سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :11

 

ڪافي 40

ٿل- مان ڀي گهوريان جُثو جان،

ڀَلِي نينهُن ٿِئي نِيشان.

1- هِي سِرُ سَندَوَ اصل آهي،

اُن ۾ ڪو شڪ گمان ناهي،

عشق ٻاجهون ڪير ڪاهي،

هو گوءِ، هو ميدان.

2- آءٌ اصل تنهنجي آهيان،

ٻانهِي گولِي، ٻِئي جي ناهيان،

تنهنجو ڪعبو، تو ڏي ڪاهيان،

مَرُ ٻُڌي جَڳُ جهان.

3- حاجي خانڻ هي حال آ،

دَر سائين جي سوال آ،

لَکَن ۾ لعل آ،

رکي منهنجو مان.

 

ڪافي 41

ٿل- جوڳي ويا جَڙَ لايون،

منهنجي گهايل دل کي گهايون.

1- جوڳين جي آهه جاڳَهَه جاتي،

جِنّ ملائڪ جي جاءِ ناهه تاتي،

اسين آهيون ناتي،

ڪٿي پنهنجو پاڻ لڪايون.

2- جوڳي آيا مون نه سڃاتا،

چورِي ويا چُپ چُپاتا،

نازڪ آهن نينَهن جا ناتا،

باهه ٻاريون ويا ٺاهيون.

3- حاجي ڏِٺا سي هوُءِ،

اجهو سڄڻ آيو تن جي سُوءِ،

مهڻا مارُن جا مارِن مُونءِ،

ڳڻ تن جا ڳائيون.

 

ڪافي 42

ٿل- ڪيان عِيدَ اَڱَڻ اڄ آيو،

منهنجو جانب نَوين نَوين ناز سان.

1- غم وهم وسواس وڃايم،

رمزون رمزن سان جَڏ لايم،

سڀ ٿيڙم بخت سَجايو،

روح ۾ رچي ويو ڪنهن راز سان.

2- وِجهي دامُ وَڪوڙيَوَ دلڙِي،

ڪيئن شيرن سان ٿيندي ٻِٽ ٻِلڙي،

هن جو مِيڪَڻ محض اَجايو،

مڃي منت نڌر جي نياز سان.

3- مُرڪَڻَ سان ٿو تَن مَن موهي،

خِيالُ دُوئِي جا دِل تان کوهي،

سهڻي اَنگَ انَگَ ۾ رَنگُ لايو،

ساهُ سوگهو ڪيائين، ريءَ ساز سان.

4- خانڻ خِيالُ ڏِسِي دِلِ خَورمي،

عشق اَڻانگو، نٿو ملي زر ۾،

توڙي کاڻِيُون، کُوهَ لٽايو،

ڇا، چِڙِي اُڏامي باز سان.

 

ڪافي 43

ٿل- ڪانگ ڪري ويا سانگَ، تن جي تانگهَه اٿم ڏاڍي،

جالڻ ٿيو جَرَ سان، وَلَرَ سان، سِڪ سرور جي ڏاڍي.

1- ديس ڇڏي پرديس جو وَئين،

وڃي ويسَ ڪَيَئه اِلاهي،

پَلي جو ويٺين پاڻ وڃي،

دلڙي ڪَيَئه ڏاڍي.

2- ڪُلَئِي ايرا، ڀَڳَئي ڀيرا،

جَلَن جانِبَ لَئه جيرا،

پائي جهاتي، دلڙي ڦاٿِي،

لَنوَ جانبَ سان ڏاڍي.

3- دَستگير پياري کيرُ،

مان کي محي الدين ميرُ،

چوي خانڻ، ملندم جانڻ،

سڪ سڄڻ جي ڏاڍي.

 

ڪافي 44

ٿل- درد واريون دلبر سان وو! ڳالهڙيون مون ڪيون،

دل چيون سڀ سُيون، ڙي يار!

1- جگر جيرا جوش ۾ وو!

تَپِي ٿِي پيا تَيُون،

رُڪ رَيُون، هن ڌَيُون، ڙي يار!

2- لڪائي ڪيون هوند لوڪ کون وو!

پر سڀ پڌر ٿي پيون،

اُهي ڳَيون، نَيُون نَيُون، ڙي يار!

3- نيڻن نارن ڪَلُور ڪيو وو!

وحدت منجهه سڀ ويون،

هن هيون، اَڻ مَيُون، ڙي يار!

4- خانڻ سڃاڻن مام کي وو!

هونديون هاڃي جون هَنيُون،

خواري کَنيُون، لوڪين لَيُون، ڙي يار!

 

ڪافي 45

ٿل- مُندَن مِلَڻِ جِي آئِي، او يار،

ساڳي سڄڻ مون ساريو.

1- مُندن هاڻي رنگ مٽايو،

صابر سُرکن سوئي سهايو،

اڄ نه منهنجو يار آيو،

جيڏيون جَرُ وڃي هاريو.

2- مُندن ڪيا رنگ الاهي،

سيءَ سرسائِي، ٿيا الاهي،

شاه حُسن پَهري شاهي،

چمن گل بَهاريو.

3- حاجي خانن اڳ نه اِيئَن،

اڄ ڏسان جانبُ جِيئَن،

جانبَ جالِج تون اِيئَن،

گولِي گڏ گذاريو.

 

ڪافي 46

ٿل- يارَ پنهنجي کون ڌار، ڙي ميان!

سُمهڻ ويهڻُ سڀ وِهُه ٿي آئيو.

1- درد چوان، ڪن ڳُجهڙي مَلامت،

هي سر صدقي، هجن سلامت،

آءٌ بيوس بيڪار، ڙي ميان!

پاڻَ ڏاڍن سان، مون نِينهڙو لايو.

2- درد نفيءَ ۾ وَئي آهي دل وَنگجي،

سوز وارا، ڪيئن بِيهَن سَنگجي،

عشق اِلاهي اسرار، ڙي ميان!

جن لايو، تن مطلب پايو.

3- درد چوان مان دل جو ڪنهن کي،

ڏورِ ڏُکنِ جِي، وجهِي وَئين جِيءَ کي،

اهڙو ڳُجهو آزار، ڙي ميان!

سوز وارن سارو سِرَ تي چايو.

4- درد بِنان ڪيئَن دل ڪري دانهون،

ووڙي ويچاري بِيٺي سڀ راهون،

حاجي هاديءَ جي اختيار، ڙي ميان!

سِگهو ملڻ جو مَنَ سائين ڪن سعيو.

 

ڪافي 47

ٿل- رِيءَ ديدارَ يارَ جي تون،

گهُرُ نه، گهُر نه ڪو ٻيو.

1- هڪ نَشو هو ناز وارو،

شاهنشاهه شهباز وارو،

پِرين آوازَ وارو،

سُر نه، سُر نه ڪو ٻيو.

2- لِڪي ڇَپِي ٻُڌ ڳالهه هڪا،

ٻي دَرِ جهَلِين ڇا کي ڌڪا،

ٻيا ڪُلئِي ٿِي پار ڦِڪا،

چُر نه، چُر نه ڪو ٻيو.

3- پَنڌُ پُڇاءِ پارُ اهو،

هڪ سچو سردار اهو،

شافي شمعدار اهو،

ڏَر نه، ڏَر نه ڪو ٻيو.

4- حاجي خانڻ هر مَڪان،

جنهن جي سارَه منجهه قُرآن،

اعليٰ سيّد سَندو شان،

مهر نه، مهر نه ڪو ٻيو.

 

ڪافي 48

ٿل- مون يارُ آهي هِيئَن،

ڪڏهن ڪيئَن ڪڏهن ڪيئَن.

1- گهَڙيءَ  گهَڙيءَ هَسَندو ڏِسان،

ريَ بهاني رُسندو ڏِسان،

هِي سِرُ اُتي ڪسندو ڏِسان،

واهَه واهَه وَڻِيَنِ جيئَن.

2- زلف جا زَنَجِيرَ ڌَري،

نَينَنِ تُفنگَ تِيرَ ڌَري،

شَڪَرِ سان شِير ڌَري،

رَنجِ نه رَهي جِيئن!

3- شاهه حُسنَ جو شانُ چوان،

بي مِثل بَيانُ چوان،

مَي اُهو ميخانه چوان،

سِرَهي سينڱنِ ڪيئَن.

4- حاجي خانڻ هو نِقابُ،

اِسم ذاتيءَ وارو آبُ،

ڪُسِي اُتي ٿيءُ ڪبابُ،

’هُو‘ هو لَڌَمِ هِيئَن.

 

ڪافي 49

ٿل- ڪاهي قافلو ڪربلا ڏي ويا ڪالهه کڻي،

حَسن مِير حُسين کي، ويئي اها ڳالهه وڻي.

1- حَسن حُسين مِيرَ هئا،

کَنڊ په شَڪر کير هئا،

دانَهه دَندان گِير هئا،

قضا باب ۾ بَڻي.

2- پُٽُ ته عَلِي شير جو،

ڏوهٽو دانَهه دلير جو،

بدلو وٺڻ وير جو،

هُتِ توبہ ڪا تَڻِي.

3- حاجي خانڻ هَوش ٿيو،

ڪربلا ۾ ڪوسُ ٿيو،

ڏاڍو وڏو افسوس ٿيو،

رضا رب کي وڻي.

 

ڪافي 50

ٿل- صبح توڙي شام،

آهيان يار جو غلام.

1- عرش زمين مُلڪ نه هو، خلق فلڪ مَلڪ نه هو،

درد دوا دلق نه هو، هو عربي احمد ڄام.

2- اَرض و سَما رَينَ نه هئي، اصل عَين غَين نه هئي،

نظر نِگهه نين نه هئي، ڪو پروڙي مام.

3- دِين ڪُفر ڦير نه هو، پيش زبر زير نه هو،

غَم و غُصو غَير نه هو، طلب هُئِي تمام.

4- شَمس قَمر شَجر نه هو، علم حلم حَجر نه هو،

فرض سُنَت فَجر نه هو، احمد هو امام.

5- بَحر بيابان نه هو، جُملئه جهان نه هو،

شِمر شيطان نه هو، جوڙ نڪو جام.

6- آدم ۽ حَوا نه هئي، بهشت بني هوا نه هئي،

ڳالهه ڳُجهه سوا نه هئي، اي نه ڄاڻَ عام.

7- اسم جسم ذات نه هئي، ڏينهن ڀلي رات نه هئي،

عشق عقل بات نه هئي، نه رام نه سلام.

8- آءٌ انهيءَ جو عبد آهيان، ان جو ڪعبو ان ڏي ڪاهيان،

مَڪي واري مان آسَ نه لاهيان، اي مان سان انجام.

9- حاجي خانڻ حق حبيب، مليو مون کي مون نصيب،

اسم ذاتي اُو عجيب، سندي سيّد سام.

 

ڪافي 51

ٿل- آيو سڄڻ مون وٽ، ڙي اديون!

لَکَ ٿورا ڀَلي جا ڀانيان.

1-  ڏِسي عيد ڪيم حج ذاتي،

عامن ڪاڻ آهي صفاتي،

اها ڳالهه ذرو نه گهٽ، ڙي اديون!

ڳَلِي ڳَلِي سدا ڳُڻ ڳايان.

2- جيهُسِ جَڳَ ۾ مَٽُ نه ثاني،

اها معنيٰ غيب لِساني،

ڏِسي قلبون لاٿم ڪَٽ، ڙي اديون!

اها رمز خَفي رنگ لايان.

3- ڳَلَ ۾ ڍولُ ڍولَڻَ جون باتان،

صحيح پڙهان، جن جون صلواتان،

ڪيم هِجر اندر ۾ هَٽ، ڙي اديون!

سُتي سُمورن لوڪ سُڻايان.

4- خانڻ خيال ڪيا ڪُل پُورا،

شاه حُسن دا ڏٺم ظهورا،

مُوءِ محبوبن جو نڪو مٽ، ڙي اديون!

سؤ صفتين شعر بڻايان.

 

ڪافي 52

ٿل- سَنجهي پَئين سمهِي، سارو ڏينهن گهُمِي،

چل چل جو چٽڪو، کنيو تو چَمي.

1- عجب رات آهي، سمهين پير ساهي،

ذرو گهٽ ناهي، وريا ڄڻ ڪَمِي.

2- اُٿِي جاڳُ جانِي، اَڃا اَٿِي جوانِي،

فنا نيٺ فاني، ڪاڏي وَئِي اَمي.

3- ڪيو ننڊ ندوري، ويو وقت زوري،

هاڻي ڪجانءِ هوري، لڳي رت رمي.

4- حاجي هادي هو، جاڳين ملي ٿو،

تنهنن جو مَٽُ نه ڪو، مَٿون ڌُم ڌَمِي.

 

ڪافي 53

ٿل- ادا، وئِي وڻي، ڪئي ننڊ گهڻي،

سَنجهي سُڌ نه پَيَڙي، سانڀر ٿو سڻي.

1- اُٿي هَل سويلو، آڏو سخت ٻيلو،

دنيا وقت ويلو، ڳَڻيون ٿو ڳڻي.

2- ٻُجهي بَحر بارِي آهِين تون نه تارِي،

اوکي هوا لهرِي، سُجهي ٿو ڌڻي.

3- وِچُون وِٿ وَڏي آ، ڪوڙن لڏ لڏي آ،

پنهنجي سر مَڏِي آ، ڪنهن جي نا کڻي.

4- حاجي هِتَؤن هلبو، دنيا سارو دَلبو،

هِي سَورُ هُت سَلبو، بيشڪ باب بَڻي.

 

ڪافي 54

ٿل- فاني جهان سارو، ٿيڻو ضرور آ،

پيالو اَجل جو سڀ کي، پيڻو ضرور آ.

1- لَکَ لاڏلا لڏي ويا، دنيا جي دَور مان،

اڄ يا سڀان ۾ توکي، لڏڻو ضرور آ.

2- راتيان ڏِينهان روئي رڙي، رِيجهاءِ رَبّ کي،

جنهن قادر قدير سان، ڪم پوڻو ضرور آ.

3- ڪُلّ نَفۡسُ ذائِقةالموت، ڏِس پڙهي تون،

سچو ڪلام رَبَ جو، ٿيڻو ضرور آ.

4- پَرتو اَٿيئِي محمّد! هي سَگ دَرَ جو خانڻ،

قاضي خداءِ حشر ۾، ٿيڻو ضرور آ.

 

ڪافي 55

ٿل- ڪجهه خيال ڪر تون بندا، مرڻو ضرور ٿي،

سوڙهي قبر ۾ توکي، سُمهڻو ضرور ٿي.

1- ڊڄ ڀؤ خدا جي باري،

پڙه پنج وقت ساري،

خدا جو پُڇاڻو، ٿيڻو ضرور ٿي.

2- اوکي ٻُجهي ٿي قيامت،

اڄ يا سڀان سا ٿيندي،

آڏو خدا جي تنهن ڏينهن، بيهڻو ضرور ٿي.

3- جتي نَبِي وَلِي سڀ،

نفسي پيا پڪارن،

ميدان تنهن ۾ توکي، هلڻو ضرور ٿي.

4- اهڙو ته ڏکيو آ محشر،

رک خوف دل ۾ خانڻ،

قاضي خداءِ ٿيندو، ڪنبڻو ضرور ٿي.

 

ڪافي 56

ٿل- اُٿي ڪَتِ چرخي کي چور،

سمهه نه سَنجهي، جو ننڊ ٿي نهوڙي.

1- ڪَتج ڪَنبج پور جا پهاڙي،

 ڏنگو ڦڏو ڀي اَيٽ ڏهاڙي،

اڳتون اديون آهن اور.

2- مُنَ تاڙيُون ڇڏ نه اُکوڙي،

ڪَتڻِ بِنان وَرُ، وري وري جهيڙي،

پاندَن جي پوندي ڦور.

3- سمهي سمهي سڳڙو سورج،

پَها پوڙيُون بٺيون پاڻهي نه ڀورج،

شل نه وِجهَئِي وَرُ شُور.

4- هي هنڌ، هو هنڌ، فرق وڏو آ،

خانڻ عشاقن ورق وڏو آ،

ڪِينَ ڄاڻن جي ڪور.

 

ڪافي 57

ٿل- ٽَڪڙِي ڏِنگِي، ته به چرخي کي چور،

آتڻ – گهَر وَر ڪين وسارج.

1- ٽَڪَ ڏِنگِي وَرِي وَر ڪج ڌيان،

ڪَت ڪَت قلب، نه ٿِي نادان،

گمراهي جو لاهه گمان،

ذرڙيون ڪَندءِ آڏو زور.

2- هڪجيڏين جا هلندا راڄ،

ڪوڙين ڪندي هڪ هڪ ڪاج،

اها ڪرڙي ورڙي حاج،

مانُ هوندءِ ته ڦِرندو مور.

3- جيڏيون سَرتيُون سُهمَن واريون،

ويهي وينديون تو چوڌاريون،

پَها ڪَتي ڪيائون خالي کاريُون،

ڏاڍي چرخن ٻڌي ويون ڏور.

4- حاجي خانڻ خوف جڳائي،

واٽ اُتون شل! وَر نه ورائي،

محشر ماڳ هلج پُڇائي،

ملندءِ مرسل ٻيو نه ڪو اور.

 

ڪافي 58

ٿل- ڪَلَ نه پَئِي تَقدِيرَ جي، تَدبِيرَ ڪري ڄَمان،

انگ ۾ اصل ائين لِکيو، ڏوهُه نه ڏيان اما.

1- مُوڙهِي مت مذاق ڀانيان،

رِڙهي ڪاڏي رَمان.

تو سَيّدَ ٻاجهُون واهَه نه ڪائِي،

چوان نَه مان، نمان.

2- اڄ ڪلهه کَؤن نه عشق تُنهنجو،

سال لَنگهيم سَمان.

بي خبر کي خبر نه هئي،

غافل ڪَيَسِ غمان.

3- طلب رکيم يار تنهنجي،

ٻِئي سان نه ٿم طعمان.

آهي اُميد ايندين، نيندين،

دلبر، دَمان دمان.

4- حاجي خانڻ واهه جو ڏٺم،

تون سائين، چايم شمعان.

ويٺي سُتي تون هِين ياد،

اُڀا گهُميس لَمان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org