺھندو آهي. اليڪٽران ته اليڪٽران جو ٺھيل آهي. ان ڪري اسين ان کي بنيادي ذرڙو (Elementary particle) سڏيندا آهيون، ان جي گَھِرائي بس اتي ئي ختم آهي. پر ائٽم جي نيوڪلس اندر سَٿيل پروٽان ۽ نيوٽران ايليمينٽري پارٽيڪلز نه آهن. انھن جون کلون لاهينداسين، ته انھن مان ڪوارڪس نڪري ايندا مطلب، ته اهي ٻئي ڪوارڪس جي ذرڙن جا ٺھيل آهن.

ڪوارڪس ئي ته مادي جي رچنا ڪندڙ (بلڊنگ بلاڪ آف ميٽر) آهن. بگ بينگ (Big Bang) ٿيڻ کانپوءِ انھن توانائي جي ڪڻڇي ۾ تيار ٿي مادو حاصل ڪيو هو. ڪوارڪس خود بنيادي ذرڙات (Elementary Particles) آهن. ان جي اندر ٻيو ڪجھه نه آهي (They are themselves) پر هڪ انتھائي اهم سوال ته انھن ڪوارڪس ۾ ماس ڪيئن ۽ ڪٿان آيو؟

اچو ته ان جي ڪڍ لڳون. جڏهن بگ بينگ ٿيڻ کانپوءِ ڪائنات جو جنم ٿيو، ته شروع ۾ توانائي ۽ تابڪاري/شعاريزي (Radiation) جي ڀرمار هئي. ائين سمجھو ڪائنات ريڊئيشنز جو گھاٽو سوپ (Soup) هئي. بس خالص توانائي (Pure energy) هئي ٻيو ڪجھه نه هو. نه هو بندو نه ڪا بندي جي ذات. پر ان خالص توانائي کي آئنسٽائن جي E=MC² جي مساوات موجب مادي ۾ تبديل ٿيڻو هو. جڏهن ڪائنات تپي باھه مان ٿڌي ٿيڻ لڳي، ته ڇال ڏئي ڪوارڪس ٺھي ويا. ٻيو ڪجھه به نه ٿيو.

اصل ۾ توانائي ئي مادي ۾ تبديل ٿي، فزڪس جا اصول ان جي بلڪل اجازت ڏين ٿا.

***


 

امداد عاجز نصيراڻي/شڪارپور

ڪتابن سان دوستي

ڪتاب انسان جا نھايت بھترين دوست آھن. جيڪو انسان ڪتابن سان دوستي رکي ٿو يا ڪتابن کي ھميشه پنھنجي هنئانءَ ۾ سانڍي ٿو، ته اهو ئي انسان ڪنھن سٺي منزل تي پھچي ڪاميابي ماڻي ٿو. ڪتاب پڙهڻ جي عادت زندگي جي هڪ بھترين عادت آھي. ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻھو دل لڳائي ۽ مستقل مزاجي سان ڪتاب پڙھي ٿو، ته ان ماڻھوءَ جو مطالعو به وسيع ٿيندو آهي. ڪتاب پڙھڻ سان ان جي علم، سوچ ۽ فڪر ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿئي ٿو. ڪتاب پڙهڻ سان ماڻھو جي سوچ تمام وڏي ۽ وسيع ٿئي ٿي ۽ جنھن جي سوچ وڏي ۽ وسيع ٿئي ٿي، ته يقنن ان کي ڪاميابي به اوتري وڏي ۽ وسيع ملي ٿي.

ڪتاب پڙھڻ سان اسان جي ذهن، علم، ڄاڻ، سوچ، فڪر، غور ۽ ويچار ۾ بلڪل نواڻ پيدا ٿئي ٿي. جنھن سان اسان کي ڪاميابي لاءِ نوان نوان رستا ٺاھڻ جو موقعو ملي ٿو. ڪامياب ماڻھن جي هميشه ڪتابن سان ئي دوستي رهندي آھي. ان ڪري جو ڪتابن کان وڌيڪ وفادار دوست هن معاشري ۾ ملڻ مشڪل نه پر ناممڪن آھي. ڪتابن سان دوستي رکڻ وارو فرد زندگي ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه ٿو ٿي سگهي. ڪتابن سان دوستي ۽ ڪتاب پڙھڻ سان پاڻ کي پنھنجي والدين، اُستادن يا وڏڙن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ ۽ ننڍن سان شفقت ۽ پيار ڪرڻ جهڙا سُٺا گُڻ سِکڻ جو موقعو ملي ٿو. مختلف ڪتاب پڙھڻ سان اسان کي نوان نوان پھلو ۽ نيون نيون شيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون. جيڪي اسان جي علم ۾ يقينن اضافو ڪن ٿيون.

ڪنھن ڏاهي چيو آھي، ته ڪتاب انسان کي اُڏامڻ لاءِ پَرَ (کنڀ) ڏين ٿا. يقينن جيئن پکي اُڏامڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي ۽ اُڏامڻ لاءِ ان کي کنڀَ يعني پَرَ ضرور گهرجن، ته جيئن اھو پکي بُلندي تائين اُڏامي سگهي، ته بلڪل ائين ئي انسان کي به ڪاميابي جي بُلندي کي ڇُھڻ لاءِ ڪتابن جو پڙھڻ انتھائي ضروري آھي. ڪتابن جي مطالعي کان سواءِ ڪو به ماڻھو ترقي يا منزل نٿو ماڻي سگهي. ڪتاب پڙھڻ جي عادت رکڻ وارو شاگرد ھميشه پنھنجي ڪلاس جي شاگردن کان پڙھائيءَ ۾ اڳ کان اڳرو هوندو آھي. ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ اهو شاگرد ڪلاس يا پوري اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ موٽ تمام وڌيڪ ڏيندو آھي. جنھن جو سبب ڪتابن سان گَهري دوستي ۽ پابنديءَ سان ڪتابن جو مطالعو آھي.

پيارا ٻارو! ڪتاب پڙھڻ سان ئي امتحانن ۽ پنھنجي زندگي جي اهم مقصدن ۾ ڪاميابي ملي سگهي ٿي. ڪتابن سان دوستي نڀائڻ وارو ئي انسان پنهنجي زندگي ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان ڪري اسان کي گهرجي ته  اسين روز جي بنيادن تي پابنديءَ سان ڪتاب پڙھڻ جو وقت طئي ڪري ڪتابن جو سٺو مطالعو ڪريون ۽ ائين ڪرڻ سان ڪجهه ئي عرصي ۾ اسين سُٺا ڄاڻو ۽ وسيع سوچ رکندڙ ڪامياب انسان بڻجي وينداسين.

***

خالد ڀٽي/شڪارپور

وقت وٺو وقت

ڳوٺ فتح پور جي مڊل اسڪول ۾ رجب نالي هڪ فضيلت ڀريو ڇوڪرو پڙهندو هو. هو سٺي اخلاق وارو، وقت تي ڪم ايندڙ ۽ کلمُک ڇوڪر هو. پر هن جي هڪڙي ڳالھه سڀني کي حيران ڪندڙ هئي. سا اها ته رجب هميشه چوندو هو، آهي ڪو جيڪو مون کان وقت وٺي. دوست کِلي ڪري سندس ڳالھه کي نٽائي ڇڏيندا  هئا ۽ گهر وارا رجب جي ڳالھه کي سمجهي نه سگهندا هئا.

هڪڙي ڏينھن هڪ اُستاد، رجب کان پڇيو، پٽ! تون واري ڦيري سان چوندو ٿو وتين، آهي ڪو جيڪو وقت وٺي، آهي ڪو جيڪو وقت وٺي....! ائين ڇو.

رجب سنجيده ٿي وراڻيو، اُستاد ! مون وٽ وقت جي صورت ۾ هڪ خزانو آهي. ڌڻي سڳورو  مون کي روزانو 24 ڪلاڪ ڏئي ٿو. انھن 24 ڪلاڪن کي آءٌ ورهايان ٿو. ڪجھه ڪلاڪ  پڙهائي کي ڏيندو آهيان، ٿورو وقت راند روند کي، ڪجهه ٽائيم گهر کي، پر پوءِ به منھنجي دل گهرندي آهي، ته جيڪر ڪو مون کان وقت وٺي، ته آءٌ کيس دل جي خوشيءَ سان ڏيان.

اُستاد حيرت  مان چيو، اهو ڪيئن پٽ؟

رجب وضاحت ڪندي چيو، سائين! جيڪڏهن  ڪو مون کي چوي، ته مون کي ڪا ڪھاڻي ٻڌاءِ ته آءٌ ان کي ڪھاڻي ٻڌائڻ لاءِ وقت ڏيندس. جيڪڏهن ڪو چوي، ته مون کي سبق پڪو ڪراءِ، مون کي رياضي سمجهاءِ يا سائنس جو هي موضوع مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، ته آءٌ ان کي وقت ڏيندس. جيڪڏهن ڪو مون کي چوي، ته اڄ منھنجو منُ اُداس آهي، ته آءٌ اُن کي مُرڪي ڪري دل سان وقت ڏيندس. آءٌ گهران ٿو، ته منھنجو وقت ٻين جي ڪم اچي.

ڪجھه ڏينھن پُڄاڻان ائين ٿيو جو ڳوٺ ۾ هڪ پيرسن بيمار ٿي پيو. ھر ڪو پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ مصروف هو. رجب کي  خبر پئي، ته هو تڪڙو تڪڙو انھيءَ پوڙهي وٽ پھتو. اچي ان جي ڀرسان ويٺو. طبيعت پڇي، هيڏانھن هوڏانھن جي ڳالھين ۾ کيس ريجهائڻ لڳو. پاڻي پياريائينس. پوڙهي رجب جو سڀاءُ ڏسي ڏاڍو سرهو به ٿيو، ته سندس اکين ۾ لڙڪ به تري آيا. پوڙهي چيو، پٽ! دوا کان وڌيڪ ته مون کي تو سڪون ڏنو، تو مون کي وقت ڏنو. مون لاءِ اهو ئي گنج ٿي ويو. ابل! سدائين سُکيو هوندين ڪوسو واءُ نه لڳندُءِ.

ٻئي ڏهاڙي رجب جي دوستن  ڏٺو، ته رجب جي مُکُ تي مُرڪ هئي. دوستن رجب کي چيو، ادا! اسان سمجهي ويا آھيون، ته وقت ڏيڻ سڀ کان وڏي چڱائي آهي. رجب کِلندي وراڻيو، ها دوستو، اسان سڀني وٽ وقت جو خزانو آهي. پر جيڪو ٻين کي وقت ڏئي ٿو، حقيقت ۾ اهو وڏو شاهوڪار هوندو آهي. وقت ته سڀ ڪنھن وٽ هڪ جيترو هوندو آهي، پر جيڪو ٻين کي وقت ڏئي ٿو، اهو انمول آهي. دوستن ۽ گهر وارن کي وقت ڏيڻ، محبت آهي. ٻين جي تڪليف ۽ ڏک کي ٻُڌڻ ۽ خوشيون ورهائڻ ئي زندگيءَ جي اصل سونھن آهي. رجب جون سون جهڙيون ڳالھيون ٻُڌي دوستن رجب کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ رجب  سان وچن ڪيائون، ته هو به ٻين کي وقت ڏئي پاڻ کي انمول بڻائيندا. پوءِ سڀئي گڏجي خوشيءَ مان چون ٿا وقت وٺو وقت.

***

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪراچي

جاويد، راڪيٽ ۽ خلائي مخلوق

زيرو... ون... ٽو..... ٿري.... زُون .... راڪيٽ تيزي سان مٿي اُڏاڻو. ڪنٽرول پينل تي لڳل رنگين روشنيون ٻُڌائي رهيون هيون، ته راڪيٽ جا سمورا پرزا پنھنجو ڪم ٺيڪ طرح سان ڪري رهيا آهن.

پوءِ اوچتو گُھگھو وڳو.

ڇا ٿيو وري ...؟ ڪنٽرول پينل تي ويٺل ڊاڪٽر عابد پڇيو. کير جي ٽانڪي خالي آهي...؟ روبوٽ جواب ڏنو. ان ۾ ٿورو به کير ڪونھي...!؟ جي نه اها صفا خالي آهي. روبوٽ ٻُڌايو.

کير کان سواءِ خلا ۾ اسان مشڪل سان رهي سگھنداسين. تنھنڪري جلدي راڪيٽ کي ڌرتيءَ تي لاهيو، ته جيئن اُتان کير وٺي اچجي.

ٺيڪ آ.... ائين چئي، ڊاڪٽر عابد ڪارو بٽڻ دٻايو. ان ئي گھڙيءَ راڪيٽ هڪ ميدان تي اچي لٿو. ڀرسان ئي هڪ ننڍڙو ڇوڪرو مٽيءَ جا رانديڪا ٺاهي رهيو هو. ڊاڪٽر عابد ۽ سندس ساٿي خلاباز راڪيٽ مان هيٺ لھي آيا.

پُٽ! تنھنجو نالو ڇا آهي؟ ڊاڪٽر عابد. ننڍڙي ڇوڪري کان پڇيو. آءٌ جاويد آهيان. ڇوڪري وراڻي ڏني.

جاويد! پُٽ! اسان کي ڪجھه کير وٺڻو آهي. توکي خبر آهي، ته کيرخانو هتان کان ڪيترو پري آهي؟ ڊاڪٽر عابد پڇيو. بس! هتان ويجھو ئي آھي. سامھون وارو روڊ پار ڪري ٻئي روڊ تي چڙهو. ان روڊ جي کاٻي پاسي هڪ گھٽي ڇڏي، ٻي گھٽيءَ ۾ کير خانو آهي. اُتان اوهان کي سولائيءَ سان کير ملي ويندو. جاويد تفصيل سان پار پتا ٻُڌايا.

مھرباني تنھنجي پُٽ!! ڀلا اسان جي راڪيٽ تي ٿوري نظر رکجان. اسان کير وٺي جلدي موٽي ٿا اچون. ائين چئي ڊاڪٽر عابد ۽ سندس ساٿي خلاباز کير وٺڻ لاءِ روانا ٿي ويا.

جاويد کي شوق جاڳيو ته ھيڪر راڪيٽ ۾ چڙهي ڏسان. پوءِ هن هٿ صاف ڪيا ۽ راڪيٽ وٽ اچي بيٺو. راڪيٽ جي دري کليل هئي ۽ ڀرسان ڏاڪڻ به پئي هئي. هي ڏاڪڻ تي چڙهي راڪيٽ جي اندر هليو ويو. الماڙي کوليائين، ته ان ۾ هڪ خلائي لباس به پيو هو. هن جلدي جلدي اهو لباس پاتو ۽ اچي پائليٽ جي ڪرسيءَ تي ويٺو. ڪنٽرول پينل تي هڪ ڳاڙھو بٽڻ چمڪي رهيو هو. جاويد اڃان ان تي آڱر رکي ئي مس، ته دري بند ٿي وئي ۽ راڪيٽ تيزيءَ سان مٿي اُڏامڻ لڳو.

هي ڇا ٿي ويو! مون ته وڏي غلطي ڪري وڌي، هاڻي الائجي ڇا ٿيندو؟ راڪيٽ جا مالڪ به کير وٺي پھچڻ وارا هوندا. جاويد سوچيو.

پوءِ اوچتو ڪُرسيءَ کي زوردار جھٽڪو لڳو جھٽڪي سان ئي جاويد وڃي راڪيٽ جي ڇت سان لڳو ۽ هيٺ ڪِرڻ بدران راڪيٽ جي اندر تَرڻ لڳو.

او هو..! مون کي ته هاڻي ڪوبه وزن محسوس نه پيو ٿئي. شايد آءٌ بي وزن ٿي ويو آهيان. جاويد پريشانيءَ مان سوچڻ لڳو.

راڪيٽ جي پاسي ۾ لڳل شيشي جي سوراخن مان آسمان ۽ ستارا صاف پئي نظر آيا. پتڪڙي ڌرتي به ڏسڻ ۾ ٿي آئي. جيڪا تيزيءَ سان سج جي چوڌاري گردش ڪري رهي هئي. وري اوچتو هڪ هلڪو جھٽڪو لڳو ۽ جھٽڪي سان ئي جاويد اچي فرش تي ڪِريو. پر هن کي ڪوبه ڌڪ نه لڳو. هُو اُٿيو ۽ وري اچي پائيٽ جي ڪرسيءَ تي ويٺو.

آءٌ هاڻي نيري بٽڻ کي ٿو دٻايان، شايد ان کي دٻائڻ سان راڪيٽ واپس ڌرتيءَ تي موٽي هلي. جاويد سوچيو.

هن اڃان نيري بٽڻ کي ڇُھيو ئي مَسَ، ته دري کُلي وئي ۽ هو ڪُرسيءَ سميت راڪيٽ کان ٻاهر خلا ۾ اچي بيٺو. او هو... هتي ڪيترو ته سيءُ آهي. اهو سيءُ ته مون کي ماري ڇڏيندو. جاويد سخت پريشان ٿي ويو.

پري کان هڪ پُڇڙ تارو هن ڏانھن اچي رهيو هو. پُڇڙ تاري جي ڪري هن جو سيءُ به لھي ويو. هاڻي ته سيءُ بلڪل ڪونھي. خدا جو شڪر آ.... بچي ويس... هن خوش ٿي سوچيو.

پڇڙ تارو جيئن ئي هن جي ويجھو ايندو ٿي ويو، گرمي پد حد کان وڌندي ٿي ويو. پُڇڙ تارو به جلد ئي هن جي ويجھو اچي ويو. گرمي برداشت کان ٻاهر هئي. تمام گھڻي گرميءَ جي ڪري، جاويد جو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ پوءِ هو ڪُرسيءَ سميت قلابازيون کائڻ لڳو. بچايو... بچايو... هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون..

پوءِ اوچتو هڪ اُڏامندڙ ٿالھي هن جي ڀرسان اچي بيٺي ان اُڏامندڙ ٿالھيءَ مان عجيب و غريب خلائي مخلوق ٻاهر نڪري، اچي ٿالھيءَ جي ڪناري تي بيٺي. انھن مان هڪڙي هٿ وڌايو ۽ جاويد کي ڪرسيءَ سميت کڻي ٿالھيءَ جي ڪناري تي ويھاريو.

هاڻي ٻُڌاءِ! اسان تنھنجي ڪھڙي مدد ڪري سگھون ٿا؟ آءٌ گھر وڃڻ ٿو چاهيان راڪيٽ سميت. جاويد معصوميت مان چيو. ان مخلوق پنھنجي مٿان ٽنگيل هڪ مشين کي ڪجھه چيو ۽ ان ئي گھڙيءَ جاويد راڪيٽ سميت اچي ان ميدان تي لٿو جتان کان هي اُڏاڻو هو. راڪيٽ مان لھي ھو وري رانديڪن ٺاھڻ ۾ مصروف ٿي ويو. ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي نه هجي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ کيرخاني جي بار گاڏي هارن وڄائيندي، اچي راڪيٽ وٽ بيٺي. ڊاڪٽر عابد ۽  سندس ساٿي گاڏيءَ مان لٿا.

معاف ڪجانءِ پُٽ...! اسان توکي دير ڪرائيسين. دراصل کير وٺڻ ۾ ڪجھه دير ٿي وئي. ڊاڪٽر عابد معذرت ڪندي چيو. ڪا ڳالھه نه آهي! جاويد مُسڪرائيندي چيو.

راڪيٽ جي کير واري ٽانڪي کي جلد ڀريو ويو ۽ راڪيٽ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

هاڻي هلون ٿا. تنھنجي وڏي مھرباني ٻئي ڀيري آياسين ته پوءِ توکي به خلا جو سير ڪرائينداسين چڱو خدا حافظ! خدا حافظ! جاويد هوريان چيو.

راڪيٽ اُڏامڻ لڳو ۽ جلد ئي نظرن کان اوجھل ٿي ويو. جاويد رانديڪا کنيا ۽ گھر ڏانھن روانو ٿي ويو.

***

مترجم: اظھر آزاد مغل/شڪارپور

منھنجي سالگرھه جوڪيڪ

منھنجو ٽن سالن جو سؤٽ جميل، صوفي تي ڄنگھون ٽيڙي ويٺو ھو. ھو گذريل ٽيھن منٽن کان وٺي، مون کي آکاڻي جو ڪتاب ھينسل ۽ گريٽل پڙھي ٻڌائڻ لاءِ تنگ ڪري رھيو ھو. ھن پنھنجي ٿُلھي متاري ھٿ سان تاڙي وڄائي ۽ مُکَ تي معصومانه مُرڪ آندي ؛ ھو تمام گھڻو حَسين ھو ۽ ڪنھن کي اھو نه وسارڻ گھرجي، ته ھواڃان به  شھرجي سڀ کان شرارتي ٻارن مٿان حاوي هو.

مان تمام گھڻو پرجوش ھيس. ڇاڪاڻ جو منھنجو جنم ڏينھن ھيو ۽ منھنجي چاچي ۽ ھن جو پٽ جميل اڳ ۾ ئي اچي چڪا ھئا. منھنجي امڙ مون کي ھن جي آکاڻي پڙھي ٻُڌائڻ لاءِ چيو تنھنڪري مان بي دليو ھن سان متفق ٿيس ۽ آکاڻي پڙھڻ شروع ڪئي. جڏھن ته بي چين ۽ بي سُڪون جميل پنھنجي ڪمن ۾ رڌل ۽ مشغول ھو. جنھن سان منھنجي رڳن کي ڌڪ لڳي رھيا ھئا. پر جيڪو ڪجھه آءٌ ڪري سگھيس سا ڪوشش ھئي.

منھنجي ماءُ منھنجو من پسند ڪيڪ ٺاھي رھي ھئي. تنھڪري جڏھن چُلھي مان نڪرندڙ دلڪش خوشبوءِ ھوا کي مُعطرڪري ڇڏيو. آکاڻي به مڪمل ۽ پوري ٿي وئي ۽ ائين مان سُک جو ساھه کنيو. ڇا مون کي ڪجھه بسڪٽ ملي سگھن ٿا؟ جميل چيو.

مون بغيرسوچي سمجهي ھن کي بسڪيٽن جو جوڙو ڏنو. ھو ٿورو حصو فرش تي ڦِٽي ڪرڻ لڳو. مان ھينسل آھيان، ھن دانھن ۽ ڪوڪ ڪئي.

اوهه،  بيھه، بس ڪر، گريٽل ٿي. مون ڪاوڙ مان چيو. ھن جون اکيون شرارت مان چمڪن ٿيون جيئن ئي ھو ھليو ويو ۽ منھنجو ڀڳل ٽٽل پراڻي پلاسٽڪ وارو ڏانئڻ وارو پوش پائي واپس آيو. ھُن کي ٽوپلو پاتل ھو ۽ مڪريلي نموني مُسڪرائي رھي ھئي. سائي فيروزي وڳي ۾ ملبوس جميل گُڏي کنئي ۽ چيو، ڏانئڻ! ڏانئڻ! مان توکي چُلھي ۾ اُڇليندس !

منھنجو خيال ھو، ته ھو رڳو ائين ڪرڻ جو بھانو ڪندو. تنھنڪري مان ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو. جلد ئي رٻڙ جي سڙڻ جي بدبوءِ چوگرد ھوا ۾ ڦھلجي وئي. مان بورچيخاني ڏانھن ڀڳس. مان اھا جاءِ سمجھي نه سگھيس، جتان بدبوءِ اچي رھي ھئي. پرجڏھن مون چُلھي جي اندران نھاريو، مان ڪيڪ ۾ پنھنجي گڏيءَ کي اڌ ٻڏل ڏٺو، اڌ سڙيل. جميل ان جي اندر ڏائنڻ نما رانديڪو ڌڪي، منھنجي ڪيڪ جو ئي ستياناس ڪري ڇڏيو ھو. ڪاوڙ ۽ ڏک جو احساس منھنجي دل کي وڪوڙي ويو. جيئن ئي مان محسوس ڪيو، ته ان ۾ ڪي قدر منھنجو به ڏوھه ھيو. مون ھن کي گريٽل ٿيڻ جو چيوھو. مون پنھنجي احمقانه ۽ بيوقوفاڻي غلطي تي بُلند آواز ۾ رڙيون ڪري، ماتم ڪيو. جڏھن ته جميل مڪريلي انداز ۾ بدتميزيءَ سان ڏند ڪڍي کلي رھيو ھو. مون ھن کي مٿي کنيو ۽ ايترو مضبوطي سان ڀاڪر پاتو، جو ھو ساھه به نه کڻي سگھيو. تنھنجي سزا مون چيو ۽ ھن جي ٽماٽي جھڙي ڳاڙھي مُنھن کي ڏسي ٽھڪن جي گجگوڙ ڪئي. اسان ٻئي کلياسين. جيئن ئي اسان بورچيخاني مان خوشي مان نڪتاسين. جيڪو ڪجھه ٿيو مون ان جي باري ۾ امان ۽ چاچي کي ٻڌايو. منھنجي چاچي، جميل کي ٻن سببن جي ڪري سخت دڙڪا ڏنا. پھريون ته ڪيڪ جو ستياناس ڪرڻ تي ۽ ٻيو چُلھي کي ڇھڻ ۽ ھٿ لائڻ تي.

نه،  نه،  اُن ۾ ڪي قدر منھنجو به ڏوھه ھيو، مون جميل کي بچائڻ لاءِ منٿون ڪيون. ھن جي منھن جي سختي گھٽجي وئي ۽ ھُن پنھنجو بَٽون کنيو ۽ ويجھي کان ويجھي ڪيڪن واري دڪان تي وئي ۽ خوبصورت ڪيڪ ورتو، سڀ کان بھترين ڪيڪ، جيڪو مون اڳ ڪڏھن نه ڏٺو ھو، نه چکيو ھو. جيئن ئي جميل ڪيڪ مٿان لڳل گلابي، واڱڻائي ۽ نيري رنگ واري ڪريم خوشي وچان  کاڌي .ڄڻ چاڪليٽ منھنجي وات ۾ رجھندو رھيو. چڱو، جيڪو آءٌ چوڻ چاهيان ٿو سو اھوآھي، ته اھو مرحلو خيرسان پُڄاڻيءَ تي پھتو. تنھنڪري مون کي ڪنھن به شيءِ جي متعلق شڪايت نه آھي.
 

اسد نواز ڀٽي (ڪلاس اٺون) نوابشاهه

بيوقوف دوست کان دانا دشمن ڀلو!

گھڻي وقت جي ڳالھه آهي، ته هڪ امير ماڻھو هوندو هو. هن پنھنجي حفاظت جي لاءِ هڪ ڀولڙي کي سيڪيورٽي گارڊ بڻايو. جڏهن هو رات جو سُمھندو هو، ته ڀولڙو هن جي کٽ جي چوڌاري تلوار کڻي ڦرندو هو، ته جيئن هن کي هر خطري کان بچائي سگھي. هڪ رات هڪ چور ان امير ماڻھوءَ جي گھر آيو. چور جڏهن ڀولڙي کي ڏٺو، ته لڪي ويهي رهيو. اچانڪ انهيءَ وقت هڪ وڇون مالڪ جي ڇاتيءَ تي ڪريو.  ڀولڙي ان کي ڏٺو ۽ تلوار هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اُتي چور هن کي پڪڙي وڌو ۽ گھڻي گوڙ سبب مالڪ اُٿي پيو ۽ اُن چور کي پڪڙيو، جيستائين پوليس اچي.  جڏهن چور هن کي سڄي حقيقت ٻُڌائي، ته مالڪ چور کي معافي ڏئي ڇڏي ۽ ڀولڙي کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻي مان اسان کي اهو سبق مليو، ته بيوقوف دوست کان دانا دشمن ڀلو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org