سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ آگسٽ 2025ع

باب:

صفحو:2 

اختر رند

 

 

 

 

 

رقص بيخودي ۽ امر سنڌو.....!

 

 

مان شروع کان ئي ڪھاڻي جو عاشق رهيو آهيان. دنيا جون هزارين ڪھاڻيون ۽ ڪھاڻيڪارن کي پڙهيو اٿم. ڪھاڻي، جيڪا شاعري، ڊرامي، ناول، تاريخ، تھذيب، مذهب، جسماني آرٽ (رقص وغيره) ۽ سماجي تاڃي پيٽي جو بنياد آهي!

سنڌ ۾ هونءَ ته مون کي، عورت ليکڪائن ۾ ثميره زرين، ماهتاب محبوب، تنوير جوڻيجو، نورالھديٰ شاهه، ج ع منگهاڻي، ۽ حويلي کان هاسٽل تائين جي ليکڪا خيرالنساءَ جعفري، تخليقي طور تمام گهڻيون پسند آهن، پر امر سنڌو جو اڄ تائين، نثر يا نظم ۾ ڪوبه ليک ناهي پڙهيو، البت ان سان منسوب اهڙيون ئي ڪھاڻيون، جيڪي هند جي، منھنجي پسنديده ليکڪائن امرتا پريتم ۽ اجيت ڪور سان ماضيءَ ۾ منسوب ڪيون وينديون هيون يا اياز ميلي ۾، اياز جي ڪنھن گيت تي رقص بيخودي وارين تصويرن ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيوز ضرور ڌيان ڇڪايو آهي، جيڪي لعل شھباز جي ڪنھن ديواني جي نگارن تي بدمست ٿي. ڌمال هئڻ جيان ڀاسندو اٿم، يا جيئن سنڌ جي ڪنھن شھر يا ڳوٺ ۾ عورتون، پنھنجي ڀائرن يا پٽن جي شادين ۾، سھرن ۽ دهلن تي، خوشيءَ مان جهمر هڻندي نظر اينديون آهن، جيڪي ڏکين گهڙين ۾ اڪثر چونديون رهنديون آهن، ”پٽ يا ڀاءُ جي خوشي ڏسان پوءِ ڀل مران!“

شايد امر سنڌو جي، خوشين جي به اهائي گهڙي هوندي آهي، جنھن جو هوءَ سڄو سال انتظار ڪندي آهي.

رقص، سنڌ جي خمير ۾ شامل آهي ۽ رقص، سنڌ جي ڌرم، سنڌو ڌرم ( هندو ڌرم) ۾ عبادت جو درجو پڻ رکي ٿو!

البت جيئن ته مان ڪھاڻي ۽ ڊراما رائٽر آهيان، ۽ ڪردارن جي نفسيات جي ڄاڻ رکان ٿو، مون کي لڳندو آهي، امر سنڌو کي زندگيءَ ڪو اهڙو درد ضرور ڏنو آهي، جنھن کي هُو، ان رقص بي خودي ۾ ڪجهه لمحن لاءِ ئي سھي، پنھنجي وجود تان، ڇنڊي لاهي، جدا ڪري، مڪتي حاصل ڪري ٿي، ايئن ئي، جيئن ماضيءَ ۾ سنڌ جو ديوتا شِو مھاراج، جڏهن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ايندو هو، تڏهن پنھنجي ان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ بي اختيار جهومڻ لڳندو هو، جنھن جي ياد ۾ اڄ به سنڌ ۾ يوگي فقير سنڌ جي مزارن تي ڌمالون هڻندا آهن.

سنڌي سماج، جيڪو صدين کان جاگيرداريت ۽ قبائليت جي عتاب هيٺ رهيو آهي، ۽ جنھن جو شڪار وڌ کان وڌ عورت ئي رهي آهي، جيئن جيئن علم ۽ شعور، ان کي ڪمزور ڪري رهيو آهي، اهڙا ڪردار صدين جي غلامي ۽ جبر کي پٺ تي ڇڏي، رقص بي خوديءَ سان، اسان کي پنھنجي آزاديءَ جو اعلان ڪندي نظر ايندا! اهڙن ڪردارن کي پٿر هڻي، ٻيھر زخمي ڪرڻ بجاءِ، دل سان قبولجي ته بھتر ٿيندو.

 

ساڀيان سانگي

 

 

 

 

جيئَن سي سنگهار!

جيجل امڙ جي شخصيت تي لکيل خاڪو. . .

 

رب العالمين، هن ڪائنات ۾ سونھن جا سوين پرتوو پکيڙيا آهن. جن ۾ سندس عڪس موجود آهي. ڪائنات جي هزارن، لکن بلڪ ڪروڙن رنگن ۾ ان ذاتِ ابد جو وجود موجود آهي. پر جنھن مخلوق ۾ سندس گهڻيون خوبيون ۽ ڳُڻ موجود آهن؛ اها ماءُ جي هستي ئي آهي. هن ڪائنات ۾ ماءُ جو ڪوبه نعم البدل ڪونھي.ماءُ بس ماءُ آهي؛ جيڪا پنھنجي ٻچي کي نو مهينا پنھنجي شڪم ۾ سانڍي ٿي ۽ پوءِ پنھنجي پوري حياتي، کيس پنھنجي ساهه ۾ سانڍي رکي ٿي. هر ماءُ عزت، مانُ، مرتبو ۽ توقير لھڻي؛ ڇاڪاڻ ته هوءُ ماءُ آهي؛ جنھن ۾ خدائي صفتون موجود آهن.

اچو ته آئون اوھان کي پنھنجي امان سان ملايان، منھنجي امان نسيم اختر، ھڪ بيحد پياري، سٻاجھي ۽ سلڇڻي ماءُ! پنھنجي نانءُ جيان ٿڌڙي، ڪومل ۽ روشن ستارو آهي. هوءَ پاڻ ھير جيان مھڪندي ۽ ٻھڪندي رهي ٿي ۽ ساڳيون شيون، پنھنجن ٻچن ۾ ڏسي ٿي. ماءُ ته ھر ڪا پياري ھوندي آھي ۽ ھر ڪنھن کي پياري ھوندي آھي. ھر ڪنھن کي پنھنجي ماءُ، دنيا جي حسين ترين عورت نظر ايندي آھي. ڇو جو ماءُ آھي ئي اھڙي ھستي، جنھن کان مٿي ته ڪجھه به نه آھي. ھڪ اھڙو فطري ۽ قدرتي تحفو، جنھن جو ڪو به ثاني نه آھي، ھڪ اھڙي نعمت، جنھن جو ڪو به نعم البدل نه دنيا ۾ آھي ۽ نه ئي آخرت ۾. ماءُ جو ھر روپ سھڻو ھوندو آھي، ھر حوالو حسين ھوندو آھي ۽ ان ماءُ جھڙي مقدس ھستيءَ تي لکڻ لاءِ لفظن جو اڻ کٽ خزانو به ته اڌورو ئي ڀاسجندو آھي. بلڪ مون جڏھن به امان لاءِ لکڻ شروع ڪيو آھي، ائين لڳو آھي، ڄڻ لفظن ۾ اھو ملھه ئي ناھي، جيڪي امڙ جي املھه ذڪر کي ٿورڙي ڪا سونھن ڏئي سگھن.

منھنجي اندر جا اٿاهه جذبا ته سمنڊ وانگر موجون هڻن ٿا؛ پر لفظ ڄڻ ته اڻپورا ٿي پون ٿا. هونئن ته مون کي ٻولي ڏاڍي وسيع لڳندي آهي، پر جڏهن امان تي لکڻ ويھان ٿي ته ٻولي محدود ۽ ماءُ جي محبت لامحدود لڳي ٿي. بس پوءِ ٻنھي جھانن، عرش، فرش، ڪھڪشائن ۽ سموري ڪائنات جي مالڪ جا لفظ ئي آهن؛ جيڪي امان جو تصور اچڻ تي منھنجي وجود کي سربسجود ڪرائين ٿا ۽ اندر جي اٿاهه گهرائين مان اهائي قرآني آيت تلاوت جو روپ وٺي ٿي ته:

ترجمو: ”اوهان الله سائينءَ جي ڪھڙين ڪھڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ.“

۽ مون ان آيت جي عنوان سان ئي امان سانئڻ جي حضور ۾ ھڪ نثري نظم لکيو هو.

امان تي لکندي، هر ڀيري منھنجي ڪيفيت عجيب ٿي ويندي آهي؛ جيڪا هاڻي به آهي. حالانڪ آئون نٿي چاھيان ته هتي وڌيڪ جذباتي ٿي پوان ۽ لڙڪ لارون ڪري لڙي پون ۽ منھنجي ليپ ٽاپ جو ”ڪي بورڊ“ لڙڪن جي نمڪين پاڻيءَ سان ڀرجي وڃي. يقينن اهي ڳوڙها، پيار، محبت، احترام ۽ سڪ مان ڪريل هوندا! امان هن وقت مون کان چوڏهن سئو ڪلوميٽر پري ويٺي آهي؛ پر مون کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ ته آئون سندس هنج ۾ موجود هجان ۽ هي سٽون لکي رهي آهيان. باوجود ان جي آئون مشڪل ۾ آهيان ته آخر ماءُ سان محبت جو اظھار ڪيئن ڪجي ؟ ۽ ماءُ کي ڪيئن ٻڌائجي ته ھو اسان لاءِ ڇا آھي؟ ھن جي اصل مقام ۽ حيثيت کان ته رڳو اهوئي واقف آهي؛ جنھن سندس پيرن ۾ جنت رکي آهي. جنھن مخلوق سان پنھنجي محبت کي ماءُ جي محبت سان مشابھه ڪيو ۽ چيو ته: ”هو پنھنجي مخلوق سان، ستر مائن کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو.“

آئون چاھيان ٿي ته ڏاڍي ھلڪي ڦلڪي، مٺڙي طريقي سان امان جون ڳالھيون لکان.... پياريون پياريون... مٺڙيون مٺڙيون... محبتن ۽ معصوم شرارتن سان ڀريل، جن ۾ بي پناهه پيار موجزن آهي!! جيڪي هن وقت منھنجي ذھن جي ريل تي ڦري رهيون، آهن، پر بنا ڪنھن ترتيب جي؛ پوريون ته ڪي اڻ پوريون؛ ڪي ٿوريون ته ڪي گھڻيون، سالن کان اھا منھنجي چاھنا هئي ته آئون ڪجهه لکان، پر ”آتڻ اکر نه پئي اڄھيو“ پر  آئون سرهي آهيان ته ھاڻي نيٺ منھنجو قلم، امان جي احترام ۾ ڪاغذ تي ڪنڌ نمائي، لفظ ميڙي، امان جي قدمن جي نذر ڪري رهيو آهي.  هن  قلم کي اها به خبر آهي ته کيس ھلڻ به ته امان ئي سيکاريو آھي. منھنجي ھٿن ۾ قلم ڏيڻ واري اھا ئي عظيم ھستي منھنجي امڙ ئي ته آھي، جنھن ڇٺيءَ جي رات، منھنجن پتڪڙن ھٿن ۾ قلم ۽ ڪاغذ ڏئي، اھا دعا گھري ھئي ته، ”اي الله..!! منھنجي ھن نياڻيءَ کي علم جي زيور سان سينگارجان.“ امان رڳو دعا ڪانه گهري هئي بلڪ ان دعا جي اگهامڻ لاءِ هن وڏي جدوجھد ڪئي، وڏي محنت ڪئي، اوجاڳا ڪيا ۽ قدم قدم تي منھنجي ھمت ۽ حوصلا افزائي ڪئي. سندس ان ھمت افزائي ۽ اتساھه جي ڪري، اڄ ھي قلم، مون کي کڻڻ اچي ٿو، منھنجي ھٿ ۾ قلم کي پڪڙڻ جي سگھه آهي. پر منھنجي مٺڙي جيجل امان جو اتساھه نه ھجي ھا ته مان ھڪ شعر به چئي نه سگھان ھا ۽ نه ئي مون کي ڪا سڃاڻپ ملي ھا. ڇو جو مان جو ڪجھه به آھيان، فقط ۽ فقط پنھنجي والدين جي ڪري ئي آھيان.

”سجني کان ساڀيان سانگي“ تائين جو سفر طئه ڪندي، ھر وک، مون والدين جي ئي مدد سان کنئي آھي. جيتوڻڪ شعر و شاعري ۽ ساھت جي ميدان ۾ پھرين وک وڌائڻ لاءِ امان جا اڻ ڳڻيا اتساھه ھئا ته ان سان گڏ، منھنجي اصل سڃاڻپ منھنجو والد، منھنجو بابا خدا بخش خان سانگي به منھنجو معاون رھيو ۽ آخر تائين، منھنجي لاءِ ڇپر ڇانوَ رھيو. منھنجي لکڻين کي ساراھيو ۽ لکڻ پڙھڻ جا موقعا فراھم ڪيا. ڪنھن روايتي پيءَ وانگر مون تي ڪا به پابندي نه مڙھي. منھنجا ڪچا ڦڪا، ڦڏا ڏنگا ليک پڙھي، مون کي ھمٿائيندو رھيو. ٻارن جي ادبي ڪتابن کان وٺي، ھر قسم جي ڪتابن ۽ رسالن کي منھنجي لاءِ روشني بڻائيندو رھيو. مطلب ته امان جي ڏنل انڊلٺي اتساھه ۾ اتساھه جا نور اوتيندو رھيو.....

امان کي ڪتابن سان جڙيو رھڻ بيحد پسند آھي. سو ڪتابن سان محبتون به امان سيکاريون. جڏھن به ڪنھن کي واندو ڏسندي ته چوندي: ”واندڪائيءَ ۾ ڇا ٿا ڪيو؟ ڪو ڪتاب کڻي، پڙھي ڪجھه پرائي وٺو“ منھنجو جو پھريون ڪتاب ڇپجڻ ۾ امان جو وڏو ھٿ آھي. محبت، ھمت، حوصلا افزائي ۽ اتساھه سان گڏ، سڄو مالي سھڪار امان ئي ڪيو ۽ ائين منھنجو پھريون ڪتاب ”اڃا ڪائنات جيئري آھي“ ادب جي ڪائنات ۾ پتڪڙو پير پائي ويٺو. امان جي سھڪار کان سواءِ منھنجو ڪتاب ڇپجي سگھي ھا، اھو ممڪن ئي نه ھو.

 امان، اھا ماءُ ناھي جيڪا فقط دعا ئي ڪندي آ. مگر امان اھا بي غرض ماءُ آھي، جيڪا دعا سان گڏ، اڪثر دوا به ڪندي آھي. اڄ به مون کان پڇندي رھندي آھي، ”تنھنجو ٻيو ڪتاب ڪڏھن ٿو اچي ڀلا؟ تون سستي ڇو پئي ڪرين؟“ ۽ فقط ٻه ٽي نصيحت ڀريا جملا چوندي آھي. پنھنجي ماٺيڻي لھجي ۾. ۽ منھنجي زندگيءَ ۾ هڪ نئون تحرڪ ۽ تحريڪ اچي ويندي آهي ۽ پاڻ  ۾ ڄڻ ته ساھه ۽ ويساهه  ڀرجي ويندو آھي. امان اسان کي ھميشه اھو ئي سيکاريو آھي ته زندگيءَ جي ھر پل کي استعمال ڪيو.

امان ھڪ بھترين ماءُ ھجڻ سان گڏ، ھڪ بھترين انسان به آھي، ھڪ پيار ورھائيندڙ عورت، ھڏ ڏوکي، ھمدرد ۽ ھر ويلي ھر ڪنھن جو ساٿ ڏيندڙ انسان...جھڙي ڦڙي ھجي، تتي، ٿڌي ھجي. ڪنھن جي سڏ ۾ سڏ نه ڏي! اھو ممڪن ناھي. پر امان ته اھڙي آھي، بنا سڏ جي به موقعي ۽ مھل تي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ کان نه لھرائيندي آھي. مٽ مائٽ ھجن يا اوڙو پاڙو. غميءَ خوشيءَ ۾ ھرڪنھن سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيھندي، جو گھر ڀاتي به بي فڪر ٿي ويھي رھن. ائين ڪم ڪاريون ڪندي، ائين نظر داري ڪندي، ڄڻ سندس پنھنجو ڪاڄ ھجي. فرض سمجھندي نڀائيندي. مجال آھي جو ڪڏھن چوي ته، ”مون فلاڻن جي مدد ڪئي.“ سماجي، اخلاقي ۽ مالي مدد ڪرڻ، امان جو ھميشه کان شيوو رھيو آھي. پوءِ اهو پنھنجو ھجي يا پرايو، ڪنھن سان به قدم پوئتي ناھي ھٽائيندي. مون کي ياد ناھي ته امان ڪڏھن ڪنھن جو ڪو منجھيل مسئلو حل نه ڪيو ھجي. ڪڏھن ڪنھن سواليءَ کي خالي موٽايو ھجي. امان وٽ راڄ جون منجھيل ۽ پريشان مايون، پنھنجا مسئلا کڻي اينديون ۽ امان وٽ ڄڻ ته سندن سڀني دردن جو دارون موجود هوندو آهي. منجهيل ۽ پريشان چھرا کڻي ايندڙ عورتون، امان سان ملڻ کان پوءِ کلندي، ٻھڪندي ۽ مھڪندي موٽي وينديون آهن. مون اڪثر وڏيرن، زميندارن ۽ اميرن جي عورتن کي به امان وٽ ايندي، پنھنجي غرض پوري ڪندي ڏٺو آھي.

غريب غربو ته ٻارهو ئي امان وٽ هڪيو تڪيو حاضر هوندو آهي.”مونا ماءُ! ڀلا ڪا مدد ڪر، فلاڻي فصل تي واپس ڪنداسين.“ پوءِ امان وٽ جيڪي به بچت ھوندي، جو ڪجھه ھوندس گھر ۾، انھن جي پورت ڪندي. ايتري تائين جو اسان جون جمع ٿيل خرچيون به ميڙي سيڙي، انھن جي ضرورت پوري ڪندي.

امان کي مون ھميشه گھر ۾ رھندي به سوشل ڏٺو. گھر ۾ رھي ڪري به امان ڄڻ ته خدائي خدمتگار لڳي پئي هوندي آهي. ۽ اڃا به ڪنھن حد تائين، کيس انھن ئي ڪمن ۾ مصروف ڏسان ٿي. ۽ وري جڏھن ڪنھن عورت کي ڪا ڳري رقم کپندي ھجي ۽ اھا امان وٽ اچي پلٿي ماري ويھندي ۽ چوندي، ”ادي مونا ماءُ (مونا منھنجي وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر خالده سانگيءَ جو ئي نالو آھي، جيڪا سنڌو سانگيءَ جي نالي سان لکندي رھي آھي. بلڪ لکندي ھئي ۽ نثر ۽ نظم تمام سھڻو لکندي ھئي خاص طور تي سندس ڪھاڻيون ۽ مضمون ڏاڍا خوبصورت هوندا هئا. پر افسوس! ھاڻي هوءَ  مصروفيتن سبب نٿي لکي) واياڻيءَ کان وياج تي پيسا وٺي ڏي. وياج کان امان ڏاڍو لھرائيندي ھئي ۽ نه چاھيندي ھئي ته مور کان وڌيڪ وياج تي ماڻھن جا پيسا لٽجن. پر ايلاز منٿن تي امان اھي ضمانت جا ڪم ڪندي ھئي. ننڍڙا ھوندا ھياسين، پوءِ امان جي چوڻ تي وڃي، ان واياڻي ڏي امان جو نياپو کڻي کيس پاڻ سان گڏ گھر وٺي ايندا ھئاسين. ۽ پوءِ امان ان کي فقط ايترو چوندي هئي، ”ھن کي ھيترا پيسا ٿا گھرجن، ٻن مھينن ۾ واپس ڪندي، جي چوين ته زيور به گروي رکڻ لاءِ تيار آھي“ پوءِ ھو واياڻي ماسي ڏاڍي ڌيرج مان چوندي، ”ڀيڻ! تنھنجي زبان ئي زيور کان سوني آھي ائين ڳھن جو چئي شڪي ته نه ڪر ني“ پوءِ ائين امان ضامن به پوندي ته امانتون به سنڀاليندي رھندي. پر ڪڏھن ڪنھن کي پٺي نه ڏني. نه سکڻو دلاسو ۽ نه ئي ڪنھن کي اڌ پنڌ ۾ رولي رکيائين. زبان تي، واعدي تي ڳت ڏئي بيھندي. ۽ چوندي رھندي آھي ته: ”پيسو وڃائجي، پر پت ۽ پريت نه وڃائجي، سر وڃائجي پر ساءُ نه وڃائجي“ (امان وٽ پھاڪن جو به هڪ اڻ کٽ خزانو موجود آهي، جنھن مان سندس ڳالھيون وڌيڪ سھڻيون ٿي پونديون آهن) سو ائين پاڻ کي نقصان ڏيندي، پر هڙان وڙان ٻين جو ڪم ضرور ڪندي.

اسان ڪيئي سال اڳ نئون ديرو ڇڏي آياسين، پر امان کي اڄ به چنتا هوندي آهي،  پنھنجي راڄ وارن جي، ۽ اھڙين عورتن جي جيڪي گهرجائو آھن. سو اڄ به امان پنھنجي هڙ ۽ هٿ، هنن لاءِ کولي رکندي آهي.۽ سڀني کي پئي ساريندي آھي. ”ھيءَ شيءِ فلاڻيءَ لاءِ، ھيءَ ڪپڙو فلاڻيءَ لاءِ، ھي ھِن لاءِ، ھي ھُن لاءِ ڪو آيو ته موڪلنديس.“ ڪنھن جي لاءِ. عيد جو بندوبست ڪندي ته ڪنھن کي شاديءَ ۾ مدد ڪندي. سڀ ڪجھه ائين ڪندي جو اسان کي به ڪيترين ڳالھين جي خبر ناھي پئجي سگھندي ۽ مزي جي ڳالھه ته ڪڏھن جتائيندي به ناھي ۽ ياد به ناھي ڪندي ته ڪڏھن ڪيئن ۽ ڪيترو ڪنھن جي ڪم آئي آھي.

امان جيڏي دل جي سھڻي آھي؛ صورت ۾ به ايڏي ئي سھڻي آھي. جيڏي سيرت جي پياري آھي، اوتري ئي سگھڙ ۽ سلڇڻي به آھي. سليقه شعار، ڪفايت شعار، عقل ۽ ڏاھپ سان ڀرپور شخصيت آھي امان جي. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن بابا کيس گھر ڌياڻي بڻايو ته ڪجھه ئي عرصي جي اندر امان جون خوبيون، خصلتون ۽ سونھن جي خوشبوءِ گهر ته ڇا پر ڄڻ ته سڄي شھر ۾ گھلي وئي ۽ ماڻھو بابا کي چوندا ھئا ته: ”سانگي صاحب جي ڪا نيڪي اگھائي آھي، جو ھھڙي سھڻي، سلڇڻي، سگھڙ ۽ نيڪ عورت کيس ملي آھي.“ واقعي به بابا کي اھڙي جيون ساٿياڻي ملي، جنھن ساڻس ھر وک تي ساٿ به ڏنو ۽ بابا جي جيون جي آخري گھڙيءَ تائين سيوا به ڪئي ۽ بابا کي سنڀاليو. اھو ڪھڙو معاملو ھو، جنھن ۾ امان، بابا کي اڪيلو ڇڏيو ھجي؟ ڪو به نه. ھر ڏک ۾، سک ۾ امان، بابا سان گڏ ھئي.

جيڪڏھن ڪٿي ڪنھن معاملي ۾ بابا ھمت ھاري ويھندو ھو ته به هوءَ نااميدين کي نھوڙي اميد جو چراغ ٻاري، بابا کي ھمت ۽ حوصلو ڏيندي ھئي ۽ بابا ڪاميابيون حاصل ڪري سوڀارو ٿيندو ھو. اولاد جي مامري ۾ بابا هڪ ماءُ جيان دل جو ڪمزور ۽ امان، پيءُ جيان ھميشه بردبار رھي آھي. بابا کي به دلجاءِ امان ڏيندي ھئي ۽ اھا حقيقت آھي ته جيڪڏهن امان ھمت نه ڪري ھا ته اڄ منھنجي وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر نه بڻجي سگھي ھا. نه ئي ياسين فوج ۾ ڪميشنڊ آفيسر ٿي ڪرنل جي رينڪ تي پھچي ها، نه وري حاجي (اسان جو وڏو ڀاءُ خالد پرويز ) زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ها، نه ئي ننڍي ڀيڻ جگنو، ميڊيا جوائن ڪري، ڪامياب پروگرام ڪري سگهي ها نه ئي آئون شاعره يا پروفيسر ٿي سگهان ها. مطلب ته اسان ٻارن جي ڪاميابيءَ جي حقدار مڪمل طور تي اسان جي امڙ آهي.

مون کي ياد آهي ته جڏھن منھنجي وڏي ڀيڻ مونا (ڊاڪٽر خالده) انٽرميڊيٽ ۾ سٺا نمبر حاصل ڪيا ۽ ان کي بابا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائڻ ٿي چاهيو ته امان جي ڪجھه رشتيدارن ”ڇوڪرين جي تعليم“ جي مخالفت ۾ تمام ڏکيا لفظ ڳالھايا ۽ بابا کي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جي نقصانن تي ڊگها ليڪچر ڏنا. انھن گھڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن بابا پنھنجيءَ ڌيئرن کي نه پڙھائي. بابا به وقتي طور تي انھن جي چئي ۾ اچي، امان کي چيو ته،”مان پنھنجي ڌيءَ کي نه پڙھائيندس. تنھنجا مائٽ ڏاڍو ڳالھائن ٿا.“ اھو ٻڌي، امان ڏاڍي حيران ٿي ته اھڙي ڳالھه ”سانگي“ (بابا) ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ پوءِ امان تمام وڏا جتن ڪيا ۽ بابا کي چيو ته،”اسان جي خاندان ۾ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته نياڻي تعليم حاصل نه ڪري؟ ۽ ھڪ استاد جي ڌيءَ تعليم جي روشنيءَ کان محروم رھي؟ توھان پنھنجو فرض نڀايو، اھو مون تي ڇڏيو ته منھنجا مائٽ ڇا ٿا چون.“ پوءِ امان پنھنجي مائٽن ۾ وئي، (جيڪي ھئا به سندس ماءُ جا مائٽ)، پر سندس ڀاءُ يعني اسان جو مامو غُلام رسول ميمڻ، جيڪو ادب ۽ صحافت جي دنيا جو معتبر نالو آهي، اُهو  امان ۽ بابا سان گڏ نياڻين جي تعليم لاءِ بيٺو رهيو.

سو امان ھڪ وڏي شان ۽ مانَ سان، انھن کي سمجهايو ۽ چيو ته:

”جيڪڏهن توھان جي نظر ۾ تعليم يافته عورتون شريف ناھن ھونديون ته، اهوئي ٺيڪ! پر سانگي صاحب، پنھنجي ڌيءُ ضرور پڙھائيندو. مان توھان کي ان ڳالھه جي هرگز اجازت نه ڏينديس ته توھان منھنجي وَر کي گھٽ وڌ ڳالھايو. مرضي پئيوَ ته مون سان تعلق رکو، نه ته توھان پنھنجي گھر ۾ خوش ۽ مان پنھنجي گھرِ خوش. پر اھو ياد رکجو ته اوھان کان ڊڄي، مان پنھنجي ڌيءَ کي جھالت جي کوھه ۾ ڦٽو نه ڪنديس، منھنجي ڌيءُ جيترو پڙهڻ چاهيندي، اسان ان سان هر وِک تي دوست ۽ سھائو ٿي ھلنداسين.“

 اھا ھئي امان جي جرئت، ھمت ۽ موقف، جنھن بابا کي ھمٿايو ۽ هن پوءِ ڪڏھن به ڪنھن جي ڪاڻ نه ڪڍي. ائين خالده ڊاڪٽر بڻجي وئي ۽ مون به آرام سان پنھنجي تعليم مڪمل ڪري، عملي زندگيءَ ۾ پير پاتو.

امان جي اھڙي بھادري ۽ ھمت جي باري ۾ بابا اسان کي ٻڌائيندو ھو ته،”توھان جي ماءُ صفا گونگي گگدام ھوندي ھئي، پر هوءَ توھان نياڻين جي لاءِ شينھن ٿي پئي، ۽ توھان تي ڪک به نه سھندي هئي.“

امان جي وڏي ڳالھه اها به آهي ته هُن پنھنجي اولاد کان ڪڏھن به ڪجهه ناهي گهريو. ڪو سک ناھي گھريو. نه ئي کيس سوال ڪرڻ پسند آھي. نه حڪم ھلائڻ. نه ئي پنھنجي خدمت ڪرائڻ. جيڪڏهن ڪڏھن ڪنھن ڪچھريءَ ۾ گڏجي ويٺا ھونداسين ته چپ ڪري اٿي ويندي. واپس اچڻ تي جڏھن پڇبو ته، ”ڪاڏي ويا هيئو؟“ ته چوندي، ”پاڻي پيئڻ وئي هيس.“ چونداسين، ”توھان طبيعت خراب ھوندي به اٿي ويا، اسان کي چئو ھا نه!“ ته چوندي، ”توھان به ته سڀ ويٺا ھيئو، توھان کي ڇو اٿاريان؟ چار عضوا، پنجون نور، جيسين سلامت آھي، سوال ڇو ڪجي؟ الله ھڏ باقي ڇو ڏنا آھن. ھڏ ھلائيندا نه رھنداسين  ته سنڌَ سڪي ويندا.“

اڄڪلھه امان جي طبعيت صحيح نٿي رھي. ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام ڪرڻ جو چيو آهي. اسان آرام لاءِ مٿس زور ڀريون ٿا ته چوي ٿي،”توھان چاھيو ٿا ته مان محتاج بڻجي وڃان؟ ٺھي ٿو ته ھر ھر توھان کي تنگ ڪيان ته دوا کڻي ڏيو؟ پاڻي کڻي ڏيو؟ جيترو نڪري جسم مان، اوترو کيس نپوڙجي. سوال ڪرڻ سٺو ٿو لڳي ڇا؟ ھرھر محتاجي ڪڍڻ مون کي سٺو نٿو لڳي.“

ڄڻ سندس مَن ۾ لطيف سائينءَ جون هي دعائيه سٽون هجن ته:

”جيسين جيارين، تيسين هادي رکج حفظ ۾،

محتاجي مخلوق جي شل قادر مَ ڪارين!“

مون اهڙن گھڻن ماڻھن کي ڏٺو آھي، جيڪي ھلڪي بخار ۾ به ڪنجھندا رهندا آھن ۽ ٿوري سورُ ۽ تڪليف ۾ به کٽ جهلي  سمھي رھندا آھن ۽ چاھيندا آھن ته بس سندس پرگھور لڌي وڃي، خدمت ڪئي وڃي. دوا به کين ڪو ٻيو پياري، ايتري تائين جو ٽڪيون به ڪو ٻيو کڻي ھٿ تي رکين. امان کي  103ڊگري بخار ھوندو، تڏھن به سوال ڪرڻ کيس سٺو نه لڳندو. ڪنجھندي به نه، ته متان ڪو سمجھي ته ھيڻي ٿي پئي آھي. پنھنجون دوائون پاڻ سنڀاليندي آھي ۽ تڪليف جو اظھار بنھه نه ڪندي آهي، پر جڏھن صفا برداشت کان ڳالھه چڙهي ويندي اٿس، تڏھن به اسان جي زور ڀرڻ تي چوندي، بس تورڙي تڪليف  آهي، ٺيڪ ٿي وينديس.

امان انتھا درجي جي خوددار آهي. حد اها آھي، جو جيڪڏهن کيس ”مائرن جي عالمي ڏينھن“ تي ڪو گفٽ ڏبو آھي ته ان تي به اعتراض ڪندي آھي، ۽ چوندي آھي ته، ”منھنجو فرض آھي، توھان کي ڏيڻ، وڏا ڏيندا آھن، ننڍن کي، ننڍا ٿوروئي ڏيندا آھن.“ ۽ پوءِ گفٽ کان وڌيڪ خرچي ڏئي ڇڏيندي آھي. اھا آھي، امان جي خودداري، ٻاجھه ۽ محبت؛ بي غرض ۽ پاڪ، جنھن ڪڏھن به اولاد کان ڪا مدد ناھي گھري، پيسي ڏوڪڙ جي، نه انھن جي پگھار مان ڪڏھن حصو پتي گھريو آهي، نه کنيو آهي. هوءَ پنھنجون سڀ سخاوتون پينشن مان ڪندي رهندي آهي.

امان کي گلن ڦلن، وڻن ٽڻن سان بيحد لڳاءُ آھي. ساوڪ ڏاڍي وڻندي اٿس. سو گھر ۾ ننڍيون وڏيون ڪونڊيون رکيون اٿائين ۽ وڏي چاھه ۽ پيار مان، انھن جي سنڀال لھندي آھي. جيتري ممڪن ٿيندي اٿس، اوتري محنت ڪندي آھي ۽ ڪجھه نه ڪجھه پوکيندي رهندي آھي. ڇت تي به ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪ مخصوص جاءِ کي واڙيِ بڻايو اٿائين، جنھن ۾ ٿوم، ڌاڻا، بصر، ڦودنو ۽ ڪجھه ھلڪڙيون ڦلڪڙيون آسانيءَ سان ڦٽندڙ سبزيون پوکيندي رھندي آھي. ڏاڍي خوشيءَ سان کاڌن ۾ انھن جو استعمال به ڪندي آھي. صبح جي نماز پڙهڻ ۽ پکين کي خوراڪ ڏيڻ کان پوءِ پنھنجي پتڪڙي واڙيءَ ۾ ڪونڊين جي پرگھور لھندي آھي. هن جي اها به خاصيت آهي ته جتي به ۽ جنھن به شھر ويندي آهي ته اتي به نوان گل ٻوٽا ۽ وڻ ضرور پوکيندي آهي، ڀاڄيون پوکرائيندي آهي ۽ چوندي آهي ته، اسان کي نصيب ٿيو ته ٺيڪ، نه ته اسان کان پوءِ جيڪي ماڻھو ايندا، اهي، منھنجي هٿ جون پوکيل ڀاڄيون کائيندا ۽ سھڻن گلن مان واس وٺندا.“

سمنڊ، چنڊ، روشن آسمان ۽ وڻ، امان جي ڪمزوري آهن. هوءَ سمنڊ تي چانڊوڪيءَ رات جو منظر، هر پل پنھنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري رکندي آهي. سندس ٻين مشغلن ۾ رڌپچاءَ به شامل آهي. هوءَ ڏاڍا لذيذ کاڌا ٺاهيندي آهي. سندس هٿ ۾ جيڪا شيِري آهي، ان جو جواب ڪونهي. اسان جي لاءِ کاڌو پچائڻ ۾ کيس ڏاڍو سڪون ملندو آھي. ننڍي ھوندي يا ڪجھه سال اڳي تائين، جڏھن امان بلڪل صحتمند ھئي ته نيرن پاڻ تيار ڪندي ھئي. اسڪول جي زماني ۾ يا ڪاليج جي ڏينھن ۾ اسان تياريءَ ۾ مصروف ۽ امان اسان سڀني لاءِ الڳ ناشتو تيار ڪري کڻي اچي اڳيان رکندي هئي. جي دير ٿيندي ھئي ته ماني جا گرھه ٺاھي، وات ۾ وجھندي ويندي ھئي. پٺيان پٺيان پئي ڦرندي ھئي ته جيئن ڪوبه ٻچو بکئي پيٽ گھران نه نڪري. چانھه به ٺاري ٺاري ڏيندي ھئي. جي اڃا به وٺ پڪڙ ۾ ڪير ھوندو ته در تائين کارائيندي ھلندي هئي. ڪڏھن ماني ھٿ ۾ پڪڙائيندي ته کائيندا وڃو، ته ڪڏھن لنچ باڪس ۾ وجھي ڏيندي. امان اهو به ضد ڪندي هئي ته، کير پي وڃو، نه ته خرچي نه ڏيندي سانوَ. پوءِ کير پي خرچي کڻي گهران نڪرندا ھئاسين ۽ در تائين اچڻ امان جو لازمي هوندو هو.

امان ٿورو گھڻو حڪمت جو علم به رکي ٿي، اھو ئي سبب آھي، جو پنھنجي ٻارن کان وٺي، انھن جي ٻارڙن تائين، سڀني جون ستيون ڦڪيون ڪَکَ وغيره امان وڏي سگھڙائپ ۽ سليقي سان ڪيا آھن. ٻنڌڻ کان ويندي ھر عمر تائين جي ٻارن جي پالنا ۾ امان بيحد سگھڙ آھي. ٻن ڏينھن جي ٻار جي به اھنجن جي کين پروڙ پئجي ويندي آھي. انڪري پاڙي اوڙي جون عورتون، امان وٽ ٻار به آڻينديون ھيون، جيڪڏهن ان جي تڪليف جو علاج وٽس ھوندو ته ترت ڪندي نه ته ھڪدم کيس ڊاڪٽر ڏي وڃڻ جو مشورو ڏيندي.

امان سموري زندگي جهڙوڪر پاڻ پتوڙيو آھي. جوانيءَ ۾ ورَ سان گڏجي، گھر ٺاھيائين. هن عمر ۾ به اسان سموري اولاد جو ڀرجهلو ۽ ڇانو ته آهي ئي، پر نئين ديري جي ڪيترين ئي بيواهه عورتن جي به واهر ڪري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندي آهيان ته، جيڪر هر ماڻھو، امان وانگر ٿي پوي ته هوند هيءَ دنيا جنت بڻجي پوي. ڪيڏي صابرين آهي، ڪيڏي نه شاڪر آهي، ڪيڏي نه هڏڏوکي آهي، ڪيڏي نه پاڪدامن ۽ همت ڏيندڙ آهي. الله سائين امان جي اها ڇانوَ، شال اسان جي مٿان هميشه قائم رکي! آمين.

جِيَنِ سي سَنگهارَ،

اَجهي جَنِ جي گهارِيان!

  (شاهه سائين)

 

نويد سنديلو

 

 

 

روس جو مها ڪوي  اليگزينڊر پُشڪن

 

 

اليگزينڊر سرگيويچ پُشڪن کي جديد روسي ادب جو ابو ۽ جديد روسي ادبي ٻوليءَ جو باني سمجهيو ويندو آهي.  سندس روسي ثقافت تي گهرو اثر آهي ۽ اڄ  ڏينھن تائين ھلي رھيو آهي. ھو روس جي لاءِ ائين آهي، جيئن شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ لاءِ ۽ شيڪسپيئر انگريزي ٻوليءَ لاءِآهي.

پُشڪن جي لکڻين، روس ۾ رومانوي دور کي روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ڪم پنھنجي چٽي ۽ جامع ٻولي، لوڪ ڪھاڻين ۽ موضوعن جي استعمال ۽ عالمگير انساني جذبن جي ڳولا سان نمايان آهن. پشڪن مختلف صنفن(Genres) ۾ لکيو، جنھن ۾ شاعري، نثر، ڊراما ۽ ادبي تنقيد شامل آهن،  اڪثر ڪري طنز ۽ مزاح کي الميي ۽ دردن سان ملائي ڪري لکيائين.

سندس سريلن نظمن کي انھن جي موسيقيت ۽ جذباتي گهرائي جيڪري ساراهيو ويندو آهي. هو پنھنجي ڪوتا ناول ”يوجين اونگن“ جي ڪري پڻ گهڻو مشھور آهي، جنھن کي روسي ادب جو هڪ شاهڪار سمجهيو ويندو آهي. پشڪن جي همعصرن ۾ رومانوي لکارين ۾ لارڊ بائرن، گوئٽي ۽ وڪٽر هيوگو شامل هئا. انهن سڀني پنھنجي لکڻين ۾ جذبات ۽ انفرادي تجربي جي طاقت تي زور ڏنو.

تعويذ

جتي سمنڊ جون لھرون، پنھنجي پوري طاقت سان،

ويران ٽڪرين سان ٽڪرائجن ٿيون،

جتي چمڪندڙ چنڊ جادو ڪري ٿو

رات جي اونداهيءَ ۾،

جتي، حرم ۾، هڪ مسلمان، روزانو

بيپرواهه وقت گذاري ٿو،

جادوگري، پيار ڪندي، مون کي

پائڻ لاءِ هڪ مقدس تعويذ ڏنو.

۽ پوءِ، مون کي ڀاڪر پائي، هن چيو:

"ان ۾ پراسرار قوت آهي!

ان جو قدر ڪر ۽ ان کي محفوظ رک!

سمجھه ته پيار ان جو سرچشمو آهي.

اهو پڻ ڄاڻ - اهو روڪي نٿو سگهي

اوچتو موت يا سنگين بيماري،

اهو توهان جي سِر جي حفاظت نٿو ڪري سگهي

طوفان يا انڌاري کان.

اهو توهان کي ڏئي نٿو سگهي

اوڀر جون سڀ دولتون،

پيغمبر جا ميڙ تنھنجي تعريف

يا گهٽ ۾ گهٽ تنھنجي فرمانبرداري نه ڪندا.

اهو توکي اڳتي اُڪاري نٿو سگهي

اداس پرڏيهي زمينن مان،

ڏکڻ کان اتر تائين،

دوستن جي ڀاڪر ۾ وٺڻ لاءِ گهر ڏانھن...

پر جڏهن به چالاڪ اکيون

توکي موهي وجهن ۽ تون مزاحمت نه ڪري سگهين،

يا رات جي پردي ۾ لڪائين،

بڇڙا چپ تنھنجي چپن کي نشانو بڻائين،

پوءِ، هي تعويذ حفاظت ڪندو

بي ايماني کان بچڻ لاءِ، منھنجا دوست!

 ٺڳي ۽ غفلت کان تنھنجي نازڪ دل جي حفاظت ڪندو!

 

 

نسرين سيد

 

دعــــــا

 

 

تو پاڻ قرآن پاڪ ۾ فرمايو  آهي  ته:

ترجمو: ۽ جڏهن مان بيمار ٿيان ٿو ته اهو (الله) مون کي شفا ڏئي ٿو. (الشعراءِ: 80)

يا شافي يا ڪافي

يا الله! پنھنجي بيشمار رحمتن سان، ادا سيد معظم علي شاهه کي شفا عطا ڪر، کيس جلد کان جلد صحتمند ڪر ته جيئن هو پنھنجي زندگي، صحتيابي ۽ سڪون سان گذاري سگهي.

يا رب العالمين!

جن محبتي هٿن، اسان لاءِ دعائون ڪيون، تن کي به خوشيون عطا ڪر.

جن جي دلين ۾ اسان جي ڀاءُ لاءِ چاهتون آهن، تن تي به پنھنجي رحمت نازل ڪر.

اسان سڀني تي پنھنجو خاص ڪرم فرماءِ. اسان جي دلين کي سڪون عطا ڪر ۽ اسان کي هر تڪليف ۽ هر آزمائش کان محفوظ رک.

يا الله! اسان کي هميشه پنھنجي رضا ۾ راضي رک ۽ پنھنجي رحمت جي ڇانو ۾ رک.

آمين ثم آمين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org