سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب:اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

باب: --

صفحو :11

 

مول شبد/ڌاتو ٻول/اصل لفظ:

’لکڻ‘، ’پڙهڻ‘، ’گهمڻ‘، ’ڊوڙڻ‘، ’مارڻ‘ ۽ ’ڌارڻ‘ وغيره جهڙا ٻول سنڌي ٻولن جو مصدر قرار ڏنا ويندا هئا، پر نيٺ بحث مباحثي ۽ تحقيق کان پوءِ ڪي عالم انهيءَ نتيجي تي پهتا ته اهڙا ٻول سنڌي ٻولن جو ڌاتو ٿي نه ٿا سگهن. (اهي ’اسم مصدر‘ يا ’حاصل مصدر‘ آهن ۽ عام طرح ’مصدر‘ سڏيا وڃن ٿا.) اهڙن سنڌي ٻولن جي آخر ۾ آيل /اَڻ/ يا /اِڻ/ ڪيرائڻ کان پوءِ جيڪو ٻول ملي ٿو، اهو ئي فعلي ٻول جو ڌاتو/مول/اصل آهي.

]نوٽ: الانا صاحب جن سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ]1987[ ۾ انهيءَ موضوع تي مناسب بحث ڪيو آهي.[

ڀيرومل ]1985[ جن سنڌي ٻول جي امري صورت کي ان ٻول جو ڌاتو قرار ڏين ٿا. (ڏسو ص-98 ۽ اڳتي) پر پاڻ ئي مختلف ٻولن جي مثالن ۾ انهيءَ بيان تي قائم نه ٿا رهن ۽ ڄڻڪ مونجھاري جو شڪار ٿي چون ٿا ته، ”امر واحد جي پڇاڙيءَ واري اعراب ڪڍڻ سان فعل جو ڌاتو يا بنياد ملي ٿو.“ (ص-99)

ڄَڻ = ]ڄ[ + ]اَ[ + ]ڻ[، ڌاتو آهي.

ڄَڻِ = ]ڄ[ + ]اَ[ + ]ڻ[ + ]اِ[، امر آهي.

هَل = ]هه[ + ]اَ[ + ]ل[، ڌاتو آهي.

هلُ= ]هه[ + ]اَ[ + ]ل[ + ]اُ[، امر آهي.

/ڄَڻ/ ۾ /اِ/ ۽ /هلُ/ ۾ /اُ/ معنوي فرق پيدا ڪندڙ جزو يعني صوتيو (Phomene) آهي ۽ اصولي طرح هئڻ به ايئن گهرجي، ڇو ته ڌاتو ٻول ۽ ان جي امري صورت ۾ معنوي فرق موجود ٿئي ٿو.

·      اهڙيءَ طرح ڪنهن به لازمي توڙي متعدي فعل جي ڌاتوءَ پٺيان ’اَڻ‘ يا ’اِڻ‘ پڇاڙي گڏڻ سان مصدر ٺهي ٿو. (ڀيرومل ]1985[ 99)

·      اصل سنسڪرت پڇاڙي ’اَن‘ (مثلاً پوجه - پوجن - سنڌي ’پوڄڻ‘) تنهن جو اچار ڦيرائي اَڻ-اِن ڪريون ٿا. (ايضاً، ص-99)

·      سنسڪرت ۾ ڪٿ معنى ڪٿڻ يا بيان ڪرڻ. ’ڪٿ‘ پٺيان ڪا به اعراب ڪانهي، پر جي مؤنث پڇاڙي ’آ‘ گڏبي ته اسم ٺهندو ’ڪٿا‘ ۽ جي ’اَن‘ پڇاڙي گڏبي ته مذڪر اسم ٿيندو ’ڪٿن‘ معنى بيان يا تخمينو... انهيءَ سنسڪرت اسم ’ڪٿن‘ بدران اسين چئون ’ڪٿڻ‘، مطلب ته سنسڪرت وارو اسم ]مذڪر واحد[ ڦري سنڌيءَ ۾ اسم مصدر ٿئي ٿو. (ايضاً، ص-99)

۽ اهو ئي سبب آهي جو ڀيرومل جن کي ’منطقي نتيجو‘ ڪڍڻو پيو ته ”هر ڪو مصدر جڏهن سدائين عدد واحد ۽ جنس مذڪر آهي، تڏهن ان جي عدد ۽ جنس ڄاڻائڻ جو ضرور ڪو نه ٿو ٿئي.“ (ايضاً، ص-101)

ليکڪ ڀيرومل جن جي ان راءِ سان ڪنهن به طرح سهمت ناهي. ڪو به اسم مصدر ڪڏهن به مذڪر ۽ واحد ٿي نه ٿو سگهي، سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن به اسم مصدر جي جنس ۽ عدد جو تيستائين پتو پئجي نه ٿو سگهي جيستائين اهڙو معنوي فرق پيدا ڪندڙ صوتيو ان جي ڇيهه (Final Position) وٽ نه اچي. ’لکڻ‘، ’لکائڻ‘، ’لکرائڻ‘، ’لکجڻ‘، ’لکائجڻ‘، ’لکرائجڻ‘، ’ليکڻ‘، ’ليکائڻ‘، ’ليکرائڻ‘، ’ليکجڻ‘، ’ليکائجڻ‘ ۽ ’ليکرائجڻ‘ جھڙا مثال ڏنا ويا آهن، انهن کي ڌيان سان جاچڻ کان پوءِ ڏسو ته سندن ڇيهه وٽ ڪهڙو صوتيو ملي ڪهڙي عدد ۽ ڪهڙيءَ جنس جي معنى پڌري ڪري ٿو.

ليکڪ هن راءِ جو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به ڌاتو ٻول ڪنهن به طرح عدد ۽ جنس کي ظاهر نه ٿو ڪري ۽ اهو ڌاتو ٻول جيڪو ڪنهن فعلي صورت کي جنم ڏئي ٿو اهو ڌاتو واري حيثيت ۾ ڪنهن به زمان کي ظاهر نه ٿو ڪري، رڳو سرگرميءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. عدد، جنس ۽ زمان کي ظاهر ڪرڻ جو ڪارج پورو ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻولي پنهنجي ٻول جي ڇيهه وٽ ڪو نه ڪو صوتيو آڻي ٿي.

 

* وَڍۡ = ]و + اَ + ڍ[، هڪ ڌاتو ٻول آهي.

وَڍِ]=و[+]اَ[+]ڍ[+]اِ[، (امر واحد، جنهن جو جمع ’وڍيو‘=/وَڍ/+/او/ آهي.)

وَڍُ = ]و[+]اَ[+]ڍ[+]اُ[، (اسم، جنهن جو جمع ’وڍَ‘ = /وَڍ/+/اَ/ آهي.)

وَڍَ = ]و[+]اَ[+]ڍ[+]اَ[، (اسم، وڍڻ جي حالت، جنهن جو جمع ’وڍون‘ = /وَڍ/+/اُون/ آهي.)

وَڍو = ]و[+]اَ[+]ڍ[+]او[، (اسم، جنهن جو جمع ’وڍا‘ = /وَڍ/+/آ/ آهي.)

وڍڻ = /وڍ/+/اڻ/.

 

* /وڍڻ/ + /او/ = وڍڻو

                   + /اي/ = وڍڻي

                   + /آ/ = وڍڻا

                   + /اون/ = وڍڻيون

         

* وَاڍ = ]و[ + ]آ[ + ]ڍ[

       + /اِ/ = واڍِ (جمع واڍون/واڍيون)

       + /او/ = واڍو

       + /اِي/ = واڍِي

       + /اُون/ = واڍيون

     

 * /وَاڍڪ/ + /او/ = واڍڪو

+ /آ/ = واڍڪا

+ /اِي/ = واڍڪِي

+ /اُون/ = واڍِڪيون

 

* وڍج، وڍائج، وڍرائج، ...

      

ثابت ٿيو ته سنسڪرت وارو ’ڪٿن‘، جيڪو مذڪر واحد آهي، ڦري سنڌي ٻوليءَ جو اسم مصدر ڪو نه ٿو ٿئي.

 

اڄوڪي سنڌي ۽ آڳاٽي انگريزي:

ڄاتل اتهاس ۾ انگريزي ٻوليءَ جو سنڌي ٻوليءَ سان هڪ قسم جو سماجي ناتو ارڙهين صديءَ ۽ ان کان پوءِ جي ڳالهه آهي ۽ يونانيءَ ۽ سنڌيءَ جو ٿوري مدي لاءِ ويجھو اچڻ چوٿين صدي قبل از مسيح کان اڳ ۾ ناهي. وڌ ۾ وڌ ٻه مهينا ڊِچ سپاهين به ڊاٻو ڪيو ۽ ٺٽي واري ايراضيءَ ۾ سنڌي ماڻهن کي ڪُٺو ۽ وسندين کي باهيون ڏئي ساڙيو، ڦريو، لٽيو ۽ موٽي ويا. (اها سورهين صدي عيسوي جي ڳالهه آهي.)

انگريزي هڪ انڊو-يورپين ٻولي آهي.

انگريزي مغلي ٻول جو ڌاتو (جيئن ’Kill‘/’ڪِل‘ يعني ڪُهه، وَڍ، مار) ٻول ’امري‘ (Imperative) صورت به آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ، اهو ڪيو ويندو آهي جو ٻول جي ڇيهه (Final Position) وٽ نه هوندو آهي. يڪپدو (Monosyllabic) اچار هوندو ته پد جي پهرئين جزي تي ۽ ٻِپَدو (Bisyllabic) هوندو ته عام طرح ٻئي پد جي پهرئين جزي تي زور وڌايو ويندو، ۽ ان زور جي ڪري ٻول جو اهو بنيادي آواز تبديل نه ٿيندو.

سنڌيءَ ۾

/هَل/ = ]هه[+]اَ[+]ل[، ڌاتو ۽ /هَلُ/ = ]هه[+]اَ[+]ل[+]اُ[ امر آهي.

انگريزيءَ ۾ /Kill/ ئي ڌاتو ۽ اهو ئي امر آهي، ممڪن آهي ته [K] تي زور ڪجهه وڌايو وڃي.

اصولي، علمي، منطقي ۽ وياڪرڻي طرح ڌاتوءَ ۽ امر جي وچ ۾ فرق هجڻ گهرجي. سنڌي ٻولي پوئين جز تي /اُ/ يا /اِ/ وڌائي امري صورت ٺاهي ٿي ۽ انگريزي ٻولي پوئين کان سواءِ، ڪنهن اڳئين جز تي زور وڌائي امر ٺاهي ٿي.

ليکڪ هتي جنهن پاسي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ گهري ٿو، اهو هي آهي ته سنڌي ٻولي، اڄ به ۽ ڪلهه به، پنهنجي ٻول جي اسم مصدر جي صورت /اَڻ/ يا /اِڻ/ ملائي حاصل ڪري ٿي/ڪندي هئي، پر انگريزي اڄ، ٻول جي آڏو ’to‘ آڻي اهو مقصد حاصل ڪري ٿي، جڏهن ته ڪالهه /an/ يا /en/ ڌاتو ٻول جي ڇيهه وٽ ڳنڍي اسم مصدر صورت ٺاهيندي هئي.

انگريزي ٻوليءَ کي ٽن دورن ۾ ورهائي اڀياس هيٺ آندو وڃي ٿو:

1-    آڳاٽي يا پراڻي انگريزي (Old English)، نارمن سوڀ (1066ع) تائين.

2-   وچاڙ يا وچين انگريزي (Middle English)، لڳ ڀڳ 1600ع تائين.

3-   نئين يا جديد انگريزي (Modern English)، لڳ ڀڳ 1600ع کان پوءِ.

پراڻي انگريزي ۾ سموريون اسم مصدر صورتون /an/ يا /en/ پڇاڙي رکندڙ هيون ۽ اهو اثر وچاڙ انگريزي تائين رهندو آيو. وچاڙ انگريزي ۾ /Kill/ جي صورت /Killen/ يا /Cullen/ آهي. (ڏسو چئمبرس ڊڪشنري)

سي. ايل. باربر پنهنجي ڪتاب دي اسٽوري آف لئنگئيج ]1982[ جي مختلف صفحن تي پراڻي انگريزي جي ڪجهه فعلن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

سنڌي

معنى

جديد

صورت

پراڻي انگريزي

هڪ امڪاني صورت

(چڪاس جوڳي)

ڳائڻ، ٻولڻ

= to sing

Singan

 سينڍڻ، سينڍ وڄائڻ

ڦوڪ ڏيڻ، ڦوڪڻ

= to puff

Pyffan

 ٻَڦڻ، ٻَڦ ٻڦ ڪرڻ

ڏيڻ

= to give

Giefan

 ڏيئڻ، ڏيڻ/ڏِئڻ

چُمڻ

= to kiss

Cyssan

 کينسڻ

وهنجڻ

= to bath

Bapian

 ڌاتڻ، ڌاوڻ/ڌائڻ

ٿڌو ڪرڻ

= to cool

Celan

 ـــــــــــ

چونڊڻ

= to choose

Ceosan

 چَسڻ (جيڪا چَس ڏئي)

وڙهڻ          = to quarel, to chide

Cidan

 ڪِڏڻ، ڪيڏڻ، ڪيڏارو 

     (ع. ’ڪيد‘)

چوڻ

= to say

Seegan

 ـــــــــــ

ٿورو مڃڻ

= to thank

Pancian

 ـــــــــــ

ورهائڻ

= to divide

Daelan

 ڏَلِڻ، ڏَرڻ

کارائڻ

= to feed

Fedan

 ـــــــــــ

ڳالهائڻ          = to speak, to say

Sprecan

 ـــــــــــ

سڌ رکڻ

= to wish

Wesan

 وسهڻ، ويساهه ڪرڻ

(سزا) ڏيڻ

= to inflict

Nellan

 نيلڻ، نيل هڻڻ

نِئڻ

= to take

Niman

 نيئڻ/نِئڻ

ڄاڻڻ

= to wit

Witan

 ويچارڻ/وِچارن

هتي ليکڪ واجبي طرح اهو سوال پڇي سگھڻ جي حيثيت ۾ آهي ته آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو پراڻي انگريزي جي اسم مصدر صورت سنسڪرت سان ويجھڙائي رکڻ بدران سنڌيءَ سان وڌيڪ ويجھي مائٽي رکي ٿي؟ ڇا ڀيرومل جن هتي اهو چوڻ پسند ڪن ها ته سنسڪرت جي مذڪر واحد اسم صورت کي سنڌيءَ جيان انگريزيءَ به پنهنجي اسم مصدر صورت بنايو؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته ٻه ٻوليون، جن جي وچ ۾ لاڳاپي بابت تاريخ ڪا به شاهدي نه ٿي ڏئي ۽ هڪ ٻئي کان لڳ ڀڳ ڇهه هزار ميل پرانهن ڏيهن جي سماج ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، ڪنهن هڪ ٻوليءَ جي هڪ ئي اسمي صورت کي پاڻ وٽ هڪ جهڙي صورت ۾ بدلائي رائج ڪن؟ ليکڪ جيڪڏهن ايئن چوي ته انهيءَ حوالي سان سنڌي ۽ پراڻي انگريزي جي وچ ۾ هڪ وياڪرڻي مائٽيءَ جي سڌ پوي ٿي، ته ڪيئن غلط سڏبو؟

 

ماءُ ۽ پيءُ:

ليکڪ سمجھي ٿو ته هاڻي اهو پس منظر هڪ حد تائن چٽو ٿي آيو آهي، جنهن کي نظرن آڏو رکندي سمراٽ صاحب جن پاران ڪيل تنقيد کي مناسب نموني ڇنڊڇاڻ هيٺ آڻي سگهجي.

’ماءُ‘ ۽ ’ڌيءُ‘ جي حوالي سان اڳ آندل سمراٽ صاحب جن جي مثال کي ياد ڪيو.

ڪو، جيڪڏهن ڪن بنيادن تي ايئن وسهي ٿو ته سنڌي ٻولي يا ڪا ٻي ٻولي، جيئن پراڪرت، سنسڪرت جي ماءُ آهي ته پوءِ خود سمراٽ صاحب جن پاران اٿاريل اعتراض/سوال جو جواب سڌيءَ طرح اهو ٿيندو ته سنسڪرت جيئن ته ڪنهن نه ڪنهن جي ڄائي آهي، تنهنڪري ان ۾ سندس ابي امڙ جا (جيڪڏهن ابو امان اتي ڪم آڻڻ درست هجي ته) مهانڊا اوس نظر ايندا، ۽ سنسڪرت ۾ جيڪڏهن ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ جا مهانڊا وڌيڪ نمايان آهن ته پڪ ئي ان کي سنڌيءَ جي ڌيءُ مڃڻو پوندو، ۽ جي ڌيءُ جو جوڀن به هجي، نقش و نگار به چٽا هجن، سورنهن سينگار ڪرائي ويتر جو کيس محلن جي راڻي بنائي عقيدن سان سلهاڙيل پوتر ديويءَ جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو هجي ته هر هڪ پنهنجيءَ سرنديءَ سارو انهيءَ تي پيو اول گھول ٿيندو.

’سمڪيل‘ ٻوليءَ کي عالمن، اڪابرن، رشين، منين ۽ حاڪمن جي قوت ۽ پٺڀرائي مليل هئي، اڃا به ايئن چئجي ته انهن جي ثقافتي ۽ سماجي برتريءَ لاءِ ’سمڪيل‘ ٻولي ئي وڌيڪ سونهي پئي، عقيدي جي اظهار ۽ ڪرياڪرم جي ورجاءَ ان کي پوتر درجو عطا ڪري رکيو هو، ويتر جو لکت ۾ اچي وئي ته ان جو محفوظ رهجي وڃڻ اڻٽر هو.

’سمڪيل‘ ٻولي اڄ ’مُئل‘ ٻولي آهي، ان کي ڪو به عوامي گروهه ۽ سماج پنهنجي مادري ٻوليءَ طور ۽ عام رواجي طرح نه ٿو ڳالهائي. اسان جي اپکنڊ ۾ اچي ٻوليءَ تي به تحقيق ڪندڙ پهرين يورپي عالمن محفوظ رهجي ويل سنسڪرت کي جڏهن اڀياس هيٺ آندو تڏهن اهو ڏسي حيران رهجي ويا ته يورپ جي گھڻين ٻولين ۽ سنسڪرت ۾ هڪ قسم جو گهرو ناتو موجود آهي ۽ سنسڪرت هڪ قديم ٻولي به آهي (عقيدي موجب آدجڳاد کان موجود هئي). هتي جي ٻين ٻولين ۾ ڏٺو ويو ته ڪي ئي اهڙا وياڪرڻي گڻ ۽ ٻولن جو ذخيرو موجود هئا، جن جو ڏس پتو سنسڪرت ۾ مليو پئي (۽ جي نه پئي مليو ته به مختلف ’عالمانه‘ توجيهن وسيلي ملايو ويو).

مهين شهر (موهن جي دڙي) ۾ مليل مهرن جو واسطو ڪهڙي ٻوليءَ سان آهي، اڄ به هڪ راز بنيل آهي. مختلف عالمن مختلف ڏس پتا ڏنا آهن پر پڪي ڳالهه ڪا به ناهي ۽ سمورا عالم، ڏيهي توڙي پرڏيهي، رڳو ان هڪ نُڪتي تي متفق آهن ته جيستائين انهن مهرن تي موجود لکت کي حل (Decipher) نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين هتي جي ڪنهن قديم ٻوليءَ بابت ڪجهه به چوڻ عبث آهي.

هاڻوڪي سنڌي ٻولي تحرير ۾ ڄڻڪ ڪالهه آئي آهي، توڙي جو ان جي ٻولن جي وجود جو ڏس بهرحال هڪ جھوني جڳ تائين پڪ سان ملي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي مذهبي ٺيڪيداريءَ جي حيثيت جو ڪو به ڏس پتو نه ٿو ملي، نه ان کي حاڪمن جي پُٺ ملي، نه وري ٻاون ٻانڀڻن ۽ رشين منين پنهنجي ڌرمي ڪرياڪرم ۽ فلاسافيڪل عقيدي جي صورت ۾ رائج ڪيو، اها ڄڻڪ آدجڳاد کان محڪوم ۽ ماريل، باندي ۽ پانڌي عوام جي ٻولي رهندي آئي آهي، ۽ ان هوندي به بي مثال پختگيءَ سان موجود آهي.

فرض ڪريو ته صورتحال ابتڙ هجي يعني سنڌي ٻوليءَ جون قديم لکيتون موجود هجن ها، ڌرمي عقيدن، ڪرياڪرمن، ڀڄنن، ناٽڪن ۽ حاڪماڻين فلسفيانه تعليمن جي اظهار جو وسيلو به هجي ها، ديوتائن/خدائن جي ٻولي به اها ئي هجي ها ۽ ٽيهه چاليهه صدين کان نسل در نسل انسان جو اولاد ان ۾ ۽ ان جا ڳيچ ڳائيندو آيو هجي ها ۽ ڪالهه ۽ اڄ جڏهن جديد تحقيق ۽ اڀياس هيٺ اچي ها، يورپ ۽ ايشيا جي مختلف ٻولين ۾ ان جا آثار نظر اچن ها ۽ اهو به ڏٺو وڃي ها ته خصوصاً ]ٻ، ڏ، ڄ، ڃ، ڱ، ڻ[ وغيره جهڙن آوازن کي ٻين ٻولين /ب، بب، بر، پر، ور، پ، و، د، ڊ، ڊر، ڌر، ج، نج، نگ، گ، ن/ وغيره بدلايو آهي، تڏهن بلڪل فطري، منطقي، علمي، اصولي ۽ وياڪرڻي طرح ثابت ڪري سگهجي ها ته اصلوڪي/بڻائتي ٻوليءَ کي ’سمڪري‘ جيڪا ٻولي وجود ۾ آئي ان کي اڳتي هلي ’سنسڪرت‘ سڏيو ويو.

ڄائي به هجي، اجاريل ۽ سنواريل به هجي ۽ منجهس سنڌيءَ جا ڪيترائي گڻ به موجود هجن، پوءِ ڇا چئبو؟

انهيءَ حالت ۾ سمراٽ صاحب جن جي اٿاريل اعتراض جي حيثيت ڇا هجي ها!؟

هڪ ڳالهه ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته:

هڪ ٻولي لوڪ جي ٻولي آهي ۽ ٻي مخصوص مفاد رکندڙ حاڪم ٽولي جي، لوڪ جي ٻوليءَ کي مخصوص ايراضيءَ ۾ سوين ورهين جو تاريخي پس منظر مليل آهي، جڏهن ته گروهه جي ٻوليءَ کي گھٽ ۾ گھٽ، ان ايراضيءَ ۾ اڳوڻيءَ جي ڀيٽ ۾ اک-ڇنڀ جيترو عرصو مس گذريو آهي، لوڪ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي پنهنجي فطري سماجي ماحول موجب ڳالهائيندو رهي ٿو، جڏهن ته گروهه جو پورو ڌيان پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ، سينگار، واڌ ۽ ويجھ ۽ سار سنڀال تي سيڙيل آهي، ڇو ته سندس سماجي، معاشي، سياسي، نفسياتي ۽ ڌرمي مفاد ئي ان ۾ لڪل آهي ته سندس ٻولي وس آهر حاڪماڻي حيثيت ۾ رهي، لوڪ هڪ کان ويندي، ٻن ٽن تان ٿيندي سَتن سُرن تائين پنهنجي ٻولي ۽ لوڪ گيت ڳائيندو ۽ جھومندو رهي ٿو. جڏهن ته گروهه کي اها پريشاني ته پنهنجين رچائن کي سريلو ۽ جھومَ لائق بنائي سگھي. هڪ ٻوليءَ، لوڪ جي ٻوليءَ بابت اهڙو ڪو پڪو پختو ثبوت موجود ناهي جو اڻٽر نموني پڪ سان چئي سگھجي ته اها ڪا قديم ٻولي ناهي، جڏهن ته ٻيءَ ٻوليءَ بابت پڪا پختا ثبوت موجود آهن ته اها اصلوڪي/بڻائتي ٻولي ناهي ۽ ’چڱي ڪيل‘، ’اجاريل‘ ۽ ’سنواريل‘ ٻولي آهي. لوڪ جي ٻولي ناموافق حالتن باوجود اڄ به پوريءَ قوت سان جيئري ۽ وڌندڙ آهي، جڏهن ته گروهه جي ٻولي ’موافق‘ حالتن باوجود اڄ عملي طرح مري چڪي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڇو اهو ويساهه ڪجي ته لوڪ جي وسيع ٻولي، پوءِ ڪاهي آيل گروهه جي محدود ڪيل ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتي آهي؟

 

قديم ٻولي:

سمراٽ صاحب جن هڪ نڪتو اهو به اٿاريو آهي ته:

·      ٻڌائيندو ليکڪ مهاشيه }سراج صاحب{ دنيا جي ڪا به اهڙي قديم ٻولي جنهن ۾ ان ’نهايت قديم‘ سنڌي جا 2-3 لفظ موجود هجن؟ پاڻ فقط پنجن ٻولين جا مثال ٻڌائي سگهي ٿو، نه ته کيس پنجن نه پر پنجاهه ٻولين ۾ سنسڪرت جا 2-3 نه پر سوين لفظ ثابت ڪري ڏيکاري سگھجن ٿا. فقط اهو ئي دليل ڪافي ٿيندو جو هو صاحب ثابت ڪري ڏيکاري ته سنڌي سچ پچ ڪا قديم ترين زبان آهي. (]1995[ 23، ڪالم-1)

سمراٽ صاحب جن ته ٻه ٽي نه پر سوين ٻول ڏيکاري سگھن ٿا پر ان جي ڪهڙي ثابتي آهي ته اهي ’سنسڪرت‘ جا ئي ٻول آهن ۽ ان ٻوليءَ جا ناهن جنهن کي ’سم ڪيو‘ ويو هو؟

مٿئين ٽڪري ۾ ٻه ڳالهيون ڪيل آهن، هڪ ته، دنيا جي مختلف ٻولين ۾ پنهنجيءَ ٻوليءَ جا ٻول ڏيکارجن ۽ ٻي ته، سنڌي ٻولي سچ پچ ڪا قديم زبان آهي!

اها پوئين عجوبئه ذهانت ڳالهه هاڻي ته پڪ ئي مدي خارج ٿي وئي آهي. ان ڳالهه جو پايو شايد انهن ’نظرين‘ تي بيٺل آهي جن موجب جديد سنڌيءَ جي ابتدا 11-صدي عيسوي ۾ ٿي، اها ڪنهن اپڀرنش مان نڪتل آهي ۽ اِها سنڌي اُها سنڌي ناهي جيڪا ’سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي‘ جي زمري ۾ آڻي سگھجي!

ليکڪ حيران آهي ته ڇا هاڻي سمراٽ صاحب جن جهڙي پائي جي عالمن کي به اهي ڳالهيون (سمجھاڻيون ته نه چوڻ گھرجي) ٻڌائڻيون پونديون، اڃا به ايئن چئجي ته ورجائي ٻڌائڻيون پونديون ته سنڌي ٻولي هڪ قديم ٻولي آهي، گھٽ ۾ گھٽ، ويدڪ سنسڪرت کان وڌيڪ قديم. ڇو ته رگ ويد لکجڻ کان به اڳ ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌو‘ پڪ سان موجود هئا (۽ ’هند‘ ۽ ’هندو‘ ۽ ’اِنڊ‘ ۽ ’اِنڊو‘ ٻولن اڃا وجود نه ورتو هو) ۽ ويدڪ شُرتين جي منترن کي رچائُن جي صورت ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سماج ۽ لوڪ جي گيتن کان سُرَ ۽ تال وٺي منجھن وزن پيدا ڪرڻ جو جتن ڪيو ويندو هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن به انهيءَ راءِ جا آهن ته (جديد) سنڌيءَ جو بنياد 11-صدي عيسوي ڌاري پيو. پاڻ پنهنجي هڪ تحقيقي ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ]1990[ ۾ ٻڌايو اٿئون ته البيروني جي ڪتاب الصيدنه لکجڻ مهل (51/1050ع) سنڌي ٻولي ايڏي ته اسريل هئي جو عربي، يوناني ۽ هنديءَ جا ٻول ڄاڻائڻ سان گڏوگڏ خصوصي گھرج محسوس ڪئي وئي ته انهن شين/وکرن جا سنڌي نالا به ڏنا وڃن.

۽ اها هڪ ئي شاهدي ان راءِ کي رد ڪرڻ جو پختو دليل آهي.

سنڌيءَ، جيڪڏهن، 11-صديءَ ۾ پنهنجو هاڻوڪو روپ ورتو ته ڪولن، سنٿالن، ڀيلن ۽ دراوڙن جا ٻول ان تائين ڪيئن پهتا؟ ڇا اهي ٻه ٽي هزار ورهيه انتظار ڪندا رهيا ته 11-صديءَ ۾ سنڌي ٻولي ٺهندي ته ان ۾ هلي جذب ٿيندا!؟

اهي عالم جيڪي سنڌيءَ کي سنسڪرت مان اسريل چون ٿا، انهن مان به گھڻا اهو چون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي نه ڪي خصوصي گڻ موجود آهن، جيڪي سنسڪرت ۾، بهرحال، موجود ناهن.

·      ... ’ٿورو‘ معنى احسان يا ڀلائي، جو اصل ۾ سنسڪرت لفظ ستوَڪ (stavaka) آهي، ۽ اصل معنى اٿس ’ساک يا ساراهه...‘ اهو ستوَڪَ لفظ اول بگڙجي ٿيو ’ٿوڪ‘ }ٿوَڪَ؟{، ۽ پوءِ ’ڪ‘ حذف ٿيو ته باقي بچيو ’ٿو‘ }ٿَوَ{، تنهن جي پٺيان ’رو‘ پڇاڙي (suffix) گڏي چئون ’ٿورو‘. (ڀيرومل ]1972[ 173-172)

جامع سنڌي لغات ۾ پڻ ’ٿورو‘ جو ڌاتو ’ستوَڪَ‘ ڄاڻايل نظر اچي ٿو.

هوندو!

پر صاف ظاهر آهي ته اهڙي تبديلي ٻڌائڻ لاءِ لفظ جي اکرن کي ڏٺو ويو آهي، ٻول جي آوازن کي نه، جي آوازن جي بنياد تي انهيءَ وضاحت کي قبول به ڪجي ته سنڌي ٻول ’ٿوَرو‘ =] ٿ + اَ + و + اَ + ر + او[ هئڻ گھرجي ها، نه ڪي ’ٿورو‘ =] ٿ + او + ر + او[.

چيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ سنسڪرت جي ’پتار سُوسري‘ کي ’پڦي‘، ’ماتر سُوسري‘ کي ’ماسي‘، ’ڀڳني پتي‘ کي ’ڀيڻويو‘، ’شيت ڪال‘ کي ’سيارو‘ ۽ ’اَشند ڪال‘ کي ’اونهارو‘ ڪيو آهي. (ڀيرومل ]1972[ 171)

ايئن به هوندو!

هونئن ڏسجي ته سنڌي ٻوليءَ سخت ناواجبي ڪئي آهي، جنهن سنڌ جي ايراضيءَ ۾ سنسڪرت ۽ پالي صاف سٿري، معياري ۽ ٺيٺ انداز ۾ ڳالهيون وينديون هيون ۽ اتي جي پڙهيل جو اُچار سَند ڪري سمجھيو ويندو هو، جنهن سنڌيءَ پالي، پراڪرت توڙي سنسڪرت جون نسبتاً وڌيڪ خوبيون اڄ ڏينهن تائين نسبتاً بهتر انداز ۾ سانڍي رکيون آهن، جنهن سماج ۾ اڄ به سوين ڌراوڙ ۽ سنسڪرت ٻول، يوناني ۽ ترڪي ٻول، عربي ۽ فارسي ٻول وغيره هڪ حد تائين درست نموني سانڍي رکيا ويا آهن، اتي ’پتار سُوسري‘ کي ’پڦي‘ ۽ ’ماتر سُوسري‘ کي ’ماسي‘ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي! ’ماسي‘ جي بدران ’ماڦي‘ يا ’پڦي‘ جي بدران ’پُسي‘ ۽ اهڙي طرح ’ماسڙ‘ بدران ’ماڦڙ‘ يا پڦڙ‘ بدران ’پُسڙ‘ ڪيو ويو هجي ها ته، ڪجهه ته قاعدن جي ڳالهه محسوس ٿئي ها!

سنڌي ٻوليءَ جي قدامت تي شڪ اڄ خارج از بحث موضوع آهي، ليکڪ ٻيو به ڪجهه نه ٿو پڇڻ چاهي، بس رڳو ايترو ٻڌايو وڃي ته:

1.     سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽين ضميري پڇاڙين ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڇو وجود ورتو؟

2.    سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل اڪر ترڪ ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڇو وجود ورتو؟

3.    جنهن کي ’زمان مضارع‘ چيو وڃي ٿو، اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ درحقيقت ڪيئن آهي؟

 

مُلڪو دليل:

سمراٽ صاحب جن بائيبل ۽ قرآن مجيد مان ٻه آيتون آڻي ٻڌايو آهي ته اصل ۾ انسانذات هڪ ئي قوم (امت) هئي ۽ ان جي ٻولي به هڪ ئي هئي ۽ اها ئي آهي دنيا جي قديم قوم ۽ ان جي مقدس زبان. نالو اختيار ۾ آهي چاهي ڪجهه به رکوس. (]1995[ 23، ڪالم-1)

”نالو اختيار ۾ آهي چاهي ڪجھ به رکوس“ چئي سمراٽ صاحب جن پنهنجي آندل دليل کي پاڻ ئي رد ڏنو آهي.

اصل ۾ اهو ڪنهن به طرح ڪو عالمانه دليل آهي ئي ڪو نه. پنهنجي ڳالهه ان نموني بيان ڪري سمراٽ صاحب جن هڪ مُلي/ٻائي/پنڊت/پادري وارو ڪم ڪيو آهي، يعني ماڻهو جيئن ته عقيدي خلاف ڳالهائڻ پسند نه ڪندو يا اهڙي جرئت نه ڪندو ان ڪري ’دليل‘ پنهنجو ڪم ڪري ويندو. جڏهن ته پاڻ سمراٽ صاحب جن به پڪ ئي ڄاڻندا هوندا ته اڄوڪي تحقيق ۾ حقيقتون، شاهديون ۽ دليل ڪم ڪندا آهن، عقيدو نه.

انهن ئي ڪتابن جي روشنيءَ ۾ جيڪا ٻولي دنيا جي قديم ترين ٻولي ثابت ٿئي، ڇا سمراٽ صاحب جن ان کي قوم (امت) جي اولين، آڳاٽي ۽ قديم ترين ٻولي مڃيندا؟

ظاهر آهي ته ’نه!‘، ڇو ته جي ايئن هجي ها ته نالو کڻي ٻڌائين ها، ايئن نه چون ها ته ”نالو اختيار ۾ آهي، ڪجھ به رکوس.“

 

ٻول جي/۾ ڦيرڦار:

ٻوليون ۽ ٻول اسرن، تبديل ٿين ۽ موافق حالتن ۾ وڌن ويجھن ۽ گھڻ-روپا ٿين ٿيون/ٿا. جنهن ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙ متحرڪ سماج جو جيئرو ماڻهو نه هوندو، اها ٻولي مري ويندي.

·      پري نه وڃو. شاهه عبداللطيفُ جا ٻولي پنهنجي زماني ۾ سمجھندو ۽ ڳائيندو هو سا ئي منظوم ڪيائين نه؟ پوءِ گھڻا آهن جيڪي شاهه جي ٻوليءَ کي سمجھي ٿا سگھن؟ هڪ سمجھدار ۽ پڙهيل سنڌي به شاهه جو رسالو پوريءَ معنى سان اڄ نه ٿو سمجھي سگھي. ڇو؟... گھڻا انگريز آهن جي شيڪسپيئر ۽ ملٽن جي ٻولي سمجھي سگھن ٿا؟ (سمراٽ ]1995[ 23، ڪالم 2-1)

·      ... هاڻ ان طرح جي لفظ گسندا، بگڙندا، ٺهندا، وڌندا، ڄمندا، مرندا رهندا ته ٻولي ڪيئن قائم رهي سگھندي؟... جڏهن ڪجھ صدين جي ٻولين جو اهو حشر آهي ته پوءِ يار ڪهڙي آڌار تي ويٺا آهيو موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي اڄ جي سنڌيءَ سان ڀيٽڻ! (ايضاً، ص-23، ڪالم-1)

·      ... ٻوليءَ تي ڪهڙو ڀروسو! ٻارهين ڪوهين ٻي. ان لاءِ هوڏ ڪري ايئن چوڻ ته صدين کان اڳي سالم رهندي اچي ته اها فقط خوش فهمي ٿيندي. (ايضاً، ص-24، ڪالم-2)

ايئن ٿو ڀانئجي ڄڻڪ ڪو صنعتڪار پيو پڇي ته اي لسانيات جا ڄاڻوئو! هي جو اوهان ٻوليءَ ۽ ٻولين جي بڻ بنياد بابت (يا آثار قديمه بابت) ويٺا تحقيقون ڪريو، زبدگيون ڳاريو ۽ نور نچوئيو، سو ڇو؟ ان جو ڪهڙو فائدو؟...

سمجھو ڪري ته ڪو هڪ به ماڻهو اهڙو ڪونهي جيڪو شاهه لطيف يا شيڪسپيئر ۽ ملٽن جي ڳالهايل ڪنهن هڪ به لفظ جي معنى سمجھندو هجي. ان جو مطلب اهو آهي ڇا ته شاهه لطيف جي ٻولي سنڌي نه هئي ۽ شيڪسپيئر جي ٻولي انگريزي نه هئي؟

ماهر جڏهن مئل ٻوليون، جن جو هڪ به ڳالهائيندڙ موجود ناهي، پڙهيو وڃن، تڏهن ڇو هڪ جيئري ٻوليءَ جا ٻول ۽ انهن جون معنائون سمجھي نه سگھندا!؟

هڪڙي ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته هڪ فرد سڄو سماج ناهي، هزارين يا لکين فردن جي ميڙ کي، جيڪو ڪن مخصوص ناتن ۾ جڙيل ٿئي ٿو، سماج سڏجي ٿو، ان سماج جا سوين شعبا ٿين ٿا، هر هڪ شعبي ۾ ڪم ايندڙ مخصوص ٻولن جي هڪ حد، لسانياتي حد ٿئي ٿي. ضروري ناهي ته هڪ شعبي جا مخصوص ٻول ٻئي ڪنهن مخصوص شعبي جو ماڻهو پوريءَ طرح سمجھي سگھي پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته اهي هڪ ٻئي جا عام وهنواري ٻول به سمجھي نه سگھندا.

ٻولي سماج جيتري ڪشادي، گھڻ طرفي ۽ رنگين ٻول-کاڻ جو نالو آهي جيڪا پنهنجي سماج جون سموريون ذهني توڙي مادي ثقافتي گھرجون پوريون ڪري ٿي، ۽ فرد ان سماج جو هڪ جز آهي، جيڪو پنهنجي سماج جي ڀيٽ ۾ بهرحال محدود ٿئي ٿو. ڪو هڪ فرد پنهنجي سماج جي ڪل ٻولي سمجھي سگھي ڄڻڪ ناممڪن آهي پر سماج پنهنجي هر فرد جي ٻولي سمجھي ٿو. ضروري ناهي ته هڪ هاريءَ جي واتئون ڳالهايل هر ٻول ڪو صنعتي مزدور يا ان جو ڳالهايل هر ٻول ڪو هاري سمجھي سگھي پر ٻنهي جا ڳالهايل ٻول سندن ٻوليءَ جي ٻول-کاڻ جو هڪ جز آهي.

اڄوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ جيترا به ٻول ٻوليا وڃن ٿا، انهن مان هر هڪ ٻول جي معنى هر هڪ فرد کي نه ايندي پر ان جو مطلب ڪنهن به طرح اهو ناهي ته اها ٻولي سنڌي نه هوندي.

ٻول يقيناً تبديل ٿين ٿا پر انهن جي تبديليءَ جي رفتار هروڀرو ايڏي تيز به ناهي جو پنجاهه يا سٺ ورهين کان پوءِ مورڳو سمجھي نه سگھجي. هيٺ ڪي ٻول ڏجن ٿا اچو ڏسون ته اهي سمجھي سگھون ٿا يا نه.

·      ’جِهمَ‘ معنى ترائي يا هيٺاهين. ’جھم پير‘ اڄ به هڪ وسنديءَ جو نالو آهي.

·      ’مَتو‘ معنى جيڪو مت رکندڙ هجي يا متل هجي. ’ڪُورَ متل‘ اڄ به هڪ واهه جو نالو آهي.

·      ’وَسايو‘ معنى وسيل، وَس يا آباديءَ وارو. ’اللھ وسايو‘ اڄ به هڪ فرد جو نالو آهي.

·      ’ڍول‘ اڄ به ڪنهن پياري ماڻهوءَ کي چوندا آهيون - ڍولا مارو منهنجا، پرچن شال پنهوار.

·      ’پُر‘ (پور) معنى ڀريل يا ڳتيل، جتي ڪنهن شيءِ جي ججھائي هجي. شڪارپور ۽ شهدادپور اڄ به ڪن شهرن جا نالا آهن.

·      ’ڪوٽ‘ معنى ڍڪڻ، ويڙهڻ، بند ڪرڻ، جھل ڏيڻ يا جنهن وسيلي اهي ڄاڻايل ڪم ڪيا وڃن. رني ڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي ۽ شهدادڪوٽ کان ڪير واقف ناهي؟

·      ’سونهن‘ جي هڪ معنى خوبصورتي به آهي. ’سونهن‘ ۽ ’سونهندي‘ اڄ به ڪن عورتن جا نالا آهن.

·      لاکا، لوهاڻا، سهتا، جَت، ڀَٽي ۽ هالا ۽ چچ پور ۽ نيرون ڪوٽ مان ڪجهه نالن جي معنى ممڪن آهي ته اڄ اسان کي نه اچي پر انهن ٻولن کان نه رڳو واقف آهيون پر ايئن جو ايئن ڳالهائيندا رهون ٿا.

ڇا ڪو ڀروسو ڪندو ته اهي نالا ايئن جو ايئن اڄ کان ڪي 12-سؤ ورهه اڳ به ڳالهايا ويندا ۽ سنڌي سماج جو جز هئا؟ ۽ اهي نالا هڪ اهڙيءَ الفابيٽ ۾ لکيا ويا جيڪا سمورن سنڌي آوازن کي درست نموني ظاهر نه ٿي ڪري سگھي!؟

اهي نالا چچنامي ۾ آندل آهن.

اچو ڪن ٻين ٻولن ۽ انهن جي معنى ۽ مفهوم کي ساريون:

ڇُري، ڪَنُ، نَڪ، ٿان (ٿانءُ)، تَتو (ڪوسو)، ماس، رَت، ميل (مير)، چورُ، اُوچو، سَت، پَٽ (ريشم)، مڙس، مارُو (ماڙهو، ماڻهو)، جَوَ وغيره.

اهي ٻول جِپسي ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا، جن کي اڄ ڪلهه به عام طرح ’يورپ جا رولُو ماڻهو‘ سڏيو وڃي ٿو ۽ قديم سنڌ واري وسيع ايراضيءَ مان ڀانئجي ٿو ته 6 سؤ - 8 سؤ ورهه قبل مسيح ڌاري لڏي وڃي ڪاري (Black) سمنڊ جي ڪناري تائين پهچي ويل ’سنڌي وڻجارا‘ هوندا يعني انهن ٻولن ۽ ٻوليندڙن کي سنڌ جي ڌرتيءَ کان ڌار ٿئي لڳ ڀڳ 3-هزار ورهه ٿي چڪا آهن! ڇهه هزار ميلن کان وڌيڪ وٿي، ٽي-هزار ورهه کن وقت جو مدو ۽ ماحول مورڳو اوپرو، پر ڪهڙو عام سنڌي هوندو جو انهن ٻولن جو مطلب نه ٻڌائي سگھي؟

ڪن به ٻن ٻولين ۾ ايڏي هڪ جَھِڙائي محض اتفاقي ٿي نه ٿي سگھي.

ٻولين جا ٻول يقيناً تبديل ٿين ٿا، ۽ ترت به ٿين ٿا پر هر حالت ۾ سڀ جو سڀ نه. ڪي بلڪل هوري تبديل ٿين ٿا ۽ ڪي جَهِڙوڪر نه.

·      ... سنڌي ٻوليءَ تي جيتوڻيڪ ٻاهريون اثر به ٿيو آهي، پر ان هوندي به ان جي ساخت ۽ سٽاءَ ۾ ڪا به ڦيرگھير نه آئي آهي...

ان ڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌي ٻولي قديم دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ساڳي آهي. وقت گذرڻ ۽ ڌارئين اثر هيٺ، اها ڪي قدر بدليل ڏسجي ٿي پر ايتري ڦيرگھير نه آهي جيتري برصغير جي ٻين ٻولين ۾ ڏٺي وئي آهي. (ممتاز پٺاڻ ]1971[)

·      سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي اکرن، لفظن ۽ جملن کي پنهنجي جسم ۾ جذب ڪرڻ جي اصل ڏات مليل آهي جيڪا ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ کي ورلي حاصل آهي. (سمون ]1977[)

سنڌي ۽ دراوڙي ۾ ڪي ئي هڪ جھڙا ٻول موجود آهن جن جو سنسڪرت ۾ پتو به نه ٿو ملي. اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھيو؟ جڏهن ته ويدڪ آرين کان پوءِ سنڌ ۾ دراوڙن جي گهري سماجي حڪمراني ۽ ميل جول جو پتو به نه ٿو ملي!

دراوڙ ڀُونچ (Mediterranean) سمنڊ کان آيا يا ڏکڻ ڀارت کان، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ويدڪ آرين کان اڳ پهتل هئا ۽ هتي جي سماج جو حصو ٿي چڪا هئا. ويدڪ آرين کان پوءِ سنڌ ۾ دراوڙن جي آمد/ڪاهه/راڄ جو ڪو مثال موجود ڪونهي. ٻڌائيندا سمراٽ صاحب جن ته سنڌي ٻوليءَ ۾، جيڪڏهن اها قديم/آڳاٽي/جھوني ۽ ڪهني ٻولي ناهي ته، دراوڙ ٻول ڪيئن پهتا؟

·      سنڌ مان سمنڊ هتي پري ٿيو ته جن لوڪن اهي وارياسا پٽ اچي وسايا تن مان قديم ۾ قديم لوڪ هاڻوڪن ڪولن، سنٿالن ۽ ڀيلن وغيره جا ابا ڏاڏا هئا... ڪول، سنٿال، ڀيل وغيره اڳي جڏهن سنڌ سميت سڄي اتر هندستان ۾ رهندا هئا، تڏهن سنڌ ۾ جيڪا ٻولي چالو هئي، سا هن وقت وچ-هندستان ۾، ڇوٽا ناگپور طرف ڪول ۽ سنٿال ڳالهائين ٿا. (ڀيرومل ]1972[ 10 ۽ 11)

... }ڀيرومل جن هتي ’ڪولن جي ٻوليءَ جا سنڌيءَ ۾ نشان‘ ڄاڻائيندي اڳتي لکن ٿا{

·      ...ڪولن ۽ منڊ لوڪن جي ٻولين جا ٻيا به ڪي نشان سنڌيءَ ۾ هوندا ته عجب ڪونهي. (ايضاً، ص-15)

... هن مان سمجھجي ٿو ته دراوڙن جي ڪاهه ٿيڻ کان پوءِ به ڪي ڪول ۽ سنٿال ساڻن گڏ رهيا پيا هئا.

ڀيرومل جن هتي اي هسٽري آف انڊيا، ص-13 تان انگريزي ۾ حوالو آندو آهي جنهن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

·      ايئن ٿيو هوندو ته ٻه قومون/نسل (Races) يعني ڪولرَين (Kolarians) ۽ دراوڙ (Dravidians) هڪ ٻئي جا پاڙيسري ٿي رهيا هوندا، ۽ اهو ئي نظريو اڄ ڪلهه عمومي طرح قبول ڪيو وڃي ٿو، يا ايئن به ٿي سگھي ٿو ته هن ڏيهه ۾ ڪولرَين اڳ ۾ اچي رهيا هجن ۽ دراوڙ پوءِ، اتر يا اولهه کان انهن ڏينهنِ ۾ آيا هجن جڏهن آسٽريليا جي رخ ۾ پکڙيل انڊيا جو اهو زمين ٽڪرو سمنڊ هيٺ اچي ويو هجي.

·      مٿين ڪجهه حوالن مان پڌرو آهي ته دراوڙ ۽ ڪولرَين ٻه جداريون قومون آهن ۽ موهن جي دڙي توڙي سنڌو ماٿر جا اصل پهريان آباد ڪندڙ به صرف ڪول، سنٿال ۽ ڀيل آهن جن کي ڪولرين قوم سڏجي ٿو. سندن سنئون سڌو واسطو يا سندن خاندان پروٽو-آسٽريلائڊ (Proto-Australiod) آهي. هن جو زمانو پراڻو پٿر جو دور آهي. دراور قومون ته ڏکڻ هندستاني آهن ۽ ڪول، سنٿال ۽ ڀيل ماڻهن يعني مقامي ماڻهن مٿان فاتح بنيا، جنهنڪري هنن پنهنجي هر شيءِ کي مقامي ماڻهن مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ٻنهي قومن پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهڻ ڪري اڳي کان وڌيڪ هن خطي کي ترقي وٺرائي ۽ هيءُ وري نئين پٿر وارو دور سڏجي ٿو، جنهن کي اٽڪل 5-هزار ق.م جي تهذيب سڏجي ٿو. (قريشي ]1995[ 7)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com