ثمينه ميمڻ

جَن وِڃايو
وُجُودُ....!
اڄ جيئن سونھن اسڪول مان گهر پھتي ته هُن کي سندس
گهرواري ٻڌايو ته تولاءِ آمريڪا مان تنھنجي
سھيليءَ جي هٿان هڪ خط آيو آهي، سونھن جيئن خط جو
ٻڌو ته پنھنجي ڪمري ۾ وڃڻ بجاءِ اتي ئي گهرواري
کان خط وٺي پڙهڻ لڳي.
سونھن جيئن خط پڙهڻ لڳي، تيئن هن جي اکين ۾ خوشيءَ
مان ڳوڙها اچي ويا. نڙيءَ ۾ ڄڻ سُڏڪو اٽڪي پيس.
اهڙي ڪيفيت کي ڏسندي، سندس گهرواري اچي، هُن کي
پاڻي ڏنو.
”سونھن! ڪنھن جو خط آهي؟“
سونھن خط کي هٿن ۾ رکي پاڻي پيئڻ لڳي ۽ گهرواري کي
ٻڌايائين ته، ”عظميٰ جو خط آهي. هن کي نوڪري ملي
وئي آهي. مان فريش ٿي، وڌيڪ ان بابت اوهان کي
ٻڌايان ٿي.“ اهو چئي، پنھنجي ڪمري ۾ هلي وئي.
هن جي دل چاهي پئي ته هوءَ زور زور سان ٽھڪ ڏئي،
هوءَ دل ۾ ساجده جا ٿورا مڃڻ لڳي.
اڄ هن کي هڪ سال اڳ واري عظميٰ ياد آئي، پر هن
انھيءَ پَل کي وسارڻ ٿي چاهيو. اڄ هن کي عظميٰ سان
گذريل ڏينھن ياد اچڻ لڳا ۽ پاڻ کي ماضيءَ جي لمحن
۾ قيد ڪري ڇڏيائين.
عظميٰ ۽ سونھن پاڙي ۾ رهڻ ڪري ننڍپڻ کان گڏ کيڏيون
۽ هڪ ئي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيون. ۽
وري نوڪري به گڏ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ڪرڻ لڳيون.
عظميٰ جيئن ته گهر ۾ ڀائرن کان وڏي هئي ۽ هن جو
پيءُ ڪنھن اسڪول ۾ استاد هو. ننڍا ڀائر پڻ اسڪول ۾
پڙهي رهيا هئا.
وڏي ڀيڻ هئڻ جي حيثيت ۾ هن تي گهرجون ڪجهه
ذميواريون به هيون، انڪري هن پنھنجي بابت سوچڻ ڇڏي
ڏنو. هوءَ ته ڄڻ مشين بڻجي وئي هئي، گهر جي حالتن
جي ڪري، هوءَ پيءُ جي ڀرجهلو هئي. جڏهن ته هُن
لاءِ تمام سٺيون مِٽيون اينديون هيون، پر هن جو
مقصد صرف گهر ۽ ڀائرن کي سٺي تعليم ڏيارڻ هو، هن
جو پيءُ استاد هو. جيڪو حق حلال جي روزيءَ ۾ صرف
گهر هلائي ٿي سگهيو. عظميٰ جي عمر به هاڻي وڌڻ لڳي
هئي، سندس ماءُ پيءُ کي هر وقت اونو هو ته هن جي
شادي ٿئي، پر هن هميشه انڪار ڪيو ته نه پھرين مان
پنھنجي ڀائرن کي ڪنھن مَقام تي پھچايان.

عظميٰ جڏهن سونھن جي شاديءَ تي آئي، تڏهن به سونھن
جي ماسيءَ کي پنھنجي پٽ لاءِ وڻي هئي، پر عظميٰ ان
رشتي کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جي زندگيءَ جو مقصد
صرف سندس گهر ۽ ڀائر هئا. هن جي ڀائرن به محنت
ڪري، اسڪالر حاصل ڪئي، ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪري
سٺين نوڪرين تي فائز ٿيا. ۽ انھن شادي پنھنجي پسند
جي ڇوڪرين سان ڪئي، عظميٰ ڌام ڌوم سان پنھنجن
ڀائرن جي شادي ڪرائي. هوءَ تمام گهڻو خوش هئي،
ڀائرن جا به فرض پورا ڪيائين، پر ڪجهه ڏينھن کان
پوءِ سندس والد گذاري ويو، جنھن جي صدمي هن کي
ڪمزور ڪري ڇڏيو. بس زندگيءَ جو وهنوار هلندو رهيو،
عظميٰ جي عمر هاڻ پنجيتاليھه سال ٿي وئي هئي.
سونھن کي به ٻه ٻار ٿي ويا هئا.
هڪ ڏينھن عظميٰ، سونھن کي ٻڌايو ته سندس گهر جي
ڀرسان رعنا رهندي آهي، جيڪا ڪجهه سال اڳ سندس پاڙي
۾ شفٽ ٿي آئي هئي، اُن جو ڀاءُ مُراد آهي. اُهو
مون سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو، پر مون رعنا کي جواب
ڏئي ڇڏيو آهي.
”تو ان رشتي کان ڇو جواب ڏنو.“ سونھن چيس.
”هُو مون کان اٺ سال ننڍو آهي، انجنيئر آهي. دبئي
۾ رهي ٿو، گهر، گاڏي سڀڪجهه اٿس، پر شرط اهو رکيو
اٿائين ته شاديءَ کان پوءِ مان نوڪري ڇڏي ڏيان،
ڀلا! اهو ڪھڙو شرط آهي.“
”صحيح ته آهي، تنھنجي ڀائرن جون به شاديون ٿي ويون
آهن، هاڻي تون پنھنجي لاءِ ته سوچ! هُو توسان پاڻ
شادي ڪرڻ لاءِ راضي به آهي ته پوءِ تون ڇو پئي
انڪار ڪرين، تو سڄي عمر پنھنجي لاءِ نه سوچيو آهي،
هاڻ جڏهن خوشيون تنھنجي در تي هلي آيون آهن، تون
ڇو ٿي انڪار ڪرين.“ سونھن، عظميٰ کي سمجهائڻ لڳي.
”مان ٿي هُن سان ڳالھايان، تون رڳو ها ڪر.“
”اها شادي ڪھڙي هوندي، جنھن ۾ سمجهوتو هجي.“ هن
سونھن کي چيو ۽ اُتان هلي وئي.
ٻئي ڏينھن هوءَ اسڪول به نه آئي. سونھن کي پريشاني
ٿي. شام جو اسڪول کان پوءِ عظميٰ جي گهر آئي.
هوءَ اڃان ڪمري ۾ ئي هئي ته سونھن عظميٰ جي ماءُ
سان مِٽيءَ جي ڳالھه ڪئي ۽ ڇوڪري بابت به سڀڪجهه
ٻڌايائين.
”پوءِ عظميٰ ڇا ٿي چوي“. سندس امڙ سونھن کان پڇيو.
”عظميٰ ان رشتي لاءِ راضي نه آهي. ماسي اوهان ئي
هن کي سمجهايو. “
”ٺيڪ آهي ڌيءَ، مان سمجهايائينس ٿي.“
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ نيٺ هن شاديءَ لاءِ ها ڪئي.
امڙ جو چوڻ ڪري، هُن مراد سان شادي ڪئي. ۽ پندرهن
ڏينھن کان پوءِ هوءَ نوڪري ڇڏي. دبئيءَ رواني ٿي
ويئي.
زندگي به عجيب رنگ ڏيکاري ٿي!
سونھن ڪڏهن ڪڏهن عظميٰ سان موبائيل تي ڳالھائيندي
هئي. پنھنجو ۽ سندس حال احوال ڏيندي وٺندي هئي،
عظميٰ الاهي خوش نظر ايندي هئي. پر جنھن ڳالھه جو
ڊپ هو ائين ئي ٿيو، ٻن سالن کان پوءِ عظميٰ سونھن
کي ٻڌايو ته مراد اولاد جي ڪري ٻي شادي ڪرڻ چاهي
ٿو.
اهو ٻڌي، سونھن پريشان ٿي وئي.
”توکي مون اڳ ئي ٻڌايو هو ته هُو مون کان ننڍو
آهي، هُو ضرور مون کي ڇڏي ڏيندو. يا ٻي شادي
ڪندو.“
”پر پھرين ته هن لاءِ اولاد ايڏو اهم نه هو، جڏهن
توکي هن پسند ڪيو هو.“ سونھن چوڻ لڳي.
”ها! اهي ته مردن جون ڳالھيون هونديون آهن، پر هُو
ڪٿي ٿا بنا مطلب جي عورت کي خوش رکي سگهن. مراد
جي ماءُ پيءُ جو پڻ زور آهي ته هُو اولاد لاءِ ٻي
شادي ڪري.“
”ته پوءِ تون ڇا ٿي چاهين؟!“
”مان ڇا ٿي چئي سگهان، مون کي ته هاڻ ڪجهه به
سمجهه ۾ نٿو اچي. مان ته ڪٿي جي به نه رهي آهيان،
هن جو پيار محبت سڀ ختم ٿي چڪو آهي، هو سڄو وقت
موبائيل تي ڇوڪرين سان ڳالھائي ٿو. ۽ هاڻ هو
شاديءَ لاءِ منھنجي رضامندي چاهي ٿو. سڀ محبتون
لحظي ۾ ختم ٿي ويون.“
”تون اجازت نه ڏينس، شادي ڪونه ڪندو. “
”منھنجي اجازت ڏيڻ سان، هن تي ڪوبه فرق نه پوندو.“
هوءَ روئڻ لڳي.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ عظميٰ هن کي ڪال ڪري ٻڌايو ته
مراد شادي ڪري ڇڏي آهي. ۽ زال کي پڻ گهر وٺي آيو
آهي. هاڻي هن جي حيثيت هن جي گهر ۾ ڪابه نه آهي،
صرف صبر ڪري، پنھنجن نصيبن تي روئي سگهان ٿي.
هوءَ هاڻ موبائيل تي به نه ڳالھائيندي هئي، بلڪ هن
نمبر ئي بند ڪري ڇڏيو. سونھن گهڻي ڪوشش ڪئي، هن
سان ڳالھائڻ جي، پر هڪ ٻه سال هن کي عظميٰ جي ڪا
خبر نه پئجي سگهي. هوءَ پريشان به ٿيندي هئي. ٻه
ٽي دفعا عظميٰ جي ماءُ جي گهر به وئي، پر اُتان به
عظميٰ بابت ڪا خبر نه پئجي سگهي، هن جا ڀائر پڻ
پاڙو ڇڏي شھر هليا ويا هئا. ڪجهه ڏينھن گذرڻ
کانپوءِ هن کي، اُن پاڙي مان خبر پئي ته عظميٰ جي
ماءُ گذاري وئي آهي. هاڻ عظميٰ سان هن جو ڪوبه
رابطو نه رهيو. هوءَ اندر ۾ جهڄندي رهي، پر ڪٿان
حيلو نظر نه آيس، پر شايد رب کي منظور هو، هن جو
عظميٰ سان ملڻ سندس پاڙي ۾ رهندڙ سھيلي ساجده هن
کي دبئي هلڻ لاءِ. جيڪا ڪنھن سماجي تنظيم جي روح
روان هئي. جنھن کي تنظيم پاران اُتان جي پاڳل خاني
جو وزٽ ڪرڻو هو. ساجده، سونھن کي پاڻ سان دبئي هلڻ
لاءِ راضي ڪيو. جڏهن هُو ٻئي پاڳل خاني پھتيون ته
سونھن، پَٽَ تي ليٽيل هڪ عورت کي ڏٺو، جنھن کي هن
سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي چھري ۾ گهنج هئا، مٿي جا
سڄا وار اڇا هئا. سونھن کان رڙ نڪري وئي، ”اڙي
عظميٰ!!“
عظميٰ، جڏهن پنھنجو نالو ٻڌو ته هوءَ اٿي ويھي رهي
۽ هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ لڳي. سونھن سڪتي ۾ اچي وئي.
دل روئي پيس. اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. ساجده عظميٰ
کي ڏسي، پريشان ٿي وئي ۽ پڇڻ لڳي، ”ڇا تون هن عورت
کي سڃاڻين ٿي؟ هيءَ ڪير آهي.“
”هيءَ منھنجي ننڍپڻ جي سھيلي عظميٰ آهي، جيڪا
منھنجي مائٽن جي پاڙي ۾ رهندي هئي. اسان گڏ ننڍپڻ
گذاريو آهي، گڏ پڙهيو آهي، گڏ کيڏيو آهي، گڏ نوڪري
ڪئي آهي، هوءَ يڪساهيءَ ۾ ساجده کي سڀڪجهه ٻڌائڻ
لڳي ۽ وڌيڪ ٻڌايائين ته هيءُ حال سندس مڙس ڪيو آهي
ته هن کي پاڳل ڪري، هن کي پاڳل خاني ۾ موڪليو آهي،
پر هوءَ پاڳل نه آهي“ هوءَ روئڻ لڳي.
ساجده هن جي ڪيفيت ڏٺي ته پريشان ٿي وئي، هن جي
ڳوڙهن کي پنھنجن هٿن سان اُگهڻ لڳي، هوءَ پڻ اندر
۾ روئي پئي.
”تون پريشان نه ٿي، اسين هتان جي آفيسرن سان
ڳالھايون ٿا.“
ساجده آفيس وارن کي پنھنجو تعارف ڪرايو ۽ پنھنجو
ڪارڊ ڏيکاريو ۽ عظميٰ جي باري ۾ پڇڻ لڳيون. ايڊمن
آفيسر فائيل کولي هنن کي ٻڌايو ته هن جي نالي جي
خبر نه آهي. رستي کان گذرندي، هن جو ايڪسيڊنٽ ٿي
پيو هو. هيءَ هاسپيٽل مان ملي آهي. جتي هوءَ
پنھنجو هوش وڃائي ويٺي هئي، ڪير آهي، ڪٿان جي آهي،
ڪا خبر نه آهي. هن جو علاج هتي ٻن سالن کان هلي
رهيو آهي.
سونھن، اهو ٻڌي، اندر ۾ روئي پئي، ۽ ايڊمن کي سڄي
حقيقت ٻڌايائين، ايڊمن کي چيائين ته هن کي اجازت
ڏيو ته مان هُن کي پاڻ سان پاڪستان وٺي وڃان. هيءَ
منھنجي گهري سھيلي آهي. ساجده، جيڪا سماجي تنظيم
جي اڳواڻ هئي، انھيءَ جي رضامنديءَ سان، عظميٰ کي
سونھن سان وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.
ڪجهه ڏينھن ۾ آفيس جي قانوني ڪارروائي کان پوءِ
هوءَ عظميٰ کي پاڪستان پنھنجي گهر وٺي آئي ۽
پنھنجي مڙس کي پڻ عظميٰ بابت سموري حقيقت بيان
ڪئي، سندس مڙس پڻ اهو ٻڌي ڏکوئجي ويو.
پوءِ سونھن ۽ سندس مڙس گڏجي، عظميٰ جو ڪراچيءَ جي
پرائيويٽ اسپتال مان علاج ڪرايو ۽ ڪجهه عرصي بعد
عظميٰ ٺيڪ ٿيڻ لڳي ۽ هن کي سڀ ڳالھيون ياد اچڻ
لڳيون. هن سونھن کي ٻڌايو ته مراد گهر ۾ ڊاڪٽر کي
گهرائي انجيڪشن لڳرائيندو هو، جنھن جي ڪري آهستي
آهستي سندس ذهن ڪم ڪار ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ مراد هن
کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. هن جو دبئيءَ ۾ ڪير به نه
هو، رستن تي ڀٽڪندي رهي. هن کي وڌيڪ ياد نٿي آيو.
سونھن ۽ هن جي گهرواري، جڏهن هن جي دردناڪ ڪھاڻي
ٻڌي ته هُو ٻئي روئي پيا ۽ هن کي نئين زندگي جيارڻ
لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا. عظميٰ هاڻي ٺيڪ ٿيڻ لڳي
هئي. عظميٰ جي ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ ساجده جي معرفت هن
کي آمريڪا ۾ ڪنھن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي وئي ۽ اڄ
جڏهن ڇھن مھينن کان پوءِ هُن سونھن کي پنھنجي سُٺي
نوڪريءَ جي باري ۾ ٻڌايو ته هوءَ خوشيءَ ۾ نه ٿي
ماپي ءٌ عظميٰ جو خوشين ڀريو چھرو، هن جي اکين
اڳيان ڦرڻ لڳو.
سنڌو پيرزادو

اسٽوپا تي چنڊ جهڙي شاعره: ملڪه پيرزادو
ملڪا پيرزادو،
جيڪا پنھنجي
نالي جيان خوبصورت آهي،
هوءَ پنھنجي
سڀاءُ ۾ سچ ته هڪ رياست جي ملڪه ئي لڳندي آهي، هوءَ
ٻلھڙيجيءَ جي انھن عورتن ۾ شامل هئي،
جيڪي 1977ع ۾،
سنڌي ادبي سنگت عورت ونگ ۾ شريڪ ٿينديون هيون. هوءَ سنڌي ادبي سنگت عورت ونگ جي سيڪريٽري پڻ هئي.
هوءَ اعلي تعليم يافته ذهين ۽ بولڊ ڇوڪري هئي جنھن تي ٻلھڙيجيءَ کي فخر آهي. ڳوٺ ۾ سندس کوڙ ساريون شاگردياڻيون موجود آهن،
جن جون زندگيون،
سندس ڏنل تعليم ۽ تربيت بدلائي ڇڏيون.
سندس والد صاحب امام بخش پيرزادو،
منھنجو
مامو هو. هو طبيعت ۾ سخت مزاج هو،
پر ڇوڪرين جي تعليم جو وڏو حامي هو، ملڪه پيرزادو
۽ سندس ڀيڻ زبيده پيرزادو،
جيڪا اسان جي ڳوٺ جي پھرين
ڊاڪٽرياڻي هئي،
پر پوءِ جوانيءَ ۾ ئي سندس وفات ٿي وئي هئي، انھن کي پڙهائڻ ۾ سندس والد جو وڏو ڪردار هو، هو چاهيندو هو ته ڇوڪريون پنھنجن
پيرن تي بيھن،
هن
پنھنجو
اهو خواب،
پنھنجن
نياڻين کي اعليٰ
تعليم ڏياري
مڪمل
ڪيو.
ملڪه پيرزادو جي تربيت هڪ
مذهبي
گهراڻي ۾ ٿي،
پر انور پيرزادو،
جيڪو
سندس سڳو چاچو هو،
هن جي موجودگيءَ،
ان گهر کي روايتي مذهبي گهراڻو نه بڻجڻ ڏنو ۽ اڄ
ڏينھن تائين، هنن جو گهر هڪ غير روايتي گهراڻو آهي. ملڪه پيرزادو ايم.اي
سنڌي ادب ۾ ڪئي، ۽ هن بي.اي
۽ بي.ايڊ
سرڪاري نوڪري ءَ دوران ڪئي.
جڏهن هن ڏهين جماعت پاس ڪئي ته هن کي پنھنجي
ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ نوڪري ملي وئي، ان کان
پوءِ هوءَ ڳوٺ جي ئي هاءِ اسڪول ۾
استاد مقرر ٿي.
شاديءَ کان
پوءِ حيدرآباد شفٽ ٿي وئي.
24 فيبروري 2018ع تي هوءَ پنھنجي
نوڪريءَ
تان
رٽائر ٿي آهي.
هن هڪ شاندار زندگي گذاري آهي، پنھنجي
محنت سان،
هن پنھنجو
ڪيريئر پاڻ ٺاهيو،
پر هڪ خوبصورت گهر وارو ۽ پيارا ٻار هن کي ڀاڳ سان
مليا. مان پھريون دفعو سندس شاعري
جو
ڪتاب ”اسٽوپا، سنڌو ۽ چنڊ“ ۾ پڙهي،
جيڪي ٽن شاعرن جو گڏيل ڪتاب آهي، سندس شاعريءَ ۾
هڪ بولڊ ڳوٺاڻي ڇوڪري به نظر اچي ٿي ته هڪ اعليٰ
تعليم يافته سوچ، سمجهه، فڪر، فھم
۽ شعور رکندڙ عورت به نظر اچي ٿي. جيڪا چوي ٿي ته:
”مان
زندگيءَ جي ٽيپ رڪارڊ تي
ريڪارڊ ٿيل ڪو نغمو ناهيان
جو تون
Rewind ڪري
ٻڌي ٻڌي
روح تان لاهي ڇڏين.
زندگيءَ جو فلسفو به سندس شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو پڙهي، دل اداس ۽ روح بي چين ٿي وڃي ٿو ته واقعي زندگي رڳو جدائيءَ جو
نالو آهي. هوءَ چوي ٿي:
دور اُفق جي نيراڻ ۾
مون ٻه پکي ڏٺا
هڪٻئي سان چھنبون
ملائي
جدا ٿي ويا
مون سوچيو
زندگي ملي جدا ٿيڻ
۽ جدا ٿي ملڻ جونالو آهي.
ملڪه پيرزادو جو هڪ نظم،
ان عورت تي به لکيل آهي،
جنھن
کي ناجائز ٻار ڄڻڻ جي سزا،
ست سال قيد ۽ ڦٽڪا ٻڌائي وئي، اها خبر پڙهي، هڪ حساس دل شاعره ڪيئن نه تڙپي پوي ٿي.
هن جڳ جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ئي
تنھنجو،
منھنجو
ساٿ
پيار جي شروعات به توئي ڪئي
پر نباهي نه سگهئين
مختلف روپ ڌاري
تون مون کي ڌوڪو ڏيندو رهين
مان مختلف روپ ڌاري به
توسان وفاداري ڪئي ۽ ڪندي رهيس....
جڏهن تنھنجو
پيار
سادي
صورت وٺي
منھنجي
ڪُک
مان نڪتو
ته تون وقت جي حڪمران جو روپ وٺي
مون کي ست سال قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا ڏني.
اسان جي
سماج،
خاص طور تي ايشيا جي عورت،
جنھن
عذاب ۽
ڪرب
مان گذري،
زندگي گذاري ٿي،
ان جو درد،
مون کي اڪثر شاعرائن جي شاعريءَ ۾ نظر ايندو آهي.
ڇو ته هڪ پڙهي لکي ۽ حساس عورت،
ان درد کي وڌيڪ محسوس ڪري سگهي ٿي. ملڪه پيرزادو
به پنھنجي هڪ نظم ۾، هن سماج ۾، عورت جي
حيثيت کي واضح ڪيو آهي ته عورت جي زندگي،
ڪيئن نه مرد جي محتاج آهي ۽ مرد،
عورت سان ڪھڙو
رويو رکن ٿا.
عورت جو ڏک،
سندس دل مان،
درد بڻجي گذري ٿو،
جيڪو سندس دل کي زخمي ڪري،
اهڙا نظم لکرائي ٿو. هوءَ چوي ٿي:
پيءُ انساني منڊيءَ۾
واڪ ڏيئي ٿو
چاليھه
هزار
معاشري جا چڱا مڙس
”ڪجهه گهٽ ڪريو
چاليھه
هزار تمام گهڻا آهن“...
پوءِ مان هٿ اچان ٿي
ڪنھن
پئسي واري کي
ها، مان عورت آهيان
وفا جو پتلو
ممتا جو روپ
جنت جي فوٽو اسٽيٽ
نياڻي ست قرآن
ڀاءُ جي ڀيڻ
”سدوري“
مڙس جي گهرڌياڻي
ان جي ذاتي ملڪيت
تڏهن به جڏهن چاهي
چوٽيءَ ۾ هٿ وجهي
حڪم هلائي ٿو......
هن نظم ۾،
عورت جا،
اهي سڀ روپ ۽ رشتا ڏيکاريا ويا آهن،
جن کي ڏيکاري،
هُن کي
ڌمڪايو
ويندو آهي ۽ عورت پنھنجا
خواب ۽ خواهشون گهوري،
انھن
رشتن کي بچائيندي رهندي آهي.
ملڪه پيرزادو جو هڪ نظم آهي،
جنھن
۾ مون کي ڳوٺ جي اها اداس عورت نظر اچي ٿي، جيڪا ٽي.ويءَ تي يا اخبار ۾ عورتن جي ڪانفرنس يا عورتن جي ٻئي ڪنھن
پروگرام بابت پڙهي ٿي ۽ سوچي ٿي ته اسان ته اڄ به
قيد ۾ آهيون، اسان کي اڄ به سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڳالھائڻ
جو حق حاصل ناهي.
هن حسرت، هڪ گهري اداسي ۽ درد،
هن نظم ۾ دل کي ڇھي
ٿو وڃي:
۽ اڄ جڏهن
عورتن جا عالمي سال
پيا ملھائجن
۽ ڪانفرنسون
پيون
ڪوٺائجن
پوءِ به تون چوين ٿو
”توکي ڪجهه ڪڇڻو ناهي،
جو آهين تون عورت“
اهڙا ڪيترائي نظم،
ملڪه پيرزادو اسان کي ارپي پوءِ الاءِ ڇو خاموش ٿي
ويھي رهي ۽ خاموشي به ايڏي گهري جو سالن جا سال گذري ويا. هُن هڪ
نظم پنھنجي ڌيءُ جي شاديءَ کان پوءِ لکيو هو،
جيڪو مون کي هڪ گهري خاموشيءَ
کي چيري،
ڪنھن
جهرڻي جي آواز وانگر لڳو هو،
پر ان کان پوءِ به وري اها ئي ساڳي خاموشي آهي.
مان ملڪه پيرزادو کي سندس رٽائرمينٽ
۽
هڪ خوبصورت ۽ شاندار ڪيريئر جي پڄاڻي تي انڪري به
واڌيون ڏيندس، جو هڪ عورت کي اهو ڪيريئر ٺاهڻ ۾ ڪيترن
ڏکيائين جو
منھن
ڏسڻو ٿو پوي،
ان جو اندازو مان بخوبي لڳائي سگهان ٿي،
کيس اها گذارش پڻ ڪيان ٿي ته هاڻ هوءَ Relex ٿي، پنھنجي ادبي
سرگرمين ڏي ڌيان ڏئي. اسان کي خوبصورت نظم پڙهڻ لاءِ ڏي ۽ پنھنجي
شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪري. سندس لاءِ کوڙ
ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون. |