
سوچ ويچار
ڏس! صبح ٿيڻ سان هزارين گل ٽِڙي پوندا آهن......
ٻه-ماهي رسالو ”سرتيون“
جولاءِ-
آگسٽ 2025ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. سنڌي
ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ عورتن جو اڪيلو رسالو
آهي، جيڪو گذريل 35 سالن کان باقاعدي شايع ٿيندو
رهي ٿو. هن رسالي پنهنجي صفحن ۾ دنيا جهان جي شعور
۽ فڪر کي سموهيو آهي. سوين خواتين ليکڪائون،
شاعرائون ۽ نثر نويس پيدا ڪيون آهن. ”سرتيون“ جي
پليٽ فارم تان خاص ڪري عورتن لاءِ علمي ادبي
پروگرام، سيمينار ۽ مشاعرا منعقد ٿيندا رهن ٿا.
اهڙيءَ طرح ”سرتيون“ جو سفر اڃان جاري و ساري آهي.
اسان پنهنجي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جا بيحد شڪرگذار
آهيون، جن جي سهڪار سان رسالو باقاعدي نڪرندو رهي
ٿو. اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته پڙهندڙن کي
معلوماتي دلچسپ معياري مواد ڏيون.
ملڪي توڙي دنيا جون حالتون تمام تڪڙيون بدلبيون
رهن ٿيون، هن سال جا گذريل چند مهينا تاريخ ۾ گهڻي
اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته گذريل مهينن ۾ هندوستان جي
ارهه زورائي سبب، پاڪستان آرمي پنهنجي شجاعت ۽
حڪمت عمليءَ سان دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي نيست و
نابود ڪري، پاڪستان جو دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو. اسان
کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اسان جي ايئرفورس جي
نياڻين پڻ جرئت، بهادري ۽ حب الوطنيءَ جو مظاهرو
ڪندي، ملڪ ۽ قوم کي سرخرو ڪيو، سندن نالو هميشه
سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. ان کان اڳ سنڌ، ”ٻٻرلوءِ
۾“ پرامن ڌرڻو هڻي، سڄيءَ دنيا کي پيغام ڏنو ته
سنڌ پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه امن جو جهنڊو
کڻي احتجاج ڪيو آهي. مطلب ته وطن جي امن ۽ سلامتي
کي هميشه اول رکيو آهي، ان جا ڪجهه مثبت نتيجا
مليا آهن. رياست ۾ اميد آهي ته هوءَ سنڌ جي ساوڪ ۽
خوشحاليءَ ۽ امن کي برقرار رکندي!
آه! نسرين الطاف!
ڪجهه ڏينهن پهرين اسان جي ڀيڻن جهڙي سرتي نسرين
الطاف لاڏاڻو ڪري وئي. مرحومه شاندار شخصيت جي
مالڪ هئي. پنهنجي لکڻ جي شروعات ”سرتيون“ رسالي ۽
ريڊيو پاڪستان جي ادبي پروگرامن کان ڪئي. پاڻ
”سرتيون“ ۾ ڪهاڻيون لکندي هئي ۽ آخري دور ۾ سندس
لاڙو شاعريءَ طرف ٿيو. سنڌي ادب کي ڪافي ڪتاب
شاعريءَ جا ڏنائين، پاڻ ڏاڍي خوش اخلاق ۽ خلوص
واري شخصيت هئي. دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت
الفردوس ۾ جايون عطا ڪري. آمين.
جيئن عمرخيام جي هڪ رباعيءَ جو انگريزي ترجمو،
جيڪو پرم هنس يوگانند ڪيو آهي:
And look -a thousand Blossoms with the Day
woke -and a thousand Scatter’d into clay:
And this first summer Month that brings the Rose
Shall take Jamshyd and kaikobad away.
ڏس! صبح ٿيڻ سان هزارين گل ٽِڙي پوندا آهن ،
ڌيان ڪر، هزارين گل مٽيءَ مٿان ڦهليل به آهن:
سانوڻ جو هي پهريون مهينو، جنهن ۾ گلاب جو گل
ٽِڙيو،
جمشيد ۽ ڪيڪباد کي سدائين لاءِ وٺي ويندو.
(جمشيد ۽ ڪيڪباد: روحاني طور طاقتور روح، جيڪي
لامحدوديت کي حاصل ڪري، هن زندگيءَ جي وقتي سچائين
جي ڦيرگهير کان لامحدوديت ۾ آزاد ٿي ويا. (ترجمو:
انجنيئر شفقت حسين وڌو)
دنيا جهان جي عارفن ۽ اوليائن جو فلسفو ٻڌائي ٿو
ته دنيا فنا آهي، زندگيءَ جو اصل مقصد خداشناسيءَ
۾ آهي. ذاتِ الاهيءَ جي رضا ۾ راضي رهڻ ئي انسان
کي منزل مقصود تي پهچائي ٿو. جيڪڏهن الله جي ڏسيل
واٽ تي بندو هليو ته يقيناً ٻيئي جهان روشن!
انسان چاهي ته پنهنجي اندر کي اُجرو ڪري، ڪائنات
جي حسناڪين ۽ قدرت جي تجلين مان روشن ڪرڻا کڻي،
پنهنجي وجود ۾ جذب ڪري سگهي ٿو.
انسان پنهنجي مثبت سوچ ۽ اڏول ڪردار سان، دنيا کي
جنت بڻائي سگهي ٿو، محنت فرمانبرداري ۽ پاڪدامنيءَ
سان سماج ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. پر جتي قومي بقا
کي خطرو هجي، اتي اڏول ٿي بيهڻ گهرجي.
سنڌ جو جڳ مشهور ادارو سنڌي ادبي بورڊ ڏينهون
ڏينهن ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي. اداري پاران
ڇپايل سوين ڪتاب ڊجيٽلائيز ٿي رهيا آهن، اهو ڏينهن
پري ناهي ته بورڊ ۾ سانڍيل قلمي مخطوطات کي پڻ
ڊجيٽلائيز ذريعي پڙهي سگهبو. وقتاً بوقتاً علمي
ادبي ڪتاب ڇپبا رهن ٿا. ٽيئي رسالا جيئن ”مهراڻ“،
”سرتيون“، ”گل ڦل“ باقاعدي شايع ٿيندا رهن ٿا.
شهيد بينظير ڀٽو تحقيقي هاسٽل جو ڪم هلندڙ آهي،
جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڊجيٽلائيز لئبرريءَ
جو پڻ بنياد رکيو ويو آهي. اهو واضح ڪندي هلان ته
سنڌي ادبي بورڊ جي ترقي چيئرمين جناب مخدوم
سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جي سرپرستيءَ سبب ممڪن ٿي
آهي. وڌيڪ اميد ۽ جاکوڙ جاري آهي ته سنڌي ادبي
بورڊ اڃان وڌيڪ ڪاميابيون ماڻي. آمين.
”سرتيون“ رسالي پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترن ئي اهم
موضوعن تي، خاص نمبر شايع ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ادب
۾ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا، جيئن (1) شهيد
راڻي بينظير ڀٽو نمبر، (2) امڙ نمبر، (3) مادرِ
جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو نمبر، (4) يادگيريون نمبر،
(5) خيرالنساءِ جعفري نمبر، (6) هڪ شخصيت 100 سوال
نمبر، (7) انٽرويو نمبر، (8) شاعري نمبر، (9)
ڪهاڻي نمبر، (10) ڪهاڻي نمبر حصو ٻيو، (11) بابا
نمبر. انهن نمبرن جي مقبوليت ڏسي، هن وقت ”سنڌي
عورت جو سياست ۾ ڪردار“ جي موضوع هيٺ خاص نمبر
شايع ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ لکندڙن ۽ پڙهندڙن
کي گذارش آهي ته سنڌ جي عظيم سياسي خواتين تي
پنهنجا مضمون ۽ خاڪا موڪلين ته سندن وڏا وڙ.

گلبدن جاويد
ڊاڪٽر نواز علي شوق

تاريخي
ڳالهيون
زيب النساءِ مخفي جي حاضر جوابي:
مغل شھنشاهه اورنگزيب جي ڌيءَ زيب النساءِ فارسي
زبان جي شاعره هئي. سندس تخلص ”مخفي“ هو. سندس
فارسي ديوان ڇپيل آهي. هوءَ هڪ ڏينھن پنھنجي محل
جي باغ ۾ سير ڪري رهي هئي ۽ هي شعر جهونگاري رهي
هئي:
چهار چيز ز دل غم برد ڪلام چهار
شراب، سبزه، آبِ روان و رُوئي نگار
ترجمو: چار شيون دل جو غم دور ڪن ٿيون: شراب،
ساوڪ، وهندر پاڻي ۽ حسين صورت.
ايتري ۾ اورنگزيب اچي ويو. پڇيائينس ڇا جهونگاري
رهي هئين؟
زيب النساءِ هڪدم شعر جي ٻي مصرعه تبديڪ ڪري کيس
ٻڌايو ته: ”مان هي شعر جهونگاري رهي هيس:
چهار چيز ز دل غم برد ڪلام چهار
نماز، روزه، تسبيح، توبه استغفار
اهڙيءَ ريت ڳالھه ميخاني کان وڃي مسجد پھتي.
صوفي دريا خان ڪنڊڙيءَ واري چيو آهي:
ميخاني وچ مليا يار،
وڃڻ مسيتين ڪيھا مقصد.
اورنگزيب جي شاهي محل ۾ هڪ نوڪرياڻي آئينو کڻي اچي
رهي هئي ته اتفاق سان آئينو هيٺ ڪِري پيو ۽ ڀورا
ڀورا ٿي ويو، افسوس سان چيائين ته:

از قضا آئينهء چيني شڪست
زيب النساءِ اتي جو اتي ٻي مصرع چئي:
خوب شد اسباب خودبيني شڪست
نوڪرياڻي چيو ته: ”قضاءِ الاهي سان آئينو ڀڄي پيو.
زيب النساءِ چيو ته: ”چڱو ٿيو جو خود بيني جو
سامان ضايع ٿي ويو.“
****
خيالي پلاءَ جي سزا
هڪ ڀيري حجاج بن وسف، هڪ کير وڪڻڻ واري جي گهر
وٽان وڃي رهيو هو، ڏٺائين ته کير وارو پنھنجو پاڻ
سان گفتگو ڪري رهيو هو. هو اتي بيھي، سندس گفتگو
ٻڌڻ لڳو. کير وارو پنھنجي آڏو کير جو ٿانءُ رکي
چئي رهيو هو ته، ”مان هي کير مھانگو وڪڻندس. پوءِ
انھن پئسن مان واپار ڪندس، واپار جي ذريعي مان
شاهوڪار ٿي ويندس. پوءِ حجاج جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ
لاءِ کانئس سڱ گهرندس. پوءِ حجاج جي ڌيءَ سان شادي
ڪندس. پوءِ ٻار پيدا ٿيندا. پوءِ گهر واري مون سان
جهيڙو ڪندي ته کيس هينئن لت وهائي ڪڍندس.“
ائين چئي، لت هنيائين ته کير جو مَٽُ ڀڄي پيو ۽
سمورو کير هارجي پيو. حجاج سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو.
هن دروازو کڙڪايو، کير واري دروازو کوليو ته حجاج
اندر گهڙڻ شرط کيس ڦٽڪن سان مارڻ شروع ڪيو. ڏاڍي
مار ڏيڻ کان پوءِ کيس چيائين ته: ”نڀاڳا جيڪڏهن
تون منھنجي ڌيءَ کي ماريندين ته مان به توکي ائين
ڦٽڪن سان ماريندس.“
****
عورت جي وفاداري:
طاهري حڪمرانن ۾ محمد بن طاهر بن عبدالله مشھور
سخي ٿي گذريو آهي. سندس دورِ حڪومت ۾ محمود وراق
نالي هڪ شخص وڏو عالم هو، جيڪو نيشاپور ۾ رهندو
هو. هن وت هڪ ٻانھي هئي، جيڪا سونھن سوڀيا ۾
پنھنجو مٽ پاڻ هئي ۽ ڳائڻ وڄائڻ جي به ماهر هئي.
شاعرن هئي ۽ بربط (ساز جو هڪ قسم) تمام سھڻي نموني
وڄائيندي هئي.
ان عورت جي حسن جي هاڪ محمد بن طاهر جي ڪنن تائين
پھتي ته هو اڻ ڏٺئي، ان تي عاشق ٿي پيو. هن
ڪيترائي ڀيرا محمود وراق کي چورائي موڪليو ته اها
ٻانھي، منھنجي حوالي ڪر، جيترا پئسا گهرندين،
اوترا توکي ڏنا ويندا. پر جيئن ته محمود جو به ان
سان عشق هو، تنھنڪري هو هر بار انڪار ڪندو رهيو.
ان ٻانھيءَ جو نالو راتبه هو. هوءَ هار سينگار جي
شوقين هئي ۽ سندس فرمائشون به گهڻيون هونديون
هيون. محمود وٽ جيڪا ملڪيت هئي، سا پوري ٿي وئي.
نيٺ مجبور ٿي هن محمود بن طاهر ڏانھن نياپو موڪليو
ته توهان مھرباني ڪري اچو ۽ اچي راتبه خريد ڪيو.
اهو نياپو جڏهن محمد بن طاهر کي مليو ته تمام گهڻو
خوش ٿيو، هڪدم محمود جي حوالي ڪيائين. محمود اندر
وڃي، راتبه کي چيو ته: ”محمد بن طاهر توکي خريد
ڪرڻ ٿو چاهي، مون رقم ورتي آهي، تون تيار ٿي اچ ته
توکي بادشاهه جي حوالي ڪريان.“
اهو ٻڌي، راتبه روئڻ لڳي. سندس روئڻ جو آواز
بادشاهه ٻڌي ورتو. محمود راتبه کان پڇيو ته، ”ڇو
ٿي روئين؟“
راتبه چيو ته، ”سائين! اوهان جي ۽ منھنجي تعلق جو
اهو انجام ٿيڻو هو، جو اوهان مون کي پاڻ کان جدا
ڪري رهيا آهيو؟“
محمود چيس ته، ”اهو سڀ تنھنجي عشق جي ڪري ٿيو. مون
کي لُٽي ڦري تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مان ڪنگلو ٿي ويو
آهيان. مان چاهيان ٿو ته تون عيش ۽ آرام واري
زندگي گذار، انڪري توکي بادشاهه جي حرم ۾ موڪليان
ٿو.“
ٻانھي چيس ته ”جيڪڏهن تون اهو سڀ منھنجي خاطر ڪري
رهيو آهين ته نه ڪر، مان توکا ڌار ٿيڻ نه ٿي
چاهيان، غريبيءَ ۾ گذارو ڪنداسون. مان زنانه ڪپڙا
سبندس. ان مان جو ڪجهه حاصل ٿيندو، ان مان گذر سفر
ڪنداسون. مھرباني ڪري مون کي پاڻ کان پري نه ڪر.
مان توکان هڪ دم به ڌار ٿيڻ نه ٿي چاهيان.“
محمد بن طاهر جڏهن محمود ۽ راتبه جي عشق واري اها
گفتگو ٻڌي ته کيس سڏ ڪيائين. جڏهن محمود وٽس آيو
ته کيس چيائين ته، ”عشق سلامت“ هيءَ سموري چاندي
توکي ڏئي ٿو ڇڏيان ته جيئن توهان ٻئي باقي زندگي
آرام ۽ راحت سان گذاريو.“ ائين چئي محمد بن طاهر
واپس هليو ويو.
****
عشق جي ڪرامت:
عراق جي هڪ بادشاهه جو نالو بهرام هو، جيڪو
عدل انصاف ۽ سخاوت ۾ مشھور هو. جيئن ته اهو
اڪثر گورخر (هڪ جهنگلي جانور) جو شڪار ڪندو
رهندو هو. تنھنڪري کيس بھرام گور سڏيندا هئا.
جيئن ته عربي زبان ۾ گاف جيم ۾ بدلجي وڃي ٿو،
تنھنڪري عربي زبان ۾ ان کي بھرام جور سڏيندا
هئا.
بھرام گور جو هڪ پٽ هو، جنھن کي هُن کانئس پوءِ
پنھنجو جانشين بڻائڻ ٿي چاهيو، تنھنڪري هن پنھنجي
پٽ جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو، پر شھزادو،
عالم ۽ همت وارو بڻجي نه سگهيو.
آخر ڪنھن ڏاهي جي صلاح سان، هن سندس خدمت لاءِ
خوبصورت نوڪرياڻيون ۽ ڳائڻ واريون مقرر ڪيون ته
جيئن شھزادو خوش رهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ شھزادي
کي هڪ نوڪرياڻي وڻي وئي، هُو ان تي عاشق ٿي پيو.
جڏهن بادشاهه کي اها خبر پئي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽
سوچيائين ته هاڻي سندس مطلب پورو ٿيندو. پوءِ هو
ان وٽ ويو کيس چيائين ته، ”مون کي معلوم ٿيو آهي
ته شھزادو توسان محبت ڪري ٿو. تون هينئن ڪر جو تون
ان سان بيرخي ڪر. جڏهن شھزادو بيرخيءَ جو سبب پڇي
ته ان کي چئو ته مون کي معلوم ٿيو آهي ته تون عالم
ناهين، مان ڪنھن گهٽ علم واري ۽ بي همت انسان کي
ڪا اهميت نه ڏيندي آهيان، مون کي اهو انسان وڻندو
آهي جو عالم هجي ۽ وڏي همت وارو هجي، مان ان سان
ئي محبت ڪري سگهان ٿي.“
جڏهن شھزادي کانئس بي رخيءَ جو سبب پڇيو ته
نوڪرياڻي کيس اهوئي، جواب ڏنو، جيڪو بادشاهه کيس
سمجهائي ڇڏيو هو.
شھزادو جيئن ته ان نوڪرياڻيءَ جي محبت ۾ گرفتار
هو، تنھنڪري هن سڀ ڪجهه ڇڏي علم ۽ بلند همتيءَ طرف
توجهه ڏنو، نيٺ هڪ ڏينھن هر طرح لائق ۽ فائق انسان
بڻجي ويو.
بادشاهه بھرام گور کان پوءِ اهوئي شھزادو حڪمران
بڻيو ۽ سندس شمار بھترين بادشاهن ۾ ٿيڻ لڳو.
پروفيسر رشيده ڀٽي

انسان جي بقاءُ باهمي لاءِ تعاون باهمي ضروري آهي
اڄ جو موضوع دراصل صحت، صحتمند سماج ۽ صحتمند دنيا
سان سلھاڙيل آهي.
ماضي بعيد، ماضي قريب ۽ ان بعد موجوده وقت ۾ عالم
انسانيت، وبائي صورتحال کي ڀوڳيندي آئي آهي. اڄ جو
انسان به گذريل وبائي مرضن وانگر هڪ نئين وائرس
ڪووڊ-19 کي منھن ڏيندي، پريشان حالتن منجهان
گذريو.
دنيا جي هر آسائش ميسر هجي ۽ ”صحت“ نه هجي ته
انسان لاءِ ڄڻ سڀڪجهه بيڪار ٿيو پوي. ڇو ته:
”آهي تندرستي نعمت هڪ عجيب،
شاهوڪار لاءِ تھڙي ڪاڻ غريب.“
اقوام عالم جي سڀني ماڻھن ”غريب“ توڙي ”امير“ جي
صحت، هڪ گڏيل عالمي ذميواري آهي ۽ صحت جو عالمي
ادارو ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن
(W.H.O)
انھيءَ طرف پنھنجي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ تمام
گهڻيون ڪوششون وٺي رهيو آهي، ان اداري جو بنياد 7
اپريل 1949ع تي وڌو ويو هو. انڪري ستين اپريل تي
پوريءَ دنيا ۾ صحت جو عالمي ڏينھن ڪري ملھايو
ويندو آهي. ان اداري جي ڀرپور ڪوششون رهيون آهن ته
مختلف وبائي مرضن جي صورتحال هجي يا وري عام طور
پيدا ٿيندڙ مختلف مرض، سڀني مريضن کي يڪسان
سھولتون مھيا ڪيون وڃن ۽ مريضن تائين دوائن جي
رسائيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي. پر بدقسمتيءَ سان جيئن
ته اڄ تائين (عالمي برادري) دنيا ۾ انساني حقن جي
تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ اميري ۽ غريبيءَ جو
فرق مٽجي نه سگهيو آهي. ساڳيءَ ريت دنيا جي سڀني
انسانن کي جتي کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي ۽ اڻبرابري
آهي، اتي لازمي طور تي انھن انسانن جي ”صحت“ به ان
اڻبرابري ۽ غذائي کوٽ جي ڪري، مختلف بيمارين جو
شڪار ٿيل دنيا جي اڌ کان مٿي آبادي بي انتھا
ڪسمپرسيءَ واري حياتي گذارڻ تي مجبور آهي. نه کاڌ
خوراڪ ۾ بھتري اچي سگهي آهي ۽ نه وري غذائي کوٽ جي
شڪار ٿيل ماڻھن جي صحت جو ڪو تدارڪ ٿي سگهيو آهي.
اهڙي خوفناڪ صورتحال ۾ مٿان وري گذريل صدين ۾ منھن
ڏيندڙ وبائي مرضن وانگر هن ويھين صديءَ ۾ ڪورونا
وائرس، جنھن کي (ڪووڊ-19) سڏيو وڃي ٿو. منھن ڪڍيو.
يورپ ۾ هن کان اڳ پليگ (طاعون) سڀ کان وڌيڪ انسانن
کي اجل جو شڪار بڻايو هو. ويھين صديءَ جي شروع ۾
اسپنش فلو ۽ وري هاڻي هن دور ۾ ڪورونا وائرس
ڪيتريون ئي جانيون ڳڙڪايون. توڙي جو ان وائرس کان
بچاءَ جي وئڪسين، پوئين دور جي بيمارين کان بچاءُ
واري وئڪسين جي مقابلي ۾ جلدي ظھور پذير ٿي پر
پوءِ به هن موجود صورتحال تي اميري ۽ غريبيءَ جو
فرق وڌيڪ اثرانداز ٿيو. امير ملڪن جي ڀيٽ ۾ غريب
ملڪن ڏانھن وئڪسين بنھه گهٽ مقدار ۾ موڪلي پئي
وئي. توڙي جو ان سال (ڊبليو.ايڇ.او) وارن جو
(Theme)
هو ته: ”موجوده دنيا کي منصفاڻي/برابري جي بنياد
تي صحتمند تر بڻائجي.“
جھڙيءَ ريت دنيا ۾ ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۽ معاملن تي
اڻبرابريءَ واري ڇاپ لڳل آهي. ساڳيءَ طرح صحت جي
بھتر سھولتن جي به اڻھوند ۽ فراهميءَ ۾ اڻبرابري
واري ڇاپ لڳل آهي.واضح نظر اچي پيو. جيئن ته صحت
جون سھولتون، تحقيق، ٽيڪنالوجي، اقتصاديات ۽ تربيت
يافته افرادِ قوت تي منحصر آهن ۽ گڏوگڏ ٻيو به فرق
آهي.
جيئن: نسلي، جاگرافيائي، سماجي، جنسي، مذهبي،
تفاوت ۽ مٿڀيد جي ڪري به دنيا ۾ اڻبرابري آهي.
حالانڪ عالمي ادارو
(WHO)
هميشه پنھنجن نعرن ۾ ”صحت سڀني لاءِ“ ۽ ”صحت جون
سھولتون هر ڪنھن لاءِ هر جاءِ تي“ جي ڳالھه ڪندو
رهندو آهي، پر افسوس حد افسوس جو اهڙي عالمي اداري
جي وجود ۾ اچڻ بعد به ڪي خاطرخواهه نتيجا برآمد
ڪونه ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي وري دنيا، ان تعصبي
منظرنامي منجهان نڪري سگهي آهي. ان تعصبي رويي جي
ڪري، صحت جي شعبن ۾ اڃاتائين ڪا خاص اڳڀرائي به نه
ٿي سگهي آهي. حالانڪ ڏسجي ته موجوده حالتن جي پيش
نظر، جتي سڄي دنيا، گلوبل وليج
(Global village)
۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ آمد و رفت جا سلسله تيز ترين
ٿي ويا آهن ته انسانن جي پاڻ ۾ گڏجڻ وارو عمل به
تيز رفتار ٿي ويو آهي. انھيءَ سبب جي پيش نظر،
عالمي برادري جو هڪٻئي سان ملي جلي ڪم ڪرڻ ۽
سھولتون پيدا ڪرڻ به اڻٽر ٿي پيو آهي. ٻي صورت ۾
توڙي جو ترقي يافته ملڪ پنھنجين سمورين آبادين کي
مڪمل طرح ڪورونا کان بچاءُ واري وئڪسين لڳائي به
ڇڏين، پر پوءِ به اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڌرتيءَ جي
گولي تي هڪڙو به ڪورونا ڪيس موجود رهيو ته ٻيا سڀ
به غير محفوظ رهندا.
وقت ۽ موسمي ڦيرڦار سان گڏ، ڪورونا کان علاوه ٻيا
به ڪيترائي نوان وائرس ۽ وبائي صورتحال پيدا ٿي
سگهي ٿي. هن جودت پڄاڻا دور منجهه جتي هڪ انسان
ٻئي انسان کان لاتعلق بڻجي رهيو آهي ۽ صرف پنھنجي
متعلق سوچي رهيو آهي. جنھن جي ڪري سماجي فاصلا به
وڌي ويا آهن. ۽ ڪير به ڪنھن جي مدد لاءِ اڳيان نه
پيو اچي. ان کان اڳ جو صورتحال وڌيڪ گنڀير ٿي وڃي.
انسانن کي گهرجي ته علاج معالجي ۾ هڪٻئي جا مددگار
بڻجون ته جيئن هيءَ ڌرتي، هڪ بھتر ۽ صحتمند هنڌ ۾
تبديل ٿي سگهي.
پنھنجي صحت متعلق سوچيون ۽ عمل ڪريون، پاڻ به
سمجهون ۽ ٻين تائين به علم جي ذريعي آگاهي عام
ڪريون. هڪٻئي جي مدد ڪريون ته جيئن هڪ بھتر سماج
جُڙي. اڄ جا ننڍڙا، سڀاڻي جا صحتمند معمار بڻجي
سگهن.
اهو سڀ دراصل سڀني انسانذات لاءِ بيحد ضروري آهي.
انساني بقاءُ باهمي لاءِ نھايت ضروري آهي ته،
”تعاون باهمي“ جي ذريعي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ
سکون ۽ انساني خدمت جي ذريعي، رب تعاليٰ جي رضا به
حاصل ڪريون. (آمين)
|