سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب:اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

باب: --

صفحو :5

 

قاعدن ۽ قانونن جي ڳولا

آواز

ضميري پڇاڙيءَ يا ضميري پڇاڙين جي حوالي سان هن وقت تائين جيڪي به لفظ بحث هيٺ اچي چڪا آهن، انهن مان هيٺ ڏنل آواز ئي آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ضمير جي نمائندگي ڪن ٿا:

ض

1- ضمير متڪلم، هيڪل (نر ۽ نار) ـــــــــ فاعل ’مان/مون/آءٌ/ آئون/آنءُ‘: ’-آن‘، ’-اُم‘، ’-اِم‘، ’-مان‘.

2- ضـمـيـر مـتـڪـلم، گهڻ (نر ۽ نار) ـــــــــ فاعل ’اسان/اسين‘: ’-اُون‘، ’-اَون‘، ’-اسي‘، ’-اسون‘، ’-اسين‘.

3- ضمير حاضر، هيڪل (نر ۽ نار) ـــــــــ فاعل ’تون/تو‘: ’-اين‘، ’-اُئه‘، ’-اَئه‘، ’-اِئه‘ (’-اينءَ‘، نار لاءِ هڪ هنڌ).

4- ضمير حاضر، گهڻ (نر ۽ نار) ــــــــــ فاعل ’توهان/توهين/ اوهان/اوهين‘: ’-او‘، ’-اَو‘، ’-اَوَ‘.

5- ضمير غائب، هيڪل (نر ۽ نار) ــــــــــ فاعل ’هي/هيءَ/هو/هوءَ/هِن/هُن/اِن/ اُن‘: ’-اي‘، ’-او‘، ’-اُس‘، ’-اَس‘، ’-ائين‘ (’-اي‘ نار لاءِ ڪجهه هنڌن تي).

6- ضمير غائب، گهڻ (نر ۽ نار) ـــــــــ فاعل ’هي/هو/اِهي/اُهي/ اِنهن/اُنهن/ هِنن/هُنن‘: ’-اِن‘، ’-اُن‘، ’-ان‘، ’-اَئون‘.

ڪجهه ٻيا آواز، جيڪي فعل جي امري صورت کي هڪ مخصوص معنى ڏين ٿا:

1-       هيڪل، نر لاءِ آواز: ’-او‘ يا ’-ا + او‘ يا ’-او + او‘.

2-      هيڪل، نار لاءِ آواز: ’-اِي‘ يا ’-اِ + اِي‘ يا ’-اِي + اِي‘.

3-      گهڻ، نر لاءِ آواز: ’-آ‘ يا ’-ا + اَ‘ يا ’-آ + آ‘.

4-      گهڻ، نار لاءِ آواز: ’-اِيون‘ يا ’-اِ+اِيون‘ يا ’-اِي+اِيون‘ يا ’-اِيون+اِيون‘.

5-      نر لاءِ آواز: ’-اَ‘ يا ’-او‘.

6-      نار لاءِ آواز: ’-اِ‘ يا ’-اِي‘.

7-      هيڪل، نار کي گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ’-اِيون‘ يا ’(-اِي)+ -اُون‘.

8-      هيڪل، نر کي گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ’-اُون‘، ’-آ‘.

9-      (ڪـنـهـن به جـنس کي) گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ’-اَن‘، ’-اِن‘، ’-اُن‘، ’-اَئون‘. ]’-اَئون‘ ٿي سگهي ٿو ته ’۽‘ جو ڌاتو هجي. ’-ا‘ (نر)+’-اون‘ (گهڻ)[

10-   زمان حال لاءِ آواز: ’ٿ‘

زمان ماضيءَ لاءِ آواز: ’ي‘

زمان مستقبل لاءِ آواز: ’د‘ يا ’اَند‘

11-    ’اسان‘ ممڪن آهي ته ’اس+آن‘ جو ميلاپ هجي. ’-اس‘ اسان ڏٺو آهي ته ’هــي/هِــي‘ (ضـمـيـر غائب) جي بدران ڪم ايندڙ آواز آهي ۽ ’-آن‘ برابر آهي ’مان‘ جي. ’هي/هِي+مان‘ يعني ’اسان‘. اهو به ممڪن آهي ته ’اسان‘ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ نر توڙي نار ٻئي جنسون شامل هجن.

12-   ’اسون‘ عام ڳالهائڻ ۾ موجود ناهي، پر ضميري پڇاڙيءَ جي حـيثيت ۾ ڏاڍي گهڻي واهپي ۾ آهي. ’اسون‘ ممڪن آهي ته ’-اَس‘ ۽ ’اون‘ جو ميلاپ هجي. ’اس‘ برابر آهي ’هي‘ (نر) جي ۽ ’-اُون‘ نشاني نر کي گهڻ ڪرڻ جي. اهو به ممڪن آهي ته ’اسون‘ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ رڳو نر موجود هجن.

13-   ’اسين‘ ممڪن آهي ته ’اس+اِين‘ جو ميلاپ هجي. ’اس‘ برابر آهي ’هي‘ (نار) جي ۽ ’-اِين‘ نشاني نار کي گهڻ ڪرڻ جي. اهو به ممڪن آهي ته ’اسين‘ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ رڳو ناريون موجود هجن.

14-   ’اَسي‘ ٿي سگهي ٿو ته رڳو ان ضميري پڇاڙيءَ لاءِ مقرر ڪيل آواز هجي، جتي نر ۽ نار ٻئي هجن. ’-اَس‘ (هي)+ ’-اِي‘ (هي) يعني ’هي هي هي‘. ٻٽِي پڇاڙيءَ وارن سڀني زمانن جي ڦيري ۾ اسان ڏٺو ته ’اسان ڏانهن‘ لکڻ بابت کوٽ نظر آئي. خبر ناهي ته اها ضميري پڇاڙي ڪهڙي آهي ۽ ڇو عام واهپي ۾ ناهي.

15-   ’مان‘ ۽ ’آن‘ بابت ’اسان‘، ’اسين‘ ۽ ’اسون‘ واري خصوصيت کي بنياد بنائي، چئي سگهجي ٿو ته، ممڪن آهي ته، ڪنهن زماني ۾ ’مان‘ متڪلم نر لاءِ ۽ ’آن‘ متڪلم نار لاءِ مخصوص هجي.

16-   ضمير حاضر، هيڪل لاءِ آواز ’- او‘ (تو = ت+او) ٿي سگهي ٿو ته ’تو (او) + اِين‘ بدلجي ’تو اين‘ (او اي) يعني ’توهين‘ (اوهين) ۽ ’تو(او)+آن‘ بدلجي ’توآن (اوآن)‘ يعني ’توهان‘ (اوهان) ٿيو هجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن زماني ۾ ’توهان/توهين‘ مخصوص هجي نرن لاءِ ۽ ’اوهان/اوهين‘ مخصوص هجي نارين لاءِ.

17-   ضمير غائب ۾ خاص طرح گهڻ بابت آواز، ’هي/اِهي/اُهي/ هِنن/هُنن/ اِنن/اِنهن/اُنهن‘ نر، نار ۽ بيجان جي تخصيص نه ٿا ڏيکارين. خبر ناهي ڇو. جڏهن ته ضمير غائب هيڪل بابت آوازن ۾ اها تخصيص ٿوري ڪه گهڻي نظر اچي ٿي.

 

ضميري پڇاڙين بابت بي ڌياني

چڱيءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيون ته ضميري پڇاڙين بابت اسان جو رويو بي ڌيانيءَ وارو، غفلت ڀريو، جاهلاڻو يا اڻ ڄاڻائيءَ وارو آهي. اسان ضميري پڇاڙين کي ضمير واري حيثيت ڏيڻ بدران انهن کي اڻ ڄاڻائيءَ وچان فعل جو حصو ڪري سمجهيو ۽ جڏهن ضميري پڇاڙيءَ کي بي معنى، بي مطلب ۽ بي مفهوم ڪري ڄاتوسون، تڏهن اسان کي فاعل جي صورت ۾ ساڳيو ئي ضمير ڌار آڻڻو پيو ۽ ان ڏانهن غفلت ايتري ئي زورائتي رهي جو پنهنجن ايندڙ نسلن کي، عالمن جي نظرداريءَ جي باوجود، غلط يعني ٻٽو ضمير رکندڙ ساڳيو فاعل پڙهائڻ ۽ سيکارڻ شروع ڪري ڏنو ــــــــ ۽ اها غفلت اتي وڄي پهتي جو سيکڙاٽن کي اهو ٻڌايون ئي نه ٿا يا ڄاڻڻ جي باوجود ٻڌائڻ جي زحمت ئي نه ٿا ڪيون ته هتي، هن جملي ۾ ساڳئي فاعل طور ٻه ضمير آندل آهن ــــــــ ۽ اهڙيءَ طرح، ضميري پڇاڙين جي سموري اهميت ۽ ان ۾ سمايل جهونن، وڏڙن ۽ سگهڙن جي ڏاهپ کي پاڻ ئي غرق ڪري ڇڏيوسون.

جيترو مون پڙهيو آهي ۽ جيترو ڄاڻان ٿو، ان جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهان ٿو ته اسان جا سمورا ٻولي-ڄاڻڪ چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته، ’لکان ٿو‘، ’لکان ٿي‘، ’لکون ٿا‘، ’لکون ٿيون‘، ’لکندُم‘ (لکندس؟)، ’لکنداسي‘، ’لکيم‘، ’آيم‘ (آيس؟) جهڙن سڀني فعلي بناوتن سان هڪ ضمير ڳنڍيل آهي، جيڪو فاعل جو ڪم ڪري ٿو، پر پوءِ به، پاڻ ئي، ٻوليءَ جا ڄاڻو هوندي به، ’مان لکان ٿو‘، ’اسين لکون ٿا‘ ۽ ’مان لکندم‘، ’مان آيم‘ سان گڏ ’مان لکندس‘ ۽ ’مان آيس‘ جهڙا جملا، جن کي وياڪرڻي اصولن موجب جملو سڏي ئي نه ٿو سگهجي، لکندا، ڳالهائيندا رهن ٿا. نه رڳو لکن ٿا، پر ايندڙ نسلن کي پڙهائيندا ۽ سيکاريندا به رهن ٿا.

’مان آيُس‘، ’مان لکندس‘ ۽ ان قسم جا ٻيا ’جملا‘ نيٺ ڪهڙي قسم جا جملا آهن، ڪهڙي وياڪرڻ جي، ڪهڙن اصولن موجب ٺاهيا ويا آهن ۽/يا ڪيئن ٺهيا آهن؟

ڳالهه ڪجي اصول ۽ علم جي. ’- اس‘ ضميري پڇاڙي آهي ۽ ضمير غائب هيڪل جي معنى ظاهر ڪري ٿي. مٿي ڏنل سمورا فعل جاچيو، ڇا ٿا ٻڌائين؟

فعلن کان ڌار، هتي ڪجهه لفظ ڏجن ٿا، انهن جي معنى تي ڌيان ڏيو ۽ ڏسو ته ’- اس‘ ضميري پڇاڙي ڪهڙي ضمير جي بدران ڪم اچي ٿي:

* وَٽس (هن وٽ)                    * سندس (هن  جو)

* کيس (هن کي)                             * کانئس (هن کان)

* ڏانهس (هن ڏانهن)               * هيٺانئس (هن جي هيٺان)

* مٿس، مٿانئس (هن مٿان، هن جي مٿان)

* ماڻَس، ماڻهس (هن جي ماءُ)     * پڻهس (هن جو پيءُ)

* ڀيڻس (هن جي ڀيڻ)             * پُٽس (هن جو پٽ)

* سسڻسِ (هن جي سس)           * نُنهڻس، نُهڻس (هن جي نُنهه، نُهه)

* چاچِس، چاچهسِ (هن جي چاچي) * چاچس، چاچهَس (هن جو چاچو)

* مامس، مامهس (هن جي مامِي)   * مامس، مامهس (هن جو مامو)

* ڏاڏهس (هن جي ڏاڏي)           * ڏاڏس (هن جو ڏاڏو)

* نانهس (هن جي نانِي)            * نانَس (هن جو نانو)

۽ ٻيا ڪيترائي.

انهيءَ بنياد تي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ’- اس‘ پڇاڙي ’هن‘ جي بدران ڪم اچي ٿي، ان ڪري اسان جا لکيل پڙهيل ۽ عالم ماڻهو جڏهن ’آيس‘ ۽ ’لکندس‘ جهڙا لفظ ڪم آڻين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کان هڪ سوال ضرور پڇن: ”ڇا/ڪهڙو سبب آهي جو فعل جي آخر ۾ ’-اس‘ ڳنڍي لکان ٿو، بنا ’-اس‘ ڳنڍڻ جي ڇو نه ٿو لکان؟“

هاڻي اچو ٿا ’-ام‘ ضميري پڇاڙيءَ تي. مٿي ڏنل سمورن هڪ ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلن ۾ ’-ام‘ ’مان‘ يا ’آنءُ‘ جي بدران ڪم آئي آهي. هيٺ ڏنل ڪجهه لفظن تي به ٿورو ڌيان ڏيو:

* وَٽم (مون وٽ)                    * سندم (مون  جو)

* ڏانهم (مون ڏانهن)               * مَٿم، مٿانئُم (مون مٿان)

* هيٺانئم، هيٺائم (مون هيٺان)   * پُٽم (منهنجو پٽ)

* ڌيڻم (منهنجي ڌيءُ)             * سسڻم (منهنجي سس)

* ڀيڻم (منهنجي ڀيڻ)             * نُنهڻم، نُهڻم (منهنجي نُنهه، نُهه)

* چاچم، چاچهَس (منهنجو چاچو)   * ڏاڏم (منهنجو ڏاڏو)

* مَنجهم (مون منجهه)             ۽ ٻيا ڪيترائي.

انهيءَ بنياد تي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ضميري پڇاڙي ’-ام‘ ضمير متڪلم هيڪل جي بدران ڪم اچي ٿي. اسان اهو به ڏٺو آهي ته زمان حال مطلق جي فعل ۾، يعني ’لکان ٿو‘، ’لکان ٿي‘، ’پڙهان ٿو‘، ’پڙهان ٿي‘، ’سکان ٿو‘، ’سکان ٿي‘ ۾ ’-آن‘ ۽ ’لکيُم‘، ’لکيَم‘، ’لکندُم‘، ’لکندَم‘ جهڙن ماضي ۽ مستقبل جي فعلي صيغن پٺيان ’-ام‘ به ’مان/آنءُ‘ جو ئي مَٽ آهي، ان ڪري جڏهن ڪو اديب يا شاعر ۽ ليکڪ، ڄاڻڪ، ڳالهائيندڙ ’مان لکان ٿو‘، مان لکان ٿي‘، ’مان لکندُم‘، ’مان لکندَم‘، ’مان آيُم‘، ’مان آيَم‘ جهڙا لفظ لکي، تڏهن هڪ گهڙي ترسي پاڻ کان اهو سوال ضرور پڇي ته ”هي ڪهڙي قسم جو جملو لکي رهيو آهيان: ڇا، اهو وياڪرڻي اصولن موجب ٺيڪ آهي؟“

ٺيڪ اها ئي ڳالهه باقي سمورين ضميري پڇاڙين وارن فعلن بابت به انهن سڀني لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي چوڻ گهران ٿو، جيڪي انهن جي آڏو اهو ساڳيو (ضميري پڇاڙيءَ وارو) فاعل ٻيهر آڻين ٿا.

جيڪڏهن اسان کي اها ڄاڻ نه هئي ۽ ان ڪري غلط پئي لکيو آهي، ته هاڻي پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي. باقي جن عالمن، ڄاڻڪن، ليکڪن ۽ شاعرن وغيره کي اها خبر هئي ۽ پوءِ به ساڳي غلطي ڄاڻي ٻجهي، آرس سبب ڪندا رهيا؛ حقيقت اها آهي ته، اهي پنهنجيءَ ٻوليءَ جا ڏوهاري آهن: نه رڳو پاڻ غلطي ۽ غفلت ڪئي اٿائون، پر ٻين کي منع ڪرڻ ۽ درست ڪرڻ بدران اٽلو پڙهائيندا ۽ سيکاريندا رهيا آهن ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ هڪ وڏي ۽ اهم فرض نڀائڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي اٿئون.

ڪجهه  مهربانن، دوستن، بحث مباحثو ڪندي ان ڳالهه کي مڃيو ۽ ڪجهه دوستن ايئن چيو ته اها ڳالهه درست آهي، پر...

... پر ’مان آيس‘ يا ’مان آيم‘، ’مان لکندس‘ يا ’مان لکندم‘ ۽ ’مان لکان ٿو‘ ۽ ’اسان لکون ٿا‘ جهڙا جملا به هروڀرو ڪي غلط ناهن. اها ڪجهه ٻولين جي خصوصيت هوندي آهي ته اهي پاڻ وٽ ڪي اهڙا طور طريقا رکنديون آهن، جن کي سندن گرامر جي ٺوس اصولن پٽاندر بيان/ثابت نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙيون خصوصيتون آهن، جن مان هڪ ضمير يعني فاعل کي ٻه ڀيرا ورجائڻ آهي. ايئن چوڻ جي ڪري جملي ۾ هڪ قسم جو زور، شدت، اسٽريس (Stress) ۽ گهرائي پيدا ٿئي ٿي.

اها، هڪ غلط ڳالهه هڪ صحيح ڳالهه وسيلي ثابت ڪرڻ جي هڪ ناجائز ڪوشش سڏي سگهجي ٿي.

(1)       جيڪڏهن ڪجهه خاص حالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪجهه خاص معاملن ۾ جنگ ڪرڻ جائز هجي، ته ڇا، هر ڳالهه ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ هر معاملي ۾ جنگ ڪرڻ جائز ٿي پيو؟ اسان وٽ ته زمان حال جو هر جملو ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا آڻي لکيو وڃي ٿو!

ضمير متڪلم بدران ’-اس‘ ضميري پڇاڙي ڪم آڻڻ منهنجي نظر ۾ غلط آهي، تنهنڪري ان کي هتي ڄاڻايل بحث هيٺ آڻڻ بيڪار آهي. رڳو هڪ مثال ڏيان ٿو ته جيئن ڳالهه چٽي ٿئي.

مشهور وڏي شاعر شيخ ايازَ پنهنجي ڪتاب ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ ۾، صفحي 23 ۽ 27 تي، هي جملا به ڪم آندا آهن: ’ڏند صاف ڪري مان ٻاهر اڱڻ ۾ آيُس‘ ۽ ’مان کولي ۾ موٽي آيُس‘.

’اڱڻ ۾ آيُس‘ آڏو ’مان‘ ڏيڻ سان يا ’کولي ۾ آيُس‘ آڏو ’مان‘ ڏيڻ سان، ڇا هتي جملي ۾ زور، شدت، اسٽريس، گهرائي پيدا ڪئي وئي آهي؟ ڇا، هنن جملن ۾ شدت پيدا ڪرڻ جي ڪا گهرج آهي به، ۽ ڇا، شاعر شعوري طرح ڄاڻي ٿو ته ’مان‘ ڪم آڻڻ جي ڪري هو پنهنجي جملي ۾ شدت پيدا ڪري رهيو آهي؟

(2)      هاڻي اچو ته سنڌيءَ ۾ انهن لفظن کي ۽ انهن جي مطلب ۽ مقصد کي جاچيون، جن ۾ ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي ٿو. اڳ ۾ هي هڪ جملو پڙهو:

’مان سچ ڳالهايم.‘ ان جملي جو مطلب آهي: ’مان مان سچ ڳالهايو.‘

 ڇا هن جملي ۾ ضمير ’مان‘ ٻه ڀيرا فاعل طور آڻڻ جي ڪري شدت ۽ گهرائي پيدا ٿي آهي، يا مورڳو جملو ئي بگڙي غلط ٿي ويو آهي.

’وزير وزير ڪوڙ ڳالهايو’، ’ماڻهوءَ ماڻهوءَ سچ ڳالهايو‘ تي ٿورو ڌيان ڏيو. فاعل ٻه ڀيرا آيو آهي پر فاعل کي ورجائڻ جو مقصد ڇا آهي؟

’وڻ وڻ مان هڪ واس اچي ٿو‘، ’گل گل ۾ سڳنڌ سمايل آهي‘، ’ماڻهو ماڻهو ملهه وڙهي ٿو‘، ’صوبو صوبو حقن لاءِ رڙي ٿو‘، ’نگر نگر کي پنهنجي ثقافت آهي‘، ’رنگ رنگ جي ٻولي ٻِي‘، ’ٻولي ٻولي پنهنجا گڻ رکي ٿي‘، ...

مٿي ڏنل لفظن ۾ جيڪي به لفظ هڪ ئي جملي ۾ ٻه ڀيرا اچن ٿا، انهن کي جاچڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي لفظ ’هر هڪ‘ يا ’سڀ ڪنهن‘ جو سهڻو اظهار آهن.

(3)      ڪنهن به جملي ۾ عام طرح ’ٺيڪ‘، ’سچ پچ‘، ’هر حالت ۾‘، ’ضرور‘، ’حقيقت ۾‘، ’بهرحال‘، ’سچ ته‘، ’انتهائي ضروري‘، ’ضرور بالضرور‘ جهڙا لفظ شدت، زور يا اسٽريس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم آندا وڃن ٿا. پر ساڳئي ضمير کي ٻه ڀيرا فاعل طور آڻڻ سان ڪنهن به قسم جي شدت پيدا نه ٿي ٿئي. ايئن ڪرڻ هڪ چُڪ آهي، جنهن سان ضميري پڇاڙيءَ جي اهميت مري ٿي، لفظ ۾ ضميري پڇاڙيءَ وارو بيڪار ۽ ناجائز واڌارو ٿيو پوي ۽ ٻولي بگڙي ٿي.

(4)      ڇا، فعلي ڦيرو سيکاريندي، جملي ۾ زور يا شدت پيدا ڪرڻ جي ڪا به گهرج آهي؟ ڇا، ڦيرو سيکاريندي، اسان کي اها تعليم ڏني وڃي ٿي ته هر جملي ۾ فاعل (ضمير) ٻه ڀيرا ورجايل آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته جملي ۾ شدت پيدا ٿئي؟

ٻنهي سوالن جو جواب جيڪڏهن ’نه‘ آهي، ته ان کي ڇا سڏجي؟

ان ڪري، اها راءِ رکان ٿو ته هڪ جملي ۾ ٻه ڀيرا ساڳيو ضمير فاعل طور آڻڻ جو سبب نه ته ڪو وياڪرڻي اصول آهي ۽ نه ئي وري ڪا جملي ۾ شعوري طرح شدت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش. اها چُڪ آهي، جيڪا اڻ ڄاڻائيءَ ۽ بي ڌيانيءَ سبب يا غفلت جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ڪئي وئي آهي.

 

درست فعلي ڦيرو

(1) زمان حال ۾:

                   ’ڪَرڻ‘ وارو فعل (ڏسو ب، ٻ، ڀ، ت ۽ ٿ)

                   ’هُئڻ‘ وارو فعل (ڏسو ث)

(2) زمان ماضيءَ ۾:

                   ’ڪَرڻ‘ وارو فعل (ڏسو د)

                   ’هُئڻ‘ وارو فعل (ڏسو ڏ)

(3) زمان مستقبل ۾:

                   ’ڪَرڻ‘ وارو فعل (ڏسو ’زمان مستقبل‘ ۾ 5)

                   ’هُئڻ‘ وارو فعل (ڏسو ص)

 

فاعل ۽ مفعول سان لاڳاپيل فعلن جي ڳولا

اسان ڏٺو ته زمان حال ۽ زمان مستقبل ۾ رواجي طرح جيڪي فعل اچن ٿا ۽ جن جو ڦيرو ڪيون ٿا، انهن جو سڌو واسطو فاعل سان رهي ٿو. انهن جملن ۾ مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعل جي صورت تي ڪو به اثر نه ٿو پوي. پر زمان ماضيءَ ۾ رواجي طرح جيڪو فعلي پڙهايو وڃي ٿو، انهن جو سڌو واسطو وري مفعول سان رهي ٿو ۽ انهن جملن ۾ فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي سان سڌي واسطي ۾ نه ٿو رهي.

ايئن ڇو آهي؟

۽ ڇا، اهو جائز سوال ناهي ته جڏهن ٻن زمانن جي فعل جو سڌو واسطو فاعل سان آهي ته ٽئين (زمان ماضيءَ) جو ڇو نه آهي؟ ڇا، ان ۾ فعل جي اهڙي ڪا به صورت ناهي، جيڪا سڌو واسطو مفعول بدران فاعل سان رکي؟ ۽ ڇا، زمان حال ۽ زمان مستقبل ۾ فعل جي اهڙي ڪا صورت ناهي، جيڪا فاعل بدران مفعول سان واسطو رکندي هجي؟

اهو سوال هيئن به پڇي سگهجي ٿو ته ڇا، ڪنهن زماني ۾ ايئن به هو ته سنڌيءَ ۾ فعل جون ساڳئي زمان ۾ ٻه صورتون هجن، هڪ جو سڌو واسطو فاعل سان هو (جيئن هن وقت زمان حال ۽ زمان مستقبل جي فعلن ۽ زمان ماضيءَ ۾ ضمير غائب جي حوالي سان ضميري پڇاڙي رکندڙ فعل جو آهي)، ۽ ٻيءَ جو سڌو واسطو مفعول سان هو (جيئن هن وقت زمان ماضيءَ ۾ عام ملي ٿو؟)

ڦ-1: اسان جڏهن زمان حال جي ’ڪَرڻ‘ واري فعل جي ڦيري مان ضمير جي نشاندهي ڪندڙ آواز ڪڍي ڇڏيا هئا، تڏهن مجموعي طرح اسان کي فعل جون هي چار صورتون مليون هيون: 1- لکٿو، 2- لکٿي، 3- لکٿا، ۽ 4- لکٿيون. هيءَ صورت ياد رکجو.

ڦ-2: جڏهن زمان مستقبل ۾ ’ڪَرڻ‘ واري فعل جون اهي صورتون کڻون ٿا، جيڪي اڄ ڪلهه به شڪارپور ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ عام رائج آهن ته اسان کي فعل جون هي چار صورتون ملن ٿيون: 1- لکدو، 2- لکدي، 3- لکدا، ۽ 4- لکديون. هيءَ ڳالهه به ياد رکجو.

ڦ-3: هاڻي، زمان ماضيءَ ۾ ’ڪَرڻ‘ واري فعل جي عام مروج صورتن کي ڌيان سان جاچيو: 1- لکيو، 2- لکي (لکيي)، 3- لکيا، ۽ 4- لکيون. هيءَ ڳالهه به ياد رکجو.

اهڙيءَ طرح، اسان کي فعل جي صورتن جا ٽي سيٽ مليا آهن، ۽ ٽنهي ۾ رڳو هڪ هڪ اکر جو فرق آهي: ڦ-1 ۾ ’ٿ‘، ڦ-2 ۾ ’د‘ ۽ ڦ-3 ۾ ’ي‘، باقي سڀ اکر ۽ آواز ساڳيا آهن.

اهي سڀ اکر ۽ آواز ساڳيا ڇو آهن؟ انهن ۾ هڪجهڙائي ڇو آهي؟ ڇا، اهي بنا ڪنهن قانونن، قاعدن ۽ پابنديءَ جي، پنهنجي ليکي ٺهي پيا يا ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ هڪ اصول هيٺ مقرر طريقي سان رٿيا ويا؟

ڦ-1 ۾ فعل جي امر (لک) کان پوءِ ’ٿ‘ ٿو پوي ته زمان حال جو صيغو ملي ٿو: لکٿو، لکٿي، ...

ڦ-2 ۾ فعل جي امر (لک) کان پوءِ ’د‘ ٿو پوي ته زمان مستقبل جو صيغو ملي ٿو: لکدو، لکدي، ...

ڦ-3 ۾ فعل جي امر (لک) کان پوءِ ’ي‘ ٿو پوي ته زمان ماضيءَ جو صيغو ملي ٿو: لکيو، لکيي (لکي)، ...

(گهڻي تفصيل لاءِ مهرباني ڪري منهنجو مضمون ’هر هڪ لفظ هيري کاڻ‘ پڙهو.)

اهو عمل به چٽيءَ طرح اعلان ڪري ٿو ٻڌائي ته فعلي صيغن جون سموريون اڏاوتون ڪي اتفاقي، اوچتو، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي وجود ۾ نه آيون آهن، پر هڪ منظم سرشتي موجب، باقاعدگيءَ سان، اصولي پابندين هيٺ جوڙيون ويون آهن.

ڇا، ايڏيءَ عاليشان فني اڏاوت جا خالق، فنڪار ۽ مصور چوٽيءَ جي ڏاهَن، اڪابرن ۽ سگهڙن کان گهٽ درجي جا هوندا؟ اها مهارت، تنظيم ءٌ سمجهه وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته هن ٻوليءَ جا خالق، وياڪرڻ رٿيندڙ ۽ لفظن جي ايڏي نفيس گهڙاوٽ ڪندڙ، زبردست قسم جي ڳڻ ڳوت جا مالڪ هئا. (منهنجي هڪ مضمون ’جامع سنڌي لغات جو جائزو: پهرئين جلد جي حوالي سان پهرين پڙهڻي‘ ۾ ڄاڻايل هڪ بنيادي فعل مان ٺهي سگهندڙ ممڪن فعلي صورتن جي ڳڻپ لڳ ڀڳ 340 آهي ۽ منهنجي ڪاٿي موجب سنڌي ٻوليءَ جا بنيادي فعل هزارن کان گهٽ نه آهن. هاڻي ڪاٿو ڪريو ته صورتحال ڪيئن آهي. اسم، صفتون ۽ ٻيون شيون تهان ڌار آهن.)

هاڻي، اچو ته شڪارپور وارن ساٿين سان صلاح ڪريون ته سندن پاران هن وقت تائين جيئاريل زمان مستقبل جو فعلي صيغو فاعل سان سڌي واسطي ۾ آهي يا مفعول سان:

* مان/تو/هن چٺو لکدو.            * مان/تو/هن چٺا لکدا.

* مان/تو/هن چٺي لکدي.          * مان/تو/هن چٺيون لکديون.

* اسان/توهان/هنن چٺو لکدو.      * اسان/توهان/هنن چٺا لکدا.

* اسان/توهان/هنن چٺي لکدي.    * اسان/توهان/هنن چٺيون لکديون.

شڪارپور وارا جوان هي ڇا پيا چون! هي ته فعلي صيغي جو سڌو واسطو مفعول سان پيا ڏيکارين. ڀائرو، شابس اٿوَ، جس لهڻو، جو توهان سنڌيءَ جي هڪ اهڙي فعلي صيغي کي سنڀالي رکيو آهي، جنهن کي باقي سنڌ گم ڪري/وڃائي ويٺي هئي!

زمان حال جي بظاهر گم ٿي ويل فعلي صيغي کي اسان ٿوري دير اڳ ڳولي هٿ ڪيو آهي. اچو ته ان جو فعلي ڦيرو ڪري ڏسون:

* مون چٺو لکٿو.                    * مون چٺا لکٿا.

* مون چٺي لکٿي.                  * مون چٺيون لکٿيون.

* اسان چٺي لکٿو.                  * اسان چٺا لکٿا.

* اسان چٺي لکٿي.                 * اسان چٺيون لکٿيون.

(هي) ڇا ٿو چوي؟ ڇا، فعلي صيغي جو واسطو مفعول سان ناهي؟ باقي ضميرن سان به ڦيرو ڪري ڏسو. ڳالهه ان سچائيءَ کان ٻاهر ناهي.

 

’ڳالهه مڃڻ جهڙي ناهي‘، ’الائي ڇو، ذهن قبول نه ٿو ڪري‘، ’شايد ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ ڪو مناسب دليل نه ٿو ملي!‘ مٿي ڄاڻايل ڳالهه کوجڻ کان پوءِ، منهنجي ذهن ۾ پهريائين اهي خيال آيا، پر هن وقت تائين انهن جي سچائي ئي ثابت ٿي آهي. هن وقت مون وٽ اهڙو ڪو هڪ به دليل ناهي، جنهن جي بنياد تي مٿي کوجيل ڳالهه کي رد ڪري سگهجي. توهان جي رهنمائي ڪندا ته ڏاڍو سٺو.

زمان ماضيءَ ۾ مون کان هن وقت تائين اهو فعلي صيغو نه لڀجي سگهيو آهي، جنهن جو واسطو مفعول بدران فاعل سان هجي. باقي ضمير غائب هيڪل توڙي گهڻ واري ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي صيغا ضرور مليا آهن، جن ۾ فعل جو واسطو سنئون سڌو فاعل سان آهي، مفعول سان نه (ڏسو ’ذ‘ ۽ ’ڙ‘).

”ڇا، هتي اهو سوال پڇڻ مناسب ناهي، ته فعل جي هيءَ زمان حال واري شڪل (لکٿو، لکٿي، لکٿا، لکٿيون) ’گم‘ ڇو ٿي وئي ۽ زمان مستقبل واري شڪل (لکدو، لکدي، لکدا، لکديون) محدود ڇو ٿي وئي؟“

بلڪل مناسب سوال آهي. نيڪ نيتيءَ سان ۽ سچائيءَ جي ڳولا لاءِ پڇيل هر هڪ سوال مناسب ئي نه ضروري پڻ آهي ۽ جيڪو نه ٿو پڇي، اهو ڏوهاري ۽ ڏوهاري اهو به آهي، جيڪو اهڙي سوال جو جواب ڳولڻ جو جتن نه ٿو ڪري.

ٻين هزارين سوالن جي نه ڄاتل جواب جيان، مون کي ان سوال جي جواب جي به سُڌ ناهي. باقي هڪ امڪان رکي سگهجي ٿو ته متان فعلي صيغن جي هم وزنيءَ جي ڪري ايئن ٿيو هجي. لکٿو، لکدو ۽ لکيو ـــــــــ ممڪن آهي ته انهن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿي هجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته جڏهن زمان حال ۾ ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي صيغو (جيڪو پڻ فاعل سان لاڳاپيل آهي) ۽ زمان مستقبل جو ’د‘ بدران ’-اند‘ (لکندو) رکندڙ فعلي صيغو (جيڪو پڻ فاعل سان لاڳاپيل آهي) ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ وڌيڪ سهنجو محسوس ٿيو هجي ۽ اهو پڻ ممڪن آهي ته انهن فرقن اچڻ جي ڪري فعلي صيغي جي جيئن ته چٽي صورت ٺهي ٿي (لکندو، لکان ٿو، لکيو...) متان ان جي ڪري پوئين ڳالهه سولائيءَ سان قبول ڪئي وئي هجي. (جيڪو حال حبيبان، سو ئي پيش پِريان جي. پنهنجي سمجهه جيڪڏهن ان کان اڳتي سُري، پوءِ ڀلي انهن خيالن جي مخالف هجي، ضرور پيش ڪبي.)

 

سڌريل ٻولي ڪهڙي ۽ سڌاريل ٻولي ڪهڙي؟

’سمڪرت‘ کي ’سنسڪرت‘ اچاريندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ٻوليءَ کي اڄ ڪلهه ’سنسڪرت‘ سڏيو وڃي ٿو يعني جنهن ٻوليءَ کي سڌارڻ کان پوءِ قبول ڪيو ويو، ان کي ’سنسڪرت‘ سڏجي ٿو. جيڪا اڳ ۾ ئي سڌريل، سنواريل، سهنجايل ٻولي هئي يا جيڪا پوءِ سڌاري، سنواري ۽ سهنجائي وئي، ان کي سنسڪرت نه ٿو سڏيو وڃي. (ٻه سؤ سال به نه ٿيندا جو انگريزي ٻوليءَ کي سڌاريو، سنواريو ۽ سهنجايو ويو، پر ان کي سنسڪرت نه ٿو سڏجي.) ان جو مطلب هي ٿيو ته اڄ کان ڪي ٽي هزار ورهيه اڳ، جنهن هڪ ٻوليءَ کي اسان جي ننڍي کنڊ ۾ سڌاريو، سنواريو ۽ سهنجايو ويو، رڳو ان هڪ ٻوليءَ کي ئي ’سنسڪرت‘ سڏيو ويو. اها ٻولي جڏهن سڌري، سنوري ۽ سهنجي ٿي، تڏهن ان کي ’سنسڪرت‘ سڏيو ويو. چٽو مطلب هي آهي ته اها ٻولي سڌرڻ، سنورڻ ۽ سهنجو ٿيڻ کان اڳ (پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته) اڻ سڌريل (يا گهٽ سڌريل)، اڻ سنواريل (يا گهٽ سنواريل) ۽ ڏاڍي ڏکي (يا ڏکي) هئي. ان اڻ سڌريل (يا گهٽ سڌريل)، اڻ سنوريل (يا گهٽ سنوريل) ۽ ڏاڍي ڏکيءَ (يا ڏکيءَ) ٻوليءَ کي جڏهن سڌاريو، سنواريو ۽ سهنجايو ويو، تڏهن ان تي نالو ئي ’سنسڪرت‘ پئجي ويو.

چيو ٿو وڃي ته اڄ کان ڪي ساڍا ٽي هزار ورهيه اڳ موجوده سنڌ ۾ وچ-ايشيا کان ماڻهن جو هڪ وڏو ٽولو (۽ ان جي ڪڍ ننڍا ننڍا ٽولا) آيو، جنهن پاڻ کي ’آريو‘ پئي سڏيو ۽ جڏهن هتي جي ماڻهن تي هڪ ڊگهيءَ ويڙهه کان پوءِ قبضو ڪري حاڪميت ڄمايائين، تڏهن هتان جي رهواسين کي ’اڻ-آريو‘، ’داس‘ ۽ ’ڪرشن‘ سڏيائين. اهو ٽولو لاڏائو هو، جنگجو (يعني جهنگلي فطرت رکندڙ) هو، شڪاري هو، جانور پالڻ ته ڄاڻيندو هو، پر زراعت جي معاملي ۾ ڪورو ڄٽ ۽ هن جي ٻوليءَ ۾ سُر جهڙوڪر هئا ئي ڪو نه ۽ موسيقيءَ ۽ نرت جهڙن نازڪ ۽ نفيس فنن کان اڻ واقف هو. هو نرت کي جادوءَ جو عمل ۽ موسيقيءَ کي هڪ عجيب ۽ ڀوائتي شيءِ سمجهندو هو ۽ ظاهر آهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ سُر جهڙوڪر موجود ئي نه هجن، اها ڪيڏي نه کهري ۽ اڍنگي هوندي، جڏهن ته منجهس وينجڻ به گهٽ هئا.

جن کي ’اڻ-آريو‘، ’داس‘ ۽ ’ڪرشن‘ سڏيو ويو، اهي شڪاري دور ٽپي زرعي دور ۾ پهچي چڪا هئا. انهن پنهنجا ڳوٺ ۽ شهر اڏڻ ڄاڻي ورتا هئا. انهن هڪ هنڌ ٽڪي پنهنجو کاڌو پاڻ اپائڻ جو هنر ڄاتو پئي. وٽن موسيقي به هئي ته نرت به، مجسمي سازي به هئي ته چٽسالي به ۽ وڏي ڳالهه ته ڪيترائي وڌيڪ وينجڻ رکندڙ سُرن واري سُريلي ٻولي به هئي، جنهن کي لکڻ ۽ ڇپڻ پڻ ڄاڻيندا هئا.

1-       ’سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ۽ مکيه يا خاص ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌيءَ جي ڪهڙي به لفظ جو پهريون توڙي پويون اکر ’ساڪن‘ ڪونهي. سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ يا ته ڪو حرف علت، يا ته اعراب آهي ئي آهي. اهو نمونو، ڪشميري ۽ اُڙيا (يعني اوڙيسا) جي ٻولي) کان سواءِ، ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ ته ڪانهي، پر خود سنسڪرت ۾ به ڪانهي!‘

(ڀيرومل: ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، ص-223)

2-      سنڌي ٻوليءَ ۾ ”لفظن جي وزن“ جو خيال رکيو ويو آهي، جنهن جي نشاندهي ڪاڪو ڀيرومل هيئن ڪري ٿو: ’ڇوڪرو‘ مؤنث ’ڇوڪري‘ پر ’ڇوڪرُ‘ مؤنث ’ڇوڪرِ‘. هتي ’ڇوڪرو‘ (او پڇاڙي) جو اچار گهٽائي ’ڇوڪرُ‘ (اُ پڇاڙي) ڪيو اٿئون. ساڳيءَ ريت، ڇوڪرو جمع ڇوڪرا ۽ ڇوڪرُ جمع ڇوڪرَ ـــــــــ انهيءَ ريت، جمع جوڙڻ مهل به جمع واري ’آ‘ پڇاڙيءَ کي گهٽائي ’اَ‘ ڪريون ٿا. ايئن ڄڻ ته لفظ جو وزن پورو ڪري بيهارجي ٿو. رڳو شعر ۾ وزن جو خيال ڪبو آهي، پر هن ريت مؤنث ۽ جمع جوڙڻ مهل وزن جو خيال رڳو سنڌي ٻولي ڪري ٿي.

(ڀيرومل: ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، ص-225)

(ڪاڪو ڀيرومل انهن سڀني عالمن مان هڪ آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي هڪ بگڙيل لهجي جي ڌيءُ يا پوٽي سمجهن ٿا.)

ان ٻوليءَ کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’موهن جي دڙي جي ٻولي‘، ڊاڪٽر غلام علي الانا ’پراڻي سنڌي‘ (جيڪا ختم ٿي وئي) ۽ سراج الحق ميمڻ ’پروٽو-سنڌي‘ سڏيو آهي. مون کي ته اهي ٽيئي رايا ساڳيا ٿا محسوس ٿين. سراج صاحب جي خيال موجب، اها ئي سنڌي، ويس مٽائيندي، هاڻوڪي روپ کي پهتي آهي.

هڪ ڳالهه سڌي آهي ۽ منطقي طرح به نتيجو هي ٿو نڪري ته، ان موهن جي دڙي واريءَ پراڻيءَ يا پروٽو سنڌي ٻوليءَ کي ’سم‘ نه ڪيو ويو. اها ڪا ٻي ٻولي هئي جنهن کي ’سم‘ ڪيو ويو. اها ڪهڙي ٻولي هئي ۽ ان کي ’سم‘ ڪرڻ جي گهرج ڇو محسوس ڪئي وئي؟ هن سوال جي پوئين حصي جو جواب اڳ ۾ ڳولڻو پوندو.

ڪنهن به ٻوليءَ کي ’سم‘ ڪرڻ (سڌارڻ، سنوارڻ، سهنجائڻ) جي گهرج ڇو ٿي محسوس ڪجي؟

مثال لاءِ، اسان کي ڪجهه ڳالهين تي ڌيان ڏيڻو پوندو:

1-       سنڌي صورتخطي ڦيرائي، رومن (انگريزي) الفابيٽ مقرر ڪرڻ جي نيت ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن وٽ موجود آهي، جيڪي پاڻ کي سنڌيءَ جو گهڻگهرو سمجهن ٿا. هو ان لاءِ ڪيترائي دليل ڏين ٿا ۽ سندن چوڻ موجب ان نموني سنڌي ٻوليءَ کي تيز رفتار ڪري ۽ ترقيءَ جي راهه تي آڻي سگهجي ٿو.

2-      لڳ ڀڳ سڀني سنڌي عالمن، سياستدانن، ڏاهَن ۽ اڪابرن جو خيال آهي ته سنڌي ماڻهن کي انگريزي ضرور سکڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ خاص طرح سائنسي ۽ تحقيقي مواد ججهو آهي. ڪي ته ان راءِ جا به آهن ته انگريزي اصطلاحن جو ترجمو ڪرڻ بنا ئي سنڌيءَ ۾ آڻي پنهنجائڻ گهرجن.

3-      اهي سڀ ڳالهيون ان ڪري ڪيون وڃن ٿيون، جو انگريزيءَ کي هڪ سڌريل ٻولي سمجهيو وڃي ٿو ۽ سنڌيءَ کي ان جي ڀيٽ ۾ کٽل ۽ سُڃي!

4-      انگريزيءَ جهڙي سڌريل ٻولي به جڏهن ٻين ٻولين جا ڪي لفظ پاڻ وٽ آڻي ۽ جذب ڪري ٿي ۽ تمام گهڻا لفظ آڻي ۽ جذب ڪري ٿي، تڏهن وٽس هزارين لفظن کي صحيح طرح اچاري سگهڻ جي قوت جي کوٽ چٽيءَ طرح محسوس ٿئي ٿي، ڇو ته وٽس ڪيترائي وينجڻ ناهن. مثال طور، ’جامع سنڌي لغات‘ پٺيان ڏنل اها فهرست ڏسو، جنهن ۾ سنڌي وينجڻ کي انگريزيءَ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي يا ’انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا‘ ۾ خاص طرح عربيءَ مان آيل لفظن جي اچارن کي ڏسو. هتي چيني ۽ ويٽنامي ٻولين مان ٻه لفظ ڳالهه کي چٽو ڪرڻ لاءِ ڏجن ٿا. انگريزي ۾ هڪ نالي MAO TSE-TUNG ۽ هڪ خطاب NGOYAN کي ڏسو. اسين انهن لفظن کي ’ماؤ زِي تنگ‘ ۽ ’نگويين‘ لکندا آهيون. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي حوالي سان ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ايئن لکڻ جي باوجود صحيح اچار ظاهر نه ٿو ٿئي. هاڻي ’تسي‘ ۽ ’نگويين‘ تي ڌيان ڏيو، جن ۾ ’ت‘ ۽ ’ن‘ ساڪن ڪري رکيا ويا آهن. ڄاڻايل لفظن کي غلط اچاريندڙ ٻوليون چيني ۽ ويٽنامي سمجهجن يا انگريزيءَ کي سڏجي؟

جيڪڏهن ڪا ٻولي سڌريل ۽ اڳتي وڌيل سنڌي ٻوليءَ (سنڌ جي ٻوليءَ، موهن جي دڙي جي ٻوليءَ، پراڻي سنڌيءَ، پروٽو-سنڌيءَ) جي ڱ، ڳ، ڄ، ڃ، ڏ، ڻ، ٻ وغيره کي غلط اچاري ۽ انهن کي نگ، گگ، جج، نج، ڊ/ڊر/در، نن، بب وغيره اچارڻ لڳي، يعني هڪ اکر ساڪن رکي (جيئن تسي ۽ نگويين ۾ انگريزيءَ رکيو) ته ڇا چوڻ گهرجي: اهي آواز سنڌيءَ ڦيرايا يا سنڌيءَ جا ڦيرايا ويا؟

جان مارشل چيو هو ته ڪن ڳالهين ۾ سنڌو ماٿر جي تهذيب ميسوپوٽيميا ۽ مصر جي تهذيبن کي به شهه ڏئي وڃي ٿي.

اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي زور تي شهه ڏئي وڃي ٿي؟

’آرين‘ جي اچڻ کان به هڪ هزار سال اڳ ۾ سنڌي سماج ۽ سنڌي ٻولي وڌيڪ اسريل هئا، وٽن موسيقي ۽ نرت به موجود هو. ’آريا‘ کين ’اڻ آريا‘ سڏڻ باوجود سندن موسيقيءَ، نرت، سڌريل سماج ۽ ڇاپي هيٺ ايندڙ ۽ سڌريل ٻوليءَ کان ڊڄندا هئا. انهن شين کي سمجهڻ ۾ کين پنج سؤ سال لڳي ويا ۽ پنج سؤ سالن کان پوءِ کين هڪ ٻوليءَ کي ’سم‘ ڪرڻ جي گهرج شدت سان محسوس ٿي.

سڌي ڳالهه آهي ته اها سندن ئي (لڳ ڀڳ بي سُري ۽ کهري) ٻولي هئي، جنهن کي هنن ’سم‘ ڪيو ۽ ’سنسڪرت‘ سڏيو. سنڌي ٻولي سندن آڏو ’فريم آف ريفرنس‘ هئي (جيئن اڄ سنڌين لاءِ انگريزي ٻولي ’فريم آف ريفرنس‘ آهي).

جڏهن سوين ميسارجي ويل پنهنجي وقت جي شاندار ٻولين کي ڏسجي ٿو (جن جو چڱو چوکو ذڪر ’فاتحن جي دنيا‘ ليکڪ يوسف شاهين، ۾ موجود آهي)، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي اڻمئي ۽ جٽادار سگهه کي بي اختيار مڃڻو پوي ٿو. صدين کان وري وري غلاميءَ هيٺ رهندڙ ٻولي، جنهن جي الفابيٽ ئي ختم ڪئي وئي، ڳالهائجڻ ۾ جيئري رهجي آئي آهي، اهو سنڌين ۽ سندن ٻوليءَ جو انتهائي شاندار ڪارنامو آهي. مٿان وري اهو ته پنهنجيءَ جهوليءَ ۾ انهن سڀني ٻولين جا هزارين لفظ سمائي، پنهنجي مزاج موجب ڦيرائي، پنهنجا ڪري ڇڏيائين.

حقيقت ۾ سنڌيءَ جي بقا جا وڏا، اهم ۽ بنيادي سبب ٽي آهن:

(1)    سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي مستقل مزاجي،

(2)   سنڌي ٻوليءَ جي قاعدن ۽ قانونن جي بي پناهه پائداري، ۽

(3)   سخت قانونن باوجود انتهائي لچڪ پذيري.

 

ڌيان ڏيو

وياڪرڻ ۾ ضميري پڇاڙيون (جن کي ڪٿي ڪٿي ’وِچاڙيون‘ به سڏي سگجي ٿو) ۽ انهن جي ميلاپ سبب ٺهندڙ لفظ انتهائي نازڪ ۽ نفيس ٿين ٿا ۽ بنيادي ۽ اهم حيثيت رکن ٿا. اهي ايڏيءَ ته بي ڌيانيءَ ۽ بگاڙي جو شڪار ٿيون آهن جو لفظن ۽ جملن ۾ سندن موجودگيءَ کي محسوس ئي نه ٿو ڪيو وڃي. ان جو پڪو مثال زمان حال ۾ ’ڪرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ وارن فعلن جا ڦيرا آهن.

جيئن ئي منهنجو انهيءَ ڳالهه تي ڌيان ويو، هڪ پاسي هيءُ مضمون لکڻ شروع ڪيم (جيڪو لکڻ جاري هو ته ان وچ ۾ ٻيو مضمون ’هر هڪ لفظ هيري کاڻ‘ به لکي ورتم) ۽ ٻئي پاسي ڪجهه پڙهيل ڪڙهيل دوستن ئي نه، پر عام ماڻهن سان به ان موضوع تي ڳالهه ٻول جاري رکيم. جو آيو، جنهن ٻڌو، مون تي کِلڻ لڳو. چيو ويو ته معاشي ڳڻتيءَ ۽ گهڻِي، ناجائز ۽ غير ضروري سوچ ويچار نيٺ تنهنجا به تَرا ڪڍي ڇڏيا، ڪنهن ڪم جو نه رهين، چريو ٿي پئين، اڳ ئي چرين جي کوٽ هئي جو تون پيدا ٿيو آهين، هاڻي ڪندين ٻين جا به دماغ خراب، سنڌي ٻوليءَ جو ٻيڙو هاڻي وري تون ٻوڙيندين، ڄڻ ته بروهي ٿو لڳين، جيڪو پهريون ڀيرو هتي سنڌ ۾ آيو هجي، لڳي ٿو ته ڪا يورپي چِٻ اچي اسان وٽ پهتي آهي، ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه، ۽ مون ويٺي ٻڌو ۽ سوچيو ته سندن ڳالهايل جملن مان ڪهڙو جملو صحيح هو ۽ ڪهڙو غلط!

عجيب ڳالهه آهي: ٻوليءَ جي وياڪرڻ جو فعلي ترڪيبن ۽ ضميري پڇاڙين جهڙو اهم ۽ بنيادي موضوع ايڏيءَ بي ڌيانيءَ ۽ بگاڙي جو شڪار ٿي وڃي ۽ مٿان وري جيڪو صحيح ڳالهائي/لکي، ان تي ٽوڪ منجهان کليو وڃي ۽ جيڪو غلط ڳالهائي/لکي، ان کي ٺيڪ سمجهندي ڪجهه به نه چيو وڃي!

ڳالهه ڪجي اصول ۽ علم جي. مثال طور، ’مان آيو‘ (آيُم) يا ’مان لکندو‘ (لکندم) ۽ اهڙيون ئي ٻيون صورتون علمي ۽ اصولي طرح صحيح آهن ۽ ايئن ئي ڳالهائڻ ۽ لکڻ گهرجن. ايئن چوڻ سان ’بروهڪو‘ يا ’پرڏيهي‘ ٿي پوڻ جهڙو بي مغز عذر ڏئي، پاڻ کي هروڀرو، زوريءَ ۽ اجايو صحيح سڏڻ ڪو علمي رويو ناهي. هڪ ’بروهي‘ يا ’پرڏيهي‘ لفظن کي صحيح معنى ۽ مفهوم ۾ ڪم آڻي، جيڪڏهن صحيح اچاري ۽ ڳالهائي ٿو ته ان تي کلندڙ، ٽوڪ ڪندڙ کي ڇا سمجهبو؟ کلڻو ۽ ٽوڪ ڪرڻي ئي آهي ته ان تي ڪرڻ گهرجي جيڪو غلط ڳالهائي ۽ لکي ٿو.

رحم جوڳي حالت آهي! ٻين ٻولين جي قدرتي ۽ تاريخي وارثن کي اهو اونو ته پرڏيهي ماڻهو سندن ٻوليءَ کي بگاڙين ٿا، ان ڪري اهي پاڻ وٽ ايندڙ پرڏيهين کي اچڻ کان اڳ يا ايندي ئي پنهنجي ٻوليءَ جي سکيا ڏين ٿا، پر اسين سنڌي آهيون (جيڪي سياسي سببن جي ڪري پاڻ وٽ ايندڙ پرڏيهين کي پنهنجي ٻولي سيکارڻ جي پوزيشن ۾ ته ناهيون)، پاڻ ئي پنهنجي ٻوليءَ کي بگاڙيو ويٺا آهيون ۽ بگاڙيندا وڃون پيا. جڏهن ته اسان وٽ جيڪو پرڏيهي اچي ٿو، اهو ڪوشش ڪري يا اڻ ڄاڻائيءَ وچان اسان جي ٻوليءَ کي جيڪڏهن صحيح ڳالهائي ٿو ته اسين ان کي شاباس ڏيڻ بدران اٽلو مٿس کِلون ۽ ٽوڪون ڪريون ٿا! ٽوڪ لائق حيثيت ۾ ڪير هئڻ گهرجي؟

دنيا ۾ جو به ڏاهو ٿيو آهي، جاهلن پاران ٽوڪ، چٿر، تبرا ۽ ڌڪار جو شڪار ٿيو آهي، پر دنيا ۾ علم ۽ سائنس جي موجودگي ۽ واڌ ٻڌائي ٿي ته اڪابر ۽ عالم ماڻهن ۽ سچائيءَ ۽ علم اڄ تائين اڻ ڄاڻن ۽ جاهلن کان مات نه کاڌي آهي.

ضمير (ضمير پڇاڙيءَ جي صورت ۾) هوندي به ساڳيو فاعل وڌيڪ، ٻيو ڀيرو آڻڻ سبب هڪ وڏي غلطي ڪندا رهيا آهيون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اهڙين غلطين سان رچائي ’مالامال‘ ڪري ڇڏيو اٿئون. ڇا، اهڙين غلطين کي درست ڪري سگهجي ٿو؟

جيڪڏهن درست ڪرڻو ۽ رکڻو آهي ۽ وڌيڪ بگاڙي کان بچائڻو آهي، ته اسان کي وسيع ذهن رکي، مستقل مزاجيءَ سان اهو ڪم ڪرڻو پوندو. پهرين ذميواري عالمن ۽ ليکڪن، پبلشرن ۽ ايڊيٽرن تي اچي ٿي.

***

’اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون‘ ـــــــــ جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، تيئن منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ’ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصول موجب صحيح ڳالهايو؟‘

پنهنجيءَ ڄاڻ آهر مٿي ڏنل/لکيل ٿوري سوچ ويچار کان پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته مون اهو جملو غلط ڳالهايو. هي جملو صحيح تڏهن ٿيندو، جڏهن هيئن چئجي يا لکجي:

’اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچندا.‘

يا

’توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون.‘

هن جملي ۾ لفظ ’ٺيڪ‘ شدت، اسٽريس پيدا ڪري ٿو، اهو ساڳيو جملو بنا شدت جي هيئن چئبو يا لکبو:

’اسين توهان وٽ شام جوٺيڪ ڇهين وڳي پهچندا.‘

يا

’توهان وٽ شام جو ڇهين وڳي پچهنداسون.‘

هن جملي ۾ ’توهان‘ جي بدران به ضميري پڇاڙي ڪم آڻي سگهجي ٿي:

’شام جو ڇهين وڳي پهچنداسونوَ.‘

۽ جيڪڏهن شدت سان چوڻو آهي ته:

’شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسونوَ.‘ (’ٺيڪ‘ بدران ’هر حالت ۾‘ به چئي سگهجي ٿو.)

’اسين توهان وٽ پهچندا‘ جي بدران ’پهچنداسونوَ.‘

ضميري پڇاڙي هڪ بهترين، نازڪ ۽ اهم خصوصيت آهي. ٻوليءَ کي سهڻو ۽ سهنجو ٺاهي ٿي، ۽ نه رڳو جملي کي ننڍو ڪري ٿي، پر ان کي سولو ڪري ڳالهائڻ ۾ وقت ۽ لکڻ ۾ وقت، جاءِ ۽ فالتو پورهيي کان بچائي ٿي. اسان ضميري پڇاڙيءَ جي اصولي فائدن کي تباهه ڪري، بي ڌيانيءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ وچان هڪ اجايو بار پاڻ تي وڌائي ڇڏڻ سان گڏ ٻوليءَ جي فطري سونهن ۽ جوڙجڪ کي به هاڃو رسايو آهي (جيڪو صدين کان ڪاهيندڙ ڌاريا به نه رسائي سگهيا).

ڇا، سنڌي ماڻهو، خاص ڪري عالم، ليکڪ ۽ پبلشر، وسيع ذهن رکي، پنهنجو پاڻ کان هي سوال ورجائي ورجائي پڇي سگهون ٿا:

’ڇا، مون هي جملو صحيح ڳالهايو/لکيو/سوچيو/ڇپيو؟‘

 

***

 

(ٽماهي ’مهراڻ‘ ڄامشورو، 1-2/1994ع تان ورتل)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com