سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :9

داستان-4

ٽيهه اکري

الف- الله جي اسم کي اور ، ذاتي قلب پڙهائج زور،

مرسلُ مِيرَ تَون سر گهور ، چَئن يارن ڏَنهَن محبت چور،

راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛ شاهه ڪُلئي جا رکندو شان.

بي- بِنا حق عُمر امير، هيءَ ڪيئي قابوري تقدير،

هئي حق جن جي ڄڻ تدبير، ظاهر دنيا منجهه زنجير،

هيءَ نه خصلت تنهنجي خانَ، راضي ٿيندو رَبّ رحمان،

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

تي- تن اندر ڪريان تور ، عشق الاهي اصل کون اور،

امير عُمر هي نه ڪر زور، آڏو قيامت، جِت ڀَڃَ ڀور،

جاتي دفتر، در دربانُ، راضي ٿيندو ربّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

ثي- ثابت رکندو سير سَچي، ڪفر ڪهاڻي ڳالهه ڪَچِي،

ڪي ڪي باڪا وڃن بَچِي، راسخ راول رَمز رَچِي،

هي دنيا جو ڪوڙ مڪانُ، ، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

جيم- جڏهن ڄڻ ڄايس آنءُ، نِينهُن جدائي رکيم نانءُ،

روز ڏکن ۾ ناهي ڏانءُ، ٿيڪي ڀَڃان ڀيلو ٿانءُ،

وه ويڙيچي تنهنجو مانُ، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

حي- حق ڄاڻِي حق کي ڄاڻ، اصلون پختو اي اهڃاڻ ،

قاضي ٿيندو پاڻ سڃاڻ،ڪانه وجهي شل ڪنهن ڏي ڪاڻ ،

هر ڪو ٿيندو هُت حيران، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

خي- خدا لڳ عرض عليل ، امير عمر! ٻڌ آءُ اصيل ،

لاهه نڌر توَن درد دليل، هي ٿي ڪرمش مڃ قليل،

بيڪسَ بيوس ٻُڌج بيان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

دال- دلاسو ڏي دانُ ڦَٽِي ، امير! ڦٽيل کي ٻَنڌُ ڪا پَٽِي،

مَرڪ اسان جا کائڻ کَٽِي، مَرڪ ته تُنهنجو ماڻ ڇَٽِي،

قرب تنهنجي ۾ ڪا گهٽ ڪانَ، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

ذال- ذڪر ذاتيءَ وارو، دنيا اصلون ڌّنڌ اونڌارو،

وِيرَ وڄائي ويا وَهه وهه وارو ، آخر ايندو تُنهنجو وارو،

حجت زور هُتِ هلندي ڪانَ، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

ري- رب جو ٿئي راز رفيق! توڙون توکي آهه توفيق،

وڌي اياڻن ڏَنهُن آءُ وڌيڪ، نامَٽ تنهنجو شانُ شريڪ،

آءٌ ڪَمتر ٿيان قربان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

زي- زبر ڇڏ، زورو زنگ ، نانءُ ڀَلو ٿِي ڪر ڪو نَنگ،

سَلو سائو تو ۾ سنگ، معنيٰ مخفي اُن ڪُون مَنگ ،

اي نُڪتو ٿي، غَيب لِسان ، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

سين- سچائِي نِيندِءِ توڙ، ٻيائي کي کڻي ٻِيهَر ٻوڙ،

پنهنجي ڪمن کي پاڻهي جوڙ، خرمُدعي کي خنجر کوڙ،

قابو ڪشفي جوڙ ڪمان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

شين- شڪر ڪر، شافع شاهه، سي ڪم ڪر تون، ٿين مباح ،

ڪر نه غريبن تي هلي ڪاهه، مڙندي خلقت گاهه،

مالڪ پُڇَندءِ مَنجهه ميدان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

صاد- صداقت ذرڙو ڌار، جو ٻج پوکين تهڙي ٻار،

مالڪ ملڪ ملير ڏي وار ، ”خانڻ“ چُنيون مون ليڙ ليار،

هُت سَنڱرن جو وَڌِ سامان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

ضاد- ضرر ٿي هَستِي ڪُل، ڌاران حليمت ڪونهي تُل ،

چوڏهين صدي جو هي هُل، باغ بهشتي ڳولج گُل،

تان توتي ٿئي ڪو احسان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

طوي- طلب رک طالب ٿِي، وحدت وارو پيالو پِي،

جو ڦوٽ ڪري، تَنهِن چَو جيءُ، حرف عجائب اصلون اِي،

ٻيا بَن، دُئِي جا، ڪوڙ ڌِيان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

ظوي- ظالم نا ٿيڻ چڱاءِ، امير عمر! هي من سَمجهاءِ،

محض نِماڻي ملڪ وَراءِ، تان هُت قيامت جڙندءِ جاءِ،

هُت سُڃ سختي بَر بيبان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

عين- عشق جي ڳالهه اَڻانِگي، آءٌ نِت ساريان پَنهنجا سانِگي،

مار نه محبت ٿيم مَهانگي، داغ اِنهيءَ، آهيان دانگي ،

ويڻ واڻي پيو ڪر ويران، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

غين- غريبن جا تون غم لاهه، توکي ڪنهن جي نا پرواهه،

هڪ جهڙن سان سينو ساهه ، هيءَ غلامَ، غلامن آهه،

فائق جا ڏس هي فرمان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

في- فضل گهُر فائق وارو، امير عمر! هي مار نگارو ،

هيءَ ڇڏ ڇوڙي، ڪم موچارو، ڪُوڙي دنيا، ڪوڙو پسارو ،

ميل مارن سان،لهي ارمان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

قاف- قرب جو مَنَهُه اَڏيج، سيّد کي پيو روز سَڏيج،

ڪونه ادا، ڪو اهڙو ويج ، هيڻو هُت هي حال ڌريج،

پاڻهي داتا ڏيندءِ دان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

ڪاف- ڪيئي ويا ڪنبندا شير، سڪندر دارا دُر دلير،

وِير سَٽي ويا وه وه وير، شاعر چئي وياتن جا شعير،

ناميا چلي ويا ڪئي نادان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

لام- لکين ويا ڪنبندا غازي، مير عرب گُهرجي راضي،

مارُن ٻاجهون دل گدازي، من ميلو ٿئي عمر! ماضي،

سڀ ڪم جڙندا ڏَنهُن سُبحان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

ميم- مدد ڪر مُرسل مير، ڀڃ ڪَڙيون ۽ ڪوٽَ ڪَبيِرَ،

مارن ٻاجهون هيءَ دلگير، شاهه نه اَڇج شڪر شيرَ،

ڪَوڙا ڀانيان، زهر ڪَلان ، راضي ٿيندو ربّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

نون- نبيءَ جو نالو مَڃ، هي ڪڍ بانِدي ڪَڙُيون ڀَڃ،

اڄ ڪلهه ايندي تودر ڄَڃ، ساز هٿن سان پاڻ نه سَڃ ،

طلب خدائيءَ منجهه هڻ تانَ ، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

واوُ- وصل جو ويلو آيو، سانگين هئي هئي ڏور سِڌايو ،

هي هنڌ، هُو هنڌ، ديس پرايو، بار عشاقن سر تي چايو،

هي جڳ ڇوڙي ويا سلطان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

هي- هميشہ گهُرجان ياري، حاجي خانڻ توبہ زاري،

مالڪ جي درلک لک واري ، عمر اجائي وئي هيءَ ساري،

صدقو يار تان سر قربان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

لام- لطف هت ليکيو ناهي، اَس اميد اصل کون آهي،

مدعي موڳو چڙهندو ڦاهي، ڪامل مرشد ايندو ڪاهي،

مي ، مَئي ڏيندو مئي ميخان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

- الاهي گهر جي تنهنجي ٻاجهه، پاڻهي ڪندؤ ڪلئي ڪاج ،

سچو سيّد آهه سرتاج، لائق ڪل جي رکندو لاج ،

ملندو محشر منجهه مڪان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

يي- يڪ ضامن آهي پاڻ، ٻي جي شاعر ڪڍج نه ڪاڻ،

ڄاڻ اهو ئي پاڻ سڃاڻ، هي گهٽ، هُو وَڌِ تون نه ڄاڻ،

ڪلمو ٻولج ساڻ لسان، راضي ٿيندو رَبّ رحمان؛

شاهه ڪلئي جا رکندو شان.

لا الٰہَ الاّ الله محمّد رّسول الله.

_____________________

 

ٽيهه اکري

الف- اَلَهه ڪُون اَندر اور ،

ذاتِي اِسم ڪَماوين زور،

تَن ڪُون طاقت لَهِسي تور ،

ويک حُسن دا، شاهي شور،

اَڏِ مَنِ مَنَهِي، مِسِي مور ،

ڌار، سَنيان دي ڍَڳي ڍور،

ڪَک پَن چاويرن، چاريئي چور ،

سَنگن سَرتي ، ڇو هائي ڇوڙ:

پوَک پَڪِي هَئِي پيها جوڙ،

معنيٰ مَخفِي، مُنهن نا موڙ!

بي- بَرسَر هي بار اَڻانگا،

مُرسَل مِير دا، عشق مَهانگا،

مار خودِي دا،ڪَٻر ۽ ڪانگا،

ٿِي ڪَڍ ڪڙمي! ڀوجهر ڀانگا ،

بي ڪم، بي غم، ٿِيوين نه نانگا،

سَدا سُکي جِند، ڪَرين نه سانگا،

تَرڻ پيوئِي، تار ۽ تانگا،

اُنهه ڀَر چَل، تون ڏيسِين اوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

تي- توَڪّل هَردم تاري،

ڪُڙمَت ري هِن ڪم نِياري،

دِل گَڏ شامل يار سُونهاري،

سڀ ڪم تيڏي ٿِيوَن سوڀاري،

ٻاجهه والي ٻَڌ، ٻَني ٻاري،

وَهه! اصحابِيان ڪَم واڌاري،

ويسَر ڇوڙ، نه وَهن ونگاري ،

کيڙِ ڀَلِي يَرَ! ڏيوين کوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

ثي- ثابت يَرَ! سِير سُڃاڻي،

ڏاند ڏَٻي ڪُون اَک وِچ آڻي،

ٻَني تَيڏِي وِچ لاهه پُراڻي ،

ڊاهه ڇوڙئي، جنهن شاهه سياڻي،

گاهه اَڻانگي ڪوئي نه ڄاڻي،

واهه! ڏِٺياسي، وِير ويڳاڻي ،

ڀورڀَنجهُو ڪون مانند گهاڻي،

موٽ مَدي دي ٽانگي ٽوڙ :

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

جيم- جڏان تون جوڳ ڪماوين،

صاحب دي دَر، تَڏان سِباوين ،

ٿي خوش خَندان کاوڻ کاوين،

ڪُلهي تي ڪوڏَر، قَلبِي چاوين،

اَسر ويل ٻَنِي وِچ آوين،

پاڻي پر تئون، پوک پِلاوين،

ڏيهه اُهو، ٻي طرف نه جاوين،

پوک ڪڻڪ، جَؤ ٻاجهر ٽوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

حي- حق تَيڪُون ، پوکڻ پوک،

کَڙي ڪَماوَن سؤ لک لوڪ،

ڏي جوڙي ڪُون، چَهبڪ چوڪ،

نيڻين نار، وَهاوين نوڪ،

سَٽ مَستي، ڪَر محبت موڪ ،

طلب پَنجالِي، ڳَل وِچ طوق،

هَل هيڪڙائِي دي ڪُون ڌوڪ ،

چَشم چِٽي ڪَر چوني چوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

خي- خدا داخوف ڪَرِيجي،

وحدت سندي نار وَهِيجي،

سڀ ڪم تَنهندا، صاف سرِيجي ،

پَهلُون پاڙڇ، خوب ڌَرِيجي،

نيسَر نِڪ، هَروار هَرِيجي،

محبت والِي مالَهه وَرِيجي،

مَن موڳي ڪُون واهه مَرِيجي،

قرب ڪِنگَر ڪر شامل جوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

دال- دِليون مَن مَنهَه سينگار،

آخر آوُسِي تيڏي وار ،

چَڪر مثل، دنيا چوڌار،

ڦِري فَلڪ دي هَرهَر وار ،

عَقل دِي اِرڙِي آوسَئِي ڪار،

لَٺ گهَت تيڏي عمر ڄمار،

پَڪڙ مُنا، جوهي مَهندار ،

ڪاڃَڻ ڪَنبدي ڳَئي ڪروڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

ذال- ذڪر حق هووي ياد،

خاڪِي تيڏا خَاڪ بُنياد،

اِسم جِسم ڪُون ڪر آباد،

مُدعي تَيڏا ٿِيسَئِي ماد ،

موڪ وَها ، ڪر تون دل شاد،

وقت وڃاوين، نا برباد،

اڳُ دا جوڙي ڪو امداد،

توشا ٺاهِين قيامت توڙ :

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

ري- رب پاڪ رسول دا رايا،

سمجهه ادا ! جو تَئِين سِرآيا،

هُڻ ڪِيُون ڇوڙين وقت اجايا،

ڪم او ڪَر، جو رب سمجهايا،

ڍِڍا، کيرا، چَونڪ لنگهائيا،

سَٽا اَنَ دا، سَهنج سمايا،

پير پَکيان، کاوَڻ لَئي پايا،

خوف کَنڀاڻي، سَٽ، گهت نوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

زي- زَبر دي ڳوڙهي ٺاهين،

پِرت دي پيهي، پير نه لاهِين،

نِت نِت واهي، ويسَر ڊاهين،

مُلڪ ڪُلئِي ٿئي، سمجهه اتاهِين،

جيڏيان دِيا جُڙ پَوسن راهين ،

تَيڪُون پوسِي، ڪَل تڏاهِين ،

چَل چَل پَوندي، سَنجهه سُڀاهِين،

لُنگِي پوتي، گهَتَسن روڙ :

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

سين- سچائي آوُ سَئِي ڪار،

پوک پَڪِي تي، پَکِي هزار،

چاري کَڙو ڳَئي هِن چوڌار،

ڪانوَ، ڪَٻَر، بَيٽَر بيڪار،

ڳوري ”ڳيريان“ دِي ڳِٽڪار،

سُڻي ”ٻوڙِي“ دي، ٻَهون ٻَهڪار،

شرح تِنها دي، نَهِين شُمار،

ٻَچي آني، ٻيٺِي ڦوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

شين- شُڪر ڪَر، شَهه دلدارِي،

حاجي خانڻ هرهر وارِي،

جهار آڳوُندي ڪر هوشياري،

مدعي دا تون ٿِيوين مارِي ،

ويل آوُسَئِي، نا وَل ٻِيهارِي،

پوک پَڪي، ڪَر خبرداري،

رب دي در تي توبهه زاري،

آک ادا، تا لَهسَئِي سوڙ :

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

صاد- صديق، عمر، عثمان،

علم علي دا، شاهي شان،

چارئي نِرمل ، نُور نِشان،

چارئي رَهندي، در فرمان،

چارئي دفتر دي دِيوان،

چارئي اڪبر، وِچ ايوان،

چارئي سُونهَن ، وَه سلطان،

چَئيِن يارين، دروازي دوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

ضاد- ضَرر تي، نَفِي دِي ڳال ،

ٿي سياڻا سمجهه سنڀال،

ٻارِ وَنڊڻ دا، ڏِيوا ٻال،

اُٿ هَئِي حاڪم، هي نَنگپال،

ٻِيئي سڀ ويسَن تيرهن ئي تال،

هرڪو هوسِي، هِڪي خيال،

ڀيڻ ڀِرا، ڀَڄ کَڙسَن سيال،

نيڪيان بَديان، ڪڍسن ڪوڙ :

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

طوئي- طمع دي تالي ڀن ،

ڏِنگي ڪَرواي، ڪَر ڪوڪَن،

هر ڪنهن دا، اُٿ آک وطن،

هرڪو  اِٿ، هي بيوطن،

جيها مرد، تيهي اُٿ زَن،

ڏيسِي آخر، هرڪو ڏَن،

ڪونه فِڪل ڪو، چَلسِي فَن ،

اي ڳَنڍ ڏيوَڻ، ڏاڍي ڏوڙ :

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

ظوئي- ظلم، اُٿ ظلم نه زورا،

شاهه نه ڦولي، ڪَهندا ڦورا،

بخت نِڌَر دا، ٻَهون نِدورا،

نَهين اُماهِيَل، اصلون ڪورا،

ٻانهان، سائين ٻاجهون ڇورا ،

هرڪو آکي هي لُچ لورا،

هر ڪنهن تي مرسل دا ٿورا،

سؤ لک پَدما، ڪيئِي ڪروڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

عين- عنايت اَبَر الاهي،

مَنگ مُرسل، کون هر هَمراهي،

در صاحب دي، سَوين سپاهي،

پوک ٻَني تي، ٿَئي جَڏ لاهي،

تيڏي ٿِيسَن، نال پناهي،

ڏيسَن کَڙا اُٿ، مَلڪ آگاهي ،

ڪُوڙيان دي مُنجهه ويسَن ساهي ،

شَہ دُلدل ڀي، اَوُسِي دوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

غين- غريبان، حال پُڇيسِي،

ڪِٿ ڳَئي تيڏا مال؟ پُڇيسي،

ڪِٿ ڳَئي سَڱ سيال، پڇيسي،

ڪِٿ ڳئي ترڪ تال، پُڇيسي،

ڪِٿ ڳَئي حُسن جمال، پُڇيسي،

ڪِٿ ڳَئي خَندان خيال، پُڇيسي،

ڪِٿ ڳَئي ماهه تي سال، پُڇيسي،

ورهيه لَکان دي، ڳَئي هِن ووڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

في- فَنِي اُٿ حاڪم ڪَرڙي،

چانجُوسِي ٻَهه، پُڇسَن ذرڙي ،

ٻار ٻَني پاءِ، آوُسَن پَڙڙي،

گهڻا ويجهائي، تائين گهرَڙي،

تُون اِٿ لائي، ڇوڙي طُرڙي ،

ٻار گهَتن وِچ،کاهِي کُرڙي،

چائِين چوڌاري، چُوهي ڏَرڙي،

هَلي اُونان دِي ، هرگز هوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

قاف- قديمون، ايهو قول،

پَڙسي آخر، پَهلا ٻول،

رمز رِندِي، نه ٻنڌي رول،

پوک پَڪي، ڀَر کاوين جهول،

اڳون تحَصِيل، ڪَريسَن تول،

پاندا چا، ٻَنڌ ٻَهسَن مول،

بيڪاري ڪُون، پَوسِي ڏول ،

چَئين ياران دي مُدعي ڇوڙ :

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

ڪاف- ڪئي اِٿ، اَڀُون، ڳَني،

سَبز ٿئي هِن تيڏي ٻَني،

تون لُٽ ڏيندءِ رهڙي رَني،

آکيا ڪَهيندا، مُول نه مَني،

پوک سنباهِي، تيڏي سني،

آس ته جَنهن دِي، موليٰ پُني،

مدعي دي سر، مارين کَني ،

قادر ڏيسِي، تنهن ڪُون کوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

لام- لَکِي درٻار سَڏيسَن،

پوکئي دا ڏَن، آخر ڏيسَن،

جوئِي پوکِسن، سو وَت چَئِسَن،

جنهان ڳَڻ ڪِيتِي، سي ٻَهه کُئسَن،

ارادي ڪِنهان دي اَڳون مِليسَن،

ڪوئي نه ڏيسِي، ڪيڏي ويسن،

بيهودي ٿِي، مُنهن مَليسَن ،

لاهي اُنهان تَون، سيّد سوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

ميم- مَدد، اُٿ مرسل مير،

ڪونه ڇُڙيسِي، ڪو دلگير،

حاضر هوسي، نال حقير،

ٿَئي ڏَن معافي، ڏي مَن ڌِير ،

عيب اَسان وِچ، ڪُل ڪَبِير،

ڪري قبوليت، بي نظير،

سن چوڏهان آئون وقت آخير ،

تيڏي دامن، ڳِڌُم دوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

نون- نگهبان، هي هڪ هادي،

تين وَت جيڪا، پوکي راڌي،

ڪائِي سَڄِي، ته ڪائِي هي اَڌِي،

ڪائِي هي بَچِي، ته ڪائِي هي کاڌِي ،

هُرلا ڪاهه ته ڪُلهين ڳاڌِي،

جاڳ، جِنهان ڪيتِي آبادي،

تِنها دي گهَر وِچ، هردم شادِي،

سي ڪَر کاوَن، حَلوي ٻوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

واو- وصل دي، ويلي ڄاڻ!

ڪوئي نه ڪَڍسِي، ڪَنهِن ديِ ڪاڻ،

سيّد اَوُسِي، نَنگ سڃاڻ ،

پَوسِي هر ديري وچ ماڻ،

مِلسِي تَيڪُون، ڏُوڻا ڏاڻ ،

رک خبر تون، آپ سڃاڻ ،

چِيري لُنگِي گهَتسَن ڇاڻ،

مرسل دي سِر، هوسِي موڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

هي- هميشان، هِي هِڪ ذات،

ڪانه ڪَهِين دي، پُڇي ذات،

مُونجهِي هوسي، هر مصلات،

هي سِڪ ميڪون، حج عرفات،

طلب گهڻيرِي، تن وچ تات،

واصل ڪر، ڏي ذات صفات،

شام صبح هوءِ صوم صلوات،

ٻِئي ٻَن حِيلي ! او ڳِيُم وَڪوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

لام- لَکين اڳ لائق ٿوري،

مَئِن تان تَئَتؤن، گهوري گهوري،

نام الله دي، آوين اوري،

ڏينهن ڏهاڙي، تولَڻ تو ري،

تَئِن شهَه ٻاجهون، ڇني ڇوري ،

ڪوئي نه زور، رهي بي زوري ،

مِلي شاهه، لَهي لَک هوري ،

غم وسواس، وڃن ڀي ڇوڙ:

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

اُلُف- اڱڻ آ، ٿِيوَم عِيد،

ديدان سَرهي ، ويکي دِيد،

سِڪ وِچ ٿِي ڳَئِي، دِل شَهيد،

مَر ، کَر کامي، خَر يَزيد،

مَئين هان تيڏا، مُل خريد،

دَرسن ڪارڻ، دل دَريد ،

محبت تَيڏِي، محض مفيد،

ڏِينهن ڏُکاندي، لَنگهندي ڏوڙ :

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

يي- يڪ يار، هووي شَل راضي،

عيب اڳوڻي ٿِيوَن ماضِي،

نا مَئن سُنِي، نيڪ نمازي،

طلب تُسا ڏِي،تن وچ تازِي،

بِره سَندِي، وَه اُلٽي بازي،

سي وَت ڄاڻن، گوهر غازي،

ڪَرِين ڪُلئِي دِي، ڪارسازي،

پڙهو ڪلما، لَهسِي سوڙ :

پوک پَڪي هَئي، پيها جوڙ،

معنيٰ مخفي، مُنهن نا موڙ!

لا اِلہَ اِلاّ الله محمّد رّسول الله.

_____________________

 

ٽيهه اکري

الف- اَلله ڄاڻندا هي ، يار ڀِي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

بي- بِرهه دا بار اَوکا، هي اُٺاوڻا ،

غَير ڪُون پيمال ڪَرڪي، غم ڪُون کاوڻا،

سَٽ دنيا دِي دوستي، دوبار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

تي- تَرڪ طمع ڪُون ڏي تون، ويک تماشا،

هَٿ هُما دي آڳِيا، تون ڄاڻندئين باشا ،

عشق شهنشاهه هي، شڪار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

ثي- ثابت سَقِيم هَين، تون حال ڪُون سنڀال،

تيڪُون تيرا يار مليا، حُسن دا جمال،

سَهجُون سُنبل ڪاڪل،سينگار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

جيم- جنان نال لَڳي توڙ دِي يارِي،

گوند گَلي ٻَنڌ ڳِيا زلف دِي ڳاري ،

ڪَرڪي ڀلائي، ته ڀَلي وار ڀي آيا ،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

حي- حڪيم حال دا، سو ڄاڻندا حبيب،

ٻُڪِي ڏيوَن ٻاجهه دِي، ڪِيا ڄاڻندي طبيب ،

بيمار دِي دوا، سو ديدار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

خي- خودِي ڪُون ڇوڙ ڏي، خُدا نَهِين دُور ،

سَدا صَحن اَپڻِي سنڀال، هَئِي قصور،

ڪوئي ڀي ڄَمڻ نال، گنهگار نهين آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

دال- دَم دم سنڀال، يار دِيان ڳلان،

رِي دلاسي دوست دي، ڳلان وچون ڳلان،

غم دِي جا دوا، سو غم خوار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

ذال- ذڪر يار دا، نه دِل وِساردِي،

آئي صبا صبح پار، غمگسار دِي،

سهم وَهم ڳئي، سدا سورٽار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

ري- رقيب روز سڙي، يار ٿيا رفيق،

ڀَر گدا ڏي گام آيا ، گَنج ٿيا عميق،

ڳَئي ڏُڪَر دي ڏينهڙي، سُڪار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

زي- زاري، ذري ذري يار ڪُون وڻي ،

هي پريڙي پنڌڙا، يار هَئِي مَڻِي ،

هي بيگانا ڪَون تُون، بيڪار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

سين- سچائي بِنا، نهِين وصال ڪو،

خام بَڙائِي دائرا مَٽ، خيال سو ،

هي مثل حُباب دي، هيڪار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

شين- شَڪر شاهه دي، مَئِن گولڙي هوئي،

مِٺِي شَڪر شِير تَون، سا ٻولڙي هوئي.

خانڻ خمانا دا خمار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

صاد- صديق، عمر دِي ڳالهه وَڻياسِي ،

حضرت عثمان، علي شاهه چُڻياسي ،

اُداس دل ڪون، قرار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

ضاد- ضامن هي ضَعيفان، پَڪ ڪَر ،

وسوسا دل تُون لاهه، نه شَڪ ڪَر،

مَهل وچ ڏيکين ، قربدار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

طوي- طلب تِنها دِي مَيڪُون تانگهه توڙدِي ،

مَئِن دامن دِلُون ڳِڌي هي، ڪَب نه ڇوڙدِي ،

جنهن جَم ڪيتي خاقان، سو خمدار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

ظوي- ظلم دي، يار لائِي لَب ڪُون لالڙِي،

ڪير لَهي يار بِنا، دِل دِي ڳالهڙي،

پَسَند مَئِين پينار ڪون، پيار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

عين- عقل دِي، اُٿان ڪا بات نا هَلِي،

مِل کَڙا ، حُسن دِي مِٺا يار هَئِي ڳَلِي ،

لَک ڳَئي لَکين، نهِين شمار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

غين- غلامان دي هو غلام اي غريب ،

دُور ڪَڏاهِين نَهِين، او اصل عنقريب ،

تون هڪ جدا نه هو، ته جِي جِيار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

في- فنا دِي جاءِ اٿان، ڪيون مَريندي دم ،

يار تيڏي ماريا، ڪو عشق دا علم،

ٿي ميان، منصور سگهين، دار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

قاف- قَدمي يار دي خاڪ چُميجي ،

جاڳ تان سهاڳ ملي، سَنجهه نه سُمِهيجي،

ڳَئِي وِهاڻي رات، صبح سار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

ڪاف- ڪهندي نال، رَهي ڪانَه وَڏائي،

چَلدي چَلدي چَل ڳَئي، سو ڇوڙ چڱائي،

ڪونه سُڻيم ڪَنهن اُتي، اختيار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

لام- لَکين لوڪ پيا ڪَري پچاران ،

ڪِيوين هُڻ جاليسان ، يار دي ڌاران،

تنهن دي مُلهه خريد، جو مَهَندار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

ميم- مداحِي دا ٿيا، شاهه وسيلا،

رخ رقيب ڪور دا، ٿيا پَسِيلا ،

ماڻ سدا سُهج، اي سردار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

نُون- نَبي ڄام دا، نور نظارا،

ارَض سَما چَڙڪي آيا،مار اُمارا ،

شاهه بَهر شرف دي، شعء ڀي آيا.

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

واو- وَسِيلا ووڙ لَڌا، دلڙي وچاري،

پِرت اَلَهه پاڪ ڄاڻي، لڳي پياري،

سوته ڏيکڻ نال، اي نثار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

لام- نطف ڏيکِسي ، ڪيا ليکسِي عليل،

سخا سيّد ڄام دي، سدائي سَبيل،

ڪَون خالي، ڪنهن سَڻايا، واپار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

ء- الف اُميدان نه لاهين، عيب ڪَڄيسِي ،

دل بُکي ديدار بنا،روز رَڄيسِي ،

بيڪسان دا شاهه، اُتي بار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

يي- يگاني يار دِي، منگان ياراني،

صفت سڄي ڪيا ڪريسي نال لِساني ،

ڪوٽ سدا ڪلمي دا، ڪار ڀي آيا،

بلبل گل باغ وچ، بهار ڀي آيا.

لا الٰہَ الاّ الله محمّد رّسول الله.

____________________

. اور = هلاءِ، ياد ڪر (اورڻ = حال اورڻ).

. گهور = قربان ڪر.

. خصلت = عادت.

. تور = تَڪ تور، ڳَڻَ، پهه.

. سير = سِيل، سَچائي.

. باناڪا = بانڪا، بهادر.

. راسخ، مضبوط.

. راول = رانول، سڄڻ، محبوب.

. ڀيلو = ڪَچو.

. اهڃاڻ = نِشان، پَتو.

. ڪاڻ = غرض، مطلب، گُهرج.

. عليل = ڪمزور، بيمار، مريض.

. اصيل = بنياد وارو.

. نڌر = بي وس، ڪمزور، ضعيف.

. ڪرمش = آُداب؛ عاجزي.

. ڦٽي = ڦٽيل (مائٽن جي).

. مرڪ = شانُ.

. وير..... وارو = تو کان اڳ، جيڪي وِيرَ ٿي گذريا آهن، سي پنهنجو وارو وڄائي ويا معنيٰ اُهي واهه جو وقت گذاري ويا.

. توڙون = توڙ کان، منڍ کان.

. نامٽ = مٽ نه، برابر نه.

. ڪمتر = گهڻو گهٽ.

. زنگ = عداوت، دشمني، ڪَٽُ.

. منگ = گهر.

. نڪتو = باريڪ سُخن، عجيب ڳالهه.

. غيب لِسان = (غيب = پوشيدگي + لسان = زبان)، ڳجهو اشارو.

. ڪشفي، ڪشف واري، ڪشف= ڪرامت، اندر جو سوجهرو.

. مباح = روا، معاف.

. وار = وراءِ، موٽاءِ.

. ضرر= نقصان.

. هستي = طاقت.

. تل = مَٽ، برابر.

. ڦوٽ = ٻوڏَ.

. دُئي = ٻيائي.

. دانگي = دانگيءَ جهڙي. ڪاري، داغدار.

. سينو ساهه = مقابلو ڪر.

. مار نگارو = نغاري تي ڏنڪو هڻ. مارئي چوي ٿي ته ”اي عمر، من کي آزاد ڪري، پاڻ کي (شرافت جي خيال کان) مُلڪين مشهور ڪري ڇڏ.

. ڪوڙ = ڪوڙو، کوثر.

. پسارو = ڌنڌو.

. ميل = مِلاءِ.

. ويج = ويڄ، طبيب.

. وير سَٽي ويا = بهادر ڇڏي ويا.

. ناميا = نام وارا، مشهور.

. ٻاجهون = سواءِ، کانسواءِ.

. زهر ڪلان = وڏو زهر، زهر قاتل.

. باندي = قيدياڻي.

. سڃ = ٻُڌاءِ، هُلاءِ.

. تانَ = آواز، آلاپ.

. وصل = ميلاپ.

. سِڌايو = موڪلايو.

. واري = وارا، ڀيرا، دفعا.

. سي = شراب.

. مئي ڏيندو = وجهي (پيالي ۾) ڏيندو.

. ڪاج = ڪم.

. لاج = لڄ، پَتِ.

. اور = ياد ڪر.

. تن...... تور = تنهنجي تَن کي طاقت ٿيندي ۽ دل تان (دنيا جو) غبار لهي پوندو.

. اڏ..... مسي مور = من پنهنجي ۾  (محبوب جي) جاءِ ٺاهه ته پوءِ توکي (ضرور) ملندو.

.  سنيان = محبوب.

. چارئي چور = چار وڏا اصحاب پيو چور = ياد ڪر.

. سنگت سر تي = هڪ جيڏا، دوست.

. ڇوهائي = هٿ ڇوهائي، ڏاڍ مڙسي.

. ڀوجهر ڀانگا = جهنگ جو ڪاٺي ڪلو وغيره.

. ونگاري = ونگار ۾، ڇيڙ ۾.

. لاهه پراڻي = پُراڻا لاهه. گهڻي وقت کان بيٺل کُتُون يا پاڙون.

. وير = بهادر.

. ويڳاڻي = ويڳاڻا، بي گانا، بي مدد، بي وس، لاچار.

. ڀورڀنجهو = ڀنجهوءُ کي ڀوري ڇڏ.

. مانند = مثل، وانگر.

. ٽانگي = ٽانگا، تِيلا.

. ٽوڙ = ڇِن، پَٽ.

. سباوين = وڻين.

. حق تيڪون = توتي حق (لازم) آهي.

. موڪ = جهجو، گهڻو.

. هل = هر.

. ڌوڪ = جوٽ.

. چشم چٽي ڪر = اک کول.

. سيريجي = پورو ڪجي.

. پهلون = پهريائين.

. وار = وقت، وارو.

. فلڪ = آسمان.

. هر هر = گهڙي گهڙي.

. وار = حملو.

. آوسئي = تنهنجي ايندي.

. مهندار = اڳواڻ.

. ماد = مات.

. وها = وهاءِ.

. توشا = ثمر، اڳ جو سامان، اعمال.

. توڙ = تائين.

. جُڙ پوسن = راهين = راهون (اَنّ جون) ٺهي پونديون.

. تيڪون.... تڏاهين = شاعر چوي ٿو ته ”جڏهن ٻين جا اعمال ڏسندين، تڏهن توکي ڪَل پوندي.“

. گهتسن روڙ = روڙي وجهندا. تنهنجي مٿان، جيڪي (مرڻ کان پوءِ) ڪپڙا هوندا. سي (لنگي پوتي وغيره) لاهي ڇڏيندا.

. ٻهون = گهڻو.

. اڳوندي = اڳيان جي، ايندڙ وقت جي.

. ماري = ماريندڙ.

. سوڙ = سوڙه، تڪليف.

. نرمل = صاف، پاڪ.

. سونهن  = ٺهن.

. ڳال = ڳالهه.

. ڪوڙ = ڪوڙين، ڪروڙين، بيشمار.

. تالي ڀن = ڪرف ٽوڙ.

. ڪونه... فن = اتي ڪوبه چالاڪيءَ جو فن هلي نه سگهندو.

. ڌوڙ = ڏوڙي، ٻيڻي يعني مضبوط.

. ٻانها..... ڇورا = ٻانهو، سائينءَ کان سواءِ ڇورو آهي.

. ڏيسن ملڪ آگاهي = ملائڪ شاهدي ڏيندا.

. ڪوڙيان... ساهي = ڪوڙن جو ته ساهه ئي منجهي ويندو.

. چانجوسي = جاچُوسي، جاسوس.

. پڇن ذرڙي = ذري زري ڪم جي به پُڇا ٿيندي.

. تون... ڇوڙي طُرڙي = تون طُره ڇوڙي گهمين ٿو.

. اونان دي = انهن جي.

. ڏول – ڏولائو، تڪليف.

. ڇوڙ = ناس، برباد، چَٽ.

. آکيا = چوڻ.

. کني = کنو، خنجر.

. منهن مليسن = مُنهن پِٽيندا.

. نال = ساڻ.

. ڌير = دلاسو، ٽيڪ.

. وقت اخير = پڇاڙيءَ جو وقت.

. دامن ڳڌم = پلاند پڪڙيم، مدد گهريم.

. ڪلهين ڳاڌي = ڪلهي تي ڳاڌي. نار جي ڳاڌيءَ کي ڪلهو ڏيئي هلائڻ.

. سيد.... سڃاڻ = حضرت محمد صلعم جن پننجو شان سڃاڻي (مون غريب وٽ) ايندا.

. ڏوڻا ڏاڻ = ٻيڻو بَخرو. گهڻي بخشش.

. رک.... سڃاڻ = پاڻ کي سڃاڻڻ جي پوري پوري خبر رک.

. ٻئي ٻن حيلي = ٻيا حيلا وسيلا ٻَنِ پيا.

. تئن..... ڇوري = اي شاهه، تو کان سواءِ، ڇِنا ڇورا آهيون.

. ڪوئي... بيزوري = بيزورا (ڪمزور) آهيون، ڪوبه زور (طاقت) نه آهي.

. هوري = خوف.

. مرهي = بخشي.

. مر = ڀلي، بيشڪ.

. کر = دشمن.

. خر = گڏهه.

. درسن.... ديد = تنهنجي ديدار لاءِ، دل ڦاٽي ٿي.

. ڏوڙ = ڏوڻا، ٻِٽا، ڏُکيا.

. سوڙ = سوڙه، تڪليف.

. الله ڄاڻندا هي = خدا سمجهي ٿو.

. بره = وِرهه، فراق، وڇوڙو، عشق.

. اُٺاوڻا = کڻڻ.

. پيمال = پائمال. ناس، چَٽ.

. سٽ =اُڇل.

. دوبار = ٻِيهر.

. هُما = هڪ پکيءَ جو نالو، جنهن لاءِ چون ٿا ته جنهن تي سندس پاڇو پوندو، سو بادشاهه ٿيندو. ضد ”بوم“.

.  باشا = باشو، شڪاري پکيءَ جو قسم.

. سقيم = ڪمزور.

. سهجون = سهج مان. خوشيءَ مان.

. ڳاري = ڦاهي.

. ڀلي وار آيا = سُڳوري ڏينهن آيو.

. ٻڪي = دوا.

. ڪيا ڄاڻندي طبيب = طبيب ( دنيا وارو) ڇا ڄاڻي ٿو.

. خودي = هَٺ، پاڻپڻو، تڪبر.

. نهين دور = پري نه آهي.

. صحن = اڱڻ، ايوان.

. غم خوار = غمٽار.

. غمگسار = غم ڪاٽيندڙ، همدرد.

. ڀرگدا ڏي گام آيا = مون فقير ڏي قرب جا قدم کڻي آيو.

. زاري..... وڻي = محبوب کي، هر گهڙيءَ توبهه زاري وڻي ٿي.

. مڻي  = مَڻيا وارو، لاثاني، هي.... مڻي = پنڌ سو پَرَ ڀَرو آهي، باقي محبوب لاثاني آهي.

. خام.... سو = خواهه مخواهه پاڻ کي وڏو سمجهڻ جو دائرو وسيع ڪري ٿو. تون انهيءَ خيال کي مَٽي ڇڏ.

. حُباب = پاڻيءَ جو ڦوٽو.

. خمخانه = شراب خانو.

. خمار = شراب ٺاهڻ وارو.

. وڻياسي = وَڻي آهي.

. چِڻياسي = اسان چونڊيا آهن.

. پڪ ڪر = تسلي ڪر.

. مهل وچ ڏيکين = اوکيءَ وِيل ڏِسجانءِ.

. تنهان دي = اُنهن جي.

. تانگهه توڙ دي = مُنڍ کان وٺي آخر تائين سِڪ آهي.

. مئن.... ڇوڙ دي = مون جيڪو سندن دامن ورتو آهي، سو ڪڏهن به نه ڇڏيندس.

. اُٿان = هُتي.

. مل کڙا = ملي بيٺو.

. ڳلي = گهٽي.

. اي غريب = هي (خانڻ) غريب.

. عنقريب = تمام ويجهو.

. ڪيون مريندي دم = ڇو ٿو دم مارين، وڏائي ڇو ٿو ڪرين.

. دار = ڦاهي.

. چميجي = چُمجي، چُمي ڏجي.

. سنجهه = سَنجهي، سويل ئي.

. وهاڻي = گذري.

. پچاران = پچارون، ڳالهيون.

. جالسان = گذاريندس.

. ڪور = انڌو.

. رخ... سيلا = دشمن انڌي جو مُنهن ڀيلو ٿي ويو.

. ارض = زمين.

. سما = آسمان.

. چڙڪي = چڙهي ڪري.

. اُمارا = ڪاهه.

. ووڙ، ووڙي = ڳولي.

. ڏيکسي = ڏسندو.

. ليکسي = نِکندو.

. ڪون = ڪير.

. ڪيسي = ڍَڪيندو.

. رَڄيسي = ڍَو ڪرائيندو.

. يگانو = بي مثل.

. منگان = گهران.

. صفت... لساني = اُنَ بي مثل محبوب جي ڪهڙي تعريف، زبان سان ڪري سگهبي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org