سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :27

ڪاميٽيءَ ۾ بحث جا مکيه نقطا:

ڪاميٽيءَ ۾ عربي-سنڌي ورڻمالا کي مقرر ڪرڻ وقت مکيه طور ان ڳالهه تي بحث ٿيو ته عربي ۽ فارسي آئيويٽا جا اهڙا حرف، جن جو اُچار سنڌي ٻوليءَ ۾ نه آهي، انهن کي آئيويٽا ۾ شامل ڪجي يا نه؟ جيئن ته سنڌي ۾”ع“ جو اُچار ”اَ“ وانگر ڪندا آهن، اُتي الف-ب ۾ فقط ”اَ“ حرف رکڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح ”ت“ ۽ ”ط“ منجهان فقط ”ت“ حرف، ”س“، ”ص“ ۽  ”ث“ منجهان فقط ”س“ حرف، ”هه“ ۽ ”ح“ منجهان فقط ”هه“، ”ز“، ”ذ“، ”ض“، ۽ ”ظ“ منجهان فقط ”ز“، ”ڪ“ ۽ ”ق“ منجهان ”ڪ“ حرف رکڻ گهرجي. اها ڳالهه ڀاشا وگيان جي اصولن مطابق صحيح هوندي به انهيءَ رٿ کي ان ڪري رد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ  ته جيڪڏهن اهي حرف ڪڍي ڇڏبا ته پوءِ مسلمان ٻار پنهنجا ڪيترائي عربي فارسي نالا درست نموني لکي نه سگهندا. مائٽ ڪڏهن به قبول نه ڪندا ته سندن ٻار با مطلب لفظ ۽ نالا، غلط هِجيئُن ۾ لکن، مثال طور، ”محفوظ علي“ يا ”صادق علي“ نالن کي ڪير به ”مهفوز الي“ ۽ ”سادڪ الي“ لکڻ قبول نه ڪندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻيئي عربي ۽ فارسي لفظ جذب ٿي ويا آهن. اُهي جيڪڏهن اصلوڪي صورت ۾ نه لکبا، ته انهن جي اصليت جو پتو به نه پوندو. عيسوي سترهين صديءَ جي وچ واري عرصي کان وٺي اسان کي گهڻيئي سنڌي قلمي نسخا عربي-فارسي لپيءَ ۾ لکيل مليا آهن، انهن ۾ ڪاتبن عربي ۽ فارسي حرف قائم رکيا آهن. جيڪڏهن اهي سڀ حرف ڪڍي ڇڏبا، ته پوءِ اهو سمورو ادبي ذخيرو ايندڙ نسل لاءِ بيڪار ٿي پوندو. انهيءَ ڪري اسان کي فقط نج سنڌي آوازن کي عربي-فارسي لکاوٽ ۾ لکڻ لا ڪو هڪ سرشتو مقرر ڪرڻ گهرجي. ان طرح اهو عام اصول طئه ڪري پوءِ عربي-سنڌي الف-ب ۾ سڌارا آڻي لکاوٽ جو هڪ جهڙو سرشتو مقرر ڪيو ويو.

ايلس جي صدارت هيٺ مقرر ٿيل عالمن جي ڪاميٽي ءَ ڪا نئين عربي-سنڌي الف- ب ايجاد ڪانه ڪئي، جيئن اڪثر ڪن عالمن پئي ڄاڻايو آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته انهيءَ ڪاميٽيءَ ابوالحسن جي تيار ڪيل عربي-سنڌي الف-ب کي مکيه آڌار بڻايو. انهيءَ کان پوءِ جدا جدا ڪاتبن جي لکيل سنڌي قلمي نسخن جو جائزو وٺي، هر هڪ سنڌي آواز لاءِ استعمال ٿيندڙ جدا جدا حرفن جي نمونن جون لسٽون تيار ڪيون. انهن جو اڀياس ڪندي هنن ڏٺو ته گهڻن ڪاتبن اڪثر عربي فارسي حرفن تي ٽٻڪا وڌائي ۽ انهن جي جدا جدا بيهڪ مقرر ڪري سنڌي آوازن لاءِ حرف ٺاهيا هئا.  سنڌيءَ جي وسرگي آوازن لاءِ، ڪن حالتن ۾ ڪاتبن اردو لکاوٽ جي طرز تي حرف ۾ ”ـهه“ نشاني گڏي، وسرگي آواز ظاهر ڪيو هو. جيئن ته: جهه (ج+هه)؛ گهه (گ+هه). اهي اصول  ڌيان ۾ رکي، اڳين ڪاتبن جي لکڻين مان سنڌي آوازن لاءِ استعمال ڪيل حرفن جي چونڊ ڪئي ويئي. ڪن ٿورين حالتن ۾ ٽٻڪن جي ڦيرڦار ڪري ڪي نوان حرف به ٺاهيا ويا. ان طرح عربي-سنڌي آئيويٽا جي تختي مقرر ڪئي ويئي.

الف-ب جي مقرر ڪيل تختي:

انهيءَ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ جي سموري ڪاروائي ۽ تيار ڪيل تختي اڃان تائين مون کي هٿ اچي نه سگهي آهي، پر انهيءَ مطابق سنڌي ٻاراڻو ڪتاب ننديرام ميراڻي سيوهاڻيءَ لکي تيار ڪيو هو. اهو پهريون ڪتاب آهي جيڪو تعليم کاتي سن 1853ع ۾ عربي –سنڌي الف-ب سيکارڻ لاءِ لِٿو تي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. انهيءَ جو 1857ع وارو ڇاپو مون وٽ موجود آهي. انهيءَ ۾ مقرر ڪيل عربي-سنڌي الف-ب جي تختي هن ريت  ڏنل آهي.

ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ  ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق  ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي

ڊاڪٽر ارنيسٽ  ٽرمپ، جيڪو ان زماني ۾ سنڌ ۾ هو، ۽ سنڌيءَ توڙي ٻين ٻولين جو ماهر هو، تنهن ايلس جي تيار ڪيل انهيءَ الف-ب واري تختيءَ تي سخت لفظن ۾ جُلهه ڪئي. هُن پنهنجي تنقيد جو سارُ پنهنجي لکيل سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۾ به ڏنو آهي. اهو ڪتاب ٽرمپ سن 1872ع ۾ جرمنيءَ جي لپسيا شهر مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. تنهن کان اڳ سن 1866ع ۾ شاهه جي رسالي جو ڪجهه حصو به ايڊٽ ڪري جرمنيءَ مان شايع ڪيو هئائين. ٽرمپ پنهنجن انهن ٻنهي ڪتابن ۾ جيڪا عربي-سنڌي لپي ڪتب آندي آهي، سا هن پاڻ ٺاهي هئي.

ايلس جي تيار ڪيل عربي-سنڌي الف – ب بابت ٽرمپ جيڪو مکيه اعتراض ورتو. اُهو هن ريت آهي ته ايلس ڪاتبن جي عربي-سنڌي لکاوٽ جي آڌار تي جيڪا نئين الف –ب سنڌيءَ لاءِ مقرر ڪئي آهي، اُن ۾ حرفن تي ٽٻڪن لڳائڻ ۾ ڪو به اصول نظر نٿو اچي. انهيءَ کانسواءِ هن وسرگي وينجن (Aspirated –consonants) ”گهه-جهه“ هندستاني لکاوٽ جي طرز تي چونڊيا آهن، ته ٻيا وسرگي وينجن وري ٽٻڪن ذريعي ٺاهيا اٿس (جيئن: ڦ، ڀ، ڇ، ٺ، ڍ، ٿ، ڌ) ان طرح حرفن تي بنا ڪنهن اصول جي ٽٻڪا لڳائڻ بجاءِ ايلس کي گهربو هو ته سنڌيءَ لاءِ هندستاني (اردو) لکاوٽ اپنائي ها. ائين ڪرڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ سنڌ کان ٻاهر به ٿي سگهي ها، ڇاڪاڻ ته هندستاني (اردو) لکاوٽ ڄاڻندڙ آسانيءَ سان سنڌي ٻولي پڙهي ۽ سکي سگهن ٿا.

صورتخطيءَ مقرر ٿيڻ کانپوءِ، ايلس ڊسمبر 1854ع ۾ سنڌي جي تعليمي واڌاري بابت رپورٽ لکي پيش ڪئي، اُها سر بارٽل فريئر ڊسمبر 1855ع ۾ پنهنجي خط سان گڏ بمبئيءَ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر کي موڪلي. انهيءَ خط ۾ هن صاف  لفظن ۾ ارنيسٽ ٽرمپ جي تنقيدي جائزي

..............................هتي نشانيون اينديون...........................................

حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، ”مان قبول ٿو ڪريان ته مون کي ان الف-ب ۾ حرفن تي استعمال ڪيل ٽٻڪن ۾ ڪو به سرشتو يا اصول نظر نٿو اچي. پر انهيءَ صورتخطيءَ ۾، ٻن سالن اندر چڱا ئي سنڌي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن جو اڀياس سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪيو پيو وڃي. اهڙيءَ حالت ۾ ان صورتخطيءَ ۾ وري نئين سر ڦير گهير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو.“

عربي-سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا:

سن 1853ع ۾ انگريز سرڪار جي تعليم کاتي طرفان، اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس جي صدارت هيٺ جيڪا عالمن جي ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، تنهن عربي –سنڌي الف –ب جي ٻاونجاهه حرفن واري آئيويٽا کي مقرر روپ ته ڏنو، پر انهيءَ ڪاميٽيءَ لفظن جي هجي يا املا لکڻ جا ڪي به اصول تيار نه ڪيا، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو تعليم کاتي طرفان جيڪي سنڌي درسي ڪتاب تيار ڪري ڇپايا ويا، انهن ۾ ڪيترائي لفظ جدا جدا صورتن ۾ لکيا پئي ويا، ايتري قدر جو هڪ ئي لکندڙ جي ڪتاب ۾ هڪ لفظ جون هِجيئون موجود هيون. مثال طور، ننديرام ميراڻي سيوهاڻي، جيڪو 1853ع واري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن مان هڪ هو، ۽ جنهن چڱائي درسي ڪتاب لکي تعليم کاتي طرفان ڇپائي پڌرا ڪيا، تنهن جي لکڻين ۾ به لفظن جون جدا جدا هِجيئون ملن ٿيون. ننديرام جو لکيل ”باب نامو“ (ٻاراڻو ڪتاب) سن 1853ع ۾ تعليم کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. انهيءَ جو سن 1857 وارو لِٿو ڇاپو مون وٽ موجود آهي. ان ۾ صفحي پهرئين تي آئيويٽا ڏيئي، پوءِ ٻاويهن صفحن تائين وينجنن تي سُرن جون ماترائون (زبر، زير، پيش وغيره) لڳائي مثال ڏنا ويا آهن. ان کانپوءِ 23 کان 32 صفحن تائين، ننڍا ننڍا جملا ڏنل آهن، انهن مان هجئين جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا:

ننديرام جي باب نامي مان            هاڻوڪي هجي

1- پَاڻَ سَان                            پاڻ سان

2- ڪِجي/ڪَجي                     ڪَجي

3- لاءِ/لائي                            لاءِ

4- ٻَه پَهَري / ٻِه پَهرِي                ٻِپَهري

5- ڇِيُو/ڇِئُو                            ڇيهو/ڇيئو

6- مَڪتب ۾/مَڪتَبَ ۾             مَڪتَبَ ۾

7- پِيُ/پِيءُ                            پِيءُ

ننديرام ڪيترن هنڌن تي ٻن لفظن کي گڏي هِڪَ لفظ وانگر لکيو آهي، جن کي حقيقت ۾ جدا ڪري لکڻ کپي:

نَڪَجي        (نه ڪجي)؛    هيڪجهڙي    (هِڪ جَهڙي)

اُنَنِکي          (اُنَنِ کي)؛      اُنمان           (اُنَ مان)

ڳَچجيتِرن      (ڳچ جيترِن)

هن حالت عام عدد جمع جي صورت ۾، ڪِن هنڌن تي آخري وينجن ساڪن لکيو آهي، ته ڪن ٻين هنڌن تي اُن هيٺان زير لکي آهي:

آڱِرِيُنِ،         لُوڪَنِ،                 اَکرَن،           ٻارَن

ننديرام وينجنن تي سرن جون ماترائون لکڻ لاءِ عربي-فارسي ٻولين جو سرشتو اپنايو آهي، پر او ۽ اُو سرن جا اُچار لکڻ ۾ هِجي ۾ گهڻن لفظن ۾ ڪو به فرق نه رکيو آهي. جيئن ته:

اُو:              مُوڙي،                  پُورُو            پَروُڙَ

او:              گهڻو،                  تُوکي،          وَڏُو، ڏُوهُ

ان طرح تعليم کاتي جي ڇپايل سنڌي درسي ڪتابن ۾ هر هڪ لکندڙ عالم پنهنجي سمجهه ۽ شخصي اُچارن مطابق پئي لفظن جون هِجيئون لکيون.

لفظن جون هجيئون مقرر ڪرڻ:

سن 1888ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب، سنڌي درسي ڪتابن ۾ جڏهن ساڳيا لفظ جدا جدا هِجيئن ۾ لکيل ڏٺا، تڏهن هن انهيءَ مسئلي تي عالمن جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي، اهڙن لفظن جي هِجي مقرر ڪرائي. پوءِ اهڙن لفظن جا چارٽ تيار ڪرائي سڀني اسڪولن ڏانهن موڪليا ويا ۽ پاڙهيندڙن کي هدايت ڏني ويئي ته ٻارن کي درست هِجيئون لکڻ سيکارين. اهڙن لفظن جا ڪجهه مثال ڏسو:

درست هِجي   ڌار ڌار صورتون

جَڏهِن          جُڏهِ، جَڏهِ،      جَڏهي، جڏِهين، جَڏين

ڪَنهنِ                         ڪھ، ڪَھ، ڪَنهين، ڪنهن، ڪَهي

جَنهنِ                          جِھ، جَھ، جَنهين، جَنهن، جهي

انهيءَ حقيقت طرف سن 1879 ع ۾ شرٽ، مرزا صادق علي بيگ ۽ اڌارام ٿانورداس پڻ ڌيان ڇڪايو هو. هنن ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي –انگريزي ڊڪشنريءَ کي آڌار بڻايو (جيڪا ديوناگري-سنڌي لپيءَ ۾ هئي ۽ بمبئي سرڪار 1855ع ۾ ڇپائي ظاهر ڪئي هئي.) انهيءَ کي سڌاري ۽ وڌائي هنن وڏي سنڌي –انگريزي ڊڪشنري تيار ڪئي، جيڪا سن 1879ع ۾ سرڪار، تعليم کاتي طرفان ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌري ڪئي. انهيءَ ۾ سرڪاري طور تسليم ٿيل ۽ نئين سر مقرر ڪيل عربي-سنڌي آئيويٽا ۾ سنڌي لفظن جون هجيئون لکيل آهن. ڊڪشنريءَ جا ايڊيٽر مهاڳ ۾ لکن ٿا ته ”اسين معافي گهرون ٿا ته هن ڊڪشنريءَ ۾، ڪيترن سنڌي لفظن جون جدا جدا هجيئون ڏنيون ويون آهن. چاهي اهي هجيئن جا فرق گهڻا نظر ايندا هجن، پر هن وقت انهن کي ڊڪشنريءَ مان هٽائي ڇڏڻ ممڪن نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ئي لفظن جا اهڙا علحدا اچار نه فقط ڳالهائڻ-ٻولهائڻ ۾ ٻڌڻ ۾ پيا اچن، پر اهي سڀ لکيل ٻوليءَ ۾ پڻ داخل ٿي چڪا آهن. ممڪن آهي ته لفظن جون اهي سڀ مختلف صورتون لکاوٽ ۾ پنهنجو وجود قائم رکي نه سگهن. انهن مختلف هجيئن مان ڪن جو استعمال لکاوٽ مان جيترو جلد ڪڍي ڇڏجي، اوترو بهتر ٿيندو. پر هن وقت اسين فقط انومان ڪري سگهون ٿا ته جدا جدا هجيئن مان ڪهڙيون هجيئون وڃي آخر ۾ قائم  رهنديون! هيءُ هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن کي ”ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ“ ۾ بحث جوموضوع بڻائڻ گهرجي، ۽ ان بعد لکندڙن کي فقط انهن هجيئن تائين پاڻ کي محدود ڪرڻ گهرجي، جيڪا انهيءَ ڪاميٽيءَ درست هجيئن طور تسليم ڪيون آهن.“ (1)[1] انهيءَ ڊڪشنريءَ ۾ ڪنهن هڪ لفظ جي جدا جدا مروج اُچارن ۽ انهيءَ موجب جدا جدا هجيئن جو هڪ مثال هن ريت آهي:

اِتون، اِتُون، اِتان، اِتَهُن، اِتَهُون، اِتهينِ، اِتَئون، اِتَئُون.

اِٿان، اِٿانئون، اِٿانئُون، اِٿانئينِ، اِٿون، اِٿُون، اِٿِهوُن، اِٿهُون، اِٿئون، اِٿَئوُن.

ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪاميٽي:

بمبئي پريزيڊنسيءَ جي تعليم کاتي مسٽر ڪاورنٽن جي زير صدارت، هن صدي جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ”ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪاميٽي“ برپا ڪئي، جنهن جو مقصد هو ته پرڳڻي جي ٻولين سيکارڻ لاءِ جيڪي درسي ڪتاب هلندڙ آهن، انهن تي نظرثاني ڪري، ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪيا وڃن، ان بعد نوان درسي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪجن، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن لاءِ سنڌ مان تعليم کاتي جو هڪ عالم ديوان پريمچند بمبئيءَ ويو. هن ٻين سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن ۽ تعليمدانن جهڙوڪ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙيمل کلناڻيءَ ۽ بيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جي مدد ۽ صلاح سان نوان سبق لکائي تيار ڪيا. انهيءَ ۾ هن لفظن جي هجيئن تي به گهڻو ڌيان ڏنو ۽ زيرن، زبرن ڏيڻ جو هڪ مقرر سرشتو عمل ۾ آندو. انهيءَ مطابق نوان سڌاريل سنڌي درسي ڪتاب سال 1905ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا، جيڪي پنجٽيهه کن سال لڳاتار هلندا رهيا. انهن ڪتابن ۾ گهڻيئي بيت ۽ سبق ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جا لکيل آهن.

لفظن جي هجيئن مقرر ڪرڻ جي لحاظ کان انهن ڪتابن ۾ وينجنن تي ڊگهن سرن اي ۽ اُو جون ماترائون لکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو طريقو اختيار ڪيو ويو. انهن ۾ زير ”ي“ جي هيٺان ۽ پيش ”و“ جي مٿان لکيو ويو. جيئن ته:

اي:     اِيسَ، عِيدَ، ٻَڪرِي، ڌڻي،  ٻِلي،

اُو:      اوُنڌو، سوُمَرُ، پوُنگِڙا، اَکِيوُن، توُن.

ماترائن لکڻ جو اهو طريقو سن 1905ع کان اڳ پڻ واهپي ۾ هو، پر انهيءَ سان گڏوگڏ گهڻيئي عربي-فارسيءَ جا عالم سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ عربي-فارسي هجيئن وارو طريقو پڻ استعمال ڪندا هئا. ان موجب لفظن جي شروعات ۾ انهن سرن لکڻ لاءِ الف جي هيٺان زير يا مٿان پيش لکيو ويندو هو ۽ لفظ جي وچ يا پڇاڙيءَ ۾ انهن سرن جي اڳيان ايندڙ وينجن جي هيٺان زير يا مٿان پيش جي ماترا لکبي هئي. جيئن ته:

اِي:    اَيسَ، عِيدَ، ٻَڪِرِي، ڌَڻِي، ٻِلي

اُو:     اُونڌو، سُومَرُ، پُونگِڙا، اَکِيُون، تُون.

سن 1905ع کان اڳ سنڌي درسي ڪتابن ۾ عربي فارسي هجيئن وارو سرشتو وڌيڪ مروج هو. پر سن 1905ع ۾ جيڪي نوان سنڌي درسي ڪتاب سرڪار ڇپائي پڌرا ڪيا، انهن ۾ سنڌي ماترائن وارو سرشتو پسند ڪري انهيءَ کي عمل ۾ آندو ويو.

سن 1879ع ۾ شايع ڪيل شرٽ، اُڌارام ٿانورداس ۽ مرزا صادق علي بيگ واري سنڌي-انگلش ڊڪشنريءَ ۾ اِي  ۽ اوُ سر ۽ انهن جون ماترائون عربي-فارسي نموني موجب لکيل آهن. پر اُن کانپوءِ، سن 1910ع ۾ پرمانند ميوارام پنهنجي تيار ڪري ڇپايل سنڌي-انگلش ڊڪشنري ءَ ۾ انهن سرن ۽ ماترائن لاءِ سنڌي سرشتو عمل ۾ آندو آهي. ٻئي طرف ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جي رسالي جي مرتب ڪيل ٽن جلدن ۾ هجيئن جو عربي-فارسي سرشتو ڪتب آندو آهي. سندس پهريون جلد 1923ع ۾ ڇپيو هو.

هجيئن ۾ وڌيڪ سُڌارا:

سن 1905ع ۾ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ رويزن ڪاميٽيءَ طرفان ڇپايل ڪتابن ۾ پڻ ڪيترن لفظن جي هجيئن ۾ گهٽتايون نظر آيون، انهيءَ ڪري سن 1913ع ۾ تعليمدانن ۽ سنڌي عالمن جي مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ اهڙن لفظن جي لسٽ تيار ڪئي، جيڪي جدا جدا نموني يا غلط هجيئن سان پئي لکيا ويا. انهن جي درست هجي مقرر ڪري، انهن مطابق لفظن جي لکڻ لاءِ سفارش ڪئي ويئي. اهڙيون فهرستون ”اخبار تعليم“ جي اپريل 1913ع واري پرچي ۾ شايع ڪيون ويون (1)[2] انهن فهرستن مان ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا:

غلط           صحيح                 غلط           صحيح

اوندائي         اونداهي                مُکه            مُکيه

ڏِهاڻي          ڏهاڙي                 ڄڻان           ڄڻا

پَروا             پَرواهه                  بدماش         بدمعاش

ٽيو             ٽيون                   چهبڪ         چابُڪ

هُوا             هُئا                     پڙدو            پَردو

اهڙين درست هجيئن وارين فهرستن کانپوءِ پڻ هجيئن جا ٻيا مسئلا عالمن جي ڌيان تي آيا. انهيءَ ڪري اُنهن تي ويچار ڪرڻ لاءِ اُن وقت جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر نارائڻ جگنناٿ وئديه، 1915ع ۾ سنڌي عالمن جي هڪ ڪاميٽيءَ مقرر ڪئي، جنهن ۾ مکيه ميمبر مرزا قليچ بيگ هو. ان ڪاميٽيءَ طرفان پڻ ڪن لفظن جي هجيئن ۾ درستين جي سفارش ڪئي  ويئي. جيئن ته:

مقرر صورت           ڌار ڌار صورتون (1)[3]

آءٌ                      آءٌ، آئون

ڪيائون                ڪياءٌ، ڪيائون

ڪُلف                  ڪُرف، ڪُلُف، قُفل

ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب:

اپريل 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪري الڳ صوبو بڻايو ويو. سن 1938ع ۾، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، جنهن کي پوءِ ”شمس العلماء“ جو خطاب مليو، سنڌ جي تعليم کاتي جو ”ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن“ مقرر ٿيو.، هو صاحب عربي-فارسيءَ جو عالم هو. هن جڏهن ڏٺو ته سنڌي درسي ڪتابن ۾ اي ۽ اُو سرن جي اُچارن ۾ ”ي“ هيٺان زير ۽ ”و“ مثان پيش لڳايو ويو آهي، ته اِها ڳالهه کيس نه وڻي. هن سال 1940ع جي شروعات ڌاري ئي ٻاراڻي درجي کان وٺي چوٿين درجي تائين مقرر ٿيل سنڌي درسي ڪتاب نئين سر ڇپائي پڌرا ڪيا. انهيءَ جو مثال سندس ڪتاب ”ابيات سنڌي“ (ڇاپو 1939ع) آهي، جنهن ۾ خواجا محمد زمان لواريءَ جو ڪلام ڏنل آهي.

دائود پوٽي صاحب جي انهيءَ نقطي نگاهه سان سنڌ جي ڪن هندو عالمن ڄيٺمل پرسرام ۽ سندس ساٿين اختلاف ڪيو.

ڄيٺمل 9 ڊسمبر 1940ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ”سنڌي ساهت سڀا“ برپا ڪئي. پاڻ انهيءَ جو پريزيڊنٽ بڻيو ۽ موتيرام لڇيرام بُٽاڻي ان سڀا جو سيڪريٽري مقرر ٿيو.

سال 1940- 1941ع ۾ سنڌي ساهت سڀا. سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ چوپڙيون ڇپايون. اهو بحث 1947ع تائين هلندو رهيو، جنهن ۾ لالچند امر ڏني جڳتياڻي ۽ ٻين عالمن به بهرو ورتو.  1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو، ته اڪثر سنڌي هندو عالم سنڌ ڇڏي ڀارت ۾ لڏي ويا. اهو بحث ختم ٿي ويو.

آزاديءَ کان پوءِ عربي-سنڌي صورتخطي:

(هجيئن جا ٻه سرشتا) :

سنڌي هندو تعليمدان ۽ ساهتڪار، جيڪي ڀارت ۾ لڏي آيا، تن ڀارت ۾ شاگردن لاءِ نئين سري سان سنڌي درسي ڪتاب ڇپايا، انهن ۾ هجيئن جو اهو سنڌي سرشتو قائم رکيو ويو، جيڪو سنڌي درسي ڪتاب ۾ 1905ع کان وٺي 1940ع تائين هلندو پئي آيو. ٻئي طرف سنڌ ۾ عربي-فارسي طريقي سان هجيئن لکڻ جو اهو طريقو، جنهن کي ٻيهر واهپي ۾ آڻڻ لاءِ 1940ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي زور ڏنو هو، اپنايو ويو. ٻنهي سرشتن ۾ فرق صرف ”اِي“ ۽  “اُو“ سرن لکڻ ۽ وينجنن تي انهن سرن جي ماترائن لکڻ جي طريقي ۾ آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ-اکرا ٻٽا سر (Diphthongs) لکڻ ۽ انهن سرن جون ماترائون وينجنن سان گڏ رکڻ جو ڪو به هڪ طريقو مقرر ٿي نه سگهيو آهي. هند ۽ سنڌ ۾ اهي سر جدا جدا نمون سان لکيا پيا وڃن. هتي سڀني سرن ۽ انهن جي ماترائن جا مثال ڏجن ٿا:

لفظ جي شروع ۾             لفظ جي وچ ۾                لفظ جي آخر ۾

اَ:  .......       اَٺَ            ڪَمَلَ                  هَٿَ

آ: .... آسَ            ڪَمالَ، واٽَ            بابا، دَوا

ا: ......         اِٽَ             دُهِلَ                    ڇتِ، راتِ

اِي:....         ايمانَ           تيرَ                     هاٿِي

اَي:......        ايمانَ           تيرَ                     هاٿي

اُو:....  اُٺَ             لَڪُڻِ                   هَٿُ، ڪاٺُ

اُو:.....  اوُنهو           قَبوُلُ                   ماڻهوُ، واڌوُ

اُو:.....  اُونهو           قَبُولُ                   ماڻهو، واڌُو

اي:..... ايڪو           مِتيرو                  هِتي، کاتي

او: ..... اونو             موتي                  مَٿو، وَٽو

(نوٽ: اي (       ) سُر لاءِ عام طور هيٺان اُڀي ليڪ نه لکي ويندي آهي)

هڪ اکر ٻٽا سر (Diphthongs)

سنڌيءَ ۾ اَي ۽ اَو هڪ اکر ٻِٽا سر آهن. انهن جو اُچار هڪ اکر (Syllable) ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻه سر آهن: /اَي/ (اَءِ)؛ /اَو (اَءُ). هن اکرن ۾ اُچار جي گونج پهرئين سر /آ/تي آهي ۽ ٻيو سر گونج کانسواءِ آهي. انهن کي ”نيم سر“ (Semi-vowels) چئجي ٿو. ان ڪري ڳالهائڻ ۾ اِ (ءِ) نيم سر ”ي“ وانگر ۽ اُ (ءُ) نيم سر ”و“ وانگر به اڪثر اچاريا ويندا آهن. گهڻيئي ماڻهو انهن هڪ اکري ٻٽن سرن جو اچار اڪثر ٻن الڳ سرن وانگر به ڪندا آهن، جنهن ۾ ٻنهي سرن تي گونج هوندي آهي ۽ اُهي ٻن لاڳيتن اکرن جي چوٽيءَ تي هوندا آهن. اچارن جي انهن تفاوتن جي ڪري سنڌيءَ ۾ انهن کي لکڻ جون صورتون به جدا جدا واهپي ۾ اچي ويون آهن. جيئن ته:

اَي:     اَيٽُ    سَيرُ    شَي

ايَ:     اِيَٽُ    سيَرُ    شيَ

اَءِ:      اَئِٽُ    سَئِرُ    شَئه

ايءِ:    ايئِٽ   سئِيرُ   شيءِ/شيءِ

اَو:      اَوکو    مَوتُ   سَو

اوَ:      اوکوَ    موَتُ   سوَ

اَءُ:      اَئکو    ---     سَئُه

اوء:     اؤکو    مؤتَ   سؤ/سَئو

اُچارن جون ٻيون نشانيون:

لفظن جا صحيح اُچار لکت ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻين نشانين جي به ضرورت آهي. اُهي هن ريت آهن:

(1) جزم (8/ءُ): وينجن جي پٺيان جڏهن سر نه هوندو آهي، تڏهن اُن ساڪن وينجن مٿان جزم (هلنت) جي نشاني لکبي آهي. جيئن:

پيارُ    ڌيانُ            پُشپُ          جِسمُ

(2) شد يا تشديد (..ّ...): ساڳئي وينجن جي ٻٽي آواز ڏيکارڻ لاءِ جيڪا نشاني لڳائبي آهي، اُن کي شد يا تشديد چئبو آهي. هيءَ نشاني اُن ٻٽي وينجن مٿان لکبي آهي:

نَقّاش،  سَتّار،           قُوتَ

(3) تنوين (.......) ”ن“ وينجن جو اُچار ۽ لفظ جي آخر ۾ ايندڙ گُهڻو سر ڏيکارڻ لاءِ هنن نشانين جو استعمال ڪبو آهي:

قريباً           (قريبن)،               فوراً            (فورن)

حقيقتاً         (حقيقتن)،     مِثلاً            (مِثلن)

آءٌ (آئون، سداءِ (سَدائين)، اَس (اَسين)، چياءُ (چيائين)، يارهنَ، (يارهن)، سورهنَ (سورهن)، تنوين جو استعمال جهوني سنڌي صورتخطيءَ ۾ گهڻو هو، جيڪو هاڻي گهٽجي ويو آهي. انهيءَ هوندي به ڪي لفظ (جيئن ته ”۾“، ”۽“) فقط تنوين سان لکيا وڃن ٿا.

(4) همزو (ء) : ٻه يا وڌيڪ سر جڏهن ڪنهن لفظ ۾ لاڳيتا ايندا آهن، تڏهن پهرئين سر کي ڇڏي، ان پٺيان ايندڙ ٻيا سر ”همزي“ جي صورت ۾ لکبا آهن. همزو حقيقت ۾ ”الف“ جو ئي ٻيو  روپ آهي، جيڪو هميشه لفظ جي وچ يا آخر ۾ استعمال ٿيندو آهي. الف وانگر همزو به هڪ آڌار آهي، جنهن تي جدا جدا سرن جون ماترائون لکبيون آهن. همزي هيٺان سمهيل ليڪ ڏيئي ان ذريعي همزي کي ٻين حرفن سان  ملائي به سگهبو آهي:

سُر     شروع ۾               وچ ۾  آخر ۾

اَ        اَئي             هُئَڻُ    ڌيءَ، تيئَن

آ       آءُ              روئارَڻُ  ڪُوئا، هُئا

اِ        اِئين            پائِڻُ    جوءِ، جَئهِ

اي     اي             ڀائِيءَ  مائي، تَئي

اُ        اُئن             مُئُس   پاءُ، چَئهُ

اوُ       اوُءَ              نائوڻو  ڀائوُ، مَئوُ

اي     ايئي           ٻائيتالُ پوئُي، ٿِئي

او       اوني            مُئوئي ٻائو، تَئو

لڳاتار ٽي سر:آئيءَ            ڍوئائِڻُ  ڀائُوءَ

        اِئين ئي                سوئائِڻُ ڏيئوُءَ

سنڌيءَ ۾ لفظن جي هجيئن ۾ عام طور جزم ۽ شد جو استعمال نٿو ڪيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن اُچار ۾ ساڪن وينجن کي به لکڻ ۾ جزم نه ڏيئي، زِير، زَبَرَ، يا پيش لڳائي متحرڪ وينجن ڪري لکيو ويندو آهي. جيئن ته:

پيارُ            پِيارُ            ڌيان            ڌِيان

ڌرمُ            ڌرَمُ            راجيندر        راجيندَر

اُچارن جون اِهي نشانيون لکڻ ۾ استعمال نه ڪرڻ ڪري گهڻا سنڌي، عربي-فارسي، سنسڪرت-هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ آيل لفظن جا اڪثر غلط اُچار ڪندا آهن. انهيءَ ڪري انهن ٻولين جي عالمن اڳيان کين کلڻ هاب ٿيڻو پوندو آهي. ابتدائي ڪلاسن ۾ ماستر جنهن طريقي سان لفظن جون هجيئون ڪرائي ٻارن کي سنڌي لکڻ سيکاريندا آهن، اُنهيءَ ۾ پڻ جزم، شد جو اُچار نه سيکاريو ويندو آهي. انهيءَ ڪري سنڌين جا اُچار گهڻي قدر ڳالهائڻ ۾ بگڙي ويا آهن ۽ پوءِ لکت ۾ به اُهي غلط هجيئن سان لکيا وڃن ٿا. سنڌي درسي ڪتابن جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اِها ڳالهه هڪدم ظاهر ٿي پوندي.

عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ سر جي گهڻي اُچار ۽ انوناسڪ (نَڪائين) وينجن /ن/جي وچ ۾ لکت ۾ ڪو به فرق نٿو رکيو وڃي، جيئن ته:

.......  تون    (ن گُهڻي سُر ”اوُن“ لاءِ)

......   سَنتِ   (نَ وينجن)

.....    سَنَتِ   (لهڻو)

.....    هنسَ   (نَ وينجن)،

هنسي (کِلَ مُسڪراهٽ)، (ن گُهڻي سر جي اُچار لاءِ)

ساڳيءَ طرح وسرگي وينجن ”گهه“، ”جهه“ ۾ ايندڙ ”ـهه“ ۽ وينجن ”ـهه هه“ جي اُچار ۾ پڻ لکت ۾ ڪو به فرق نه رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪري گهڻو ڪري ڪيترن  لفظن جي درست هجي صورتخطيءَ ۾ معلوم نٿي ٿئي. جيئن ته ”گهر“ لفظ ۾ جيستائين زيرون-زبرون استعمال نه ڪبيون تيستائين معلوم نه ٿيندو ته ان جو ڪهڙو مطلب آهي.

گَهرُ (مَڪان، جڳهه)   گَهَرَ (گَهرو، اُونهو)؛

گِهَرُ (وڏيون جليبيون، مِٺائيءَ جو قسم).

ساڳيءَ طرح: ”جهارِ“ (پکين جو وڳر)؛ جُهارَ (ملاقات)

وسرگي وينجينن ”گهه“، ”جهه“ ۽ ”هه“ جي وچ ۾ لکت ۾ فرق ڏيکارڻ جو هڪ آسان طريقو اهو آهي ته وسرگي اُچار جي حالت ۾ هميشه دو-چشمي ”ـهه“ کي گـ ۽ جــ سان جوڙي استعمال ڪجي (گهه، جهه) ۽ ٻين هنڌ، جتي ”هه“ وينجن جو اُچار اچي، اُتي دو-چشمي ”ــهه“ کي ڪڏهن به ڪتب نه آڻجي.

عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪهڙا لفظ گڏجي لکجن ۽ ڪهڙا جدا لکجن، انهيءَ واسطي به ڪو سرشتو ٺهي نه سگهيو آهي، جيئن ته: ”مُنهنجو“، ”تُنهنجو“، ”پَنهنجو“ کي هڪ لفظ وانگر ئي لکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ”جو“ حرف جر اڳيان آيل حصو اسين ڪڏهن به جدا ڪتب نه آڻيندا آهيون. اهي پابند روپ آهن. پر ”مونکي“ (مون کي)، ”مونسان“ (مون سان)، ”مونتي (مون تي)، لفظن کي گڏي نه لکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ٻه آزاد لفظ آهن. ساڳيءَ طرح ”لکي ٿو“، ”وڃي ٿو“، لفظن کي به ڪيترا عالم گڏي پيا لکندا آهن. جيئن ته:

”لکيٿو“، ”وڃيٿو“.

صورتخطيءَ کي مقرر روپ ڏيڻ جي ضرورت:

اڄ ڏينهن تائين سنڌيءَ ۾ گهڻيئي لفظ جدا جدا صورتن ۾ لکيا پيا وڃن، جيئن ته:

هو، هُئو، هُيو، هُوو؛ هُئا، هُيا، هُووا؛ وَئي، ويئي؛ پَئي، پيئي؛ اَڃان، اَڃا؛ سوڀراج، صوڀراج؛ موتيلال، موتيلعل؛ جيرامداس، جئرامداس؛ سو، سئه، سئو سؤ.

سنڌي درسي ڪتابن، ڊڪشنرين ۽ سنڌي وياڪرڻ جي ڪتابن جو جيڪڏهن باريڪيءَ سان جائزو وٺبو ته سنڌ صورتخطيءَ جا ٻيا به گهڻيئي مسئلا نظر ايندا، جن کي حل ڪري ڪو هڪ معياري لکڻ جو سرشتو تيار ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. هجيئن ۽ لفظن جي درست اِملا لکڻ بابت وقت به وقت ڪن سنڌي عالمن ننڍن ننڍن ليکن ۾ پنهنجا ويچار پئي ظاهر ڪيا آهن، پر منهنجو گهرو دوست، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پهريون عالم آهي، جنهن انهيءَ موضوع تي جدا جدا پهلوئن کان ويچار ڪري ”سنڌي صورتخطي“ (ڇوٿون ڇاپو، 1993ع) ڪتاب لکيو آهي. ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ (1987ع) ڪتاب ۾ به هن انهيءَ موضوع تي (”سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا“-باب نمبر4) وستار سان بحث ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن گهڻو داد لهڻو. منهنجي ويچار ۾ جيستائين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جو روپ مقرر نه ٿيو آهي، تيستائين گهڻن ئي گنڀير وشين کي لکت ۾ صحيح نموني ۾ پيش ڪرڻ ۽ انهن تي بحث ڪرڻ مشڪل آهي.

ڊاڪٽر الانا جا هجيئن بابت ويچار:

سنڌي صورتخطيءَ جي مسئلن تي ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجن ڪتابن ۾ جيڪو بحث ڪيو آهي، انهيءَ موضوع تي منهنجي ڄاڻ موجب، ٻين عالمن ۽ تعليمدانن ڪتابي صورت ۾ پنهنجا ويچار تفصيلوار ظاهر نه ڪيا آهن. هنن ڊاڪٽر الانا جي سفارش ڪيل درست هجيئن تي پڻ پنهنجن ويچارن جو اظهار نه ڪيو آهي.

ڊاڪٽر الانا مٿي ڄاڻايل پنهنجن ٻن ڪتابن ۾ لفظن جي صحيح صورتخطي لکڻ لاءِ جيڪي سفارشون ڪيون آهن، انهن سان مان گهڻي قدر شامل راءِ آهيان. پر ڪن هنڌن تي منهنجا ويچار کانئس نرالا آهن. هن ڪتاب جي محدود دائري ۾، ڌار ڌار صورتن وارا لفظ کڻي، انهن تي هتي تفصيلوار بحث ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي، ان لاءِ هڪ جدا ڪتاب لکڻ جي ضورت آهي. هتي فقط اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪريان ٿو، جن بابت ڊاڪٽر الانا توڙي ٻين عالمن کي ٻيهر سوچڻ گهرجي.

(1) ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب جي صفحي 2.9 تي ڊاڪٽر الانا گراسمئن (Grassmann) جي ٺاهيل هڪ قانون جو حوالو ڏيندي سفارش ڪئي آهي ته جن لفظن ۾ ”ٻه وسرگي وينجن لاڳيتن ٻن پدن ۾ اچن ٿا، اُتي پهريون وسرگي وينجن لکت ۾ اوسرگي ڪري لکڻ گهرجي، جيئن ته:

گهگهي کي گهگي، جهجهو کي ججهو، جهنجهڻو کي جِنجهڻو، ڀنڀور کي بنڀور، ڀِڀ کي بِڀ، ڀاڀي کي باڀي.

حقيقت ۾ ڏسجي ته گراسمئن آوازن جي تبديل ٿيڻ جو اهو قانون سنسڪرت، گريڪ، جرمن وغيره ٻولين مان پروٽو-انڊو-يوروپين ٻولين جي روپن جو انومان ڪرڻ جي حوالي ۾ ٺاهيو آهي.(1) [4]انهيءَ کي سنڌي، اردو، هندي وغيره ٻولين سان لاڳو ڪرڻ وڏي غلطي آهي. هر هڪ ٻوليءَ ۾ اُچارن جون عادتون جدا جدا آهن. ڀاشا وگيانين جا ڪن خاص ٻولين بابت جوڙيل آوازي تبديل ٿيڻ جا قاعدا، قدرتي سرشتي جي نيمن (Laws of nature) وانگر هميشه ۽ هر حالت ۾ سڀني ٻولين سان لاڳو ڪري نه سگهبا آهن. انهيءَ ڪري سنسڪرت ۽ ٻين پراچين ٻولين جي اُچارن جا سڀئي قاعدا، جيئن جو تيئن سنڌيءَ سان لاڳو ڪرڻ صحيح قدم نه ٿيندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا هزارين لفظ آهن، جن ۾ ٻن ٽن لاڳيتن اکرن (Syllables) ۾ وسرگي وينجن هوندا آهن. اُنهن جو اُچار به اسين اوسرگي وينجنن وارو ڪندا آهيون. اهڙيءَ حالت ۾ انهن کي صورتخطيءَ ۾ اوسرگي وينجن ڪري لکڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.

ڪجهه ٻيا مثال ڏسو: ڍِڍُ، ٺٺولي، کِکي، ڦوڦينڊو، ڇِڇي، ٿنڀو، ڌڌِڪو، ڇنڇر، ڦيٿو، ڦوڦو، ٿوُٿوُ.

(2) سنڌيءَ ۾ گهڻن سرن (Nasal vowles) ۽ انوناسڪ وينجنن (Nasal consonants) جو استعمال جن لفظن جي اُچارن ۾ ٿئي ٿو، انهن لفظن جون صورتخطيءَ ۾ اڪثر ڌار ڌار صورتون ملن ٿيون. جيئن ته: ماڻهو-ماڻهو؛ اڃان-اڃا؛ ڀاڱون-ڀاڱو؛ امان-اَما؛ ڀنڀور-ڀمڀور. انهيءَ باري ۾ اچو ته ٿوري ۾ هتي ويچار ڪريون.

سنڌيءَ ۾ انوناسڪ وينجنن کي ٻن ورگن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (1) ڱ، ڃ، ڻ- اهي ٽي زوردار انوناسڪ وينجن آهن. جنهن به لفظ ۾ انهن مان ڪو به وينجن هوندو آهي ته انهيءَ جي گهڻائيءَ جو اثر سڄي لفظ ۾ سڀني جا اڳيان پٺيان ايندڙ سرن تي پاڻمرادو پوندو آهي. انهيءَ ڪري انهن سرن سان ٻيهر ”ن“ لڳائي، انهن کي گهڻو سر ڏيکارڻ جي ضرورت نه آهي. هر هڪ لفظ ۾

سنڌي آوازن جي اُچارن مطابق اها سر نَڪان ئي اُچاربا آهن، جيئن ته : مڱڻ، سِڱ، مڃڻ، سُڃو، وڻ، سُڻڻ.

(2) ۾ ۽ ن انوناسڪ وينجن گُهڻاڻ جي خيال کان هلڪا انوناسڪ آهن. انهن جي نَڪان اُچارن جو اثر اڳيان پٺيان ايندڙ سر تي ڪن حالتن ۾ پوندو آهي ته ٻين ڪن حالتن ۾ نه پوندو آهي. ان ڪري جن لفظن ۾ سر جي مک يا نڪ واري آواز جي ڪري معنيٰ ۾ تبديلي اچي ٿي وڃي، اُتي سر پٺيان گهڻائي ڏيکاريندڙ نشاني/ن/ لکي گُهڻو سر ڏيکاربو. جيڪڏهن مکائون (Oral) يا صاف سر آهي ته پوءِ سر پٺيان/ن/نشاني نه لکبي. ڪجهه مثال هن ريت آهن:

(1) مي (انگريزيءَ جو May مهينو)   (1) نائو (جنڊ صاف ڪرڻ لاءِ ڪپڙو)

۾ (مين)- (منجهه، اندر)              نائون(Ninth)

(2) مادي (مونث، عورت)             (2) نائي (حجام)

ماندي (پريشان، دُکي)         نائين (Ninth)

(3) مَدي (بُرائي، کوٽ)               (3) نگُ (رتن، نگينو)

منڊي (ڍلي، گهٽ اگهه)               ننگُ (عزت، شان)

                                (4) نَوَ (نئون- نَو جيوَن، نوجوان)

                                نَوَن (Nine-9)

آوازي سطح (Phonetic level) تي ڪنهن به لفظ ۾ جڏهن گڏيل وينجنن ۾ پهريون ويجن انوناسڪ آهي، ته ڌوني وگيان جي اصول موجب اُن جو اُچار پنهنجي پٺيان ايندڙ وينجن جي ورگ (Category) واري انوناسڪ وينجن ۾ بدلجي ويندو آهي. وينجنن جي ورگن جا نمونا هن ريت آهن:

(لاڳو انوناسڪ وينجن)

”ڪ“ ورگ- ڪ، ک، گ، گهه:                         ڱ

”چ“ ورگ- چ، ڇ، ج، جهه     :                        ڃ

”ٽ“ ورگ- ٽ، ٺ، ڊ، ڍ       :                         ڻ

”ت“ ورگ- ت، ٿ، د، ڌ       :                         ن

”پ“ ورگ- پ، ڦ، ب، ڀ     :                        م

پر سنڌيءَ ۾ اسين گهڻو ڪري سڀ انوناسڪ وينجن اهڙيءَ حالت ۾/ن/ سان ئي لکندا آهيون.

ڪجهه مثال ڏسو:

منگهُه (م + اَ  + ڱ + گهه+ اَ)

گنجَ    (گ + اَ + ڃ + ج + اَ)

ڏنڊو    (ڏ + اَ + ڻ + ڊ + او)

ڏندَ     (ڏ + اَ +ن + د + اَ)

انب    (اَ + م + ب + اُ)

سنڌيءَ جي لکاوٽ ۾ جيئن اهو اصول ٺاهيو ويو ته گڏيل وينجنن ۾ پهرئين جزي طور ايندڙ سڀ انوناسڪ وينجن /ن/ سان لکيا وڃن، ته پوءِ ڀنڀور لفظ ۾ اهو (م) وينجن سان نه لکڻ گهرجي؛ چاهي اسين صوتيه (ڌوني-تت) واري سطح (Phonemic Level) تي ان حالت ۾ /ن/ لکون ٿا، ته به آوازي سطح تي پٺيان ”ڀ“ وينجن هئڻ ڪري، اتي /ن/ جو اُچار پاڻمرادو سنڌي ٻوليءَ جي اُچارن جي عادت موجب (م)ٿيندو. ڪن لفظن ۾ (م) جو اُچار ايترو زوردار آهي، جو هجي ۾ اهو قائم رکيو وڃي ٿو. جيئن ته: بمبئي، قمبر، چمپا، چمپل، ڪمپني.

(3)هاڻي ”اڃا“ ۽ ”وڃان“ يا ”مڃان“ جا مثال ڏسو: هتي ”اڃا“ لفظ ۾ آخر ۾ ”ن“ لکڻ جي ضرورت ناهي. اُچارن جي عادت موجب، ج جي اڳيان ۽ پٺيان ايندر سر (اَ ۽ آ) ٻيئي پاڻمرادو گهڻي اُچار وارا ٿي ويندا آهن. پر ”وڃان“ ۽ ”مڃان“ ۾ آخر ۾ /ن/ لکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو زمان مضارع، متڪلم، عدد واحد جي پڇاڙيءَ جو حصو آهي. (وڃ+ آن؛ مڃ +آن) ساڳيءَ طرح ”هو وڻي ٿو“، هتي ”وڻي“ جي آخر ۾ /ن/ نه لکبو، پر ”تون وڻين ٿو“ جملي ۾ ”وڻين“ فعل ۾ /ن/ لکڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو  ”اين“ پڇاڙي (Suffix) جو حصو آهي (وڻ+ اين= وڻين). انهن مثالن مان ظاهر آهي ته اسان کي لفظن جي صورتخطي يا املا جا قاعدا ٺاهڻ وقت سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيهڪ جو به گهڻو خيال رکڻ گهرجي.

آخر ۾ هتي مان سنڌي عالمن ۽تعليمدانن جو ڌيان سنڌي ورڻمالا ۾ حرفن جي ترتيب طرف ڇڪائڻ چاهيان ٿو. ٻاراڻن ڪتابن ۾ ڏسبو ته الف-ب جو سلسلو هڪ جهڙو نه آهي. ساڳي ڳالهه سنڌي شبد ڪوشن سان به لاڳو آهي. سنڌي ڊڪشنرين ۾ الف-ب جو سلسلو جدا جدا نموني ڏنل آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به لفظ کي ڳولهڻ لاءِ خاص طور شاگردن کي گهڻي پريشاني ٿيندي آهي. عربي فارسي الف-ب ۾ حرفن جو سلسلو ساڳي ”صورت“ وارن حرفن جي آڌار تي مقرر ڪيل آهي، جيڪو ڌوني وگيان جي اصولن مطابق نه آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ديوناگري ورڻمالا ۾ حرفن جي ترتيب انهن اصولن مطابق آهي. سنڌي عالمن کي گهرجي ته جيترو جلد ٿي سگهي اهڙن مسئلن تي گنڀيرتا سان ويچار ڪري گهربل قاعدا ۽ شبد ڪوش تيار ڪن.

انگريزي

هندي

سنڌي

(1) بلوچ، نبي بخش خان: سنڌي  صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي ٻوليءَ جو  بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 1992ع.

(2) بلوچ، نبي بخش خان: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽدي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي (ٽيون ايڊيشن) 1990ع.

(3) بلوچ، نبي بخش خان: جامع لغات سنڌي (پنج ڀاڱا)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ 1960- 1988ع.

(4)بلوچ، نبي بخش خان: شاهه جي رسالي جا سرچشما، حيدرآباد سنڌ، 1972ع.

(5) الانا، غلام علي: سنڌي صورتخطي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ (چوٿون ڇاپو 1993ع.

(6) الانا، غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ، 1987ع.

(7) الانا، غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ، 1979ع.

(8) الانا، غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ،  1974ع.

(9) الانا، غلام علي: سنڌي صوتيات، ادبيات پبليڪيشن، حيدرآباد 1974ع.

(10) الانا، غلام علي: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي.

(11) جيٽلي، ڪشنچند ٽوپڻ لال: سنڌي (هٽ واڻڪا) اکرن جي پراچينتا ۽ انهن جي پرچار جي ضرورت، پُڻي، 1985ع.

(12) جيٽلي، ڪشنچند ٽوپڻ لال: موهن جو دڙو-هڙپا سنسڪرتي، انهيءَ جو سميه مهرن جي لپي ۽ ڀاشا، پُڻي 1985ع.

(13) ٺڪر، هيرو: قاضي قادن جو ڪلام، پوجا پبليڪيشن، نئين دهلي 1979ع.

(14) ڇڳاڻي، جهمون: پراڻناٿ جي سنڌي واڻي، ڀوپال.

(15) لغاري، عبدالڪريم: سنڌي الف-ب جي ارتقا، سنڌ يونيورسٽي، 1976ع.

(16) جتوئي، علي نواز: علم لسان ۽ سنڌي زبان، سنڌ يونيورسٽي، ڇاپو ٻيون، 1983ع.

(17) سراج الحق: سنڌي ٻولي، حيدرآباد سنڌ، 1964ع.

(18)آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڪراچي 1941ع.

(19) ميمڻ محمد صديق: سنڌ جي ادبي تاريخ (ٻه ڀاڱا) حيدرآباد سنڌ.

(20) ملڪاڻي، منگهارام اڌارام: سنڌي نثر جي تاريخ، ڪونج پبليڪيشن، بمبئي 1966ع.

(21) گدواڻي، منو تولارام: سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جو اتهاس، جيپور، 1968ع.

(22) جيٽلي، لوڪناٿ: سنڌي ٻوليءَ جي لپي، بمبئي، 1958ع.

(23) رچنداڻي، ليلارام: سنڌي ٻولي، احمد آباد، 1989ع.

(24) رچنداڻي، ليلارام: سنڌي نظم جي تاريخ، گانڌينگر 1988ع.

(25) ٽماهي مهراڻ (سنڌي ادبي بورڊ)، نئين زندگي ۽ سنڌ ۾ شايع ٿيل مختلف علمي ۽ تحقيقي رسالا.

(مهراڻ 4/1999)

سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري ٻولي

غلام محمد لاکو

(پندرنهن سال اڳ ھي مقالو ادب جي ھڪ مشھور سنڌي رسالي ۾ ڇپجي نه سگھيو. بعد ۾ منهنجي دوست ڊاڪٽر سعيد احمد خانزادي ان کي اردو زبان ۾ ترجمو ڪيو ۽ منهنجي مھرباني ۽ سنڌ جي نامور اسڪالر سائين حسام الدين راشدي مرحوم  ان کي پسند ڪري، ذاتي دلچسپي وٺي ٽماھي  ”اردو“ (2/1981ع) ۾ شايع ڪرائي ڏنو. ھاڻي جزوي واڌارن سان ھي مقالو سنڌي پڙھندڙن جي  خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. غ . م . ل)

سنڌ جي لساني تاريخ جو اڀياس ڪندي اسان کي ڪافي اھڙيون ٻوليون ملن ٿيون، جن کي اتهاس جي مختلف دورن ۾ ھن ملڪ تي سرڪاري ۽ مذھبي حيثيت ۾، صدين تائين حاوي رھڻ جو موقعو مليو، اسلام کان اڳ پھريائين سنسڪرت، پالي يا پراڪرت ٻولين ۽ ان کان پوءِ عربي توڙي فارسيءَ کي ھڪ ڊگھي عرصي تائين سنڌ تي علمي، سرڪاري، ادبي ۽ ثقافتي طور تي بالادستي حاصل ٿي. ھن قسم جي مطالعي مان اسان کي لساني، ادبي، سياسي ۽ تمدني حوالي سان گھڻو مواد ملي سگھي ٿو. ھن  عنوان جي اڀياس جي اھميت ۽ ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪھڙن ذريعن کان ڪم وٺجي، ان جو تفصيلي ذڪر ھيٺ ڪيو ويندو.

عربن کان پوءِ سومرن سنڌ تي ٽن صدين کان به وڌيڪ عرصو راڄ ڪيو. بعد ۾ سمن ڄامن 1350ع کان وڍي 1520ع تائين نهايت شان ۽ شوڪت سان بادشاھي ڪئي. ھن مقالي ۾ اسين سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري زبان جو اڀياس ڪنداسين. مقالي کي پنجن مکيه حصن ۾ تقسيم ڪري، عنوان کي نباھڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

1- مطالعي جي اھميت

ھن نوعيت جي اڀياس جي اھميت کي اجاگر ڪندي، اسين اڳتي وڌنداسين.

(1) سنڌ جي علمي ۽ سرڪاري ٻولين جي اڀياس لاءِ سڀ کان اول جنهن ڳالهه جي بنيادي ضرورت ٿيندي، اھو آھي تاريخي، تمدني ۽ سياسي بنيادن تي جدا جدا زمانن (Epoches) ۽ دؤرن (Periods) جو درست ڪاٿو ڪرڻ. منهنجي خيال ۾ ھن قسم جي اڀياس لاءِ سنڌ جي تاريخ کي ھيٺ ڄاڻايل اھم گروپن ۾ تقسيم ڪرڻو پوندو:

(الف) سنڌو تهذيبن جو  دور. – 1500 ق. م. تائين.

(ب) روايتي تاريخ کان وٺي راجا ڏاھر جي شڪست تائين. – 1500 ق. م. کان وٺي سن 712ع تائين.

(ج) عربن کان وٺي ٽالپرن جي  زوال تائين. – 712ع کان وٺي 1843ع تائين.

(د) انگريزن کان موجوده دور تائين. – 1843ع کان وٺي....

(2) اھڙي اڀياس لاءِ ذھن جو صاف ھجڻ ضروري آھي. ان کان علاوه سائنسي سوچ ۽ حقيقت پسندي به لازم آھي. ڪنهن به بي بنياد نظريي، مذھبي جنون ۽ توھم پرستيءَ کان ھٽي ڪري اھڙو اڀياس ڪرڻ گھرجي. ٻي صورت ۾ عنوان جي اھميت ۽ افاديت ختم ٿي ويندي.

(3) اھڙو اڀياس سنڌ جي حقيقي زبان يعني سنڌي ٻوليءَ جي ”اصليت“ (Origin) ، ماضيءَ ۾ سنڌي زبان سان ڪيل سرد مھريءَ واري ورتاءَ، ان تي ٻين ٻولين جي حقيقي اثر ۽ ان سان گڏ سنڌي زبان جي مستقبل جاچڻ لا مفيد ثابت ٿيندو. (4) ھي اڀياس نه صرف سنڌ جي ادبي تاريخ لاءِ ضروري آھي، بلڪه سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ھن ملڪ جي صحيح سياسي تاريخ جي مطالعي لاءِ به مددگار ثابت ٿيندو.

(5) ھن  مطالعي مان سنڌي زبان جي قديم رسم الخط ۽ الف – ب جي باري ۾ ٺوس ۽ حقيقت تي مبني معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي، ٻي صورت ۾ اسين ڌُڪي بازيءَ کان اڳتي نه وڌي سگھنداسين.

(6) اھڙو اڀياس سنڌ جي تعليمي تاريخ جي لاءِ ٺوس مواد مھيا ڪندو، ان کان علاوه ھي به معلوم ٿيندو ته مختلف دورن ۾ ھتي ڪھڙي ٻولي تعليم جو ذريعو رھي ۽ سنڌي ٻولي ڪڏھن ھي درجو حاصل ڪيو.

(7) ھن مقالي ۾ سمن جي سلطنت  واري عرصي جي علمي ۽ سرڪاري زبان جي ڳولا ڪئي ويندي ۽ پڻ ھي به معلوم ڪبو ته ھن دور جي خاتمي وقت، سنڌ ۾ ڪھڙي ٻوليءَ ھي اعزاز حاصل ڪيو؟

(8) ھن دور جي مختلف ٻولين جي لٽريچر، موجود مواد ۽ ڪتبن کان علاوه ملڪي سياسي حالتن توڙي خارجي ۽ اندروني ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي، عنوان جي حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

2- سمن جي سلطنت جو ھڪ جائزو

ھن موضوع کي جدا جدا حصن ۾ تقسيم ڪري بحث ھيٺ آڻبو.

(1-2) پس منظر:-

سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو زوال 401 ھ / 1010ع ڌاري ٿيو (1). ان کان پوءِ سنڌ جي ھڪ مقامي قبيلي ”سومرن“ پنهنجي خود مختيار حڪومت قائم ڪئي. جيتوڻيڪ غزنوي، غوري، غلام، خلجي ۽ تغلق حاڪمن پنهنجي توسيع پسند پاليسيءَ ھيٺ، سنڌ کي لاڳيتو حملن ۽ لُٽ مار جو نشانو بڻايو، ان جي باوجود سومرا حڪمران ٽن صدين کان به وڌيڪ برسر اقتدار رھندا آيا. دودي جي شھادت سان ھن خاندان جو زوال شروع ٿي ويو. ھڪ طرف  سومرن جي پنهنجي اميرن سان دشمني ۽ بغض ۽ ٻئي طرف ھمير پٽ دودي جي دھليءَ جي مرڪزي حڪومت سان وفاداري، اھڙا سبب ھئا، جنهن ڪري وري ھڪ ٻئي مقامي قبيلي کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.

734 ھ / 1333ع ۾ سماٽ قبيلن ڄام فيروز الدين انڙ جي قيادت ۾ سيوھڻ جي صوبيدار کي قتل ڪري بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو. (2) . آخرڪار 75 ھ / 1351ع ۾ ڄام انڙ سمن جي سلطنت جو بنياد وڌو. سومرن ڀڄي وڃي ٿر جي علائقي ۾ پناهه ورتي، جتي وري به ڪيئي سال حڪومت ڪيائون، ڪل ارڙهن سمن ڄامن نهايت آزادي ۽ شان شوڪت سان راڄ ڪيو. ڄام فيروز جي دور ۾ 927ھ / 1520ع تي، شاھ بيگ ارغون ۽ دولهه دريا خان جي وچ ۾ لڙائي لڳي. دريا خان جي شھادت سان سمن جي حاڪميت ختم ٿي ويئي.

(2-2) سمن حڪمرانن جي فھرست: -

(1) فيروز الدين شاھ ڄام انڙ اول.

(2) الف- صدرالدين شاھ ڄام بابينو ثاني.

ب- علاؤ الدين ڄام جوڻو اول.

(3) الف- رڪن الدين شاھ ڄام تماچي.

ب- خيرالدين ڄام توڳاچي.

(4) علاؤ الدين ڄام جوڻو(ٻيو  ڀيرو).

 (5) رڪن الدين شاھ ڄام تماچي (ٻيو ڀيرو).

(6) سلطان صلاح الدين شاھ ڄام انڙ ثاني.

(7)  ڄام نظام الدين اول.

(8) ڄام علي شير 

(9) ڄام ڪرن.

(10) صدرالدين ڄام سڪندر اول.

(11) ڄام فتح خان،

(12) ڄام تغلق شاھ جوڻو ثاني.

(13) ڄام مبارڪ.

(14) سڪندر شاھ ثاني ڄام محمد عرف ڄام انڙ.

(15) صدرالدين شاھ ڄام سنجر عرف راءِ ڏنو.

(16) سلطان نظام الدين ثاني عرف ڄام نندو.

(17) ناصرالدين ابوالفتح سلطان فيروز ثاني.

(18) سلطان صلاح الدين شاھ.

(19) سلطان فيروز ثاني (ٻيو ڀيرو (3).

(3-2)  سياسي مطالعو: -

ڄام فيروز انڙ ٽي سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ ڄام بابينو ۽ ڄام جوڻو گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳا. محمد تغلق ٺٽي تي حمله آور ٿيو، پر ان جي تڪميل کان اڳ ئي رستي ۾ فوت ٿي ويو. وري فيروز تغلق ٺٽي تي ڪاھ ڪئي، ليڪن ناڪام ٿي گجرات ھليو ويو، ۽ ھڪ سال جي فوجي تياريءَ کان پوءِ ٺٽي تي حملي آور ٿيو. جنگ ۾ ناڪام ٿي ڄامن سان صلح خاطر اچ جي  مخدوم جھانيان جي مدد ورتائين. ان بعد سنڌ تي ڄام تماچي ۽ ڄام توڳاچي (طغاچي) گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳا. ملڪ تي سالا نه ڏن مقرر ٿيو. صلح موجب ڄام بابينو ۽ ڄام جوڻو دھليءَ جي مرڪز ۾ رھڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ ڄام تماچيءَ خراج ڏيڻ بند ڪيو ۽ خود مختياريءَ جو احساس ڏيارڻ شروع ڪيائين. ان پس منظر ۾ فيروز تغلق نوان حڪم جاري ڪيا. ڄام جوڻو سنڌ جو نئون حاڪم مقرر ٿيو، جنهن ڄام تماچيءَ کي گرفتار ڪري ھندستان موڪلي ڇڏيو. جوڻي ھن ڀيري دھليءَ جي حڪومت جي ھر ھدايت جي پوئواري ڪئي. سندس ھي روش عام ماڻھن کي پسند نه آئي. سنڌ جا صوفي پڻ جوڻي جي پاليسين مان خوش نه ھئا. تغلقن جي زوال وقت ڄام تماچي سنڌ موٽي آيو ۽ سمن جي خودمختيار بادشاھت جو اعلان ڪيائين. (ھي اھو ئي تماچي آھي، جنهن نوري نماڻيءَ سان نينهن ڪيو). ڄام تماچيءَ کان پوءِ سندس پٽ ڄام صلاح الدين سنڌ جو بادشاھ بنيو. سندس دور ۾ امير تيمور جي لشڪر سنڌ تي حملو ڪيو، ليڪن ابوالغيث بکريءَ جي سفارش سان ھي ملڪ وڏي رتوڇاڻ کان محفوظ رھجي ويو، ڄام صلاح الدين کان ڪري ڄام نندي تائين، سمن ڄامن نهايت اطمينان ۽ سڪون سان حڪومت ڪئي. ڄام نندي سنڌ تي اٺيتاليه سال پوري آزاديءَ سان حڪم ھلايو. سندس دور حڪومت ۾ ارغونن 892ھ ۾ سنڌ جي سبي شھر تي قبضو ڪيو. 895 ھ ۾ سنڌ جي لشڪر وري ھن شھر تي قبضو حاصل ڪري ورتو. سمن ڄامن جو آخري دور حڪومت اندروني خلفشار ۾ گذاريو. آخرڪار 927ھ / 1520ع ۾ ساموئيءَ جي ميدان تي، شاھ بيگ ارغون ۽ دريا خان جي وچ ۾ زبردست جنگ لڳي. ارغونن دريا خان کي ڌوڪي سان قتل ڪيو. ان طرح سنڌ جي لشڪر کي شڪست ملي. ان کان پوءِ ھن ملڪ تي ارغونن جو راڄ شروع ٿيو. ارغونن فتح کان  پوءِ ٺٽي ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ دارالحڪومت ٺٽو پورا ست ڏينهن سڙندو ۽ ٻرندو رھيو. ڪتبخانا تباھ ڪيا ويا. نون حاڪمن بي انداز دولت گڏ ڪري، شھر کي تاراج ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي.

3- ماضي ۽ حال جو علمي ۽ انتظامي جائزو

ھن عنوان ھيٺ اسين سنڌ ۾ عربن، سومرن ۽ سمن ڄامن جي دورنجو مختصر مگر ٺوس علمي ۽ انتظامي جائزو وٺنداسين.

(1-3) سنڌ ۽ ھند ۾ سومرن جي دور حڪومت جو علمي جائزو: -

سنڌ ۾ عربي زبان کي علمي ۽ سرڪاري اعزاز، عربن جي حڪومت جي دؤر ۾ مليو، جڏھن محمود غزنويءَ ”منصوره“ شھر کي تاراج ڪيو، تڏھن ھتي سومرن جو راڄ قائم ھو. ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اول غزنوين، فارسي ٻوليءَ کي سرڪاري اعزاز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. (4) . حقيقت ۾ سندن ھي ڪوشش مذھبي جنون ۽ سياسي مخالفت جي ڪري ناڪام ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ دھلي، لاھور، ملتان ۽ اُچ فارسي علم توڙي ادب جا مرڪز بنيا. قباچه جو دور حڪومت (1206- 1228ع) ھن حوالي سان وڏي اھميت رکي ٿو. اُچ ۾ باقاعده شعرو شاعري ۽ تصنيف و  تاليف ٿي. اروڙ ۽ بکر ۾ علي بن حامد ڪوفيءَ ”چچ نامو“ فارسي زبان ۾ تيار ڪيو ۽ ان کي وزير عين الملڪ جي نالي منسوب ڪيو. ھي اھو ئي دور آھي، جڏھن مرڪزي ايشيا، خراسان ۽ ايران مان فارسي علم ادب جا ڄاڻو ۽ شاعر وڏي تعداد ۾ سنڌ سميت برصغير جي مختلف علائقن ۾ پھچي رھيا ھئا. ان پس منظر ۾ سنڌ کان ٻاھر، خاص ڪري فارسي ٻوليءَ جي اعزاز ۽ اھميت جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. (5) زماني جو ھي دستور آھي ته جنهن شيءَ کي جيترو مسلط ڪبو، ان لاءِ اوتري ئي نفرت پيدا ٿئي ٿي. تاريخ شاھد آھي ته فارسي زبان جي حق ۾ ٿيندڙ ھر ڪوشش کي سومرن حاڪمن رد ڪيو. سرڪاري توڙي علمي زبان جو اعزاز بدستور عربي ٻوليءَ کي حاصل رھيو. (6)

(2-3) ٻاھران نافذ ٿيندڙ ٻولي: -

مٿي ٻڌايو ويو آھي ته غزنوين جي حملي وقت سنڌ جي سرڪاري زبان ڪھڙي ھئي ۽ انهن سنڌ تي ڪھڙي  ٻولي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھا ڇو ناڪام ٿي؟ بهرحال، دھلي ۽ غزنيءَ مان جو ڪجهه ٿي رھيو ھو، ان کي مذھبي رنگ ڏنو ويو. سمن حاڪمن خود مختياري حاصل ڪندي ئي ان کي غير مذھبي مسئلو سمجھي رد ڪري ڇڏيو. سندن حڪومتي دور جي شروع ۾ لڳل ڪجهه فارسي ڪتبا مليا آھن. (7) جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئن نه دھلي سرڪار، سنڌ ۾ فارسيءَ کي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. انهن مان ھڪ ڪتبو (757 ھ) سيوھڻ ۾ لعل شھباز قلندر جي مقبري تي نصب ٿيل آھي. ھڪ وڌيڪ ڪتبو (782 ھ) گجي ۾ شيخ ترابيءَ جي مزار تي لڳل ھو. دھلي سرڪار جي پاليسيءَ تحت ھي ڪتبو ڄام جوڻي ھڻايو ھو، جو ان وقت سنڌ ۾ به فارسيءَ کي رائج ڪيو پئي ويو. شيخ ترابيءَ جي مزار وارو ڪتبو، ھن وقت سنڌ عجائب  گھر حيدرآباد ۾ رکيل آھي. فيروز تغلق جي دور جا سيوھڻ ۾ ٻه وڌيڪ ڪتبا پڻ مليا آھن.

تغلقن آزاديءَ جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف تدبيرون اختيار ڪيون. سنڌ تي خراج لاڳو ڪيو ويو. حريت پرستن کي ھجرت تي مجبور ڪيو ويو. ھنن ملڪ تي فارسي ٻوليءَ کي مڙھڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. سمن ڄامن جڏھن غلاميءَ جي ھر آزمائش کي صبر سان پار ڪيو، ته ظاھر آھي ته انهن دھليءَ جي اڪثر علامتن کي ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ھوندي.

(3-3) سمن جي دور جا سڪا: -

ڪنهن به دور جي سرڪاري ۽  علمي زبان جي تلاش ۾ ٻين ڳالھين کان علاوه متعلقه حڪومت يا ان دور جا سِڪا بيحد مددگار ثابت ٿين ٿا. ارمان آھي ته سنڌ جي سڪن جي باري ۾ اڃا ڪو ٺوس ڪم نه ٿيو آھي. ھباري عربن سنڌ ۾ پنهنجو سڪو چالو ڪيو. سومرن جي دور ۾ سڪن بابت به ڪا معلومات ميسر ڪانهي. سمن جي دور ۾ دھلي، گولڪنڊي، گجرات ۽ تيموري سڪن جو، سنڌ ۾ رائج ھجڻ جو ڏس پتو پيو آھي (8) سمن ڄامن جو پنهنجو سڪو به چالو ٿيو، ممڪن آھي ته ان وقت جي سنڌي سڪي کي درھم چيو ويندو  ھجي، جين ماموئي درويشن جي اڳڪٿين ۾ حوالي ملي ٿو. بنهه تازي دور ۾ ڄام نندي ۽ ڄام فيروز (آخري ٻه بادشاھ) جا سڪا دستياب ٿيا آھن. انهن تي نالا وغيره به عربيءَ ۾ لکيل آھن، جن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ان وقت ھي ٻولي لکپڙھ جي ڪم ايندي ھئي. (9) .

4- ٽن ٻولين جو اتهاسڪ ۽ ساھتڪ مطالعو

ھن عنوان ھيٺ اسين عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جي واڌاري توڙي ان وقت تائين سنڌ ۾ ھنن ٻولين ۾ پيدا ٿيل لٽريچر بابت گفتگو ڪنداسين.

(1-4) عربي زبان ۽ ادب:-

عربن ۽ سنڌين جا تاريخي لاڳاپا اسلام کان اڳ به قائم ڏسجن ٿا، ان ڪري عربي زبان سنڌي ماڻھن لاءِ اوپري نه ھئي. جڏھن ھتي عربن جي حڪومت قائم ٿي، تڏھن عربي ٻوليءَ کي علمي ۽ سرڪاري اعزاز ڏنو ويو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته عربي زبان مذھبي ٻولي پڻ ھئي، ڇو ته قرآن مجيد پڻ ھن زبان ۾ نازل ٿيو ھو. ھن ٻٽي اھميت سبب جڏھن سنڌ تي سومرن جي حاڪميت قائم ٿي، تڏھن به عربي زبان جي ساڳي اھميت برقرار رھي. عربن کان وٺي سمن حڪمرانن جي آخر تائين، ھتي ٿيل تصنيف ۽ تاليف بابت نهايت گھٽ ڄاڻ ملي ٿي. دھلي ۽ غزنيءَ جي بار بار حملن ۽ شھرن جي تاراج ٿيڻ سبب، سنڌ جي امن ۽ آزاديءَ سان گڏ ھتي جي علم ۽ ادب جو ڏيئو به گل ٿي ويو.

شاھ بيگ ارغون ٺٽي کي فتح ڪري، ھن بين الاقوامي شھر کي تاراج ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جو پوري ھڪ ھفتي تائين سڙندو رھيو. بکر جي مقامي ماڻھن کي لڏ پلاڻ تي مجبور  ڪيو ويو. سوين علمي ۽ تمدني مرڪز برباد ڪيا ويا. ان حالت ۾ سنڌ جي علم ۽ ادب جو جيڪو حشر ٿيو، ان جو اندازو ڪرڻ بلڪل  آسان آھي.

اھو ئي سبب آھي جو اڄ تائين اسين سمن جي دور جي ھڪ يا ٻن تصنيفن جو پتو لڳائي سگھيا آھيون. اھي ڪتاب عربي زبان ۾ لکيا ويا آھن، ھڪ ڪتاب جو نالو ”الزبدة“  آھي. ھي علمي ڪتاب منطق جي موضوع تي عربيءَ ۾ لکيو ويو، جو وري ”شمھ في الميزان“  نالي ڪتاب جي شرح تي مبني آھي. ھن ڪتاب جي لکجڻ جو سال ٨٥٧  ھ / ١٤٥٦ع آھي. ھي ڪتاب ڪاٺياواڙ جي ھڪ عالم مولانا علاؤالدين منگلوريءَ، سنڌ جي حاڪم ڄام انڙ عرف ڄام محمد سڪندر شاهه ثانيءَ جي حڪم تي لکيو ۽ ان جي نالي تي ئي منسوب هن ڪتاب جا قلمي نسخا متعدد ڪتبخانن ۾ ملن ٿا (10). ان کان علاوه پير مراد شيرازيءَ جي حياتيءَ بابت حافظ حاجي شيخ محمد حسين صفائي (وفات: 931 ھ ) ، ھڪ ڪتاب ”تذڪرة المراد“ نالي سان لکيو، جو پڻ عربي زبان ۾ آھي (11). ھي ڪتاب سمن جي دور جي بنهھ پڄاڻيءَ ڌاري لکجڻ ۾ آيو،  ابهري بزرگ ڄام فيروز جي وقت ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيا. انهن جي اڪثر تصنيف ۽ تاليف پڻ عربي زبان  ۾  ڏسجي ٿي. ھي تصنيفون سمن جي دور جي علمي زبان جي شھادت ڏيڻ لاءِ ڪافي آھن   ۽ پڻ گڏوگڏ ھن زماني جي سرڪاري ٻوليءَ جي تلاش لاءِ به ھڪ پختو ثبوت آھن.

(2-4) فارسي زبان ۽ ادب:-

جھڙيءَ ريت اسلام کان اڳ سنڌ ۽ عرب جي لاڳاپن سبب ھتان جا ماڻھو عربي زبان کان واقف ھئا،ٺيڪ ان طرح سنڌي ماڻھو پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران جي ٻوليءَ کان به آشنا ڏسجن ٿا. مذھبي ۽ علمي ضرورتن جي پورائي لاءِ سنڌ جا ماڻھو عربي ٻولي پڙھندا ۽ سکندا ھئا. قوي گمان آھي ته قديم ايامن کان وٺي اھل سنڌ ۽ خاص ڪري واپاري طبقو ايراني ٻولي پڻ سکندو ھو. فارسي زبان سومرن جي دور ۾ سرڪاري روپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن اھا مھم ڪامياب نه ٿي. سمن جي دور ۾ جدا گانه طور تي درس ۽ تدريس جا مرڪز وجود ۾ آيا، جتي علم ۽ تعليم جي حاصلات لاءِ عربي زبان مکيه ذريعو ھئي. ليڪن سمن جي دور جي آخر تائين ايران ۽ مرڪزي ايشيا مان عالمن ۽ استادن توڙي شاعرن جي اچڻ سان سنڌ ۾ پڻ فارسي ٻوليءَ جون مکيه تصنيفون پھچڻ شروع ٿي ويون. ان ريت ھن ملڪ ۾ به فارسي  زبان جو چرچو شروع ٿيو. تذڪرن ۾ اثيرالدين ابهري، انوار،مخدوم بلال، شيخ حماد، عبدالعزيز ابهري، عيسيٰ برھانپوري ۽ ڄام نندي جي نالن ۾ ٿورا فارسي شعر مليا آھن. (12) ان ھوندي به سنڌ جي ڪنهن استاد ۽ عالم جي فارسي تصنيف بابت ڪا ڄاڻ ميسر نه ٿي آھي.

(3-4) سنڌي زبان  ۽ ادب: - موجوده دور ۾ سنڌي زبان جي قدامت جي باري ۾ حيرت انگيز طور تي تحقيقي ڪم ٿيو آھي. سراج الحق ھن زبان جي ارتقا کي موھن جي دڙي سان منسوب ڪيو آھي، عرب سياحن نه صرف سنڌي زبان جي وجود جي شاھدي ڏني آھي، ليڪن ان سان گڏ رسم الخط جو به ڏس پتو ڏنو آھي. سنڌي ادب جا بنياد سومرن جي دور ۾ پيا. ان ڏس ۾ مختلف رومانوي ۽ عشقيه داستانن مکيه ڪردار ادا ڪيو. حڪمرانن جي ٻولي ھجڻ سبب سمن جي دور ۾ معياري سنڌي وچ سنڌ مان نڪري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچي ويئي. ھن دور جو درست سماجي نقشو ھڪ ليکڪ ھن ريت پيش ڪيو آھي: ”اسان کي سچو پچو سنڌي چوائڻ جو حق مليو سو سمن جي حڪومت کان پوءِ ئي مليو. نه ته انهيءَ ۾ وڏو شڪ ھو ته اسين عربي ۽ پارسي ادب، پٺيان عرب ۽ ايراني سڏجي وڃون ھا، پر قدرت کي شايد اھو ئي منظور ھو جو اڄ اسين ڏسون ٿا“ (13)

مخدوم  احمد ڀٽي، حماد جمالي، نوح ھوٿياڻي، اسحاق  آھنگر ۽ شيخ پراڙ- ھن دور جا نامور سنڌي شاعر ٿي  گذريا  آھن. ھن دور جي شاعري پنهنجي مڪمل ادبي خوبين جي ڪري مشھور آھي. * واقعاتي شعر کان وٺي تصوف جي رمزن تائين سنڌي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ رنگ ڀريا آھن. (14)

5- سمن جي دور جي علمي ۽  سرڪاري ٻولي

سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري ٻولي تلاش ڪندي، اسان مٿي مختلف رخن کان بحث ڪري آيا آھيون. عنوان کي ڪنهن منطقي نتيجي تي پھچائڻ لاءِ ھيٺ ڪجهه وڌيڪ ذريعن کان مدد ورتي ويندي.

(1-5) محققن ۽ عالمن جا رايا:-

ھن باري ۾ محققن نه صرف پنهنجي پسند ۽ ناپسند  بلڪه پنهنجن نظرين ۽ خيالن کي سامھون رکي راءِ قائم ڪئي آھي.·

محمد صديق ميمڻ: ”ارغون حڪومتي دور کان سنڌ جي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي فارسي رھي. عالم سڳورا مدرسن ۾ فقط عربي ۽ فارسي ٻولين جي تعليم ڏيندا ھئا“ (15)

ڀيرومل مھرچند آڏواڻي: ”سنڌ ۾ فارسيءَ جي ابتدا غزنوي دور حڪومت سان ٿي، ليڪن ھتي فارسي تعليم ۽ تدريس ارغونن جي حڪومتي دور ۾ رائج ٿي“ (16) .

الهه بچايو يار محمد سمون: ” سومرا خاندان کان پوءِ سما حڪومت ۾ آيا. ان وقت ارغونن جي دخل اندازي سبب، فارسي دفتري زبان مقرر ٿي، ان ڪري ماڻھن فارسي سکڻ تي گھڻو ڌيان ڏنو“ (17) .

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سمن جي دور ۾ عربي تعليم زبان رھي ۽ فارسي ٻولي سرڪاري، دفتري ۽ ڪاروباري سلسلي ۾ استعمال ڪئي ويندي ھئي. “ (18)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ھن دور حڪومت ۾ فارسي علمي ۽ سرڪاري ٻولي رھي. فارسيءَ ۾ تصنيف و تاليف جي شروعات ٿي، ۽ سنڌ مان بلند مرتبي جا فارسي شاعر پيدا ٿيا“. (19)

ڪريم بخش چنا: ”سمن جي دور ۾ عربي مذھبي ۽ سرڪاري زبان ھئي، ليڪن عام ماڻھو  سنڌي لکندا ۽ پڙھندا ھئا“(20)

ايم ايڇ پنهور: ”شايد فارسي سومرن جي حڪومت جي خاتمي سان سنڌ جي سرڪاري زبان بنجي چڪي ھئي. “(21)

ان کان علاوه ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽  عبدالڪريم لغاريءَ پڻ ھي راءِ ڏني آھي ته””ارغونن سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان مقرر ڪيو ھو“. (22)

(2-5) مختلف ٻولينجا ڪتبا: -

اسين پنهنجي سھوليت خاطر ڪتبن کي به جدا جدا ٻولين جي لحاظ کان اڀياس ھيٺ آڻينداسين.

(الف) عربي ڪتبا: سمن جي دور حڪومت ۾ جيڪي به تعميرات سرڪاري سطح تي ٿيون، يا وري اھي عمارتون جيڪي حڪمرانن جي نگرانيءَ ۾ ٺھي راس ٿيون، انهن سڀني جاين تي يادگار ڪتبا عربي ٻوليءَ ۾ آھن، سمن ڄامن ۽ ان دور جي مشاھيرن جا. اڪثر مقبرا، مدفن گاھ ۽ چوڪنڊيون مڪلي ٽڪريءَ جي اترئين ڇيڙي تي آھن. مير علي شير  قانع ”مڪلي نامه“ نالي مختصر ڪتاب لکيو، جنهن تي موجودھ زماني جي مثالي مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ تاريخي واڌارا ڪيا آھن. ھن دور جي جن ڪتبن جو ھت حوالو ڏبو، يا وري ڪي اقتباس ڏبا،اهي سڀ راشدي صاحب جي مرتب ڪيل ”مڪلي  نامه“ تان کنيا ويا آھن. انهن مقبرن، چوڪنڊين۽ ديوارن تي نصب ٿيل ڪتبا، عملي طرح سان عربي زبان ۾  ڏسجن ٿا.

مقبرو ڄام صلاح الدين، مقبرو ملڪ تاج الدين، مقبرو ملڪ راڄ پال ۽ مدفن گاھ دريا خان کاه علاوه ھمشيره ميان فتح خان ۽ ڄام نندي جي شاندر مقبري تي جيڪي ڪتبا لڳل آھن، اھي نوانوي سيڪڙو عربي زبان ۾ آھن، ھڪ ٻه سيڪڙو ڪتبن جو فارسي ٻوليءَ ۾ به ڏسجي ٿو. (23)

(ب) فارسي ڪتبا: مٿي اسان سنڌ ۾ فارسي ڪتبن جي پس منظر تي مختصر روشني وجھي آيا آھيون. ھڪ ڪتبو سيوھڻ ۾ قلندر شھباز جي درگاھ تي لڳل آھي. ان مان صاف ظاھر آھي ته مذڪوره ڪتبو فيروز تغلق جي دور ۽ حڪم تي لڳو ھو:

بعهد دولت فيروز شه سلطان دين پرور،

که خاک درگھش سازند شاھان جھان افسر.

تاريخ واريون سٽون ھن ريت آھن:

بروز ھفتم از ماه رجب مبني شداين روضه،

بسال ھفصدو پنجاه هفت از ھجرت مھتر (24)

ٻيو فارسي ڪتبو گجي جي ڀرسان شيخ ترابيءَ جي مزار تي لڳل ھو، جو ھن وقت سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ رکيل آھي. ھي ڪتبو ڄام جوڻي  جي ٻئي ڀيري حڪومت ۾ اچڻ وقت لڳو ھو. ھي ڪتبو 3 سفر 782 ھ تي نصب ٿيو. ڪجهه سٽون ڏجن ٿيون جن مان تاريخ ظاھر ٿئي ٿي:

بسال ھفصد و ھشتاد و دو از ھجرت احمد،

زعون ايزد ذوالمن والافضال والاحسان،

بناشد، ثالث ماه صفر، اين روضھء ميمون،

بسعي کمترين بندگان موسيٰ بن شھجان.

ھن ڪتبي جي شروع وارين سٽن ۾ فيروز تغلق جونالو چٽو آھي:

بعھد شھريار دھر سلطان داور (کذا)

شھ فيروز منصور مظفر در صف شاھان (25)

ھنن ٻن ڪتبن  کان علاواه سيوھڻ ۾ ٻه وڌيڪ فارسي ڪتبا پڻ فيروز تغلق جي دور جا يادگار آھن. انهن مان ھڪ ڪتبو سيد عليءَ جي مرقد تي آھي ۽ ٻيو ڪتبو محمد تغلق جي عارضي مدفن گاھ تي لڳل ھو. انهن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته آزاد سمن ڄامن جو ھن ڏس ۾ ڪو به عمل دخل نه ھو. اھي ڪتبا دھليءَ جي بادشاھن جي حڪم ۽ پاليسيءَ پٽاندڙ لڳا ھئا.

(ج) سنڌي تحرير ۽ ڪتبا: سنڌي زبان جي قدامت ۽ ان دور جي ادبي سرمايي جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آھي، ان کان سواءِ ھي به ٻڌايو ويو آھي ته سمن جي دور ۾ ڪيئن نه معياري سنڌي وچ سنڌ مان نڪري، سڄي سنڌ ۾ پکڙجي رھي ھئي، عربي زبان کي ھر لحاظ کان ھن زماني ۾ فوقيت حاصل رھي. سمن حاڪمن جي مقبرن، قبرن ۽ چوڪنڊين تي به عربي زبان ۾ ڪتبا لڳل آھن. فارسي ٻولي پاڙيسري ملڪ  ايران جي زبان ھجڻ ڪري سنڌ ۾ وڌي ۽ ويجھي، ۽ ان ۾ سمن ڄامن جو ڪو به ڪردار نه ھو. واپاري ۽ ڪاروباري طبقو خاص ڪري ھي ٻولي وڏي شوق سان سکندو ھو، ڇو ته ان وقت تائين فارسي زبان ايران کان نڪري افغانستان، مرڪزي ايشيا ۽ ھندستان تائين پھچي چڪي ھئي. ارمان آھي ته قديم سنڌي تحرير جو ڪو به نمونو دستياب نه ٿيو آھي. باوجود ان جي ته ابن نديم ۽ البيروني جھڙا عالم سنڌي تحرير ۽ رسم الخط جو ذڪر ڪن ٿا. قوي گمان آھي ته ان دور ۾ سنڌي زبان، عربي رسم الخط جي بجاءِ ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي ھئي. اھڙو رسم الخط واپاري طبقي وٽ عمل ۾ ھو. ويچار صرف ان ڳالهه جو آھي ته سمن ڄامن، جيڪي نج نبار سنڌي نسل جا ھئا، انهن پڻ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري ۾ ڪا دلچسپي نه ورتي. يا وري معلومات جي کوٽ سبب، ان ڏس ۾ تاريخ جا صفحا خاموش ڏسجن ٿا. (26)

(3-5) سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري ٻولي:-

ھن مقالي  ۾ اسان کي سمن جي دور جي علمي، تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي ڳولي تاريخ جي ھڪ مکيه باب کي نروار ڪرڻو آھي. عنوان کي  نباھڻ لاءِ مختلف رخن کان بحث ٿي چڪو آھي. اچو ته ھاڻي ھن بحث  کي سھيڙي ڪو نتيجو ڪڍون.

(1) تحقيق ۽ تلاش جي راھ ۾ آخري راءِ نه ٿيندي آھي. ممڪن  آھي ته اڄوڪي راءِ ورندڙ ڏينهن تي ملندڙ نئين مواد جي روشنيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي.

(2) اسان وٽ اڃا اھڙي قسم جي مطالعي جي اھميت تسليم نه ڪئي ويئي آھي. سڀ کان اول محمد صديق ميمڻ ھن موضوع تي راءِ زني ڪئي. اڪثر لکندڙن ھن قسم جو اڀياس ڪندي، سياسي توڙي تاريخي پس منظر کي نظرانداز ڪيو آھي.

(3) ھن دور جي ابتدائي فارسي ڪتبن کي ڏسي ھي راءِ قائم ڪئي ويئي ته سمن جي دور جي دفتري ٻولي فارسي ھئي. اھڙي راءِ ڏيندي ڪتبن جي نصب ٿيڻ جي حقيقي پس منظر تي بلڪل غور نه ڪيو ويو. ٻئي طرف آزاد سمن حاڪمن جي تعميرات تي نوانوي سيڪڙو ڪتبا عربي زبان ۾ آھن.

(4) قرين قياس آھي ته سمن جي آخري دور تائين سنڌ ۾ فارسي زبان پنهنجا قدم وڌائي چڪي ھئي.  حاڪمن حالتن جي تقاضا تهت فارسي ٻوليءَ لاءِ به نرم گوشو پيدا ڪيو. اھو ئي سبب آھي جو سندن ڪرايل تعميرات تي ھڪ ٻھ سيڪڙو تحرير فارسي ٻوليءَ ۾ به ڏسجي ٿي. بهرحال ھڪ ٻه سيڪڙو فارسي ڪتبن کي ڏسي، ھي چئجي ته سمن حاڪمن فارسي ٻوليءَ جي بالادستي قبول ڪري ورتي ھئي، اھا اھڙي راءِ ٿيندي جو اسين مير علي شير  قانع جي ”مقالات الشعراءِ“ ۾ ھڪ ٻه سيڪڙو عربي اکر ڏسي چئون ته ھي ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ لکيل آھي.

(5) سمن جي دور جي علمي ۽ تعليمي زبان ”عربي“ رھي. ان ڏس ۾ الزبدة“  جي تحرير ھڪ بهترين مثال آھي. ھن زماني ۾ عام ادبي ٻولي به ”عربي“ ڏسجي ٿي. ان جو عمدو مثال شيخ صفائيءَ جي ڪتاب ”تذڪرته المراد“ جي روپ ۾ ملي ٿو.

(6) ان دور جي تاريخي اڀياس ۽ سمن ڄامن ۽ تغلقن جي ڇڪتاڻ کي ذھن ۾ رکڻ سان گڏ خود ڄام جوڻي ۽ ڄام تماچيءَ جي جدا جدا سوچ توڙي پاليسين کي ڏسي بنا ڪنهن ھٻڪ جي  چئي سگھجي ٿو ته سنڌي حاڪمن مڪمل آزادي وٺڻ کان پوءِ، غلامي  ۽ محڪوميءَ جي ھر نشان کي ختم ڪيو ھوندو. فارسي بدستور سرڪاري ٻولي رھندي اچي ھا ته (علاؤالدين ڄام جوڻي کان پوءِ)، سمن جي خاتمي تائين سنڌ ۾ ھن ٻوليءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جا انبار لڳي وڃن ھا. مٿي ڏسي چڪا آھيون ته ذڪر ھيٺ دور ۾، سنڌ ۾ فارسيءَ جا ڪي ٿورا شاعر پيدا ٿيا، جن پڻ چند سٽن کان وڌيڪ شعر نه ڇڏيو آھي. انهن مان به اڌ بزرگ ٻاھران آيا ۽ ڪجهه شاعرن ڏي منسوب شعر تذڪرن ۾ ٻين شاعرن جي نالي ۾ به داخل ڏسجن ٿا.

(7) ڪجهه عالمن جو رايو آھي ته  ٻن صدين کان فارسي ٻولي دھليءَ جي مرڪزي حڪومت جي دفتري ۽ سرڪاري زبان رھندي ٿي آئي، ان ڪري سمن جي دور جي ابتدا کان ھي ٻولي سنڌ ۾ به سرڪاري ٻوليءَ بنجي ويئي ھئي. ھن ڏس ۾ مفصل بحث اڳ ٿي چڪو آھي. تاريخي طور تي ھي خيال درست ڪونهي. ٻن صدين ۾ ھندستان ۽ سنڌ ۾ ڪڏھن به مفاھمت پيد انه ٿي سگھي. سنڌ جي سمن ۽ گجرات جي بادشاھن ۾ بهترين لاڳاپا قائم ھئا. گجرات ۾ عربي زبان کي اعليٰ مقام مليل ھو. ان ريت سنڌ جي  حاڪمن به ھن زبان کي اھميت ڏني، جا سندن خاتمي تائين جاري رھي.

(8) سمن جي پنهنجي سڪي جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي، ان تي پڻ تحرير عربي رسم الخط ۾ آھي. سرڪاري زبان جي حوالي سان سڪن جي تحرير به ان دور جي پاليسيءَ کي چٽو ڪري ٿي. ھن ڏس ۾ سمن جي تعميرات جو وڌيڪ اڀياس، اڃا به مکيه مدد ۽ رھنمائي ڪري سگھي ٿو.

(9) مٿيون مطالعو، جائزو، علمي ۽ ادبي ذخيري جو اڀياس توڙي مليل ڪتبن جي ڇنڊ ڇاڻ ھن تحقيق جي تائيد ٿا ڪن ته سمن جي دور جي علمي، تعليمي ۽ سرڪاري زبان ”عربي“ مقرر رھي. سڪن جو ملڻ به ھن ڏس ۾ ھڪ ٺوس ثبوت ٿي پيو آھي. ھاڻي ھن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته عربن کان وٺي سمن جي زوال تائين پوريون اٺ صديون ”عربي“ مختلف رخن کان سنڌ ۾ نافذ ۽ غالب رھندي آئي.

(10) ارغونن جي حڪومت قائم ٿيڻ شرط، مدرسن ۽ دفترن توڙي درٻار ۾ فارسي زبان کي مڪمل بالادستي حاصل ٿي. ان  طرح عربيءَ جي اٺن صدين جي فوقيت ختم ٿي. نون حاڪمن سنڌي ٻوليءَ ڏي نهايت بي رحم رويو اختيار ڪيو. فارسي زبان ارغونن کان ڪري ٽالپرن جي خاتمي تائين سنڌ جي سرڪاري ٻولي رھي.

حوالا ۽ حاشيا

(1) مير علي شير قانع: ”تحفته الڪرام“، مرتب: سيد  حسام الدين راشدي، (عرب حاڪمن جي لسٽ)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1971ع.

(2) عمر حسين الخشاب : ”ابن بطوطھ جو سفر“ ، مترجم: محمد ابراھيم عباسي، ص ص 1-12، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع.

(3) سمن حاڪمن جي فھرست ۽ دور جي سياسي جائزي لاءِ سيد حسام الدين راشديءَ جي ”مڪلي نامه“ تان مدد ورتل آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ”تاريخ طاھري“ پڻ منهنجي سامھون رھي آھي.

(4) ڀيرومل مھرچند آڏواڻي: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ص 211 ۽  214؛ سنڌي ادبي بورڊ، سال 1972ع .

(5) مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“، حصو ٻيو، باب ٽيون، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد 1959ع.

(6) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“، ص 57، حيدرآباد سنڌ، سال 1962ع.

(7) انهن ڪتبن لاءِ ڏسو : ”تاريخ مظھر شاھجھاني“، مرتب سيد حسام الدين راشدي، ص ص 267-269 ؛ ۽ پڻ ڏسجي: ”مڪلي نامه“ مرتب: سيد حسام الدين راشدي، ص ص 106- 107، ناشر سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سال 1967ع.

- محمد تغلق جي مزار ۽ سيد عليءَ جي مرقد ورا ڪتبا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏنا آھن (تاريخ معصومي، اردو، ص ص 416-419، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1959ع.

(8) مولائي شيدائي: ”جنت السند“، ص 374، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع.

(9) عبداللھ ورياھ جو مقالو، ڇپيل رسالو ”سنڌي ادب“  سنڌالاجي، سال 1980ع.

(10) حوالو (6)، ص ص 83-85.

(11) شيخ حاجي حسين جي ڪتاب ”تذڪرته المراد“ کي يا ته نظرانداز ڪيو ويو آھي، يا وري مورڳو ھي تصنيف ارغونن جي دور جي شمار ڪئي وڃي ٿي. سن 927 ھ ۾ ڄامن جي حڪومت ختم ٿيڻ جي باوجود به ٺٽي تي ڄام فيروز جي حاڪميت قائم ھئي. شاھ بيگ ارغون 22 شعبان 930 ھ تي فوت ٿيو. ان کان پوءِ ارغونن ۽ سمن ۾ تازا معرڪا ٿيا. ان ريت ٺٽو به ارغونن جي تسلط ھيٺ آيو، جڏھن ته حاجي حسين صفائي 931 ھ ۾ وفات ڪري ويو. ظاھر آھي ته پاڻ ھي تذڪرو وفات کان ڪجهه وقت اڳ لکي پورو ڪيو ھوندائين.

(12) مير علي شير قانع: ”مقالات الشعرا“، مرتب : سيد حسام الدين راشدي، ص ص 10، 15، 91، 156، 422، 457، 815، 816 ؛ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع.

(13) الهه بچايو يار محمد سمون: ”لاڙ جو سير“ ، ص 23، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع.

(14) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ سمن وارو باب، اوائلي ڇاپو، سکر سنڌ.

(15) محمد صديق ميمڻ:  ”سنڌي جي ادبي تاريخ، برٽش حڪومت کان اڳ“، ص 5 ۽ ص 42، سنڌ مسلم ادبي سوسئٽي حيدرآباد 1937ع.

(16) ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، حوالو مٿي ڏنل، ص 214.

(17) ”لاڙ جو سير“ ، ص 22، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع.

(18) ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ، ص 136.

(19) ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو “، ص 46.

(20) Sindh Quarterly, p . 47, No, 1; - 1977.

(21) Sindh Quarterly, P. 41, No, 3; - 1978.

(22) سنڌالاجيءَ جا ڇپايل ڪتاب: ”سنڌيون“ ، ص 6؛ ۽ پڻ : ”سنڌي الف- ب جي ارتقا“ ، ص 42.

(23) سيد حسام الدين راشديءَ جا ”مڪلي نامه“ تي لکيل حاشيا؛ ص ص 110، 111،112، 127، 129، 130؛ ۽ پڻ ص ص 722- 73.

(24)  ”تاريخ مظھر شاھجھاني“ ، مرتب: سيد حسام الدين راشدي، ص ص 267 – 269، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1962ع.

(25 مڪلي نامه، ص 106 ۽ ص 107 .

- ڪتبي جو درست سال 782 هه آھي (مڪلي نامھ، ص 106).جڏھن ته ساڳئي ڪتاب جي صفحي 107 تي سن 872 هه واري غلطي دھرائي ويئي آھي.

(قلم تازو: ھي ڪتبو ھن وقت سنڌ ميوزم جي سومرن جي دور واري گئلريءَ ۾ رکيل آھي ۽ ان بابت وضاحتي پرچي پڻ اتان ھٽائي ويئي آھي.)

(26) تعجب آھي ته ھن دور جي ايڪڙ ٻيڪڙ سرائڪي ڪتبن بابت معلومات ملي ٿي، جڏھن ته سمن جي پنهنجي مادري ٻولي ”سنڌي“ جا تحريري دستاويز گم آھن!

(مهراڻ 2/1995ع)

گوجر قبيلو ۽ اُن جي گوجري ٻُليءَ جو اڀياس

ڊاڪٽر غلام علي الانا

1- پاڪستان ھڪ گھڻ – ٻوليائون (Multi- Lingual) ملڪ آھي. ھن ملڪ ۾ ھر صوبي ۽ اُن جي خطي ۾ ڌار ڌار ٻوليون، اُنهن جا ڌار ڌار لھجا (Dialects) ۽ انهن لھجن جا وري ڌار ڌار محاورا (Sub- Dialects) ڳالھايا ويندا آھن. اھي ٻوليون، ھند- ايراني، ھند- آريائي، ايراني ۽ غير آريائي خاندان وارين ٻولين سان واسطو رکن ٿيون.

پاڪستاني ٻولين ۽ پاڪستان ۾ رائج ٻولين جو مطالعو، ھڪ تمام وسيع ۽ وڏو موضوع آھي، جنهن تي آزاديءَ کان پوءِ، پاڪستان ۾ مجموعي طور سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن طرفان ڪو گھڻو ڪم ڪو نه ٿيو آھي. البت آزاديءَ کان اڳ، ھن ڏس ۾، ڪيترن ئي غير ملڪي ماھرن واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو آھي. سر جارج گريئرسن طرفان، سورھن جلدن تي مشتمل تحقيقي ڪم “Linguistic survey of India”  جي عنوان سان، ھن ڏس ۾ پنهنجيءَ نوعيت جو ھڪ لاثاني شاھڪار آھي، جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجي، اوتري ٿوري آھي. سرگريئرسن، پنهنجي ھن شاھڪار تحقيق ۾ برصغير جي ھر ٻوليءَ، ۽ برصغير کان ٻاھر ”افغانستان، (1) ”واخان“ ، پامير جي مٿاھن پٽن، برصغير جي اُتر- اوڀر وارن علائقن سان ملندڙ وچ ايشيا (Central Asia) جي ملڪن جھڙوڪ: چين واري سرحدي علائقي (چيني- تاجڪستان) ۽ ايراني سرحد وارن علائقن ۾ رائج ٻولين جو به ذڪر ڪيو آھي.

سرگريئرسن کانئس اڳ  آيل غير ملڪي ماھرن طرفان ڪيل تحقيقي ڪم، رپورٽون ۽ جائزا به نظر مان ڪڍيا ھئا، ۽ اُنهن رپورٽن، جائزن ۽ تحقيقي ڪم مان چڱي مدد حاصل ڪئي ھئائين. سرگريئرسن، اُنهن ماھرن جا حوالا پڻ ڏنا آھن. جيڪڏھن اُھي رپورٽون، جائزا ۽ تحقيقي ڪتاب، ھٿ ڪري، ڪٿي ڪو رسورس سينٽر (Resource Center) قائم ڪيو وڃي ته جيڪر اِھو مواد، علم، اللسان، ۽ علم الانسان، جي کيتر ۾ کوجنا ڪندڙن جي لاءِ، گذريل صدي (ويھين صدي) ۽ ھلندڙ ايڪيھين صديءَ ۾، وڏو مددگار ثابت ٿي سگھندو. اُنهن ماھرن جا نالا ۽ ببليوگرافي، سمجھاڻيءَ وارن صفحن ۾ ڏنا ويا آھن.(2)

پاڪستان جي اُترين سرحد ۾ ھڪ طرف خنجراب ۽ منتڪ، دڙن تائين، ٻئي طرف وري بروغل (Baroghal) دڙي جي پرئين پاسي ”سريڪول (Sarikol) بستيءَ تائين، ته  ٽئين طرف اُتر ۽ اُتر- اولهه ۾ واخان پٽي، ۽ واخان جي سرحد جي خطن جي تهذيب ۽ تمدن، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي اڀياس لاءِ، نهايت ئي دلچسپ مواد ميسر ملي ٿو، جنهن تي آزاديءَ (1947ع) کان پوءِ البت غير- ملڪي ماھرن ڪجهه قدر ڪم ڪيو آھي.

2- پاڪستان جي صوبه سرحد ۽ اُن جي اُترين علائقن جي انهن خطن ۾ جيڪي ٻوليون ڳالھايون وينديون  آھن، تن جي باري ۾ مختصر ذڪر ثقافتي ورثو، ڪتاب جي  چوٿين باب ۾ ڪيو ويو آھي، صوبي سرحد جي ھزاره علائقي کان وٺي ، اُن (صوبه سرحد) جي اُترئين حصي ۾، يا اُن کان مٿي ۽ اولهه طرف، داردستان ۽ بلورستان ۾ ۽ اوڀر ۽ اُتر- اوڀر وارن علائقن ۾، داردي، ھند- آريائي، ايراني ۽ غير آريائي ٻوليون ڳالھايون وينديون آھن، جن جو ذڪر به ثقافتي ورثو، ڪتاب جي چوٿين باب ۾ ڪيو ويو آھي. مانسھره جي اولهه طرف، شاھراھ ريشم تي، سنڌو درياءَ تي قائم  بستي ۽ ’ٿاڪوٽ پُل‘، کان وٺي اُتر طرف چلاس تائين، سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن جي آسپاس وارن علائقن کي جاگرافيائي لحاظ کان، ڌار ڌار نالن، يعني: کاٻي طرف واري علائقي کي ’سنڌو- ڪوھستان‘، ۽ ساڄي طرف واري علائقي کي ’سوات- ڪوھستان‘، سڏيو ويندو آھي. سوات- ڪوھستان وارو علائقو، ڪيترن ئي حصن ۽ ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. ھن علائقي (سوات- ڪوھستان) ۾ ڪالام واري خطي کي وڏي اھميت حاصل آھي. ھن (ڪالام واري) علائقي ۾ چار مشھور واديون آھن. اُھي ھي آھن: ڪالام، اُتروڙ، اُوسو ۽ گبرال. ڪالام واديءَ جون سرحدون، دير  ڪوھستان، چترال ڪوھستان، گلگت، تانگير ڪوھستان ۽ سنڌو – ڪوھستان سان ملن ٿيون(4) .

سنڌو- ڪوھستان ۽ سوات- ڪوھستان وارن ٻنهي علائقن ۾ داردي، ھند- آريائي ۽ ايراني ٻوليون ڳالھايون وينديون آھن، پر انهن تي اڃا به تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ علائقي جا مقامي ماھر داردي ٻولين کي،غير – آريائي يعني. ھن ئي خطي جي ديسي / مقامي ٻوليون ھجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. پاڪستان جي ھڪ وڏي لساني ”ماھر، ڊاڪٽر مھر عبدالحق، پنهنجي ڪتاب ”ملتاني زبان اور اسکا اردو سي تعلق“ ۾ سوال ڪيو آھي ته:

”اھي درد لوڪ ڪير ھئا؟ وادي سنڌ جي زبانن کي، انهن جي پشاچي زبان“ ڪيئن متاثر ڪيو. (5)

انهن (داردي) ٻولين ۾ ”شينا“،سڀني ٻولين کان وڏي ۽ اھم ٻوليءَ جي حيثيت  ٿي رکي. در..... ٻنهي طرفن واري انهيءَ ڪوھستاني علائقي ۾، اھڙا ڪيترائي لفظ ۽ وياڪرڻي صورتون اتي جي ڪوھستاني ٻولين ۾ معلوم ٿيون آھن، جيڪي ھوبهو سنڌي ۽ ھندي ٻولين ۾ ڳالھايون وينديون آھن، پر لسانياتي مطالعي جي کيتر ۾، ڪن ٻولين جي لغوي خزاني جو ھڪجھڙو ھجڻ، انهن ٻولين جي ھڪجھڙي يا ھڪ ئي گروھ يا خاندان جون ھجڻ، ڪو وزندار دليل نه آھي، جيئن ”سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد“ ڪتاب ۾ چيو ويو آھي.

3- داردي خاندان وارين ٻولين جي ڪوھستاني شاخ جون  جيڪي ٻوليون ھنن  ڪوھستاني خطن (سنڌو- ڪوھستان، سوات ڪوھستان، پنجڪوره ڪوھستان، ڪالام ڪوھستان  ۽ تانگير ڪوھستان وغيره ۾ ڳالھايون وڃن ٿيون، انهن ۾ سوات- ڪوھسان ۾ رائج، ”ڪالامي“ ، ”ڪُشتياني“، ”توروالي ۽ گاروي“  ٻولين توڙي سنڌي ۽ لھندي، ٻولين  ۾ صوتياتي، صرفي ۽ نحوي ھڪجھڙائيءَ جا ڪيترائي مثال ۽  ثبوت ملن ٿا. (6) اھڙيءَ طرح لھندي شاخ جون ”پوٺوھاري“،  ”ڇاڇي“، ”اعوائڪي“، ”ڌني“ ۽ ”ھندڪو“ ٻوليون به، سنڌي ۽ ڪوھستاني ٻولين سان ائين مشابهت رکن ٿيون، جيئن ”ڪڇي“،  ”کيتراني“، ”فراڪي“، ”جدگالي“، ”راڱڙي“ ۽ ميواتي، توڙي ڪاٺياواڙ ۽ راجستان جي اڳوڻين رياستن جون ٻوليون، سنڌي ٻوليءَ سان مشابهت رکن ٿيون. (7).سرگريئرسن، ”ملتاني“، ”مغربي پنجابي“، ”ڄٽڪي“، ”اوچي“ ۽ ”ھندڪي“/ ”ھندڪو“ کي لھندا جون شاخون سڏيو آھي. (8). ھن (سرگريئرسن) ”ملتانيءَ لاءِ سرائڪي - ھندڪي“ ٻولي لفظ ڪم نه آندو آھي.

شروع ۾ اھو چيو ويو آھي ته ھزاره علائقي ۾، مانسھره، کان وٺي اڳتي ”ٿاڪوٽ“، ۽ وري ٿاڪوٽ جي اُتر طرف، شاھراھ ريشم تي، ”چلاس“ تائين سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن جي آس پاس وارا علائقا، ”سنڌو - ڪوھستان“ (درياءَ سنڌ جي کاٻي طرف وارا علائقا) ۽ سوات – ڪوھستان (سنڌو درياءَ جي ساڄي طرف وارا علائقا) جي  نالن سان سڏبا آھن. انهن علائقن ۾، سوات- ڪوھستان وارو علائقو، لساني گروھن جي لحاظ کان ڏاڍو دلچسپپ، شاھوڪار ۽ اھم علائقو آھي. ھن علائقي جي اُتر ۾ ”ڪالام ڪوھستان“، اولهه طرف ”ديرڪوھستان“ ، ”پنجڪورھ ڪوھستان“، ”سوات ڪوھستان“، ۽ ”مالا ڪنڊ ڪوھستان“، وارا علائقا اچي وڃن ٿا. انهن علائقن ۾ ”ڪوھستاني ٻوليون“ ڳالھايون وينديون آھن. اُنهن کي گڏي ”ڪوھستاني گروھ واريون ٻوليون“ به چيو ويندو آھي. ٻولين جو اھو گروھ (ڪوھستاني گروھ) داردي خاندان وارين ٻولين سان واسطو رن ٿيون (10) . سرگريئرسن کان اڳ، جان بُدُولف، ۽ مورگينسٽيئرن به انهن ٻولين (ڪوھستاني ٻولين) جو ذڪر ڪيو آھي. (11) انهن ماھرن، داردي گروھ وارين ٻولين کي ٽن گروھن يا شاخن ۾ ورھايو آھي. اُھي ھي آھن:

( i )  داردي گروھ، ( ii ) ڪافر گروھ ۽ ( iii )  کووار (Khowar) گروھ داردي گروھ وارين ٻولين کي وري اڳتي ٽن شاخن ۾ ورھايو اٿن، اُھي شاخون آھن : (1)شينا، (2) ڪاشميري ۽ (3) ڪوھستاني(12) .

ھن سلسلي ۾ ھيٺ ڏنل پھرئين نقشي مان، سرگريئرسن جي راءِ موجب انهيءَ علائقي ۾ رائج ٻولين جي خاندان جي مطالعي ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

باڪس

4- پاڪستان جو علم الانسان جو مشھور ماھر، محترم محمد پرويش شاھين پنهنجن ڪتابن ۽  مقالن ۾، سرگريئرسن ۽ مارگيسٽيئرن سان، راءِ ۾ اختلاف ٿو رکي. ھو داردي ٻولين کي، آريائي ٻوليون قبول نٿو ڪري. ھو پنهنجي ڪتاب ”ڪالام“ ۾ لکي ٿو ته:

”داردستان جا اصلوڪا رھاڪو غير- آريا ھئا“ (13) پرويش شاھين، ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته:

”داردستان ۾ رھندڙ قومون ۽ قبيلا، ڪنهن به نسلي گروھ سان واسطو نٿا رکن ۽ نه ئي وري ڪو اھي قبيلا ڪا ھڪ ٻولي،  يا ڪنهن ھڪ گروھ جي ٻولي ڳالھائين ٿا. اھي ماڻھو جيڪي به ٻوليون ڳالھائين ٿا، اُھي ڪنهن ھڪ نسل يا گروھ جي ٻولين سان واسطو نٿيون رکن. مثال طور:

داردستان ۾ بليتي، بروشسڪي، بٽيڙي، ڊوم، ڪلاشوار، کووار ۽ گوجري ٻوليون ڳالھايون وينديون آھن. اھي ٻوليون اھڙيون آھن، جيڪي داردستان ۾ رائج ٻين زبانن جھڙوڪ: ڪشميري، ڪوھستاني، شينڪي، گاروي، توروالي، اوشو جي، داشوي، بلتم، شمپو ۽ بديشيءَ سان ڪنهن به قسم جي نسلي يا گروھي واسطو نٿيون رکن.

لھاذا داردستان جي ايڏي وسيع علائقي ۾ جيڪي قومون ۽ نسل رھن ٿا، اُھي ڪڏھن ھڪ نسل يا گروھ سان واسطو نٿا رکن، ۽ نه ئي وري اُھي ڪنهن ھڪ خاندان يا نسل جون ٻوليون ڳالھائيندا آھن.(14) .

داردستان ۾ ھن وقت جيڪي ٻوليون ڳالھايون وينديون آھن. اھي سڀ آريائي خاندان واريون ٻوليون نه آھن، ۽ نه ئي وري داردستان ۾ رھندڙ سڀ قومون يا ماڻھو ڪي آريائي نسل جا آھن، اھا ٻي ڳاله آھي ته ڌار ڌار قومن ۽  قبيلن جي ھن علائقي ۾ ورھين جا ورھيه گڏ رھڻ ڪري، ھو ھاڻ پاڻ ۾ گڏجي ميسجي کير کنڊ ٿي ويا آھن“ (15)


·   عام طرح قاضي قادن کي به  سمن جي دور جو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. تاريخي لحاظ سان ھي راءِ درست ڪانهي. کيس ارغون دؤر جو شاعر سڏڻ وڌيڪ درست ٿيندو.

·   ھن ڏس ۾ گھڻن عالمن پنهنجا ويچار ڏنا آھن. ھتي ڪجهه چونڊ اسڪالرن جي راءِ ڏبي. بهرحال اڪثر محققن جو خيال آھي ته فارسيءَ جو سنڌ ۾ سرڪاري عمل دخل ارغونن جي حڪومت کان شروع ٿيو.


(1) Rec.G.Shirt, Udharam Thanwardas and S.F. Mirza, A Sinhi-English Dictionary Kurrachee, 1879,(Preface.p.1.

      (1)الانا،  غلام علي، سنڌي صورتخطي (چوٿون ڇاپو، 1993، ص 132-135)

[3] (1) الانا، غلام علي، سنڌي صورتخطي، (چوٿون ڇاپو، 1993، ص 132- 135).

(1) Bloomfield Leonard, Language, Phonetic Change pp. 350-351.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com