سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :17

ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي

محبت ٻرڙو

”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون.“ جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ”ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر صحيح ڳالهايو“؟

هڪ، ٻه ٽي،.... ڪيترائي ڀيرا سوچيم ۽ مون کي پڪ ٿي ويئي ته مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر غلط ڳالهايو.

پوءِ مون پاڻ وٽ ايندڙ ۽ ڪچهري ڪندڙ استادن ۽ ليکڪن ۽ ٻين هر قسم جي عام ۽ خاص ماڻهن جي گفتن تي ڌيان شروع ڪيو ۽ ڀاسيم ته اهڙيون چڪون اسان جي عام ڳالهه ٻولهه، ۾ عام جام   پيون ٿين.

فطري هو ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن  ۽ خاص طرح عالمن جي لکت ڏانهن ڌيان ڏيان. ڀرسو ڪريو يا نه، اها حقيقت آهي ته هڪ ٻن عالمن جي لکڻين کان سواءِ ٻن سون کان وڌيڪ نثر توڙي نظم لکندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن جي لکتن ۾ اها ساڳي چُڪ ٿوريءَ ڦير گهير سان هزارين ڀيرا  ورجائجندي نظر آئي، جيڪا مٿي ڏنل منهنجي جملي ۾ موجود آهي. (ڇا اوهان اها چُڪ پڪڙي؟)

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ گهڻگهري ۽ شاگرد جي حيثيت ۾ ، سٺو اهو ئي رستو هو ته پنهنجن خيالن کي سنڌيءَ جي ليکڪن توڙي عالمن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي همت ڪريان ۽ کانئن رهنمائي وٺان. پنهنجي ڳالهايل جملي، ۽ عام طرح ڳالهائجندڙ  ۽ لکجندڙ جملن تي جيڪا سوچ ڪيم ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه (صحيح يا غلط) پلئه پيو، هيٺ پيش ڪجي ٿو. انهيءَ نيڪ نيت سان ته جيڪو صحيح هجي، ان کي قبولجي ۽ جيڪو غلط هجي، ان کي رد ڪجي ته جيئن صحيح ۽ سٺي جو واڌارو ٿئي

پڇاڙي ڇا آهي؟

دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾، ۽ سنڌيءَ ۾ به، ڪي آواز يا اکر اهڙا آهن، جيڪي (بظاهر) ڪا به معنيٰ نٿا رکن ۽ گهڻي ڀاڱي مقرر آهن، جيڪي ڪنهن به مقرر لفظ جي اڳيان، پٺيان يا ان جي وچ ۾ جڏهن رکجن ٿا، تڏهن هڪ مخصوص معنيٰ ظاهر ڪن ٿا.

اهڙو اکر يا آواز يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي اڳيان، مُنڍ ۾ اچي. ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، انهن کي ”اڳياڙي“ چئجي ٿو. مثال طور، ”ٻيٽ“ جي آڏو ”اُپ-“ اڳياڙي اچي ”اُپٻيٽ“ ۽ ”جاڳ“ جي آڏو ”سُ-“ اڳياڙي اچي ”سجاڳ“ ٺاهي ٿي.

اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي وچ ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن،، انهن کي ”وچاڙي“ (وچياڙي) چئجي ٿو. مثال طور، ”مرڻ“، ”کرڻ“، ”ٺرڻ“ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پهرئين اکر کانپوءِ ”-آ-“ آڻڻ سان واريسر ”مارڻ“، ”کارڻ“، ”ٺارڻ“ وغيره ٺهن ٿا.

اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، انهن کي ”پڇاڙي“ سڏجي ٿو. مثال طور ”لوهه“ ۽ ”ڪُنڀ“ جي پٺيان ”-اَر“ يا ”-آر“ اچي ”لوهر“ يا ”لوهار“ ۽ ”ڪنڀر“ يا ”ڪنڀار“ ۽ ”ڳنڍ“ جي پويان ”-اَپ“ اچي  ”ڳنڍپ“ ۽ ”ميل“ جي پويان ”-آپ“ اچي ”ميلاپ“ ٺهن ٿا.

ضميري پڇاڙي ڇا آهي؟

اهڙو اکر يا آواز، يا اکر يا اهڙا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، پر اهو اکر يا آواز هڪ ”ضمير“ جي به نمائندگي ڪري، يا ان جو مَٽ هجي، ته اهڙي اکر يا آواز کي ”ضميري پڇاڙي“ چئجي ٿو. مثارل طور، ”ڏسندا“، ”ويهندا“، ”گهمندا“، ”ڳالهائيندا“ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پٺيان ”-اسي“ (يا ”-اسون“) ملائجي ٿو ته واريسر ”ڏسنداسي“ (ڏسنداسون)، ”ويهنداسي“ (ويهنداسون)، ”گهمنداسي“ (گهمنداسون) ۽ ”ڳالهائينداسي“ (ڳالهائينداسون)، جهڙا ٺهيل لفظ فعل سان گڏ هڪ ضمير جو به ڏس ڏين ٿا ۽ اهو ضمير آهي ”اسان“ يا ”اسين“. هنن لفظن ۾ ”-اسي“ (يا ”-اسون“) هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي.

ڇا ضميري وچاڙيون  ۽ ضميري اڳياڙيون به ٿينديون آهن؟

هن مهل تائين ”ضميري وچاڙي“  ۽ ”ضميري اڳياڙي“ جي عنوان تي (شايد) نه لکيو ويو آهي. ”لکيو مانءِ“ (مون توڏانهن لکيو) ۾ بظاهر ٻه ضميري پڇاڙيون آهن، پر قاعدي موجب انهن مان آخريءَ کي ”ضميري پڇاڙي“ ۽ ان کان اڳ واريءَ کي ”ضميري وچاڙي“ سڏڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح، ”لکانءِ ٿو“، ”لکينمِ ٿو“ ۾ اصولن ”ٻه- ٻه ضمير“ ظاهر ڪندڙ آواز آهن، جيڪي مڪمل فعل جي وچ ۾ آيا آهن، تنهن ڪري ٻنهي کي ”ضميري وچاڙي“ سڏڻ گهرجي، يعني ”لکانءِ ٿو“ ۾ به ٻه ضميري وچاڙيون آهن ته ”لکينم ٿو“ ۾ به.

”ضميري اڳياڙي“ جي لاءِ البته آئون ڪجهه چئي نٿو سگهان- ٿي سگهي ٿو ته هجي- باقي اها پڪ اٿم ته هن وقت تائين کوجيل يا ڄاتل ناهي. ان سلسلي ۾ هن مضمون اندر هڪ ٻه اشارا ملن ٿا، وڌيڪ عالمن جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

زمان حال

(١) فعل ”لازميءَ“ جو ڦيرو اسان کي هن طرح پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:

الف            هيڪل/نَرُ                      هيڪل/نارِ

١-ضمير متڪلم      * مان/ آءُ لکان ٿو.                   *مان/آءُ لکان ٿي.

٢-ضمير حاضر        * تون لکين ٿو.                       * تون لکين ٿي.

٣-ضمير غائب         * هي/ هو/اِهو/ اُهو لکي ٿو  *هيءَ/هوءَ/اِها/اُها لکي ٿي.

گهڻ/نر                                گهڻ/نارِ

٤-ضمير متڪلم      *اسان/اسين لکون ٿا *اسان/اسين لکون ٿيون.

٥-ضمير حاضر*توهان/اوهان/توهين/اوهين لکو ٿا.             *توهان/ اوهان/ توهين/اوهين لکو ٿيون

٦-ضمير غائب*هي/هو/اِهي/اُهي لکن ٿا.   * هي/هو/اِهي/ اُهي لکن ٿيون

(٢) فعل ”لازميءَ“ جي ڦيري ۾ فعل جي صورت هن طرح رهي ٿي:

ب

١- هيڪل، نر، ضمير متڪلم لاءِ     * لکان ٿو، پڙهان ٿو، گهمان ٿو.

                        * ڏسان ٿو، ويهان ٿو، بيهان ٿو.

٢- هيڪل، نار ضمير متڪلم لاءِ    *لکان ٿي، پڙهان ٿي، گهمان ٿي،

                        * ڏسان ٿي، ويهان ٿي، بيهان ٿي،

٣- گهڻ، نر، ضمير متڪلم لاءِ       *لکون ٿا، پڙهون ٿا، گهمون ٿا.

                                * ڏسون ٿا، ويهون ٿا، بيهون ٿا.

٤- گهڻ، نار، ضمير متڪلم لاءِ      * لکو ٿيون، پڙهون ٿيون، گهمون ٿيون.

                        * ڏسون ٿيون، ويهون ٿيون، بيهون ٿيون.

ٻ

١- هيڪل، نر، ضمير حاضر لاءِ        *لکين ٿو، پڙهين ٿو، گهمين ٿو.

                        * ڏسين ٿو، ويهين ٿو، بيهين ٿو.

٢- هيڪل، نار، ضمير حاضر لاءِ      * لکين ٿي، پڙهين ٿي، گهمين ٿي.                                * ڏسين ٿي، ويهين ٿي، بيهين ٿي.

٣-گهڻ، نر، ضمير حاضر لاءِ           * لکو ٿا،پڙهو ٿا، بيهو ٿا.

                        * ڏسو ٿا، ويهو ٿا، بيهو ٿا.

٤- گهڻ، نار، ضمير حاضر لاءِ * لکو ٿيون، پڙهو ٿيون، گهمو ٿيون.

                        * ڏسو ٿيون، ويهو ٿيون، بيهو ٿيون.

ڀ

١- هيڪل، نر، ضمير غائب لاءِ        * لکي ٿو، پڙهي ٿو، گهمي ٿو.                                      * ڏسي ٿو، ويهي ٿو، بيهي ٿو.

٢- هيڪل، نار، ضمير غائب لاءِ       *لکي ٿي، ويهي ٿي، بيهي ٿي.

                        * ڏسي ٿي، پڙهي ٿي، گهمي ٿي.

٣- گهڻ، نر، ضمير غائب لاءِ          * لکن ٿا، پڙهن ٿا، گهمن ٿا.

                        *ڏسن ٿا، ويهن ٿا، بيهن ٿا.

٤- گهڻ، نار، ضمير غائب لاءِ * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون، گهمن ٿيون.

                        * ڏسن ٿيون، ويهن ٿيون، بيهن ٿيون.

(٣)فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول (جيڪڏهن هجي) يا نه،  ۽  فعل هڪ مقرر صورت ۾ تبديل ٿئي ٿو (مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو وجهي)

ت

١- فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير متڪلم آهي ته        *مان خطُ /چٺي لکان ٿو.

                                        * مان خطَ / چٺيون لکان ٿو.

فعل (لکڻ ) جي ڌاتو (لِک) سان ”-آن ٿو“ ڳنڍجي ٿو:

                                        * لکان ٿو، پڙهان ٿو، ڏسان ٿو.

٢- فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير متڪلم آهي ته       *مان خطُ /چٺي لکان ٿي.

                                        * مان خطَ /چٺيون لکان ٿي.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-آن ٿي“ ڳنڍجي ٿو:

                                        *لکان ٿي، پڙهان ٿي، ڏسان ٿي.

٣- فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير متڪلم آهي ته  * اسين خطُ / چٺي لکون ٿا.

                                * اسين خطَ / چٺيون لکون ٿا.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اُون ٿا“ ڳنڍجي ٿو:

                                *لکون ٿا، پڙهون ٿا، ڏسون ٿا.

٤- فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير متڪلم آهي ته  * اسان خطُ / چٽي لکون ٿيون

                        * اسان خطَ / چٺيون لکون ٿيون

فعل(لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اُون ٿيون“ ڳنڍجي ٿو:

                        * لکون ٿيون، پڙهون ٿيون، ڏسون ٿيون.

٥- فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير حاضر آهي ته   * تون خطُ / چٺي لکين ٿو.

                                *تون خطَ / چٺيون لکين ٿو.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”- اين ٿو) ڳنڍجي ٿو:

                                * لکين ٿو، پڙهين ٿو، ڏسين ٿو.

٦- فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير حاضر آهي ته  *تون خطُ / چٺي لکين ٿي.

                                * تون خطَ / چٺيون لکين ٿي.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”- اين ٿي“ ڳنڍجي ٿو:

                                * لکين ٿي، پڙهين ٿي، ڏسين ٿي.

٧-  فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير حاضر آهي ته    * توهين خطُ  / چٺي لکو ٿا.

                                *توهين خطَ / چٺيون لکو ٿا.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-او ٿا“ ڳنڍجي ٿو:

                                *لکو ٿا، پڙهو ٿا، ڏسو ٿا.

٨- فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير حاضر آهي ته    *توهين خطُ / چٺي لکو ٿيون.

                                * توهين خطَ / چٺيون لکو ٿيون.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”- اَو ٿيون“ ڳنڍجي ٿو:

                                * لکو ٿيون، پڙهو ٿيون، ڏسو ٿيون.

٩- فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير غائب آهي ته   *هي/هو/اِهو/اُهو خطُ / چٺي لکي ٿو.

                                *هي/ هو /اِهو/اُهو خط / چٺيون لکي ٿو.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اي ٿو“ ڳنڍجي ٿو:

                                *لکي ٿو، پڙهي ٿو، ڳنڍي ٿو.

١٠- فاعل نار، هيڪل، ضمير غائب آهي ته  *هيءَ/هوءَ/اِها/اُها خطُ / چٺي لکي ٿي.

                                * هيءَ / هوءَ اِها/اُها خطَ / چٺيون لکي ٿي.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان”-اي ٿي“ ڳنڍجي ٿو:

                                * لکي ٿي، پڙهي ٿي، ڏسي ٿي.

١١- فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير غائب آهي ته    * هي/هُو/اِهي/ اُهي  خطُ / چٺي لکن ٿا.

                                *هي/هو  اِهي / اُهي خطَ / چٺيون لکن ٿا.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اَن ٿا“ ڳنڍجي ٿو:

                                * لکن ٿا، پڙهن ٿا، ڏسن ٿا.

١٢- فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير غائب آهي ته   *هي/هو/اِهي/اُهي خطُ / چٺي لکن ٿيون.

                                * هي/ هو/اِهي/اُهي خطَ / چٺيون لکن ٿيون.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-ان ٿيون“ڳنڍجي ٿو:

                        * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون، ڏسن ٿيون.

(٤) هر قسم جي فاعل/ضمير (نر هجي يا نار، هيڪل هجي يا گهڻ) جي پٺيان ايندڙ هعل جي صورت ڪنهن به ٻئي فاعل/ضمير کان ڌار ۽ نرالي نموني جي ٺهي ٿي ۽ اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو ڌاتو سان ڳنڍجندڙ ”پڇاڙي“ ٻي، ڌار، نرالي قسم جي آهي. ڇا، توهان پرکي /تاڙي ورتو آهي ته فعل سان مخصوص پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري پاڻ فعل ۾ اهو گڻ به پيدا ٿي پيو آهي ته اهو پاڻ ۾ هڪ مخصوص ضمير کي به سمايل ڏيکاري سگهي؟

ٿ

١- ضمير متڪلم، هيڪل، نر/ نار جي حالت ۾:

                                * خطُ لکان ٿو/ ٿي.

                                * مضمون پڙهان ٿو/ٿي.

                                * نظارو ڏسان ٿو/ٿي

هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، توهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”مان/آءُ“ آهي.

فعل جي ڌاتو سان ”-آن“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”مان/آءُ“ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي.

* ”-آن“ مَٽُ آهي ”مان/آءُ“ جو. ”مان“ جو ”م-“ ڪيرائڻ سان اسان ک ”-آن“ ملي ٿو. جنهن لفظ کي اسين ”آءُ“ لکون ٿا، ان جو حقيقت اُچار ”آن“ (آنءُ) آهي.

*مان جو ”م-“ ڪيرائڻ سان مليل ”-آن“ يا ”آءُ“ جو حقيقتي اُچار ”آن“ هِتي هن زمان ۾ ”ضميري پڇاڙيءَ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت – لکان. پڙهان، ڏسان، ٻُڌان- ٺهي ٿي.

* فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿو“ – لکان ٿو، پڙهان ٿو – ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير مذڪر (نر) آهي ۽ لفظ ”ٿي“ – لکان ٿي، پڙهان ٿي- ٻڌائي ٿوته هيءُ ضمير مونث (نار) آهي.

٢- ضمير متڪلم، گهڻ، نر /نار جي حالت ۾   *خط لکون ٿا/ ٿيون.

                                * مضمون پڙهون ٿا/ ٿيون.

                                * نظارون ڏسون ٿا/ٿيون.

* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، توهان فاعل نه سڃاتو ؟ فاعل”اسان/اسين“ آهي.

*فعل جي ڌاتو سان ”-اُون“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”اسان/اسين“ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي.

*”_آن“ مَٽ آهي” مان/ آءٌ“ جو. ”مان“ جو ”م_“ ڪيرائڻ سان اسان ک”_آن“ ملي ٿو. جنهن لفظ کي اسين ”آءٌ“ لکون ٿا، ان جو حقيقي اچار”آن“ (آنءُ) آهي.

*مان جو ”م_“ ڪيرائڻ سان مليل”_آن“ يا ”آءٌ“ جو حقيقي اُچار ”آن“ هِتي هن زمان ۾ ”ضميري پڇاڙي“ جو ڪم ڪري ٿو، ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت – لکان، پڙهان، ڏسان، ٻُڌان -  ٺهي ٿي.

* فعل جي اُن مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ”ٿو“ _ لکان ٿو، پڙهان ٿو – ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير مذڪر(نر) آهي، ۽ لفظ ”ٿي“ – لکان ٿي، پڙهان ٿي- ٻڌائي ٿو ته هيءَ ضمير م‍ؤنث (نار) آهي.

2 ضمير متڪلم، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾     *خط لکون ٿا/ ٿيون

                                        * مضمون پڙهون ٿا/ ٿيون.

                                        * نظارو ڏسون ٿا/ ٿيون.

        * هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل جھاڻايل ناهي. پر، ڇا، توهان فاعل نه سڃاتو؟ فائل”اسان/ اسين“ آهي.

        * فعل جي ڌاتو سان”_اُون“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”اسان/ اسين“ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي.

* - ”اُون“ مَٽ آهي ”اسان/اسين“ جو. هن جو ڌاتو ڳولڻ لاءِ اسان کي ٽي امڪان ذهن ۾ رکڻا ۽ ڇنڊڻا ڇاڻڻا پوندا:

١. ”اسان“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”آس“ ۽ ”آن“ (اس+آن) جو ٺهيل هجي. ”اس“ هي/هيءَ/اهو/اهو/هو/هوءَ/هِن/ هن جي بدران ڪم اچي ٿو (اها ڳالهه هن مضمون ۾ ڪجهه دير پوءِ ڄاڻي سگهنداسين) ۽ ”آن“ بابت ٿورو اڳ (ٿ ا) ۾ پڙهي آيا آهيون. ”اس“ + ”آن“ (هي ۽ مان)= ”اسان“.

٢. ”اسين“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”آس“۽ ”اِين“ (اس +اِين) جو ٺهيل هجي. هن/هي جي بدران ”اس“ ۽ ”-اين“ نار کي گهڻ ڪرڻ جو/لاءِ هڪ آواز يعني اس+ -اِين = اسين.

”اَسُون“ بظاهر نئون لفظ ۽ اڻٻڌو ڀاسي ٿو، پر ”لکيوسون“ ۽ لکنداسون“ جهڙن هزارن ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچيو ته ايڏو اوپرو به نه لڳندو. ٿي سگهي ٿو ته هي لفظ ”اس“ ۽ ”-اُون“ جي ميلاپ سان ٺاهيو ويو هجي. ”اس“ (هي/هن) ۽ ”-اُون“، نر کي گهڻ ڪرڻ جو آواز.

* ”-اُون“ هِتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو، ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت- لکون، پڙهون، ويهون، ڏسون، ٻُڌون- ٺهي ٿي.

*فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿا“ – لکون، پڙهون ٿا- ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير نر آهي، ۽ لفظ ”ٿيون“- لکن ٿيون، پڙهن ٿيون- ٻڌائي ٿو ته هي ضمير نارِ آهي.

٣. ضمير حاضر، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾:    *خط لکين ٿو/ٿي.

                                * مضمون پڙهين ٿو/ٿي

                                * نظارو ڏسين ٿو/ٿي.

* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”تون“ آهي.

* فعل جي ڌاتو سان ”-اِين“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”تون (جيڪو ضمير حاضر آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي.

*”-اِين“ مَٽ آهي ”تون“ جو. ”-اِين“ جو ڌاتو هن وقت منهنجيءَ ڄاڻ ۾ نه آهي. پر جيڪڏهن ”لکندين“، ”پڙهندين“، ”ڏسندين“، جهڙن هزارن ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچبو ته پڌرو ٿي پوندو ته ”-اِين“ ”تون“ جو مَٽ آهي.

*”-اِين“ هِتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو، ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت-لکين، پڙهين، ڏسين، ٻُڌين-ٺهي ٿي.

*فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿو“ –لکين ٿو، پڙهين ٿو- ٻڌائي ٿو ته هي فاعل نر آهي، ۽ لفظ ”ٿي“ – لکين ٿي، پڙهين ٿي- ٻڌائي ٿو ته هي ضمير نارِ آهي.

٤. ضمير حاضر، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾:      * خط لکو ٿا/ ٿيون

                                *مضمون پڙهو ٿا/ٿيون.

                                * نظارو ڏسو ٿا/ٿيون.

*هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين ) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي.

پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”توهان/اوهان/ توهين/ اوهين“ آهي.

*فعل جي ڌاتو سان ”-او“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”توهان/اوهان/توهين/اوهين“ (جيڪو ضمير حاضر آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي.

”-او“ مَٽ آهي ”توهان/...“ جو ”-او“ جو ڌاتو هن وقت منهنجيءَ ڄاڻ ۾ ناهي، پر جيڪڏهن لکندوء، پڙهندوء، ڏسندوء جهڙن هزارن ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچيو ته پڌرو ٿي پوندو، ”-او“، ”توهان/.......“ جو مَٽ آهي.

*”-او“ هِتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت --- لکو، پڙهو، ڏسو، ٻڌو- ٺهي ٿي.

*فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿا“ – لکو ٿا، پڙهو ٿا- ٻڌائي ٿو ته فاعل نر آهي ۽ لفظ ”ٿيون“- لکو ٿيون، پڙهو ٿيون- ٻڌائي ٿو ته فاعل نار آهي.

٥- ضمير غائب، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾:   *خط لکي ٿو/ ٿي.

                                * مضمون پڙهي ٿو/ٿي.

                                * نظارو ڏسي ٿو/ٿي.

* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”هي/هو/ هيءَ / هوءَ/ اِهو / اُهو/ اِها /اُها“ آهي.

* فعل جي ڌاتو سان ”-اي“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري، منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”هي/.....“ (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي.

*”-اي“ مَٽ آهي ”هي/....“ جو. ”-اي“ بگڙي ”هي“ ٿيو آهي (ڪو ائين به چئي سگهي ٿو ته ”هي“ جي ”هه“ ڪيرائي ”-اي“ پڇاڙي ٺاهي وئي آهي).

* ”-اي“ هتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت – لکي، پڙهي، ڏسي، ٻُڌي- ٺهي ٿي.

* فعل جي ان مخصوص صورت- کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿو“ – لکي ٿو، پڙهي ٿو- ٻڌائي ٿو ته فاعل نر آهي ۽ لفظ ”ٿي“ – لکي ٿي، پڙهي ٿي- ٻڌائي ٿو ته فاعل نار آهي.

٦. ضمير غائب، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾:   * خط لکن ٿا/ٿيون.

                                * مضمون پڙهن ٿا/ٿيون.

                                * نظارو ڏسن ٿا/ٿيون.

*هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”هي/هو/اِهي/اُهي“ آهي.

* فعل جي ڌاتو سان ”-اَن“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي، جو ”اهي/.....“ (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي.

*”- اَن“ مَٽ آهي ”هي /هو/اِهي /اُهي“ جو، ۽ ”-اَن“ سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن، آسمانن، گلن، ميون.........) اِنَ، اِنَن ۽ اُنَ – اَنن (جن ۾ اسين ”هه“ ملائي ”اِنهن“ چئون ٿا) پڻ ان جو چٽو مثال آهي. اهڙيءَ طرح، اسان وٽ وَٽنِ، سندن، کينِ کانئن، ڏانهنِ، مٿنَ، مٿائن، هيٺائن، منجهن،، جهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي پڇاڙي ”-اَن“، ”هي/هو/هي/اهي/اُهي“ جي نشاندهي ڪري ٿي.

*”- اَن“ هتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت- لکن، پڙهن – ٺهي ٿي.

* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ ”ٿا“ – لکن ٿا، پڙهن ٿا- ٻڌائي ٿو ته فاعل نر آهي ۽ لفظ ٿيون- لکن ٿيون پڙهن ٿيون- ٻڌائي ٿو ته فاعل نار آهي.

٥. هن زمان جي فعلي ڦيري جي حوالي سان ياد رکڻ جهڙيون ڪجهه ڳالهيون:

ٽ

١. ضميري پڇاڙي هر ”ضميري اَڪهه“ لاءِ ڌار، نرالي  ۽ مقرر آهي:

                                *مان/مون/آنءُ/آءُ/آئون لاءِ ”-اَن“

نر توڙي نار، هيڪل                     *تون/تو لاءِ ”-اَ ين“

                        *هي/هو/هيءَ/هوءَ/اُهو/اِهو لاءِ ”-اي“

                        * اسان /اسين/اسون لاءِ ”-اَون“

نر توڙي نار، گهڻ                       * توهان/توهين/اوهان/اوهين لاءِ ”-اَو“

                        *هي/هو/اِنهن/اُنهن/هنن/هنن لاءِ ”-اَن“

٢. ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري، هر ضميري آڪهه لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي ۽ مقرر صورت وٺي بيهي ٿي.

                                *لکان

هيڪل                          *لکين

                        *لکي

 

                        *لکون

گهڻ                            *لکو

                        * لکن

٣. * هر هڪ هيڪل، نر فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ”ٿو“ اچي ٿو.

* هر هڪ هيڪل، نار فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ”ٿي“ اچي ٿو.

* هر هڪ گهڻ، نر فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ”ٿا“ اچي ٿو.

* هر هڪ گهڻ، نار فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ”ٿيون“ اچي ٿو.

٤. فعل جي مڪمل صورت ٻن حصن ۾ ظاهر ٿئي ٿي  ۽ فاعل جي جنس ۽ ڳڻپ بابت ڄاڻ ڏئي ٿي:

                نر                      نار

* لکان ٿو، پڙهان ٿو                  *لکان ٿي، پڙهان ٿي.

هيڪل * لکين ٿو، پڙهين ٿو         * لکين ٿي، پڙهين ٿي.

* لکي ٿو، پڙهي ٿو          * لکي ٿي، پڙهي ٿي.

* لکون ٿا، پڙهون ٿا          * لکون ٿيون، پڙهون ٿيون.

گهڻ   * لکو ٿا، پڙهو ٿا                     * لکون ٿيون، پڙهو ٿيون.

* لکن ٿا، پڙهن ٿا                    * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون.

٥. فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل آهي.

٦. اهو ضمير ”ضميري پڇاڙيءَ“ جي صورت ۾ موجود آهي.

٧. اها ضميري پڇاڙي (يعني ضمير) فاعل جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٺيڪ ان ڪري

٨. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن زمان جي حوالي سان اسان کي جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايووڃي ٿو (ڏسو 1-الف)، ان ۾ حقيقتا ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي. ڇا، ان کي ويا ڪرڻ جي درست سکيا سڏي سگجي ٿو؟

هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ”هئڻ“ يا ”هجڻ“ جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ”حال“ ئي آهي.

١. هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:

ٺ

                هيڪل/نر               هيڪل/نار

١. ضمير متڪلم       *مان (سُٺو) آهيان.     * مان(سُٺي) آهيان.

٢. ضمير حاضر * تون (سٺو) آهين.    * تون (سٺي) آهين.

٣. ضمير غائب         *هي/هي/اِهو/اُهو(سٺو)آهي.*هيءَ/هوءَ/اِها/اُها (سٺي) آهي.

        گهڻ/نر                 گهڻ/نار

٤. ضمير متڪلم       *اسان (سٺا) آهيون.            *اسان (سُٺيون) آهيون.

٥. ضمير حاضر * توهان(سٺا) آهيو.            * توهان (سُٺيون) آهيو.

٦. ضمير غائب *هي/هو/اِهي/اُهي(سٺا)آهن.   *هي/هو/اِهي/اُهي(سٺيون آهن.

٢.اچو، ڏسون ته اکر  ۽ لفظ ڪيئن ٿا ڳالهائن:

ث

١- ”آهيان“:

- ڪير؟

+ ”مان/آءُ/آنءُ/آئون“ –جنهن کي ”ضمير متڪلم“ چئبو آهي.

- زمان؟

+ حال (هن وقت، هاڻي، اجهو هينئر)

- ڳڻپ؟

+ هڪ (اڪيلو،هيڪل، واحد، ڇڙو)

- جنس؟

+ اها سڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين آڏو اسم يا صفت  نه اچي- اسم يا صفت نر هوندي ته ”نر“ آهيان ۽ جي نار هوندي ته ”نار“ آهيان.

- بناوت؟

+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. آهيان: ”آهه“ + ”-آن“ = ”آهيان“.

”آهه-“ ”زمان حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو ۽ ”-آن“ مان /مون/آءُ/آئون/ آنءُ“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙي ”-آن“ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير متڪلم“ ۽ ”هيڪل“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي.

- جيڪڏهن ضمير موجود آهي ته پوءِ اسان کي ساڳيو ئي ضمير متڪلم ”مان“ ڳنڍي، ”مان آهيان“ ڇو ٿو پڙهايو/سيکاريو وڃي؟ ڇا، ان نموني فاعل جو ڏس ڏيندڙ ضمير ”ٻه“ نه ٿي پوندا؟

+اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو.

٢- ”آهين“:

- ڪير؟

+ ”تون“ – جنهن کي ”ضمير حاضر“ چئبو آهي.

- زمان؟

+ حال.

- ڳڻپ؟

+ هيڪل.

- جنس؟

+ اها سڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين آڏو اسم يا صفت نٿي اچي- اسم يا صفت نر هوندي ته نر سڏبس ۽ جي نار هوندي ته نار سڏبس.

-بناوت؟

+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سڏيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اِي“ = ”آهي“. ”آهه-“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو ۽ ”-اين“ ”تون“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙيءَ ”-اين“ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير حاضر“ ۽ ”هيڪل“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي.

- ”تون آهين“ ڇو ٿو سيکاريو وڃي؟

+ اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو.

٣- ”آهي“:

- ڪير؟

+ ”هي“ (هي/هيءَ/هُو/اِهو/اُهو/اِها/اُها)- جيڪو ضمير غائب آهي. زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ“. ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي، جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي.

- بناوت؟

+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اي“ =”آهي“. ”آهه-“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”_اي“ ”هي/ هو/ هيءَ/ هوءَ/ اِهو/ اُهو/ اِها/ ُها“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه“ سان مليل پڇاڙي ”_اي“ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي جيڪا ”ضمير غائب“ ۽ ”هيڪل“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ”هي آهي“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.

(4) ”آهيون“:

+ ”اسان/ اسين“ جيڪو ”ضمير متڪلم“ آهي، زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ کان وڌيڪ“ . ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري  چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اُون“ = ”آهيون“. ”آهه“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”-اُون“ ”اسان/اسين/اسون“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه“-“ سان مليل پڇاڙي هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير متڪلم“ ۽ ”گهڻ“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ”اسين“ آهيون“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پڇو.

٥- ”آهيو“:

+ ”توهان/اوهان/توهين/اوهين“- جيڪو ”ضمير حاضر“ آهي. زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ کان وڌيڪ“ . ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي، جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“+ ”-او“ = ”آهيو“، ”آهه-“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ، جو ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”-او“ ”توهان/توهين/اوهان/اوهين“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙي هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير حاضر“ ۽ ”گهڻ“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ”توهان آهيو“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.

٦- ”آهن“:

+ ”هي/هو/اِهي/اُهي“ – جيڪو ضمير غائب آهي. زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ کان وڌيڪ“. ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي، جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اِن“= ”آهن“. ”آهه“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”-اِن“ ”هي/هو/اِهي/اُهي“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙيءَ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير غائب“ ۽ ”گهڻ“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ”هي/هو/اِهي/اُهي/آهن“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.

٣- هن فعلي ڦيري جي حوالي سان ياد رکڻ جهڙيون ڪجهه ڳالهيون:

(پ)

١- ضميري پڇاڙي هر ضميري آڪهه لاءِ ڌار، نرالي ۽ مقرر آهي:

                        *مان/مون/آنءُ/آءٌ/آئون        لاءِ ”-آن“

هيڪل          * تون/ تو                     لاءِ ”-اين“

        * هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِهو/اُهو        لاءِ ”-اي“

        * اسان/اسين/اسون    لاءِ      ”-اُون“

گهڻ            *توهان/اوهان/توهين/اوهين     لاءِ ”-اَو“

                *هي/هو/اِهي/اُهي             لاءِ ”-اَن“

٢- ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري هر ضميري آڪهه لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي ۽ مقرر صورت وٺي بيهي ٿي:

                        *آهيان

        هيڪل          * آهين

                        * آهي

 

                        *آهيون

        گهڻ            * آهيو

                        *آهن

٣- فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل آهي.

٤- اهو ضمير ”ضميري پڇاڙيءَ“ جي صورت ۾ موجود آهي.

٥- اها ”ضميري پڇاڙي“ فاعل جي هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي، ۽ ٺيڪ ان ڪري

٦- پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن فعلي ڦيري جي حوالي سان به اسان کي جيڪو جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايو وڃي ٿو (ڏسو ا-ٺ)، ان ۾ حقيقتا ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي. ڇا، ان کي وياڪرڻ جي درست سکيا سڏي سگهجي ٿو؟

مٿي ڏنل سموريءَ ڳالهه ٻول جو نتيجو هي نڪري ٿو ته زمان حال ۾ اسان وٽ ”ڪَرڻ، ۽ هئڻ“ واري فعل جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ڳالهايو، لکيو، پڙهيو ۽ سيکاريو وڃي ٿو، ان ۾ بنا ڪنهن ضروري سبب جي ساڳئي قسم جو فاعل ٻه ڀيرا ورجايو وڃي ٿو:  هڪ ”مان“، ”اسان“، ”تون“، ”توهان“، ”هي“  ۽ ”اُهو/اُهي“ جي شڪل ۾ ۽ ٻيو جيڪو ”ڪَرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعل جي حالت ۾ ضميري پڇاڙيءَ جي مليل يا اڳواٽ جذب ٿيل صورت ۾ آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته صحيح فعلي ڦيرو هينئن ٿيڻ گهرجي:

”ڪَرڻ“ واري فعل جي حوالي سان-

* لکان ٿو- لکان ٿي- لکون ٿا- لکون ٿيون.

*لکين ٿو- لکين ٿي- لکو ٿا- لکو ٿيون.

*لکي ٿو- لکي ٿي- لکن ٿا-لکن ٿيون.

هن ڦيري مان جيڪڏهن شامل ضميري پڇاڙي ڪڍي ڇڏجي ۽ فاعل طور ڌار ضمير آندو وڃي ته ڦيري جي حقيقي ۽ اصولي صورت هن طرح بيهندي:

* مان لکٿو-مان لکٿي-اسان لکٿا-اسان لکٿيون.

* تون لکٿو-تون لکٿي-توهان لکٿا-توهان لکٿيون.

*هي لکٿو-هيءَ لکٿي-هي/اهي لکٿا- هي/اهي لکٿيون.

ساڳيءَ طرح، ”هئڻ“ واري فعل جو صحيح ڦيرو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ان جي آڏو ڪوبه ضمير فاعل طور نه آندو وڃي، ڇو ته واسطيدار ضمير فعلي صيغي سان ڳنڍيل آهي:

* ضمير متڪلم، هيڪل-آهيان.            *ضمير متڪلم، گهڻ-آهيون.

* ضمير حاضر، هيڪل- آهين.               * ضمير حاضر، گهڻ- آهيو.

* ضمير غائب، هيڪل- آهي.                * ضمير غائب، گهڻ-آهن.

زمان حال ۾ ”ڪرڻ“ جي فعل جي حوالي سان ”ٻه“ ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون ۽ عام جام اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه ٿورو ذڪر ڪجي ٿو.(ٻِٽي ضميري پڇاڙيءَ جي گڻن ۽ ان جي ڪري ٻوليءَ جي ڏات تي پوءِ ڳالهائبو.)

فعل/مذڪر             بناوت  مفهوم/معنيٰ   /فعل مونث

ج

لکانءِ ٿو= لک+آن+ءِ = (مان) تو ڏانهن لکان ٿو.                لکانءِ ٿي.

لکانوَ ٿو= لک+آن+وَ = (مان) توهان ڏانهن لکان ٿو.             لکانوَ ٿي.

لکانس ٿو=لک+ آن+ اس = (مان) هن ڏانهن لکان ٿو.   لکانس ٿي.

لکاننِ ٿو= لک+آن+ ان =(مان) هنن ڏانهن لکان ٿو.             لکاننِ ٿي.

ڄ

لکينمِ ٿو= لک+اين+ام= (تون) مون ڏانهن لکين ٿو.   لکينمِ ٿي.

؟               = (تون) (اسان ڏانهن لکين ٿو.) ؟

لکينس ٿو= لک+اين+اس =(تون) هن ڏانهن لکين ٿو.   لکينس ٿي.

لکين ٿو= لک+اين+ ان  = (تون) هنن ڏانهن لکين ٿو.  لکينن ٿي.

جهه

لکيم ٿو= لک+ اي+ام = (هو) مون ڏانهن لکي ٿو.            لکيم ٿي.

؟               = (هو) (اسان ڏانهن لکي ٿو).                   ؟

لکيس ٿو= لک+اي +اس = (هو) هن ڏانهن لکي ٿو.            لکيس ٿي.

لکينِ ٿو= لک+اي+ان =(هو) هنن ڏانهن لکي ٿو.               لکينِ ٿي.

لکيئه ٿو= لک+ اي+ ءِ = (هو) تو ڏانهن لکي ٿو.               لکيئه ٿي.

لکيوَ ٿو= لک+ اي+ وَ  = (هو) توهان ڏانهن لکي ٿو.           لکيوَ ٿي.

ڃ

لکونئهِ ٿا= لک+ اون+ ءِ =(اسين) تو ڏانهن لکون ٿا.            لکونئهِ ٿيون.

لکونوَ ٿا= لک + اون+ وَ = (اسين) توهان ڏانهن لکون ٿا.        لکونوَ ٿيون.

لکونس ٿا= لک+ اون+ اس =(اسين) هن ڏانهن لکون ٿا. لکونس ٿيون

لکوننِ ٿا= لک+اون+ ان =(اسين) هنن ڏانهن لکون ٿا.   لکوننِ ٿيون.

چ

لکوم ٿا= لک+ اَو+ام  = (توهان) مون ڏانهن لکو ٿا.           لکوم ٿيون.

؟               = (توهان) (اسان ڏانهن لکو ٿا).         ؟

لکوس ٿا= لک+اَو+ اس =(توهان) هن ڏانهن لکو ٿا.             لکوس ٿيون.

لکونِ ٿا= لک+اَو +ان = (توهان) هنن ڏانهن لکو ٿا.             لکونَ ٿيون.

ڇ

لکننم (لکنم) ٿا= لک+ ان+ آءِ = (اهي) مون ڏانهن لکن ٿا.      لکنئه (لکنم) ٿيون.

؟               = (اهي) (اسان ڏانهن لکن ٿا)           ؟

لکننئه (لکنئه) ٿا= لک+ ان+ آءِ =(اهي) تو ڏانهن لکن ٿا.               لکننم (لکنئه) ٿيون.

لکنوَ ٿا = لک+ ان+ وَ = (اهي) توهان ڏانهن لکن ٿا.            لکنوَ ٿيون.

لکنس ٿا= لک+ان+ اس = (اهي) هن ڏانهن لکن ٿا.             لکنس ٿيون.

لکنن (لکنن) ٿا= لک+ ان+ اِن =(اهي) انهن ڏانهن لکن ٿا.      لکنن (لکنن) ٿيون.

ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:

١- ڪجهه لفظن جي اچار ۾ ”شَد“ جهڙي ڪيفيت نظر اچي ٿي. (عام طرح سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شد رکندڙ لفظ موجود ناهن، جنهن ڳالهه سان مون کي اختلاف آهن” شد رکندڙ لفظ يا اکر سنڌي ۾ ئي نه، جيتري هندي ڄاڻان ٿو، ان ۾ به موجود نظر اچن ٿا.) اهي لفظ سنڌيءَ ۾ زباني طرح ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن، ۽ هنديءَ ۾ ”اڌ-اکر“ وڌيڪ لکجي ٿو.

٢- ضميري پڇاڙيون ان ساڳيءَ شڪل ۾ نظر اچن ٿيون، جيئن ”ڪَرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعلي ڦيري ۾ نظر آيون، ڪٿي ڪٿي تحرڪ وڌيڪ نظر اچي ٿو. (ها، ”مان“ جي بدران ”-ام“ ۽ ”هن“ جي بدران ”-اس“ ضميري پڇاڙي اڃا بحث هيٺ نه آيون آهن.)

(مٿي جيڪي به فاعل/ ضميري ننڍيءَ ڏنگيءَ ۾ ڏنل آهن، اهي رڳو ان ڪري، جيئن رسمارسمي طريقي موجب ”جيڪو غلط آهي“ ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهي.)

١- فعل ”لازمي“ جو ڦيرو (زمان ماضي مطلق) اسان کي هن نموني پڙهايو/ سيکاريو وڃي ٿو:

ح

                        هيڪل/نر                       هيڪل/نار

١- ضمير متڪلم       * مون لکيو                    *مون لکيو

٢- ضمير حاضر         * تو لکيو                             * تو لکيو

٣-ضمير غائب  * هِن/هُن لکيو                *هِن/هُن لکيو

        گهڻ/نر                         گهڻ/نار

٤- ضمير متڪلم      *اسان لکيو                    *اسان لکيو

٥- ضمير حاضر         * توهان لکيو                  * توهان لکيو

٦- ضمير غائب * هنن/هُنن لکيو                       * هِنن/هُنن لکيو

٢. هن فعلي ڦيري کي جيڪڏهن هينئن پڙهجي ته

خ                                              * مون چٺو لکيو.

* فاعل ضمير متڪلم،هيڪل نر                       *مون چٺي لکي (لکيي).

                                        * مون چٺا لکيا.

                                        *مون چٺيون لکيون.

ڌيان ڏيئي سوچيو: ضمير متڪلم هيڪل نر جي بدران ڪو به ٻيو ضميرُ، فاعل طور آڻي  پڙهبو، ته به جملي جي بيهڪ اها ئي رهندي. مثال طور:

* اسان/توهان/هن/هنن چٺو لکيو.

* اسان/ توهان/هن/هنن چٺا لکيا.

* اسان/ توهان/ هن/ هنن چٺي لکي.

*اسان/توهان/هن/هنن چٺيون لکيون.

ڌيان ڏئي سوچيو ته فاعل طور ضمير ڪهڙو به هجي، ضمير جي هر صورت سان هر هڪ فعل جون چار صورتون، گڏجي، ٺهڪي ۽ درست نموني اچن ٿيون. ائين ڇو؟

اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو زمان ”ماضيءَ“ ۾ فعلي صيغي جو سڌو واسطو فاعل سان نه، مفعل سان رهي ٿو.

مفعول جيڪڏهن

١- هيڪل نر آهي ته – لکيو، پڙهيو، ڏٺو

٢- هيڪل نار آهي ته- لکي، پڙهي، ڏٺي

٣- گهڻ نر آهي ته-     لکيا، پڙهيا، ڏٺا

٤- گهڻ نار آهي ته – لکيون، پڙهيون، ڏٺيون

هتي، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته زمان ماضيءَ ۾ فعل جون صورتون هڪ ڊگهو ۽ تفصيلي بحث ۽ ڇنڊڇاڻ گهرن ٿيون، ڇو ته زمان ماضيءَ ۾ فعلي صيغاجيڪا صورتخطي ۽ جيڪو اچار رکن ٿا، اهو ئي ڪٿي فعل آهي ته ڪٿي اسم يا صفت.

مثال طور: (مان) لکيو آهيان (هتي ”لکيو“ اسم آهي)

مون لکيو آهي (هتي ”لکيو“ فعل آهي)

(مان) پڙهيو آهيان (هتي ”پڙهيو“ صفت آهي)

مون پڙهيو آهي (هتي ”پڙهيو“ فعل آهي)

هتي، انهن بحثن کان پاسيرو رهي، رڳو فعلي صيغي بابت ڳالهه ٻولهه ڪجي ٿي.

د

١- مفعول، هيڪل، نر جي حالت ۾:

*مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺو لکيو.

*مون/..........................                گهوڙو ڏٺو.

مفعول هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اِيو“ ڳنڍجي ٿو- لکيو، پڙهيو، گهميو، سمهيو. پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو امر فعل جي هڪ صورت  ٺاهي (جيئن ”ڏِسڻ“ جي ”ڏِس“ مان ”ڏِسيو“ – ”مان ڏسيو پيو اچان“)، ۽ جنهن جو اسم فعل جي ٻي صورت ٺاهي (جيئن ”ڏسڻ، جي اسم ”ڏٺ“ مان ”ڏٺو“ ) ته اهڙيءَ حالت ۾ اسم جي پوئين اکر (ٺ) سان ”-او“ ملائجي ٿو-ڏٺو، ويٺو، بيٺو.

فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو پوي.

٢- مفعول، گهڻ، نرجي حالت ۾:

*مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺا لکيا:

* مون/.........................       گهوڙا ڏٺا.

مفعول، گهڻ، نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اِيا“ ڳنڍجي ٿو-لکيا، پڙهيا، گهميا، سمهيا-، پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو اسم فعلي صيغو ٺاهي ته اهڙيءَ حالت ۾ ”-آ“ ملائجي ٿو-ڏٺا، ويٺا، بيٺا.

فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو پوي.

٣- فاعل، هيڪل، نار جي حالت ۾:

* مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺي لکي.

*مون/......................  گهوڙي ڏٺي.

مفعل هيڪل نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اِي“ يا حقيقت ۾ ”-اِيي“ ملائجي ٿو- لکي، پڙهي- پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو اسم فعلي صيغو ٺاهي ٿو ته اهڙيءَ حالت ۾ ”-اِي“ ملائجي ٿو- ڏٺي، ويٺي، بيٺي.

٤- مفعول، گهڻ، نار جي حالت  ۾:

* مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺيون لکيون.

* مون/.......................................گهوڙيون ڏٺيون.

- مفعول، گهڻ، نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اِيون“ ملائجي ٿو- لکيون، پڙهيون- پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو اسم فعلي صيغو ٺاهي ٿو ته اهڙيءَ حالت ۾ به ”-اِيون“ ملائجي ٿو- ڏٺيون، ويٺيون، بيٺيون.

٣- زمان ماضيءَ ۾ ضمير جي صورت تي ڪجهه نه ڪجهه ۽ هڪ عجيب اثر پوي ٿو:

- ”مان/آءُ/آنءُ“ جي ڀيٽ ۾ ”مون“ وڌيڪ سونهي ٿو- مون لکيو.

- ”تون“ جي ڀيٽ ۾ ”تو“ ڪجهه هنڌن تي ڏاڍو ٺهي ٿو- تو لکيو.

- ”هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِها/اُها“ جي بدران ”هَن/هُن/اِن/اُن“ وڌيڪ ٺهڪي ٿو- هن لکيو.

- ”اسين“ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو لڳندڙ آواز ”اسان“ آهي – اسان لکيو.

- توهين/اوهين“ جي ڀيٽ ۾ ”توهان/اوهان“ سٺو لڳي ٿو – توهان لکيو.

- ”هي/هو/اِهي/ اُهي“ بدران ”هِنن/هُنن/اِنهن/اُنهن“ جو واهپو سونهي ٿو- هنن لکيو.

* ضمير جي ان صوتي تبديليءَ جو ڪارڻ (شايد) فعل جو مفعول سان لاڳاپيل هجڻ آهي.

هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ”هئڻ“ يا ”هجڻ، جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ماضي ئي آهي.

ڌ

        هيڪل/نر                       هيڪل/نار

١- ضمير متڪلم: مان هُيس (مثال: ”مان سچار هُيس“) ٢- مان هيسَ.

٣- ضمير حاضر: تون هُئين (مثال: ”تون سچار هئين“)   ٤-تون هُئِيئن (هئينءَ؟)

٥- ضمير غائب: هي هيو/ هو (مثال: هي سچار هيو.)           ٦- هيءَ هئي.

گهڻ/نر                         گهڻ/نار

ضمير متڪلم: ٧- اسين هئاسي/هياسي (مثال:”اسين سچار هئاسي/هياسون“)٨- اسين هيونسي

ضمير حاضر: ٩- توهان هُيَئو (مثال: ”توهان سچار هُيَئو“)        ١٠- توهين هيَئو

ضمير غائب: ١١- هي هيا/هئا(مثال: ”هي سچار هُيا“)   ١٢- هي هُيون

مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار  ۽ هيڪل توڙي گهڻ (٥، ٦، ١١، ١٢) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. ساڻن ضميري پڇاڙي ملڻ کانپوءِ به سندن صورت اها ئي بيهي ٿي، باقي سمورن ضميرن سان ڳنڍيل فعلي صيغي ۾ ڪانه ڪا ضميري پڇاڙي سمايل آهي، ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو آهي. ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار، سان ضميري پڇاڙي ”-اُس“ ۽ ”-اُس“ ڳنڍيل آهن، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ”-اَس“ ۽ نار جي حالت ۾ ”-اَس“ ڪم اينديون آهن ۽ ان لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود ناهي، باقي ضمير حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي ضمير حاضر جي ئي نشاندهي ڪن ٿيون.

زمان ماضي ۾ ”هئڻ“ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن:

١- فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) – هيو (هئو).

٢- فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)- هئي (هُيَي).

٣- فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) – هيا (هئا).

٤- فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) – هيون.

ان ڪري، زمان ماضيءَ ۾ ”هئڻ“ جي فعل جي ڦيرو هن طرح هئڻ گهرجي:

ڏ

مان هيو (مان سچار هيو)                مان هئي (مان سچار هئي)

تون هيو (تون سچار هيو)                تون هئي (تون سچار هئي)

هي هيو(هي سچار هيو)         هيءَ هئي (هيءَ سچار هئي)

اسان هيا(اسان سچار هيا)               اسان هيون (اسان سچار هيون)

توهان هيا (توهان سچار هيا)            توهان هيون (توهان سچار هيون)

هي هيا (هي سچار هيا)         هي هيون (هي سچار هيون)

ضميري پڇاڙيءَ جي هجڻ ڪري،       اهو ڦيرو هينئن ٿيندو:

ڊ

١- ضمير متڪلم، هيڪل، نر جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اُم“ ملائجي ٿي:

---- سچار هُيم (مان سچار هيو).

فعلي صيغي (هيو) جو آخري آواز ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ”-اُم“ آڻجي ٿي. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول /هيڪل نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ---- لکيم، پڙهيم، ڏٺم، بِيٺم.

٢- ضمير متڪلم، هيڪل نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَم“ ملائجي ٿي:

---- سچار هُيَم (مان سچار هئي).

فعلي صيغي (هُئي) جو آخري آواز ”-اي“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ”-اَم“ آڻجي ٿي. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول هيڪل نار آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ---- لکيي (لکي)، پڙهيي (پڙهي، ڏٺيي(ڏٺي) جي بدران لکيم، پڙهيم،ڏٺم.

٣- ضمير متڪلم، گهڻ، نر، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَسي“ (۽ ان جو مٽ آواز ”-اسون“، ”-اسين“) ملائجي ٿي:

-سچار هياسي/هياسون/هياسين(اسين سچار هئا.)

فعلي صيغي (هُيا) جي آخري آواز سان ”-اسي“ (يا ان جو مٽ آواز ”-اسون“ يا ”-اسين“) ملائجي ٿو. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول گهڻ نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو- لکيوسي/لکيوسون/لکيوسين: پڙهيوسي/ پڙهيوسون/پڙهيوسين: ڏٺوسي/ڏٺوسون/ڏٺوسين.

٤- ضمير متڪلم، گهڻ، نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اسي“ (۽ ان جو مٽ آواز ”-اسون“ يا ”-اسين“) ملائجي ٿي:

سچار هيونسي/هيونسين(اسين سچار آهيون)

فعلي صيغي (هيون) جي پٺيان ”-اسي“ (يا ان جو مٽ آواز ”-اسين“ يا ”-اسون“) ملائجي ٿو. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول گهڻ، نار آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو---- لکيونسي/لکيونسين، پڙهيونسي/ ڏٺوسي/ڏٺيونسين.

٥- ضمير حاضر، هيڪل، نر، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اِين“ ملائجي ٿي:

-سچار هئين (تون سچار هيو.)

فعلي صيغي (هيو) جو آخري آواز ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اينءَ“ ملائجي ٿو.

٦- ضمير حاضر، هيڪل، نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اين“ ملائجي ٿي:

----- سچار هئيئن (تون سچار هئي.)

فعلي صيغي (هئي) جو آخري آواز ”-اِي“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اينءَ“ ملائجي ٿو.

٧- ضمير حاضر، گهڻ، نر، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَو“ ملائجي ٿي:

- سچار هُيَئو (توهين سچار هيا)

فعلي صيغي (هيا) جو آخري آواز ”-آ“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-او“ ڳنڍجي ٿو.

٨- ضمير حاضر گهڻ، نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَيون“ ملائجي ٿي:

---- سچار هيون (توهين سچار هيون).

فعلي صيغي (هيون) جو آخري آواز ”-ايون“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اِيون“ آڻڻ جي ڪري، فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي رهي ٿي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته ضميري پڇاڙي ”-ايون“ فعلي صيغي جي آخري آواز ”-ايون“ ۾ جذب ٿيل آهي.

٩- ضمير غائب، هيڪل، نر، جي حالت ۾ فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون:

---- سچار هيو (هو سچار هيو.)

١. زمان ماضيءَ ۾ هن صورت لاءِ ڪابه ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي گڻن کان پري آهي.

٢. ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم ايندڙ آواز اهڙو ڪو آهي جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو جو فعلي صيغي جي صورت ۾ ساڳي ئي بيهي ٿي(جيئن  ضمير حاضر، گهڻ نار جي سلسلي ۾ ٿيو هو.) مون کي اها ئي ڳالهه درست ڀاسي ٿي پر هن کي ڪو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان حال  ۾ ”ڪَرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان جاچي ورتو آهي ته ”هي/هو/هيءَ/هوءَ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙي ”-اي“ آهي. ڀاسي ائين ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي ڪم آئي آهي ۽ جزب ٿي، گم ٿي ويئي آهي.

٣. ضميري پڇاڙي ”-اُس“ آهي پر اها ضميري پڇاڙي اچڻ کانپوءِ فعل جي صورت حقيقت ۾ ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي- ”آيس“ معنيٰ ”هو هُن وٽ آيو“. ”ويٺس“ معنيٰ ”هو هن وٽ ويٺو“ .البت، ”هَيس“ ٻه معنائون ظاهر ڪري ٿو: پهرين ”هن وٽ هو“، ۽ ٻي ”هو هن وٽ هيو“. (پهرينءَ معنيٰ لاءِ چئبو ته ”هوس“ بگڙجي ”هيس“ ٿيو آهي، ۽ ٻيءَ معنيٰ لاءِ چئبو ته ”هيوس“ بدلجي ”هيسُ“ ٿيو آهي) تنهن ڪري، ضمير غائب هيڪل نر لاءِ درست ڳالهه اها ئي بيهي ٿي، جيڪا ”٢“ هيٺ ڪيل آهي، ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ”-اُس“ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته اها ”هن“ ۽ ”هن وٽ“، ”هن کي“، ”هن جو“، ”هن تي “ وغيره مطلب ظاهر ڪري ٿي.

١٠- ضمير غائب،هيڪل، نار جي حالت ۾-سچار هئي (هيءَ سچار هئي)-فاعل هيءَ/هوءَ/ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ”٩-“ هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ”-اُس“ بدران ”-اَس“ هوندي.

١١- ضمير غائب، گهڻ، نر، جي حالت ۾، فاعل هي/هو/اهي/اُهي جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ”٩-“ هيٺ ڪيل آهن.

*سچار هيا (هي/اهي سچار هيا). فعل جو صيغو اهو  آهي، جيڪو گهڻ، نر لاءِ ڪم اچي ٿو ۽ ٻيو فرق اهو هوندو ته هيڪل، نر جي سلسلي ۾ ڄاڻايل ضميري پڇاڙي ”-ُاس“ بدران هتي ضميري پڇاڙي ”-اَن“ ڪم ايندي.

١٢- ضمير غائب، گهڻ،نار جي حالت ۾. فاعل هي/هو/اِهي/اُهي جي بدران هتي ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ”١١-“ هيٺ ڪيل آهن. *سچار هيون(اهي سچار هيون)

هن ضميري پڇاڙيون رکندڙ ڦيري مان ملندڙ سبقن کي واضح ڪرڻ کان اڳ، سٺو لکي ٿو ته ”ڪرڻ“ واري فعل جي حوالي سان به ضميري پڇاڙين جو ذڪر ڪري وٺجي.

ڍ                  

ضميري پڇاڙي-١: متڪلم هيڪل نر يا نار، فاعل ”مون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اُم“ ۽ ”-اَم“ ڪم اچي ٿي.

١- مفعل هيڪل، نر آهي ته             *چٺو لکيُم (مون چٺو لکيو).

                                * ڇوڪرو ڏٺم (مون ڇوڪرو ڏٺو).

-هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُم“ ملائجي ٿو---- لکيُم، پڙهيُم، ڏٺُم.

٢- مفعول گهڻ، نر، آهي ته              * چٺا لکيَم، (مون چٺا لکيا).

                                * ڇوڪرا ڏٺم. (مون ڇوڪرا ڏٺا).

-هيڪل نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَم“ ملائجي ٿو ---  لکيَم، پڙهيم، ڏٺَم. ائين به چئي سگهجي ٿو ته جمع جي صيغي (لکيا، ڏٺا) جو آخري ”-آ“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَم“ ملائجي ٿو.

٣- مفعول هيڪل يا گهڻ نار آهي ته    * چٺي لکيَم، (مون چٺي لکي).

                                * چٺيون لکيم(مون چٺيون لکيون).

                                * ڇوڪري ڏٺم (مون ڇوڪري ڏٺي).

                                * ڇوڪريون ڏٺم (مون ڇوڪريون ڏٺيون).

(ڏسو ضمري پڇاڙي ١-”٢“)

ضميري پڇاڙي- ٢: ضمير حاضر هيڪل، نر يا نار، ---- فاعل ”تون/تون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اَءِ“ ۽ ”اَءِ“ ڪم اچي ٿي:

١- مفعل هيڪل نر آهي ته              * چٺو لکيَئه (تو چٺو لکيو)

                                * ڇوڪرو ڏٺئه (تو ڇوڪرو ڏٺو).

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُءِ“ ملائجي ٿو- لکيئه، پڙهيُئه، ڏٺُئهِ.

٢- مفعول گهڻ، نر، آهي ته              *چٺا لکيئه (تو چٺا لکيا).

                                * ڇوڪرا ڏٺَئهِ (تو ڇوڪرا ڏٺا).

-هيڪل، نر،  لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري – ”او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَءِ“ ملائجي ٿو- لکيئه، پڙهيَئه، ڏٺئهِ. ائين به چئي سگهجي ٿو ته جمع صيغي (لکيا،ڏٺا) جو آخري ”-آ“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”اَءِ“ ملائجي ٿو.

٣-مفعل هيڪل يا گهڻ، نار، آهي ته    * چٺي لکيَئه (تو چٺي لکي).

                                * ڇوڪريون ڏٺئهِ (تو ڇوڪريون ڏٺيون).

(ڏسو ضميري پڇاڙي ٢- ”٢-“)

ضميري پڇاڙي -٣: ضمير غائب، هيڪل، نر يا نار-فاعل ”هِن/هُن“ جي بدران (ڪا اهڙي ضميري پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جنهنکي کوجي نه سگهيو آهيان يا وري) ”-اُس“ ۽ ”-اَس“ ڪم اچي ٿي (هي نُڪتو ٻولڄاڻڪ ۽ ٻوليڄاڻڪ طئه ڪندا).

ضميري پڇاڙي -٤: ضمير متڪلم، گهڻ، نر يا نار --- فاعل ”اسان/ اسين“ جي بدران ”-اَسي“ (يا ان جو مَٽ ”-اَسو“ يا پاڻ ”-اسين“) ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم اچي ٿي:

١- مفعول هيڪل، نار، آهي ته           *چٺو لکيوسي (اسان خط لکيو)

                        *ڇوڪرو ڏٺوسي(اسان ڇوڪرو ڏٺو).

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جي پٺيان ”-اسي“ يا اَسون“ يا ”-اسين“ ملائجي ٿي- لکيوسي /لکيوسون/ لکيوسين.

٢- مفعول هيڪل، نار، آهي ته           * چٺي لکيسي (اسان چٺي لکي).

                        * ڇوڪري ڏٺيسي (اسان ڇوڪري ڏٺي).

-هيڪل، نار، لاءِ فعلي صيغي (لکي، ڏٺي) جي پٺيان ”-اسي“ يا ”-اَسون“ يا ”-اسِين“ ملائجي ٿي- لکيسي/لکيسون/لکيسين.

٣- مفعول گهڻ، نر، آهي ته              * چٺا لکياسي (اسان چٺا لکيا).

                                ڇوڪرا ڏٺاسي (اسان ڇوڪرا ڏٺا).

- گهڻ، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيا، ڏٺا) جي پٺيان ”-اسي“ يا ”-اَسون“ يا ”-اسين“ ملائجي ٿي-لکياسي/لکياسون/لکياسين.

٤- مفعول گهڻ، نار، آهي ته             * چٺيون لکيونسي (اسان چٺيون لکيون).

                        *ڇوڪريون ڏٺيونسي (اسان ڇوڪريون ڏٺيون).

- گهڻ، نار، لاءِ فعلي صيغي (لکيون، ڏٺيون) جي پٺيان ”-اسي“ يا ”-اَسون“ يا ”-اسين“ ملائجي ٿي—لکيونسي/لکيونسين.

ضميري پڇاڙي -٥: ضمير حاضر، گهڻ، نر يا نار--- فاعل ”توهان/ توهين“ جي بدران ضميري پڇاڙي –”اُو“ ۽ - ”اَوَ“ ڪم اچي ٿي:

١- مفعل هيڪل، نر، آهي ته             * چٺو لکيُوَ (توهان چٺو لکيو)

                                * ڇوڪرو ڏٺوَ (توهان ڇوڪرو ڏٺو)

- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُو“ ڳنڍجي ٿو—لکيوَ، پڙهيُوَ، ڏٺُوَ.

٢- مفعول هيڪل، نار، آهي ته           * چٺي لکيَوَ (توهان چٺي لکي)

                        * ڇوڪري ڏٺُوَ (توهان ڇوڪري ڏٺي)

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُو“ ڳنڍجي ٿو- لکيَوَ، پڙهيَوَ، ڏٺَوَ.

٣- مفعول گهڻ، نر، يا نار آهي ته       * چٺا لکيَوَ (توهان چٺا لکيا)

                        * ڇوڪريون ڏٺوَ (توهان ڇوڪريون ڏٺيون)

(ڏسو ضميري پڇاڙي -٥”٢“)-

ضميري پڇاڙي- ٦: ضمير غائب، گهڻ، نر يا نار-فاعل ”هِنن/هُنن“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اُن“ ۽ ”-اَن“ اچي ٿي:

١- مفعول هيڪل، نر، آهي ته            * چٺو لکينِ (هنن چٺو لکيو).

                        *ڇوڪرو ڏٺُنِ (هنن ڇوڪرو ڏٺو).

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُن“ ڳنڍجي ٿو--- لکينُ، پڙهيُنِ، ڏٺُنِ.

٢- مفعول هيڪل، نار، آهي ته           * چٺي لکيَنِ (هنن چٺي لکي).

                        *ڇوڪري ڏٺن (هنن ڇوڪري ڏٺي).

- هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَن“ ڳنڍجي ٿو--- لکيَنِ، پڙهيَنِ.

٣- مفعول گهڻ، نر، آهي يا نار ته               *چٺيون لکين (هنن چٺيون لکيون).

                                *ڇوڪرا ڏَٺنِ (هنن ڇوڪرا ڏٺا).

(ڏسو ضميري پڇاڙي -٦”٢“)-

زمان ماضيءَ جو ذڪر ڪندي لڳ ڀڳ ابتدا ۾ ئي بيان ڪيو هوم ته هي زمان، فعلي ڦيري ۽ ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان، هڪ ڊگهو بحث گهري ٿو. اها ڳالهه ورجائڻ جي گهرج ان ڪري پيئي جو هيٺ ٻه-چار اهڙا مثال ڏجن ٿا، جيئن ان ڳالهه کي ڪجهه بهتر نموني ذهن ۾ آڻي سگهجي. اسان –ڏٺو ته

١- لکيُئهِ، ڏٺئهِ ۽ پڙهيُئهِ معنيٰ واريسر، ”تو لکيو“،”تو ڏٺو“، ”تو پڙهيو“. پر :

*چِڙيئهِ (هو) ”تو تي چڙيو“،

* کِليئه (هو)”تو تي کِليو“،

*ڀُليئه(هو) ”تو تي ڀُليو“، وغيره، معنيٰ بدلائي ڇڏين ٿا.

-اها ساڳي صورتحال چِڙيئه، کِليئه، ڀُليَئهِ، وغيره، ۽ فاعل جي گهڻ، صورتن، چڙيُو، کِليو، ڀُليو وغيره ۽ چڙيوَ، کليَوَ، ڀُليَوَ وغيره سان به آهي.

٢- ساڳيءَ طرح         * هيُن (هنن وٽ هو ) ۽ هيُن (هنن وٽ هئي)،

                * ٿين (هنن کي ٿيو)  ٿيَن (هنن کي/سان ٿي)،

                * لٿُن (هنن تان لٿو) ۽ لٿن (هنن تان لٿي) جي سلسلي ۾ به ڪجهه نيون ڳالهيون سامُهِن اچن ٿيون.

زمان ماضي  جي سلسلي ۾ ٻي ڳالهه به ڌيان لهڻي ٿي ته فعل جو سڌو واسطو مفعول سان آهي. پر ڪجهه ضميري پڇاڙيون اهڙيون آهن، جيڪي جڏهن فعلي صيغي سان ڳنڍجن ٿيون، تڏهن فعل جو سڌو واسطو مفعول کان ٽٽي فاعل سان ٿيو وڃي - ۽ اها حالت رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ملي ٿي، ضمير متڪلم ۽ ضمير حاضر جي سلسلي ۾ نه. جڏهن ته زمان حال ۽ زمان ماضيءَ ۾، رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ئي سهي، فعل جي اهڙي ڪابه صورت نٿي ملي، جنهن جو سڌو واسطو فاعل بدران مفعول سان هجي. (الائجي ڇو؟)

ذ

١- ضمير غائب، هيڪل (نر يا نار) آهي ته

(١- مفعول هيڪل، نر)           * چٺو لکيائين(هن چٺو لکيو)

(٢- مفعول گهڻ، نر)            * چٺا لکيائين (هن چٺا لکيا)

(٣- مفعول هيڪل، نار)         * چٺي لکيائين) هن چٺي لکي)

(٤-مفعول گهڻ، نار)            *چٺيون لکيائين (هن چٺيون لکيون)

-هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ”آئين“ آهي، جيڪا مٿي ڏنل

–پهرئين جملي ۾ فعل ”لکيو“ جو آخري –”او“ ڪيرائي، ڳنڍي وئي آهي،

- ٻئي جملي ۾ فعل ”لکيا“ جو آخري ”-آ“ ڪيرائي، ڳنڍي وئي آهي،

- ٽئين جملي ۾ فعل ”لکي“ سان ڳنڍي وئي آهي، ۽

-چوٿين جملي ۾ فعل ”لکيون“ جو آخري ”-اُون“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

٢- ضمير غائب، گهڻ (نر يا نار) آهي ته

(١- مفعول هيڪل، نر)           *چٺو لکيائون (هنن چٺو لکيو)

(٢-مفعول گهڻ، نر)                     * چٺا لکيائون (هنن چٺا لکيا)

(٣-مفعول هيڪل، نار)          * چٺي لکيائون (هنن چٺي لکي)

(٤-مفعول گهڻ، نار)                    *چٺيون لکيائون (هنن چٺيون لکيون).

-هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ”-اَئون“ آهي، جيڪا مٿي ڏنل

-پهرين جملي ۾ فعل ”لکيو“ جو آخر ”-او“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

- ٻئي جملي ۾ فعل ”لکيا“ جو آخري ”-آ“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

- ٽئين جملي ۾ فعل ”لکي“ سان ڳنڍي وئي آهي، ۽

- چوٿين جملي ۾ فعل ”لکيون“ جو آخري ”-اُون“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٺا سبق ڏئي ٿي ته:

١- زمان ماضيءَ ۾ فعلن جا صيغا هڪجهڙا هجڻ جي باوجود مختلف معنيٰ، مفهوم ۽ وياڪرڻي بيهڪ رکن ٿا.

٢- زمان ماضيءَ ۾ فعل جو سڌو واسطو مفعول سان ڳنڍيل رهي ٿو.

٣- ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، زمان ماضيءَ ۾ هڪ اهڙي فعلي بناوت ملي ٿي، جيڪا رڳو ضمير غائب جي نشاندهي ڪندي فاعل سان لاڳاپيل آهي، مفعول سان نه.

٤-هي جو اسان ڏهاڙي ڳالهه ٻول ۾ ”مان لکيس“-، ”مان پڙهيس“، ”مان آيس“، ”مان ويس“، ”مان ويٺس“، مان بيٺس“ جهيڙا جملا ڳالهائيندا رهون ٿا، اهي سراسر غلط آهي. بالفرض، جي مٿي ڏنل فعلن پٺيان ضميري پڇاڙي – ”اس“ جو مطلب ۽ مفهوم ”مان/آءٌ“ هجي به، ته به ”مان آيُس“ جي معنيٰ ٿيندي ”مان مان آيو“ جنهن کي ڪنهن به طرح صحيح جملو سڏي نٿو سگهجي، جڏهن ته، حقيقت ۾، ”مان آيس“ جو صحيح مفهوم ”مان هو هن وٽ آيو“ آهي، ۽ اهو ڪو جملو ئي ناهي. ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ وارا فعل اسان جي هن ڳالهه جي تصديق ڪندا.

٥- ”اسين آياسي“ جي حقيقي معنيٰ ”اسين اسين آيا“ آهي. صحيح جملو ”آياسي“ يا ”اسين آيا“ آهي.

٦- ”تون آئين“ جي حقيقي معنيٰ ”تون تون آيو“ آهي. صحيح جملو ”آئين“ يا ”تون آيو“ آهي.

٧- تون آئيئن (هي جملو لکڻ ۾ گهٽ ۽ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ اچي ٿو) جي حقيقي معنيٰ ”تون تون آئي“ آهي. صحيح جملو ”آئيئن“ يا ”تون آئي“ آهي.

٨- ”توهان آيوَ“ جي حقيقي معنيٰ ”توهان توهان آيا“ آهي. صحيح جملو ”آيوَ“ يا ”توهان آيا“ آهي.

٩- هن لکيو ۽ اهڙن ٻين ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين بابت اميد ته ڪونه ڪو، خاص طرح سنڌيءَجو ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسندو ڪندو.

هيٺ ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا وڌيڪ پختگيءَ سان ظاهر ڪن ٿا:

ر

هيڪل/نر                               هيڪل/نار

*لکيو مانءِ=لک+ يو+مان+ءِ   =       مون تو ڏانهن لکيو= لکيو مانءِ

* لکيومانوَ= لک+يو+مان+و   =       مون توهان ڏانهن لکيو=لکيومانوَ

* لکيومانسِ= لک+يو+مان+اس       =مون هن ڏانهن لکيو=لکيومانس

* لکيومانِ= لک+يو+مان+ ان(لکيوماننِ)= مون هنن ڏانهن لکيو=لکيومانِ

* لکيُئه= لک+يو+اُ+ءِ (لک + يو + او +اُءِ+)= تو مون ڏانهن لکيو= لکيُئه

* ؟                            = (تو اسان ڏانهن لکيو)= ؟

* لکيُس= لک+يو+اُ+اس(لک +يو+او+اُءِ+ اس)= تو هن ڏانهن لکيو= لکيُس

* لکينِ= لک+يو+اُ+ان(لک+يو+او+ اُء+ ان) = هن هنن ڏانهن لکيو لکيُن

* لکيوم= لک+يو+ او+ام            = هن مون ڏانهن لکيو=لکيوم

* ؟                            = هن اسان ڏانهن لکيو= ؟

* لکيوس= لک+ يو+ او+  اس        = هن هن ڏانهن لکيو= لکيوس

*لکيونِ=+لک+ يو+ او+ ان    = هن هنن ڏانهن لکيو  = لکيونِ

        گهڻ/نر                 گهڻ/نار

* لکيوسونئه=لک+يو+اسون+اءِ = اسان تو ڏانهن لکيو= لکيوسونئهِ

* لکيوسيوَ= لک+ يو+ اسي+ او   =اسان توهان ڏانهن لکيو=لکيوسيوَ

* لکيوسونس= لک+ يو+ اسون+ اس  = اسان هن ڏانهن لکيو= لکيو سونس

* لکيوسُونِ= لک+ يو+ اسون+ اس (لکيوسوننِ= اسان هنن ڏانهن لکيو=             لکيوسونِ

* لکيَومِ= لک+ يو+ اوَ+ ام          =توهان مون ڏانهن لکيو= لکيوم

* ؟ =                          = توهان اسان ڏانهن لکيو= ؟

* لکيُوَس= لک+ يو+ اوَ+ اس =       توهان هن ڏانهن لکيو      =لکيُوَس

* لکيُوَنَ= لک+ يو+ اوَ+ ان           = توهان هنن ڏانهن لکيو   = لکيُوَنِ

*لکيوم(؟)=                   = هنن مون ڏانهن لکيو      = لکيوم

* ؟ =                          = هنن اسان ڏانهن لکيو     = ؟

* لکيوسِ =                   = هنن هن ڏانهن لکيو        = لکيوس

* لکيونِ =                     = هنن هنن ڏانهن لکيو      = لکيونِ

مٿي ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙين واري ڦيري ۾ ضمير غائب (هيڪل توڙي گهڻ ۽ نر توڙي نار) جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏکيائون اڏو اچن ٿيون. شايد اهو ئي سبب آهي جو زمان ماضيءَ ۾ ۽ ضمير غائب جي حوالي سان اسان کي اهو ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي ڦيرو ملي ٿو، جنهن جو ذڪر (ذ) سري هيٺ ڪيو ويو هو. اهو ڦيرو، ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جي صورت رکندي، هن طرح ملي ٿو؛

ڙ

* لکيائينمِ= لک+ يو ائين+ ام       = هن مون ڏانهن لکيو.= لکيائينم

* ؟                            = (هن اسان ڏانهن لکيو)        = ؟

*  ؟ لکيائينءِ)                 = هن تو ڏانهن لکيو = ؟ (لکيائينءِ)

* لکيائينوَ (؟ )                = هن توهان ڏانهن لکيو= لکيائينوَ

* لکيائينسِ                   = هن هن ڏانهن لکيو= لکيائينسِ

* لکيائينِ (لکيائيننِ)          = هن هنن ڏانهن لکيو= لکيائينِ

* لکيائونمِ=                   = هنن مون ڏانهن لکيو= لکيائونم

* ؟                            = (هنن اسان ڏانهن لکيو)       = ؟

* لکيائونئه =                  = هنن تو ڏانهن لکيو= لکيائونئه

* لکيائونوَ=                   = هنن توهان ڏانهن لکيو= لکيائونوَ

* لکيائونسِ =                 = هنن هن ڏانهن لکيو= لکيائونس

* لکيائونِ (لکيائوننِ) =                = هنن هنن ڏانهن لکيو= کيائونِ

ٻٽي ضميري پڇاڙي مٿي ڏنل (ڏسو ر ۽ ز) لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:

١-  لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سنڌيءَ جي اصولن موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي.

٢- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ  ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن.

٣- چٽو ٿي اچي ٿو ته ”-ام“ ضميري پڇاڙي ”مان/ آءُ“ جي بدران، ”سي-اسي/اسين/-اسون“ ضميري پڇاڙي ”اسين/اسان“جي بدران، ”-اس“ ضميري پڇاڙي ”هِن/هُن“ جي بدران ۽ ”-ان“ ضميري پڇاڙي ”اِنهن/اُنهن/ هِنن/هُنن“ جي بدران ڪم اچي ٿي.

هن مهل تائين اسان ٻن زمانن جي هڪ هڪ روپ ۾ ”ڪرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعل جي حوالي سان مختصر جائزو ورتو آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون بحث طلب آهن، پر هتي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان ئي ڳالهه ٻول جاري رکبي.

زمان مستقبل

١. فعل لازميءَ جو ڦيرو اسان کي هن طرح پڙهيو وڃي ٿو:

ز            

هيڪل/نر                       هيڪل/نار

١- ضمير متڪلم               * مان/آءٌ لکندس              *مان/آءٌ لکنديس

٢- ضمير حاضر         * تون لکندين          * تون لکندينءَ

٣- ضمير غائب         *هي/هو/اِهو/اُهو/لکندو *هيءَ/هوءَ/اِها/اُها لکندي.

گهڻ/نر                                 گهڻ/نار

٤-ضمير متڪلم        *اسان/اسين/لکنداسي/لکنداسون/لکنداسين*اسان/اسين/لکنديوسين/......

٥- ضمير حاضر *توهان/توهين لکندوءُ  * توهان/توهين لکنديونُ.

٦- ضمير غائب *هي/هو/اهي/اُهي لکندا       *هي/هو/اهي/اُهي لکنديون.

٢. مٿي ڏنل فعلي ڦيري ۾ ”لکندس“، ”لکنديس“ ”لکندين“، لکندينءَ“، ”لکنداسي“، ”لکنديونسي“ ۽ ”لکندوء“ فعلي صورتون پاڻ سان ضميري پڇاڙي ڳنڍيل رکن ٿيون. انهن ضميري پڇاڙين موجب، سندن بيهڪ ڏاڍي گهٽ- وڌ ٿي پئي آهي ۽ اسان کي انتهائي غلط مفهوم دماغ ۾ ويهاريو پيو وڃي. ان جي ڇنڊڇاڻ اسين ڪجهه دير پوءِ ڪنداسين. پر ڀاڳ ڀلا آهن ”هي لکندو“، ”هيءَ لکندي“، ”هي لکندا“ ۽ ”هي لکنديون“ جا، جو اهي باقاعدي اصولي شڪل وارو فعل رکن ٿا.حقيقت اها آهي ته ضمير غائب جي هر صورت سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو. جيستائين تعلق آهي ”توهين لکنديون“ جو ، اها ڀل چڪ ۾ به ان ئي شڪل ۾ رهڻي آهي ڇو ته اها ئي ان جي فعلي صورت آهي ۽ اها ئي ضميري پڇاڙيءَ واري صورت.

٣. قاعدي موجب زمان مستقبل ۾ فعل جي صورت هن طرح آهي/هئڻ گهرجي:

س

*حقيقت اها آهي ته ضميرغائب جي هر صورت سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو.

١- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب       لکندو، پڙهندو، گهمندو، سمهندو.......

هيڪل/نر                               ڏسندو، ويهندو، بيهندو.......

٢- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب   لکندي، پڙهندي، گهمندي، سمهندي.......

هيڪل/نار                      ڏسندي، ويهندي، بيهندي.......

٣- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب      لکندا، پڙهندا، گهمندا، سمهندا.....

گهڻ/نر                         ڏسندا، ويهندا، بيهندا............

٤- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب لکنديون،   پڙهنديون، گهمنديون، سمهنديون............

گهڻ/نار                                ڏسنديون،ويهنديون، بيهنديون...........

٤. ”مستقبل“ لاءِ سنڌيءَ ۾ لفظ ”آئندو“ آهي، جنهن کي ”آئيندو“ به چوندا ۽ لکندا آهيون. آئندو/آئيندو شايد ”آءِ (آهه) +اِند/اِندو/ايندو“ جو  ميلاپ آهي. ”آهه“ ”هجڻ“ موجود هجڻ ۽ (زمان) حال جي نشاندهي ڪري ٿي، ۽ ”-اِند“ يا ”اِندو“ ”ايندڙ“ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت جو اکري نشان ”-اِند“ يا ”-اِندو“ آهي، جيڪو فعل جي امر سان ملي، فعل جي آئندي (مستقبل) واري شڪل ٺاهي ٿو: ان جي پرک هيٺينءَ طرح ڪري سگهجي ٿي:

(ڏسو ٥)

٥. فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول سان نه ۽ فعل هڪ مقرر صورت ۾ تبديل ٿئي (ڦيرو کائي) ٿو: (مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو وجهي)

١- فاعل  هيڪل ۽ نر آهي ته

ضمير متڪلم  * مان خطُ/چٺي لکندو *مان خطَ / چٺيون لکندو.

ضمير حاضر    * تون خطُ / چٺي لکندو       * تون خطَ / چٺيون لکندو.

ضمير غائب    * هي/هو خطُ / چٺي لکندو   * هي/ هو خطَ / چٺيون لکندو.

+ فاعل هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اندو“ ڳنڍجي ٿو- لکندو، پڙهندو، ڏسندو.

٢- فاعل گهڻ ۽ نر آهي ته

ضمير متڪلم  * اسان خطُ / چٺي لکندا      * اسان خطَ / چٺيون لکندا.

ضمير حاضر    * توهان خطُ / چٺي لکندا     *توهان خطَ / چٺيون لکندا.

ضمير غائب    * هي/ هو خطُ / چٺي لکندا   *هي/ هو خطَ / چٺيون لکندا.

+ فاعل گهڻ، نر، آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اندا“ ڳنڍجي ٿو- لکندا، پڙهندا، ڏسندا.

٣- فاعل هيڪل ۽ نار آهي ته

ضمير متڪلم  * مان خطُ / چٺي لکندي      * مان خطَ /  چٺيون لکندي.

ضمير حاضر    * تون خطُ / چٺي لکندي      *تون خطَ / چٺيون لکندي.

ضمير غائب    * هيءَ/هوءَ خطُ / چٺي لکندي* هيءَ/ هوءَ خط / چٺيون لکندي.

+ فاعل هيڪل، نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اندي“ ڳنڍجي ٿو- لکندي، پڙهندي، ڏسندي.

٤- فاعل گهڻ ۽ نار آهي ته

ضمير متڪلم  *اسان خطُ / چٺي لکنديون    *اسان خطَ / چٺيون لکنديون.

ضمير حاضر    * توهان خطُ / چٺي لکنديون* توهان خطَ / چٺيون لکنديون

ضمير غائب    * هي/ هو خطُ / چٺيون لکنديون* هي/ هو خطَ / چٺيون لکنديون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com