سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ آگسٽ 2025ع

باب:

صفحو:5 

روبينه ابڙو

 

 

 

 

 

غزل

اَڄاتي شور ۾ آهيان،

ڇو ڪَٿَ ۽ تورَ ۾ آهيان؟

وسي پيو ٿر سڄو پر مان،

مري وئي مور آهيان.

رهي جا رڻ جي نيڻن ۾،

گهٽا گهنگهور ۾ آهيان.

ڪَنڌيءَ تان عشق واجهائي،

مان لھرُن زور ۾ آهيان.

کڻي ويو ٽھڪ ميڙي ڪو،

جو ويڙِهي هورَ ۾ آهيان.

نچي پيو نظم ڪاڳر تي،

اڃان ڪنھن غور ۾ آهيان!

ڏسو تاريخ اُٿلائي،

وِڙهي هر دور ۾ آهيان.

 

نظم

سوال

هر ڪنھن گهر کي

ساڳيو جهلمل اُڀ هوندو آ

جنھن ۾ چنڊ ستارا ساڳيا

چانڊوڪيءَ جا چارا ساڳيا

سج سنجايل گهوڙي وانگر

ازلان پيو ٿو ڪاهي اُڀ ۾

ساڳي واٽ وٺيون ويندو آ

ڄڻ ته شفق ڪا ڌوڙ لڳي ٿي

جيڪا سج جي ٽاپوليءَ مان

روز اٿي ٿي

باک ڦٽيءَ جي ساک ڀرن سي

پاريھر ڀي ساڳيا آهن

ها پر ٻُوڙن منجهه لڪل سڀ

ڪاريھر ڀي ساڳيا آهن

سرءُ جي ساڳي موسم هر هنڌ

خشڪ پتن جا جهول ڀري پو

هر ڪنھن گهر جي ڇت تان بيھي

هيٺ اڱڻ ۾ هاريندي آ

۽ ڪوئي نوريئڙو ڊوڙي

نِم جي ڏار تان هيٺ مٽيءَ تي

اڌ ٽُڪيل نموري ساڳي

ڪيئن کڻي ڊوڙندو آهي

سومھڻيءَ جي سانت به ساڳي

روز درن کي کڙڪائي ٿي

۽ ڪا تانگهه ڪلھي تي ويھي

پنک هوا ۾ ڦڙڪائي ٿي

اڻپوري ڪنھن رات کان پوءِ ئي

پوري ڪائي رات اچي ٿي

اهڙي ڪا برسات وسي ٿي

من ۾ بيٺل

سورج مکيءَ جا

کيت ٻڏن ٿا

نيڻن جا ٻئي ٻيٽ ٻڏن ٿا

ها پر ڳالھه اها سوچان ٿي

گهر گهر اُڀُ جي ساڳيو آهي

چنڊ ستارا ساڳيا آهن

سج جا چارا ساڳيا آهن

پر ڇا هر ڪنھن گهر جي اندر

ڳڻتيون ڳارا ساڳيا آهن؟

درد به سارا ساڳيا آهن؟

 

 

ڊاڪٽر نويده ڪٽپر

 

 

 

 

 

غزل

مون سان ڪرين پيار ضروري ته ناهي،

۽ اچي ڪرين اظھار ضروري ته ناهي.

ساوڻ ۽ سرءُ سان گذارڻ سکي ڇڏ،

هر مُند بڻجي بھار ضروري ته ناهي.

وڇوڙن جي تاريخ ڪيڏي ڊگهي آ،

تون ماڻين پنھنجو دلدار ضروري ته ناهي.

محبت ۾ ايڏو ڇو مجبور ٿئين تون،

۽ مان ڪيان اقرار ضروري ته ناهي.

ڪڍي درد دل مان سُکي زندگي ڪر،

جيون ڪجي دشوار ضروري ته ناهي.

نظم

دل روئي ڏنو آهي!

ڪو مون کان رُٺو آهي،

ڪو مون کان ڇڳو آهي،

مايوس حياتيءَ ۾،

دل روئي ڏنو آهي.

 

جهومندي ٽارين مان،

ڪنھن گل ڇِنو آهي،

ڪنھن موڙ تي جيون جي،

هڪ ساٿُ ڇڳو آهي.

 

پن ڇڻ جي پنن وانگر،

تقدير ٽُٽي آهي،

۽ جيءُ جهريو آهي.

 

رستو نه ڪائي منزل

مايوس حياتي آ

ڪنھن لھر ڇھيو آ.

 

ڪنھن لھر ڇُھيو غم کي

ڪو سازُ ڇِڙيو آهي.

 

خوشين جي ڳولا ۾

هڪ امرت شخص اچي

ڄڻ زهر ڀريو آهي!

 

اي عمر! خدا حافظ

هر شيءِ مون ڇڏي هاڻي!

ڇا ٿيو آ، ڇا ٿيندو

سوچيو به اٿم جيڪر

دل روئي ڏنو آهي...!

 

افروز مظھر

نظم

گھڻي وقت پڄاڻان کولي ڊائري مون

گذريل وقت ۾ پاڻ ويندو ڏٺم

ھٿ ھٿ ۾ ھو

مرڪ لبن تي ھئي

ڪيئي سندر خواب

ذھن جي ڪينواس

تي رقص ڪندي

نظر آيا

اچانڪ ئي سڀ ڪجهه

غائب ٿي ويو

نه اھو وقت

نه تون

نه اھي خواب

ھر طرف اڪيلائي

تنھائي سناٽو انڌاري...!

***

نظم

دوستن جي دوستيءَ تي

روئي ڏنوسين

دشمنن جي دشمنيءَ تي

روئي ڏنو سين

ناز ھو جنھن رشتي تي مون کي

ڇڏيو جو ان ساٿ

روئي ڏنوسين

عمر سڄي توکي چاھيوسين

واپسي ۾ ملي بي وفائي

روئي ڏنو سين .

 

نثري نظم

اي عورت تون پاڻ سڃاڻ!

 

ڪيستائين آخر ڪيستائين

ويچاري، مظلوم، ھيڻي

ڪيستائين آخر ڪيستائين

تون وفادار

بي وفا سان به توڙ نڀائين

 

تون پرديدار

پڳدارن جو پردو رکائين

 

تون ايماندار

بي ايمانن جي بي ايماني لڪا ئين

 

تون طاقتور

ڏين جنم زندگيءَ کي ڏئي لولي ھنج ۾

ڪرين جوان جوڌا طاقتور.

 

 

مرڪ منان چانڊيو

نثري نظم

ماءُ

هوءَ جيڪا 9 مھينا پنھنجي ڪُک ۾ رکي،

پنھنجي نازڪ نفيس جسم مان جنم ڏئي ٿي،

هوءَ 9 مھينن جي ڏکيائين کان پوءِ جنم ڏيڻ وقت جيڪا پيڙا برداشت ڪري ٿي، اها سندس ٻچي جي ننڍڙي وجود کي ڏسي ڄڻ ته هڪ پل ۾ ختم ٿي وڃي ٿي،

۽ ان کان پوءِ پنھنجون ننڊون، آرام، سک آسائشون سڀ قربان ڪري ڇڏي ٿي،

هوءَ جيڪا پنھنجي وات جو گرھ به ڪڍي

پنھنجي ٻچڙي جي وات ۾ وجهي ٿي،

چون ٿا عورت ڏاڍي ڪمزور آھي؟

ته پوءِ هوءَ ايڏيون ڏکيائيون ۽ اذيتون سھڻ کان پوءِ به مضبوط ڇو آھي؟

هوءَ به ته عورت آھي نه؟

نه نه! هوءَ ته ماءُ آھي!

ماءُ؟ ها تڏھن ئي ته ايڏي بھادر آھي نه!

ڀلا ڪيئن نه هوندي؟

جنھن جو اولاد ايڏو مضبوط، باهمت، بااعتماد آھي،

اها ماءُ ڪيئن ڪمزور هوندي؟

هڪ ڇوڪري؟ جيڪا شاديءَ بعد هڪ عورت بڻجي ٿي، شايد تڏھن ضرور هوءَ ڪمزور هوندي؟

ها! يقينن تڏھن ئي اها ڪمزور هوندي،

پر هاڻي ته هوءَ ماءُ آ نه؟ ماءُ؟

ته پوءِ ان ماءُ جي لاءِ هڪڙو ڏينھن ڪيئن ٿو مقرر ڪيو وڃي؟

جنھن پنھنجي سڄي زندگي، اسان لاءِ وقف ڪري ڇڏي،

 ان جي شان ۽ مان جي ثنا ڪرڻ لاءِ ھڪڙو ڏينھن ڪافي آھي ڇا؟

بلڪل به نه!

اسان جو هر ڏينھن ته ان ماءُ جو چھرو ڏسي شروع ٿئي ٿو؟

ته پوءِ هر ڏينھن ته ان جو ئي آھي نه؟

ڀلا پوءِ ھڪڙو ڏينھن تعريفن جا واهڙ وهائي، ماءُ جي ڏنل قربانين کي خراج ڪيئن ٿا پيش ڪري سگهون؟

اسان کي ته هزارين سال گهرجن، ماءُ جي عظمت جي واکاڻ ڪرڻ لاءِ،

تڏھن به شايد!

ماءُ جي هڪڙي رات جي اوجاڳي جو قرض به نه لھي سگهندو!

هوءَ جيڪا محبتن جو محور آھي،

ان کي هڪ ڏينھن جي تعريف جي ڪابه ضرورت نه آھي!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org