سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :16

 

ڪافي 80

تو کي جاني نه جڳائٖي ٿو، رُسَڻ نماڻين سان!

جٖيهِي تٖيهِي تانهنجي آءٌ اَصلَ کَون آهيان،

اوهان جي تا اَچڻ جو، آسَرُ هَڏِ نه لاهيان،

سِرَ تي نينهُن فراقَ جا، هي مينهڙا وسائي ٿو.

پَري ڪر نه پاڻَ کَون ڏي دلبَر دلاسو،

توريءَ سُجهي ڪونڪو، مون کي پِرين ٻيو پاسو،

جٖيهي تٖيهي اَصل کَون، هيءَ سَندَو و سڏائي ٿو.

سکن مٿي ڏکَڙا، ٿي محب مَٽايان.

غم خوشيءَ کان اَڳَرو، آءٌ ڀليرو ڀايان،

مُنهن مُقابل تانهنج، اهو گوندر گڏائي ٿو.

اَڱَڻ نَماڻِيءَ جي تون، اَچِج الله ڪاڻ.

هٖيڪر هوتَ ڪَريج تون، ڀيرو منهنجي ڀاڻ،

سوز تنهنجو سُپرين، هِت سانولَ سِجائي ٿو.

وٺي ويٺِي آهي اهو وعدو ويچاري،

ڳچيءَ پائي ڪپڙو، هيءَ ڪري ٿي زاري،

”سچو“ سگ اوهان جو، هِتِ پانڌي پُڇائي ٿو.

 

ڪافي 81

خبر ڪا مون ڏيو ساٿيو، سائين، عجيبن جي اَچڻ جِي!

ڪيچيڙن جو قافلو، وچينءَ رات ويو.

اِئين نه ڇڏيو ڇَپَرين، هيءَ تا نال نِيو.

توڙي وِرهِ وهاريو، ڪنديس ڪو نه ٻيو.

وندر سنديءَ واٽ تي، مون صدقي سِرُ ڪيو.

ڇڏ ساها سنبر، ”سچو“ ري، جي تو پور پيو.

 

ڪافي 82

جاني تو نه جڳائي، رُسَڻ نِماڻِيءَ سان!

دوست اوهان جي دَرَ تي، ويٺي ورهِ وسائٖي.

ٻاهر ٻانهِي تانهنجي، سانولَ هيءَ سڏائي.

اَچڻ لاءِ اوهان جي، پانڌي روز پُڇائي.

فالان فلَڪ فراقَ جون، وو، وَريتِن کان وجهائي.

سُوال ”سچوءَ“ جو سپرين، عجز ساڻ اَگهائي.

 

 

 

 

ڪافي83

کنيو نيڻَ نِهار، ڙي ميان، ڀلو منهنجا يار ڙي ميان!

مون مَنُ گڏي گوندرين، ٿئين ڪيچ قرار.

ڏکيا سُکيا ڏينهڙا، گڏ غريب گذار.

دلبر پنهنجي دل کَون، ويچاري نه وسار.

منهن نه مون ٻئي پارَ ڏي، پنهنجي ڪَڍ قطار.

”سچو، آهين اسان جو، هنجون هَڏ نه هار!“

 

ڪافي 84

سِڪَ هُئي جنهن جي سِر، وو، دوست آيو اسان جي در!

پِرين وَڙَئون پانهنجي، ڪَئي ويچاريءَ ڏي ور.

هيءُ سِرُ ڪريان صدقي، گُهوٽ اَچي مون گَهر.

ڏٺم هِن اَکين سان، پِرين موچاريءَ پَر.

جاءِ ڪيائون جيءَ ۾، ٺَهريا هَڏِ نه ٺَرِ.

قُربَ ڪارڻ سُڻ ”سچو“ ري، ڪوشش ڪائي ڪر.

 

ڪافي85

ڏنو هِي پانڌيءَ پيغام: ”تنهنجي اَڱَڻ اَڄ يار اَچي ٿو!

”عاشق عجيبن جو، توکي سَوَ لکه آهي سَلام.

”سڀ قبوليو سُپرينءَ، جيڪو ڪَيُوَ ڪلام.

”پڪو آهي پِرينءَ جو، توسان اَڄُ اَنجام.

”روءُ نه رت اکِين مَون، عاشقَ ڪر آرام.“

”سچو“ گڏجن، پوءِ ڀي آهِ نه طَلب تمام.

 

 

ڪافي 86

هوتَ پارئون مون کي هاڻي، ڏنا نِينهن نياپا هٖي.

”هٿئون پَئي پانهنجي ميان، عذر ٻيا ڪيها آڻي.

”اوتٖين ڪهڙيءَ ڳالهه کَون، پِنبڻين مَون پاڻِي.

”ويٺينءَ ڪيئن ڀنڀورَ ۾، سُورَ هئئِي جي ساڻِي.

”سچو، تو کي ساهَ کَون، آهي اوڏو آرياڻِي.“

 

ڪافي 87

ڪيچَون آيم ڪالهه، سي تا سُڻو سَنِيها!

”ڳالهيون ڪندي گُذريئِي سوَ راتيون تو کي سالَ.

”اُڪنڊ اسان ڏي ڪا نه تو، ڏينهن اِتي جاليئي جال.

”ڪنهن جي ڪارڻ تو ڪيا لَڪَ روئِي سڀ لالَ!

ڪَيئي نه قطري جيتري، ساعت هِڪ سنڀالَ!“

ٻُڌي ڏوراپا مون ٿيو، جِيَڻ منجهه جنجالَ.

جن لَئي ڏونگر ڏوريان، تن ڀِي هِهڙا حالَ.

’سي سڀ تنهنجا اگهيا، جي ڪيئَي ڪالَ ڪشالَ.

’ٻڌندو ٻاروچو وري، ”سچوءَ“ جا ڀي سوالَ.

 

ڪافي 88

مون ڪَر تا ڪِين پُڇيائون، هاڻي ڪانگَل ڪَلَ ڪا ڏي!

ڏوٺَ ڏوراپا وو ڪيترا، ميان اَلا، سي سخت مڪائون،

- هِت حالَ اسان جا هٖي.

سگها ايندا وو سُپرين، ميان اَلا، ڪي تا پاڻ اتيائون،

- جڏو جيءُ جيارن جٖي.

ڏاها ڏيهه وو پِرين جي، ميان اَلا، آهيان اٻاڻڪو آئون،

- منهنجو هِي نياپو نٖي.

طَعنا طَرفَون وو تانهنجي، ميان اَلا، هِن ڏکِيءَ کي ڏنائون،

- سائِين سڀَ قبولِيم سٖي.

سٖي نه وسارج سُپرين، مين الا، ساڻ ”سَچوءَ“ سَمجهائون،

- اُهي قولَ ڪيا هٖي ڪٖي.

 

ڪافي 89

يار منهنجو يا، ڪَئِي ڪَئِي صورتَ سير ڪَري ٿو!

ڪاٿئين ٻُڍڙو پِير ٿيو، ڪاٿئين ٻولي ٻار.

ڪاٿئين بيراڳي ڦِري، ڪاٿَئين ڪَيُس قرارُ.

ڪاٿئين وظيفن ۾، ڪاٿَئين خم خمار.

ڪاٿئين آهي باشاه، ڪاٿئين چوبدار.

ڪاٿئين پٖيرين پنڌ ڪري، ڪاٿئين گهوري جو هسوار.

ڪاٿئين ”اَحد“ ٿيو ”اَحمد“، ڪاٿئين ”عَبدالحق“ اظهار.

آهي دلَبَر دوست جو، ”سَچُو“ سَڀ سِينگارُ.

 

ڪافي 90

ڳالهه ڪَريان آءٌ ڪٖهي، حالَ پنهنجي جي، ڙي جيڏيون!

ڪالهه ڪالهوڻٖي سُپرين، ويا وَٽئونَ مُون ويهِي.

ڇڏي شهر ڀنڀور کي، ويا پهاڙين پيهِي.

ڪري پريشان ويا، درد منديءَ جي ديهِي.

آءٌ اُنهن جِي آهيان، جٖيهِي جي تيٖهٖي.

مارڻ پوءِ جيارڻ، رَسمَ اُنهن جِي ايهِي.

”سچو“ سوز فراق جا، بارَ کَڻَن ڪٖي نٖيهِي.

 

ڪافي 91

هوتَ ڏَهون هاڻي آيُون، مون ڏي خوشخبران هٖيؐ

”اَچِي اَڏيون ٿا اوڏڙيون، جارِ اَوهانجڙي جايون.

”ڇڏي شهر ڀنڀور کي، پٖيرَ وري اِيڏي پايون.“

ٿيون جِيارن جيٖڏيون، اِهي ويچاريءَ کي وايون.

”سَچوءَ“ سَنديون دانهڙيون، دوستَ وري وَرنايُون.

 

ڪافي 92

هوتَ اوهان تي آءِ، مينا، سارو نَنگُ نِماڻِيءَ جو!

سائينءَ ڪارڻ سُپرين، پٖيرَ اَڱَڻ منهنجي پاءِ، ميان.

پِرين وَڙَئُون پانهنجي، لَئُن نماڻِيءَ سان لاءِ، ميان.

ماڻهو شهر ڀنڀور جا، ساهَ نَه اَچَن ساءِ، ميان.

ڏسنديس آءٌ اکَڙين سان، جانبَ تنهجِڙي جاءِ، مينا.

ڪاري ڳُڻَن تانهنجي، ”سَچوءَ“ کي هاءِ هاءِ، ميان.

 

ڪافي 93

هوت اَچَڻ جِي ڪا ڪَر ميان: پانڌي روز پُڇايان ٿي!

راتو ڏينهان روحَ کي، سِڪَ اَوهانجِڙي سَر، ميان-

تو لئه هِت ڪانگ اُڏايان ٿي.

سِر توئِي تَون صَدقي، گهوٽَ اَچٖين جٖي گَهر، ميان-

گُهوريو پاڻُ گُهمايان ٿي.

اينديس اَهڙي حالَ سان، دوستَ اَوهانجڙي دَر، ميان-

ڳِچيءَ پَلئه پايان ٿي.

پِرين پارئوپن تانهنجي، ٿِي ويچاريءَ جِي وَرِ، ميان-

ويٺي ڏکَ وسايان ٿي.

سارو مطلب مون ٿئي، پِرين اَچٖي ڪنهَنِ پَرِ، مينا-

هِت پوٿيون پٽايان ٿي.

”سچوءَ“ اُتٖي سپرين، دست مُبارڪُ ڌَرِ، ميان-

سَنديَو يار سَڏايان ٿي.

 

ڪافي 94

هِنيڙي ڳالهيون ياد، آريءَ ٻاروچٖي جيون!

ويا ويساهٖي نِڪري، عشق ڏيئي اِمداد.

ڀٖينر شهر ڀنڀور کَون، آءٌ ٿينديَس آزاد.

اُنهن ٻاجهون جيڏيُون، عُمر مِڙيئي بَرباد.

درد مندن جِي دلڙي، شالَ ڪندا سٖي شاد.

”سَچوءَ“ سَندي سَرتيون، پُنِي سَڀ مُراد.

 

ڪافي 95

آءُ ڪوهيارلَ ڪائِين، وري ويڙهو وسائِج ِ، مينا!

ٻانهون ٻانهَن جان ٻڌي، مينا اَلا. پاند ڳچيءَ ۾ ٿي پائين-

مون تَون چت نه چائج، ميان.

مونهون مَدايون ٿِيڙيُون، ميان اَلا، ٿِيَس اِيلازڻ آئِين-

پِرين پاڻ پسائِج ميان.

آءٌ ڪنيزڪ تانهنجي، ميان اَلا، تون تا منهنجڙو سائِين-

پيو عيب نه لائِج،ميان.

ڏيئِي حالُ حلاجَ جو، ميان اَلا، ”سَچوءَ“ کي سمجهائِين-

سارو سِرُ سُڻائِجِ، ميان.

 

 

ڪافي 96

آءُ اَچي رَهُ رات، ڀَلو منهنجا يارَ وي!

راتپو ڏينهان روحَ کي، آهِي اوهانجِڙي تاتِ.

مَشر آهي مُلڪَن ۾، سَنديَو ڏاڍي ذاتِ.

اَچَڻ ريءَ اوهان جي آهي، هِنيڙي کي هيهات.

”سَچوءَ“ کي تِنهن سِرّ جِي، ڪاڏهون ٿيندي ڏات.

ڪافي 97

آءُ ويڙهٖي تا وسُ، وي ڀَلو ، پُنَهلَ يار مينا!

پِرين مون کي پانهنجو، ڏاها ڏي ڪو ڏَسُ، وي.

نِماڻِيءَ جو حالڙو، پِريَم اَچِي پَسُ، وي.

ڪاهي اِندي ڪيچَ ڏي، گولِي وٺِي گَس، وي.

پَوي پاڄياڻيءَ جو، تو کي مانَ تَرس، وي.

سوز اوهان جو سُپرين، ”سچوءَ“۾ آهه سرس، وي.

 

ڪافي 98

اَچي لايو ڪِيئن ، سڄڻ، تو تا نِيهن نماڻِءَ سان!

ماريَس انهيءَ مامِري، هوتَ ڪندين ڪو هيئن.

سا تا ڪيئي پانهنجي، جاني وڻيئِي جيئن.

جهڙي پُنهل تو ڪَئي، آءٌ پُڻ ڪريان تيئن!

ڪان وٺندي ڪڏهِين، نالو سَندو نيهَن.

وري وهاريو ويجهڙو، ”سچو“ پنهنجي سِيئن.

 

 

ڪافي 99

اِهو ڏونگَرُ ڏهاڻين، مون ڏوراپو ٿو ڏئي!

”هاري هِهڙا هوت تون، ٿي ويجها وسارين.

”هيڏي هوڏي ٿي گهمين، تون نال نه نهارين.

”ڀنڀورئون بيزار ٿي، چي سانول سنڀارين!“

پاڻ ”سچو“ تون پاڻهين، وڃي ساڻن سَلهاڙين.

 

ڪافي 100

وسئونَ تا نه وساريو، ڀلو يارَ ڙي،

آءٌ اوهانجڙي آهيان، ڀلو ميان!

سِڪائيءَ ڏي سُپرين، کڻي نيڻ نهار.

هيڏي نه ڇڏين؛ پنهنجي ڪَڍ قطار.

توکي ڏسان مون ڏَسين، پِرين ڪهڙي پار.

”سچو“ صَبر ۾ رهِي، گوندر ڏينهن گذار.

 

ڪافي 101

هُئِي نه مون ڪَلَ ڪائِي، سِرُ اِنهيءَ جي ڙي جيڏيون!

اڳ نه سُيَم ڪڏهين، هِيءَ وراڻي واري وائِي.

ڳالهه نه ڳَرهڻ جهڙي، سائين جا سمجهائِي.

ڏوهَ ثوابَ جِي ڳالهڙي، سڀ ويساهَ وڃائِي.

سائِي حقيقت حالَ جِي، سِر اَچانڪ آئِي.

”سچو“ سانڀِجِ ڳالهڙي، پرينِ جا پُرجهائِي.

 

 

 

ڪافي 102

رهبر روز بروز، اَچن مون ڏي يار جا!

ڪنهن کي سَليان سَرتيون، سُپريان جو سوز!

اَندر منجهه عجيب جي، ڪيڙو سِڪ سروز.

هيڪَند ڪارڻ ٿِي ڪريان، خاطر اندر خوض.

شال ڪنهين تٖي نه ٿئي، سندو جانب جوز.

”سچو“ اجهو آئِيو، آرياڻي اِمروز.

 

ڪافي 103

طعنا سِرَ تِي سهندِي آن، سَرتيون ساري لوڪ جا!

ٻاجهون ٻاروچل جي، راتيون هِت ڪا رهندي آن.

ڪاف منجهارئَون ڪاڪيون، لَعلن لوري لهندي آن.

ڀينر هِن ڀنڀورَ ۾، ريءَ ٻاروچي نه ٻهندي آن.

”سچو“ سَچيءَ سِڪ کَون ، ڪيچين ڪَڍَ ڪَهندي آن.

 

ڪافي 104

دل جيون ڳالهيون، ميان ، آءٌ تا توسان اوريان!

گُجهيون ڳاهيون ڪريان ڪَن سان،

تَڪَ ويٺي ٿِي توريان.

سَڳو تنهنجي سيڪ جو، ميان، ساه اَندر ٿِي سوريان.

سڪ اوهان جي سَر ٿي، ميان، ڏيهه ساروئِي ڏوريان.

راتو ڏينهان ڪاڻ اوهان جي، چت ۾ چرخو چوريان.

اڱڻ ”سچوءَ“ جي آءُ تون پيارا، پاڻُ گهڻوئِي گُهوريان.

 

 

ڪافي 105

هينئن نه مون کي ماريو، اوڙڪَ اَوهانجڙي آهيان!

ٻانهِي آهيان وو تنهنجي ٻاروچا، پورهيت پنهنجي پاريو-

سَڱ نه ٿي ڪو ساهيان.

آسروندي وو آهيان، مينا، واڳَ مُئيءَ ڏي واريو-

لالچ نه ٿي لاهيان.

ڏاڍا ڏونگر لَڪِيون، ميان، توهَ پنهنجي سان تاريو-

ڇَپَر اڳيون نا ته ڇاهيان.

آءٌ اوهانجڙي وو آهيان، ميان، وسئون ڪِيَم وساريو-

جوڙَ اوهان جڙي آهيان.

سانول اِنهيءَ وو سڌ ۾، ميان، ڳالهين تنهنجِن ڳاريو-

ڪيچَ وڻن ڏي ڪاهيان.

آءٌ اُڪَنڍي وو هوتَ اوهان جي، ”سچو“ ڪِي سانول ساريو-

ڳاهُ بِرهَ جو ٿي ڳاهيان.

 

ڪافي 106

رهو مون وٽ رات، اَڙي پانڌيو پرين جا!

آءٌ اوهان تَون صدقي، جا وائي مِٺيَو وات.

پَسان اَکَڙين روح سان، ٻآروچاڻِي ذاتِ.

راتو ڏينهان روح کي، تن جِي آهي تاتِ.

هُئٖي هميشه ساٿيو، ”سچو“ سَندوَ ساٿ.

 

 

 

 

ڪافي 107

تون آءُ ارياڻي اوري، تنهنجي دامن لڳڙي آهيان!

سِر پنهنجو سَرتيون، آءٌ گَهرئون آيَس گُهوري.

ڪامِل ڪڏهن ڪينڪي، آءٌ ڏونگر سگهان ڏوري.

ڪا جا تُند طلب جي، چِتِ وئين تون چوري.

نيو نماڻِي پاڻَ سان، تِرُ نه رهي هِت تو ري.

”سچو“ سَگ اَوهان جو، ڪيئَن پُڄي تنهنجٖي ٿوري.

 

ڪافي 108

مون کي تايو طبيبن، ميان، ٻَن ٻُڪِيون وجهان تَن جون!

نَظَر ساڻُ نِهال ڪيو، هاريون حَبيبن، ميان.

آزارئون آزاد ڪيو، اَچي عجيبن، ميان.

دل کي دلاسو ڏنو، ڪاڪيون قَريبن، ميان.

ڏيندا ”سچو“ سپرين، گوش ڀِي غريبن، ميان.

 

ڪافي 109

نينهن ڏاڍي سان لايوسي،

آءٌ تا هاڻِي ڪيئن ڪريان!

عشق سَولو سَرتيون، هِت ڀينر ڀايوسٖي.

پُڇي اسان جا پَکَڙا، اَديون اجهو آيوسٖي.

ڀينَر شهر ڀنڀور جي، هِت طعنن تايوسٖي.

جو ڏنائون جيڏيون، سو پَلئه پايوسٖي.

سوئِي ”سچو“ سِر تي، هاڻي چُمي چايوسٖي.

 

 

ڪافي 110

اسين آهيونَ ڇا اَسين آهيون؟

ٻيلي، نٿا ڄاڻون، ڇا اَسين آهيون!

ذري باران برساتيون لايون، ذري ٻَرن ٿيون وڏيون باهيون.

ذري پڙهيون ٿا نمازان روزا، ذري لوچَ مٿي تَون لاهِيون.

ذري چئون ٿا ”آهيون اَسين ئي“، ذري چئون ٿا ”اصل ناهيون“

ذري آرام آهي هِن دل کي، ذري وهايُون نيڻَئون واهيون.

ذري چئون ٿا ”اَسان پاڻ سُڃاتو“، ذري چئون ٿا ”اَسين ڇا هيون“

”سچو“ اصلئون سوئي آهين، ٺاهُ هتي ڪيهو ٺاهيون!

 

ڪافي 111

محبت مست مجنو ڪيا، ڪَئين خاصا خماري، لو...

اصل کُون عاشقن آهي مٿي سُوريءَ سواري، لو...

هِتَئون مُنهن سا نه موڙيندي، هوندي جا وره واري، لو...

سڻو جا مير محبت جِي، ڪُٺَن کي ڪوٺَ ڪاري، لو...

جنين کي جوشَ جاڳايو، تنين ڪهڙي تياري، لو...

ڇَڏي هِي عيشَ عالَمَ جا، هليا سي هيڪ واري، لو...

پيا سٖي هُوءِ حيرتَ ۾، ڇڏيئون سُڌ سارَ ساري، لو...

بِرهَ جي بابَ ڏس تن کي، سڀا وائِي وساري، لو...

سدا تن آهي ساجَن جي، اَچڻ جِي انتظاري، لو...

”سچيڏنا“ سَمجهه ڪِي هَتهين، مَتان ٿِئين هُت مياري، لو...

 

 

 

 

ڪافي 112

ڪڏهن اَلاجي اِيندا، يار سانگيڙا، ميان!

سِگهي اَچَڻ جون ڪانگ اسان کي، اَچِي واڌايون ڏيندا.

ڏيئِي دلاسا دل منهنجيءَ کي، نال نماڻِي نيندا.

اِهي اُميدان آهن اسان کي، هِڪُ ٿَڪِيءَ سان ٿيندا.

ڪين ڏسندا ڏوهن اسان جن ڏي، بَديون سڀ بخشيندا.

آهي اوسيڙو اکڙين کي، گولِي ساڻ گڏيندا.

ڪيچَ وڻن کَون پَٽٖي سي پَکَڙا، آڻي هِتِ هوتَ اَڏيندا.

جٖيهو تٖيهو ”سچُو“ سَندن آ، پانهِنجو ڪِينَ ڇڏيندا.

 

ڪافي 113

سرتيون ڏيَن صَلاحان، ’چت تَون چرخٖي لائٖين،:

آءٌ ڪَتيان ڪِي ڪانگَ اُڏايان!

راتيون ڏينهان روئان اُنهن لڳ، پِرين جي ٿِيَم پَراهان.

دل جمعيت تڏهن روئان اُنهن لڳ، پِرين جي ٿِيَم پَراهان.

اَديون اُنهِيءَ جي ويٺي اَچَڻ جون، روز نهاريان ٿِي راهان.

والِي ورائي وري ڀَنڀور ڏي، سُڻِي اسان جون آهان.

ڪيون قبوليت سَڀِئي ”سَچُوءَ“ جون، سائين عَرضَ اِلاهان.

 

ڪافي 114

اي اَچِي ڏس حالُ مُنهنجو، آءُ اَچِي سُڻ عرض هي!

نيهَن تا مون کي نيو، طاقت نه ڪا تَنَ کي رَهِي،

مشتاق جي مارڻ سَندو، آهي اوهان کي غَرض هي.

ڏاها وڃِي پئا ڇو پُڇان، مون تا پروڙي ڳالهڙي،

درد ٻيو مون کي نه آهي، محب تنهنجو مَرض هِي.

دل کَسي مون کَون وئين، موٽي نه آئٖين ڇا چوان،

سُڌ لَهو ساجَنَ اَچِي، آهي اوهان تي قَرض هِي.

آءُ اچِي امام ٿِي، توتي اَسان نِيَتِي نماز،

سِرُ ڪَرڻ صدقي اَوهان تَون، آهي ”سَچُوءَ“ تي فرض هي.

 

ڪافي 115

هِڪٖي ڏهاڙي پير مغلن، مون کي ڳالهه ڳجهي فرمائي!

سَلَڻ جهڙي ناه سا، جا پاڻ پرين پُرجهائِي.

عامَ نه مَڃَن ان کي، جا صاحبن سَمجهائِي.

مَٽَ منجهارئون مَئي جي، تنهن ساقيءَ سُرڪَ چکائِي.

پيالٖي مَون پرواز ٿيو، واءِ وئِي ٻِي وائي.

”عبد“ کَون ”حق“ نصيِب ٿيو ٿي، مدعا ”سچوءَ“ سَنڀائي.

 

ڪافي 116

هوتَ غريبِ نماڻِي، اِتي ڪيئن وساريئي، ميان!

اڱڻ آسَروَند جي، آءٌ تون پاڻئون ڄاڻي-

هوت هَڻِي ڇو ماريُئي، ميان!

وندر جي وڻن ۾، حبّ منجهَون هوتياڻِي-

مون تا گهڻو نهاريئي، ميان-

ٿورا گهڻا ڏينهڙا، هن عاجز سان آرياڻِي-

مان َ گَڏُ گُذاريئي، ميان!

اٿي هَلي هِڪلِي، پرت منجهؤن پاڄياڻِي-

جڏهن سانول ساريَئِي، ميان!

ڇڏي وئين ڇَپَرين، ڪَيئي پُنهون ڄام پُڄاڻِي-

هِيءَ ڪيئن آزاريَئِي، ميان!

”سچو“ سگ اوهان جو، سائِينءَ لَڳِ سُڃاڻِي-

پنهنجٖي ڪَڌَ قطاريئي، ميان!

 

ڪافي 117

آءٌ ڪا رهندي هوتن ريءَ، هُونديَس سانوَلَ ساڻ!

لَئن لئن منجهه لڳِي رهيو، ٻاروچٖي جو ٻاڻ.

وندر سنديءَ واٽ تي، پرزا ڪنديَس پاڻ.

ڏير ڏيئي ويا ڏکَ جو، هِن ڏکِيءَ کي ڏاڻ.

درد مندي دانهون ڪري، چيٽڪ ڪَيڙُس چاڻ.

مانَ اَچِي ٿئي ڪَڏهين، هِنَ مُئِيءَ جو مهماڻ.

”سچُو“ سگ اوهان جو، سو تا پنهنجو ڄاڻ.

 

ڪافي 118

ڙي جيڏيون، هوتَن ريءَ آءٌ ڪنديَس ڪوه رهِي!

اندر وره وٿاڻ ڪيائون، لَئُن لَئُن منجهه لَهِي.

ڇڏي شهر ڀنڀور کي، هِيءَ ويندي ڪيچ ڪَهِي.

ڪونهي ڪوهيارلَ ريءَ، سَرتين هِت سَهِي.

قول پاڙيندو پانهنجو، ڪَيو ٻاروچَلَ ٻَهِي.

”سچو“ گڏيم ساٿيڙا، پَنڌن منجهه پَهِي.

 

ڪافي 119

پرين نا پار، ميان، جانبَ تنهنجي جان ۾، آخوند ري!

سبق ڏئين نه سورَ جو، کتابي نه کار.

حرف صحيح ڪر هٖيڪڙو، وَرَق سڀِيئي وار.

نينهن وارن ناحقي، مُلا هِيئن مَ مار.

راتو ڏينهان آهي توئي کي ڪتابَن جي ڪار.

ٻاجهَون نالي نينهَن جي، ”سچو“ سبق وسار.

 

ڪافي 120

پرجهي پاڻ نه ڄاڻان، ڪير آهيان، يارَ ڙي ميان!

مورَتَ موڳائِي ڪئِي، صورَتَ تا نه سُڃاڻان.

ڪَنهِن تا ڳالهَيئون، ڪاڪيون، ٿياسي هِت نماڻا.

جان جثو دل سڀوئي، آڏا ٿِيَم آڏاڻا.

ڏنم ڏاڍي ڏک سان، عشق جا اوراڻا.

خام خيالَ نِي، ”سچُو“ ري، اِنهيءَ فِڪر اُڏاڻا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org