سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :7

هاڻ سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته سٿين ۽ پارٿين، ايرانين ۽ ٻڌ مت ۽ هندو دور واري هن قديم تهذيب متعلق اسان جا مورخ ۽ ماهر خاموش ڇو رهيا آهن. ڀنڀور واري تهذيب جي ملڪ ۾ پچارڇو نه آهي؟ ڇا انهن دورن جا برتن، رانديڪا، روزانه زندگيءَ جو سامان، سڪا، اُن قديم تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ ڪجهه به نٿا بيان ڪن؟ اهو سامان پنهنجي دور جي معاشري ۽ معاشرتي زندگيءَ تي ڪابه روشني نٿو وجهي؟ جيڪڏهن انهيءَ سرمايي ۽ مواد جي مطالعي جي مدد سان اسان جي مالڪ جي قديم تاريخ، قديم تهذيب  ۽ قديم ثقافت جي باري ۾ معلومات ملي ٿي ته پوءِ انهن جي باري ۾ اسان جا ماهر خاموش ڇو رهيا آهن ۽ انهيءَ دور کي اهميت ڇو نه ڏني اٿن؟

ڀنڀور  جي کوٽائيءَ مان مليل سامان جي اڀياس مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ۾ ڌار ڌار مذهبن جا ماڻهو رهندا هئا. سڀ کان اهم نقطو هي آهي ته هتان مليل مواد تي جيڪي چٽ، گل، نقش، ڊزائينون ۽ جاندارن جون شڪليون وغيره آهن، انهن مان هن تهذيب جي رهاڪن، ماڻهن جي روزانه زندگيءَ جي فلسفي، سوچ، فڪر، مذهب، فن، هنرن،ڪاريگرين ۾ ذوق ۽ نفسيات جي خبر پوي ٿي.

ماهرن کي  خبر آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ٻولي اُن ملڪ جي سماجي، ثقافتي تهذيب ۽ تمدني تاريخ جي آئينه دار هوندي آهي، ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جي مطالعي مان ان قوم جي معاشي ۽ معاشرتي قدرن، سوچ ۽ فڪرجي ارتقا، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جي خبر پوندي آهي. ڀنڀور جي آثارن مان مليل مواد جو مطالعو هت رهندڙ ماڻهن جي ذهني ارتقا، معاشي ۽ معاشرتي حيثيت، فن ۽ فنڪارانه قابليت، مذهب  ۽ مذهبي اصولن وغيره جو املهه مواد سامهون آڻي ٿو، جنهن جي ڏسڻ سان علم الانسان جا ماهر هتي جي ماڻهن کي وڏي قدر ۽ احترام جي نگاهن سان ڏسن ٿا.

هن ڏس ۾ مٿي بيان ڪيل نقطن ۽ هتي جي ماڻهن جي اخلاقي ۽ اقتصادي تاريخ متعلق گهڻي ۾ گهڻي ۽ مفيد معلومات انهن ٺڪرين جي ذريعي ملي ٿي، جن تي ڪلڪ سان اُن زمان جي ٻوليءَ جا ڪجهه اکر لکيا ويا آهن، جن کي ڊاڪٽر خان Proto Nagari اکرٿو سڏي (1).·

انهن ٺڪرين تي لکيل هي لفظ ثابت ٿا ڪن ته هن شهر جا ماڻهو نه فقط هڪ پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا ڌڻي هئا پر هو پنهنجي روزانه زندگيءَ ۽ وهنوار، اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ پنهنجي

ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جيڪا هو نه فقط ڳالهائي سگهندا هئا، پر هو اُها ٻولي باقاعدگيءَ سان لکي به سگهندا هئا، انهن ٺڪرين تي لکيل اکرن مان ائين پڻ واضح ٿئي ٿو ته هن شهر جا ماڻهو هڪ کان وڌيڪ رسم الخط لکي سگهندا هئا. هن مان اها به دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته هت رهندڙ ڌارڌار قومن جو ڌار ڌار رسم الخط هوندو هو، يعني لوهاڻا پنهنجو لوهاڻڪو يا لاڙي رسم الخط ڪم آڻيندا هئا ته ٻيا هندو ارڌنا گري رسم الخط ڪم آڻيندا هئا. اهڙيءَ طرح هت مانوشاو يا ملوالي رسم الخط پڻ رائج هو.

ٻوليءَ قومن جي زندگيءَ، ثقافت، تهذيب  ۽ تمدن جو آئينو آهي. سنڌي ٻولي سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي اها ته خبر آهي ته انهن ٽن ٺڪرين مان هڪ جنهن تي لوهاڻڪي (1) يا لاڙي رسم الخط ۾ ڪجهه اکر لکيل آهن، اُن ٺڪريءَ واري لکت مون سال ١٩٦٨ع ۾ پڙهي، نئين زندگي رسالي ۾ مضمون جي صورت ۾ ڇپائي هئي. وري اُن تي وڌيڪ اڀياس ڪري، ١٩٧٩ع ۾ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي صورتخطيءَ“ ۾ اُن جي باري ۾ تفصيلي بحث ڪيو هئم. ان ٺڪريءَ تي لکيل اکرن جي پڙهڻ کانپوءِ مون جيڪي نتيجا ڪڍيا هئا، انهن کي هت دهرائڻ مناسب ٿو سمجهان. اهي نتيجا هي آهن:

(الف) ”ڀنڀور واريءَ لکت مان هڪ يعني تصوير نمبر 10 واري لکت پڙهي ويئي آهي؛ اُن لکت جي پڙهڻي آهي ”بجُر هيدر“. پهرينءَ سٽ ۾ لکيل آهي ”بجُر“ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ لکيل آهي ”هيدر“. انهيءَ ٺڪريءَ توڙي ٻين ٺڪرين تي لکيل لفظ، سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جي زماني جي سنڌي ٻوليءَ جي لکيل صورت جي املهه نشاني آهن.

(ب) اسلام جي آمد کان اڳ سنڌي ٻولي ديسي رسم الخطن ۾  لکي ويندي هئي، جنهن جا هڪ کان وڌيڪ رسم الخط هئا، يعني هر قوم کي پنهنجو پنهنجو رسم الخطه هو. ٻولي اها ئي ساڳي يعني سنڌي هئي، پر لوهاڻا ان کي پنهنجي نموني پيا لکندا هئا ته ڀاٽيا پنهنجو رسم الخط پيا ڪم آڻيندا هئا.

(ت) اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي – وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي هئي. اُن ۾ نجوم، هيئت، رياضي، طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت روزانه استعمال جي ٻين شين، مختلف قسمن جي ڪپڙن، دوائن وغيره لاءِ لغوي خزانو موجود هو.

(ج) ”بجُر هيدر“ لفظ وياڪرڻ جي لحاظ کان توڙي نحوي نقطه نگاهه کان نهايت ئي دلچسپيءَ وارو آهي. هن لفظ جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ به سنڌي ٻوليءَ جي صفتي فقرن جي ساخت ۽ سٽاءَ ساڳي هئي.

(١) خواجه غلام علي الانا، ”سنڌي صورتخطي“، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشن، ٽيون ڇاپو، ١٩٧٩ع ، ص ٢٢-٢٣.

ڀنڀور واريءَ لکت جي مطالعي  کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته هتي لوهاڻڪو يا لاڙي رسم الخط،  ارڌنا گري رسم الخط ۽ مالواري رسم الخط رائج هئا، جنهن جو ثبوت عرب سياحن جاخط، ابن نديم ۽ البيرونيءَ جي بيان مان ملي ٿو. هن سلسلي ۾ جاحظ (٨٦٤ع) لکي ٿو:

”سنڌ (هند) جي ماڻهن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گهڻو اڳتي ڏٺو، انهن جو هڪ خاص سنڌي (هندي) خط آهي.......(الخ)“(1)

مسعودي (٩٥٧ع) لکي ٿو:

”سنڌ جي زبان هندستان کان مختلف آهي. سنڌ اسلامي ملڪن سان قريب تر آهي. مهانگر يعني ولڀراءِ جي سلطنت جي تختگاهه جي ٻولي کڙي آهي. هيءَ انهيءَ طرف ۽ پسگرائيءَ جي زبان آهي، مگر ثقيل آهي. سامونڊي ساحل، چيمور، سوپاره ۽ ٺائي وغيره ساحلي شهرن جي زبان ”لاڙي“ آهي.“(2)

ساڳيءَ طرح بشاري مقدسي (تصنيف ٩٨٥ع) لکي ٿو:

”ديبل هڪ سامونڊي شهر آهي، هن سان هڪ سؤ ڳوٺ مليل آهن، هتي جا رهاڪو زياد تر هندو آهن.سمنڊ جو پاڻي طغيانيءَ جي وقت شهر جي ديوارن سان اچي لڳندو آهي.هتي جا باشندا واپاري آهن. سنڌي  ۽ عربي زبانون ڳالهائين ٿا“ (3).

اهڙيءَ طرح  ابن نديم (٩٩٥ع) جو رايو آهي:

”سنڌ جي ماڻهن جون زبانون ۽ مذهب باهم مختلف آهن، ۽ رسم الخط متعد آهن. هن جا تقريباً ٻه سئو رسم الخط آهن.سنڌ جي ماڻهن وٽ 9 رسم الخط آهن.... الخ“ (4)

بلڪل ساڳيءَ طرح البيروني لکي ٿو:

”ڏکڻ سنڌ ۾ ڪماري واري خطي تائين،مالوشائو (Malwashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، اُن کي مالوالي به چئبو آهي. بهمنو (منصوره) ۾  سئندو رسم الخط ڪم ايندو هو. لاڙي خط لاڙديس ۾ ڪم ايندو هو. ارڌنا گري رسم الخط ڀاٽيا ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو هو“ (5).

عرب سياحن جا مٿي جيڪي رايا ڏنا ويا آهن، تن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ نه فقط ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالهين کي لکت ۾ ثبوت طور پيش ڪيو آهي، پر انهن سفر نامن مان سنڌي ٻوليءَ ۽ ان لاءِ ڪم ايندڙ لکيت ۽ انهن جي ڌار ڌار نمونن بابت به پتو پوي ٿو. جاحظ، ابن نديم ۽ البيرونيءَ جي احوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اسلامي جي آمد وقت سنڌي ٻولي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر اها روزمره جي استعمال واري ٻولي هئي. ماڻهن جي خيال جي اظهار جو ذريعو هئي ۽ اها ڌار ڌار رسم الخطن ۾ لکي به ويندي هئي ۽ اهو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته ان وقت جي ٻولي ان وقت جي تهذيب، ثقافت ۽ ان جي قدرن کي اجاگر ڪري ٿي.

ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل ٺڪرين مان لکيل اکرن جي وڌيڪ اڀياس کانپوءِ هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته ابن نديم ۽ البيرونيءَ جيڪا راءِ ڏني هئي، سا سچي ۽ صحيح هئي، ان سلسلي ۾ پهرين ١٩٦٨ع ۾، پوءِ ١٩٧٦ع ۾ ۽ ان کانپوءِ ١٩٧٩ع ۾ ڪڍيل نتيجن ۾ اهو عرض ڪيو ويو هو ته هتان لاڙي يا لوهاڻڪي ۽ ارڌنا گري رسم الخط جا ثبوت ۽ نمونا مليا آهن. تازو ڊاڪٽر محمد رفيق مغل صاحب طرفان منصوره ۾ ڪيل کوٽائي مان مليل ڪن  ٺڪرين تي به لوهاڻڪي  يعني لاڙي خط جا ثبوت مليا آهن.

جڳ مشهور ماهر قديم آثار ڊاڪٽر داني پنهنجي ڪتاب Indian Paleography ۾ برصغير جي هندستان واري اڪثر حصن ۾ رسم الخط جي مختلف نمونن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾  حوالا  به ڏنا آهن پر ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جي باري ۾ شايد ڪا معلومات ملي ڪانه سگهي، جيتوڻيڪ عرب سياحن سنڌي رسم الخط ۾ سنڌ ۾ مروج رسم الخط ڪتاب ۾ پرانتڪ يعني صوبائي لپين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن ۾ هندستان جي مشرقي، مغربي، اتر، اتر –اولهه، ڏکڻ وارن صوبن جي لپين جو ذڪرڪيو آهي، پر ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب صرف سنڌ جي ذڪر کان خالي آهي. ڊاڪٽرصاحب پنهنجي ڪتاب XVIa Plate ۽ XVIb  تي ”ملوالي“ رسم الخط جا مثال ۽ حوالا ڏنا آهن، پر هي خط سنڌ ۾ ڳولڻ جي تڪليف ڪانه ورتي اٿن، جنهن جو ذڪر البيروني به ڪيو آهي.

منهنجي خيال ۾ جنهن رسم الخط کي سر گريئرسن ڪراچي ضلعي جو رسم الخط ٿو سڏي، سو اصل ۾ لاڙي يا لوهاڻڪو رسم الخط آهي.

هن کان اڳ هڪ ٺڪريءَ تي لکيل لاڙي يا لوهاڻڪي اکرن جي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ۽ باقي رهيل ٻن ٺڪرين تي لکيل اکرن جي پڙهڻيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻي هئم. هن ڪانفرنس (ڀنڀور سيمينار -١٩٨٣ع) لاءِ اهو مناسب سمجهيم ته ڀنڀور وارين انهن باقي ٻن ٺڪرين جي پڙهڻيءَ جي باري ۾ ڪجهه عرض ڪريان. اڳ ۾ جاحظ جي حوالي سان بيان ڪيو اٿم ته سنڌ جا ماڻهو علم رياضي، علم نجوم ۽ حسابن ۾ ڪافي اڳتي هئا، جاحظ جي هن دعويٰ جو دليل ڀنڀور مان لڌل هڪ ٺڪريءَ تي لکيل اکرن مان ملي ٿو.

هن ٺڪريءَ جي اڀياس مان هڪ ته ان دورجي انگن  لکڻ جي خبر پوي ٿي. انگن جي لکيل صورت مان پتو پوي ٿو ته ان زماني ۾ به سنڌ ۾ علم رياضيءَ جو عام رواج هو. ماڻهن کي انگن ۽ انهن جي ڳاڻيٽن ۽ حساب ڪتاب رکڻ جي پوري ڄاڻ هئي. هو نه فقط انگن جي سڄي صورت مان واقف هئا ۽ ان جي لکڻ جو وٽن رواج هو پر ماپ ۽ تور ۾ وڌيڪ آسانيءَ لاءِ انگن جي ڀاڱن ۽ جزن جي به کين نه فقط زباني طور ڄاڻ ۽  خبر هئي پر ان جو لکت ۾ به اظهار ڪري سگهندا هئا، ڪنهن به قوم وٽ اهڙي ترقي يافته طريقي جو هجڻ ان قوم جي ذهانت جو ثبوت آهي، هن ٺڪريءَ (نمبر پهرين ص ١٥) جي  ٻي سٽ ۾ ”...........“ اکر دراصل سڄي لفظ جي ”لُنڊي“ ڇوٽي يا مخفف صورت آهي. هن سٽ ۾ مراد آهي ”ماپ“. سنڌ ۾ اڄ به واپاري وٽ ائين لکڻ جو رواج آهي. هن سِٽ ۾ ”...........“ اکر مان مراد آهي سواءِ هڪ پاءُ، سڄيءَ سٽ جي پڙهڻي ٿيندي ”ماپ سوا هڪ پاءُ“ هن مان هي ٿو اندازو لڳائي سگهجي ته دڪاندار پنهنجي وقت بچائڻ لاءِ ڪنهن شيءِ جون سوا هڪ پاءُ جون تور جيتريون پڙيون يا ويڙهيون اڳواٽ ئي ٻڌي تيار ڪري رکندا هئا ته جيئن دڪاندار ۽ خريداري جو وقت ضايع نه ٿئي.

علم رياضيءَ سان دلچسپي رکندڙ ماهرن لاءِ وڌيڪ دلچسپيءَ وارو نقطو هي آهي ته ڀنڀور جا ماڻهو ڪنهن به شيءَ جي ننڍن جزن مان به چڱيءَ طرح واقف هئا، ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سڄو، اڌ، پاءُ ۽ مُنو وغيره جهڙا جزا، ان وقت به سنڌ ۾ روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندا هئا.

هن لفظ کان هيٺ، ٽينءَ سٽ ۾ لکيل آهي ”...........“ جنهن جي پڙهڻي آهي سوا ٻه، يعني ته ڀنڀور جا رهاڪو نه فقط انگ اکر لکي سگهندا هئا، پر جزن جي ڄاڻ کانسواءِ انهن جزن جي لکڻ جو به وٽن رواج هو. يعني هو وڏا حسابدان ۽ رياضيدان هئا، جنهن جو ذڪر جاحظ پڻ ڪيو آهي.

اهڙي نموني صفحي ١٥ تي شڪل نمبر ٣ ۾ ڏنل ٺڪريءَ تي جيڪي اکر لکيل آهن تن جي پڙهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ ٺڪريءَ جي پڙهڻيءَ مان آئون اڃا مطمئن نه آهيان ۽ اها دعويٰ نٿو ڪريان ته جيڪا پڙهڻي مون مقرر ڪئي آهي اها آخري ۽ بلڪل درست آهي، پر ماهرن جي ڌيان ۽ سوچ فڪر لاءِ آئون پنهنجا رايا پيش ڪريان ٿو ۽ ٻين ماهرن کي پڻ دعوت ٿو ڏيان ته هو به هن ڏس ۾ ڪوشش ڪن، انهيءَ ٺڪريءَ تي پهرين سٽ ۾ جيڪي اکر لکيل آهن، اهي آهن:

ان جي پڙهڻي آهي (رمڊريها پٽ) ”پٽ“ مان مراد ته ريشم آهي، پر رمڊريها ڇا آهي، ان تي سوچڻو پوندو. ممڪن آهي ته ڪو ريشم جو قسم هجي.

ٻي سٽ هن ريت لکيل آهي:

ان جي پڙهڻي آهي ”ڍيرو هنڊرو“

ٽينءَ سٽ ۾ هي اکر لکيل آهي:

ان جي پڙهڻي آهي ”ننڍو“.

انهن ٺڪرين جي پڙهڻيءَ مان خبر پوي ٿي، ته ان وقت ڪهڙو ڪهڙو ڪپڙو يا سامان عام طور وڪامندو هو. ڪهڙين ڪهڙين شين جو واپار هلندو هو، ڪهڙا ڪهڙا رنگ استعمال ٿيندا هئا. هنن ٺڪرين جي اڀياس کانپوءِ سنڌ جي معاشي ۽ سماجي حالت ۽ ماڻهن جي نفسيات، سندن طبيعت جي لاڙن، تهذيب ۽ تمدن جي باري ۾ ڪافي ڪجهه چئي سگهجي ٿو(1).

(ڀنڀور نيشنل سيمينار ١٩٨٣ع ۾ پڙهيل)

(مهراڻ 3- 1983)

 

ٻولي،اُن جي ابتدا ۽ اوسر

ڊاڪٽر غلام علي الانا

١. ٻوليءَ جو علم هڪ سائنس آهي، هيءَ سائنس سماجي علومن (Social Sciences) سان واسطو رکي ٿي. ٻولي انسان ذات سان گڏ وجود ۾ آيل آوازن، آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، هڪ اهڙو نظام آهي، هڪ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وهنوار رکن ٿا، واسطو ۽ تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا(١).·

جيئن هيءَ ساري ڪائنات  ۽ اُن جو نظام هڪ فطرتي عمل آهي، جيئن سج جو اُڀرڻ ۽ لهڻ، موسمن جو ڦرڻ ۽ بدلجڻ، فصلن جو پوکجڻ ۽ لُڀجڻ، برسات جو وسڻ، هوائن جو لڳڻ، هڪ فطرتي عمل آهي، ۽ جيئن هر فطرتي عمل ۾ قدرت ڪارفرما آهي، تيئن ٻولي به هڪ فطرتي عمل آهي، قدرتي نظام آهي، هڪ تنظيم آهي، جيئن آوازن جي اُچارڻ ۽ لفظن جي جُڙڻ ۾ صوتياتي سٽاء، سرشتي ۽ تنظيم جو واسطو آهي، تيئن وري  فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي جڳهه جي مٽجڻ ۽ ڦير ڦار، جملي ۾ آواز جي جهيلار ۾ لاهه ۽ چاڙهه، لفظن جي ڦيرن، گردانن ۽ صيغن ۾ وياڪرڻي جوڙجڪ، سرشتي، سٽاء، ترتيب ۽ تنظيم جو دخل آهي.ٻوليءَ جي علم جا اهي سڀ شعبا ڪنهن فطرتي ۽ قدرتي نظام ۽ تنظيم جي اصولن موجب عمل ڪن ٿا.اهي سڀ حصا ڪنهن نظام موجب جڙيل  آهن، جنهن جي جوڙڻ ۾ ڪنهن به انسان جوڪڏهن به عمل دخل نه رهيو آهي.

٢. دنيا ۾ ٻوليءَ/ٻولين جي ابتدا ڪيئن ٿي، ڪڏهن ٿي، ڪٿي ٿي ۽  ڪهڙيءَ ريت ٿي، اهي سڀ اهڙا موضوع آهن، جن جي باري ۾ لسانيت جي ماهرن وڏي جاکوڙ ۽ تفتيش ڪئي آهي. هڪ ماهر گورڊن هيوز (Gordon Hewes) جي راءِ موجب، انهيءَ سلسلي ۾، لڳ ڀڳ ڏهه هزار کن حوالا ملن ٿا (٢). هن جي راءِ موجب انهيءَ موضوع تي، اوڻهين صديءَ  کان وٺي جدا جدا رايا ڏنا ويا آهن ۽ آخر ١٨٦٦ع ڌاري هڪ اهڙو وقت به آيو جو پئرس جي Linguistic Society طرفان هن موضوع تي وڌيڪ ڪنهن به قسم جي راءِ ڏيڻ کان منع ڪئي ويئي (١). بهرحال هن موضوع تي سنڌي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ مواد پيش ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇو جو هن موضوع تي انهن ٻولين ۾ سچ پچ ته اڃا ڪجهه لکيو ئي نه ويو آهي.

انهيءَ سلسلي ۾ (ٻولي/ٻولين جي ابتدا) هڪ رايو هي به آهي ته انسان ذات جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿو، تنهن جي ابتدا تڏهن کا ئي ٿي هئي، جڏهن کان ابتدائي انسان فطرتي طور ڳالهائڻ يا نقل ڪرڻ (Imitate) شروع ڪيو هو. هن ”اُهي آواز“ اُچارڻ شروع ڪيا هئا جيڪي سندس ماحول  ۾ فطرتي طور، ان وقت موجود هئا. فطرتي آوازن ۾ پکين جون لاتيون، دريائن ۽ نالن جي پاڻيءَ جي وهڪري جي گڙ گڙ، هوا جي سرسر، ڪڪرن جي ڪڙڪڙ، جيتن جي چرچر، جانورن جي ٻر ٻر، ۽ اهڙيءَ طرح کائڻ پيئڻ ۽ کنگهڻ وغيره جاآواز به هن دائري اندر شامل ڪري سگهجن ٿا. ماهرن جو رايو آهي ته انسان ۽ پکين ۾ اها ڏات هوندي آهي ته اهي ڪنهن به ماحول اندرپيدا ٿيل آوازن جو نقل ڪري سگهندا آهن(.

هن سلسلي ۾ ڌار ڌار ماهرن پنهنجي سماج ۽ سماجي ماحول، تهذيب ۽ تهذيبي روايتن ۽ خاص ڪري مذهب جي آڌار تي، ٻوليءَ جي ابتدا جي باري ۾ ڌار ڌار نظريا قائم ڪيا آهن. انهيءَ ڪري اهو به مناسب ٿيندو ته ڏسجي ته اهي ماهر، جن اسان جي تهذيب ۽ تمدن کي سنواريو آهي، جن اُن کي سينگاريو آهي، ٺاهيو آهي ۽ اُن کي ڪا صورت بخشي آهي، تن گفتگو، ٻوليءَ ۽ اُن جي لکت جي باري ۾  ڪهڙا ڪهڙا خيال ظاهر ڪيا آهن؟

انسان هڪ عجيب جانور آهي. ماهرن انسان ذات کي گونگي جانور کان الڳ شمار ڪيو آهي. دراصل اها ڳالهائڻ جي قوت ئي آهي، جنهن اسان کي اشرف المخلوقات بنايو آهي. انسان ذات جو اهو پختو يقين آهي ته الله پاڪ انسان ذات کي ڳالهائڻ جي قوت انهيءَ لاءِ عطا ڪئي آهي ته جيئن اُن ۾ سياڻپ، ڏاهپ، دانائي، طاقت ۽ تخليق جي صلاحيت پيدا ٿئي. هن سلسلي ۾ ڌار ڌار ملڪن ۽ مذهبن جي ماهرن ڌار ڌار رايا ڏنا آهن، جن جو مختصر جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

 (الف)قديم مصرين جو رايو:

مصر جي قديم ديوتا جو نالو ثوث  (Tehuti/Thoth) (1)· چون ٿا. Thoth جي نالي ۾ وڏي قوت سمجهي ويندي هئي، ڪنهن به جاندار يا بيجان شيءِ جو وجود، ثوث (Thoth) جي وجود کان پوءِ تسليم ڪيو ويندو هو، مصرين جي عقيدي موجب هن (Thoth) ڪي منتر پڙهيا ۽ ڪي ٻول ٻوليا، جن جي برڪت سان هيءَ دنيا وجود ۾ آئي. هن کي چنڊ جو ديوتا تسليم ڪيو ويندو آهي. هن کي منترن، ٻولن ۽ لکڻ جو سرجڻهار، خالق، مصنف ۽ محتسب مڃيو ويندو آهي. هُو  جادوءَ جي منترن ۽ مُنڊن، پاڪ لکت ۽ مس جو ڪرتار، ڪتابن جو ليکڪ ۽ ڪتابت جي فن جو ديوتا مڃيو  ويندو آهي. مصرين جي عقيدي موجب لکت جي فن جي ديوي سيشت (Seshet) سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ هن سان هميشه گڏ هوندي هئي. (ثوث) Thoth فقط هڪ جادو بيان مقرر، سخنور، گفتگو ڪندڙ نه هو پر هو علم شماريات، گفتگو ۽ تحرير جي فن ۾ به مهارت رکندو هو. مصرين جي عقيدي موجب ثوث  Thoth نه فقط ”ڪتابت“ جو ديوتا سمجهيو ويندو آهي، پر هڪ وڏو طبيب، وڪيل ۽ معمار پڻ هوندو هو. هو جيڪي ڪجهه فرمائيندو  هو تنهن کي عهد نامو (Gospel) سمجهيو ويندو هو.

(ب) بابلي تهذيب:

بابلي تهذيب جي هڪ ڏند -ڪٿا موجب، بابلي تهذيب جو پهريون مهذب انسان Oannes هو، جو هڪ راڪاس جي روپ ۾ ، اڌ ماڻهو ۽ اڌ مڇيءَ جي شڪل ۾ هوندو هو، جيڪو ايراني نار ڏانهن تري ويو  اُتي لکت جو فن ۽ ٻيا فن جاري ڪيائين.

(ج) چيني تهذيب:

چيني ڏند -ڪٿا موجب قدرت طرفان درياءَ مان هڪ ”دريائي گهوڙو“ يا ”ڪڇون“ پيدا ٿيو، جنهن چيني ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪئي. هن ”لکت“ واري ڏات پنهنجي  وات ۾ ڪانه کنئي، پر هن جي پٺيءَ تي جيڪي چٽ يا نقش هئا، تن انهيءَ ڏات يعني ”لکت“ جي نشاندهي ٿي ڪئي. ان کانپوءِ قانون لکيا ويا، ۽ نيم ۽ اصول جڙيا (1).·

چينين وٽ شهنشاهه Celestial جي لاءِ گهڻو احترام هوندو هو، هُو پکين جون لاتيون ۽ تنوارون گهڻي چاهه سان ٻڌندو هو ۽ انهن جي اُڏامي وڃڻ کانپوءِ، خاموشيءَ سان نرم واريءَ تي، انهن جي ڇڏيل پيرن جي نشانن کي نقل ڪندو هو. هڪ هزار سال اڳ چينين بهترين ڊڪشنريون جوڙيون، انهن ۾ لفظن کي ”نظرياتي“ (Ineologically) ترتيب ڏني.

عيسوي سن کان ڇهه يا ست صديون اڳ، ٻوليءَ ۽ اُن جي ڳالهائڻ جي سلسلي ۾ ڀارت ورش جي پنڊتن ۽ ودوانن جو نظريو، ڏند –ڪٿائن تي مبني، دلچسپ پيرايي ۾ ظاهر ڪيو ويو. انهن جي قديم لکتن ۽ ٻوليءَ کي انساني روپ (Personified) ۾ ”واڪ“ (Vak) يعني ”ٻولي جي ديوي“ يا ”واگديوي“ سڏيو ويو آهي ۽ اُن کي برهما جو مظهر (Manifestation) سمجهي عزت ڏني ويئي آهي. انهن ودوانن جي راءِ موجب پوتر (پاڪ) آواز (واڪ) کي نڪا ابتدا آهي ۽ نڪا انتها، پر اها انسان جي هم عصر (Co-eval) آهي. واڪ (ٻولي) برهما جي تخليقي قوت آهي. آڳاٽن هندو ودوانن جي راءِ موجب هيءَ دنيا خدا جي امر (واڪ) يعني ٻولن ٻولڻ(حڪم) سان هڪدم وجود ۾ آئي. هن جي خيال موجب الله تعاليٰ ”ڀُو“ (يعني ٿي پئو) جو حڪم ڏيئي هيءَ دنيا خلقي.

هندو ودوانن جو رايو  آهي ته الله تعاليٰ جاندارن طرفان ڳالهائڻ ۾ ايندڙ ڪيتريون ئي ٻوليون خلقيون. انسان کي ٻوليءَ ذريعي اها قوت عطا ٿي ته هُو ”منتر“ پڙهي سگهي يا بندگيءَ لاءِ جيڪي ٻول يا اسم اعظم آهن، سي ورجائي سگهي. ”تانترن“ ۾ ٻولي ۽ منترن کي جادوءَ واري سگهه يا جادوگريءَ جي معنيٰ ڏني ويئي آهي. منتر زنده ديوتا/ديويءَ جي علامت سمجهيا ويندا آهن(١).·

(هه) يهودين جو نظريو:

يهودي جي نظريي موجب انسان خدا جي تخليق جو عڪس آهي. هن کي بهشت مان هڪاليو ويو ۽ درياءَ ۽ طوفان جي وچ ۾ سزا طور ڇڏيو ويو. هُو هڪ ئي ٻولي ڳالهائي سگهندو هو. فرشتن محنت ڪري ڪاميابيءَ سان شهر اڏيا ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ منارا جوڙيا.

(و) مسلمانن جو نظريو:

ڪيترن ئي مسلمان مفڪرن ۽ عالمن جي راءِ موجب زبان جي تعليم الله تعاليٰ سندس ”پهرئين خلقيل انسان“ يعني انسان اول کي وحي ۽ الهام جي ذريعي ڏني.هُو (عالم) اُن دعويٰ جو دليل قرآن ڪريم جي حوالي سان ڏين ٿا.

عَلمَ آدَمَ اُلاَسُماءَ کُلما

يعني؛الله تعاليٰ آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا(1).·

قرآن پاڪ ۾ ٻئي هنڌ فرمايل آهي:

وَمِنُ ايَاتِھ خَلُقُ الُسمٰواتِ وَالارَضِ وَ اخُتِلافُ اَلسِنَتِکُم وَاَلُوانِکُمُ(2)

يعني؛ آسمان ۽ زمين جي تخليق ۽ توهانجي ٻولين ۽ رنگن ۾ اختلاف الله تعاليٰ جي نشانين مان آهن.

اهڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ هڪ ٻئي هنڌ فرمايل آهي:

اَلُرحمٰنُ o عَلمَ الُقُرآنُo خَلَق الاِنسانُo عَلمَھُ الُبَيانُo(3).

يعني: رحمان قرآن سيکاريو، انسان کي پيدا ڪيو  ان کي بيان ڪرڻ سيکاريو.

گويا جهڙيءَ طرح پهرئين خلقيل انسان (انسان اول) جي تخليق، ڪنهن تدريجي طريقي ڪار کانسواءِ عمل ۾ آئي، اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انسان اول کي پنهنجي قدرت ڪاملھ ۽ حڪمت بالغھ جي ذريعي زبان ۽ بيان جي صلاحيت سان روز اول کان ئي نوازي ڇڏيو هو.


·  (1) Khan F.A. Op. cit, P. 10.

· (١)جاحظ: ”رساله فخر السودان علي البيضان“، اردو ترجمو، ”هندوستان عربون کي نظرمين“ اعظم ڳڙهه، دارالمصنفين ١٩٢٠ع، ص ٧٢.

(٢) ابو الحسن مسعودي: ”مروج الذهب و معاون الجوهر“ اردو ترجمو، حوالو ڏنو ويو آهي، ص ٢٨٨. ٢٨٩.

(٣) بشاري مقدسي: ”احسن التقاسيم في معرفته“ ايضاً، ص ٣٨٥. ٣٨٦.

(٤) ابن نديم: الفهرست، ايضاً، جلد دوم، ١٩٦٢ع، ص ٣-٤.

(5) Edward C-Sachau, Alberuni’s India, kegan Pyal Trench Tribner London, 1910,P.173.

· (1) Sturtevant, E.H, An Introduction to Linguistic Science, New Hawen Yale University Press, 1947, p.21.

(2) Gordon Hewes, Language Origins, a bibliography, second edition, Morton, the Hague, 1974.

Also see: Ibid, “Primate Communication and the Gestural Origin of Language”. An article published in Current Anthropology, 14, 1973, pp.5-24.

·  (1) Brian Stross, The Origin and Evolution of Language, University of Texas, W.M.C Brown Company Publishers,1976,p,20.

(2) Ibid.

· (1) Firth, J.R, The Tongues of Men and speech, Oxford University Press, 1964, P,3.

· (2) Ibid,pp 4-5.

·(1) Firth, J.R,Op.Cit,P.5.

· (1) القرآن:٢ : ٣١.

· (2) القرآن: ٣٠، ٢٢

(3) ايضا: ٥٥؛ ١-٤

(4) الرزي فخر الدين: تقسير ڪبير، طهران، ٢، ١٧٥.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com