سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :9

 

بِسم الله الرّ َحمٰن الرّ حِيمِ

مومل راڻو

داستان پهريون

 

(1)

آءُ راڻا ڏي رَنگُ، موٽِي ڪاڪ ڪَنڌن کي؛

لاهِج لَڳِ خداءِ جي، ذرو پُرزو زنگُ؛

ناميان پاڙج ننگُ، مهڻي هاب مَتان ڪَرين!

 

(2)

مومَل مِهڻي هابُ، راڻا ڪر نه راءَ تون!

جوئِن کي جوابُ، مرد نه ڏين مينڌَرا.

 

(3)

مون کي مِهڻي هابُ، ڪَيُئي ميان مينڌرا؛

ڪَر نه خان خرابُ، ڪامِل ڪاڪ ڪنڌيُن کي.

 

(4)

هِڪَ جُوءِ ٻِي جوءِ، مرد نه ڇڏن مينڌرا؛

تو پُڻ پرين پوءِ، ڪوهُ لڄايو ڪاڪ کي!

 

 

 

(5)

هِڪَ جُوءِ ٻِي جوءِ، ڇَڏن ڪِين جوانَ؛

اُهي ڀِي انسانَ، جي ننگَن تي نِثارُ ٿيا.

 

(6)

آءُ راڻا رَنگُ لاءِ،  موٽي ڪاڪ ڪنڌن کي؛

نامِيان نانءِ خداءِ جي، پير وري هِت پاءِ؛

سوڍا سَنديئِي ساءِ، آءٌ ويٺي ڪانگَ اُڏايان.

 

(7)

آءُ راڻا رکُ رازُ، مون هِن نماڻيءَ سان؛

توکي ڪريان ڪيترو، ناميان نَر نِيازُ؛

جو ٿي ڪَيَڙم نازُ، تَنهن مِهڻي هابُ ڪري ڇڏيو.

 

(8)

‏‏مون تؤن مِهڻو لاهه، موليٰ ڪارڻ مينڌرا؛

تون تا صاحبُ آهيين، هيءَ ڏوهارڻ ڏاهِه؛

توڙي ٿيِس بيراهِ، ته ڀي ڳَل تنهنجي آهيان!

 

(9)

ڏي ڪو رنگُ وري، ڪامل ڪاڪ ڪَنڌِن کي؛

مُنهن ڏيکارج مينڌرا، وڃان تا نه مَري؛

بَخِشج ذوقَ ذري، مِهڻي هاب مَتان ڪَرين.

 

(10)

چَڙهنديسانءِ چِکي، نه ته مُنهن ڏيکارج مينڌرا؛

آندو مون کي هِتهين، ڪَنهِين لارَ لِکي؛

چاڙهيو مون کي ڏاگَهه تي، تُنهنجي عِشق تکي؛

مَرُ ٻيو ڪو سِرُ سِکي، اُنهيءَ جي اولاڪ جو.

 

(11)

هِي جو ٿِيَڻو هو، سو اَکَرُ ميٽِيندو ڪونڪو؛

هِيرو زهُر زبانَ سان، هِن ڳالهيين کِيَڻو هو؛

نا ته پاڻَئوُن پِهَڻو هو، مون کي زير زمين جي.

 

(12)

ڏکُ نه ڏيڻُو هو، تو مون کي ميان مينڌرا؛

ناميان پنهنجي ننگَ کي، تو نيبہ نِيَڻو هو؛

زهر پيالو پُر ڪري، مون کي تڏهن پِيَڻو هو،

جِيّ نه جِيَڻو هو، مان کون هِنَ مِهڻي وري.

 

(13)

سوڍل سِڪائي، آءٌ پُڻ گهڻو آهيان؛

راتو ڏينهان تانهنجِي، واتِ مون کي وائِي؛

ڪَر اُها ڪائِي، جو ڪارَنهِه لَهي ڪاڪَ تَؤن.

 

(14)

ميان آءٌ ماري، ڏاڍي ڏنو ڏهاڳَ جي؛

مِهڻي هاب مَتان ڪرين، ته ڪاڪِ نه ٿئي ڪاري؛

ڪر سوڍَلَ ستَاري، ڏوهَن ڏي نه ڏسِيج تون!

 

(15)

آءُ سوڍا ڪر سَچُ، لاهي مُون تَؤن هِي مِيهڻو؛

جهيڙو جهڳڙو نِڪري، مون مَنَ اَندر ان مَچُ؛

الله ڪارڻِ اَچُ، ماڳ وسائِج مينڌرا!

 

(16)

اچين جي اوطاقَ، مُنهنجي ميان مينڌرا؛

ته عيبن کَؤن آجِي ٿيان، ڪوجِهي ٿئي نه ڪاڪَ؛

هيرَ اِها هيراڪَ، متان مَٽئين مينڌرا.

 

(17)

موٽَڻُ مَرڪ نه تنهنجو، هو سوڍَلَ سياڻا؛

وسائِج وِلهيءَ جا، ڀِينگَ پِيَلَ ڀاڻا؛

پَري ڪري پاڻا، مون کي ماريئِي مينڌرا.

 

(18)

آتَڻ اُجهائي هَلِي، پِريَن پُڄاڻو؛

ڪِين گهٽايو گهوٽَ سان، پِرت هِن پاڻو؛

ظاهر زالاڻو، پر باطن بِره بلي هُيو.

 

(19)

ڪاتِيءَ ريءَ ڪُهِي ڇڏيو، راڻا تنهنجي رَنجَ؛

سُکوُن ۽ سَهنج، سوڍا ساڻ کَڻين وئين.

 

(20)

سوڍا هِنَ سَڙيءَ جو، لَهِي وڃُ سَماءُ:

ويرن وڌو وَچ ۾، آهي ويرُ وڌاءُ،

مون تي لڳندو ڪونڪو، پيارا پاڻيءَ پاءُ؛

هيڪَر هيڏي آءُ، ته پيِرولي پَڌر ٿئي.

 

(21)

ڍوليا تو لئه ڍَٽَ ۾، آءٌ وتان ويڳاڻِي؛

راتيو ڏينهان اوتيان، پنبِڻُين مان پاڻِي؛

لَٽا مون لِيڙون ٿيا، هيءَ پوتي پُراڻِي؛

ته به راڻي جي راڻِي، سرتيون سَڏن ساڻيهَه ۾!

 

ڪافي 1

آءٌ نا روز روئان ساريون،

سوڍا تُنهنجِيون، وو، ڳالهڙيون ڪيتَريون!

ٻُڌي ورجِ وَلها، زور منهنجِيون زاريون.

سِڪَ سَنديَوَ ڪَيون، جِيءَ اَندر جاريون.

راڻا رُسَڻ تانهنجي، ڪوڪان هِت ڪاريون.

ويٺِي ڳَرهيان ڳالهڙيون، هَنجون هِت هاريون.

جيڪي جايون جِيءُ ۾، وِرِهَ تنهنجي واريون.

”سَچو“ سَهندا سُپرين، عاجِز جِيون آريون.

 

ڪافي 2

حالَ منهنجي هاءِ هاءِ،

تو ريءَ لَهَن هِي ڏينهڙا!

آهي هن اَحوال تي، وَلَها تان واءِ واءِ.

دوستَ تنهنجي ديسَ جي، اُڪَنڊ اَسان کي آهِ.

ڏِسيو ڏهاڙي روئان، جاني تُنهنجي جاءِ.

ڪاڪ نه لڳي ڪَمس مون، سوڍل تنهنجي ساءِ.

سوڍا سَتاري ڪري، پيرَ اَڱَڻ مون پاءِ.

درد مَندن جون دانهڙيون، والِيءَ لَڳِ ورناءِ.

سوالَ ”سچوءَ“ جا سُپرين، تون لالَن دل سان لاءِ.

 

ڪافي 3

مينڌرا، آءُ ميان، هِت ويٺي ڪانگَ اُڏايان!

تو ساريندي سُپرين، هِت سوڍا ساهُ ڏيان.

راڻا رتِي راز جِي، ڪا جا آهي هِيان.

ڪامِلَ ڪَنڌيءَ ڪاڪ جي، آءٌ جانِي ڪيئن جِيان.

شال اوهان جو اَڳتي، ”سچو“ نِيهُن نِيان.

 

ڪافي 4

راڻي سندو رازُ، مون سان ڪيڏو ئِي آهي!

ڪاڪيون آڏو ڪانڌ جي، نٿو وڻي نازُ.

ٻانهان ٻانهِن جان ٻَڌي، ڪَرڻ نِت نيازُ.

هي هي آهي حُسن جو، ماريُون، غَمُ غَمازُ.

”سچو“ پِرڀائِڻُ پِرينءَ جو، آهي ساڻُ ايلازُ؛

 

ڪافي 5

مون کي تنهنجي سارَ سنڀار، وو،

ڇَڏ رساما تون، آءُ منهنجا يارَ، وي!

ڏوهُ نه ڪوئِي تو ڏيان، آهي مون ئِي سِر مَيارَ.

سِڪَ سوراخان مون ڪيا، هِينئڙي مَنجهِه هزارَ.

موٽُ مَران ٿي مينڌرا، بيرهِي چاڙهيئي بار.

ويٺي ڪري ڪاڪ ۾، هيءَ ويچاري ويچَار.

”سچو“ سي ئِي آئِيا، جي دل گُهريا دلدارَ.

 

ڪافي 6

منهنجو سوڍَلَ سارئِي ساه،

وو، راڻا رُسامَن سان ماريِئي!

ويٺِي ڪَڙهان ڪاڪِ تي، آڻيندوءِ الله.

هِن مُئِيءَ جو مينڌرا، توکي ڪيهو پَرواهُ.

سندو اچَڻ تانهنجي، روز نهاريان راهُ.

گَهڙي اوهان جِي ٿِي گُهران، چت اَوهان جو چاهُ.

مِهر مَٿو تو ناهِ ڪو، جيڪُس منهنجو بَخت سياهُ.

ڪوڏئُون قُربانِي ڪري، ”سچو“ ساهُ پَسَاهُ.

 

ڪافي 7

پئِي پيش پرينءَ کي پاڻَ،

آءٌ چونديَس هَلِي حالُ هي!

تو تَؤن آهي مينڌرا، ڪاڪ ساري قُربان.

دل کي ديوانو ڪيو، ٻهڳڻ تنهنجي ٻاڻَ.

نامِيان ڏِسِج ننگَ ڏي، آءٌ تا ٿِيَس اَڄاڻَ.

آندم هيٺِ عتاب جي، مون کي پنهنجيءَ ڄاڻ.

”سچوءَ“ سَندي ساهَه کي، تانگهه ايڏاهِين تاڻَ.

 

ڪافي 8

مون کي ڪانڌَ بنا هيءَ ڪاڪ،

ڪوڙي آهي، نِي وو، ڪاڪيون!

سوڍلَ ٻاجهون سرتيون، هيءَ مَري ٿي مُشتاق.

منهنجو ساه سُڌير ٿئي، اَچي جي اوطاق.

سَڦري آهي سونَ کَؤن، خاصِي ڍَٽَ جِي خاڪ.

سُڌ اَچِي لَهُه تَنهن جِي، جا چُور ڪَئِي چوطاق.

وِجهي ويچاريءَ ويو، اَديون ڙي اولاڪ.

تَنُ ”سچو“ءَ جو عِشقَ اوهان جي، چِيري ڪَيَڙو چاڪ.

 

ڪافي 9

آءٌ تا ڏيهاڙيون زارو زارُ، ساريو روئان ٿي هت ڳالهڙيون،

گهڻيون گهڻيون!

ڪڏهن هُئڙوَ سُپرين، پاڄياڻيءَ سان پيارُ.

ڪامِلَ آهِيان ڪاڪِ کَؤن، توبِنا بيزارُ.

اِيندو هئين اَڌ رات جو، ڪاهي ڪَرهُ سوارُ،

ماري مون کي مينڌرا، وَلَها هِيءُ ويڌارُ.

وَسي تنهنجِي ورهَ جو، بادل هِت بِسيارُ.

ڏِسي واڙائِي تانهنجِي، هو ڏکِيءَ کي ڏهڪارُ.

”سچوءَ“ سگ اوهان جو، تهن ڏي نيڻَ کڻو نِروارُ.

 

 

 

ڪافي 9

آءٌ تا ڏيهاڙيون زارو زارُ، ساريو روئان ٿي هت ڳالهڙيون،

گهڻيون گهڻيون!

ڪڏهن هُئڙوَ سُپرين، پاڄياڻيءَ سان پيارُ.

ڪامِلَ آهِيان ڪاڪِ کَؤن، توبِنا بيزارُ.

اِيندو هئين اَڌ رات جو، ڪاهي ڪَرهُ سوارُ،

ماري مون کي مينڌرا، وَلَها هِيءُ ويڌارُ.

وَسي تنهنجِي ورهَ جو، بادل هِت بِسيارُ.

ڏِسي واڙائِي تانهنجِي، هو ڏکِيءَ کي ڏهڪارُ.

”سچوءَ“ سگ اوهان جو، تهن ڏي نيڻَ کڻو نِروارُ.

 

ڪافي 10

وَلها وري آءُ، مون کَؤن موٽُ نه مينڌرا!

ميان مون سان نه مَٽين، سوڍل سائين ساءُ.

رکي شريڪت شانِن سان، هيءَ ڪميڻِي ڪاءُ.

هو جو اَچي ڍٽَ ڏنهُن، وَڻي اُهو مون واءُ.

هَي هَي هِن جي حالَ جو، لَهُه سائِينءَ لڳِه سَماءُ.

”سچو“ ڪندا سي سيگهرو، پاڻَؤن ڄاڻِي پَرچاءُ.

 

ڪافي 11

اَڙي جيڏيوون منهنجِو جيَئڙو، وٺيو سَڄَڻ وڃي!

چَرخي مونا تاڙيون، ڀينَر سَڀڪائِي ڀَڃي.

درد مَنديءَ جِي دل اها ئِي، مَت نه ڪَنهنجَڙي مَڃي.

درد مَنديءَ جِي دل اها ئِي، مَت نه ڪَنهنجَڙي مَڃي.

طَرف تونهنجي يارَ ”سَچُو“ ري، سوز نه پنهنجڙو سَڃي.

 

 

مومل راڻو

داستان ٻيو

 

(1)

ڪاڪِ پُڇندا ڪاپڙي، ويا اَڌو بنَڌ؛

وڃي رسيا اُنَ هَنڌ، جت ”مون تون“ آهي ڪانڪا.

 

(2)

ڪاڪ پُڇندا ڪا پڙي، وڏيءَ ويلَ وِيا؛

لُڊاڻون لَنگهي ڪري، ڪنهن پَرئين پَنڌ پيا؛

اُتي ٿاڪِ ٿِيا، جِتي ”مُون تُون“ هَڏنهن ناهِ ڪا.

 

(3)

لَنگِها لُڊاڻو، آئون ڪاڪِ ڇَڏيائون پو3 تي؛

تاتي وڃي رَسيا، جاتي مومَل نه راڻو؛

نَڪا مَسجد تَڪيو، اُت نَڪو ٽِڪاڻو؛

تاتي ٿِيُن ٿاڻو، جِتي ”مُون تُون“ ناهِ ڪا.

 

 

 

(4)

ڪاڪِ لُڊاڻو لَنگهيا، اَڄ لاهوتِي لال؛

اوري هَڏ نه آٽِڪيا، ٿيا پِرئين خيالَ؛

حدون ڀيڃي هليا، جن کي حَد ڀَڃائِي حالَ؛

تن سُرت منه ڪا سَنڀال، وڃي ويجها ٿيا وصالَ کي.

 

(5)

ڪاڪِ نه وِيا ڪاپڙي، نَڪِي لُڊاڻي؛

نَڪِي ڍريا ڍَٽَ تي، جِتي رنگ رکيو راڻٖي؛

اُهي مِڙئِي نابود ٿيا، تَن سامِن ساماڻي؛

ٿاڪِ ٿيا ٿاڻي، جاتي ”مون تون“ ناه ڪا.

 

(6)

هيءَ ڏوهارڻ ڏاهَ، تون ڍولِو ساري ڍٽَ جو؛

ڪامِلَ تِکو ڪاڪِ تي، چَڙهِي ڪرهَلُ ڪاهي؛

کاڻيون ڪَنڌيُون ڪاڪِ جِيون، بِي لَڳي باغَن باه؛

اِهو مُون تَؤن مِهڻو لاهِ ڪا مِهر پَويئِي مينڌرا.

 

(7)

چڱِي ڳالهه چَوانءِ، سا سُڻ ميان مينڌرا:

”آءٌ تنهنجري آهيان، تون منهجَرو انءِ؛

”هيءَ نِڌر تنهنجي ناءِ، آهي وڪاڻِي وَلها.“

 

(8)

ولها وڪاڻِي، آءٌ درِ تنهنجي آهِيان؛

تونهنجي ڏسَ ڏهاڳَ ڪئي، هيءَ ناميا نماڻي؛

هيءَ مَرئِي ٿي هاڻِي، تنهن مُنهن ڏيکارج مينڌرا.

(9)

مومَلَ ماڻَڻ هليا، ڪاپڙي ڪَل دارَ؛

وچ ۾ آتش دودَ جا، آيَن بوهت بُخارَ؛

ڪي سَڙيا تنهن سوزان ۾، ڪي نَر چَليا نِروارَ؛

ماڙي ڏسي ڀَنڀلِيا، خود کَؤن خَبردارَ؛

ڪي ويا ماريءَ کَؤننڪري، پِرت نه جِت پَچارَ؛

نَڪا صورتَ اُتهين، نڪا تارَ تنوارَ،

نَڪو ڏسڻ وار هو، نڪا سُرتِ سَنڀار؛

ڪين ڏٺائون ڪاٿَهين، روءِ نَڪا رُخسارَ؛

 

”اَلان ڪَمَا ڪَانَ“ تَحقِيقّا تَڪرارَ؛

لَٿا شورَ شُمار، هَهَه تا حقو ٿيو.

———

ڪافي 1

توڏيهويَن ڪا تياري،

اِجهي اَڄُ سي اِيندئِي، مان!

رکج وڏو اسرو، جي تو محبت ماري،

اُهي نال ته نيندئِي، ميان.

اَچِي اَڱَڻ تانهنجي، ڏيندئِي، ميان.

سُنوان طالِع ٿيندئِي، ميان.

وڻي گَهڻي يارَ کي، زور نه زياده زاري،

وري پوءِ نه ويندئِي، ميان.

آهي هَٿِ حَبيب جي، ڳالهه ”سچوءَ“ جِي ساري،

ڏاڍا ڏان سي ڏيندئِي، ميان.

 

 

 

ڪافي 2

هيڏي اَچقڻ جِي آهه، ڙي، پانڌي يارَ پِرينءَ کي!

پِريان ريءَ پَرديسَ ۾، آهي اَسان سان هاءِ هاءِ ڙي.

وِهَن ڪارَڻ يارَ سَڄَڻ جي، چِت ۾ جوڙيَم جاءِ، ري.

پوٿيون هِت پتايان، لَکين لالَن لاءِ، ڙي.

سِڪ سَڄَڻ جي ساهَ م، سا ٿِي تا نه سَماءِ ڙي.

سالَ ”سچوءَ“ کي آهي ئي، دوسن جِي واِ واِ، ڙي.

 

ڪافي 3

رويو حالُ چوان، اَلا!جي اُوٺِي اوچاهون!

پايو پاندُ ڳچيءَ ۾، آءٌ پيرين تَن پَوان.

سَرتيون اِنهيءَ سوز جِي، ناهي اَوهان.

سُکن مَٿي ڪينڪِي، آءٌ مَٿيان سورَ سَنوان.

سَڄَڻ سَڄَن ٿِي ڪريان، پيون لاتيون ڪِين لَوان.

جوشَ تَنهن جا جان ۾، مون کي آهِنِ نِتُ نَوان

”سچو“ اَکڙين مان ٿِيا، ريلا رتُ روان.

 

ڪافي 4

پِرين مُنهنجي اڱڻ، الله توکي آڻيندو!

اَچڻ سَندي اُن جي ٿينديون واڌايون، مبارڪَ جَڳُ ڏيندو.

وري وسائج پنهنجِيون جايون، ٿورو مون تي لکَه ٿيندو.

ڀَلو پنهنجا هٿڙا ڪري ڀلايون، لِڱِين مون لائِيندو.

خَبران کِيئن جون اَسان ڏي آيون، توکي پِرين ساڻ نِيندو.

ويو فِراق فَنا ٿي وصلَ ٿيون وايون، ”سچو“ نانوَ سَڏيندو.

 

 

 

ڪافي5

آئين سو ڳالهه سُڻائين،

وَلهيا ڪانگَل، تون ڀَلِي آئين!

خط جو آندوئِي يارَ سَڄَڻ ڏهون، هلِي سو نال پَڙهائين.

آءُ ته جورئين جاءِ اکين ۾، اَڄ اوڏاهون آئين.

سِگهڙو سِگهڙو آءُ اَسان ڏنهُن، ڏينهن گهڻا ڇو لائين.

اَچو اَچو تون ڇو نه اَچين ٿو، مهرم راز رلائين.

نانوَ اَلله جي يارَ ”سچوءَ“ کي، محبن ساڻُ مِلائين.

 

ڪافي 6

وعدو  ڪِيئن وساريُو،

ڀَلا سائين، ڪيئي ڳالهيون ڳالهيون!

اَسان نماڻن سان يارَ پيارا، ڪو ڏينهن مانَ گُذاريُوَ.

ڏکَ ڏيئي وَئين اڳي کَؤن اَڳرا، وري نه پوءِ نهاريُو.

هيڏانهن هوڏنهن ڇِني اَسان کي، پنهنجيءَ ڪَڍَ قَطاريُو.

آتَڻ چَرخو ويٺي چوريُم، ڏيئي سو عِشق اُڏاريُوَ.

سڀڪنهن ساعت سانول سائِين، ”سچوءَ“ هِت سَنڀاريُوَ.

 

ڪافي 7

جو تون پير ڀَري آئين،

تنهنجي ٿوري هڪ نَٿِي پُڄان... اَلا، ميان!

عاشقَ هِتي لَکين هزارين، لَئون اسان ٿو لائين.

عَيب اَسان ۾ آهن اَپارين، اِهي ڀَلا ڪيو ٿو ڀائين.

ڏوهَ ڏنگايُون ڏسي اَسان جون، چيتُ نه اَسان تَؤن چائين.

راتو ڏينهان يارَ اَوهان جا، ڳُڻَ ”سچُو“ ٿو ڳائين.

 

 

ڪافي 8

اَڙي اَلو اَلو، رانولَ آيو راڄَ ۾!

ويَڙا سور سنڌو ڪري، اَڄُ ڀينَر ٿِيَڙم ڀَلو.

جنهن ساعت گڏيا سُپرين، سا ساعت ڪنهن نه سَلو.

ڳالهه نه ڪريو ڪا ٻِي، هاريون اَوهين هَلو.

ڏهاڙي ڏسڻ کَؤن، وارُ نه پَوندو وَلو.

اَصل آهي اُنهن سان، روحَ منهنجي جو رَلو.

”سچو“ گڏيو سَڄڻَنِ، کَرَن لَڳو کَلو.

———

 

جهولڻو

جاني آءُ ڙي جاني، ميان،

آءٌ تا روز پُڇان ٿِي پانڌيَؤن.

تنهنجي اَچڻ ڪاڻ هِت، پڳٿيون ٿِي پٽايان،

سنجهي صبح سَرتيون، ٿِي پانڌي پُڇايان،

ڏاها تنهنجي ڏيهَ ڏي، ڪانگَل اُڏايان.

پِرين تُنهنجي پارق ڏنهُن اچي قاصد جي ڪوئِي،

حالُ سڻايان پانهنجو تَنهن رهَبر کي روئِي،

جانِي جال اسان جي هاڻي هجر ۾ هوئِي،

دلَبَر تنهنجي ديس ڏي ٿِي ڏسان ڏيهاڙيون،

نانؤ تنهنجو سُپرين اَسين وَس نه وساريون،

ڳچيءَ پائي ڪپرو زور ڪريان ٿي زاريون.

اُٿي ويٺي اوتيان آءٌ پنبڻنمان پاڻِي،

اَچي ڏيسج سوپرين تون حال منهنجو هاڻِي،

دردمَنديءَ جي دل ۾، تنهنجي سِڪَ تا ساماڻِي.

تاڪَؤن سَڄَڻ تانهنجِي هِنيڙي حيرانِي،

ڏيئِي ڏکيءَ کي وئين تون نِينهن ته نِشانِي،

سدا ”سچو“ آهي، ميان، تُنهنجي ڳِچيءَ ڳانِي.

 

 

بيت سنڌي پورپ جا

 

(1)

گَنگا کانءُ گُذرُ، آهي ڪَنِين ڪاپَڙينِ جو؛

ڪڏهن لوڪ نه لَڙيا، سدا تَن سفرُ؛

آهي نامُ مَشَرُ، اُنهن آڌوتِين جو،

 

(2)

جوڳي آهن جي، گوش گنگا ڏي تَن جو؛

آهِن ڪوڏيا ڪاتق جا، پُڻ ڪاپَڙي ڪي؛

سِرُ سَنباهِن سي، جنين ناتو ناٿَ سان.

 

(3)

جوڳِي جال ڏٺامِ، پر ڪو ڪو لَڀي ڪاپڙي؛

هي ويهي وستِن ويا، هو نه لوڪِ لَڙيام؛

تنين ڪاڻ ٿيِام، هَي هَي هِهڙا حالَڙا.

 

(4)

جوڳِي جالَ ٻُجهَن، پر ڪو نه لهان ڪو ڪاپري؛

تن گُنن پَريَن جَيون ڳالهڙيون، ٿيون ”سچل“ ساهَ سُجَهين؛

لوڪِ نه ٻئي لُهجنِ، بِگَر نالي ناٿَ جي.

(5)

جوڳي اوري جُوءِ، جي لوڪان لعل لِڪيويا؛

لاهوتِي لنگهي وڃِي،حُرّ پيا ۾ هُوءِ؛

راسِخَ روبروءِ، وڃي نامِيا ثيڙا ناٿَ جي.

 

 

(6)

جوڳِي آهين جالق، پر لاهوتِي لنگهي ويا؛

هي مِڻ مِڻ ڪَنِ مَڻِيَن سين، هو کڙا مٿي خيالَ؛

سي لانگوٽيا لالَ، ڀينَر ڀاڳِ ملن مُون.

 

(7)

لوڪين لاهوتِي، ڪنهن پَر نه پِرڀِيا؛

سي پنهنجو رکِي پور ويا سالِڪَ ثابوتِي؛

اوهي آڏيءَ آڌوُتِي، نانگا وَِڙم نِڪري.

 

(8)

ڪري لنگهيا لوڪَ مؤن، لاهوتِي لوڙا؛

گهوڙا ڙي گهوڙا، جو من مستانو ٿيو.

 

(9)

پُورپ ڇَڏي پوءِ، اڌوتِي اقڳي ٿيا؛

ويا اوڪنڊيا اَڳنان، نه ڪنهن لُڙيا لوءِ؛

رِجائي رَتُ روءِ، ويٺي واٽَڙيَن تي.

 

(10)

جوڳي جالَؤن جالَ، پر لاهوتِِ لنگهي ويا؛

هو هَلي ويَڙا حالَ ۾، هي قابو مٿي قالَ؛

هَي هَي مونهنجي حالَ، جو حالُ نه پيو هَٿِ موون.

 

(11)

جوڳن هِت جايون، جي هُنَ لوءِ لِڪي ويا؛

تپش تَن کي، وڃَن لاهوتِي لايُون؛

ووءِ ووءِ واتِ ويجهي ويا، ويرَڳي وايُون؛

اڌووتِن آيُون خَبران ڪات ڪُسَڻ جِيون.

 

(12)

جوڳِن آهه نه جنگِ، هِن سُلوڪِي سبَ ان؛

جيجان هن جهانَ ۾، هِن طُريلا تنَگِ؛

ڪنهن جي رتا رنگِ، ماڻِڪ مُنهن مَشعلان.

 

(13)

لاهوتِي هِنَ لوءِ، آيلِ آهن اَڄُ ڀِي؛

ووءِ ووءِ اڃا پَوندي، پوربيَن جِي پوءِ؛

اِنِ ڪاپَڙيَن کي ڪوءِ ، سَڳَر مَنجهه صَحيِ ڪري.

 

(14)

لاهوتِي مُون لوڪَ، ٿورا ڪڪري لنگهيا؛

سدا سامِيَڙن تي، محبتَ وسي موڪ؛

سي زائِر منجهوُن زوقُ، ڪنڌَ ڏيَن ٿا ڪات تي.

 

 

(15)

ڪاپَڙي مون ڪالهَه، اڃا ڏٺا ڏيهَ ۾؛

هَي هَي منهنجي حا:و، جو ساڻُن ٿِيَس نه سنگتِي.

 

(16)

هُ جي ڏٺا ڏيه، ڪالهه اَڃان مون ڪاپَڙي؛

سي اَڄُ لنگهيا لوءِ مَون، ڇَڏي ديهِه؛

هايُون هُوءِ هَڏيهِهم موٽَن ڪِن مَڪانَ تي.

 

(17)

پُورب پَنڌُ نه آهه، ڪڏهن ڪاپڙيَن کي؛

جِت ماڻهن ميڙاڪو ٿئي، سا جُوٺٖي جوڳِن جاءِ؛

سامِي سِرَ سَواءِ، سودو ڪن نه ڪو ٻيو.

 

(18)

پُورپ آهه نه پَنڌُ، ڪڏنهن ڪاپَڙين کي؛

سي ڏيندا ويراڳي وڃِي، ڪاتٺَنِ مٿي ڪَنڌُ؛

هوءِ سَندنِ هَنڌُ، جو لُڙ گڏجي لَعل ٿِيا.

 

(19)

پُورپ رکِي پيرُ، ڪَن پُڇَ پَراهن پنڌَجِي؛

ٻيو ڪو وڃي انهِين، ڪاپَڙين ريءَ ڪقرُ؛

جنهن کي ڦِڪَلُ نه ڦيرُ، ڪنڌُ ڏيندو سو ڪاتآ تي.

 

(20)

پُورپ پنڌ نه ڪن، ڪنهين ويلي ڪاپَڙي؛

ڪوڏِ ڪَپائڻ ڪنڌَ جو، توڙؤن آهي تَن؛

”سچل“ سدا سامهون، اَڏي آڌوتَن؛

سي وڃِي ڪاتِ ڏينِ، گَردنون کنيو غار ۾.

 

(21)

جاڏي پُورپ پنڌُ، تاڏي آءٌ نه وڃڻو؛

هي هِنن جو هنڌُ، منهنجو هبڌُ هِنگلاج ۾.

 

 

(22)

پُورپ پُڇيائون، پَر پيرُ رکيائون پَرنان؛

اوريان پَريان پنڌٺڙا، سي لَس لنگهيائون؛

اِئين اُتيائون ته گُرَ اَسين نه گَڏيا.

 

(23)

پُورپ کانءُ پري، نانگَنِ نظر آهِه تا؛

نِگهه وجهن ناٿَ تي، پِرڀَون پير ڀَري؛

مَنجهون ذوقَ ذري، گُر َ گَڏيا وڃِي گودڙيا.

 

(24)

پُورپ پَير ڏرن، ڪَن وِڇَٽَ پارهين پنڌ تي؛

قدم رکي ڪاتَ تي، ڪنڌُ قربان ڪَرن؛

ڪوڏؤن ڪاپَڙن، ”سچل“ سِر صدقي ڪيو.

 

(25)

مٿي ڪاتَ قَدمُ، ڪاڪيون ڪاپَڙيَن جو؛

سنسو ميٽي سروپ ۾، ”سچل“ ٿيا سي سَمُ؛

سدا سميڙن جو، دَمامين سان دَمُ؛

آديسِي عَدمُ، ٿيا نالي اَندر ناٿَ جي.

 

(26)

ويا هَتِؤن ويهِي، اَڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڪاپڙي؛

آيل اَڌوتِن جِي، ڳالهه ڪريان ڪيهِي؛

”سچل“ ساري سڪ مان، گاروڙي گيهي؛

پُورپ ۾ پيهِي، وڃِي واصِل ٿيا وِصالَ کي.

 

(27)

هَي هَي ڪالَهه هِتاءُ، اَڃا لاهوتِي لنگهيا؛

ڪونَ وڃَڻ جو مون ڏنو، سامِيَڙنِ سَماءُ؛

تا ڪو پَوي پِرياءُ،مَن لاهوتِن جو لوءِ مَون.

 

(28)

ويا لاهوتِي لالَ، لورا ڪري لوءِ مقؤن؛

ڳالهه نه ڳَرهَڻ جَهيڙي، مگر مُنهن مَشعال؛

هَي هَي هِهڙي حالَ، ساريون سي سَڌَ مَران.

 

(29)

جو پَنڌُ جوڳِيڙن جو، جو سو آڌوتِن آجاءِ؛

گنگا ۽ گرنار ڏي، جوڳن پَنڌُ جُڳاءِ؛

پنڌُ اُنهِين کَؤن پَرنان، اَڌوتِن کي آءِ؛

تان تان ٿِين نه جاءِ، جان جان ريجهَنِ، نه رامَ سان.

 

(30)

ڪوڙين قربانِي، آءٌ تا ڪاپَڙيَن تَؤن؛

ڏيئي ويا جي ڏيل کي، هَي هَي حيرانِي؛

ماريون مِهمانِي، آءٌ تا سِرُ ڪَرينديس صَدقو.

 

(31)

ڪري لورا لنگهيا، هَي اڌوتِي اَڄُ؛

مون هَئون اَمان ڀَڄ، جو آءٌ به وينديَس اُن سين.

————

 

 

ڪافي 1

آءٌ ڪوڙين ٿيان قُربان، جوڳِيڙن جي جات تَؤن!

ڪاڪيون ڪاپَڙيَن جو، ڏاڍو آهي مون اَرمان.

آيل آڌوتِن جو، آهي گنگا ۾ گذران.

نانگن سَندي ڳالهڙي، هِت پُورب ۾ پَروان.

”سچو“ ناٿ نِهارين ڇو ٿو، ٻئي هنڌِ ٿِي تُون مِهمان.

 

ڪافي 2

ساڳِي مون تا سڃاتو، اُهو جيڏيون يار منهنجو!

اَصل لاڪَؤن آهي انهيءَ سان، هن نماڻيءَ جو ناتو.

ته ڪو ٿِي ڪَري جوڳي اِيندم، ڄاڻُ نه هِيئن مُون ڄاتو.

ڏسِي صورتَ ساري سُهڻِي،عشق اُنهيءَ سان مُون ڄاتو.

ڏسِي صورتَ ساري سُهڻِي، عشق اُنهيءَ سان مون لاتو.

هيءَ نماڻِي عيبَنِ هاڻِي، پيچ پاڻهي تَن پاتو.

سَهَو ”سچو“ ري ڏسان اَسان جي، چِتُ نه دلبر چاتو.

 

 

 

ڪافي 3

جِيجان زلفن واري، اُنهيءَ ساميءَ مَن موهيو!

باه بِره جِي اَندر اَسان جي، ويو سو ٻَهڳُڻ ٻاري.

هِجر فراق ڀِي وو يار اسان کي، ڪُوڪان ٿو هِت ڪاري.

جوڳِي ڪِيَڙوُ جيءُ اسان جو، “سچو“ واٽان نِت نِهاري.

 

ڪافي 4

مري ويو ڪالهه رات،

سونهن ڀريو سو تا سامِيَڙو!

راتو ڏينهان روح کي، طَلبَ تَنهن جي تات.

ڪينَ سُڃاتم سرتيون، تا ڪهڙي آهي ذات.

سور نه جهلڻ جِهڙو، هاريونري هيهات.

اَٺئي پهر تنهن جِي وائِي، ”سَچوءَ“ کي آهي وات.

 

ڪافي 5

جو هوم ورونهن وارو، جيجان گڏيم سو نا جوڳِيَڙو!

اَڳينءَ پوئِينءَ ڳالهه جو، خيالُ سلَيائين سارو.

سُورن جي سوغات سان، آيو اوڏنهُن وڻجارو.

پَسڻ سان پيدا ٿيو، سيني مَنجهه ستارو.

صورتَ تنهن جِي سڦري، مَشعل مُنهن موچارو.

جُڙي ويٺو جان ۾، بِره اُنهي4 جو بارو.

آهي ”سچوءَ“ جو سرتيون، اِهو اکين جو اُجارو.

 

ڪافي 6

ڪهڙي ڳالِهيؤن راَ، ڪِيتُئِي بيراڳِي اسان کي!

درد منديءَ جي دل تي، باري چاڙهيئي بار.

اَصل کَون آرام وڃايا، جانِي تنهنجي جار.

 

مون کي يار جدائيءَ ماريو، آءٌ روئان زارو زار.

ڪيِئي دانءَ ديوانا ڪِيَڙا، تنهنجي حُسن هزار.

غمزي ساڻُ غلام ڪياسي، ”سَچو“ ري سردار.

 

ڪافي 7

هَي هَي هِن حالَ وي،

سَڳَر ٿيس نه سامِيڙن جي!

منهنجو آهي ڪم ڪاپڙين ۾، نا ته جوڳِي آهن جال.

ويَم ويساهي نڪري، اُهي رات لانگوٽيا لالَ.

ڳوليان ڦوليان واٽڙين تي، جي ڪُهِي ويَڙم ڪالهه.

ڪاتَ اُتي ڪَنڌُ آڻ ڪَپاوڻ، لاهي جيءَ جنجالَ.

منجهه گوداوريءَ من گڏجن، جن جا خواب خيالَ.

راتو ڏينهان آهي هوتن جِي، ”سچو“ ساهَ سنڀالَ.

 

ڪافي8

ُڏر پَکيڙا پار پرينءَ جي، خبر مون آڻي ڏئين. لا!

ڪِين ڏٺِئي سي سُپرين، واٽ تا ڪنهن ٻيءَ وئين.

پاڙي ويهي پِرين جي، وڃِي تون واقف ٿِئين.

سُڌ سڀائِي مون ڏئين، جڏهن پاڻِي اَکين جو پئين.

سوز ”سچوءَ“ جو پاڻ سان، ادا ڙي نازڪ نِئين.

 

ڪافي 9

عاشِقُ ڪِيتُئِي اُداسِي، وهواه ڳالهه خاصِي!

روز ازل کؤن لؤن منهنجي، اوءَ ورهَ جي واسِي.

دِلڙي اسان جي سُهڻا سائين، پهريون ڪِيئِي پياسِي.

هيڏي هوڏي ڪين وياسي، باسَ اِها اَسان باسِي.

بيخوديءَ مون باغ بهاران، خوديءَ کانءُ خلاصِي.

بِره آنجي ڪيو بيراڳِي، ”سچو“ رنگ سنياسي.

 

 

 

بيت سنڌي روجهن بابت

 

(1)

روجهُون رڻُ يادِ ڪيون، اُڀون رتُ رئَن؛

هر ڪنهن ويلَ هُئَن، اِهڙن اوراتَن ۾.

 

(2)

روجهُون رڻُ ڦِٽو ڪري، لاهِه لهِي آيون؛

ٿِين تار نه تَرايون، جو مُند نه اُٺن مِينهڙا.

 

(3)

مُندين مينهُن اُٺانِ، وري روجهُنِ رڻُ ڦِٽو ڪيو؛

ڏولائي جا ڏينهِڙا، گهڻا گهر ڏڻانِ؛

اُنهيءَ کَؤن اَرمان، لحظي مَنجهه لهي ويون.

 

(4)

مُندين مينهُن پيونِ، تَرايون تار ٿيون؛

وڃڻ مٿين ماٿرين، ٿاڪن تي ٿيونِ؛

وسِري ڪينَ ويونِ، سو رڻُ ريجاڻِن جو.

 

(5)

هَنيڙو ڇڏي هُت، ٿيون روانيون روجهون؛

ڏکيا اوسَر ڏينهڙا، ٿيون گُذارنِ هيت؛

اَٺئي پَهر چِت،  وطن تَن نه وسري.

 

(6)

رڻُ ڇڏي روجهُون، ڪا ڏس چِتائي هَليون؛

جيلهان مُند نه اُٺا مِينهڙا، تيلهان ٿيون ڪوجهون؛

لُڪَنِ جون لوجهُن، جَرين جالِڻَ هَليون.

 

(7)

ماٿَر مينهن پِيان، روجهان موٽِي آئيون؛

اَسَر سَندا ڏينهڙا، وسري سڀ ويانِ؛

ٿاڻا ٿَر ٿيان، ڦَٽيون ڦوڙيون گَڏيون.

 

(8)

جڏهن ٿيا اَبَر، تڏهن روجُهن ڳاٽَ مٿي ڪيا؛

موليٰ وڇڙيون نيڙيون، جن ٿي گذاريا اوسَر؛

پهاڙيءَ جي پاندَ ۾، گڏجي ڪَن گُذر؛

ٿيون سڀيئي سَر، لَنگهَين ڏکيا ڏينهڙا.

 

(9)

جي ڦَٽيون جي ڦوڙيون، اُٺي اَچي گَڏ ٿيون؛

اوسَر ڪَيون هُيون، اورَنِيون اوريون؛

لَکين ڪِروڙيون، رُڻ سڀوئي روجهيون.

 

 

(10)

روجهڙيُن اُتاءُ، لنگهيا اَوسَر ڏينهڙا؛

موليٰ آندا مِيبهڙا، پنهنجي مهر مٿاءُ؛

جي هيون ويچاريون وِڇڙيون، هڪڙيون ٻَين کاءُ؛

ويُن ڏولُ وِچاءُ، اُٺي اَچي گَڏيُون.

 

(11)

آسَروند آهين، روجهون راڻيون رڻَ ۾؛

اُڀيون پيون اُڀ ڏي، وائِڙيون واجَهائين؛

رڙيون ڪيو رڻَ ۾، ٿيون بُوندون بَسائين؛

تنهن ڪُنڊ ٿيون ڪاهِين، جنهن ڪُنڊ! وسَن مِينهڙا.

 

(12)

”سچو“ رک سَماءَ، ٿو روجهن سان گڏين؛

هاڻي صبر مَنجِهه ئي آءُ، ڪمائي پوري ڪري.

 

(13)

آيون وَس ڇڏي، جو مُندن اُٺَن  مينهڙا؛

موليٰ سندي مِهر آهه، جي وڇڙيون گڏ گَڏي؛

لٿيون لاهَه لڏي، روجهون ريجاڻِن تي.

 

(14)

رڻَئوُن روجهُون آيون، وين اوسَر ڏينهن؛

مُندين اُٺَن مينهڙا، ڪيئون رخُ ريجاڻِن تي.

 

 

 

(15)

رڻئوُن آيون روجهون، جو سنڀاليائُون ديسُ؛

مُندين اُٺَن مينهڙا، وسري وين پردييسُ؛

جي هيون اُٺي ريءَ اُديسُ، سي پُڻ سرهيون ساهَ ۾.

 

(16)

جي اوسَر ڏسِي روجهيون، رڻَ چڙهي ويئيون،

تن کي وڃِي اُتَهين، پَلڪان ڪي پيئون؛

پوءِ مُندين اُٺَن مينهڙا، سَبزيون سڀ ريئيون؛

ڍوءِ واري ڍيئيون، ڍَليون گاهَ گُلن تي.

 

(17)

رڻِ چڙهي روجهان، ويون وري ڪَٺُ ڪري؛

سَبز سِيڻيون آئون ساوڙيون، سَڀڪا چاڪُ چَري؛

پُري آئيون پِيئي تي، پَهاڙؤن پَي؛

ويَن ڏولائي ڏينهرا، سَڀڪا ڀَلُ ڀَري؛

”سچو“ مون نه سَري، ريءَ ميلائي سَڄَڻين.

 

(18)

جي رڻ چَڙيهون روجههَڙيون، ڪيون ڏولاون ڏکييون؛

جبلن سَندي جهولِئين، بِرُ هيون بُکيون؛

ٿيون هاڻي سڀ سُکيون، جو مُندين اُٺَن مينهڙا.

 

(19)

هِنيون لاهي هَليون، روجهان رڻُ چناءِ؛

موٽي مِهر موليٰ جِي ٿين، جو اُٺن مينهن مَٿاءِ؛

ڏولائي جا ڏينهڙا، لاٿا پاڻَ خداءِ

وري پنهنجي ديس ڏي، وريون جاءِ بجاءِ؛

واري وسَ وساءِ، ڪا رازقَ روجهريَن تي.

 

(20)

روجهون وٺي واٽَ، هليون تَرايَن تل تي؛

گولاڙن جي گَس تان، چَٽن مِٺي ماٽَ؛

لاهي اُڃ اڦساٽَ، راهِي ٿيون رڻَ راهَ ڏي.

 

(21)

روجهون ريجاڻن تي، لنگهي لَس ويون؛

بوندون جيت بارَان جون، پَهاڙين پيون؛

رڻَ ۾ سي رهيون، جن پنڌُ نه ڪيو پهاڙ جو.

 

(22)

راهي ٿيون رڻ راه ڏي، لاهي اوسَٽ اُڃ؛

پهاڙيءَ مان پُڃَ، روجهن ڪيا رڄَ تي.

 

(23)

راهِي ٿيون رڻَ راهَ ڏي، لاهي اُڃ اُساٽَ؛

اَچي وُٺُن اوچتو، وڏَ ڦڙو ۾ واٽَ؛

رعدجي رڙين تَهي ڏٺائون ٽاٽَ؛

پُڳيون منجهه پهاٽَ، لَٿَن سِڪَ ”سچو“ چَوي.

 

(24)

وٺِي وٽَ پَهاڙَ جِي، هليون منجهان هيجَ؛

رسِي مَٿي ريجَ، پانڌوڙيَن پِيا ڪَيا.

 

(25)

رڻَ چڙهي روجهون ويون، ڏسي اوسَر ۽ اولا؛

اُٺا مينهن مِهر جا، مِهر ڪئي مَوليٰ؛

روجهون ريجهيون ڏسي ڪري ريجڪ رسيلا؛

واحد وسيلا، پَٽ تي پڌرا ڪيا.

 

(26)

روجهُن زارو زار، اُڀي رنو رڻَ ۾:

رڙيون ُڻي رُليُن جون، سعيو ڪيو ستارَ؛

ساري ساز سُرودَ سان، سارنگ لَڏين سارَ؛

روجهن ساڻ رهاڻ لئه، کِنوڻين ڪَئي کيڪارَ؛

ٽهي هليون ٽيلن تي، سُڻي گوڙ گجڪارَ؛

وسِي وسَ وڏي ڪَئي، وَسڻ جِي وسڪارَ؛

تانگهيون تارَئون تا ٿيون، ترايون تلهارَ؛

سَچي لَڌڙي سارَ، سِگهي تن سڪَ وارئين.

 

(27)

ڦوڙائي جون ڦَٽيون، ڦوڳيون ٿيون ڦولهين؛

آبر سندي آسَريءٌ، ٽَڪَرَ ٿيون ٽولهين؛

ڳوليو ٿيون ڳولهين، ترايون تَر ڀَريون.

 

(28)

”مُندائتا موٽيا“، روجُهون چَوَن روئِي؛

”قسمتَ قيدالماءِ کي، ڪونَ جَهلي ڪوئِي؛

”سائين سِگهوئي، وسَ ولهِن تي!“

 

 

(29)

”مندائتا موٽيا،“ روئِي چَون روجُهون؛

ڪمينيون ڪو جهيون، قادَر تنهنجيون آهيون!“

 

(30)

پانڌوڙيون پهاڙَ جون، رڻين ڪوه رهن؛

لوچي سي لَهَن، جن ”سچو“ ٻَڌو سندرو.

 

(31)

ماٿَر مٿاهان پنڌڙا، پانڌوريون پُرن؛

سانگن مٿي سَرڙا، چَريو سي چَرن؛

وري ٿيوُن ورن، ”سچل“ سي ساڻيهه تي.

 

(32)

ڇڏي رڻ راهِي ٿِي، روهَن مٿي روجهه؛

ٻيلي پَئي ٻوجهه، چَرڻ جِي تنهن چِت ۾.

 

(33)

روهَن اَندر روجهڙيوُن، ڪيون ڏکيون ڏولاون،

”سچل“ پَئي ٻوجهه، چَرڻ جِي تنهن چِت ۾.

 

(34)

پقلر پَهاڙين پَلٽيا، واحد ڪَين وَس؛

لنگهي ويون لَسَ، روجهون ريجاڻَن تي.

 

 

 

ڪافي 1

دمَ دمَ جا ديدار، وو، اَپَر اَسان جي نارق تي!

بآگا ڏاندَ ٻڌائون ٻيئي، تَن جِي ڳالهه ڪريان آءٌ ڪيهِي،

وهَن ڌارو ڌارَ، ڳاڌيءَ جي ڳِٽڪارَ تي.

ڀارونِي هِڪڙي چَڪريون ٻيئِي، آرا انهن جا آهن اِهي ئي،

وهن بارو بارَ، وو، لَٺ واريءَ للڪارَ تي.

ڦرهيون ونگڙون آهن اوڀاريون، اِرڙيون سونهَن مالَهه موچاريون،

جَهلڻ جا جهَلڪار، وو، لوٽِن واريءَ ڌڌڪارَ تي.

ڍڍي چونڪ جوئر جا نِسري، ڳنا تنهن جا ماکِي مِصري،

کِيرن جا به خمار، وو، آهن پيهيءَ واريءَ پوونجار تي.

ڪانگَن ڪانگيرو، وهِينَ واهيرو، ڪَٻَرن، ڳيرن ڪيو اَچي گهيرو،

ڳوڙهن جا وسڪارَ، وو، جيهرڪين جي جنسار تي.

آيو نيسرَ پاڙڇ ۾ پاڻِي، مرشد اچي ٿِيڙمِ ساڻِي،

سا جوئر پَچام جار، وو، آهن ڪَم ”سَچل“ جا ڪلتار تي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org