سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :24

”روزمره گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي.“ انهيءَ ڪري چون ٿا ته: ”آهي ڪاتب جو قلم هي“ غلط آهي ۽  ”هي ڪاتب جو قلم آهي، صحيح آهي.“ (40).

اڳتي چون ٿا ته انهن اصولن جي پابندي سٽاءَ جي چئن مقصدن (انتخاب، ترتيب، فعل جو لاڳاپو ۽ جهيلار) جي لاءِ ضروري آهي. ان ڪري ”اٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙن جملن کي لفظي ترتيب ۽ جهيلار جي اصولن تي پرکي غلط ثابت ڪيو ويو آهي. اسان مٿي ڏٺو ته جهيلار لفظي ترتيب جي پابند ناهي. هاڻي  ڏسنداسين ته ٻولين ۾ لفظي ترتيب جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ تي اهڙي ضرورت جو ڪيتري قدر اطلاق ٿئي ٿو:

4.1 گرامري تصورات: (41)

ڪنهن به جملي ٺاهڻ سان ڪابه ٻولي ڪي نحوي (گرامري) تصورات ادا ڪري ٿي، جن مان هڪڙن کي لازمي يا اڻٽر تصورات چئي سگهجي ٿو ۽ ٻين کي ثانوي، جيڪڏهن هِڪَ رِڇَ ۽ هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪبي ۽ اهو ڏيکارڻو هوندو ته هِڪَ ٻئي کي ماريو ته اهو لازمي ٿيندو ته ڏيکارجي ته ڪهڙي مارڻ جو عمل ڪيو ۽ ڪهڙو ان عمل جو شڪار ٿيو. دنيا جون سڀئي ٻوليون اهو لاڳاپو، جنهن کي فريز ”نام-نهاد فاعل-مفعول لاڳاپو، (42) ٿو ڪوٺي. ادا ڪن ٿيون. ٻئي پاسي مارڻ جو عمل ڪهڙي وقت ٿيو (زمان ۽ ٽينس)، يڪدم (جهٽ ۾) ٿيو يا ان عمل ۾ وقت لڳو (آسپيڪٽ (43). رڇ هڪڙو هو، ٻه هئا يا گهڻا هئا (عدد)، ۽ ڳالهه ڪندڙ اها ڳالهه پاڻ ٿيندي ڏٺي يا ڪنين سُئي پيو ٻڌائي، اهي سڀئي ڳالهيون ثانوي نحوي (گرامري) تصورات ۾ اچي وڃن ٿيون. انهن مان ڪيتريون ڳالهيون ڪيترين ٻولين ۾ ٻڌائڻ ضروري آهن، ڪيترين ٻولين ۾ غير ضروري آهن.

هنن نحوي تصورن جي اظهار لاءِ مختلف ٻولين جي گرامرن وٽ ٽي مختلف وسيلا يا اوزار (devices) آهن. لفظي ترتيب (word order) وارو وسيلو انهن مان هڪڙو آهي، پر جيئن اڳتي واضح ٿيندو، ٻين سڀني وسيلن کان ڪمزور ۽ محدود وسيلو اهو آهي، انهيءَ مقصد کي ادا ڪرڻ لا ٻيا جيڪي ٻه وسيلا ٻولين وٽ آهن تن مان ”ڪارجي لفظ“ (function words) هڪڙو آهي ۽ لفظي صورتون يا تصريفون (inflections) ٻيو آهي. هنن ٽن وسيلن جي ورهاست هيئن آهي: جيڪا ٻولي تصريفن جي ذريعي ”فاعل-مفعول“ جو لاڳاپو ادا ڪري سگهي ٿي، ان جي اختيار ۾ ڪارجي لفظن ۽ لفظي ترتيب جا وسيلا به آهن: (جيئن سنڌي)، جيڪا ٻولي تصريفن وسيلي ته اهو لاڳاپو ادا نٿي ڪري سگهي، پر ”ڪارجي لفظن“ ذريعي اهو ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿي، تنهن وٽ لفظي ترتيب جو اختيار به هوندو آهي(جيئن اردو) ۽ جيڪا ٻولي تصريفن ۽ ڪارجي لفظن ٻنهي ذريعن کان محروم آهي، سا انهيءَ لاڳاپي جي اظهار لاءِ سڄو دارومدار لفظي ترتيب تي ٿي رکي. (جيئن انگريزي) مثلاً سنڌي ٻولي جيڪا رِڇَ ۽ رِڇُ ۾ آخري حرڪتن وارين تصريفن سان فعالي حالت  ۽ اتهامي مفعول (accusative) حالت جو اظهار ڪري ٿي، ان لاءِ اهو به ممڪن آهي ته لفظي ترتيب ۽ ڪارجي لفظن جي مدد سان (يا انهن جي مدد کانسواءِ) ”فاعل-مفعول“ جي لاڳاپي جو اظهار ڪري، هن ٻوليءَ وٽ ڄڻ ٽئي ٿيار ٿيا، سخت پابندي رڳو تصريفن جي ڪرڻي اٿس، باقي ٻئي وسيلا سندس اختيار ۾ آهن. سندس غلام آهن، سندس حڪم جا بندا آهن:

1. رڇ ماڻهو ماريو(.......) (فاعل رڇ، مفعول ماڻهو)

2. ماڻهوءَ رڇُ ماريو، (.......) (فاعل ماڻهو، مفعول رڇ)

3. رِڇُ ماڻهوءَ ماريو. (.......) (مفعول رڇ فاعل ماڻهو)

4. رِڇَ ماڻهوءَ کي ماريو. (.......) (فاعل رڇ، مفعول ماڻهو+ڪارجي لفظ ”کي“)

5. ماڻهوءَ کي رِڇَ ماريو(.......) (مفعول ماڻهو، ڪارجي لفظ کي، فاعل رڇ)

6. رڇ کي ماڻهوءَ ماريو. (.......) (مفعول رڇ+ کي، فاعل)

7. ماڻهوءَ رِڇَ کي ماريو. (.......) (فاعل ماڻهو، مفعول رڇ+ کي).

سنڌي ٻوليءَ جي مقابلي ۾ وري اردو ٻولي آهي، جيڪا لازمي نحوي يا گرامري تصورن جو اظهار تصريفن سان نٿي ڪري سگهي، ان ڪري ان جو دارومدار ڪارجي لفظن جي استعمال ۽ لفظي ترتيب تي آهي، پر جيئن ته درجي بنديءَ ۾ ڪارجي لفظن وارو وسيلو لفظي ترتيب واري وسيلي کان وڌيڪ سگهارو ۽ وسعت وارو آهي، ان ڪري لفظي ترتيب جي هٿيار کي پنهنجو زيردست، پنهنجي  حڪم جو بندو، پنهنجو غلام ڪري استعمال ڪري؛ اردوءَ ۾ ڪار جي لفظن جي موجود هئڻ ڪري لفظي ترتيب کي حاڪميت حاصل ڪانهي؛ فاعل-مفعول جي جاءِ بدلائڻ جي آزادي آهي:

1. ريچهه ني آدمي کو مارا. (فاعل + ڪار جي لفظ ”ني“ + مفعول+ ڪارجي لفظ ”کو“)

2. آدمي کو ريچهه ني مارا. (مفعول + کو، فاعل + ني)

3. ريچهه کو آدمي ني مارا. (مفعول + ڪار جي لفظ ”کو“ + فاعل+ ڪارجي لفظ ”ني)

4. آدمي ني ريچهه کو مارا. (فاعل+ ني، مفعول+ کو)

بهرحال اردو ٻوليءَ ۾ هيئن ڪونه چئي سگهبو جيئن سنڌيءَ ۾ چئبو آهي: (غلط جملي لاءِ لسانياتي لکڻين ۾ ستاري جو نشان ڏبو آهي).

*1. ريچهه آدمي مارا. (رَڇ ماڻهو ماريو يا رِڇُ ماڻهوءَ ماريو)

*2. آ دمي ريچهه مارا. (ماڻهوءَ رِڇُ ماريو يا ماڻهو رِڇَ ماريو)

هنن ٻنهي ٻولين جي مقابلي ۾ انگريزي ٻولي وري اهڙي آهي، جو منجهس اهو لاڳاپو نڪي ”فاعل-مفعول“ وارين تصريفن سان ادا ٿي سگهي ٿو، نڪي ”ڪار جي لفظن“ سان، اُن ڪري انگريزيءَ کي مڪمل طور لفظي ترتيب تي ڀاڙڻو ٿو پوي. انگريزيءَ ۾ عام طرح فاعل جملي جي شروع ۾ ايندو. ان کانپوءِ فعل ۽ ان کان پوءِ مفعول. (خاص حالتن ۾ انهيءَ ترتيب جي پابنديءَ کي ٽوڙي به سگهبو، جيئن جهيلار جي بحث ۾ واضح ڪيو ويو) هاڻ، انگريزيءَ ۾ رڇ ۽ ماڻهوءَ جي اِها ڳالهه صرف هڪ طريقي سان ٿي سگهي ٿي. معروف فعل جيڪو اڳيان آيو سو ٿيو ماريندڙ، جيڪو آخر ۾ سو ٿيو مئل (جيڪو اڳي سو تڳي).

ماڻهوءَ رِڇُ ماريو.1. The man killed the bear.

رِڇَ ماڻهو ماريو. 2. The bear killed the man.

هن زماني جي انگريزيءَ ۾ ڪا تصريف ڪانهي جيڪا ”بيئر“ ۽ ”مئن“ جي جاءِ مٽائڻ کانپوءِ به سندن اصلي ”فاعل-مفعول“ وارو لاڳاپو قائم رکي؛ ڪو ”ڪار جي لفظ“ ڪونهي جو اهو ڪم سرانجام ڏئي. انگريزيءَ وٽ هڪڙو ئي وسيلو  آهي، هڪڙو ئي هٿيار آهي، لفظي ترتيب جو. (ذهن ۾ اها ڳالهه رکجي ته هت passive جي ڳالهه ڪانه پئي هلي.) انهيءَ ڪري انگريزيءَ لاءِ لازمي آهي ته انهيءَ هڪڙي وسيلي جي چڱي طرح پابندي ڪري. هاڻ اسان ڏٺو ته: ڪارجي لفظ ۽ لفظي ترتيب مان.

1. سنڌيءَ ۾ تصريف جو هٿيار آهي، جنهن جي ڪري کيس ڪارجي لفظن ۽ لفظي ترتيب تي اختيار آهي، جڏهن جيئن وڻيس تڏهن انهن کي تيئن استعمال ڪري؛ پر انهن کانسواءِ به ڪم هلائي سگهي ٿي.

2. اردوءَ ۾ تصريف ڪانهي. ڪارجي لفظن هئڻ ڪري کيس اختيار آهي ته لفظي ترتيب جي هٿيار کي جيئن وڻيس تيئن استعمال ڪري؛

3. انگريزيءَ وٽ رڳو لفظي ترتيب آهي، ان ڪري اها مجبور آهي ته ان جو چڱيءَ طرح پابنديءَ سان  استعمال ڪري.

انهيءَ ڳالهه جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ ڪي مثال ٿا وٺون.

مثال ۾ تصريف پرڳڻي جو حاڪم آهي ”ڪارجي لفظ“ ضلعي جو حاڪم آهي ۽ ”لفظي ترتيب“ تعلقي تي اختيار رکي ٿي.

اڃان به ٻيو مثال وٺون ته تصريف بندوق آهي، جيڪا گولي، تکي اوزار ۽ ڏنڊي ٽنهي لاءِ ڪم اچي ٿي؛ ”ڪارجي لفظ“ ڪهاڙي آهي جا تکي اوزار ۽ ڏنڊي ٻنهي جو ڪم ڏئي ٿي، ۽ لفظي ترتيب ڏنڊي وانگيان آهي جيڪا رڳو ڏنڊي جو ڪم ڏيندي. اڃان به وڌيڪ مثال ڏجي ته تصريف سج وانگي آهي، جنهن جي اڳيان چنڊ تارا بيٺا هجن ته  به ڄڻ ته ڪونهن. ”ڪارجي لفظ“ چنڊ وانگي آهي، جنهن جي آڏو  تارن جي روشني جهڙي آهي، تهڙي ناهي، ”لفظي ترتيب“ تارن وانگي آهي، جيڪي اونداهيءَ رات ۾ واٽهڙوءَ کي واٽ ڏسڻ ۾ هڪڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. هاڻي ڪير آهي جو پرڳڻي جي حاڪميت ڦٽي ڪري.

ڪير تعليم جو حاڪم ٿيڻ پسند ڪندو؛ڪير آهي جو سج کي هٿان ڏئي تارن جو سودو ڪندو؛ ڪير آهي جو جهيڙي وقت بندوق اڇلي سئونٽو وٺڻ پسند ڪندو. اهو سودو ته سراسر ٽوٽي وارو چئبو، جنهن ۾ لسانيات جو ماهر ڳالهائيندڙ کي صلاح ڏيندو هجي ته تصريفن وارو پنهنجو قيمتي وسيلو اڇلي، ڊينيئل جونز سان نينهن نڀائڻ خاطر، لفظي ترتيب جو وسيلو کڻي قابو جهلي.

هاڻي سنڌيءَ کي جيڪي حاصل آهي، سو اردوءَ کي ڪونهي(41)،. جيڪي اردوءَ کي حاصل آهي سو انگريزيءَ وٽ ڪونهي. هتي ياد رکڻ وارو هڪڙو نقطو اِهو آهي ته هنن ٽن وسيلن جي هڪ درجي بندي آهي ۽ انهن مان جيترو مٿئين درجي وارو وسيلو ڪنهن زبان کي حاصل آهي ته ”اها هيٺين درجن جي وسيلن کان بي نياز آهي،  اُهي  وسيلا  سندس ”ڪمي“ مددگار آهن، جن کي پنهنجي پسند تي استعمال ڪندي. اردوءَ ۾ ڏٺوسين ته فاعل مفعول جو لاڳاپو تصريفن سان ادا نٿو ٿئي ۽ انگريزيءَ ۾ ڏٺوسين ته اهو لاڳاپو نڪي تصريفن سان ادا ٿو ٿئي، نڪي ڪارجي لفظن سان. هن زماني جي انگريزيءَ ۾ ڏٺوسين ته رڳو هڪ طريقو ممڪن آهي، جنهن سان ”فاعل-فعل“ جو لاڳاپو ادا ڪري سگهجي. اهو آهي “لفظي ترتيب“ وارو. اهو لاڳاپو ڏٺوسين ته لازمي گرامري تصور وارو لاڳاپو آهي. انگريزيءَ ۾ جيڪي ٻه چار تصريفون وڃي رهيون آهن، اهي ثانوي گرامري تصورن جي ادائيگيءَ جي لاءِ استعمال ٿين  ٿيون- جيئن عدد جمع واري ايس (s)، ٽئي شخص واحد جي فعل تي ايس، ماضي جي ed فعل جي پويان، يا پارٽيسيپل جي ing – فعل.

4.2 جڏهن پراڻي انگريزي تعريفن واري ٻولي هئي.

انگريزيءَ ٻوليءَ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪو اهڙو ڏينهن خدا جو هن ٻوليءَ جي تاريخ ۾ به هو، جڏهن منجهس لازمي توڙي ثانوي (گرامري) تصورات تصريفن سان ادا ٿيندا هئا، جيئن اڄ سنڌيءَ ۾ ٿين ٿا. ڳالهايل ٻولي ۽ لکيل ٻوليءَ جي انهيءَ تاريخي ڇڪتاڻ ۾ انگريزي آهستي آهستي تصريفي ٻولين جي قطار  ماڻ پاڻ کي ڪڍندي ويئي ۽ پاڻ کي لفظي ترتيب جي پابند ٻولين جي قطار ۾ آڻيندي وئي ۽ اڄ مڪمل طرح لازمي  تصورن کي رڳو ثانوي تصورن ادا ڪرڻ لاءِ رکيو ويٺي آهي.

پراڻي انگريزيءَ (Old English) ۾ تقريباً سڀئي گرامري لاڳاپا- لازمي توڙي ثانوي- تصريفن سان ادا ٿي سگهيا ٿي ۽ تقريبن سڀئي تصريفن سان ادا ٿيندا هئا. ڪي لاڳاپا ”ڪارجي لفظن“ (“to” وغيره سان ادا ٿيندا هئا. پر ڪو به لاڳاپو لفظي ترتيب تي ٻڌل ڪو نه هو؛ جيئن فريز ٿيو چوي:

“In old English practically all the grammatical relationships to which the language gave attention could be expressed by inflections and nearly all were so expressed, Some were expressed by function words, but none, so for as I know, actually depended upon word order for expression.”(45)

سنڌيءَ جي فاعل ۽ مفعول جو تعلق اڄ به تصريفن (انفليڪشنز) سان ادا ٿئي ٿو:

1.  ماڻهوءَ پاڻي لوڙهيو(= ماڻهوءَ ٻنيءَ کي ڏيڻ لاءِ پاڻي ورايو)

2. ماڻهو پاڻيءَ لوڙهيو(= ماڻهو پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري لڙهي، وهي ويو)

پهرين جملي ۾ ماڻهوءَ جي /ءَ/ ۽ ٻئي جملي ۾ پاڻيءَ جي /ءَ/ فاعلي تصريف آهي. اهڙي طرح پراڻيءَ انگريزي ۾ به فاعل، غير صريح مفعول ۽ اتهامي مفعول (نامِينٽِوِ، ڊيٽوِ ۽ اَڪيوزٽو) لاءِ الڳ الڳ تصريفون هيون.

مفعول اتهامي يا صريح (accusative object) جملي ۾ ڪابه جاءِ والاري سگهيو ٿي. ان جملي ۾ لفظن جي ترتيب جو جملي جي معنيٰ تي ڪو به اثر ڪو نه ٿي ٿيو. نحوي لاڳاپو ساڳيو ئي  رهيو. مفعول اتهامي ڀلي ڪهڙيءَ به جاءِ تي هجي. مٿي رڇَ ۽ ماڻهوءَ جي جهيڙي واري ڳالهه جيڪا ڪئي سون، پراڻيءَ انگريزيءَ ۾ ان کي هننچئن نمونن سان لکي ۽ ڳالهائي سگهبو هو.

(انگريزيءَ جي اڄڪلهه واري حرف تعريف (ڊيفِنِٽِ آرٽيڪل) دَ، دي (the) وانگي ان زماني ۾ مختلف حرف تعريف هوندا هئا جيڪي حالت (case) جي اعتبار سان تصرف ٿيل (inflected) هوندا هئا. مثلا  Se. فاعلي حالت  لاءِ ڪتب آڻبو هو ۽ thone مفعولي اتهامي (ڊائرڪٽ آبجيڪٽ يا اَڪيوزِٽِوِ) حالت لاءِ ۽ “sloh” جي معنيٰ ٿي ”هنيو يا ماريو“ ، جنهن مان هاڻوڪي انگريزي ۾ slay, slew ٿا چَوَن.)

جملي جي لفظي ترتيب جي لحاظ کان هي چار ئي صورتون ممڪن هيون: ()

1. ماڻهوءَ رِڇَ ڪُٺو            1. Se mann thone beran sloh

                                      (The man the bear slew.)

2. رِڇُ ماڻهوءَ ڪُٺو            2. Thoneberan Se mann sloh.

                                      (The man the bear slew.)

3. رِڇُ ڪُٺو ماڻهوءَ            3. Thone beran sloh se mann.

                                      (The bear slew the man.)

4. ڪُٺو ماڻهوءَ رِڇُ            4. Sloh se mann thone beran.)

                        (Slew the man the bear.)

هنن چئن لفظي ترتيبن منجهان ڪا هڪڙي لفظي ترتيب به اهڙي ڪانهي جنهن کي اڄڪلهه واري انگريزيءَ جي لفظي ترتيب مطابق صحيح چئجي؛ حالانڪه پراڻيءَ انگريزيءَ ۾ اهي چارئي صحيح هيون ۽ هڪڙي ئي معنيٰ ٿي ڏنائون ته ”ماڻهوءَ رِڇُ ڪٺو“.

2. چارلز فريز انهيءَ ساڳئي نقطي تي 1000ع ۾ ايلفرڪ (Aelfric) جي واعظي خطبن ۾ مفعول اتهاميءَ جي مثالن کي ڳڻي اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪيترا ڀيرا فعل کان اڳ ۽ ڪيترا ڀيرا پوءِ استعمال ٿيو آهي. کيس معلوم ٿيو ته مفعول اتهامي ان وقت ٽيونجاهه سيڪڙو فعل کان اڳ استعمال ٿيو هو ۽ ستيتاليهه سيڪڙو فعل کانپوءِ. مفعول+ فعل جا ڪي مثال:

1. “and Crist to helle gewende and thone deofol gewylde.

(and Christ to hell went and the devil overcame).

(۽ حضرت عيسيٰ دوزخ ڏانهن ويو ۽ شيلطان (کي) مَاتِ ڪيائين)

2. aelc mann…….the….thone otherne hyrwde…..”

(each man… who….the other despised……)

(هر ماڻهو جنهن ٻئي (کي) ڌڪاريو)

3. and butan se AEL mihtiga God tha dagas Gescyr.

(and but (unless)the Almighty God those days shorten

1000ع کان 1400ع ڌاري تائين مفعول اتهامي پنهنجي صورت ڦيرائيندو گهيرائيندو رهيو. اهڙيءَ طرح نيٺ فعل کانپوءِ واري هن جي جاءِ وڃي پڪي ٿي بيٺي،. جيئن لفظي ترتيب ٿانيڪي ٿيندي ويئي، تيئن تصريفون به منجهانئس نڪرنديون ٿي ويون.

ٽيبل: مفعول اتهامي جي جاءِ فعل کان اڳ ۽ پوءِ: (47)

Direct Object            1000ع 1200ع 1300ع 1400ع 1500ع

اتهامي مفعول فعل کان اڳ        %5205          % 5307         % 40   % 1403         % 1087

(مفعول+ فعل)

اتهامي مفعول فعل کانپوءِ          % 4705         % 4603         % 60   % 8507         % 98013

(فعل+‎ مفعول)

هن بحث مان اِهو ثابت ڪرڻ مقصود هو ته انگريزي ٻولي جنهن نموني سان اڄڪلهه نام نهاد فاعل-فعل-مفعول جي لفظي ترتيب (word order) کي مضبوطيءَ سان چهٽي پئي آهي  اِهو ان ڪري جو هُن پنهنجي اوسر دوران تصريفن کي ٻوليءَ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ فا عل –مفعول جي لاڳاپي کي ادا ڪرڻ لاءِ لفظي ترتيب تي سڄو بار وڌو. هاڻي هي پهريان ٻه جملا مختلف گرامري لاڳاپا ٿا رکن ۽ پويان ٻه انهيءَ لحاظ کان غلط آهن ته انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهو ائين ڪو نه چوندو:

(ماڻهوءَ رڇُ ماريو). 1. The man killed the bear. 

(رِڇَ ماڻهو ماريو) . 2. The bear killed the man.

3. * Killed the man the bear.

4. * The man the bear killed.

ڳالهايل سنڌي ڪتابي سنڌي جملا           انگريزيءَ ۾ ترجمو

1. پٽيائينمِ    1. هن مون کي پٽيو.  1. He cursed me.

2. لکيو مانس 2. مون هن کي لکيو.                2. I wrote him.

3. مارينديئن  3. تون هنن کي مارينديئن    3. You (singular

female) will kill (beat) them.    

انهيءَ ۾ ڪهڙي عبرت جي ڳالهه آهي ته تصريفون سنڌيءَ جي فعل کي لڳن ٿيون ۽ فعل جي اصلي صورت انهيءَ ننڍڙي جملي جي اڳياڙيءَ ۾ آهي، انهيءَ ڪري جو معنيٰ جو مرڪز هميشه فعل ئي رهيو آهي ۽ انهيءَ ڪري verb(ورب) جي معني ئي آهي ”اهو لفظ، (The word)، انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان جا ڪهاڻيڪار فعل کان جملي کي شروع ٿا ڪن ته ڪا اربع خطا ڪانه ٿي. اِها بلڪل فطري ٻولي آهي جيڪا هو استعمال ڪن ٿا، جو فعل ۾ خود  فاعل موجود  آهي:

اٿيو آهيان. اٿي آهيان، اٿيا آهيون، اٿيو آهي، اٿندو، اٿنداسون؛ جي معنيٰ ٿي آءٌ اٿيو آهيان، آءٌ اٿي آهيان، اسين اٿيا آهيون، هو اٿيو آهي، هو اٿندو،  اسين اٿنداسين.

4.3 سنڌي ٻوليءَ کي لفظي ترتيب جي پابندي جو لاچار ڪونهي.

جنهن  لاچار جي ڪري انگريزي ۽ جهڙس ٻين ٻولين کي هن وقت لفظي ترتيب تي ڀاڙڻو پوي ٿو اُهو لاچار سنڌيءَ کي ڪونهي؛ انهيءَ ڪري جو لازمي گرامري (فاعل-مفعول) سنڌيءَ ۾ هميشه وانگي اڄ به تصريفن جي وسيلي ادا ٿين ٿا. جيئن اڳي چيو ويو، هيٺيان جملا نج سنڌي ٻوليءَ جا آهن، جيڪي زندگيءَ جي مختلف صورتن ۽ واقعن جي مناسبت سان ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ ايندا؛ جيڪڏهن گراميرين اهڙا جملا اڳي ناهن ٻڌا ته اهو ٻوليءَ جو ڏوهه ڪونهي، سندس زندگيءَ جي تجربن جو قصور آهي:

الف رِڇَ فائل، ماڻهو مفعول            (ب) ماڻهو فاعل، رِڇُ مفعول

تصريف سان   ڪارجي لفظ سان     تصريفن سان   ڪارجي لفظ سان

1. رِڇَ ماڻهو ڦٽيو.         5. (رِڇَ ماڻهوءَ کي ڦٽيو)1. رِڇُ ماڻهوءَ ڦٽيو. 5. (رڇ کي ماڻهوءَ ڦٽيو)

2. ماڻهو رِڇَ ڦٽيو.         6. (ماڻهوءَ کي رِڇَ ڦٽيو)2. ماڻهوءَ رِڇُ ڦٽيو.          6. (ماڻهوءءَ رڇ کي ڦٽيو)

3. ڦٽيون رِڇَ ماڻهو.       7. (ڦٽيو رڇَ ماڻهوءَ کي)3. ڦٽيون رِڇُ ماڻهو.         7. (ڦٽيو رڇ کي ماڻهوءَ)

4. ڦٽيو ماڻهو رِڇَ.         8. (ڦٽيو ماڻهوءَ کي رڇَ)4. ڦٽيو ماڻهوءَ رِڇُ.          8. (ڦٽيو ماڻهوءَ رڇ کي)

(الف) وارن مثالن ۾ جن ۾ رڇُ فاعل (ڦٽڻ وارو ڪم ڪرڻ وارو) آهي تن اٺن ئي مثالن ۾ رِڇَ جي ڇ تي زبر ٿي اچي، پر مفعول جي آخر-آواز جي ورهاست تصريف واري صورت ۾ ”ماڻهو“ جو آخري آواز/اُو/ٿو ٿئي ۽ ڪارجي لفظ جي صورت ۾ ”ماڻهوءَ“ ۾ /اُوءَ/ جو آواز ٿو ٿئي. ٻئي پاسي (ب) ۾ وري جڏهن ماڻهو ڪم ڪندڙ ٿو ٿئي ته رِڇَ تي ان ڪم جو اثر ٿو ٿئي، ته فاعل ”ماڻهوءَ“، آخري آواز سڀني صورتن ۾ /اوءَ/ ٿو ٿئي ۽ تصريفن وارن چئن مثالن ۾ مفعول رِڇَ جي ڇي تي پيش /ڇُ/ ۽ ڪارجي لفظن سان گڏ استعمال ٿيندڙ مفعول رِڇَ جي ڇي تي زبر /ڇَ/ ٿي ٿئي. ڏٺو ته ڪيئن ڪارجي لفظن جي استعمال سان مفعول جون اهي حرڪتون بدلجي ويون، جيڪي دراصل اسمن جون حالتون ٿيون ٻڌائين. اُردوءَ وانگر جيڪڏهن اِهي حرڪتون سنڌيءَ مان به نڪري وڃن، جيئن گهڻن شهرين جي ٻوليءَ مان نڪرنديون ٿيون وڃن، ته پوءِ اسان جي لسانيات جي ماهرن جي دل جي اها مراد به جلد ئي پوري ٿي ويندي ۽ سنڌيءَ کي به ”فاعل-مفعول-فعل“ جي لفظي ترتيب جو پابند غلامٿي رهڻو پوندو.

مٿين جملن ۾ فاعل، مفعول ۽ فعل جيڪا جاءِ مٽائين ٿا، انهن مان هر هڪ جو الڳ مقصد ٿو ٿئي؛ ۽ ڪنهن لفظ جو جملي جي مُنڍ ۾ اچي جملي جو موضوع بنجڻ ڪو خاص مقصد ٿو رکي ۽ انهن مان ڪهڙو جملو ڪهڙي وقت استعمال ٿيندو  ان جو دارومدار ڳالهه-ٻولهه جي متن (context) ۽ طرز گفتگوءَ تي آهي- جيئن جهيلار واري بحث دوران واضح ٿيو. رهيو سوال ته هنن جملن ۾ ڪهڙو جملو گهڻائيءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو، ان لاءِ چئجي ته سنڌيءَ جي مختلف ساختن جي ڪثرت استعمال (frequency of usge) معلوم ڪرڻ لاءِ اڃان ڪو عملي مطالعو ڪونهي ڪيو ويو، پر لکت جي ٻوليءَ کي ڏسڻ مان معلوم ٿيو ته هن خاص حالت ۾ جتي فاعل به اسم هجي ۽ مفعول به اسم هجي، پهريون ۽ ٻيو استعمال هڪڙي پاسي ۽ پنجون ۽ ڇهون استعمال ٻئي پاسي ڪثرت استعمال ۾ نظر ايندا، پر فاعل ۽ مفعول، يا اُنهن مان ڪو هڪ جڏهن جڏهن ضمير جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پوندو ته استعمال جي ڪثريت (frequency) ۾ فرق ٿيندو.

2. جيڪڏهن رِڇَ اسم کي، جيڪو هڪڙي پاسي (الف ۾) فائل ۽ ٻئي پاسي (ب ۾) مفعول آهي، ضمير جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پوندو ته هيٺيان جملا ٺاهي سگهبا. انهن مان ڪي وڌيڪ استعمال ۾ ايندا، ڪي گهٽ، پر انهن مان ڪو به جملو اهڙو ٻڌڻ ۾ ڪو نه ايندو جنهن جي نالي چئي سگهجي ته هيءُ جملو ڳالهايل ٻوليءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ڪو نه ايندو.

2. الف: جنهن ۾ رڇ فاعل هجي (12 ممڪن جملا)

فاعل لاءِ ضمير جي الڳ حيثيت قائم       ضمير جي ادائيگي فعل ۾ تعريف سان

ڪارجي لفظ کانسواءِ  ڪارجي لفظ سان    ڪارجي لفظ کانسواءِ  ڪارجي لفظ سان

1. هُن ماڻهو ڦٽيو.         5. (هُن ماڻهوءَ کي ڦٽيو)9. ماڻهو ڦٽيائين. 11.ماڻهوءَ کي ڦٽيائين

2. ماڻهو هُن ڦٽيو.         6. (ماڻهوءَ کي هُن ڦٽيو)9. ماڻهوءَ ڦٽيائين 11.ماڻهوءَ کي ڦٽيائين.

3. ڦٽيو هُن ماڻهو.         7. (ڦٽيو هُن ماڻهوءَ کي)10. ڦٽيائين ماڻهو.          12.ڦٽيائين ماڻهوءَ کي

4. ڦٽيو ماڻهو هُن.        8 (ڦٽيو ماڻهوءَ کي هن)10. ڦٽيائين ماڻهو. 12.ڦٽيائين ماڻهوءَ کي

2. ب جنهن ۾ (رِڇُ) مفعول (14 ممڪن جملا)

مفعول لاءِ ضمير جي الڳ حيثيت قائم      ضمير جي ادائگي     تصريف سان

ڪارجي لفظ کانسواءِ  ڪارجي لفظ سان    ڪارجي لفظ کانسواءِ  ڪارجي لفظ سان

1. اهو ماڻهوءَ ڦٽيو         5. انهيءَ کي ماڻهوءَ ڦٽيو.9. ماڻهوءُ ڦٽيُسِ 11. کيس ماڻهوءَ ڦٽيو

2. ماڻهوءَ اهو ڦٽيو.        6. ماڻهوءَ انهيءَ کي ڦٽيو.9 ماڻهوءَ ڦَٽِيُسِ. 11. ماڻهوءَ کيس ڦٽيو.

3. ڦٽيو اهو ماڻهو.         7 ڦٽيو انهيءَ کي ماڻهوءَ10. ڦَٽِيُسِ ماڻهو. 12. ڦٽيو کيس ماڻهوءَ.

4. ڦٽيو ماڻهوءَ اهو.       8. ڦٽيو ماڻهوءَ انهيءَ کي.10. ڦٽيُسِ ماڻهوءَ         12. ڦٽيو ماڻهوءَ کيس.

3. جيڪڏهن رِڇُ اسم کي اسم رکي. ”ماڻهو“ اسم کي ضمير ۾ ادا ڪرڻو پوي ته هيٺيان جملا ٺاهي سگهبا. هنن مان به ڪي وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ايندا ۽ ڪي گهٽ.

3. الف: جنهن ۾ رڇ فاعل هجي : (12 ممڪن جملا)

ضمير جي الڳ حيثيت قائم          ضمير جي ادائيگي فعل ۾ تصريف سان

ڪارجي لفظ کانسواءِ  ڪارجي لفظ سان     ڪارجي لفظ کانسواءِ  ڪارجي لفظ سان

1. رِڇَ هُو ڦٽيو.   5. رڃ هن کي ڦٽيو.       9. رِڇَ ڦٽيُسِ.    11. رڇَ کيس ڦٽيو.

2. هُو رڇَ ڦٽيو.   6. هن کي رڇ ڦٽيو.       9. رِڇَ ڦٽِيُسِ.    11. رڇَ کيس ڦٽيو

3. ڦٽيو رڇَ هو.   7. ڦٽيو رڇَ هن کي.       10. ڦٽِيُسِ رِڇَ.   12. ڦٽيو رڇ کيس.

4. ڦٽيو هو رِڇَ.   8. ڦٽيو هن کي رِڇَ.       10. ڦٽيُسِ رِڇَ.   12. ڦٽيو کيس رِڇَ.

2. ب: جنهن ۾ رڇ مفعول هجي (12 ممڪن جملا)

1- ضمير جي الڳ حيثيت قائم      2- ضمير جي ادائگي تصريفن سان

ڪارجي لفظ کانسواءِ   ڪارجي لفظ سان       ڪارجي لفظ کانسواءِ   ڪارجي لفظ سان

1. رِڇُ هُنَ ڦٽيو.  5. رِڇَ کي هُن ڦٽيو.       9.رِڇُ ڦٽيائين.    11. رڇَ کي ڦٽيائين

2. هُن رڇُ ڦٽيو.  6. هُن رڇ کي ڦٽيو.       9. رِڇُ ڦٽيائين.   11. رڇَ کي ڦٽيائين.

3. ڦٽيو رڇُ هن.  7. ڦٽيو رڇِ کي هُن        10. ڦٽيائين رڇ.  12. ڦٽيائين رِڇَ کي

4. ڦٽيو هُنَ رِڇُ   8. ڦٽيو هُن رِڇَ کي.       10. ڦٽيائين رِڇ.  12. ڦٽيائين رڇَ کي.

4. هاڻي جيڪڏهن رڇ اسم ۽ ماڻهو اسم ٻنهي کي ضميرن ۾ ادا ڪرڻو پوي ته:

4. الف : جنهن ۾ رڇ فاعل هو: (11 ممڪن جملا)

1- ضميرن جي الڳ حيثيت قائم    2- ضميرن جي ادائيگي تصريفن سان

ڪارجي لفظن کانسواءِ ڪارجي لفظن سان   ڪارجي لفظن کانسواءِ ڪارجي لفظن سان

1. هِن هو ڦٽيو.   5. هن هُن کي ڦٽيو.       9. ڦٽيائينس.     10 کيس ڦٽيائين.

2. هُو هِن ڦٽيو.   6. هُن کي هِن ڦٽيو.       9. ڦٽيائينس.     10 . کيس ڦٽيائين.

3. ڦٽيو هِنَ هُو.   7. ڦٽيو هِن هُن کي        9 ڦٽيائينس.     11 ڦٽيائين کيس.

4. ڦٽيو هُو هِنَ.  8. ڦٽيو هُن کي هِن        9. ڦٽيائينس.     11. ڦٽيائين کيس.

 4- ب: جنهن ۾ رڇ مفعول هو: (11 ممڪن جملا)

(ساڳئي مٿئين انداز ۾ جملا ٺهندا، پر جيڪڏهن عدد، جنس يا شخص مختلف هوندا ته وڌيڪ بامعنيٰ فرق ظاهر ٿيندا)

اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ هڪ قسم جي لاڳاپي، ساڳئي زمان، ساڳين عددن، ساڳين جنسن سان حساب لڳائبو ته جتي سنڌيءَ ۾ 88 صورتون ممڪن آهن، اتي اردوءَ ۾ صرف 12 صورتون ممڪن آهن ۽ انگريزيءَ ۾ 5 صورتون ممڪن آهن. اهو ڪرشمو تصريفن ۽ ڪارجي لفظن جو آهي. (نسبت ٺهي 88:      : جي)

هتي ڏٺوسين ته جڏهن ڪنهن فاعل يا مفعول لاءِ ضمير استعمال ٿي رهيو هجي ته سنڌيءَ ۾ ان ضمير کي جملي ۾ قائم رکڻ بدران، گهڻو ڪري ڪيرائي ڇڏبو آهي-انهيءَ ڪري جو ضميري پڇاڙي اڳئي فعل ۾ موجود آهي. اُن جي مقابلي ۾ انگريزيءَ ۾ ڏسندو ته اهو ضمير وارو فاعل رڳو هڪ صورت، امريءَ ۾ ڪري ٿو، جڏهن ”تون هيئن ڪر“ ۾ ”يو“ (You) جي استعمال جي ضرورت نٿي رهي. ٻيءَ ڪنهن به حالت ۾ ڪهڙو به ضمير ورلي ڪيرائي سگهبو.

جن جملن تي ڊاڪٽر الانا صاحب اعتراض ڪيو آهي، انهن مان هڪُ آهي:

”اٿيو آهيان ننڊ مان....“

ڊاڪٽر لانا صاحب جن چون ٿا ته هن جملي ۾ فاعل مُنڍَ ۾ هئڻ کپي ها، پوءِ مفعول ۽ ان کانپوءِ فعل، ”ننڊ مان“ جو فقرو فاعل به ڪونهي ته مفعول به ڪونهي، اهو جري فقرو (prepositional phrase) آهي. ان ڪري ”ننڊ مان“ کي جيڪڏهن جملي جي اڳيان آڻبو ته به ڊاڪٽر الانا صاحب وارو اعتراض رهندو ته جملي ۾ فاعل پنهنجيءَ جاءِ تي ته ٺهيو، مرڳو آهي ئي ڪونه:

”ننڊ مان اٿيو آهيان“

اڃا به فاعل ڄڻ ته جملي جي شروع ۾ ڪونهي. اهو تڏهن ”صحيح ٿئي ها، جڏهن چئون ها“ آءٌ ننڊ مان اٿيو آهيان يا آءٌ اٿيو آهيان ننڊ مان“.

جيڪڏهن اسان جي ٻولي انگريزيءَ جهڙي ٻولي هجي ها، تاريخ جي ساڳين حادثن مان گذري اڄ تصريفن کان وانجهي، لُنڊي يا ٻُٽي ٿيل هجي ها ته پوءِ اسان لاءِ ”شايد“ اهڙي ڳالهه لازم ٿئي ها، جنهن ۾ ”اٿيو آهيان“ کان اڳ ”آءٌ“ لکڻ ضروري ٿي پوي ها. پر سنڌيءَ جو جيڪو فعل آهي ان ۾ فاعل جي تصريف هميشه آهي. ڪڏهن ڪڏهن منجهس مفعول به آهي ۽ ان هڪ تصريف مان زمان، فاعل ۽ مفعول جي شخصيت (person)، جنس ۽ عدد ۽ حالت سڀ ڄاڻايل هوندا آهن. سنڌيءَ ۾ هيئن چوڻ صحيح آهي.

1. ماريو سونسِ. (اسان هُن کي ماريو).

2. ڌڪُ هڻنديِسانءِ. (آءُ (مونث) توکي ڌڪ هڻنديس).

3. ڇڏائيندو سانِ. (آءُ هنن کي ڇڏائيندس).

هنن جملن ۾ جيئن ته فاعل فعل جو هڪ تصريفي حصو آهي ان ڪري ”اسان“، ”آءُ“، ”مون“ کي الڳ فاعل جي صورت ۾ لکڻ جي ضرورت ڪانه رهي ۽ نتيجا حذف ڪيا ويا. هاڻي جملي ۾ جڏهن فاعل جي الڳ حيثيت ئي ڪانهي ۽ (گهڻو ڪري مفعول جي به الڳ حيثيت ڪانه رهي) ته پوءِ اهو ڪيئن چئي سگهبو ته روزمره گفتار جي ٻوليءَ جي هر جملي ۾ پهريائين فاعل  پنهنجي جاءِ وٺي بيهندو، پوءِ مفعول ۽ آخر ۾ فعل ايندو.

اهڙي قسم جا جملا جيڪي ڊاڪٽر الانا صاحب جي ”فاعل-فعل“ يا ”فاعل-مفعول“ واري قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪري لکيا ٿا وڃن، نه رڳو شاهه جي ڪلام يا عام ڳالهايل ٻوليءَ ۾ ملندا، پر چڱن لکيل پڙهيل ماڻهن جي  لکڻين ۾ به ملي سگهندا. انهن جملن ۾ ائين نٿو ٿئي جيئن ڊاڪٽر صاحب چاهي ٿو ته: ”عام سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ موجب ڪنهن به جملي ۾ پهرين فاعل پنهنجيءَ جاءِ وٺي بيهندو آهي ۽ ان کانپوءِ مفعول ايندو ۽ آخر ۾ فعل ايندو آهي.“ (49)

اچو ته هنن جملن ۾ ڏسون ته فاعل پنهنجي جاءِ ڪهڙي  هنڌ وٺي بيٺو آهي:

1. ”ڪنهن خادم جي هٿان چوائي موڪليائين ته ڀلائي ڪري ڪو پاڻيءَ جو ڪوزو مون کي ڏياري موڪليو“ (50).

(يعني: هُنَ ڪنهن خادم هٿان چوائي موڪليو ته اوهان ڀلائي ڪري.....)

2. ”جنهن خاندان سان دوستي ٿيس ته وري ڪانه ٽوڙيائين.“ (51).

(يعني: هن جي دوستي جنهن خاندان سان ٿي ته هُن وري اها دوستي ڪانه ٽوڙي)

هنن ٻنهي جملن ۾ ڏسو ته ڊاڪٽر صاحب جي مرضيءَ جي خلاف فاعل پنهنجا مورچاڇڏي ڪيئن وڃي فعل جي گهر ۾ لڪا آهن.

3. ”ساري عمر مرحوم جي اها حالت رهي.“ )52)

(مرحوم جي اها حالت ساري عمررهي).

4. ”اٺهتر ميل جي ڊسچارج وٺڻ جي اختياري مون کي هئي.)

هنن ٻن جملن کي ڏسي فيصلو ڪريو ته فاعل ڪهڙا آهن ۽ ڪٿي ڇا ويٺا ڪن؟

وري هي چار جملا پڙهي هر هڪ ۾ ڏسو ته فقير فاعل آهي يا مفعول ۽ پنهنجي مورچي ۾ ويٺو آهي يا پرائي ۾:

5. ”فقير کي ٽي تهجد ڪرڻ گهرجن.“ (54)

6. ”فقير کي ٽي مانيون ڏنيون سين.“ (اسان ٽي مانيون فقير کي ڏنيون)

7. فقير کي ٽي تهجد ڪندي ڏٺم. (مون فقير کي ڏٺو، فقير ٽي تهجد ڪيا.)

8. فقير ٽي تهجد ڪيا.

خود ڊاڪٽر الانا صاحب معياري ۽ لاڙي اُچارن بابت لکيو آهي، جن ۾ فاعل حذف ٿيل آهي ۽ جملو فعل کان شروع ٿئي ٿو يا فاعل حذف آهي ۽ جملو مفعول کان شروع ٿئي ٿو. (55).

9. ڏسين ٿو=  آءُ تو کي ڏسان ٿو. (ڏِسئين ٿو)

10. ڏسين ٿو= تون ڏسين ٿو.

11. ڏسني ٿو (يا ڏِسَنِي ٿو) = هو توکي ڏسي ٿو.

12. گهر اڏرايو مانس = (مون هن کان گهر اڏارايو).

اهڙيون ترڪيبون فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ به آهن، جن ۾ جدا فاعل حذب ٿيل آهي. فاعل جو اظهار رڳو تصريف سان ٿئي ٿو، جيڪا فعل کي لڳل هوندي آهي، ان ڪري عمومن مفعول سان جملو شروع ٿيندو آهي:

1. حيلت آن ساخت            اٽڪل اها ڪيائين ته ڪيئن هٽي

که چون گريزد                        (يعني هن اها اٽڪل ڪئي ته ڪيئن ڀڄي)

طبيبي ازسامانيا راصلت نيکوداد،     ويج هڪڙي سامانين جي کي صلو

(بدلو) ٺاهوڪو ڏنائين

پنج هزار تومان،                        پنج هزار تومان

ومراورا دست گرفت                    ۽ انهيءَ جو هٿ ورتائين.

و عهد کرد                     ۽ ٺاهه ڪيائين.... (پوءِ گهوڙي تان

ڪري بيماريءَ جو منهن ڪيائين)

وبھ پرسش امير آمد.“ (56)          ۽ پڇا لاءِ امير آيو.

فاعل- مفعول جا پوئلڳ هوند لکن ها:

”هُن اٽڪل اها ڪئي ته هو/پاڻ ڪيئن هٽي. هن سامانين جي هڪڙي ويڄ کي ٺاهوڪو بدلو ڏنو، پنج هزار تومان-  ۽ هن سندس هٿ ورتو ۽ هُن ساڻس، معاهدو/ ٺاهه ڪيو.....۽ امير سندس پڇا لاءِ آيو.....“

2.” بادشاهي راشنيدم        بادشاهه کي ٻڌم (مون هڪ بادشاهه جي نالي

 ٻڌو ته هن هڪ قيديءَ جي مارڻ جو حڪم ڪيو)

”بکشتن اسيري اشارت کرد“ (57) (ته) مارڻ لاءِ قيدي جي حڪم ڪيائين

3. برد مرد ! حالت چطوره !          (عزرائيل پَرئي مڙس کي چيو) ”پريا مڙس حال ڪهڙا اٿئي؟“

          يعني تنهنجا حال ڪهڙا آهن.

اک بازهم ميخواهي                جي اڃا به چاهين (جيڪڏهن تون اڃا به چاهين

زندهه بماني             (ته  جيئرو رهين)

”حرفي ندارم“          (ڪو) اعتراض ڪونهيم (ته مون کي ڪو اعتراض ڪونهي)

                        (پرئي مڙس چيو: )

”اگر مرا قبض روح نگني              جي منهنجو ساهه نه وٺندين.

شکايت را بخدا ميکنم“              (ته ميا خدا وٽ پڄائيندس“

عزرائيل هم فوري جانش را گرفت     عزرائيل به جهٽ ساهه کي ورتو

وراحتش کرد. (58)    ۽ سُکيس ڪيائين (۽ سکيو ڪيائينس) (85.1)

4. ”ابن خانه را مجبور شديم بخريم...... يک خانه رفتيم بخريم بھ صد و چهل هزار

تومان ولي حيف کھ يکروز زور تر خريدنش.“ (59)

(هن گهر کي مجبور ٿياسون (ته) وٺون........ هڪ گهر وياسون (ته) وٺون-هڪ سئو چاليهه هزار تومان ۾- پر افسوس جو هڪ ڏينهن اڳواٽ خريد ڪري ويَسِ).

ڪتابي انداز ۾ لکبو:

”اسين مجبور ٿياسون ته اهو گهر وٺون..... اسين هڪ گَهرُ هڪ سئو چاليهه هزار ومان ۾ وٺڻ وياسون پر افسوس جو ڪي ماڻهو هڪُ ڏينهن اڳ اُهو گهرُ وٺي ويا.“

5. تَتُ:

هن سڄي بحث ۾ اول ڏٺوسين ته لسانيات جي ماهرن جي ذميداريءَ جون ڪي حدون آهن ۽ ڳالهائيندڙن جاهل ۽ لسانيات جي علم کي اڻڄاڻ سمجهي اهڙا قاعدا قانون مٿن نه مڙهڻ کپن، جيڪي ڌارين ٻولين جي پراڻي زماني جي لکندڙن پنهنجي علمي ڪم مايگيءَ جي زمانيءَ ۾ ٺاهيا هئا. لسانيات جي ماهر جو هينئر فرض آهي ته ڳالهايل ٻوليءَجو مطالعو ڪري، پنهنجي گرامر جو نظريو ان جي مناسبت سان ٺاهي، ۽ ڏٺوسين ته جهيلار جي لحاظ  کان ساڳي لفظي ترتيب ۽ اطلاع جا مرڪز الڳ الڳ ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي لحاظ کان جهيلار جا مرڪز به بدلجي سگهندا ۽ وري اطلاع جو مرڪز ڪڏهن ڪڏهن جملي جي اول ۾ اچي موضوع به بنجي سگهندو آهي، جيڪو هونئن عمومن جملي جو موضوع نه هوندو  آهي. ان لحاظ کان نه رڳو سنڌي، پر خود انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ به مقصد ادا ڪرڻ لاءِ اهڙي لفظ يا فقري کي جملي جي منڍ ۾ آڻبو آهي، جيڪو هونئن جملي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ ايندو آهي، آخر ۾ ڏٺوسين ته ٻولين کي لازمي نحوي يا گرامري لاڳاپن جي اظهار جا جيڪي وسيلا حاصل آهن(تصريفون، ڪارجي لفظ ۽ لفظي ترتيب) تن مان سنڌيءَ ٻوليءَ کي تصريفي ٻولي هئڻ ڪري،  حرڪت جي جيڪا آزادي حاصل آهي سا اردو ۽ انگريزيءَ کي حاصل نه آهي  ۽ تصريفي ٻولي هئڻ ڪري ئي سنڌي ٻولي فاعل-مفعول-فعل جي لفظي ترتيب جي پابند نه آهي. انهيءَ لحاظ کان ائين چوڻ غلط ٿيندو ته ”روزمره گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي.“ ۽ ڪهاڻيڪارن جي متعلق ائين چوڻ ته انهن ”جهيلار جو اصل خيال ئي نه رکيو آهي“، يا سندن ”وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هئڻ اشد ضروري آهي“، غير لسانياتي ۽ غير علمي آهي. اهڙيءَ طرح لسانيات جي علم کي عام ماڻهوءَ جي پهچ ۽ سمجهه کان مٿڀرو ”ڪارو علم“ ظاهر ڪري بلومفيلڊ ۽ ڊينيئل جونز (60) جي طلسمي نالن جي هٿيار سان نوجوانن کين هيسائي، کي لسانيات جي علم کان خائف ۽ متنفر ڪرڻ جي برابر ٿيندو.

حوالا ۽ تشريحون

(1) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جو مزاج: سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ابتي ٻوليءَ جي دعويٰ “، مهراڻ 1979ع شمارو 2، ص 125.

(2) ساڳيو حوالو : ص 131

(3) ساڳيو حوالو: ص 133

(4) ساڳيو حوالو: ص 138

(5) ساڳيو حوالو: ص 125، 138، 139.

(6) Randolph Quirk, Sidney Greenbaum, Geoffrey Leech, Jan Suartvik: A Grammar of Contemporary Endglish. Seminar Press (H.B.J. Longman), London, 1972, p.946.

(7) Conventional point of view—in Charles Carpenter Fries: Ameeican English Grammar, Appleton Century Croft, New York 1940, p.4.

(8) Scientific point of view- in Fries, above p.4.

(9) Noam Chomsky:”Linguistic Theory” in Mark Lester, Readings in Applied Transformational Grammar, Holt, Rinehart & Winston, Inc. (1973,2nd ed.) p.40-41.

(10)NaomChomsky, above,p.41.

(11) Noam Chomsky, above, p. 41.

(12) D.A.Wilkins: Linguistics in Language Teaching, The Massaahusetts Institute of Technology, Cambridge, Mass 1972,p.2.

(13) Wilkins, above, p.10.

(14) Detroit “Free Pres”, Dec.9, 1928 as cited in Fries, above, p.2.

(15) W.W. Charters: Teaching the Common Branches, Macmillan, New York. 1924,pp.96.98.

(16)Henry Sweet: New English Grammar, Vol I (Oxford, 1891).

(17) Otto Jespersen: A Modern English Grammar, Heidelberg, 1909, I Preface.

(18) Grattan and Gurrey Our Living Language: Thomas Nelson and Sons, London 1925,p.25.

(19) H.C.Wyld: Elementary Lessons in English Grammar: Oxford, 1925,p.12.

(20) وِلڪنز، مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾  جوشوا فشمن پنهنجي ڪتاب ۾ الڳ الڳ طرح لکيل ٻوليءَ کي غير فطري ۽ ڳالهايل ٻولي جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت واري ٿا چون. اڄڪلهه جي لسانيات جي ڄاڻن جو گهڻي ڀاڱي اهو نظريو آهي، ولڪنز چوي ٿو(ص 7) :

For the linguist Speech is the primary manifestation of Language, and writing in both secondary to it and dependent on it.”

۽ جوشوا فشمن توضيحي لسانيات جي توصيف ڪندي لکي ٿو:

Its (Descriptive Linguistics) emphasis is definitely on spoken language, the assumption being that written language is both derivative and different from natural Language or speech.” Joshua Fishman: Advances in the Sociology of Language, Vol I, Monton, 1971,p.372.

(21) Wilkins, cited above, p. 10.

(22) ڏسو: ڊاڪٽر غلام علي الانا: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو، 1979ع.

(23) Social dialects or sociolects.

(24) Registers “Variety according to use”- M.A.K. Holliday, August Macintosh, Poter Strevns: The Linguistic Seiences and Language Teaching Longman, London, 1964, Chapter 4, The users and uses of Language.”

(25) Frozen, formal, consultative, casual, intimate, styles.stlyle is one of the four usage – scales of native English”, the other three scales being age, breadth, responsibility; in Martin Joos: The Five Clocks, A Harbinger book, Harcourt, brace & World, Ine, New York, 1967 (first Editon 1961); p.11 disting; description in subsequent III, IV & V chapters p. 19-67. Quirk and others call these five styles rigid, formal, normal, informal and familiar.

(26) غلام علي الانا: مهراڻ 2/1979ع حوالو اڳ ڏنل: ص 138.

(27) دنيا جي ٻولين جي آفاقي پهلوئن بابت لسانيات جي متعلق اڄڪلهه جي هر ڪنهن ڪتاب ۾ جامع يا مفصل احوال هوندو. خاص طرح ڏسو:

a. Roman Jakobson: Child Language, Aphasia, and Phonological Universals, Mouton, The Hague, 1968;

b. Emmon Bach & Robert Harms (ed): Universals in Linguistic Theory, H.R.W. New York, 1968.

(28) جان جارج بورڊي، 1958ع ۾ يونيورسٽي آف ٽيڪساز (آسٽن) مان ”توصيحي سنڌي صوتيات“ نالي  ٿيسز لکي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. (A Descriptive Sindhi Phonology)؛ لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي 1963ع ۾ پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي، سندس ٿيسز جو نالو ”هندوستاني سنڌيءَ جو هنديءَ کان متاثر ٿيڻ“ (Acculturation of Indian Sindhi to Hindi). انهن کانسواءِ يمونا (يمنا) ڪاچرو  ۽ احمد صديقي هندي، اردوءَ متعلق يونيورسٽي آف الينوائز ۾ ٽرنسفرميشنل-جنريٽو گرامر جي نوعيت تي ڪجهه ڪم ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ هندي ۽ اردوءَ جي جهيلار جو ترجمو به ٿيل آهي. هيءُ ڳالهه هتي انهيءَ ڪري ڄاڻايم ته جيئن پڙهندڙن کي خبر هجي ته دنيا ۾ ٻين هنڌن تي گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن جي اسان کي سُڌ رکڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com