چنچل لوھاڻو
منهنجو ڏاج، منهنجي ڊگري هجڻ گهرجي
ڏاج، جيڪو ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ هڪ پراڻي روايت طور
جاري آهي ۽ اڄ جي جديد دور ۾ هڪ سماجي بيماري بڻجي
ويو آهي. پاڪستان ۾ ڏاج نه رڳو عورتن جي زندگيءَ
لاءِ مسئلو بڻجي چڪو آهي، پر ان سان گڏ، والدين ۽
غريب خاندانن لاءِ به وڏو مالي بار بڻجي رهيو آهي.
ڪيترن ئي خاندانن لاءِ، خاص طور تي گهٽ آمدني وارن
طبقن ۾، ڏاج جو بندوبست ڪرڻ زندگيءَ جي ھڪ وڏي
امتحان وانگر آهي.
اسان اڪثر ڏسون ٿا ته شادي جي ڳالھين دوران، ڏاج
جي باري ۾ ڳالھيون، شادي جي بنيادي شرط طور سامھون
اينديون آهن. ڪيترائي والدين پنھنجي نياڻين جي
شادين لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور ٿين ٿا. هڪ رپورٽ
موجب، پاڪستان ۾ هر سال ڪيترائي ڪيس اهڙا رپورٽ
ٿين ٿا، جتي ڏاج جي نه ملڻ سبب عورتن کي گهريلو
تشدد جو شڪار بڻايو وڃي ٿو يا شاديون ٽٽي وڃن
ٿيون. ڪي ڪيس ايترا دردناڪ آهن، جو انھن ۾ عورتون
پنھنجي زندگي ختم ڪرڻ جھڙو انتھائي قدم کڻڻ تي
مجبور ٿي وڃن ٿيون.
ڏاج شاديءَ لاءِ ھڪ رڪاوٽ:
پنجاب اسيمبليءَ ۾ هڪ ميمبر دعويٰ ڪئي ته ملڪ ۾
تقريباً 13.5 ملين عورتون، صرف ڏاج جي کوٽ سبب
شادي نٿيون ڪري سگهن. اهو سماجي دٻاءُ ۽ خاندانن
تي عائد ٿيل مالي بار کي ظاهر ڪري ٿو، خاص طور تي
انھن علائقن ۾، جتي ڏاج جون اميدون گهڻيون لالچ
سان جڙيل آهن.جتي ڏاج ھڪ بنيادي ضرورت سمجھيو
ويندو آھي...

ڏاج جو اهو رواج، عورت جي حقيقي اهميت کي گهٽائي،
ان کي صرف مادي شين تائين محدود ڪري ڇڏي ٿو. هڪ
عورت کي سندس صلاحيت، قابليت، ۽ انسانيت جي بنياد
تي عزت ڏيڻ گهرجي، نه ڪي ڏاج ملڻ تي. ڏاج هڪ اهڙو
مسئلو بڻجي چڪو آهي، جيڪو نه رڳو خاندانن کي مالي
طور تي تباهه ڪري ٿو، پر سماجي طور تي به عدم
برابريءَ کي وڌيڪ وڌائي ٿو.

ڏاج ۽ تشدد:
سنڌ جي عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي رپورٽ موجب،
سال جي شروع کان وٺي 1,643 مختلف قسم جي تشدد جي
ڪيسن، جن ۾ عزت جو قتل، ٻارن جي ڪسٽڊي ۽ خانداني
روڪٿام شامل آهن. عورتن طرفان داخل ڪيا ويا. اهو
حيرت انگيز انگ آهي، جيڪو ڏاج بابت پيدا ٿيندڙ
تشدد ۽ سماجي ناانصافين کي ظاهر ڪري ٿو.
ڏاج جو اثر عورتن جي زندگيءَ تي:
مارچ 2016ع ۾ پاڪستان جي دي نيوز انٽرنيشنل ۾ هڪ
خبر ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ ڏاج سان لاڳاپيل موتن
جي شرح ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جتي هر سال
تقريباً 2,000 عورتون، ڏاج جي سبب موت جو شڪار ٿين
ٿيون. هي پريشان ڪندڙ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته هن
سماجي روايت جا نتيجا ڪيترا سنگين ٿي سگهن ٿا،
جيڪي نه صرف عورتن تي جسماني ۽ جذباتي طور
اثرانداز ٿين ٿا، پر تشدد ۽ عدم برابريءَ جو هڪ
دائمي دائرو پڻ پيدا ڪن ٿا.
اهڙا مثال اسان کي اهو سيکارين ٿا ته جيڪڏهن
والدين پنھنجي ڌيئرن کي تعليم جي زيور سان
سينگارين ٿا، ته اها ئي سندن لاءِ سڀ کان وڏو ڏاج
آهي. تعليم، هڪ عورت کي مالي طور آزاد ۽ خودمختيار
بڻائي ٿي، جيڪا ان جي زندگيءَ جي هر مشڪل کي منھن
ڏيڻ جي طاقت رکي ٿي.
تبديلين جي ضرورت:
جيتوڻيڪ ڏاج ۾ ڪنوار کي ملندڙ تحفن تي (پابندي) جو
ايڪٽ 1976ع ٽيڪنيڪي طور تي ڏاج کي غير قانوني قرار
ڏئي چڪو آهي، پر اڃا تائين پاڪستان جي سماج ۾ هيءَ
روايت موجود آهي ۽ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪاميابي
ٿي رهي آهي. حڪومت جو هن قانون کي نافذ ڪرڻ ۾
ناڪامي ۽ انھن ثقافتي رواجن جو مقابلو ڪرڻ، جيڪي
ڏاج جي حق ۾ آهن، اهو اجازت ڏين ٿا ته هيءَ روايت
جاري رهي، جنھن سان خاندانن کي مالي ۽ جذباتي طور
تي نقصان ٿيندو آهي.
اسان جي سماج کي هاڻي هن سوچ کي تبديل ڪرڻ جي
ضرورت آهي. ڏاج ڏيڻ جي بدران، اسان کي گهرجي ته
شادي لاءِ عورت جي تعليم، اخلاق، ۽ قابليت کي
اهميت ڏيون. شادي صرف هڪ مادي معاهدو نه، پر هڪ
زندگيءَ جي ڀائيواري آهي، جتي ٻنھي ڌرين کي هڪٻئي
جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
تعليم جي اهميت:
تعليم هڪ اهم زيور آهي جيڪو عورتن کي طاقتور ۽
خودمختيار بڻائي ٿو، ھڪ چوڻيءَ موجب: ”ھڪ مرد
پڙھيو ته ھڪ فرد پڙھيو، ھڪ عورت پڙھي، پورو گھر
پڙھيو.“ عورت جي تعليم نه صرف عورتن کي سماجي،
سياسي حقن بابت ڄاڻ ڏئي ٿي، پر ڏاج جي ٻئي طرف وڃڻ
کان بچڻ ۾ مدد پڻ ڪندي آھي. تحقيق مان ثابت ٿيو
آهي ته تعليم يافته عورتن ۾ پنھنجي خاندانن لاءِ
وڌيڪ مالي مدد ڪرڻ جو لاڙو آهي، جنهن سان ڏاج جي
اميدن کي غير ضروري بڻايو ويندو آهي. هڪ عورت کي
تعليم ڏيڻ صرف ان جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ناهي، پر
سماج جي مستقبل ۾ پڻ اھم ڪردار درڪار آهي.
اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ڏاج ڏيڻ ۽ وٺڻ هڪ
غير ضروري رسم آهي، جيڪا انساني تعلقات ۾ عزت ۽
برابريءَ کي نقصان پھچائي ٿي. عورتن جي تعليم تي
ڌيان ڏيڻ نه رڳو انھن لاءِ پر سموري سماج لاءِ
فائديمند آهي. جيڪڏهن اسان پنھنجي نياڻين کي پڙهيل
۽ مضبوط بڻايون ٿا، ته اهي پنھنجي زندگين ۾ ڪامياب
ٿي، پنھنجن خاندانن کي به ترقيءَ ڏانھن وٺي وڃي
سگهن ٿيون.
نتيجو:
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنھنجي اهڙن سماجي
قدرن ۾ تبديلي آڻيون. اچو ته اسان پنھنجي نياڻين
کي سڀ کان وڏو ڏاج تعليم، قابليت، ۽ خودمختياري
ڏيون. ڇو ته اُن سان ئي حقيقي خوشحالي آڻي سگهجي
ٿي!





جان گالسوَردي /ولي رام ولڀ

آدرش جو انت
آئون کيس ننڍپڻ کان سڃاڻيندو هوس. هُو منھنجي پيءُ
جا بوٽ ٺاهيندو هو ۽ ٻن ننڍن دڪانن کي گڏي هڪ ڪري،
پنھنجي ڀاءُ سان گڏ ويسٽ اينڊ جي انھيءَ گوڙ بکيڙي
واري رستي تي رهندو هو، جيڪو هاڻي ويران ۽ سڃو ٿيو
پيو هو. دڪان بلڪل سادو هو ۽ اِها انھيءَ جي
خصوصيت هئي. مٿس اهڙو ڪو نالو نشان نه هو، جنھن
مان اها خبر پوي ته شاهي گهراڻي جا بوٽ اتي ٺھندا
آهن. سائين بورڊ تي فقط جرمن نالو ”گيسلر برادرس“
ئي لکيل هو. دريءَ ۾ بوٽن جا جوڙا رکيل هوندا هئا.
مان انھن بوٽن ۾ ڪڏهن به ڪا ڦيرگهير نه ڏسي گهڻو
ڪري سوچ ۾ پئجي ويندو هوس ته دريءَ ۾ سجايل بوٽ هن
خريد ڪري رکيا هئا! پر اهڙي ڳالھه سوچي به نٿي
سگهي ويئي. هو پنھنجي دڪان ۾ چمڙي جو هڪ به اهڙو
ٽڪر نه رکندو هو، جنھن تي سندس محنت نه ڪيل هجي.
اُهي بوٽ ڪيترن ئي نمونن جا هئا، جيڪي ڏاڍا سھڻا
هئا.
آئون بوٽ ٺھرائڻ لاءِ چوڏهن ورهين کان ئي وٽس اچڻ
وڃڻ لڳو هوس. سندس ۽ ڀاڻس جي فن جو مون تي ڪافي
اثر پيل هو ڇو ته هن جي ٺاهيل بوٽن جھڙا ٺھرائڻ اڄ
به ناممڪن نظر ٿو اچي. گهڻا ڏينھن ٿيا، کيس پنھنجو
پير ڏيکاريندي، جيڪا ڳالھه چئي هئم، سا اڃا تائين
ياد اٿم: ”مسٽر گيسلر، ڇا توهان جو هي ڪم ڏکيو
ناهي؟“ ۽ هن کلندي وراڻيو هو: ”هيءُ ته هڪ فن
آهي.“

سندس قد ننڍو، پر جسم تاڻيل هو، جيڪو ٺوس چمڙي جو
ٺھيل لڳندو هو. سندس وڏو ڀاءُ رُکو ماڻھو هو ۽
پنھنجي ڀاءُ کان تمام گهڻو ڊگهو هو. پوءِ به انھن
ٻنھيءَ ۾ چڱي مشابھت هئي.
جيئن جيئن مان وڏو ٿيندو ويس، تيئن منھنجو خرچ
وڌندو ويو ۽ ڪيترن ئي دڪانن تي منھنجو اُڌار کاتو
هلڻ لڳو. پر گيسلر برادرس وارن وٽ مان ائين ڪرڻ جي
همٿ نه ڪري سگهيس. ٻن جوڙن جي ته خير، پر ان کان
مٿي اوڌر نه ڪندو هوس. سندس بوٽن جي مضبوطي ڪجهه
اهڙي هوندي هئي، ڄڻ هن پنھنجي روح کي سلائي سان گڏ
داخل ڪري ڇڏيو هجي.
ٻين دڪانن وانگي، هن کان جلدي ۾ بوٽ خريد ڪري جند
ڇڏائڻ جي ڪوشش مون ڪڏهن نه ڪئي. آئون وٽس اهڙي موڊ
۾ ويندو هوس ڄڻ ديول ويندو هجان. اُتي وڃي آئون
ڪرسيءَ تي ويھي رهندو هوس ۽ سندس انتظار ڪندو هوس
ڇو ته اتي گهڻو ڪري ڪو به گراهڪ نه هوندو هو. پوءِ
سُتت ئي چمڙي جي مھڪ سان ڀريل انھيءَ اونداهي دڪان
جي مٿئين حصي مان ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي سندس يا سندس
ڀاءُ جي آواز ۽ پيرن جي سليپرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ ايندي
هئي ۽ هُو بنا ڪوٽ پاتي، جهُڪي اچي بيهي رهندو هو،
ڄڻ بوٽن جا سپنا ڏسندي ڏسندي کيس اوچتو جاڳايو ويو
هجي.
۽ ان مهل آئون چوندو هوس: ”مسٽر گيسلر، طبيعت ته
ٺيڪ آهي نه؟ منھنجي لاءِ سانبر جي کل جو هڪ جوڙو
ٺاهي ڏيندؤ؟“
ورندي ڏيڻ کان سواءِ هُو مون کي وري آرام ڪرڻ لاءِ
ڇڏي ويندو ۽ آئون ڪرسي تي ويھي سندس ٺاهيل بوٽن جي
مھڪ سِنگهندو هوس. پوءِ هو جلدي پنھنجي ڪمزور ۽
سنهڙن هٿن ۾ ڀوري سونهري رنگ جو چمڙو کڻي ايندو ۽
ان تي نگاهه ڄمائيندي چوندو: ”ڏس، ڪيڏو نه خوبصورت
آهي!“
جڏهن آئون به انھيءَ جي واکاڻ ڪري پوري ڪندو هئس
ته هو پڇندو: ”بوٽ ڪڏهن کپن؟“
”جڏهن ڏيئي سگهو.“
”پندرنھن ڏينھن ۾؟“
هاڪار ڪري آئون اٿي بيھندس. هُو هٿ ۾ جهليل چمڙي
تي نگاهه ڄمائي، سلام جو جواب ڏيندو.
پر جيڪڏهن ڪنھن نئين فيشن جو بوٽ ٺهرائڻو هوندو هو
۽ اهو هُن ان وقت تائين ٺاهيو نه هوندو ته سندس
طريقو بدلجي ويندو هو. منھنجي پير جو بوٽ لھرائي،
هُو پنھنجي هٿ ۾ کڻي وٺندو ۽ گهري نگاهه سان
جاچيندو، پوءِ هڪ ڪاغذ تي منھنجو پير رکائي،
پنھنجي ڏڪندڙ آڱرين سان خاڪو لاهيندو ۽ منھنجي
پسنديءَ جي باري ۾ پڇندو.
آئون اُن ڏينھن واري ڳالھه اصل وساري نٿو سگهان
جڏهن مون کيس چيو هو: ”مسٽر گيسلر، اوهان جو ٺاهيل
اڳيون جوڙو چيچاٽ ٿو ڪري.“
ڪا مهل ته هُو مون ڏانھن يڪٽڪ نهاريندو رهيو هو،
ڄڻ انھيءَ اوسيئڙي ۾ هجي ته آئون پنھنجي ڳالھه
واپس وٺندس يا پنھنجي ڳالھه جي چٽائي ڪندس.
”منجهس چيچاٽ ٿيڻ ته نه گهرجي.“
”پر اهو سچ آهي.“
”بوٽ کي آلو ته نه ڪيو اٿو؟“
”شايد نه.“
هن پنھنجون نگاهون هيٺ ڪري ڇڏيون، ڄڻ انھن بوٽن جي
باري ۾ ڪا پراڻي ياد ڳوليندو هجي.
”مون کي افسوس آهي جو مون اجايو انھيءَ بوٽ جو ذڪر
ڪيو.“
”خير، بوٽ واپس ڏيو، آئون وري ڏسندس.“
پوءِ هن چيو هو: ”ڪِن بوٽن کي ٺاهيندي اُنھن ۾
اوڻائي رهجي ويندي آهي. جيڪڏهن اها دور نٿو ڪري
سگهان، ته اُنھن جي ڪا قيمت ئي نٿي رهي.“
·
هڪ ڀيري (فقط هڪ ڀيري) تڪڙ ۾ مون ڪنھن ٻئي ڪارخاني
جا جوڙيل بوٽ ڳڌا هئا ۽ اهي پائي وٽس ويو هوس.
سندس نگاهه منھنجي پيرن ۾ پيل انھيءَ هلڪي چمڙي تي
ڄمي وئي هئي. ”اهي بوٽ منھنجا ٺاهيل ته ناهن؟.“
سندس آواز ۾ ڪا خاص ڳالھه نه هئي، پر هڪ گنڀيرتا ۽
هڪ وزن ضرور هو. پوءِ هن جهُڪي پنھنجي آڱر سان
منھنجي کاٻي پير جي انھيءَ جاءِ تي دٻايو هو، جتي
ذري به خوبصورتي نه هئي.
”هي چمڙو دٻجي ٿو نه؟ هنن ڪارخانن کي پنھنجي نالي
۽ ڪم جي ٿوري به ڳڻتي ناهي.“ هو ڪافي دير تائين ڀڻ
ڀڻ ڪندو رهيو.
مون کيس ڪاروبار جي باري ۾ ڏينهون ڏينھن وڌندڙ
تڪليفن بابت ٻڙڪ ٻاهر ڪڍندي، هِن کان اڳ ڪڏهن نه
ڏٺو هو.
”اهي وڏا وڏا ڪارخانا بازار ۾ نامڪٺيا ٿيندا پيا
وڃن ۽ سو به محنت جي ڪري نه. اسان کان، جيڪي ساک
تي ساهه ٿا ڇڏيون، اهي ماني کسيندا ٿا وڃن ۽ اڄ
انھيءَ ڪري اسان وٽ ڪم ناهي.
توهان پاڻ ڏسو پيا ته ڏينھون ڏينھن اسان جو ڪاروبار پوئتي پوندو پيو وڃي.“
مون تڪڙ ۾ خريد ڪيل، انھن بوٽن جي باري ۾ صفائي
پيش ڪرڻ گهري هئي، پر سندس آواز ۽ سندس لهجي ۾ ڪو
ڦيرو نه آيو هو. مون کيس انھيءَ وقت ڪيترن جوڙن جو
آرڊر ڏنو هو.
پر جنھن ڳالھه جو به امڪان هو، اها ئي ٿي. ڪارخاني
مان اهو خريد ڪيل بوٽ ڏاڍو مضبوط نڪتو ۽ اٽڪل ٻن
سالن تائين سندس دڪان ڏانھن وڃڻو ئي نه پيو. هڪ
ڏينھن جڏهن آئون اُتي ويس ته هن ڀيري سندس دڪان
ڪجهه وڌيڪ اونداهو ۽ ننڍو لڳو ۽ پوءِ هميشه وانگي
هن ڀيري ڪجهه وڌيڪ دير ائين سندس مٿان کان هيٺ لهڻ
جي ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ ۾ آئي ۽ جڏهن هُو منھنجي ويجهو آيو
ته پنھنجي پراڻي ۽ ڪمزور عينڪ مان جهاتي پائيندي
چيائين: ”اوهان اُهي ئي آهيو نه؟ اُهي ئي؟“
”ها مسٽر گيسلر! پر ڇا ڪريان، توهان جا بوٽ ايترا
ته پائدار آهن جو ڏسو نه، هينئر به ڪيڏي بهتر حالت
۾ آهن.“ ۽ مون پنھنجو پير سندس اڳيان وڌايو.
”ها،“ هن وراڻيو. ”شايد ماڻھن کي سٺا بوٽ نه
گهرجن.“ سندس آواز جي ڪوڙاڻ ۽ تکاڻ کان بچڻ لاءِ
مون جلدي چيو: ”اوهان پنھنجي دڪان جي اها حالت ڇو
ڪئي آهي؟“
”ٻئي دڪان ڏاڍا مهانگا ٿا پون.“ هن نرم لھجي ۾
چيو، ”اوهان کي بوٽن جي ضرورت آهي؟“
جيتوڻيڪ مون کي ٻن جوڙن جي ضرورت هئي، پر مون کيس
ٽن جوڙن جو آرڊر ڏيئي ڇڏيو.
·
هن جي خلاف ته نه، پر سندس پيشي جي خلاف سموري
دنيا ۾ هڪ سازش هلي رهي هئي ۽ هُو انھيءَ جو هڪ
حصو مون کي به سمجهڻ لڳو هو. انھيءَ ڪري مون کي هو
ڪونه وڻندو هو. پر مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته
ٿورن مهينن کان پوءِ جڏهن آئون سندس دڪان وٽان
لنگهيو هوس ته محسوس ٿيو هو ته آئون هن پوڙهي کي
ڪڏهن به ڇڏي نٿو سگهان. سندس دڪان سامهون ئي هو.
دڪان تي چڙهي کانئس پڇيم: ”مسٽر گيسلر، ڪهڙو حال
آهي؟“
”مان ته ٺيڪ آهيان،“ هن ڌيمي آواز ۾ وراڻيو، ”پر
وڏو ڀاءُ گذاري ويو.“
مون سان ڏُک ونڊيدي چيو، ”مون کي ڏاڍو افسوس آهي.“
”ها، هو ڏاڍو چڱو هو، بوٽ به ڏاڍا سٺا ٺاهيندو هو
پر. . . موڪلائي ويو.“ پوءِ هن ڪنڌ جهٽڪي
چيو: ”چڱو، توهان کي بوٽ کپندو ڇا؟ مون وٽ سٺو
چمڙو آيو آهي.“
مون کيس ڪجهه جوڙن جو آرڊر ڏنو. پوءِ هڪ ڊگهي عرصي
کان پوءِ اهي بوٽ مون کي مليا، جيڪي اڳين ڪيترن ئي
جوڙن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ مضبوط هئا.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ آئون پرڏيهه جي سفر تي هليو
ويس. سال کن کان پوءِ جڏهن موٽيس ۽ سندس دڪان تي
ويس ته هن سچ پچ مون کي ڪونه سڃاتو. مون چيو:
”مسٽر گيسلر، اوهان جا بوٽ ڏاڍا سٺا آهن. سفر ۾
مان سدائين اهي ئي استعمال ڪندو رهيس پر پراڻا نه
ٿيا.“
هو سانبر جي انھن بوٽن کي يڪٽڪ ڏسندو رهيو. پوءِ
هن پنھنجو هٿ، منھنجي پير تي رکندي چيو: ”ڇا هي
هتي چُڀن ٿا؟ مون کي ياد آهي ته هنن جي ٺاهڻ ۾ مون
چڱي محنت ڪئي هئي.“
مون کيس يقين ڏياريو ته بوٽ بلڪل ٺيڪ آهن.
”توهان کي ڪجهه جوڙا گهربا؟“ هن پڇيو، ”مان جلدي
ئي ڏيندس. اڄ ڪلهه ڪاروبار ۾ موڙي آهي.“
”ها، مون کي ضرورت آهي.“
”ڏسان متان توهان جو پير وڏو نه ٿي ويو هجي.“
منھنجي پيرن جي ماپ وٺندي ۽ انھن تي پنھنجون
آڱريون ڦيريندي، هن اوچتو ڪنڌ کڻي مون کان پڇيو:
”پنھنجي ڀاءُ جي موت بابت اوهان کي نه ٻڌايم ڇا؟“
هو ايترو ڪمزور ٿي ويو هو جو ڏانهس ڏٺو نٿي ٿيو.
هڪ ڏينھن شام جو انھن بوٽن جو پارسل آيو. کولي
انھن چئني جوڙن کي هڪ ئي قطار ۾ رکي ڇڏيم. اهي
ڪاريگري ۽ فن جو نمونو هئا. هڪ بوٽ ۾ بل به رکيل
هو. هميشه وانگي هن ڀيري به اها ئي قيمت هئي. هن
کان اڳ هن ڪڏهن به مون کي پندرهن ڏينھن کان اڳ بل
نه ڏنو هو. مون کيس چيڪ ٽپال رستي موڪلي ڏنو.
هڪ هفتي کان پوءِ انھيءَ روڊ تان پئي ويس ته خيال
آيم ته کيس چئي ڇڏيان ته بوٽ ڏاڍا خوبصورت ۽ پائڻ
۾ ٺيڪ هئا. پر جڏهن آئون دڪان تي آيس ته ڏٺم ته
سندس نالي جو بورڊ لڳل نه هو. جلدي اندر گهڙيس.
ٻئي ننڍا دڪان هاڻي هڪ دڪان ۾ بدلجي ويا هئا ۽ هڪ
انگريز نوجوان اتي موجود هو. پڇيم: ”مسٽر گيسلر
آهي؟“
هُن مون کي چتائي ڏٺو ۽ پوءِ چيائين ”نه، پر اسان
توهان جي خدمت لاءِ حاضر آهيون. هي دڪان اسان ورتو
آهي. اوهان اسان جو نالو دروازي تي ڏٺو هوندو.“
مون ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”پر مسٽر گيسلر؟“
”هو ته گذاري ويو.“
”گذاري ويو؟ پر گذريل اربع جو ته هن هي بوٽ مون
ڏانھن موڪليا هئا.“
پر اها ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته هُن پوڙهي فنڪار
بُکون ڪاٽي پنھنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو.“
”ڊاڪٽر ٻڌايو ته اهو سڀ ڪجهه بکون ڪڍڻ جي ڪري ٿيو
هو. اوهان کي شايد سُڌ ناهي ته هن جي ڪم ڪرڻ جو
ڪهڙو طريقو هو. هُو اڪيلو ئي دڪان هلائيندو هو.
ڪنھن کي بوٽ جي تري کي به هٿ لڳائڻ نه ڏيندو هو.
آرڊر جو وقت لنگهي ويندو هو ۽ ماڻھو تيستائين
انتظار نٿي ڪري سگهيا. اهڙيءَ طرح هڪ هڪ ڪري سندس
گراهڪ کانئس پري ٿيندا ويا. پر انھيءَ ۾ ڪو شڪ
ناهي ته هن جهڙو ٻيو ڪاريگر سموري لنڊن ۾ نه هو.
ٿورو اڄ جي بازار جو لاهه چاڙهه ڏسو، پر هن ڪڏهن
به ٺڳي نه ڪئي. هن جو چهرو سدائين اعليٰ قسم جو
هوندو هو. هو پنھنجي هٿن سان بوٽ ٺاهيندو هو
... پر نتيجو توهان جي اڳيان آهي، سندس انھيءَ
آدرش جو انت انھيءَ کان سواءِ ڇا ٿي ٿي سگهيو؟“
آئون ماٺ ٿي ويس. مون کان ڪو اکر نه اُڪليو.
”ٿي سگهي ٿو، آئون ڳالھه وڌائي چوندو هجان، پر مون
کيس رات ڏينھن بوٽن ۽ فقط بوٽن ۾ ئي رڌل ڏٺو. ماني
کائڻ جو وقت به هُو ڪڍي نه سگهندو هو. پيسو به وٽس
بچندو نه هو. سڀ ڪجهه چمڙي جي قيمت ۽ دڪان جي
مسواڙ ۾ خرچ ٿي ويندو هوس. هيڏي ڊگهي عرصي تائين
هو جيئرو رهيو، اها ئي تعجب جي ڳالھه آهي. سچ پچ
هو هڪ عجيب ماڻھو هو، پر بوٽ ڏاڍا عمدا ٺاهيندو
هو.“
”ها،“ مون ساڌارڻ آواز ۾ چيو، ” پر هو بوٽ ڏاڍا
عمدا ٺاهيندو هو.“
۽ آئون تيزيءَ سان ٻاهر نڪري آيس ۽ انھيءَ انگريز
نوجوان اڳيان، اهو ظاهر ٿيڻ نه ڏنم ته منھنجين
اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا. |