سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب:اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

باب: --

صفحو :7

 

 

اڻ-سڌريل/سڌريل ۽ سندن شاندار ٻولي:

’آريا‘ درحقيقت آريا هئا يا نه، سڌريل هئا ته ڪيترا ۽ اڻ-سڌريل هئا ته ڪيترا ۽ ’اَڻ-آريا‘ درحقيقت اڻ-آريا هئا يا نه، اڻ سڌريل هئا ته ڪيترا ۽ سڌريل هئا ته ڪيترا؟ اهو ڌيان ۾ ضرور رکڻو پوندو ته ڪير، ڪنهن کي، ڪٿان بيهي، ڪهڙين ڳالهين ۾ ’سڌريل‘ يا ’اڻ سڌريل‘ قرار ڏئي ٿو. اسان جو مضمون هن موضوع تي بحث ڪرڻ جي موڪل نه ٿو ڏئي.

هيٺ ڀيرومل جن جي هڪ ڪتاب قديم سنڌ ]1992[ تان هڪ اهڙو ٽڪرو ڏجي ٿو، جيڪو مختصر طرح ’آرين‘ ۽ ’اڻ-آرين‘ جي سماج ۽ ثقافت جي جهلڪ ڏيکاري ٿو:

·     ”... سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن آرين کي پنهنجي ملڪ ۾ پير کوڙڻ نه ٿي ڏنو ۽ ساڻن سخت چڪريون کاڌيون هئائون. انهن چڪرين کائيندي هزارين اڻ-آريا لوڪ مارجي ويا، ڪن اڻ-آرين ٻيلن ۽ جبلن ۾ وڃي پناهه ورتي، جتان پوءِ به وجهه وٺي آرين تي ڪاهي ايندا هئا... آرين سندن قلعا ۽ شهر باهيون ڏئي جلايا، سندن فوجون ناس ڪيائون ۽ ڪن کي پنهنجو داس يا غلام بنايائون، جن مان پوءِ ڪي شودرن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا. منجهانئن جيڪي وڏ گهراڻا هئا، تن مان ڪن سان سڱ ڳنڍي، کين پنهنجو ڪيائون...“ (ص-131)

·     ”جيڪي آرين سان گڏ رهيا، تن تي آرين جي سنسڪرت ٻولي ۽ سڀيتا جو اثر ٿيو. پر ٻولين جو توڙي ٻيو اثر هڪ طرفو نه ٿيندو آهي، قديم دراوڙن جي سڀيتا به ان وقت... اعلى درجي جي هئي ۽ ان جو اثر آرين تي به ٿيو.“ (ايضاً. ص-132)

·     ”اول ڪيترا دراوڙي لفظ سنسڪرت ۾ چالو ٿيا... مطلب ته جنگين ۾ دراوڙن کي آرين شهه ڏني ته هنرن، ڪاريگرن وغيره ۾ دراوڙ کين شهه ڏئي ويا.“ (ايضاً. ص-133)

·     ”جيڪڏهن هيءَ ڳالهه قبول ڪجي ته مهن جي دڙي واري سڀيتا دراوڙن جي آهي، ته پوءِ انهن بابت جيڪي تاريخن ۾ پڙهيو اٿئون سو سڀ وسارڻو پوندو.“ (ايضاً. ص-134)

·     ”رگ ويد ۾ چٽيءَ طرح ڄاڻايل آهي ته اڻ-آريا لوڪ ڀاڳيا ماڻهو هئا ۽ منجانئن جيڪي ’پڻي‘ (وڻجارا يا واپاري) هئا سي هيڪاري زور هئا. گايون، مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال ججهو هئڻ ۽ وڙهڻ ۾ به پختا هئا... حقيقتاً دراوڙ }اڻ-آريا{ لوڪ انهيءَ آڳاٽي زماني ۾ ئي نهايت سڌريل هئا.“ (ايضاً. ص-135)

·     ”مسٽر رکلداس بئنرجي، جنهن مهن جو دڙو پهريائين پهريائين کوٽايو هو، سو وينجهارن جي ساراهه مان ڍاپي ئي نه ٿو، چي رگ ويد ۾ جن آرين جو ذڪر آهي، تن کي به اهڙو هنر ڪو نه هو جهڙو مهن جي دڙي جي ڪاريگرن کي هو.“ (ايضاً. ص-78)

ايڏي اعلى ۽ سڌريل سماج جون ثقافتي گهرجون پوريون ڪري سگهندڙ ٻولي ڇا ڪنهن به طرح شاندار ٻوليءَ کان گهٽ هوندي؟

ڇا آرين جي اچڻ واري زماني تائين اهو سماج پنهنجي ٻولي وساري گونگو ٿي چڪو هو؟

·     ”علم علامت جي خيال کان نشان (signal) به هڪ نالو آهي. هن طرح سڌي سماج ۾ نشانن جو تعداد ايترو آهي جيترو نالن جو يا ماحول ۾ موجود شين جو. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ جيترا گهڻا نالا، اوترو وڏو ان جو ماحول ۽ اوترو وڌيڪ ان سماج جو تجربو. هن جو مطلب ته جيتري ٻولي اوترو سماج يا جيترو سماج اوتري ٻولي.“ (ٻوهيو ]1977[ 311)

سنڌي ٻوليءَ جو سماج ڪيترو وسيع ۽ ڪيترو جهونو آهي ان جي جهلڪ مٿي ڏنل احوال ۾ چٽي ٿي اچي ٿي.

·     سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪي اهڙا گيت مليا آهن جن ۾ ٻه ۽ ٽي سُر لڳن ٿا. قدامت جي لحاظ کان اهي دنيا جا قديم ترين گيت آهن جيڪي سنڌ کان سواءِ سڄيءَ دنيا ۾ اڻلڀ ٿي چڪا آهن.

موسيقي تي لکيل ڪتابن مان سڌ ملي ٿي ته ويدن جون رچائون ٻن ٽن سُرن ۾ ڳايون وينديون هيون، جن کي انوديتا، اديتا ۽ سويتا چوندا هئا. موسيقي جي تاريخ ۾ ويد ته ڪالهوڪي ڳالهه آهن... سام ويد ۾ سامن آهن... (منتر ۾ جيڪڏهن وزن هجي ۽ ان کي سُر سان ادا ڪيو وڃي ته ان کي سامن چيو وڃي ٿو)... سڀ کان اڳ رگ ويد جون رچائون هڪ سُر ۾ ادا ڪيون وينديون هيون جنهن کي آرچڪ چون ٿا...

ويدن کي ٻن ٽن سُرن ۾ ڳائڻ مان اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته عوامي سطح تي ڳايا ويندڙ گيت به ٻن، ٽن ۽ چئن سُرن ۾ ڳاتا ويندا هئا. عوامي سطح تي نت نون گيتن جي تخليق ۽ واڌ ٿي رهي هئي ۽ انهن ئي عوامي گيتن جي ڌنن ۾ ويدن جي رچائن کي گهاڙڻ جون ڪوششون به ٿي رهيون هيون. سامن جيڪي ٽن سرن ۾ ڳاتا ويندا هئا انهن سان گڏوگڏ اصلي گانا يعني بنيادي گيت به مروج هئا. اهي گيت پراڪرتي يعني ڏيهي گانن جو گڏ ڪيل هڪ خزانو هو جن جو طرزون سامن ڳائڻ لاءِ آزمايون وينديون هيون ۽ ويدن جي ٻولن کي (انهن ديسي گانن جي طرزن ۾ بدلائڻ لاءِ) ڊگهو ڪيو، ٻِٽو ڪيو يا خارج ڪيو ويندو هو ۽ انهن کي ايتري قدر بدلايو ويندو هو، جو اهي بي معنى ٿي ويندا هئا...

اشلوڪن جي لفظن کي ڏيهي گيتن جي طرز ۾ گهاڙڻ لاءِ نه رڳو ٻولن کي ڇڪي آڏو ابتو ڪيو ويندو هو پر اڻ-چٽن آوازن جو واڌارو به ڪيو ويندو هو.“ (آغا (1984) 35-40)

 

سگهڙ ٻولي:

ڇا آرين جي اچڻ کان اڳ هن ڌرتيءَ جي ٽڪري جا رهاڪو ماڻهو ڪو به آواز نه ڪڍندا هئا، سندن سماج نه هو، ثقافت نه هئي، نه ٻولي هئي نه ذهن، نه تجربو نه واپار، نه ڌنڌو ۽ نه ئي وري رهڻي ڪرڻي!؟ آمري، ڪوٽڏجي، مهين (مهن جي دڙي)، جهڪر ۽ جهانگر سڀيتائن جا خالق ڇا ڪا به ٻولي نه ڳالهائيندا هئا؟

جي اها سنڌي ٻولي نه سڏبي، ته ڪهڙي هئي؟

ٻولي پنهنجيءَ سڀيتا جو اولڙو هوندي آهي. ٻول جون مختلف لغوي صورتون ۽ معنوي گهرائي ۽ وسعت، سلاست ۽ بلاغت سماج ۾ سندن تجربي، ذهانت ۽ ڪارج کي ظاهر ڪن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جي تجربي ۽ ذهانت، معنوي گهرائيءَ، وسعت، سلاست ۽ بلاغت ۽ ٻول جون لغوي صورتون ۽ سندن ڪارج ظاهر ڪرڻ لاءِ هيٺ هڪ ڌاتو ٻول /لِک/ جو مثال پيش ڪجي ٿو. اهو ٻول سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ به موجود آهي. ليکڪ سنڌي ٻولَ-سٽاءَ کي پيش ڪري ٿو. سنسڪرت ۽ پراڪرت جا ڄاڻو اميد ته انهن ٻولين ۾ ان ٻول جي مڪمل سٽاءَ کي پيش ڪندا:

          * لِک = ] ل + اِ + ک [

                                   +/ اَ / = لکَ (اسم، واحد)

                                   +/ اُون/ = لکُون (’لکَ‘ جو جمع)

                                   +/ اُ / = لکُ (امر، واحد)

                                   +/ او/ = لکو (’لکُ‘ جو جمع)

          * /لک/ + /آن/ = لکان

                                   +/ اِ/ = لکانئهِ

                                   +/وَ/ = لکانوَ

                                   +/س/ = لکانس

                                   +/نِ/ = لکاننِ

          * /لک/ + /اُون/ = لکُون

                                   +/ اِ/ = لکونئهِ

                                   +/وَ/ = لکونوَ

                                   +/س/ = لکونس

                                   +/نِ/ = لکوننِ

          * /لک/ + /اين/ = لکين

                                   +/م/ = لکينم

                                   +/س/ = لکينس

                                   +/نِ/ = لکيننِ

          * /لک/ + /او/ = لکو

                                   +/م/ = لکوم

                                   +/س/ = لکوس

                                   +/نِ/ = لکونِ

          * /لک/ + /اي/ = لکي

                                   +/م/ = لکيم

                                   + /اِ / = لکيئِه (لکَئِه، لکئِي)

                                   + /وَ/ = لکيوَ

                                   +/س/ = لکيس

                                   +/نِ/ = لکينِ

          * /لک/ + / اَن/ = لکن

                                   +/م/ = لکنم

                                   + /اِ / = لکنئِه

                                   + /وَ/ = لکنوَ

                                   +/س/ = لکنس

                                   +/نِ/ = لکننِ

]نوٽ: /لکي/+/اُون/ = لکيئون = ’(هو) اسان ڏي لکي‘ ۽ /لکن/+/اُون/ = لکنئون = ’(اهي) اسان ڏي لکن‘ پڻ ڪم ايندڙ صورتون آهن.[

          * /لک/ + /ٿ/ = لکٿ

                                   +/او/ = لکٿو

                                   + /آ/ = لکٿا

                                   + /اي/ = لکٿي

                                   +/اُون/ = لکٿون

]نوٽ: ليکڪ سمجهي ٿو ته }ٿ{ سنڌي ٻوليءَ جي مقرر ٻولن ۾ ’زمان حال‘ جي نمائندگي ڪري ٿي. سامهون ڄاڻايل صورتون بظاهر سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ناهن، پر درحقيقت موجود آهن. ليکڪ پنهنجي هڪ مضمون ’هر هڪ لفظ هيري کاڻ‘ ۾ اهڙو بحث ڪيو آهي ۽ وڌيڪ تفصيل سان لکڻ جو ارادو رکي ٿو، تنهنڪري هتي ڪا به وضاحت نه ٿو ڪري. ٻولن جون اهي صورتون ايڏيون ڪي اڻڄاتل به ناهن.[

 

* /لک/+/آن/ = لکان +/ٿ/ = لکانٿ

]نوٽ: /آن/ = آنءُ/آءٌ/مان  ـــــــ ضمير متڪلم واحد[

                +/او/ = لکان ٿو

]نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هِتي /او/ ’مذڪر واحد‘ جي نشاندهي ڪري ٿو.[

 

          * /لکان/ + /اِ/ + /ٿو/ = لکانئه ٿو

                  ــــــــ   /وَ/    ــــــــ    =لکانوَ ٿو

                  ــــــــ   /س/  ــــــــ   = لکانس ٿو

                  ــــــــ   /نِ/   ــــــــ   = لکاننِ ٿو

 

* /لکانٿ/ + /اِي/ = لکان ٿي

]نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هِتي /اِي/ ’مؤنث واحد‘ جي نشاندهي ڪري ٿو.[

 

          * /لکان/ + /اِ/ + /ٿي/ = لکانئه ٿي

                  ــــــــ   /وَ/    ــــــــ    =لکانوَ ٿي

                  ــــــــ   /س/  ــــــــ   = لکانس ٿي

                  ــــــــ   /نِ/   ــــــــ   = لکاننِ ٿي

 

* /لک/+/اُون/ = لکون +/ٿ/ = لکونٿ

]نوٽ: /اُون/ = اسان،  اسين، اسون  ـــــــ ضمير متڪلم جمع[

                 +/آ/ = لکون ٿا

]نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هِتي /آ/ ’مذڪر جمع‘ جي نشاندهي ڪري ٿو.[

 

          * /لکون/ + /اِ/ + /ٿا/ = لکونئه ٿا

                   ــــــــ   /وَ/    ــــــــ    =لکونوَ ٿا

                   ــــــــ   /س/  ــــــــ   = لکونس ٿا

                   ــــــــ   /نِ/   ــــــــ   = لکوننِ ٿا

 

* /لکونٿ/+/اُون/ = لکون ٿيون

]نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هِتي /اُون/ ’مؤنث جمع‘ جي نشاندهي ڪري ٿو.[

 

          * /لکون/ +/اِ/ +/ٿيون/ = لکونئه ٿيون

                   ــــــــ   /وَ/     ــــــــ    =لکونوَ ٿيون

                   ــــــــ   /س/   ــــــــ   = لکونس ٿيون

                   ــــــــ   /نِ/    ــــــــ   = لکوننِ ٿيون

 

* /لک/+/اين/ = لکين +/ٿ/ = لکينٿ

]نوٽ: /اين/ = تون  ـــــــ ضمير حاضر واحد[

                      +/او/ = لکين ٿو

        * /لکين/ + /م/ + /ٿو/ = لکينم ٿو

                   ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکينس ٿو

                   ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکيننِ ٿو

 

        * /لکينٿ/ + /اِي/ = لکين ٿي

              ــــــــ +/م/+  ــــــــ   = لکينم ٿي

              ــــــــ +/س/+ ــــــــ   = لکينس ٿي

              ــــــــ +/نِ/ +  ــــــــ   = لکيننِ ٿي

 

* /لک/+/او/ = لکو + /ٿ/ = لکوٿ

]نوٽ: /او/ = توهان، اوهان  ـــــــ ضمير حاضر جمع[

                   +/آ/ = لکو ٿا

 

        * /لکو/ + /م/ + /ٿا/ = لکوم ٿا

                   ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکوس ٿا

                   ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکونِ ٿا

 

        * /لکوٿ/+/اُون/ = لکو ٿيون

 

        * /لکو/ + /م/ + /ٿيون/ = لکوم ٿيون

                   ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکوس ٿيون

                   ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکونِ ٿيون

 

* /لک/+/اي/ = لکي + /ٿ/ = لکيٿ

]نوٽ: /اي/ = هي/هو/هن  ـــــــ ضمير غائب واحد[

                   +/او/ = لکي ٿو

 

        * /لکي/ + /م/ + /ٿو/ = لکيم ٿو

                    ــــــــ  /اِ/     ــــــــ   = لکيئِه (لکئه، لکئِي) ٿو

                    ــــــــ  /وَ/     ــــــــ   = لکيوَ ٿو

                    ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکيس ٿو

                    ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکينِ ٿو

 

        * /لکيٿ/+/اِي/ = لکي ٿي

 

        * /لکي/ + /م/ + /ٿي/ = لکيم ٿي

                    ــــــــ  /اِ/      ــــــــ   = لکيئِه (لکئه، لکئِي) ٿي

                    ــــــــ  /وَ/     ــــــــ   = لکيوَ ٿي

                   ــــــــ  /س/    ــــــــ   = لکيس ٿي

                   ــــــــ  /نِ/     ــــــــ   = لکينِ ٿي

 

* /لک/+/اَن/ = لکن +/ٿ/ = لکنٿ

] نوٽ: /اَن/ = اهي/هي/هنن  ـــــــ ضمير غائب جمع[

                   +/آ/ = لکن ٿا

 

        * /لکن/ + /م/ + /ٿا/ = لکنم ٿا

                    ــــــــ  /اِ/     ــــــــ   = لکنئِه ٿا

                    ــــــــ  /وَ/     ــــــــ   = لکنوَ ٿا

                    ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکنس ٿا

                    ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکننِ ٿا

       

* /لکنٿ/+/اُون/ = لکن ٿيون

 

        * /لکن/ + /م/ + /ٿيون/ = لکنم ٿيون

                    ــــــــ  /اِ/      ــــــــ    = لکنئِه ٿيون

                    ــــــــ  /وَ/     ــــــــ    = لکنوَ ٿيون

                   ــــــــ  /س/    ــــــــ    = لکنس ٿيون

                   ــــــــ  /نِ/     ــــــــ    = لکننِ ٿيون

]نوٽ: ڏسي سگهجي ٿو ته فعل جي ڌاتو /لِک/ کان پوءِ جڏهن }ٿ{ اچي ٿي، تڏهن زمان حال جي نشاندهي چِٽي ٿئي ٿي، پر عدد ۽ جنس جي سڌ تڏهن ملي ٿي جڏهن ٻول جي آخر ۾ يعني ڇيهه وٽ عدد ۽ جنس جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه اچي. سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طرح }او{ عدد واحد ۽ مذڪر، }آ{ عدد جمع ۽ مذڪر، }اِي{ عدد واحد ۽ مؤنث ۽ }اُون{ عدد جمع ۽ مؤنث لاءِ ڪم اچن ٿيون. (ڪن ٻين ٻولن ۾ اهي صرفيائون ڪي ٻيون معنائون به ڏين ٿيون.)

اهڙيءَ طرح اسان کي ٻول ملن ٿا: لکٿو، لکٿا، لکٿي ۽ لکٿيون. زمان حال جي مثال ۾ ضمير متصل جي نمائندگي ڪندڙ صرفيائون، جن کي عام طرح ’ضميري پڇاڙيون‘ چيو ويندو آهي، فعل جي مڪمل صورت جي آخر ۾ نه پر فعل جي ڌاتو (مثال: /لِک/) کان ترت پوءِ ڪم اچن ٿيون ۽ صورتون ملن ٿيون: لکان ٿو/ٿي، لکون ٿا/ٿيون، لکين ٿو/ٿي، لکو ٿا/ٿيون. ٽئي خالص يا شخصي ضمير واحد توڙي جمع صورت ۾ پڌرا آهن. جڏهن ڌاتوءَ جي پويان متصل ضمير جي نمائندگي ڪندڙ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ۽ زمان حال ۽ عدد ۽ جنس جي نمائندگي ڪندڙ صرفيائون }ٿ{ ۽ }او، آ، اِي ۽ اُون{ نه ٿيون ڳنڍجن، تڏهن جيڪا صورت ملي ٿي، ان کي عام طرح ’زمان مضارع‘ چيو ويندو آهي، جنهن بابت سمجهيو ويندو آهي ته زمان حال ۽ زمان مستقبل ٻنهي جي معنى ڏيکاري ٿو.

ايئن ڇو آهي؟ ڀانيان ٿو ته ڪنهن به وياڪرڻي عالم ان سوال جو جواب مهيا نه ڪيو آهي. ليکڪ جي اڀياس موجب سنڌي ٻوليءَ جي فعلي ٻولن ۾ }ي{ زمان ماضيءَ جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه، }ٿ{ زمان حال جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه ۽ }د{ زمان مستقبل جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه آهي.

زمان مضارع انهن ٽنهي مان ڪا به هڪ صرفيه نه ٿو رکي، اهو رڳو فعل جي ڌاتو (مثال: /لِک/) سان متصل ضمير جي نشانيءَ جي ڳنڍجڻ سان وجود ۾ اچي ٿو ۽ جيئن ته ان سان وڌيڪ ڪا به نشاني مليل ناهي، تنهنڪري زمان مضارع جي ڪا به فعلي صورت جنس جي نشاندهي پڻ نه ٿي ڪري. مثال /لکان/ جو فاعل مذڪر آهي يا مؤنث، ان جي خبر نه پئجي سگهندي.

ليکڪ جي اڀياس موجب سنڌي ٻولي جي ڪنهن به ٻول جو ڌاتو ڪنهن به طرح عدد ۽ جنس کي ظاهر نه ٿو ڪري، تان جو ان سان عدد ۽ جنس جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه (يا صوتيو) نه ملائجي. اهڙيءَ طرح ڪنهن به فعل جو ڌاتو (مثال: /لک/) رڳو عمل جي نشاندهي ڪري ٿو، اهو زمان ۽ عدد ۽ جنس جي نشاندهي نه ٿو ڪري، تان جو ان سان زمان ۽ عدد ۽ جنس جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه (يا صوتيو) نه ملائجي ۽ متصل ضمير جي نشاندهي تڏهن ڪري سگهندو جڏهن ان سان اهڙي ضميري پڇاڙيءَ جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه (يا صوتيو) مليل هجي.

’زمان مضارع‘ جي ’لکان‘ (۽ اهڙين سڀني صورتن) سان مليل /آن/ متصل ضمير طور مفضل ضمير متڪلم واحد ’مان‘ (آءٌ) جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ اهو /آن/ ڌار ڪجي ته باقي رڳو فعل جو ڌاتو /لک/ بچي ٿو، جيڪو هڪ مخصوص عمل جي ته نشاندهي ڪري ٿو، ٻيو ڪجهه به نه، نه زمان ۽ نه ئي عدد ۽ جنس. ’لکيو‘، ’لکٿو‘ ۽ ’لکدو‘ مان هر هڪ صورت جو ڇيهڪ آواز ]او[ مذڪر واحد جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ واري سر ’لکيو‘ جو ]ي[ زمان ماضي، ’لکٿو‘ (لکان ٿو) جو ]ٿ[ زمان حال ۽ ’لکدو‘ (لکندو) جو ]د[ زمان مستقبل جي نشاندهي ڪري ٿو. ’لکان ٿو‘ ۾ ]آن[ ضمير متڪلم واحد جي نشاندهي ڪري ٿو، جڏهن ته ’لکندو‘ ۾ ]اَن[ ڇو آهي، في الوقت ليکڪ جي ڄاڻ ۾ ناهي.[

 

          * /لک/+/اَڻ/ = لکڻ

                         +/ اُ / =  لکڻُ

                         +/ اَ / =  لکڻَ

                         +/ او/ =  لکڻو

                         +/ آ / =  لکڻا

                         +/اِي/ =  لکڻِي

                         +/اُون/ =  لکڻيون

                         +/اي/ =  لکڻي

 

          * /لک/+/آڻ/ = لکاڻ

                         +/ اِ / =  لکاڻِ

                         +/اِي/ =  لکاڻِي

                         +/ او/ =  لکاڻو

                         +/ آ / =  لکاڻا

                         +/اُون/ =  لکاڻون (لکاڻيون)

 

          * /لِک/+/ج/ = لِکج

                         +/ اِ / =  لکجِ

                         +/اِي/ =  لکجِي

                         +/اي/ =  لکجي

                         +/ او/ =  لکجو

                         +/ آ / =  لکجا

 

          * /لکج/+/آن/ = لکجان

                          +/ اِ / =  لکجانئِه

                          +/ وَ / =  لکجانوَ

                          +/ س/ =  لکجانس

                          +/ نِ / =  لکجاننِ

 

        * /لکجان/+/ٿ/ = /لکجانٿ/ + /او/ = لکجان ٿو

 

          * /لکجان/+/ اِ /+/ٿو/  = لکجانئه ٿو

                    ـــــــــ / وَ / ـــــــــ    =  لکجانوَ ٿو

                    ـــــــــ / س/ ـــــــــ   =  لکجانس ٿو

                    ـــــــــ / نِ / ـــــــــ   =  لکجاننِ ٿو

 

        * /لکجانٿ/ + / اِي/ = لکجان ٿي

 

          * /لکجان/+/ اِ /+/ٿي/ = لکجانئه ٿي

                    ـــــــــ / وَ / ـــــــــ    =  لکجانوَ ٿي

                    ـــــــــ / س/ ـــــــــ   =  لکجانس ٿي

                    ـــــــــ / نِ / ـــــــــ   =  لکجاننِ ٿي

 

          * /لکج/+/اُون/ = لکجون

                          +/ اِ / =  لکجونئِه

                          +/ وَ / =  لکجونوَ

                          +/ س/ =  لکجونس

                          +/ نِ / =  لکجوننِ

 

        * /لکجون/+/ٿ/ = لکجونٿ + / آ / = لکجون ٿا

 

          * /لکجون/+/ اِ /+/ٿا/ = لکجونئه ٿا

                    ـــــــــ / وَ / ـــــــــ    =  لکجونوَ ٿا

                    ـــــــــ / س/ ـــــــــ   =  لکجونس ٿا

                    ـــــــــ / نِ / ـــــــــ   =  لکجوننِ ٿا

 

        * /لکجونٿ/ + / اُون/ = لکجون ٿيون

 

          * /لکجون/+/ اِ /+/ٿيون/ = لکجونئه ٿيون

                    ـــــــــ / وَ / ـــــــــ      =  لکجونوَ ٿيون

                    ـــــــــ / س/ ـــــــــ     =  لکجونس ٿيون

                    ـــــــــ / نِ / ـــــــــ     =  لکجوننِ ٿيون

 

          * /لکج/ + /اين/ = لکجين

                           +/ م/ =  لکجينم

                           +/ س/ =  لکجينس

                           +/ نِ / =  لکجيننِ

 

        * /لکجين/ + /ٿ/ = لکجينٿ + /او/ = لکجين ٿو

 

          * /لکجين/+/م/+/ ٿو/ = لکجينم ٿو

                      ـــــــــ /س/ ـــــــــ   =  لکجينس ٿو

                     ـــــــــ /نِ/ ـــــــــ    =  لکجيننِ ٿو

 

        * /لکجينٿ/ + / اِي/ = لکجين ٿي

 

          * /لکجين/ + /م/+ /ٿي/ = لکجينم ٿي

                        ـــــــــ /س/ ـــــــــ    =  لکجينس ٿي

                       ـــــــــ /نِ/ ـــــــــ     =  لکجيننِ ٿي

 

          * /لکج/ + /او/ = لکجو

                           +/ م/ =  لکجوم

                           +/ س/ =  لکجوس

                           +/ نِ / =  لکجونِ

 

* /لکجو/ + /ٿ/ = لکجوٿ + / آ / = لکجو ٿا

 

          * /لکجو/ + /م/ + /ٿا/ = لکجوم ٿا

                      ـــــــــ /س/ ـــــــــ     =  لکجوس ٿا

                     ـــــــــ /نِ/  ـــــــــ     =  لکجونِ ٿا

 

* /لکجوٿ +/اُون/ = لکجو ٿيون

 

          * /لکجو/ + /م/ + /ٿيون/ = لکجوم ٿيون

                      ـــــــــ  /س/   ـــــــــ     =  لکجوس ٿيون

                     ـــــــــ  /نِ/    ـــــــــ     =  لکجونِ ٿيون

 

          * /لکج/+/ اي/  =  لکجي

                            +/ م/ =  لکجيم

                            +/ اِ /  =  لکجيئِه

                            +/ وَ / =  لکجيوَ

                            +/ س/ =  لکجيس

                            +/ نِ / =  لکجينِ

 

        * /لکجي/ + /ٿ/ = لکجيٿ

         

* /لکجي/ + / م/ + /ٿو/ =  لکجيم ٿو

                         ــــــــــ / اِ / ــــــــــ =  لکجيئِه ٿو

                        ــــــــــ / وَ / ــــــــــ =  لکجيوَ ٿو

                        ــــــــــ / س/ ــــــــــ =  لکجيس ٿو

                        ــــــــــ / نِ / ــــــــــ =  لکجينِ ٿو

 

          * /لکجيٿ/+/ اِي/  =  لکجي ٿي

 

* /لکجي/ + / م/ + /ٿي/ =  لکجيم ٿي

                      ــــــــــ / اِ /  ــــــــــ    =  لکجيئِه ٿي

                      ــــــــــ / وَ /  ــــــــــ    =  لکجيوَ ٿي

                      ــــــــــ / س/  ــــــــــ   =  لکجيس ٿي

                      ــــــــــ / نِ /  ــــــــــ   =  لکجينِ ٿي

 

          * /لکج/ + / اَن/  =  لکجن

                             +/ م/ =  لکجنم

                             +/ اِ /  =  لکجنئِه

                             +/ وَ / =  لکجنوَ

                             +/ س/ =  لکجنس

                             +/ نِ / =  لکجننِ

 

        * /لکجن/ + /ٿ/ = لکجنٿ + /آ/ = لکجن ٿا

         

* /لکجن/ + / م/ + /ٿا/ =  لکجنم ٿا

                      ــــــــــ / اِ /  ــــــــــ    =  لکجنئِه ٿا

                      ــــــــــ / وَ /  ــــــــــ    =  لکجنوَ ٿا

                      ــــــــــ / س/  ــــــــــ   =  لکجنس ٿا

                      ــــــــــ / نِ /  ــــــــــ   =  لکجننِ ٿا

 

          * /لکجنٿ/+/ اُون/  =  لکجن ٿيون

 

* /لکجن/ + / م/ + /ٿيون/ =  لکجنم ٿيون

                      ــــــــــ / اِ /   ــــــــــ     =  لکجنئِه ٿيون

                      ــــــــــ / وَ /   ــــــــــ     =  لکجنوَ ٿيون

                      ــــــــــ / س/   ــــــــــ    =  لکجنس ٿيون

                      ــــــــــ / نِ /   ــــــــــ    =  لکجننِ ٿيون

 

          * /لکج/ + / اَڻ/  =  لکجَڻ

                             +/ اُ / =  لکجڻُ

                             +/ اَ /  =  لکجڻَ

                             +/ او / =  لکجڻو

                             +/ آ / =  لکجڻا

                             +/ اِي/ =  لکجڻِي

                             +/ اُون/ =  لکجڻيون

                             +/ اي/ =  لکجڻي

 

* /لکج/ + /ب/ = لِکجب

                             + /او/ = لکجبو

                             + /آ / = لکجبا

                             + /اِي/ = لکجبي

                             + /اُون/ = لکجبون

                             + /اُم/ (= /اُ/+/م/) = لکجبُم

                             + /اَم/ (= /اَ/+/م/) = لکجبَم

                             + /اُءِ/ (= /اُ/+/اِ/) = لکجبُئه

                             + /اَءِ/ (= /اَ/+/اِ/) = لکجبَئه

                             + /اُوَ/ (= /اُ/+/وَ/) = لکجبُوَ

                             + /اَو/ (= /اَ/+/وَ/) = لکجبَوَ

                             + /اُس/ (= /اُ/+/س/) = لکجبُس

                             + /اَس/ (= /اَ/+/س/) = لکجبَس

                             + /اُن/ (= /اُ/+/ن/) = لکجبُن

                             + /اَنِ/ (= /اَ/+/ن/) = لکجبَنِ

]نوٽ: سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن جو ڇيهڪ آواز ] اُ [ يا ] او [، ان جي هڪ اهڙيءَ صرفيه (يا صوتيي) جو ڪارج ادا ڪري ٿو، جيڪا کيس مذڪر واحد جو مفهوم ڏئي ٿي، جيئن: جهرڪُ، گهوڙو وغيره. ساڳيءَ طرح ] اَ [ يا ] آ [ ڇيهڪ آواز هڪ صرفيه جو ڪارج ادا ڪندي مذڪر جمع جو مفهوم ڏئي ٿو، جيئن جھرڪَ، گھوڙا وغيره. مؤنث واحد جو مفهوم ڏيندڙ عام ڇيهڪ آواز ] اِ [ يا ] اِي [ صرفيه طور ڪم ايندڙ آهن، جيئن: گڏههِ، گهوڙِي وغيره ۽ مؤنث جمع لاءِ ] اُون [ وڌيڪ عام آهي، جيئن: جهرڪيون، گهوڙيون وغيره. ٻولن جي مٿي ڏنل اڏپ ۾ ٻولن جي معنوي گهرائيءَ تي ڌيان ڏبو ته ڪي وڌيڪ شيون ظاهر ٿين ٿيون، جن جي مختصر وضاحت زمان ماضي جي فعلي صورت هيٺ ڪئي وئي آهي.[

 

* /لک/ + /ب/ = لِکب

                             + / او / = لکبو

                             + / آ / = لکبا

                             + / اِي/ = لکبي

                             + / اُون/ = لکبيون

                             + / اُم/ = لکبُم

                             + / اَم/ = لکبَم

                             + / اُءِ/ = لکبُئه

                             + / اَءِ/ = لکبَئه

                             + / اُوَ/ = لکبُوَ

                             + / اَوَ/ = لکبَوَ

                             + / اُس/ = لکبُس

                             + / اَس/ = لکبَس

                             + / اُن/ = لکبُن

                             + / اَن/ = لکبَنِ

]نوٽ: هتي به ٻولن جي معنوي گهرائي تي گهربل ڌيان ڏيڻ سان جيڪي گڻ پڌرا ٿين ٿا، انهن جو مختصر ذڪر ۽ وضاحت زمان ماضي وارين فعلي صورتن هيٺ ڪئي وئي آهي.[

 

        * /لک/ + /اَت/ = لِکَت

                             + / اَ / = لکتَ (لکتِ!)

                             + / اُون/ = لکتون

 

* /لک/ + /ي/ = لِکيه

                             + / او / = لکيو

                             + / آ / = لکيا

                             + / اِي/ = لکيي (لکِي)

                             + / اُون/ = لکيون

                             + / اُم/ = لکيُم

                             + / اَم/ = لکيَم

                             + / اُءِ/ = لکيُئه

                             + / اَءِ/ = لکيَئه

                             + / اُوَ/ = لکيُوَ

                             + / اَوَ/ = لکبَوَ

                             + / اُس/ = لکيُس

                             + / اَس/ = لکيَس

                             + / اُن/ = لکيُن

                             + / اَن/ = لکيَنِ

]نوٽ: /لکيُم/ ٻه مفهوم ظاهر ڪري ٿو:

(1) مون لکيو... ’مون‘ (ضمير متڪلم واحد)

فاعلي حالت

(2) مون ڏي لکيو... ’مون‘ (ضمير متڪلم واحد)

مفعولي حالت

جڏهن ته ’جيڪو ڪجهه لکيو ويو‘ (مثال خطُ، ڪاغذ وغيره) اهو ’مذڪر واحد‘ آهي.[

 

/لکيَم/ ڇهه مفهوم ظاهر ڪري ٿو:

(1)    مون لکيا

(2)   مون لکِي

(3)   مون لکيون

(4)   مون ڏي لکيا

(5)   مون ڏي لکِي

(6)   مون ڏي لکيون

پهريَن ٽن جملن ۾ ضمير متڪلم واحد ’حالت فاعلي‘ ۾ آهي ۽ پوئيَن ٽن جملن ۾ ان جي حالت مفعولي آهي. جڏهن ته جيڪو ڪجهه لکيو ويو، اهو (1) ۽ (4) جملن ۾ مذڪر جمع، (2) ۽ (5) جملن ۾ مؤنث واحد ۽ (3) ۽ (6) جملن ۾ مؤنث جمع آهي.

ٻول ۾ هر اها صورت جنهن ۾ } اُ { آهي، جيئن لکيُم، لکيُئه، لکيُس ۽ لکيُن، اتي مفعول مذڪر واحد آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ } اُ { مذڪر واحد جو مفهوم (به) ظاهر ڪندي آهي. ٻول جي هر اها صورت جنهن ۾ } اَ { آهي، جيئن لکيَم، لکيَئه، لکيَس، لکيَن، اتي ’مفعول‘ مذڪر جمع، مؤنث واحد ۽ مؤنث جمع آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ } اَ { مذڪر جمع جو مفهوم (به) ظاهر ڪندي آهي، پر ايئن ڇو آهي ته اها ئي صرفيه مؤنث واحد ۽ مؤنث جمع جو به مفهول ظاهر ڪري ٿي؟ ڇا هڪ ٻول ڇهه مفهوم ٿو ڏئي يا ڇهه ٻول هوري هوري پنهنجون صورتون بدلائي هڪ ٻول جي صورت وٺي بيٺا آهن؟ ليکڪ سمجهي ٿو ته ڇهه ٻول هوري هوري پنهنجون صورتون بدلائي هڪ ٻول جي صورت وٺي بيٺا آهن ۽ مفعول مذڪر واحد واري جملي ۾ ٻه پنهنجون صورتون بدلائي هڪ ٻول جي صورت وٺي بيٺا آهن.

 

(الف)  1- /لک/+/ي/+/اُ/+/م/ = لکيُم (مون لکيو)

2- /لک/+/ي/+/او/+/م/ = لکيوم (مون ڏي لکيو)

(ب)   1- /لک/+/ي/+/اَ/+/م/ = لکيَم (مون لکيا)

2- /لک/+/ي/+/اِ/+/م/ = لکيئم/لکيَم (مون لکي)

3- /لک/+/ي/+/اُون/+/م/=لکيئونم<لکيونم<لکيَم (مون لکيون)

4- /لک/+/ي/+/آ/+/م/ = لکيام < لکيَم (مون ڏي لکيا)

5- /لک/+/ي/+/اِي/+/م/=لکيِئيم<لکيِيم<لکيم<لکِيئَم<لکيَم

(مون ڏي لکي)

6- /لک/+/ي/+/اُون/+/م/ = لکيئونم < لکيونم < لکيَم

(مون ڏي لکيون)

مٿي ڏنل ضمير متڪلم واحد جي مفعولي حالت ظاهر ڪندڙ صرفيائن جي بناوت/اڏپ هن طرح به ٿي سگهي ٿي:

(الف)  2- /لک/+/ي/+/اُ/+/او/+/م/ = لکيوم (مون ڏي لکيو)

(ب)   4- /لک/+/ي/+/اَ/+/آ/+/م/ = لکيام < لکيام < لکيم

(مون ڏي لکيا)

5- /لک/+/ي/+/اِ/+/اِي/+/م/ = لکيِئيم < لکِئَم < لکيَم

(مون ڏي لکي)

6- /لک/+/ي/+/اُون/+/اُون/+/م/=لکيوئونم < لکيونئم < لکيَم

(مون ڏي لکيون)

سنڌي ٻوليءَ جي باشعور ۽ اڪابر سگهڙن جڏهن ڏٺو ته ان نموني ضمير متڪلم ۽ ضمير غائب جو مفهوم هڪ ٻئي سان وچڙي هڪ ٻئي کي منجهائي ٿو، تڏهن ان جو حل ٻئي نموني ڳوليو ويو، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو. هِتي /لکجب/ ۽ /لکب/ ترت ڌاتو ٻولن جي سري هيٺ ڏنل ٻولن جو اڀياس پڻ مٿي ڏنل بحث جي روشني ۾ ڪرڻ گهرجي.

 

        * /لکيـ/ + /اَل/ = لکيَل

                             + /اُ/ = لکيلُ

                             + /اَ/ = لکيلَ

                             + /اُون/ = لکيلون

 

        * /لکيـ/ + /اُ/ + /م/ = لکيُم

                                  + /اَءِ/ = لکيُمئه < لکيُمانءِ

                                  + /اَوَ/ = لکيُمَوَ < لکيُمانوَ

                                  + /اَس/ = لکيُمَس < لکيُمانس

                                  + /اَن/ = لکيُمن < لکيُمانن

يا

        - /لکيـ/ + /او/ + /مان/ = لکيُم

                                  + /اِ/ = لکيومانئه

                                  + /وَ/ = لکيومانوَ

                                  + /س/ = لکيومانس

                                  + /نِ/ = لکيوماننِ

 

        - /لکيـ/ + /او/ +/سي (سون، سين)/ = لکيوسي

                                                + /اِ/ = لکيوسيءِ

                                                + /وَ/ = لکيوسيوَ

                                                + /س/ = لکيوسيس

                                                + /نِ/ = لکيوسينِ

 

        - /لکيـ/ + /او/ +/اِ/ = لکيوءِ

                                + /م/ = لکيوئِم، لکيُئم

                                + /س/ = لکيوئس، لکيُئس

                                + /نِ/ = لکيوئِنِ، لکيُئِنِ

 

        - /لکيـ/ + /او/ +/وَ/ = لکيووَ

                                + /م/ = لکيووم، لکيُوئم

                                + /س/ = لکيووَس، لکيُوَس

                                + /نِ/ = لکيووَنِ، لکيُوَنِ

 

        - /لکيـ/ + /او/ +/اِين/ = لکيوئِن، لکيئين، لکيائين

                              + /م/ = لکيوئينم    +/م/ = لکيائينم

                              + /اِ/ = لکيوئينئه      +/اِ/ = لکيائينئِه

                              + /وَ/ = لکيوئينوَ      +/وَ/ = لکيائينوَ

                              + /س/ = لکيوئينس   +/س/ = لکيائينس

                              + /نِ/ = لکيوئيننِ     +/نِ/ = لکيائيننِ

 

        - /لکيـ/ + /او/ +/اُون/ = لکئون، لکيَئون، لکيائون

                              + /م/ = لکيوئونم    +/م/ = لکيائونم

                              + /اِ/ = لکيوئونئه      +/اِ/ = لکيائونئِه

                              + /وَ/ = لکيوئونوَ      +/وَ/ = لکيائونوَ

                              + /س/ = لکيوئونس   +/س/ = لکيائونس

                              + /نِ/ = لکيوئوننِ     +/نِ/ = لکيائوننِ

 

* /لکيـ/ + /اَ/ +/م/ = لکيَم    يا - /لکيـ/ + /آ/ +/مان/ = لکيامان

                     +/اَءِ/=لکيَمَئه<لکيامانءِ           +/اِ/ = لکيامانءِ

                     +/اَوَ/=لکيَمَوَ<لکيامانوَ             +/وَ/ = لکيامانوَ

                     +/اَس/=لکيَمَسَ<لکيامَس       +/س/ = لکيامانس

                     +/اَنِ/=لکيَمنِ < لکيامنِ          +/نِ/ = لکياماننِ

 

        - /لکيـ/ + /آ/ +/سي/ = لکياسي

                                  + /اِ/ = لکياسيءِ

                                  + /وَ/ = لکياسيوَ

                                  + /س/ = لکياسيس

                                  + /نِ/ = لکياسينِ

 

        - /لکيـ/ + /آ/ = لکيا + /اِ/ = لکياءِ

                                        + /م/ = لکيائِم

                                        + /س/ = لکيائس

                                        + /نِ/ = لکيائِنِ

 

        - /لکيـ/ + /آ/ +/وَ/ = لکياوَ

                                + /م/ = لکياوَم

                                + /س/ = لکياوَس

                                + /نِ/ = لکياوَنِ

 

        - /لکيـ/ + /آ/ +/اِين/ = لکيائين

                                 +/م/ = لکيائينم

                                 +/اِ/ = لکيائينئِه

                                 +/وَ/ = لکيائينوَ

                                 +/س/ = لکيائينس

                                 +/نِ/ = لکيائيننِ

 

        - /لکيـ/ + /آ/ +/اُون/ = لکيائون

                                  +/م/ = لکيائونم

                                  +/اِ/ = لکيائونئِه

                                  +/وَ/ = لکيائونوَ

                                  +/س/ = لکيائونس

                                  +/نِ/ = لکيائوننِ

 

* /لکيـ/ + /م/ = لکيِم + /اَءِ/ = لکيمَئه < لکيَمئه

      +/اَوَ/=لکيمَوَ < لکيَمَوَ

      +/اَس/=لکيمَسَ < لکيَمَس

                                            +/اَنِ/=لکيمَنِ < لکيَمَنِ

يا

        - /لکيـ/ + /اِي/ + /مان/ = لکيمان

+/اِ/= لکيامانءِ

+/و/= لکيمانوَ

+/س/= لکيمانس

                                      +/نِ/= لکيماننِ

 

        - /لکيـ/ + /اِي/ + /سي/ = لکيسي

+/اِ/= لکيسيءِ

+/وَ/= لکيسيوَ

+/سِ/= لکيسيسِ

                                      +/نِ/= لکيسينِ

 

        - /لکيـ/ + /اِي/ + /اِ/ = لکيئِه < لکيَئه

     +/م/= لکيَئم

     +/س/= لکيَئس

                                  +/نِ/= لکيَئِنِ

 

        - /لکيـ/ + /اِي/ + /وَ/ = لکيِوَ < لکيَوَ

     +/م/= لکيِوَم، لکيَوَم

     +/س/= لکيِوَس، لکيِوَس

                                  +/نِ/= لکيِوَن، لکيِوَن

 

        - /لکيـ/+/اِي/+/اين/ = لکيِيئين < لکيَئِن < لکيائين ...+ ( )

                                 + /م/ = لکيَئِينم

                                 + /اِ/ = لکيَئينئِه

                                 + /وَ/ = لکيَئينوَ

                                 + /س/ = لکيَئينس

                                 + /نِ/ = لکيَئيننِ

 

  - /لکيـ/+/اِي/+/اُون/ = لکيئيون < لکيِئون< لکيَئون< لکيائين...+ ( )

                        + /م/ = لکيَئونم

                        + /اِ/ = لکيَئونئِه

                        + /وَ/ = لکيَئونوَ

                        + /س/ = لکيَئونس

                        + /نِ/ = لکيَئوننِ

 

        * /لکيـ/ + /اُون/ + /م/ = لکيونم

                                      + /اَءِ/ = لکيونمَئه < لکيَمَئه

                                      + /اَوَ/ = لکيونمَوَ < لکيَمَوَ

                                      + /اَس/ = لکيونمَس < لکيَمَس

                                      + /اَنِ/ = لکيونمَنِ < لکيَمَنِ

 

        - /لکيـ/ + /اُون/ + /مان/ = لکيونمان

                                      + /اِ/ = لکيونمانءِ

                                      + /وَ/ = لکيونمانوَ

                                      + /س/ = لکيونمانس

                                      + /نِ/ = لکيونماننِ

 

        - /لکيـ/ + /اُون/ + /سي/ = لکيونسي

                                      + /اِ/ = لکيونسيءِ

                                      + /وَ/ = لکيونسيوَ

                                      + /س/ = لکيونسيس

                                      + /نِ/ = لکيونسينِ

 

        - /لکيـ/ + /اُون/ + /اِ/ = لکيونئِه

                                   + /م/ = لکيونئِم

                                   + /س/ = لکيونئِس

                                   + /نِ/ = لکيونئِنِ

 

        - /لکيـ/ + /اُون/ + /وَ/ = لکيونوَ

                                   + /م/ = لکيونوَم

                                   + /س/ = لکيونوَس

                                   + /نِ/ = لکيونوَنِ

 

        - /لکيـ/+/اُون/+/اِين/ = لکيِونئين < لکيَئين < لکيائين...+ ( )

                                 + /م/ = لکيونئينم

                                 + /اِ/ = لکيونئينئِه

                                 + /وَ/ = لکيونئينوَ

                                 + /س/ = لکيونئينس

                                 + /نِ/ = لکيونئيننِ

 

- /لکيـ/+/اُون/+/اُون/ = لکيُوئون < لکيَئون < لکيائون ...+ ( )

                                      + /م/ = لکيونئونم

                                      + /اِ/ = لکيونئونئِه

                                       + /وَ/ = لکيونئونوَ

                                      + /س/ = لکيونئونس

+ /نِ/ = لکيونئوننِ

 

* /لکج/ + /ي/ = لکجي

+ /او/ = لکجيو

]نوٽ: ڪن سنڌي عالمن جي راءِ آهي ته فعل جون هتي ڄاڻايل صورتون سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم نه آڻڻ گهرجن. ڏسو ڀيرومل آڏواڻي جو ڪتاب ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘. /لکي/ جيان، ان جهڙو ڦيرو، هنن صورتن جو به ٿي سگهي ٿو.[

+ /آ/ = لکجيا

+/اِي/ = لکجِي (لکجي)

+ /اُون/ = لکجيون

+ /اُم/ = لکجيُم

+ /اَم/ = لکجيَم

+ /اُءِ/ = لکجيُئِه

+ /اُوَ/ = لکجيُوَ

+ /اَوَ/ = لکجيَوَ

+ /اُس/ = لکجيُس

+ /اَس/ = لکجيَس

+ /اُنِ/ = لکجيُنِ

+ /اَنِ/ = لکجيَنِ

 

* /لک/ + /د/ = لکد

+ /او/ = لکدو

]نوٽ: ”رائج تحريري محاوري ۾ ’اسم حاليه‘ جي بناوت جو مدار عام طرح ٻن ڳالهين تي سمجهيو وڃي ٿو: (1) ڪنهن اسم مصدر جي ’امر حال‘ (واحد) جي پوئين حرف تي ’پيشُ‘ هوندو ته اهو ’پيش‘ ’زبر‘ سان مٽائي، پٺيانئس ’ندو‘، ’ندا‘، ’ندي‘ يا ’نديون‘ جو اضافو ڪبو ته اسم حاليه ٺهي پوندو. جيئن لکُ مان لکندو، لکندا، لکندي ۽ لکنديون... ماٿيلي-اوٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ جيئن ته امر حال (واحد) جو پويون اکر ساڪن ٿئي ٿو، تنهنڪري ان ۾ اسم حاليه جوڙڻ وقت ’ن‘ غنو حذف ڪري ڇڏبو آهي ۽ آخري اکر تي پيش واري امر حال جي پٺيان ’دو‘، ’دا“، ’دي‘ يا ’ديون‘ جو اضافو ڪبو آهي. مثلاً لکندو بدران ’لکدو‘، پڙهندو بدران ’پڙهدو‘، گهمندو بدران ’گهمدو‘، ڦرندو بدران ’ڦردو‘ وغيره اچاربو آهي. اهڙي حالت ۾ ’ن غني‘ کي اڻلکي نموني به ظاهر نه ڪبو آهي...

... مثلاً لکندڙ کي ’لکدڙ‘، وٺندڙ کي ’وٺدڙ‘، چڀندڙ کي ’چڀدڙ‘ ڪري ڳالهائبو آهي.“

(پروفيسر شيخ محمد فاضل، ’ماٿيلي-اوٻاوڙي جي ٻولي‘، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد. 1992، ص-57 ۽ 59[

+ /آ/ = لکدا

+ /اِي/ = لکدِي

+ /اُون/ = لکديون

+ /اُم/ = لکدُم

+ /اَم/ = لکدَم

+ /اُءِ/ = لکدُءِ

+ /اَءِ/ = لکدَءِ

+ /اُوَ/ = لکدُوَ

+ /اَوَ/ = لکدَوَ

+ /اُس/ = لکدُس

+ /اَس/ = لکدَس

+ /اُنِ/ = لکدُنِ

+ /اَنِ/ = لکدَنِ

 

* /لکد/+/اُ (او)/+/م/ (يا /مان/) = لکدُم، لکدوم (لکدومان)

                                 + /اَءِ/ (يا /اِ/) = لکدومَئه (لکدومانءِ)

                                 + /اَوَ/ (يا /وَ/) = لکدومَوَ (لکدومانوَ)

                                 +/اَس/ (يا /س/)=لکدومَس (لکدومانس)

                                 + /اَنِ/ (يا /نِ/) = لکدومَنِ (لکدوماننِ)

]نوٽ: ليکڪ پاڻ کي ان حيثيت ۾ نه ٿو ڀانئي جو هن ترتيب کي وڌيڪ تفصيل ۽ ٻٽين ضميري پڇاڙين سميت بيان ڪري سگهي.[

 

* /لکد/ + /اَڙ/ = لکدڙ

]نوٽ: ليکڪ سمجهي ٿو ته سنڌي فعلي ٻولن ۾ }د{ هڪ اهڙي صرفيه آهي جيڪا مقرر هنڌ تي زمان مستقبل جي نشاندهي ڪري ٿي. فعل جي ڌاتوءَ (مثال: /لک/ کان پوءِ جڏهن }ٿ{ اچي ٿي ته زمان حال، }ي{ اچي ٿي ته زمان ماضي ۽ }د{ اچي ٿي ته زمان مستقبل جو ٻول ٺهي ٿو (مثال: /لکد/) جنهن جي پويان عدد ۽ جنس جي نشاني }او، آ، اِي يا اُون{ اچي، فعل جي مڪمل صورت جوڙي ٿي ــــــــ لکٿو، لکيو، لکدو، لکٿا، لکيا، لکدا، لکٿي، لکيي (لکي)، لکدي ۽ لکٿيون، لکيون، لکديون. زمان حال سان ماڻهوءَ جو تمام گهڻو ۽ سڌو واسطو رهي ٿو، تنهنڪري، ۽ زمان مستقبل ڏي لاڳيتو وڌڻو اٿس تنهنڪري انهن زمانن بابت سندس ڳالهه ٻول وڌيڪ واضح ۽ چٽي هئڻ گهرجي.

ان ڪري زمان حال لاءِ گهڻي ۽ وڌيڪ ۽ زمان مستقبل لاءِ هڪ حد تائين وڌيڪ ڳالهه ٻول ٿيندي رهي ٿي ۽ ليکڪ سمجهي ٿو ته ان ڪري انهن زمانن ۾ ڳالهه کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ئي نسبتاً وڌيڪ تبديليون آڻڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿي، جڏهن ته زمان ماضي ۾ جيڪا به ڳالهه ٻول ٿئي ٿي، اها نسبتاً طي ٿيل انداز جي هوندي آهي، تنهنڪري ان ۾ تبديلي نسبتاً گهٽ واقع ٿئي ٿي ۽ صورتون نسبتاً پائدار. ’فعل متعدي‘ اهو فعل آهي جنهن جو مطلب ظاهر ڪرڻ لاءِ فاعل سان گڏ مفعول جي ضرورت پوي. (واحد بخش شيخ، سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/حيدرآباد، 1986، ص-367).

پر متعدي فعل جو ٽنهي زمانن ۾ گردان ڪري ڏسبو ته هڪ نئين ڳالهه واضح ٿي ايندي. زمان ماضيءَ ۾ فعل جو عدد ۽ جنس مفعول جي عدد ۽ جنس سان لاڳاپجي مَٽجندي رهندي:

’مون خط لکيو‘، ’مون خط لکيا‘، ’مون چٺي لکي‘، ’مون چٺيون لکيون‘ پر اهڙو ئي ڦيرو زمان حال ۽ زمان مستقبل ۾، مروج فعلي صورتن سان ڪبو ته فعل جو عدد ۽ جنس مفعول سان لاڳاپجي مَٽجڻ بدران فاعل سان لاڳاپجي مَٽجندي نظر ايندا:

”(آءٌ) خطُ لکان ٿو“، ”(آءٌ) خطَ لکان ٿو“، ”(آءٌ) چٺي لکان ٿو“، ”(آءٌ) چٺيون لکان ٿو“، ”(آءٌ) خطُ لکندم“، ”(آءٌ) خطَ لکندم“، ”(آءٌ) چٺي لکندم“، ”(آءٌ) چٺيون لکندم“ ...

”(آءٌ) خطُ لکان ٿو“                   ”(آءٌ) خطُ لکندم“

”(اسين) خطُ لکون ٿا“               ”(اسين) خطُ لکنداسي“

”(تون) خطُ لکين ٿو“                ”(تون) خطُ لکندين“

”(اهي) خطُ لکن ٿا“                  ”(اهي) خطُ لکندا“

ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ ليکڪ سمجھي ٿو ته زمان ماضي جي مروج فعلي صورت ۾ ڪنهن به ضميري پڇاڙيءَ جو ميلاپ ڪونهي ۽ زمان حال ۽ مستقبل جي مروج فعلي صورت ۾ جيئن ته ڪا نه ڪا ضميري پڇاڙي موجود آهي، تنهنڪري ايئن ٿئي ٿو. زمان حال ۽ مستقبل جي مروج فعلي صورت کان ضميري پڇاڙيون ڌار ڪبيون ته فعل جون صورتون /لکٿو، لکٿا، لکٿي ۽ لکٿيون/ ۽ /لکدو، لکدي، لکدا ۽ لکديون/ بچنديون ۽ انهن صورتن سان ڦيرو ڪري ڏسبو ته زمان ماضي جيان فعل جو عدد ۽ جنس مفعول جي عدد ۽ جنس سان لاڳاپجي مَٽجڻ لڳندو:

          ’مان خط لکٿو‘،           ’مان خط لکٿا‘

          ’مان چٺي لکٿي‘،                   ’مان چٺيون لکٿيون‘

          ’مان خطُ لکدو‘،           ’مان خط لکدا‘

          ’مان چٺي لکدي‘،                   ’مان چٺيون لکديون‘.

اڄوڪي سنڌيءَ ۾ زمان حال جي اها صورت گم ٿي ويل ۽ زمان مستقبل جي اها صورت محدود ٿي ويل آهي، پر زمان ماضي چٽو شاهد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ٻولن جون حقيقي فعلي صورتون ان ئي ترتيب سان ٺهيل آهن.

ليکڪ نه ٿو ڄاڻي ته زمان مستقبل جي عام فعلي صورتن ۾ ]اَن[ يا ]اِين[، جيڪي گهڻا وائل (Vowel) آواز آهن، ڇو وڌيل آهن؟ ليکڪ سمجھي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن به ٻول ۾ ڪو به آواز غير ضروري طرح نه ٿو وڌي (سواءِ ان هڪ سبب جي ته اچار بگاڙيو ويو هجي) پر ’اسم حاليه‘ جي هر فعلي صورت ۾ ]اَن[ يا ]اِين[ جي واڌ (جيئن /لک/+/ان/+/د/+/او/ = لکندو، /ڏس/+/اِين/+/د/+/او/ = ڏسيندو وغيره) ٻڌائي ٿي ته اها اجائي ناهي. زمان حال جي مثال ۾ فعلي صورت (مثال: /لکٿو/ جي وچ تي، ڌاتوءَ (مثال: /لک/) کان پوءِ متصل ضمير جي نشاني }آن، اُون، اين، او، اي يا اَن{ اچي ٿي ۽ فعلي صورت فاعل سان لاڳاپجي ڦري ٿي. زمان مستقبل جي فعلي صورت (مثال: /لکندو/) جي وچ ۾، ڌاتوءَ (مثال: /لک/) کان پوءِ ڪم ايندڙ نشاني }اَن يا اِين{ ڪن ٻين ٻولن ۾ متصل ضمير طور ڪم اچي، ضمير غائب (جمع يا واحد) جي نشاندهي ڪن ٿيون، جيئن ’لکن ٿا‘ ۾ /اَن/ ۽ ’لکيَئِين‘ ۾ /اِين/، تنهنڪري ليکڪ هڪ امڪان قائم ڪري ٿو ته زمان مستقبل جي سڀني مروج صورتن ۾ ضمير غائب (واحد يا جمع) شامل آهي ۽ ان ڪري فعلي صورت مفعول سان لاڳاپو ٽوڙي فاعل سان ڳنڍجي وڃي ٿي.[

       

* /لِک/+/اَن/+/د/ = لِکند

                                +/او/ = لکندو

                                +/آ/ = لکندا

                                +/اي/ = لکندِي

                                +/اُون/ = لکنديون

                                +/اي/ = لکندي

                                +/اُم/ = لکندُم

                                +/اَم/ = لکندَم

                                +/اُءِ/ = لکندُءِ

                                +/اُوَ/ = لکندُوَ

                                +/اَوَ/ = لکندَوَ

                                +/اُس/ = لکندُس

                                +/اَس/ = لکندَس

                                +/اُنِ/ = لکندُنِ

                                +/اَنِ/ = لکندَنِ

 

        * /لکند/+/اُ/+/م/ = لکندم

                                +/اَءِ/ = لکندُمَئه < لکندمانءِ

                                +/اَوَ/ = لکندُمَوَ < لکندمانوَ

                                +/اَس/ = لکندُمَس < لکندمانس

                                +/اَنِ/ = لکندُمَنِ < لکندماننِ

 

        - /لکند/+/او/+/مان/ = لکندومان

                                +/اِ/ = لکندومانءِ

                                +/وَ/ = لکندومانوَ

                                +/س/ = لکندومانس

                                +/نِ/ = لکندوماننِ

 

        * /لکند/+/اِ (اِي)/+/م/ = لکندم، لکنديم

                                      +/اَءِ/ = لکندِيمَئه < لکندِيمانءِ

                                      +/اَوَ/ = لکندِيمَوَ < لکندِيمانوَ

                                      +/اَس/ = لکندِيمَس < لکندِيمانس

                                      +/اَنِ/ = لکندِيمَنِ < لکندِيماننِ

يا

        - /لکند/+/اِي/+/مان/ = لکندِيمان

                                +/اِ/ = لکندِيمانءِ

                                +/وَ/ = لکندِيمانوَ

                                +/س/ = لکندِيمانس

                                +/نِ/ = لکندِيماننِ

 

        * /لکند/+/آ/+/سي/ = لکنداسي

                                +/اِ/ = لکنداسيءِ

                                +/وَ/ = لکنداسيوَ

                                +/س/ = لکنداسيس

                                +/نِ/ = لکنداسينِ

 

        * /لکند/+/اُون/+/سي/ = لکنديونسي

                                +/اِ/ = لکنديونسيءِ

                                +/وَ/ = لکنديونسيوَ

                                +/س/ = لکنديونسيس

                                +/نِ/ = لکنديونسينِ

 

        * /لکند/+/اين/ = لکندين

                             +/م/ = لکندينم

                             +/س/ = لکندينس

                             +/نِ/ = لکنديننِ

 

        * /لکند/+/اينءَ/ = لکندينءَ

                             +/م/ = لکندينئم

                             +/س/ = لکندينئس

                             +/نِ/ = لکندينئنِ

 

        * /لکند/+/اَو/ = لکندَو (لکندؤ)

                             +/م/ = لکندَوم

                             +/س/ = لکندَوس

                             +/نِ/ = لکندَونِ

 

        * /لکند/+/اُون/+/اَو/ = لکنديونئوَ

                                 +/م/ = لکنديونئَوم

                                 +/س/ = لکنديونئَوس

                                 +/نِ/ = لکنديونئَونِ

 

        * /لکند/+/او/ = لکندو

                             +/م/ = لکندوم

                             +/ اِ / = لکندوءِ

                             +/ وَ / = لکندووَ

                             +/س/ = لکندوس

                             +/نِ/ = لکندونِ

 

        * /لکند/+/اِي/ = لکندِي

                   +/م/ = لکندِيم (لکنديَم)                +/اَم/ = لکندِيئم

                   +/ اِ / = لکندِيئِه (لکندَءِ)         +/اَءِ/ = لکندِيئئِه

                   +/ وَ / = لکندِيوَ (لکنديَوَ)        +/اَوَ/ = لکندِيئوَ

                   +/س/ = لکندِيسِ (لکنديَس)     +/اَس/ = لکندِيئسِ

                   +/نِ/ = لکندِينِ (لکنديَنِ)        +/اَنِ/ = لکندِيئنِ

 

        * /لکند/+/اَ (آ)/ = لکندَ

                         +/م/ = لکندَم     /لکندا/+/م/ = لکندام

                         +/اِ/ = لکندَءِ                +/اِ/ = لکنداءِ

                         +/وَ/ = لکندَوَ                +/وَ/ = لکنداوَ

                         +/س/ = لکندَس            +/س/ = لکنداس

                         +/نِ/ = لکندَنِ               +/نِ/ = لکندانِ

 

        * /لکند/+/اُون/ = لکنديون

                         +/م/ = لکنديونم      +/اَم/ = لکنديونئم

                         +/اِ/ = لکنديونئه       +/اَءِ/ = لکنديونئئه

                         +/وَ/ = لکنديونوَ        +/اَوَ/ = لکنديونئوَ

                         +/س/ = لکنديونس    +/اَس/=لکنديونئس

                         +/نِ/ = لکنديوننِ       +/اَنِ/ = لکنديونئنِ

 

        * /لکند/+/اَڙ/ = لکندڙ

                         +/اُ/ = لکندڙُ

                         +/اَ/ = لکندڙَ

                         +/اَو/ = لکندڙَو!

 

        * /لکج/+/اَن/+/د/ = لکجند

                                +/او/ = لکجندو ... +

                                +/آ/ = لکجندا ... +

                                +/اِي/ = لکجندِي ... +

                                +/اُون/ = لکجنديون ... +

                                +/اي/ = لکجندي

                                +/اُم/ = لکجندُم

                                +/اَم/ = لکجندَم

                                +/اُءِ/ = لکجندُءِ

                                +/اَءِ/ = لکجندَءِ

                                +/اُوَ/ = لکجندُوَ

                                +/اَوَ/ = لکجندَوَ

                                +/اُس/ = لکجندُس

                                +/اَس/ = لکجندَس

                                +/اُن/ = لکجندُن

                                +/اَن/ = لکجندَن

 

        * /لکجند/+/اَڙ/ = لکجندڙ

                             +/اُ/ = لکجندڙُ

                             +/اَ/ = لکجندڙَ

                             +/اَو/ = لکجندڙَو!

 

        * /لک/+/آء/ = لکاء

                        +/اِ/ = لکاءِ

                        +/اِي/ = لکائِي

                        +/او/ = لکائيو، لکايو

                        +/آ/ = لکائيا، لکايا

                        +/اُون/ = لکائيون، لکايون

                        +/اُ/ = لکاءُ

                        +/اَ/ = لکاءَ

 

]نوٽ: ]آء[ هڪ يڪسرو (monopthong) وائل آواز (Vowel Sound) آهي، جيڪو سنڌي ٻولن ۾ ته موجود آهي، پر اڃا تائين نه کوجيو ويو آهي. اهو صاف وائل آواز ]آ[ کان فرق رکي ٿو ۽ /آءِ/ به ناهي. /آء/ درحقيقت ٻن صاف وائل آوازن ]آ[ ۽ ]اِ[ جو ميڙ آهي. ]آء[ ڄڻڪ ]آ[ ۽ /آءِ/ آوازن جي وچ تي، هڪ قسم جو نرالو آواز آهي. انهيءَ سان گڏ ليکڪ ڪيترن ئي ٻين وائل (Vowel، سر) آوازن کي سنڌي ٻولن ۾ موجود ڏسي، انهن کي ووڙي صاف ڪري، انهن جو تفصيلي ذڪر پنهنجي ڪتاب ’ٻول جو بڻ‘ ۾ آندو آهي. (نوٽ: اهو ڪتاب 2007ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.)[

       

* /لکاءِ/+/آن/ = لکايان

(+/ٿ/+/او/ = ٿو)

(/ٿ/+/اِ/ = ٿي)

+/اِ/ = لکايانئه

لکايانئه ٿو

لکايانئه ٿي

+/وَ/ = لکايانوَ

لکايانوَ ٿو

لکايانوَ ٿي

+/س/ = لکايانس

لکايانس ٿو

لکايانس ٿي

+/نِ/ = لکاياننِ

لکاياننِ ٿو

لکاياننِ ٿي

 

* /لکاءِ/+/اُون/ = لکايون

(+/ٿ/+/آ/=ٿا)

(/ٿ/+/اُون/=ٿيون)

+/اِ/ = لکايونئه

لکايونئه ٿا

لکايونئه ٿيون

+/وَ/ = لکايونوَ

لکايونوَ ٿا

لکايونوَ ٿيون

           +/س/ = لکايونس

لکايونس ٿا

لکايونس ٿيون

+/نِ/ = لکايوننِ

لکايوننِ ٿا

لکايوننِ ٿيون

 

* /لکاءِ/+/اين/ = لکائين

(+/ٿ/+/او/ = ٿو)

(/ٿ/+/اِ/ = ٿي)

+/م/ = لکائينم

لکائينم ٿو

لکائينم ٿي

+/س/ = لکائينس

لکائينس ٿو

لکائينس ٿي

+/نِ/ = لکائيننِ

لکائيننِ ٿو

لکائيننِ ٿي

 

* /لکاءِ/+/او/ = لکايو

(+/ٿ/+/آ/=ٿا)

(/ٿ/+/اُون/=ٿيون)

+/م/ = لکايوم

لکايوم ٿا

لکايوم ٿيون

+/س/ = لکايوس

لکايوس ٿا

لکايوس ٿيون

+/نِ/ = لکايونِ

لکايونِ ٿا

لکايونِ ٿيون

 

* /لکاءِ/+/اي/ = لکائي

(+/ٿ/+/او/ = ٿو)

(/ٿ/+/اِ/ = ٿي)

+/م/ = لکائيم

لکائيم ٿو

لکائيم ٿي

+/اِ/ = لکائيئِه

لکائيئه ٿو

لکائيئه ٿي

+/وَ/ = لکائيوَ

لکائيوَ ٿو

لکائيوَ ٿي

+/س/ = لکائيس

لکائيس ٿو

لکائيس ٿي

+/نِ/ = لکائينِ

لکائينِ ٿو

لکائينِ ٿي

 

* /لکاءِ/+/ان/ = لکائن

(+/ٿ/+/آ/ = ٿا)

(/ٿ/+/اُون/=ٿيون)

+/م/ = لکائنم

لکائنم ٿا

لکائنم ٿيون

+/اِ/ = لکائنئِه

لکائنئه ٿا

لکائنئه ٿيون

+/وَ/ = لکائنوَ

لکائنوَ ٿا

لکائنوَ ٿيون

+/س/ = لکائنس

لکائنس ٿا

لکائنس ٿيون

+/نِ/ = لکائننِ

لکائننِ ٿا

لکائننِ ٿيون

 

* /لکاءِ/ + / اِڻ/ = لکائڻ

                   +/اُ/ = لکائڻُ

                   +/اَ/ = لکائڻَ

                   +/او/ = لکائڻو

                   +/آ/ = لکائڻا

                   +/اي/ = لکائڻِي

                   +/اُون/ = لکائِڻيون

                   +/اي/ = لکائڻي

 

* /لکاءِ/ + /ج/ = لکائج            = ]ل+اِ+ک+آءِ+ج[

                   +/اِ/ = لکائجِ

                   +/او/ = لکائجو

                   +/اِي/ = لکائجِي

                   +/اي/ = لکائجي

                   +/آ/ = لکائجا

 

* /لکائج/+/آن/ = لکائجان

(+/ٿ/+/او/=ٿو)

(/ٿ/+/اِي/ = ٿي)

+/اِ/ = لکائجانئه

لکائجانئه ٿو

لکائجانئه ٿي

+/وَ/ = لکائجانوَ

لکائجانوَ ٿو

لکائجانوَ ٿي

+/س/ = لکائجانس

لکائجانس ٿو

لکائجانس ٿي

+/نِ/ = لکائجانن

لکائجاننِ ٿو

لکائجاننِ ٿي

 

* /لکائج/+/اُون/ = لکائجون

(+/ٿ/+/آ/=ٿا)

(/ٿ/+/اُون/=ٿيون)

+/اِ/ = لکائجونئه

لکائجونئه ٿا

 لکائجونئه ٿيون

+/وَ/ = لکائجونوَ

لکائجونوَ ٿا

 لکائجونوَ ٿيون

+/س/= لکائجونس

لکائجونس ٿا

  لکائجونس ٿيون

+/نِ/ = لکائجوننِ

لکائجوننِ ٿا

 لکائجوننِ ٿيون

 

* /لکائج/+/اين/ = لکائجين

(+/ٿ/+/او/=ٿو)

(/ٿ/+/اِي/=ٿي)

 +/م/ = لکائجينم

لکائجينم ٿو

 لکائجينم ٿي

 +/س/ = لکائجينس

   لکائجينس ٿو

  لکائجينس ٿي

 +/نِ/ = لکائجيننِ

لکائجيننِ ٿو

 لکائجيننِ ٿي

 

* /لکائج/+/او/ = لکائجو

(+/ٿ/+/آ/=ٿا)

(/ٿ/+/اُون/=ٿيون)

  +/م/ = لکائجوم

لکائجوم ٿا

 لکائجوم ٿيون

  +/س/ = لکائجوس

   لکائجوس ٿا

  لکائجوس ٿيون

  +/نِ/ = لکائجونِ

لکائجونِ ٿا

 لکائجونِ ٿيون

 

* /لکائج/+/اي/ = لکائجي

(+/ٿ/+/او/=ٿو)

(/ٿ/+/اِي/=ٿي)

  +/م/ = لکائجيم

لکائجيم ٿو

 لکائجيم ٿي

  +/اِ/ = لکائجيئِه

لکائجيئِه ٿو

 لکائجيئِه ٿي

  +/وَ/ = لکائجيوَ

لکائجيوَ ٿو

 لکائجيوَ ٿي

  +/س/ = لکائجيس

   لکائجيس ٿو

  لکائجيس ٿي

  +/نِ/ = لکائجينِ

لکائجينِ ٿو

 لکائجينِ ٿي

 

* /لکائج/+/اَن/ = لکائجن

(+/ٿ/+/آ/=ٿا)

(/ٿ/+/اُون/=ٿيون)

  +/م/ = لکائجنم

لکائجنم ٿا

 لکائجنم ٿيون

  +/اِ/ = لکائجنئِه

لکائجنئِه ٿا

 لکائجنئِه ٿيون

  +/وَ/ = لکائجنوَ

لکائجنوَ ٿا

 لکائجنوَ ٿيون

  +/س/ = لکائجنس

   لکائجنس ٿا

  لکائجنس ٿيون

  +/نِ/ = لکائجننِ

لکائجننِ ٿا

 لکائجننِ ٿيون

 

* /لکائج/ + / اَڻ/ = لکائجڻ

                   +/اُ/ = لکائجڻُ

                   +/اَ/ = لکائجڻَ

                   +/او/ = لکائجڻو

                   +/آ/ = لکائجڻا

                   +/اي/ = لکائجڻِي

                   +/اُون/ = لکائجڻيون

                   +/اي/ = لکائجڻي

 

* /لکاءِ/ + /ب/ = لکائب            = ]ل+اِ+ک+آءِ+ب[

                   +/او/ = لکائبو

                   +/آ/ = لکائبا

                   +/اِي/ = لکائبِي

                   +/اُون/ = لکائبيون

                   +/اُم/ = لکائبُم

                   +/اَم/ = لکائبَم

                   +/اُءِ/ = لکائبُئِه

                   +/اَءِ/ = لکائبَئِه

                   +/اُوَ/ = لکائبُوَ

                   +/اَوَ/ = لکائبَوَ

                   +/اُس/ = لکائبُس

                   +/اَس/ = لکائبَس

                   +/اُن/ = لکائبُن

                   +/اَنِ/ = لکائبَن

 

* /لکاءِ/ + /اَت/ = لکائت (لکاوَت)

                   +/اَ/ = لکائتَ (لکاوَت)

                   +/اُون/ = لکائتون (لکاوتون)

 

* /لکاءِ/ + /ي/ = لکائيه            = ]ل+اِ+ک+آءِ+ي[

                   +/او/ = لکائيو، لکايو

                   +/آ/ = لکائيا، لکايا

                   +/اِي/ = لکائيِي، لکائي

                   +/اُون/ = لکائيون، لکايون

                   +/اُم/ = لکايُم

                   +/اَم/ = لکايَم

                   +/اُءِ/ = لکايُئِه

                   +/اَءِ/ = لکايَئِه

                   +/اُوَ/ = لکايُوَ

                   +/اَوَ/ = لکايَوَ

                   +/اُس/ = لکايُس

                   +/اَس/ = لکايَس

                   +/اُن/ = لکايُن

                   +/اَنِ/ = لکايَن

 

* /لکاءِ/ + / اَل/ = لکئيَل، لکايَل

                   +/اُ/ = لکايَلُ

                   +/اَ/ = لکايَلَ

                   +/اُون/ = لکايَلون

 

* /لکاءِ/ + / م/ = لکايوم      يا     /مان/ = لکايومان

                   +/اَءِ/ = لکايومَئه                 +/اِ/ = لکايومانئه

                   +/اَوَ/ = لکايومَوَ                 +/وَ/ = لکايومانوَ

                   +/اَس/ = لکايومَس              +/س/ = لکايومانس

                   +/اَنِ/ = لکايومَن                +/نِ/ = لکايوماننِ

 

* /لکايو/ + /سي/ = لکايوسي

                   +/اِ/ = لکايوسيءِ

                   +/وَ/ = لکايوسيوَ

                   +/س/ = لکايوسيس

                   +/نِ/ = لکايوسينِ

 

* /لکايو/ + /اِ/ = لکايوءِ

                   +/م/ = لکايوئم

                   +/س/ = لکايوئس

                   +/نِ/ = لکايوئنِ

 

* /لکايو/ + /وَ/ = لکايووَ

                   +/م/ = لکايووَم

                   +/س/ = لکايووَس

                   +/نِ/ = لکايووَنِ

 

* /لکايو/+/؟/=لکايو      يا

+/اِين/=لکايوئين     ۽

+/اُون/=لکايوئون

  +/م/=لکايوم

+/م/=لکايوئينم

 +/م/=لکايوئونم

  +/اِ/=لکايوءِ

+/اِ/=لکايوئينئه

 +/اِ/=لکايوئونئه

  +/وَ/=لکايووَ

+/وَ/=لکايوئينوَ

 +/وَ/=لکايوئونوَ

  +/س/=لکايوس

+/س/=لکايوئينس

 +/س/=لکايوئونس

  +/نِ/=لکايونِ

+/نِ/=لکايوئيننِ

 +/نِ/=لکايوئوننِ

 

* /لکايا/ + / م/ = لکايام     يا     /مان/ = لکايامان

                   +/اَءِ/ = لکايامَئه                 +/اِ/ = لکايامانئه

                   +/اَوَ/ = لکايامَوَ                  +/وَ/ = لکايامانوَ

                   +/اَس/ = لکايامَس              +/س/ = لکايامانس

                    +/اَنِ/ = لکايامَن                 +/نِ/ = لکاياماننِ

 

* /لکايا/ + /سي/ = لکاياسي

                   +/اِ/ = لکاياسيءِ

                   +/وَ/ = لکاياسيوَ

                   +/س/ = لکاياسيسِ

                   +/نِ/ = لکاياسينِ

 

* /لکايا/ + /اِ/ = لکاياءِ

                   +/م/ = لکايائم

                   +/س/ = لکايائس

                   +/نِ/ = لکايائنِ

 

* /لکايا/ + /وَ/ = لکاياوَ

                   +/م/ = لکاياوَم

                   +/س/ = لکاياوَس

                   +/نِ/ = لکاياوَنِ

 

* /لکايا/+/؟/=لکايا      يا

+/اِين/=لکايائين     ۽

+/اُون/=لکايائون

  +/م/=لکايام

+/م/=لکايائينم

 +/م/=لکايائونم

  +/اِ/=لکاياءِ

+/اِ/=لکايائينئه

 +/اِ/=لکايائونئه

  +/وَ/=لکاياوَ

+/وَ/=لکايائينوَ

 +/وَ/=لکايائونوَ

  +/س/=لکاياس

+/س/=لکايائينس

 +/س/=لکايائونس

  +/نِ/=لکايانِ

+/نِ/=لکايائيننِ

 +/نِ/=لکايائوننِ

 

* /لکائِي/ + / م/ = لکائيم    يا     /مان/ = لکائيمان

                   +/اَءِ/ = لکائيمَئه                +/اِ/ = لکائيمانئه

                   +/اَوَ/ = لکائيمَوَ                 +/وَ/ = لکائيمانوَ

                   +/اَس/ = لکائيمَس              +/س/ = لکائيمانس

                   +/اَنِ/ = لکائيمَن                +/نِ/ = لکائيماننِ

 

* /لکائِي/ + /سي/ = لکائِيسي

                    +/اِ/ = لکائيسيءِ

                    +/وَ/ = لکائيسيوَ

                    +/س/ = لکائيسيسِ

                    +/نِ/ = لکائيسينِ

 

* /لکائِي/ + /اِ/ = لکائِيئه < لکايَئه

                   +/م/ = لکايَئم

                   +/س/ = لکايَئس

                   +/نِ/ = لکايَئنِ

 

* /لکائِي/ + /وَ/ = لکائيوَ < لکايَـــوَ

                   +/م/ = لکائِيوَم، لکايَـــوَم

                   +/س/ = لکائِيوَس، لکايَـــوَس

                   +/نِ/ = لکائِيوَنِ، لکايَـــوَنِ

 

* /لکائِي/+/؟/=لکائِي     يا

+/اِين/ = لکائيئين   ۽

< لکايَئين

+/اُون/ = لکائيئون

< لکايئون

+/م/=لکائِيم

+/م/=لکايَئينم

 +/م/=لکايئونم

+/اِ/=لکائِيئه < لکايَئه

+/اِ/=لکايَئينئه

 +/اِ/=لکايئونئه

+/وَ/=لکائِيوَ < لکايَـــوَ

+/وَ/=لکايَئينوَ

 +/وَ/=لکايئونوَ

+/س/=لکائِيس < لکايَس

+/س/=لکايَئينس

 +/س/=لکايئونس

+/نِ/=لکائِينِ < لکايَنِ

+/نِ/=لکايَئيننِ

 +/نِ/=لکايئوننِ

 

* /لکايون/ + / م/ = لکايونم           يا     /مان/ = لکايونمان

                   +/اَءِ/ = لکايونمَئه                        +/اِ/ = لکايونمانئه

                   +/اَوَ/ = لکايونمَوَ               +/وَ/ = لکايونمانوَ

                   +/اَس/ = لکايونمَس            +/س/ = لکايونمانس

                   +/اَنِ/ = لکايونمَنِ              +/نِ/ = لکايونماننِ

 

* /لکايون/ + /سي/ = لکايونسي

                      +/اِ/ = لکايونسيءِ

                      +/وَ/ = لکايونسيوَ

                      +/س/ = لکايونسيسِ

                      +/نِ/ = لکايونسينِ

 

* /لکايون/ + /اِ/ = لکايونئه

                    +/م/ = لکايونئِم

                    +/س/ = لکايونئِس

                    +/نِ/ = لکايونئِــنِ

 

* /لکايون/ + /وَ/ = لکايونــوَ

                    +/م/ = لکايونوَم

                    +/س/ = لکايونوَس

                    +/نِ/ = لکايونوَنِ

 

* /لکايون/+/؟/=لکايون   يا

+/اِين/ = لکايونئين   ۽

 < لکايَئين

+/اُون/ = لکايونئون

  < لکايَئون

+/م/=لکايونم

 

+/اِ/=لکايونئه

+/وَ/=لکايونوَ

+/س/=لکايونس

+/نِ/=لکايوننِ

 

* /لکاءِ/ + /اِين/ + /د/ = لکائيند

                             +/او/ = لکائيندو

                             +/آ/ = لکائيندا

                             +/اِي/ = لکائيِندِي

                             +/اُون/ = لکائينديون

                             +/اُم/ = لکائيندُم

                             +/اَم/ = لکائيندَم

                             +/اُءِ/ = لکائيندءِ

                             +/اَءِ/ = لکائيندَءِ

                             +/اُوَ/ = لکائيندُوَ

                             +/اَوَ/ = لکائيندَوَ

                             +/اُس/ = لکائيندُس

                             +/اَس/ = لکائيندَس

                             +/اُن/ = لکائيندُنِ

                             +/اَنِ/ = لکائيندَنِ

 

* /لکائيندو/ + / م/ = لکائيندوم       يا    /مان/ = لکائيندومان

                   +/اَءِ/ = لکائيندومَئه          +/اِ/ = لکائيندومانءِ

                   +/اَوَ/ = لکائيندومَوَ           +/وَ/ = لکائيندومانوَ

                   +/اَس/ = لکائيندومَس       +/س/ = لکائيندومانس

                   +/اَنِ/ = لکائيندومَنِ          +/نِ/ = لکائيندوماننِ

 

* /لکائيندي/+/م/ = لکائينديم< لکائينديم يا /مان/ = لکائينديمان

                     +/اَءِ/ = لکائينديمَئه        +/اِ/ = لکائينديمانءِ

                     +/اَوَ/ = لکائينديمَوَ         +/وَ/ = لکائينديمانوَ

                     +/اَس/ = لکائينديمَس     +/س/ = لکائينديمانس

                     +/اَن/ = لکائينديمَنِ        +/نِ/ = لکائينديماننِ

 

* /لکائيندا/ + /سي/ = لکائينداسي

                      +/اِ/ = لکائينداسيءِ

                      +/وَ/ = لکائينداسيوَ

                      +/س/ = لکائينداسيسِ

                      +/نِ/ = لکائينداسينِ

 

* /لکائينديون/ + /سي/ = لکائينديونسي

                             +/اِ/ = لکائينديونسيءِ

                             +/وَ/ = لکائينديونسيوَ

                             +/س/ = لکائينديونسيسِ

                             +/نِ/ = لکائينديونسينِ

 

* /لکائيند/ + /اَو/ = لکائيندوَ (لکائيندؤ)

                     +/م/ = لکائيندؤم

                     +/س/ = لکائيندؤسِ

                     +/نِ/ = لکائيندؤنِ

 

* /لکائيندو/ + /؟/ = لکائيندو ...

                     +/م/ = لکائيندوم

                     +/اِ/ = لکائيندوءِ

                     +/وَ/ = لکائيندووَ

                     +/س/ = لکائيندوسِ

                     +/نِ/ = لکائيندونِ

 

* /لکائيندِي/ + /؟/ = لکائيندِي

                      +/م/ = لکائيندِيم

                      +/اِ/ = لکائيندِيئِه

                      +/وَ/ = لکائيندِيوَ

                      +/س/ = لکائيندِيسِ < لکائينديَس

                      +/نِ/ = لکائيندِينِ < لکائينديَنِ

 

* /لکائيندا/ + /؟/ = لکائيندا

                      +/م/ = لکائيندام < لکائيندَم

                      +/اِ/ = لکائينداءِ < لکائيندَءِ

                      +/وَ/ = لکائينداوَ < لکائيندَوَ

                      +/س/ = لکائينداسِ < لکائيندَس

                      +/نِ/ = لکائيندانِ < لکائيندَنِ

 

* /لکائينديون/ + /؟/ = لکائينديون

                       +/م/ = لکائينديونم < لکائيندَم

                       +/اِ/ = لکائينديونئِه < لکائيندَءِ

                       +/وَ/ = لکائينديونوَ < لکائيندَوَ

                       +/س/ = لکائينديونسِ < لکائيندَس

                       +/نِ/ = لکائينديوننِ < لکائيندَنِ

 

* /لکائيند/ + /اَڙ/ = لکائيندَڙ

                     +/اُ/ = لکائيندڙُ

                     +/اَ/ = لکائيندڙَ

                     +/اَو/ = لکائيندڙو!

 

* /لکائج/ + /اَند/ = لکائجند (؟)

                     +/او/

                     +/آ/

                     +/اِي/

                     +/اُون/

                     +/اي/

                     +/اَڙ/

 

* /لک/ + /ر/ = لکر = ]ل + اِ + ک + ر[

                   +/اُ/ = لکَـــرُ

                   +/اَ/ = لکـــرَ

                   +/او/ = لکـــرو

                   +/اِي/ = لکـــرِي

 

* /لکر/ + /آءِ/ = لکراءِ

                   +/اُ/ = لکراءُ

                   +/او/ = لکرايو

 

* /لکراء/ + /آن/ = لکرايان ...

+/اُون/ = لکرايون ...

]نوٽ: /لکاءِ/ کي ماڊل بنائي، /لکاءِ/ جي بدران /لکراءِ/ آڻي سموريون ضميري توڙي ٻيون پڇاڙيون ساڳي ئي ترتيب سان ملائي سگهجن ٿيون. ورجاءَ کان بچڻ لاءِ هتي رڳو ترت ڌاتو ٻول (Immediate stem words) ڏنا ويا آهن.[

+/اين/ = لکرائين ...

+/او/ = لکرايو ...

+/اي/ = لکرائي ...

+/اِن/ = لکرائن ...

+ /اِڻ/ = لکرائڻ ...

+ /ج/ = لکرائج ...

+/آن/ = لکرائجان ...

+/اُون/ = لکرائجون ...

+/اين/ = لکرائجين ...

+/او/ = لکرائجو ...

+/اي/ = لکرائجي ...

+/اَن/ = لکرائجَن ...

+/اَڻ/ = لکرائجَڻ ...

+ /ب/ = لکرائب ...

+ /ي/ = لکرائيه ...

+/او/ = لکرائيو، لکرايو ...

+/آ/ = لکرايا ...

+/اي/ = لکرائِي ...

+/اُون/ = لکرايون ...

...

+ /ايند/ = لکرائيند

+/او/ = لکرائيندو ...

+/آ/ = لکرائيندا ...

+/اي/ = لکرائيندِي ...

+/اُون/ = لکرائينديون ...

]نوٽ: سنڌي ٻوليءَ ۾ متعدي بالواسطه سان گڏ ٻٽو متعدي بالواسطه ۽ ’ٻٽو ٻيڻو‘ متعدي بالواسطه جا مثال پڻ موجود آهن (ڏسو ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد). باشعور ڪوشش ڪري، جيڪڏهن، انهن جو بلڪل درست مفهوم، انهن کي ڪم آڻڻ جو ٺهڪندڙ موقعو ۽ انهن سان لڳي سگهندڙ پڇاڙيون واضح ڪجن ته سنڌي ٻولن جون سوين صورتون موجود ٿي سگهن ٿيون.[

/لک/ = ]ل+اِ+ک[ جي وائل آواز ] اِ [ جي تبديل ٿئي ٿي ۽ اهو بدلجي] اي[ ٿئي ٿو، تڏهن هڪ نئون ٻول ٺهي ٿو: /ليک/ = ]ل+اي+ک[

 

* /ليک/              * /ليک/ + /آء/ = ليکاء

          + /اُ/ = ليکُ                       + /اِ/ = ليکاءِ

          + /اَ/ = ليکَ                       + /او/ = ليکايو

          + /او/ = ليکو                       + /اُ/ = ليکاءُ

          + /آ/ = ليکا                        + /اَ/ = ليکاءَ

          + /اِي/ = ليکِي                     + /اُو/ = ليکائُو

+ /اُون/ = ليکيون

          + /اِ/ = ليکِ

          + /او/ = ليکيو

          + /اي/ = ليکي

          + /اُو/ = ليکيو

 

* /ليک/ + /ر/ + /آءِ/ = ليکراءِ

* /ليک/ + /آن/ = ليکيان      * /ليکاءِ/ +/آن/ = ليکايان، ليکائيان

          + /اِ/ = ليکيانءِ + ٿو/ٿي          +/اِ/ = ليکايانءِ+ٿو/ٿي

          + /وَ/ = ليکيانوَ + ٿو/ٿي          +/وَ/ = ليکايانوَ+ٿو/ٿي

          + /سِ/ = ليکيانس + ٿو/ٿي      +/سِ/ = ليکايانس+ٿو/ٿي

          + /نِ/ = ليکياننِ + ٿو/ٿي        +/نِ/ = ليکاياننِ+ٿو/ٿي

 

* /ليکراءِ/ + /آن/ = ليکرايان

* /ليک/ + /اُون/ = ليکيون     * /ليکاءِ/+/اُون/ = ليکايون، ليکائيون

          + /اِ/ = ليکيونئه + ٿا/ٿيون        + /اِ/ = ليکايونئه+ٿا/ٿيون

          + /وَ/ = ليکيونوَ + ٿا/ٿيون        + /وَ/ = ليکايونوَ+ٿا/ٿيون

          + /سِ/ = ليکيونس + ٿا/ٿيون    +/سِ/= ليکايونس+ٿا/ٿيون

          + /نِ/ = ليکيوننِ + ٿا/ٿيون       +/نِ/ = ليکايوننِ+ٿا/ٿيون

 

* /ليکراءِ/ + /اُون/ = ليکرائيون

* /ليک/ + /اين/ = ليکين  * /ليکاءِ/+/اين/ = ليکائين

          + /م/ = ليکينم + ٿو/ٿي         +/م/ = ليکائينم+ٿو/ٿي

          + /سِ/ = ليکينس + ٿو/ٿي       +/سِ/= ليکائينس+ٿو/ٿي

          + /نِ/ = ليکيننِ + ٿو/ٿي                   + /نِ/ = ليکائيننِ+ٿو/ٿي

 

* /ليکراءِ/ + /اين/ = ليکرائين

* /ليک/ + /او/ = ليکيو            * /ليکاءِ/+/او/ = ليکايو، ليکائيو

          + /م/ = ليکيوم + ٿا/ٿيون       +/م/ = ليکايوم+ٿا/ٿيون

          + /سِ/ = ليکيوس + ٿا/ٿيون      +/سِ/= ليکايوس+ٿا/ٿيون

          + /نِ/ = ليکيونِ + ٿا/ٿيون        + /نِ/ = ليکايونِ+ٿا/ٿيون

 

* /ليکراءِ/ + /او/ = ليکرايو

* /ليک/ + /اي/ = ليکي    * /ليکاءِ/ +/اي/ = ليکائي

          + /م/ = ليکيم + ٿو/ٿي                   + /م/ = ليکائيم+ٿو/ٿي

          + /اِ/ = ليکيئه + ٿو/ٿي           + /اِ/ = ليکائيئِه + ٿو/ٿي

          + /وَ/ = ليکيوَ + ٿو/ٿي            + /وَ/ = ليکائيوَ + ٿو/ٿي

          + /سِ/ = ليکيس + ٿو/ٿي        +/سِ/ = ليکائيس+ٿو/ٿي

          + /نِ/ = ليکينِ + ٿو/ٿي           + /نِ/ = ليکائينِ+ ٿو/ٿي

 

* /ليکراءِ/ + /اي/ = ليکرائي...

* /ليک/ + /اِن/ = ليکن            * /ليکاءِ/ +/اِن/ = ليکائن

          + /م/ = ليکنم + ٿا/ٿيون        +/م/ = ليکائنم+ٿا/ٿيون

          + /اِ/ = ليکنئه + ٿو/ٿيون                   + /اِ/ = ليکائنئِه+ٿا/ٿيون

          + /وَ/ = ليکنوَ + ٿا/ٿيون          + /وَ/ = ليکائنوَ+ٿا/ٿيون

          + /سِ/ = ليکنس + ٿا/ٿيون       +/سِ/= ليکائنس+ٿا/ٿيون

          + /نِ/ = ليکننِ + ٿا/ٿيون                   + /نِ/ = ليکائننِ+ٿا/ٿيون

 

* /ليکراءِ/ + /اِن/ = ليکرائن...

* /ليک/ + /اِڻ/ = ليکڻ            * /ليکاءِ/ +/اِڻ/ = ليکائڻ

          + /اُ/ = ليکڻُ                       + /اُ/ = ليکائڻُ

          + /او/ = ليکڻو                      + /او/ = ليکائڻو

          + /آ/ = ليکڻا                       + /آ/ = ليکائڻا

          + /اِي/ = ليکڻِي                    + /اِي/= ليکائڻِي

          + /اُون/ = ليکڻيون                 + /اُون/ = ليکائڻيون

 

* /ليکراءِ/ + /اِڻ/ = ليکرائِڻ...

* /ليک/ + /ج/ = ليکج             * /ليکاءِ/ +/ج/ = ليکائج

          + /آن/ = ليکجان...                + /آن/ = ليکائجان...

          + /اُون/ = ليکجون...               + /اُون/ = ليکائجون...

          + /اين/ = ليکجين...               + /اين/ = ليکائجين...

          + /او/ = ليکجو...                  + /او/= ليکائجو...

          + /اي/ = ليکجي...                 + /اي/ = ليکائجي...

          + /اَن/ = ليکجن...                 + /اَن/ = ليکائجن...

 

* /ليکراءِ/ + /ج/ = ليکرائج

* /ليک/ + /ب/ = ليکب    * /ليکاءِ/ +/ب/ = ليکائب

          + /او/ = ليکبو                      + /او/ = ليکائبو

          + /آ/ = ليکبا                       + /آ/ = ليکائبا

          + /اِي/ = ليکبِي                    + /اِي/ = ليکائبِي

          + /اُون/ = ليکبيون                 + /اُون/= ليکائبيون

          + /اُم/ = ليکبُم                             + /اُم/ = ليکائبُم

          + /اَم/ = ليکبَم                             + /اَم/ = ليکائبَم

          + /اُءِ/ = ليکبُئه                     + /اُءِ/ = ليکائبُئه

          + /اَءِ/ = ليکبَئه                     + /اَءِ/ = ليکائبَئه

          + /اُوَ/ = ليکبُوَ                      + /اُوَ/ = ليکائبُوَ

          + /اَوَ/ = ليکبَوَ                      + /اَوَ/ = ليکائبَوَ

          + /اُس/ = ليکبُس                  + /اُس/ = ليکائبُس

          + /اَس/ = ليکبَس                  + /اَس/ = ليکائبَس

          + /اُن/ = ليکبُن                    + /اُن/ = ليکائبُن

          + /اَن/ = ليکبَن                    + /اَن/ = ليکائبَن

 

* /ليکراءِ/ + /ب/ = ليکرائب

* /ليک/ + /ي/ = ليکيه            * /ليکاءِ/ +/ي/ = ليکائيه، ليکاي

          + /او/ = ليکيو                      + /او/ = ليکايو، ليکائيو

          + /آ/ = ليکيا                       + /آ/ = ليکايا، ليکائيا

          + /اِي/ = ليکيِي                    + /اِي/ = ليکائِي

          + /اُون/ = ليکيُون                  + /اُون/= ليکايون

          + /اُم/ = ليکيُم                             + /اُم/ = ليکايُم

          + /اَم/ = ليکيَم                             + /اَم/ = ليکايَم

          + /اُءِ/ = ليکيُئه                     + /اُءِ/ = ليکايُئه

          + /اَءِ/ = ليکيَئه                     + /اَءِ/ = ليکايَئه

          + /اُوَ/ = ليکيُوَ                      + /اُوَ/ = ليکايُــوَ

          + /اَوَ/ = ليکيَوَ                      + /اَوَ/ = ليکايَــوَ

          + /اُس/ = ليکيُس                  + /اُس/ = ليکايُس

          + /اَس/ = ليکيَس                  + /اَس/ = ليکايَس

          + /اُن/ = ليکيُن                    + /اُن/ = ليکايُن

          + /اَن/ = ليکيَن                    + /اَن/ = ليکايَن

 

* /ليکراءِ/ + /ي/ = ليکراي

* /ليکيومان/ + /اِ/، + /وَ/، + /س/، + /ن/

* /ليکايومان/ +/اِ/، + /وَ/، + /س/، + /ن/

 

* ليکيوسي...     * /ليکايوسي...

 

* /ليکيُئه/ + /م/، + /س/، + /ن/

* /ليکايُئه/ +/م/، + /س/، + /ن/

 

* ليکيووَ          * /ليکايووَ

 

* /ليکيو/ + /م/، + /اِ/، + /وَ/ + /س/، + /ن/

* /ليکايو/ +/م/، + /اِ/، + /وَ/ + /س/، + /ن/

 

* ليکيَئين...              * /ليکايَئين...

 

* ليکيَئون...              * /ليکايئون...

 

* /ليک/+/اِين/+/د/ = ليکيند      * /ليکاءِ/+/اِين/+/د/ = ليکائيند

                   +/او/ = ليکيندو...        + /او/ = ليکائيندو...

                   +/آ/ = ليکيندا...                   + /آ/ = ليکائيندا...

                   +/اِي/ = ليکيندِي...      + /اِي/ = ليکائيندِي...

                   +/اُون/ = ليکينديُون...    + /اُون/= ليکائينديُون...

                   +/اي/ = ليکيندي         + /اي/ = ليکائيندي

                   +/اُم/ = ليکيندُم        + /اُم/ = ليکائيندُم

                   +/اَم/ = ليکيندَم        + /اَم/ = ليکائيندَم

                   +/اُءِ/ = ليکيندُءِ           + /اُءِ/ = ليکائيندُءِ

                   +/اَءِ/ = ليکيندَءِ           + /اَءِ/ = ليکائيندَءِ

                   +/اُوَ/ = ليکيندُوَ           + /اُوَ/ = ليکائيندُوَ

                   +/اَوَ/ = ليکيندَوَ           + /اَوَ/ = ليکائيندَوَ

                   +/اُس/ = ليکيندُس       + /اُس/ = ليکائيندُس

                   +/اَس/ = ليکيندَس       + /اَس/ = ليکائيندَس

                   +/اُن/ = ليکيندُن                   + /اُن/ = ليکائيندُن

                   +/اَن/ = ليکيندَن                   + /اَن/ = ليکائيندَن

 

* /ليکرائيند...

* /ليکيند/+/اَڙ/ = ليکيندڙ * /ليکائيند/+/اَڙ/ = ليکائيندڙ

                   +/اُ/ = ليکيندڙُ            + /اُ/ = ليکائيندڙُ

                   +/اَ/ = ليکيندڙَ            + /اَ/ = ليکائيندڙَ

                   +/اَو/ = ليکيندڙَو!         + /اَو/ = ليکائيندڙَو!

 

* /ليک/+/ج/+/اَن/+/د/ = ليکجَند...

* /ليکاءِ/+/ج/+/اَن/+/د/ = ليکائجند...

]نوٽ: ٻٽو بالواسطه ۽ ’ٻٽو ٻيڻو‘ متعدي بالواسطه صورتن کي شعوري طرح سينگاري ڪم آڻي سگهجي ٿو.[

 

* /ليک/+/اَڪ/ = ليکڪ            * /ليکاءِ/+/اَڪ/ = ليکائڪ

                   +/اُ/ = ليکڪُ             + /اُ/ = ليکائڪُ

                   +/اَ/ = ليکڪَ             + /اَ/ = ليکائڪَ

                   +/آ/ = ليکڪا

                        +/اُون/ = ليکڪائون

 

* /ليک/+/اِڙ/ (يا /ڙ/) = ليکــڙ

                   +/اُ/ = ليکــڙُ

                   +/اَ/ = ليکــڙَ

                   +/او/ = ليکــڙو

                   +/آ/ = ليکــڙا

                   +/اُو/ = ليکــڙُو

 

* /ليک/+/آر/ = ليکار

                   +/اُ/ = ليکارُ

                   +/اِي/ = ليکارِي

                   +/اَ/ = ليکارَ

 

* /ليکار/+/اَڪ/ = ليکارڪ

                   +/او/ = ليکارڪو

                   +/آ/ = ليکارڪا

                   +/اِي/ = ليکارِڪي

                   +/اُون/ = ليکارڪيون

 

] * لِکَڻُ: مصدر (سن. لِکَن = لکڻ)... ليکائِي ڪرڻ... لکي وڃڻ... لکي ڇڏڻ...

-          لکيل ج لکيَلَ... لکي ڇڏيل

-          لکيل پڙهيل:

-          لکڻهارُ ج لکڻهارَ: لکڻهارو... ليکاري - ليکڪ...

-          لکڻِي ج لکڻيون: لکت

-          لکڻيداس:

-          لکيت ج لکيتون

-          لکيو انگ پَرَڻُ: ... لکئي کي لوڙڻ

-          لکيو ماڻڻ:

-          لکئي جون لامون کوڙڻ... لکيو انگ پورو ٿيڻ

-          ليکُ ج ليکَ: (سن. لِڪشام لِک = لکڻ)...

-          ليکارو ج ليکارا:

-          ليکاري ج ليکاري:

-          ليکڪُ ج ليکڪَ: ليک لکندڙ - لکڻ وارو...

-          ليکَڻِ ج ليکڻيون:

-          ليکو:

-          ليکائتو ج ليکائتا:

-          ليکو ڀرڻ:

-          ليکو پائڻ:

-          ليکو چوکو ج ليکا چوکا:

-          ليکو کولڻ:

-          ليکو لاهڻ:

-          ليکو ليکائتو:

-          ليکيو وجهڻ:

-          ليکي: ... (جيئن ”منهنجي ليکي ۾“)...

-          ليکي باقي:

-          ليکي پاڙُ ج ليکي پاڙَ:

-          ليکي کي ليڪ ڏيڻ: ليکو چڪتو ڪرڻ...

-          ليکي ۾ گُهٻَٽ ڪرڻ:

-          ليکي ۾ نه هجڻ:

-          ليکائڻ:

-          ليکاڻِي:

-          لکاوتَ ج لکاوتون:

-          لکت پڙهت: لکپڙهه...

-          لکپڙهه ج لکپڙهون:... لکاوٽ...

-          ’جامع سنڌي لغات‘، جلد-5 تان ورتل[

]نوٽ: ليکڪُ آوازن (Sounds)، صوتين (Phonemes) ۽ صرفين (Morphemes) جي هن سڄي منظم سٽاءَ کي انساني ذهانت جو هڪ اعلى سگھڙ مثال سمجهي ٿو ۽ انهيءَ ترتيب کي ذهن ۾ رکندي ڪي نتيجا اخذ ڪري ٿو، جن جو ذڪر ’ٻول جو بڻ‘ (2007) ۾ تفصيل سان ڪيو ويو آهي.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com