سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :5

(ب) اندروني تبديليون:

(i) علم صرف ۾ صرفيائي تبديليءَ جو هڪ ٻيو اصول يا قانون، ’اندروني تبديلي‘ آهي. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته خودمختيار يا آزاد صورتن جي اڳيان يا پويان نشانين ملائڻ کان اڳ، ڌاتوءَ جي بنيادي صورت ۾ تبديلي ٿئي ٿي. اهڙيءَ تبديليءَ کي ’اندروني تبديلي‘ چئبو آهي؛ مثال طور:

وَسۡ-> وٺ+ او= وَٺو س> ٺ (وينجن جي تبديلي)(1)

بيهه-> بيٺ+ او= بيٺو هه > ٺ (وينجن جي تبديلي)

ڀَڄ> ڀڳ+ او= ڀڳو ڄ > ڳ (وينجن جي تبديلي)

انهن تبديلين کان سواءِ مٿي ذڪر ڪيل پڇاڙين جي ملائڻ کان اڳ، ڪن ڌاتن ۾ به اندروني تبديليون اينديون آهن؛ مثال طور:

(i)

’اوٺي‘ لفظ ۾/ اُٺُ/ ڌاتوءَ جي پويان،- آر پڇاڙي ملائڻ کان اڳ، سرصوتيه/ اُ/ بدلجي/ او/ ٿئي ٿي؛ مثال طور:

اُ> اوٺ+ آر= اوٺار.

انهيءَ تبديليءَ جا ٻيا مثال هي آهن:

ڏُڌ> ڏوڌ+ اِي= ڏوڌِي                  اُ> او

ڏُٿُ> ڏوٿ+ اِي= ڏوٿي               اُ> او

ڪُڪڙ> ڪوڪڙ+ اِي= ڪوڪڙي              اُ> او

ڪُتر> ڪوتر+ اِي= ڪوتري          اُ> او

(ii)

ڪن ڌاتن جي پهرئين پد وارو سُر/اِ/، پڇاڙي ملائڻ کان اڳ بدلجي/ اِي/ ٿئي ٿو؛ مثال طور:

پينار   :   پن  > پين+ آر= پينار      اِ> اي

چيڙاڪ :   چَڙ > چيڙ+ آڪ= چيڙاڪ        اِ> اي

هيڪوڻو:  ڪ > هيڪ+ اُوڻو= هيڪُوڻو    اِ  > اي

(iii)

ڪن ڌاتن جي پهرئين پد وارو سر صوتيه/ اُ/، پڇاڙي ملائڻ کان اڳ بدلجي/ آ/ ٿئي ٿو؛

مثلاً

ٻاڪر :  ٻَڪَرُ> ٻاڪرو+ او= ٻاڪرو    اُ> آ

ٽاڪُرو :  ٽڪَرُ> ٽاڪر+ اُو= ٽاڪرو      اُ> آ

ڇاپرو :  ڇپرُ> ڇاپر+ اُو= ڇاپرو           اُ> آ

لاڳيتو:  لڳ> لاڳ+ ايتو= لاڳيتو        اُ> آ

گهاڙيٽو: گهَڙ> گهاڙ+ ايٽو= گهاڙيٽو      اُ> آ

(iv)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لازمي فعل جي ڌاتوءَ مان متعدي فعلن جي ڌاتو ٺهڻ ۾ اهڙين تبديلين جا مثال ڏنا آهن. (1)

جيئن:

(ب)

سرن جي تبديلي – (vocalic replacement):

 

ٺَهه- : ٺاهه/-آ-Ð- آ-/

سر-: سير سُڌر-: سُڌار/-اِ-Ð- آيا- اي-/

کَل: کول- اُ-Ð- او-/

(ت)

وينجنن جي تبديلي (consonantal replacement

 

ڦَٽ   :     ڦاڙ/-ٽÐ-ڙ/

ٻُڏ-    :    ٻوڙ/-ڏÐ-ڙ/+/-اُ-Ð-او-/

کاڄ    :   کا/-ڄÐ-اُ/

ڌوپ    :    ڌو/-پÐ-اُ/

وسام    :    وِسا/-مÐ-اُ/

(ث) ڪاٽُو تبديل:

علم صرف جي اصولن ۾ ٻين صوتي تبديلين سان گڏ ڪيترائي اهڙا مثال به ملن ٿا، جن ۾ اڳيايون يا پڇاڙيون ملائڻ کان اڳ ڪا صوتيه حذف ڪرڻي پوندي آهي، يعني ڪاٽڻي يا هٽائڻي پوندي آهي ’حذف‘ ڪرڻ،‘ ’ڪاٽڻُ‘ يا ’هٽائڻ‘ واري اصول کي به تبديليءَ جو هڪ قسم چئبو آهي. اها تبديلي، جنهن موجب ڪنهن صورت مان ڪنهن صوتيه کي گم ڪري ڇڏجي يا ڪاٽي ڇڏجي ته اهڙيءَ تبديليءَ کي ”ڪاٽو تبديل چئبو آهي. هن تبديل جا مثال برصغير جي ٻين ٻولين ۾ به ملن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪاٽو تبديل جا مثال هي آهن:

ڌاتو

ماضيءَ جي پڇاڙي

ڪاٽيل صوتيه

ڪردنت

ڪَرۡ-

مرۡ-

سُڻۡ-

وڪڻۡ-

-يو

-او

-او

-يو

/-ر-/

/-ر-/

/-ڻ-/

/-ڻ-/

ڪَيو

مَئو

سئو

وڪيو

 (ث) ٻڙي تبديل:

مٿي ڏنل مثالن ۽ انهن جي بيان مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾، برصغير پاڪ- هند جي ٻين ٻولين وانگر اسم جي جمع توڙي فعل جي زمان ماضي صورت ٺاهڻ لاءِ ڌاتوءَ جي پويان ڪي پڇاڙيون ملايون وينديون آهن. ڪن حالتن ۾ هڪ ئي مفهوم لاءِ پد جي صوتي ساخت جي لحاظ کان، هڪ کان وڌيڪ صورتون ملايون وينديون آهن، پر اُهي هڪ ئي مفهوم واريون ڌار ڌار صورتون، هڪ ئي صرفيه جا ’بدل‘ (alternate) آهن؛ مثال طور زمان ماضيءَ جي حالت ۾ جيئن مٿي ڏنو ويو آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي صورتون ملن ٿيون جن جي جمع صورتن ٺاهڻ لاءِ، ڌاتوءَ جي پويان، ڪابه پڇاڙي نٿي ملائجي، ۽ نه ئي وري ڌاتوءَ جي بناوت ۾ ڪا تبديل ٿئي ٿي، تنهن هوندي به اُنهن صورتن مان جمع صورت جي معنى نڪري ٿي؛ مثال طور:

                واحد صورت           جمع صورت

                هاٿي وڃي ٿو.         هاٿي وڃن ٿا.

                هاري اچي ٿو.          هاري اچن ٿا.

مٿي ڏنل مثالن ۾ وڇون سُري ٿو کاٻي هٿ طرف ’هاٿي‘، ’هاري‘ ۽ وڇون صورتن جي پويان ڪابه پڇاڙي يا اعراب ڪانه ملائي وئي آهي، جنهن جي مدد سان اهو ثابت ڪري سگهجي ته اها ’جمع صورت‘ آهي، پر هيٺ ڏنل مثالن ۾ جمع صورتن لاءِ پڇاڙي ۽ اعراب ملائي وئي آهي:

                واحد                    پڇاڙي ملايل

                گهوڙو اچي ٿو.         گهوڙا اچن ٿا.

                ڇوڪرُ اچي ٿو.         ڇوڪَرَ اچن ٿا.

ٻنهي مثالن جي ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ چئبو ته ’هاٿي‘، ’هاري‘ ۽ وڇون جون جمع صورتون، بنا ڪنهن پڇاڙيءَ جي ملائڻ يا اعراب جي ڳنڍڻ سان، ٻوليءَ جي رچنا ۾ ڪم اچن ٿيون. اهڙي اصول يا اهڙيءَ تبديل کي ”ٻُڙي پڇاڙي“ يا ”ٻُڙي تبديل“ چئبو آهي. ٻڙي تبديل جا ٻيا مثال هي آهن:

واحد صورت

جمع صورت

واحد صورت

جمع صورت

هاري

ٺوري

راجا

هاري

ٺوري

راجا

ماڻهو

ڀٽون

داتا

ماڻهو

ڀٽون

داتا

(د) صورت بدلائڻ (Suppletion):

تبديل جو هي هڪ اهڙو قسم آهي، جنهن ۾ ڪنهن صورت جو نه ڪو جز بدلجي يا مٽجي ٻيو ٿئي ٿو، ۽ نه ئي وري ڪو جز گم ٿئي ٿو؛ پر هن حالت ۾ صورت سڄي جي سڄي بدلائجي ٿي. مٿي ڏنل مثالن ۾، اندروني تبديل ۾، ڪنهن صورت جو ڪو حصو يا ڪو جُز، ڪنهن ٻئي صوتيه ۾ بدلائبو آهي، پر ’بدلائڻ‘ واري اصول موجب سڄي صورت بدلائجي ٿي، ۽ اُن جي جاءِ هڪ نئين صورت وٺندي آهي. انهن ٻنهي صورتن جو هڪٻئي سان ڪوبه واسطو ڪونه هوندو آهي. مثال طور: سنڌي ۾ ماضيءَ جي- او،- يو يا- اُون، پڇاڙي ڌاتوءَ جي پويان ڳنڍڻ سان، ماضيءَ جي صورت ٺهندي آهي، پر جڏهن ڪنهن صورت جي جاءِ تي، ڪا ٻي صورت، سڄي جي سڄي ماضيءَ طور ڪم اچي ته اهڙيءَ تبديل کي ’بدلجڻ‘ يا ’بدلائڻ‘ چئبو؛ مثال طور:

آهيÐ هو.

’آهي‘ ۽ ’هو‘ ٻه اهڙيون صورتون آهن، جن جا ڌاتو به ڌار ڌار آهن. ’آهي‘ جو ماضي ٺاهڻ لاءِ اُن سڄيءَ صورت جي بدران ’هو‘ صورت ڪم آندي وئي آهي، اهڙي تبديل کي صورت جي بدلائڻ وارو اصول چئبو.

10- تڪرار (reduplication):

علم صرف ۾ ’تڪرار‘ واري صورت خاص اهميت رکي ٿي. سنڌ جي سڀني وياڪرڻين، ’تڪرار‘ وارن لفظن کي مرڪب لفظ سڏيو آهي، جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

”سنڌيءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن جي ٻن يا وڌيڪ لفظن مان جڙيل آهن، جن مان ڪي ساڳيا ۽ ٻه ڀيرا ڪم ٿا اچن؛ ڪي هڪ جهڙا ۽ موافق آهن، ۽ ڪي مخالف آهن؛ ڪن ۾ ساڳئي قسم يا قافيه يا وزن جو لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي ڪابه معنى ڪانهي، فقط استعمال ۽ اصطلاح ۾ ڪم ايندا آهن. ڪن ۾ جدا جدا فعلن جا موافق يا مخالف زمان ڪم آيل آهن؛ ڪي اسم ۽ فعل گڏ، ڪي اسم ۽ صفت گڏ، ڪي عربي ۽ فارسي ۽ سنڌي گڏ.“ (1)

مرزا صاحب طرفان ڏنل هيٺيان لفظ، مٿينءَ وصف جي روشنيءَ ۾ توجهه گهري ٿي:

(i) پل پل، دم دم، دمبدم، سراسر، سربسر، ويرا وير، مارا ماري، مٽي مائٽي، سينڌ سرمو، چڱو ڀلو، مَٽَ سٽ، گهٽ وڌ، جهُڙ ڦُڙ، ليکو چوکو، ڏي وٺ، ڪِنو ڇنو، جٺ ڦٺ، اچ وڃ، خريد فروخت، ڏيتي ليتي، ڇيڙ ڇاڙ، ڪپڙو لٽو، نوڪر چاڪر ۽ ڌوڙ ڇائي وغيره.

(ii)  بَڪَ شَڪَ پيسو، پنجڙ، چلم ڌلم، ڇوڪر ٻاڪر، فلاڻو ٽيرو، ڀاڄي ڀتو، ڪک ٻک، کٽولو ٻٽولو، ماڻهو ڇيڻو، گاهه پٺو، وَهٽ وانو.

(iii)  ڪي فعل به بي معنى ڪم ايندا آهن؛ جيئن ڏسڻ وائسڻ، چُرڻ پُرڻ، ڦرڻ گهرڻ، پڙهڻ ڪڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ.

حقيقت ۾ لفظ جي بيان واري حصي ۾ مرڪب لفظ تي وضاحت سان روشني وڌي ويئي آهي. اهو به چيو ويو آهي ته تڪراري لفظن ۽ مرڪب لفظن جي ساخت ۾ وڏو فرق آهي.لسانيات جي ماهرن لفظن جي اهڙي استعمال کي ’لفظن جو تڪرار‘ (reduplication) سڏيو آهي علم صرف موجب  ’تڪرار‘ جي وصف هيءَ ڏني وئي آهي:(1)

 

Reduplication is the repetition of all or part of the base, with or without internal change, before or after the base itself (2)

 

يعني: تڪرار، ڪنهن لفظ جي سڄيءَ صورت يا ڪنهن جز کي دُهرائڻ جي عمل کي چئبو آهي، جنهن جي دُهرائڻ سان لفظ يا اُن جي حصي ۾ ڪابه تبديلي ڪانه ايندي آهي. تڪرار واريءَ خصوصيت جا مثال برصغير جي سڀني ٻولين ۾ ملن ٿا.  

تڪرار جا قسم: ماهرن تڪرار کي ٻن قسمن ۾ ورهايو آهي:

(الف) پورڻ يا مڪمل تڪرار(complete reduplication)

(ب) اَپورڻ، جُزوي يعني ڪنهن حصي يا جُز تي تڪرار (partial rebuplication). هيٺ هر هڪ جو ڌار ڌار بيان جي ٿو:

(i) پورڻ يعني مڪمل تڪرار: جڏهن ڪوبه لفظ جملي ۾ يا فقري ۾، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڀيرا ساڳيءَ حالت ۾، سواءِ ڪنهن صوتي ڦير ڦار جي لڳاتار دهرائجي. لفظ جي اهڙي وري وري دهرائڻ واري عمل کي علم صرف موجب مڪمل ’تڪرار‘ چئبو آهي.

لفظ            تڪراري صورت

پل             پل پل

وک            وک وک

دم             دم دم

گهڙي          گهڙي گهڙي

جملن ۾ هن قسم جو تڪرار جملي جي معنى ۽ وياڪرڻي مفهوم ۾ وڏو ڦيرو آڻي ٿو، ۽ علم نحو جو مطالعو ڪندي اهڙين تڪراري صورتن جي وياڪرڻي حيثيت جي پڻ خبر پوي ٿي؛ مثال طور:

 

(i)

ڪپ کڻي آ.

ڪپ ٻپ کڻي آ.

يعني

يعني

هڪ ڪپ کڻي اچ

 

 

 

ڪپ جهڙي ڪا شيءِ کڻي اچ، جنهن سان ڪا شيءِ ڪپي سگهجي.

 

ڪپ ڪپ کڻي آ.

يعني

هر هڪ ڪپ کڻي اچ.

(ii)

ڪارا وار

ڪارا سارا وار

ڪارا ڪارا وار

 

 

(iii)

ٿلهو ماڻهو

ٿلهو ٻلهو ماڻهو

ٿلهو ٿلهو ماڻهو،

 

 

(iv)

ٻار کي پئسو ڏي.

ٻار کي پئسو پئسو ڏي.

ٻار ٻار کي پئسو پئسو ڏي.

 

 

 

 

 

 

 


مٿين مثالن ۾ ڪپ، ڪارا، ٿلهو، ٻار ۽ پئسو صورتون، جملي ۾ پهرين هڪ دفعو ڪم آنديون وئيون ۽ پوءِ وري دهرايون وئيون آهن. جملن ۾ لفظن جي اهڙي تڪرار واري استعمال کي ’پورڻ تڪرار‘ چئبو آهي.

(ii) اپورڻ يعني جزوي تڪرار: جنهن فقري يا جملي ۾ ’ڪنهن صورت جي تڪرار واري عمل ۾ ’صورت جو پهريون جزو يا پويون جزو بدلجي ۽ باقي جزو ساڳيو رهي، ته اهڙي تڪرار کي جزوي يا ’اَپورڻ تڪرار‘ چئبو آهي؛ جيئن:

صورت                 اَپورڻ تڪرار

جُٺ                    جُٺ ڦِٺ

مَٽَ                    مَٽَ سَٽ

جُهڙي                 جُهڙي ڦُڙي

هلڻ                    هلڻ چلڻ

رلڻ                     رلڻ ملڻ

جَاچڻ                  جاچڻ جوچڻ

ڪُپت                  ڪُپت سُپت

راند                    راند روند

ڇوڪر                  ڇوڪر ٻاڪر

ماني                   ماني ٻاني

ڏيتي                   ڏيتي ليتي

مٿي ڏنل اَپورڻ تڪرار جي مثالن جي مطالعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته ’جُٺ ڦِٺ‘ مَٽ سٽ‘ ۽ اهڙن ٻين مثالن ۾، بنيادي لفظ جي پويان تڪراري صورت جو پهريون جُز بدلجي، ڪم آيو آهي. اهڙيءَ طرح ’جاچڻ جوچڻ‘،’راند روند‘ ۽ ’مٽي مائٽي‘ صورتن ۾ به تڪراري صورت ۾ وڏو فرق آهي. جيئن ته:

صورت                 اَپورڻ تڪرار

پئسو                   پئسو پنجڙ

ڀاڄي                   ڀاڄي ڀتو/ ڀاجي ڀُتي

مال                    مال وَجهو

ڪپڙو                  ڪپڙو لٽو

ماڻهو                  ماڻهو ڇيڻو

نوڪر                  نوڪر چاڪر

ليکو                   ليکو چوکو

مٿين مثالن ۾ اَپورڻ تڪرار ۾، تڪراري صورتون بنيادي صورتن کان بلڪل مختلف آهن.

’تڪرار جا اِهي مثال سنڌي ٻوليءَ جي صرف سٽاءَ ۾ دلچسپ مطالعي لاءِ ڪافي مواد رکن ٿا. هيٺ ڪن جملن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي شعر جا ڪي مثال پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڏجن ٿا:

(الف)

عام گفتگو مان ڪي مثال:

 

 


 

     

(i)

سيٺ جو گهر وڏو آهي.

سيٺ جو گهر گهر وڏو آهي.

سيٺ جو گهر گهر وڏو وڏو آهي.

سيٺ سيٺ جو گهر گهر وڏو آهي.

سيٺ سيٺ جو گهر گهر وڏو وڏو آهي.

 

     

(ii)

سڀ ڪو پنهنجي گهر وڃي.

سڀڪو سڀڪو پنهنجي گهر وڃي.

سڀڪو سڀڪو، پنهنجي پنهنجي گهر وڃي.

سڀڪو سڀڪو، پنهنجي پنهنجي، گهر گهر گهر وڃي.

(ب) سنڌي شاعريءَ مان مثال:

 

 


 

(i)

مُٺ مُٺ سورن سڀڪنهن مون وٽ وٿاڻان

ڀريون ڪيو ڀُڻانِ ويا وهائو نڪري

                                     (لطيف)

 

 


 

(ii)

وساريل وساريل ڌڪاريل ڌڪاريل

نماڻا نماڻا نرالا نرالا

                                    (امداد)

ببليو گرافي

سنڌي ڪتاب ۽ مضمون

1.      ڀيرومل آڏواڻي: وڏو سنڌي وياڪرڻ، ڪراچي، هندو پريس، 1926ع

2.     سراج الحق ميمڻ: مقالو ”سنڌي وياڪرڻ جا مسئلا، ماهنامه نئين زندگي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس.

3.     غلام علي الانا، خواجه: سنڌي صوتيات، حيدرآباد ادبيات پبليڪيشنس: 1999ع.

4.    مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع.

اردو ڪتاب

5.     شوڪت سبزواري، ڊاڪٽر: اردو زبان کا ارتقا، ڊاڪا، پاڪ ڪتاب گهر، 39 پٺواٽولي، 1956ع.

انگريزي ڪتاب

1.      Bloch, B & Trager, G. L., Outline of Linguistic Analysis. Baltimore, Linguistic Society of America, 1942.

2.     Bloomfield, L., Language, London, George Allen and Unwin, Ltd, 1961.

3.     Ghulam Ali Allana, The Arabic Element in Sindhi, M. A Thesis, submitted to the S.O.A. S., University of London, 1963.

4.     Gleason, H. A., An introduction to Descriptive Linguistics, Revised Edition, New York. Holt, Rinehart and Winson, 1961.

5.     Haskell, C.W., A, Grammar of Sindhi Language. Karachi, The Karachi Grammar School, 1942.

6.     Nida, Eugene, A., Morphology, second ed: Ann Abor, The University of Michigan Press, 1962.

7.     Trumpp, E., A Grammar of Sindhi Language, Leipzig,

      F. A. Brokhans, 1872. 

علم نحو ۽ سنڌي ٻولي

1. هن کان اڳ علم صرف جي بيان ۾ ماهرن جي راءِ ڏيئي اِهو ڄاڻايو ويو آهي ته ”اهو علم، جنهن جي مدد سان فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاءَ جي خبر پوي، اُن علم کي ’علم نحو‘ چئبو آهي.“

هر ٻوليءَ جي هر ڪا گفتار، مڪمل صورت تي مشتمل هوندي آهي. انهن مڪمل صورتن کي ماهرن ٻن قسمن يعني: لفظن ۽ جملن ۾ ورهايو آهي. انهن مان لفظن جي وصف علم صرف واري باب ۾ ڏني وئي آهي. ماهرن جي راءِ موجب: ”اها مڪمل گفتار جيڪا ٻوليءَ جي ”جهيلار“ يا ”ڍار“ (Intonation) مان ڪنهن به هڪ ’جهيلار‘ يا ’ڍار‘ تي ختم ٿئي، اهڙيءَ گفتار کي ’جملو‘ چئبو آهي.“ (1)

ٻوليءَ ۾ ڪي جملا هڪ لفظ وارا به ٿيندا آهن؛ مثال طور:

وَڃ.

ڊوڙُ.

اُٿُ.

بيههُ.

اِهي ’يڪ لفظا‘ جملا آهن، جيڪي ڪنهن هڪ ’جهيلار‘ يا ’ڍار‘ تي ختم ٿين ٿا.

ڪن جملن ۾ هڪ کان وڌيڪ لفظ به ٿيندا آهن. ’گفتار‘ ۾ اهڙن جملن مان، ڪن ۾، وچ تي نامڪمل (Non-Final) جهيلار به ايندا آهن. جملي جو اهو جزو، جنهن ۾ ڪو نامڪمل جهيلار هجي، اهڙي جُزي کي جملي جو حصو يا جزو (Clause) چئبو آهي.(1)

 

ڪنهن گفتار ۾، جملي کان سواءِ فقرا به ٿيندا آهن. هر اها نحوي بناوت جنهن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ لفظ سمايل هجن، ۽ جنهن سان جهيلار جو واسطو نه هجي، تنهن کي فقرو (Phrase) چئبو آهي.

2. مٿي چيو ويو آهي ته علم نحو جي مطالعي جي مدد سان فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي سٽاءَ جي خبر پوندي آهي. لفظن جي اهڙيءَ بيهڪ ۽ سٽاءَ جي مطالعي کي ئي دراصل ’علم نحو‘ جو مطالعو چئبو آهي. هن باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ جو جائزو ورتو ويو آهي.

عام طور تي سنڌي جملن جي نحوي سٽا هن ريت هوندي آهي:

(i)

سنڌي ٻوليءَ ۾ فاعل جو لڳ پهرين ۽ فاعل اُن کان پوءِ ايندو آهي.

(ii)

فعل هميشہ جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي.

(iii)

 

صفت هميشہ موصوف کان اڳ، اُن جي بلڪل ڀر ۾ ايندي آهي.

 (iv)

فعل جو وڌاءُ (لڳ)، فعل کان اڳ ايندو آهي.

(v)

فاعل کان پوءِ ۽ فعل جي وڌاءَ کان اڳ، پهرين مفعول جو وڌاءَ، ۽ اُن کان پوءِ مفعول ايندو آهي.

(vi)

ظرف هميشہ فعل جي وڌاءَ طور، اُن کان اڳ، ڪم ايندو آهي.

(vii)

حرف جر، اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان پوءِ ۽ اُن جي بلڪل ڀر ۾ جاءِ وٺي بيهندو آهي.

3. فاعل- فعل واري سٽاءَ:

سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن به جملي جي نحوي بيهڪ جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ سڀ کان پهرين هيٺ ڏنل مثالن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي:

i. ڇوڪر ڊوڙي ٿو.

ii. اڪبر پاڻي پيئي ٿو.

iii. منهنجو ڀاءُ لکي ٿو.

.iv هُو ماني کائي ٿو.

مٿي ڏنل چئن ئي جملن مان ڪنهن به جملي ۾ ڪوبه حصو هڪ جهڙو نه آهي، پر چئن ئي جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ ترتيب (arrangement & order) ۽ سٽاءَ هڪ جهڙي آهي. ٻوليءَ ۾ ڪنهن به جملي جي اهڙي بيهڪ ۽ انهن جي سٽاءَ، جنهن ۾ فاعل پهريون ۽ فعل پوءِ اچي، تنهن کي فاعل- فعل واري سٽاءُ چئبو آهي.

 

4- لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاءَ لاءِ مکيه ڳالهيون:

مٿي ڏنل مثالن مان ظاهر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي فاعل- فعل واريءَ سٽاءَ ۾ ٻه مکيه جزا (constituent parts) آهن. هر جزو يا ته هڪ لفظ وارو آهي ۽ يا هڪ فقري وارو؛ جنهن طريقي يا ترتيب سان، اهي جزا يعني لفظ ۽ فقرا، فاعل- فعل واريءَ سٽاءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيهاريا ويندا آهن، تنهن لاءِ مکيه ۽ اهم نقطا ۽ اصول هي آهن:

(الف) انتخاب يا چونڊ: (selection): ڪنهن به ٻوليءَ جي فاعل- فعل واريءَ سٽاءَ ۾، لفظن جي بيهڪ ۽ ترتيب وارن اصولن مان پهريون اصول يا نقطو لفظن جو انتخاب يا لفظن جي چُونڊ آهي. ڪيترين ئي ٻولين جي نحوي سٽاءَ ۾، انتخاب وارو اصول يا نقطو اهم حصو ادا ڪري ٿو. لفظن يا جزن جي ترتيب ۽ سٽاءَ لاءِ هيءَ ڳالهه انهيءَ ڪري ضروري آهي جو ڳالهائيندڙن لاءِ لازمي آهي ته هو ڪهڙو جزو پهرين ڳالهائي ۽ ڪهڙو جزو پوءِ ڳالهائي؛ مثال طور: سنڌي ڳالهائيندڙ کي اها خبر هوندي آهي ته:(1)

(i) ڊوڙي ٿو ڇوڪر.

(ii) ٿو پاڻي پيئي اڪبر.

وغيره، لفظن جي اهڙي ميڙ کي فاعل- واري ترتيب چئي نه سگهبو؛ يعني ته جملي اندر جزن کي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڦيرائي يا بدلائي نٿو سگهجي. اهڙيءَ طرح هيٺين مثالن کي به سنڌي نحو جي قانونن موجب فاعل- فعل واري سٽاءَ چئي نٿو سگهجي:

آهي ڪاتب جو قلم هي.

ڏيکار اسان کي واٽ سنئين.

پر سنڌي نحو جي اصولن موجب انهن جي صحيح فاعل- فعل واري سٽاءَ هن ريت ٿيندي:

هي ڪاتب جو قلم آهي.

اسان کي سنئين واٽ ڏيکار.

مٿئين بحث کان پوءِ هيئن چئبو ته سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ موجب فاعل پهرين اچڻ گهرجي ۽ پوءِ فعل. سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوت جي اها هڪ عام سٽاءَ آهي. هن سٽاءَ موجب جملو ٿيندو:

ڇوڪر ڊوڙي ٿو.

هن جملي ۾ جهيلار جو عام نمونو هي ٿيندو:

هن جهيلار موجب مٿيون جملو (ڇوڪر ڊوڙي ٿو) سوالي جملو نه، پر بياني جملو آهي، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ جهيلار آخر ۾ لهندڙ ڍار (low falling pitch) تي ڳالهائبو آهي.

 

(ب) انتخاب جا مختلف نمونا: سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ جو مطالعو ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته انتخاب جا به مختلف نمونا آهن؛ مثال طور هڪ ترتيب موجب فعل، فاعل سان، عدد، جنس ۽ حالت موجب ڦرندو آهي؛ جيئن:

حالت فاعلي، جنس مذڪر، عدد واحد

:

ڇوڪر ڊوڙي ٿو.

حالت فاعلي، جنس مذڪر، عدد جمع

:

ڇوڪرا ڊوڙن ٿا.

حالت فاعلي، جنس موُنث ۽ عدد واحد

:

ڇوڪري ڊوڙي ٿي.

حالت فاعلي، جنس موُنث ۽ عدد جمع

:

ڇوڪريون ڊوڙن ٿيون.

حالت مفعولي جنس مذڪر ۽ عدد واحد

:

ڇوڪرُ چٺي لکي ٿو.

حالت مفعولي جنس مذڪر ۽ عدد جع

:

ڇوڪرا چٺيون لکن ٿا.

حالت مفعولي، جنس موُنث ۽ عدد واحد

:

ڇوڪري چٺي لکي ٿي.

حالت مفعولي، جنس موُنث ۽ عدد جمع

:

ڇوڪريون چٺيون لکن ٿيون.

(ii) سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ موجب، جڏهن جملي ۾ ٻه فاعل هجن ۽ هر هڪ فاعل جمع ۾ هجي ته اهڙيءَ حالت ۾ فعل ويجهي ۽ ڀر واري فاعل سان عدد، جنس ۽ حالت ۾ ڦرندو آهي، جيئن:

زالون ۽ مردَ ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

مرد ۽ زالون ڳالهيون ڪري رهيون آهن.

پر جڏهن فعل جي ڀر وارو فاعل عدد واحد ۾ هوندو، تڏهن به فعل عدد جمع ۾، فاعل سان حالت ۽ جنس موجب ڦرندو آهي: جيئن:

ڇوڪريون ۽ ڇوڪرو پڙهن ٿا.

ڇوڪرو ۽ ڇوڪريون پڙهن ٿيون.

(iii) جڏهن جملي ۾ ٻه فاعل هوندا آهن، ۽ هر فاعل عدد واحد ۾ هوندو آهي، تڏهن فعل جنس مذڪر ۽ عدد جمع ۾ ڦرندو آهي؛ جيئن:

ڇوڪرو ۽ ڇوڪري وڃن ٿا.

ڇوڪري ۽ ڇوڪرو وڃن ٿا.

هوا ۽ پاڻي اُتي وڪجن ٿا.

اڪبر ۽ سندس ڀيڻ اچن ٿا.

(iv) جڏهن جملن ۾ فاعل هڪ کان وڌيڪ هجن، ۽ انهن جي پويان انداز ڏيکاريندڙ عدد يعني ’ٻئي‘ يا ’ٽيئي‘ يا ’سڀئي‘ جهڙا لفظ ڪم آندل هجن، ته اهڙيءَ حالت ۾ فعل جمع ۾ ڦرندو آهي؛ جيئن:

ميان غلام شاهه، ميان مراد شاهه ۽ ميان عطر خان ٽيئي ميان نورمحمد ڪلهوڙي جا پُٽ هئا.

(v) جڏهن فاعل ۾ ضمير خالص هڪ کان وڌيڪ ڪم آيل هجن، ته اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن جملي ۾ ضمير متڪلم جمع به فاعل جي صورت ۾ ڪم آيل هوندو آهي، ته فعل ان ضمير يعني ضمير متڪلم جمع سان ڦرندو، جيئن:

اسين ۽ تون ڪراچي هلنداسين.

تون ۽ اسين ڪراچي هلنداسين.

اسين ۽ هيءَ ڪراچي وينداسين.

هيءَ ۽ اسين ڪراچي وينداسين.

(vi) پر جڏهن جملي ۾ ضمير حاضر واحد ۽ ضمير متڪلم واحد فاعل طور ڪم آيا هوندا، ته اهڙيءَ حالت ۾ فعل ضمير متڪلم جمع موجب ڦرندو؛ جيئن:

(vii) پر جيڪڏهن ضمير غائب واحد/ جمع ۽ ضمير متڪلم واحد فاعل طور ڪم آيا هوندا، تڏهن به اهڙيءَ حالت ۾ فعل ضمير حاضر موجب ڦرندو جيئن:

هُوءَ ۽ آءٌ ڪراچي وينداسين.

آءٌ ۽ هُو ڪراچي وينداسين.

(viii) پر جيڪڏهن فاعل ۽ ضمير حاضر واحد ۽ ضمير غائب جمع، فاعل طور ڪم آيو هوندو ته اهڙيءَ حالت ۾ فعل، ضمير حاضر موجب ڦرندو.

تون ۽ هُو هت اچو ٿا.

توهين ۽ هو هت اچو ٿا.

تون ۽ اُهي هت اچو ٿا.

تون ۽ هوءَ هت اچو ٿا.

هُو ۽ توهين هت اچو ٿا.

هُو ۽ تون هت اچو ٿا.

هُوءَ ۽ تون هت اچو ٿا.

هوءَ ۽ توهين هت اچو ٿا.

(ix) جيڪڏهن فاعل عزت وارو ماڻهو يا معزز شخص (Honourable) هوندو آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ فاعل، ضميرحاضر جمع طور ڪم ايندو آهي، چاهي پوءِ فاعل جنس موُنث ۽ عدد واحد ۾ هجي. اهڙيءَ حالت ۾ فعل عدد جمع ۽ جنس مذڪر موجب ڦرندو؛ مثلاً:

محترم چنا صاحب! توهين ڪراچي وڃو ٿا؟

بيگم عباسي صاحبه! توهين ڪراچي وڃو ٿا؟

ڀاڀي توهين اچو ٿا؟

ادي، توهين هي ڪتاب وٺو ٿا؟

(x) پريوگ: پريوگ جا ٽي قسم آهن: پريوگ ڪرتري، پريوگ ڪرمڻي ۽ پريوگ ڀاوي. فعل جو اهو گردان يا ڦيرو جنهن ۾ فعل. فاعل سان عدد ۽ جنس ۾ ڦري يعني گردان ڪري ته فعل جي اهڙي ڦيري کي پريوگ ڪرتريءَ وارو ڦيرو يا گردان چوندا آهن، ۽ فعل جو اهو گردان يا ڦيرو جنهن ۾ فعل، مفعول سان عدد ۽ جنس ۾ ڦري يعني گردان ڪري ته فعل جي اهڙي ڦيري کي پريوگ ڪرمڻيءَ وارو ڦيرو يا گردان چئبو؛ پر فعل، جڏهن فاعل ۽ مفعول سان ڪوبه ڦيرو نه ڏيکاري ۽ مفعول جي پويان ’کي‘ حرف جر استعمال ٿئي ته فعل جي اهڙي ڦيري کي پريوگ ڀاوي چئبو آهي.

پريوگ ڪرتري

پريوگ ڪرمڻي

پريوگ ڀاوي

مون جهليو آهي.

مون چور جهليو آهي.

مون چور جهليو آهي.

مون ورتو آهي.

مون چورَ جهليا آهن.

مون چورن کي جهليو آهي.

اسان ڏٺو آهي.

اسان چور جهليو آهي.

اسان چور کي جهليو آهي.

اسان لکيو آهي.

اسان چورَ جهليا آهن.

اسان چورن کي جهليو آهي.

 (ب) فعل جو لاڳاپو (congruence): مٿي ڏٺو ويو ته سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ ۾ انتخاب لاءِ فعل، فاعل سان ڦرندو آهي. فعل جو فاعل سان اهڙيءَ طرح عدد، جنس ۽ حالت موجب ڦرڻ، يعني فعل جي اهڙي گردان کي ”فعل جو لاڳاپو‘(congruence) چئبو آهي، مثال طور:

آءٌ آهيان.       اسين آهيون.

تون آهين.     توهين آهيو.

هو/هوءَ آهي.  اُهي آهن.

انهن جملن ۾ ’آءٌ‘ فاعل سان، حالت فاعلي ۽ زمان حال ۾ فقط ’آهيان‘ فعل ڦري سگهي ٿو. متڪلم جمع (اسين) سان حالت فاعلي ۽ زمان حال ۾ فقط ’آهيون‘ فعل لڳندو.


(1)  > مان مراد بدلجي ٿيو آهي.

(1) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب اهي مثال مون کي هڪ خط ۾ لکي موڪليا هئا.

ڊاڪٽر جيٽلي  نشانيءَ جي بدران> نشان ڪم آندو آهي.

(1) مرزا قليچ بيگ: ”سنڌي وياڪرڻ،“ ڀاڱو ٽيون. حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، ص 188

(1) Bloch. B.& Trager. L. Op. cit.. P. 57

(2) Ibid.

(1) Bloch B. & Trager. G.,L. Op. Cit., P. 71

(1) Ibid.

(1) Bloomfield: L., Op. Cit, P. 190.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com