سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :1

سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ناشر طرفان

سنڌي زبان جي لکڻين ۾ لسانيات جو موضوع شروع کان وٺي اهم، دلچسپ ۽ تڪراري رهيو آهي. سنڌي زبان جي اصل، نسل ۽ گهاڙيٽي جي باري ۾ سنڌي زبان جا عالم ۽ اديب هن کان اڳ گهڻو ڪجهه لکي چڪا آهن. ان هوندي به معاملو اڃا بحث طلب آهي ۽ عام پڙهندڙن ۽ سنڌي زبان جي گهڻگهرن ۾ دلچسيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهي.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ طرفان هن ڪتاب کان اڳ به لسانيات جي موضوع تي ڪي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ نئين ڪڙي آهي.

هن ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر غلام علي الانا نه رڳو ملڪ جو مشهور عالم، اعليٰ منتظم ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ کي ٺاهي عروج تي پهچائڻ وارو شخص آهي، پر پاڻ لنڊن مان تربيت يافته لسانيات جو ماهر آهي ۽ سندس لساني تجزئي جو خاص محور آوازن تي ٻڌل آهي. اسان کي انهيءَ ڳالهه تي فخر آهي، ته پاڻ تمام گهڻين مصروفيتن جي باوجود وقت ڪڍي، خاص طور تي انسٽيٽيوٽ اف سنڌ الاجيءَ جي لاءِ هي ناياب ڪتاب لکيائين.

ڊاڪٽر غلام علي الانا جو علم ۽ هيءُ سندس پورهيو، ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائي، اوهان جي اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. اميد اٿئون ته اسان جون هي ڪوششون صاب پونديون.

مهتاب اڪبر راشدي

ناشر طرفان

(ڇاپو ٻيون)

سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ بڻ بنياد متعلق بحث کي هلندي هڪ صدي جو وقت گذري چڪو آهي، پر ان بحث ۾ واڌ گذريل اڌ صديءَ ۾ آئي آهي. اسان جي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن ۽ لسانيات جي ماهرن پنهنجي تحقيق جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف نظريا پئي ٺاهيا آهن. اها حقيقت آهي ته سنڌي ٻوليءَ متعلق ڪئين نظريا ۽ انومان ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا آهن. اهو بحث اڃا جاري آهي ۽ ايتري ساري وقت گذرڻ  جي باوجود صورتحال ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ بڻ بنياد بابت اسان جا عالم ۽ لسانيت جا ماهر ڪا حتمي راءِ جوڙي نه سگهيا آهن ۽ معاملو اڃا تڪراري آهي.

بهرحال، اهو سچ آهي ته تحقيق جي ميدان ۾ ڪا شيءِ حرف آخر نه هوندي آهي. نين نين شاهدين ملڻ ۽ لڪل حقيقتن جي ظاهر ٿيڻ سبب تحقيق جي نتيجن ۾ ڦيرڦار فطري ڳالهه آهي. رڳو پنهنجي راءِ تي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ کي ڪوبه سچو محقق پسند نه ڪندو. سنڌي ننڍي کنڊ جي قديم ٻويلن مان هڪڙي آهي، ان تي اڃا گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهڻ کپي.

سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪتاب ان تحقيقي سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن ۾ لائق مصنف ۽ ملڪ جي مشهور عالم ۽ اديب ڊاڪٽر غلام علي الانا وڏي محنت ۽ تحقيق سان سنڌي ٻولي، سنڌي لسانيات ۽ سنڌي صرف ونحو جهڙن عنوانن تي علم اللسان جي روشنيءَ ۾ تجزيو ڪيو آهي.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جي پبليڪيشن واري شعبي طرفان نهايت اهم ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. انهن مان اڪثر ڪتاب کپي وڃڻ سبب گهڻي وقت کان اڻ لڀ  آهن. اسان جا پڙهندڙ جن ۾ نه رڳو عالم ۽ اديب آهن پر شاگرد ۽ ماڻهو به انهن ۾ شامل آهن سي انهن ڪتابن جي گهر ڪندا رهيا آهن. هونءَ پنهنجي جاءِ تي اها ڳالهه پڻ ضروري آهي ته، ڪنهن به وڏي اداري جا ڇپايل ڪتاب هر وقت مهيا هجڻ کپن. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اداري طرفان ڇپايل ڪتاب جيڪي گهڻو اڳ کپي چڪا آهن تن کي ٻيهر شايع ڪرڻ جي رٿا شروع ڪئي وئي آهي. اميد آهي ته اها ڪمي ڪجهه وقت اندر پوري ٿي ويندي.

(شوڪت حسين شورو)

ڊائريڪٽر

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي)

مهاڳ

(پهرين ڇاپي جو)

سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس عنوان وارو هي ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ جو عزم ته گهڻا سال اڳ ڪري چڪو هوس، پر اڃا ڪجهه باب مڪمل ئي مس ڪيم ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي واڳ سنڀالڻ لاءِ اسلام آباد اچڻو پيو. منهنجي لاءِ هن يونيورسٽيءَ جو ڪاروبار سڄو سارو نئون هو. فاصلاتي نظام تعليم جي طريقي کان اڻواقف  هجڻ سبب، اول ٻيا سڀ ڪم ڪار پاسيرا  ڪري، هن نئين يونيورسٽيءَ ۾ نئين تعليمي نظام ۽ نون فرضن کي سمجهڻ جي لاءِ ڪم ڪشيم. هن مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪرڻي پيم. گويا هي منهنجو نئون عشق هو، منهنجو دوست ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر شبلي چوندو آهي ته: الانا صاحب جو پهريون عشق سنڌ الاجيءَ سان هو ۽ هي سندس ٻيو عشق آهي، جيڪو اوپن يونيورسٽيءَ سان اٿس. واقعي اوپن يونيورسٽيءَ سان نئون عشق لڳائي ويٺس. دل ۽ دماغ سان محنت ڪري، هن اداري سان نينهن لڳائي، يونيورسٽي جا ناماچار کي  وڌائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪيم. اهو سڀ ڪجهه الله پاڪ جي ڪرم سان ٿيو. رب پاڪ جا اهي وڏا احسان آهن، مون تي.

انهيءَ نينهن محبت ۽ عشق جي انتها جي باوجود سنڌ الاجيءَ سان نينهن، جا ناتا قائم رکيم. حيدرآباد پهچڻ ۽ سنڌ الاجيءَ ۾ نه وڃڻ منهنجي لاءِ ڪفر جي برابر آهي. ڪارڪنن سان ميل ملاقاتون، حال احوال جاري رهيا آهن. سنڌ الاجيءَ جي ڪم لاءِ ڪڏهن به ڪوتاهي ڪانه ڪئي اٿم، بلڪه هن اداري لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو اٿم. سنڌ الاجي منهنجو روح آهي، منهنجي زندگيءَ جو ثمر آهي، پر اوپن يونيورسٽيءَ سان به عشق اٿم، هت به مون گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪتاب ڇپائڻ ۾ منهنجي پياري ساٿيءَ عبدالقادر جوڻيجي دير ته ضرور ڪئي آهي پر نياڻيءَ مهتاب، دوست قادر ۽ سندن ساٿين جي مجبورين جو به احساس اٿم.

هي ڪتاب، جيئن اوهان کي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته يارهن بابن تي مشتمل آهي. سواءِ هڪ يا ٻن بابن جي، جيڪي مقالن جي روپ ۾ ٽماهي مهراڻ رسالي ۾ اڳ ڇپجي چڪا هئا، باقي سچو مواد نئون نڪور آهي ۽ هن کان اڳ ڪٿي به ڇپيل نه آهي. انهيءَ لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس جي سلسلي ۾ هي ڪتاب ڪافي اهميت وارو آهي. سنڌي ٻوليءَ، سنڌي لسانيات ۽ سنڌي صرف ونحو جهڙن عنوانن تي علم اللسان جي روشنيءَ ۾ ڇنڊڇاڻ جي ضرورت هئي. مون پنهنجي حال آهر، اسلام آباد ۾ گهٽ وقت ملڻ جي باوجود، سنڌي زبان سان هن ڪتاب جي ذريعي عشق جو اظهار ڪيو آهي.

مون ڪڏهن به اها هام نه هنئي آهي، ته مون جيڪي ڪجهه پيش ڪيو آهي سو حرف آخر آهي. علمي تحقيق ۽ تخليق جا دروازا هرگز ۽ هرگز بند نه رهندا آهن ۽ نه ئي وري بند رهي سگهندا آهن. علم وادب جي هن حصي ۾ هميشھ ڪجهه نه ڪجهه داخل ٿيندو رهندو آهي. تحقيق ۽ تخليق جو ميدان سنڌوءَ درياءَ مثل آهي. جيئن سنڌو درياءَ ۾ سڄي پاڪستان جون نديون ۽ نالا اچيو ٿا ڇوڙ ڪن، تيئن تحقيق ۽ تخليق جي علم جي واري ميدان ۾ به هميشہ نيئون نيئون ڌارائون ڦٽنديون رهنديون آهن ۽ شامل ٿينديون رهنديون آهن.

مون هن ڪتاب ۾ جيڪي ڪجهه پيش ڪيو آهي، سو سڀ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي لسانيات سان عشق ۽ انس جو نتيجو آهي، منهنجن خيالن، بيانن، نظرين ۽ راين ۾، پڙهندڙن کي ڪافي غلطيون، خاميون، عيب ۽ اوڻايون ضرور نظر اينديون، ڇوته هر انسان اهو حق رکي ٿو ته هو ڪنهن راءِ سان اتفاق نه ڪري، ڪا راءِ قبول نه ڪري ۽ پنهنجو الڳ رايو رکي. جيڪي ڪجهه مون پيش ڪيو آهي اهو منهنجي ڄاڻ ۽ تجربي مطابق آهي. اختلاف رکندڙ دوستن کي حق ٿو پهچي ته هو بيشڪ تنقيد ڪن ۽ اختلاف راءِ رکن.

هڪ ڳالهه جو فخر ضرور اٿم ته پاڪستان ۾، لسانيات جي ميدان ۾، سڀ کان گهڻو ڪم، سنڌي زبان ۾ ٿيو آهي، ۽ هن موضوع تي گهڻي ۾ گهڻو مواد سنڌي زبان ۾ ئي ڇپيو آهي. هن علم ۾ گهڻي ۾ گهڻو تحقيقي ۽ تخليقي ڪم، سنڌي زبان ۾ ئي ٿيو آهي.

هن ڪتاب ۾ پروفن جون غلطيون به آهن ته ڪٿي ڪٿي مواد ۾ تڪرار (Repetition) به ضرور هوندو. ان کان سواءِ زبان جي وصف ۾ ته هاڻ ڪافي تبديليون آيون آهن ۽ اضافا پڻ ٿيا آهن. مون اهي اضافا پنهنجي تازي مقالي ٻوليءَ جي ابتدا ۾ ڪيا آهن. پهرين چاهيم ته هن ڪتاب ۾ انهيءَ باب جو اضافو ڪجي، پر ضخامت جي ڊپ کان في الحال شامل ڪرڻ جي همت نه ڪئي اٿم. پڙهندڙن ۽ خاص ڪري ذاتي تنقيد ڪندڙ دوستن کي گذارش ڪندس ته اردو زبان ۾ شايع ٿيندڙ منهنجو هڪ ٻيو ڪتاب زبان اور ثقافت جو ضرور مطالعو ڪن. زبان جي وصف ۾ آيل تبديلين جو مطالعو ان ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

آخر ۾ آئون منهنجي ڀيڻ محترمه مهتاب اڪبر راشديءَ جو ۽ سنڌ الاجيءَ جي انهن سڀني ڪارڪنن جو شڪر گذار آهيان. جن هن ڪتاب جي شايع ڪرڻ ۾ محنت ڪئي آهي ۽ دلچسپي ورتي آهي. اُن لاءِ آئون هر هڪ ڪارڪن جو ٿورائتو آهيان.

مون کي اميد آهي ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌي لسانيات جي اڀياس جي سلسلي ۾ هي ڪتاب هڪ اضافي طور قبول ڪيو ويندو.

اسلام آباد

14-2-1987ع

سنڌي زبان جو فدائي

غلام علي الانا

مهاڳ

(ڇاپو پهريون)

سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو، پڙهندڙ جي هٿن ۾ آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1987ع ۾ پڌرو ٿيو هو، اُن لحاظ سان، هي ٻيو ڇاپو، ارڙهن سالن کان پوءِ پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهتو آهي. ارڙهن سال تمام وڏو عرصو آهي، پر اُن لاءِ ته ڇپائيندڙ اداري کي ڪا ميار ڏيئي سگهبي ۽ نه وري ڪتاب ۾ ڏنل مواد لاءِ ڪا شڪايت ڪري سگهبي، دراصل هن موضوع تي هڪ ته پڙهندڙ جو تعداد گهڻو گهٽ هوندو آهي ۽ ٻيو ته هن قسم وارا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتاب، هر عام ماڻهوءَ جي دلچسپيءَ وٽان ڪونه هوندا آهن. هن قسم جا ڪتاب اُهي ماڻهو خريد ڪن ٿا جن مان گهڻا شاگرد، ۽ استاد هوندا آهن، ۽ ڪي سندن امتحانن جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ هن موضوع وارا ڪتاب پڙهن ٿا، ۽ ڪي علم اللسان دلچسپي هجڻ ڪاڻ پڙهندا آهن، پر ائين بلڪل ڪونهي ته موضوع تي لکيل ڪتابن جي پڙهندڙن جو تعداد بلڪل ڪونهي.

منهنجو هي ڪتاب جڏهن پهريون  ڀيرو  ڇپجي پڌرو ٿيو هو تڏهن سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڀارت مان ڪيترن ئي سڄڻن مون کي تعريفي خط لکيا. انهن سڄڻن ۾ پروفيسر ڊي- ڪي- منشاراماڻي، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي سڄڻ هئا، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جو ۾ ڪيترو ئي مواد نئين نظر سان لکيو ويو هو.

اُن زماني ۾ آئون، اسلام آباد ۾ اوپن يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر طور خدمتون بجا آڻي رهيو هوس، ههڙي منصب تي فائز هجڻ جي باوجود، مون وقت ڪڍي، هن ڪتاب ۾ ڏنل مختلف بابن تي، جديد لسانيت جي روشنيءَ ۾ نظر وڌي هئي، ڌڻي تعاليٰ پنهنجو ڪرم ڪيو ۽ 1987ع ۾ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ڀيڻ مهتاب راشدي، سنڌ الاجي جي ڊائريڪٽر جي مهربانين سان، پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي ويو.

سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد کي جيڪڏهن سنڌي ويا ڪرڻ جي اڀياس جي خيال کان ڏسو ته معلوم ٿيندو ته گهڻو ڪري هر باب جديد لسانيات ۽ خاص ڪري تاريخي سنڌي ويا ڪرڻ يا تشريحي سنڌي ويا ڪرڻ، وارن اصولن موجب نئين سر لکيل آهي، جيئن ته علم صرف، سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا سنڌي رسم الخط جي ابتدا ۽ اوسر وغيره بابن جي سلسلي ۾ اسان جي بزرگ وياڪرڻين، پنهنجن ڪتابن ۾ ڪافي روشني وڌي آهي، پر انهن ڪتابن جي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪيو ويو ته انهن ڪتابن ۾ مٿي عرض ڪيل موضوعن جهڙوڪه: لفظ ۽ اُن جا قسم، سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جوڙڻ جون واٽون يا رچنائون سنڌي نحو سنڌي ٻولي جي اهم موضوع سنڌي/ ادغام (Assimilation) يا سنڌي ٻوليءَ جو عربي ٻولي کي اثر، دنيا جي ٻولين جا مختلف  خاندان، سنڌي لپيءَ جا اوائلي اهڃاڻ، سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخطن جا ڌار ڌار نمونا سنڌي ٻوليءَ جو مزاج وغيره. اهڙا موضوع آهن، جن تي نئين سر نئين روشني وجهڻ جي ضرورت هئي. خود، هن کان اڳ سنڌي نحو جي سلسلي ۾ ڪو تفصيلي مواد موجود ڪونه هو، بهرحال اهي ۽ اهڙا ٻيا موضوع، جن جي باري ۾ هن ڪتاب جي پڙهڻ سان پهريون دفعو پتو پوي ٿو، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

ٻئي ڇاپي ۾ ڪجهه تبديليون ضرور ڪيون اٿم، خاص ڪري ثانوي لفظن جي رچنا جي اصولن، مرڪب لفظن، ٻين لفظن جي رچنا کان سواءِ ڪن ڳالهين تي منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر جيٽلي جي مشورن موجب تبديليون ڪيون اٿم.

آئون هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي پڌري ٿيڻ لاءِ سنڌ الاجي جي ڊائريڪٽر محترم شوڪت حسين شوري، بيورو آف پبليڪشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر، منهنجي نياڻي محترمہ رضيه ٻگهيو ۽ پبليڪيشن آفيسر محترمہ محمد نواز عرف جاويد ميمڻ جو شڪر گذار آهيان، جن جي دلچسپيءَ سبب هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، پڙهندڙ تائين پهتو آهي.

آئون محترم عبدالمجيد سومري، ايسٽ لائين ڪميونيڪيشن جي مالڪ جو به شڪر گذار آهيان جنهن هن ڇاپي ۾ نئين سر سڌاريل ۽ سواريل صفحن کي ڪافي محنت سان ڪمپوز ڪري، اسان سڀني جون دلي تمنائون پوريون ڪيون آهن، مون کي اميد آهي ته پڙهندڙ هن نئين ڇاپي مان فائدو حاصل ڪندا.

سنڌي ٻولي جو فدائي

ڊاڪٽر غلام علي الانا

25 فيبروري، 2005ع

باب جي فهرست

باب نمبر

عنوان

صفحو

ناشر طرفان

انتساب

 

03

05

مهاڳ

 

08

پهريون:

لسانيات: تعارف، مقصد ۽ اهميت

19

ٻيون:

علم صرف ۽ سنڌي ٻولي،

 علم نحو ۽ سنڌي ٻولي،

سَنڌي/ادغام

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نحوي بناوتون

علم اللسان ۽ سچل سرمست جو ڪلام

31

86

118

139

156

ٽيون:

سنڌي بوليءَ جو مزاج

سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا تجربا ۽ اُبتي ٻولي

 

175

چوٿون:

سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا

201

پنجون:

سنڌي ٻوليءَ جي قديم تاريخي حيثيت جو اڀياس

249

ڇهون:

سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام، ان جو مستقبل ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ تجويزون

271

ستون:

رسم الخط جي ابتدا ۽ اوسر، ۽ قديم سنڌ جو رسم الخط

 

اٺون:

سنڌي لپي/ رسم الخط جي قدامت ۽ ان جا اهڃاڻ لوهاڻڪو، ارڌ- ناگري ۽ ڀنڀور وارو رسم الخط

333

نائون:

سنڌي ٻوليءَ ۽ تهذيب تي ٻين ٻولين ۽ تهذيبن جو اثر

357

ڏهون:

عربي ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ

413

يارهون:

دنيا جي ٻولين جا مکيه ۽ مشهور خاندان

423

باب پهريون

لسانيات، تعارف، مقصد ۽ اهميت

سماجي گروهه ۾، هڪٻئي جي وهنوار لاءِ انسان جي وات مان اچاريل آوازن جي سرشتي کي ٻولي چئبو آهي. انسان سماجي گروهه جو هڪ فرد آهي. هو ڪڏهن ڪڏهن زياده گروهن ۾ به شامل هوندو آهي. هو چاهي ڪيترن ئي گروهن سان تعلق رکندو هجي، پر هو پنهنجن سمورن سماجي ۽ معاشي معاملن ۾ ٻوليءَ جو استعمال ۽ عمل تي مدار رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ کان سواءِ ڪوبه انساني معاشرو سمجهڻ مشڪل آهي. ٻولي هڪ اهڙو وسيلو آهي، جنهن جي مدد سان هڪ انسان جي طلب (Stimuli) جو ٻيو انسان هڪدم جواب (Response) ڏئي ٿو. جواب جي اظهار جا ٻيا وسيلا ۽ ذريعا، جهڙوڪه هٿن جا اشارا، تصويرون، نشان ۽ تحريرون به آهن، پر ٻوليءَ جي مقابلي ۾ اهي سڀ بيڪار آهن.(2)  (1)

ٻوليءَ جو مطالعو، ثقافت جي مطالعي جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو. سماج جون ڪارگذاريون، سرگرميون ۽ عمل، ثقافت کي ٺاهين ٿا، ماهرن ثقافت کي مادي ۽ غير مادي ثقافت ۾ تقسيم ڪيو آهي. (3)

سندن وصف موجب، مادي ثقافت ۾ اهي سڀ طبعي شيون اچي وڃن ٿيون، جن سان هر فرد جو تعلق رهي ٿو. اُهي آهن: گهر، لباس، ۽ سجاوٽ جا سامان وغيره، غير مادي ثقافت ۾ ماهرن، مذهب، قانون ۽ ٻوليءَ کي شامل ڪيو آهي. ٻولي نه فقط ثقافت جو هڪ جُز آهي، پر اها ثقافت جي سڀني  سرگرمين جو بنياد پڻ آهي.(1)

لسانيات جي مشهور آمريڪي ماهر، بلومفليد چيو آهي ته: قومن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ ٻوليءَ جي عمل (Activity) سان وابسته آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به قوم يا گروهه جي مطالعي لاءِ لازمي ٿيندو ته اول ان قوم يا گروهه جي ٻوليءَ جو مطالعو ڪجي. جيڪڏهن ڪو چاهي ته ڪنهن قوم جي طور طريقي ۽ اُن قوم جي تاريخ جو اونهو اڀياس ڪري، ته ان کي گهرجي ته اُن قوم جي ٻوليءَ جو باقاعدگيءَ سان مطالعو ڪري. هن بيان مان هي نتيجو ٿو نڪري ته سماج ۽ ٻولي هڪٻئي لاءِ ضروري آهن، ۽ ٻولي صرف سماجي گروهه ۾ ئي زنده رهي سگهي ٿي.(2)

لسانيات جي سڀني عالمن ماهرن جو اِهو متفق رايو آهي ته اڄوڪي زماني ۾، علم اللسان، يعني ٻولين جي تجزئي جي اصولن، سماجي علم يعني سائنس جي حيثيت ورتي آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چيو ته موجوده وقت ۾ علم اللسان به جديد علمن مان هڪ آهي. ماهرن عن علم (علم اللسان) کي علم عمرانيات يعني سماجي سائنس (Social Seiences) ۾ شمار ڪيو آهي، پر اُنهن ماهرن ساڳئي وقت،  علم اللسان کي ٻين سماجي علمن کان الڳ درجو ڏنو آهي.  هنن جو رايو آهي ته تاريخ کي معاشيات ۽ علم الانسان (anthropology) کان انهيءَ ڪري ڌار ڪري سگهجي ٿو، جو ان جو ماضيءَ جي مطالعي سان واسطو آهي. اقتصاديات، قومن قومن جديد حالت جي مطالعي ۾ مدد ڪري ٿي، علم اللسان ٻين معاشرن ۽ تهذيبن جو جديد مطالعو آهي. هن علم (علم اللسان) جا ڪي ماهر، پنهنجي مطالعي دوران ڪنهن خاص قوم جي مادي ثقافت تي زياده توجھ ڏيندا آهن، پر ساڳئي وقت هن علم جا ڪي محقق ٻوليءَ جي مطالعي ۾ زياده چاهه ۽ دلچسپي ڏيکاريندا آهن. علم اللسان جي اڪثر ماهرن وانگر، اقتصاديات جا ماهر  به لسانيات جي مطالعي طرف گهٽ ڌيان ڏيندا آهن. اُن جو سبب هي آهي جو هنن کي معلوم آهي ته ڪنهن خاص قوم جي ثقافت سان واسطو رکندڙ ماهر ٻوليءَ تي ڪم ڪري رهيا آهن. علم اللسان ۽ علم تاريخ، ٻئي هڪٻئي سان گهرو ۽ گهاٽو تعلق رکن ٿا. تاريخدان ٻوليءَ جي مطالعي ۽ مدد کان سواءِ پنهنجي تحقيق ۾ ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهندؤ. ان جو خاص سبب هي آهي ته جو ٻوليءَ جو مطالعو مؤرخن کي تاريخ کان اڳ واري دؤر (Presistoric Period) جي لڏ پلاڻ لاءِ ڪافي ثبوت مهيا ڪري  ڏئي ٿو. ٻوليءَ جو علم، ٻين علمن سان چاهي واسطو نه به رکندو هجي، پر ٻوليءَ جي علم  جي اهميت هن مان ئي ظاهر آهي ته دنيا جا سڀ علم پنهنجا پنهنجا مسئلا، نظريا، ۽ نتيجا ٻوليءَ ذريعي ئي بيان ڪندا آهن. انهيءَ ڪري چئبو ته علم اللسان موجوده زماني ۾ اهم علمن مان هڪ آهي.

علم اللسان انسان ذات جي سڀني ٻولين جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جو علم آهي. هي هڪ اهو علم آهي، جو ٻولين جي آوازن، آوازي سٽائن، آوازي ميلن ۽ ميڙن، صوتين، صوفين، فقرن، لفظن ۽ جملن جي بناوت ۽ ترتيب، يعني صوتي، صرفي، نحوي ۽ معنوي اصولن ۽ علمن بابت مواد مهيا ڪري ٿو. مطلب ته ڪنهن به هڪ ٻوليءَ يا دنيا جي مختلف ٻولين جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سرشتي ۽ نظام جي مطالعي کي علم اللسان چئبو آهي.

علم اللسان ڪنهن به ٻوليءَ جي آوازن، انهن جي مقرر تنظيم ۽ ترڪيب، ساخت ۽ سٽاءَ جي، اهل زبان توڙي ڌارين لاءِ هڪ تشريح آهي، علم اللسان ٻوليءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جو هڪ بيان آهي. هي علم، انهن جي اصولن، گهراين، معنوي ۽ صوتي تبديلين جو رڪارڊ آهي. علم اللسان زنده ۽ روزمره وارين ٻولين جي سرشتي ۽ نظام جي اُپٽار ۽ اُن جو بيان بلڪل ائين ٿو ڪري، جيئن اُهي ٻوليون، اُن وقت ۽ ان حالت ۾ ڳالهائبيون يا ٻڌبيون آهن. لسانيات جو علم ٻولين جي ماضيءَ، ماضيءَ جي ترڪيبن، لفظن جي اشتقاقن ۽ ڌاتن تي به روشني وجهي ٿو.


(1)  Bloch, B. & Trager. G.L. An Outline of  Linguistic Analysis, Linguistic Society of America, London, 1942, P.5

هي وصف ۾، ماهرن جي نظر، ۾ تبديليءَ جو هر دؤر ۾ امڪان آهي

(2) Bloomfield, L, Language, 1961, London, George Allen and Universal Ltd: P.42

(3) Bloch, B. & Trager G.L. An Outline of  Linguistic analysis. P.45

(1) Bloch. B.& Trager G.L. Op. Cit. P.s

(2) Bloom field. L.Op Cit. p. 42.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com