سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :8

داستان -3

مدح پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم ۽ چار يار رضي الله عنهم

ڏِوين مَيڪوُن اَجُر، حَضرَت مُدامِي،

ڪِسِي بي دَرد دا ، نا ڪَر سَلامِي،

تَيڏي ٻاجَهون نه ڄاڻان، ڪر ڀَروسا،

مُنافِقَ مُدّعِي دا، ڀَنّ پاسا ،

سَچاري يار چارَئِي، مَين مَنيدا،

تِنان ڪُون دَمبَدَم، پيا مَين سَڏيندا،

سوالي دا ڪَرو، مَطلُوبُ نيڙي ،

لائو ڪَنڌِي،ڪُلين دي شاهُ، ٻيڙي،

مَدَد مَنگان، تِنان تَون پيرُ پيران،

پَوَن مُدَعِي دي، هَردم پيٽ پِيڙان ،

مُدَعِي هووي، هَميشَه غَارُ تَلّي ،

هووِن سَچّان دي، هَمّه ڪَم سَولّي،

مُحمد مِير، شافِع شاهُ ڄاڻون،

پَڙهو ڪَلمان، ته ڪُل مَطلُوبُ ماڻون.

لا اِلہ اِلاّ الله محمّد رّسول الله


 

 

 

مدح نبي صلعم

1- اسم اول چؤ، ادا، حق پاڪ جو،

اَبر مُرسل تي وُٺو لولاڪ جو،

ٿِيو اَجهو ۽ آسرو غمناڪ جو،

وَر وَسِيلو واهُرو مشتاق جو:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

2- هڪ سچو ’صديق اڪبر‘، يار تو،

مَنجهه ڪچهري مصطفيٰ گلزار تو،

هر صبح دَرگہ سندو، مختار تو،

عشق پنهنجي ۾ ڪيو اظهار تو:

تون سچو سردار، مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

3- دوست دِلبر دِلرُبا، ’عمر امير‘،

منجهه محبت سو مثل آ، شڪر شِير،

ڪين داور ٿي رهِيو دم دلگِير،

مون اصل کون آسرو آ، دَستگِير:

تون سچو سردار، مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

4- عظم عظمت حضرت ’عثمانَ‘ جو،

ٿِيس حِفظ، حِلم و علم، سُبحانَ جو،

ڪيئن ڪريان تعريف نامو، شانَ جو،

راز مخفي ٿي آٺُس، رحمانَ جو:

تون سچو سردار، مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

5- ’شاهه علي حيدر‘ همت، مشهور ٿيو،

ڪُل ڪُفارن کي ڪُٽي،ظهور ٿيو،

منجهه شريعت شَهه علي، منصور ٿيو،

مخمور ٿيو، مخمور ٿيو، مخمور ٿيو:

تون سچو سردار، مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

6- چئن جِي جيڪو مڃيندو، هي رضا ،

ڏينهن مَحشر جي ماڻيندو، ڪُلي مَزا،

رافضي رهزن اتي، کائِن جفا،

جاءِ جَهنَم جي تنين لَئه ٿِي صفا:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

7- چئن جي جيڪو ڪري تعريف ٿو،

’جنّتُ الۡبَقيہ‘ ماڻيندو مڙد سو،

هِت اُتي آهي انهيءَ کي، ڀؤ نه ڪو،

مَرڪندو مرسل اڳيان، ٿيندس نه ڀَو:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

8- حُبّ هر دم جو رکي ٿو، ’حَسنَينَ‘ جي،

سو حُجاجَن سان هلي حَرمَين جي،

سو چکيندو چاشني، ڪَونَينَ جي،

ٿِي منارن کي ڏِسِي، سِڪ چئن جي:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

9- ماڻڪي مرسل مديني جي ڏيکار،

حرم حضرت، پانهنجي، ٻاهر نه مار،

چائٺ چشمن سان چُمان، هيڪر جيار،

معاف ڪر، مَديُون اسان ۾، لَک هزار:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

10- احمد سُڻ عرض عاصيءَ جو نياز،

عشق پنهنجو ڏي سدا، دلڙي گُذار ،

صِفت تُنهنجي سوُ ڪَرن، جوڙي بياض ،

تو وٽان ٿيا، فيض وارا ئي فيضياب:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

11- شَہ ! منارن کي ڏِسي، جيئري جيان،

پاڪ پاڻي پِرت مؤن، زم زم پيان،

آءٌ صَدق صدبار سيّد! تو ٿيان،

عرض مون گوليءَ سندو، آهي اوهان:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

12- منجهه مديني، مير مرسل! مون رساءِ،

پاڪ پيراندي پيغمبر، مون پَساءِ،

ڏُور مان بيواهه کؤن، نا تون ڏَساءِ،

اَبر رحمت جو اسان تي، پيو وساءِ:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

13- پاڪ پڃري مُون وري ديدار ٿئي،

باب رحماني ڏسي، دل بهار ٿئي،

شعاع قنديلن ڏسي قرار ٿئي،

باب جبرئيل جي جنسار ٿئي:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

14- ڪِيئن قنديلن جو ڪيان، ڪوڙين بيان،

ٿِي شباشب روشنائي بي پَيان ،

گِلم گاديلن جان کُليا گُل گلستان،

لَکَ جواهر، لعل هِيرا ۽ مَرجان:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

15- آب زم زم، عاصين اِحسانُ ٿِئي،

اَهل يَثرب سان اصل، گذرانُ ٿئي،

مون ڪميڻيءَ جو تڏهن، ڪو مانُ ٿئي،

دانُ ٿِئي، ايمانُ ٿئي، قربان ٿئي:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

16- نخل نِرمل نُور! نيڙي حَرم جا،

مون ڏيکاريو معجزا شَہ! شَرم جا،

آءٌ منگان ٿو دانَ دُهرا، ڀَرم جا،

تون وَسائِين ڪَڪر رحمت، ڪرم جا:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

17- بَيت رَبّيِ جو مَنگان، توهون طواف ،

لَک مَدايون عيب ڪيا، مون ڪَرين صاف،

مَدايُون مِيرَ! مون اگَهائي، ڪرين معاف،

ڏوهَه وارِي ڇا هَڻندِي لاف و گَزاف :

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

18- سيّد! مون ڏوهه ڪيا، بي ڏوهه تون،

ٿِج پيادِي جو وَسِيلو، روهه تون،

ڪَل لَهج ڪمزوِر جِي، بي ڏوهه تون،

معاف ڪر، توڙي لِکيا مون لوح ، تون:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

19- مون پيادِي کي سُجهي، پاهَڻ پَٿر،

تون لَنگهائين سڀ لَڪُيون ، لَکين شَجر،

سِيرَ سَختي سَمُنڊَ جي، بارِي بَحر،

مِهر تُنهنجي اصل کؤن، آهي ڪثر:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

20- تَرِي نه ڄاڻا، تار مَون ڪَڍُ، تار مون ،

سارَ منهنجي ڪا لهج، سردار مون.

ڪار سَهنجي، ڪابه ڏَس، درڪار مون،

ڌار دَرَ تي سيّدا ! نه وسار مون:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

21- لَکَ ڀلايون ڀال مون، ليکو نه ڪو،

ساڻ هَلَندو ڪونه ڪو، ڪنهن سان سَڪو،

هَلِي حضرت عاصين ايندو هِڪو،

جن پيغمبر ماڻيو، تن ڀؤ نه ڪو:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

22- خوف رَجا جي اَمر ۾، جوان ٿِي،

تو مٿي تَقصير ڪائِي، ڪانه ٿي،

ٿي سياڻو، نا مُنجهِي، نادان ٿي،

بيڪَسن تي شاهه جا احسان ٿي:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

23- سيّدا ! سردار تُنهنجي ٿِئي پناهه،

آءٌ سوالي آهيان تو، سَنجهه صباح،

ترت اُميدان پُڄائين شهنشاهه،

لاهِه مشڪل ڪُل اسان جا، ڪَرِ نگاه:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثِير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

24- حاجي خانڻ کي هميشہ پال تون،

غم وهم وسواس دل جا ٽال تون،

لَههُ سِڪايَن جي سِگهو، سنڀال تون،

ساڻ ڪلمي جي هَلُون، ڪرِ ڀال تون:

تون سچو سردار مَدَنِي مِير آن،

ڪَثير آن، اَڪسِير آن، بَصِير آن.

لا اِلہ اِلاّ الله محمّد رّسول الله.

 

مدح

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

1- ساراه ڪيان سبحانَ جِي، جو سَميع سَتّار آهه،

بي مثل، بي چُون تنهن جي، نا شَرح شومار آهه،

خلقيائين محمّد مصطفيٰ، گلشن چمن گلزار آهه،

جنهن جي اَجهي عالم ڇُٽو، مُرسَل مِٺو مَهَندار آهه،

لائق لطف لَک وار ٿيا، ڇا ليکيان لِسّانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

2- تون مديني جو ٿئين، مالڪ مِٺا، مَهَندار ڀي،

مَنجهِه نَبيَن نُور نِرمل ، تون سَچو سردار ڀي،

سَيرُ تو ٿي سڀ ڪيو، معراج جو مُختار ڀي،

گڏ ويهِي گوڏي ڪِيئِي، گوهر ڳُجهي گفتار ڀي،

ڪونه تو جهڙو سائين، ساراهيو قُرآنَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

3- هَر ولايت هاشمي، حضرت اوهان جو نُور آهه،

لاهوت ۽ جبروت ۾، مشهور ۽ منظور آهه،

تُنهنجي اَمر، ارض و سَما ، گڏ غار منجهه غفور آهه،

هَرجا فتح في الحال ڪِيَئه، مالڪ توڏَنهُن مَسرُور آهه،

تنهنجي ثَنا صفتون سُڄن، جِنّ و مَلَڪ اِنسانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

4- والي ولايت جي ڌڻي، تُنهنجو وڏو اقبال ڪيو،

محبوب جو توکي لقب، لکَها نبين لال ڪيو،

مُربي تون، محشر ڏينهن جو، باري توکي برحال ڪيو،

اوجر انداهيءَ ۾ اچي، روشن ڪري، تو نهال ڪيو،

ڪيئي جِلد جوڙي ڪَرن، تو مثل جي بيانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

5- ناهه ڪا تنهنجي نهايت، بي نظير اڪسير آن،

’احد‘ ’احمد‘ جي وچون وِٿ ناهه ڪا، بَصير آن،

دارُون ڏيندڙ دلگير جو، دلربا ڌِير آن،

جئن شَڪر پئي شِيرَ ۾، تِيئن پِيرن جو پِير آن،

آُمتين جي ڪاڻ عربي، ٿِئي ذڪر قرآن ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

6- چار تُنهن جا يار چِيدا، آهن نيڻن ٺار مون،

ڏِسُ نه ڏوهَن ڏي اسان جي، سي صحيح ڏيکار مون،

هيءَ ٻُڏي ٻِيهار سا، ڪَڍ تار مؤن سردار مون،

ديدار جو اڄ وارُ آ، بيمار ڪڍ آزار مون،

تو لَئي سِڪان، باسِيَمِ سُکان صورت ڏٺيم سبحانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

7- تو لَئي رَڙان ريهُون ڪيان، رُهبر رسول الله، رَسُ،

بيهوش آءِ بيڪار آءِ باري قسم باالله رس،

ٻِين پَريَن ۾، ٻيو نه ڀانئيان، شاه تون ناگاه رَسُ،

بيواهه جي نا واهه ڪا، خورشيد مامنند ماه رَسُ،

ڪَڍ ڪَنهن طرح، ڪنهن پَرِ ڪيان، تون هِين چمن چوگان ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

8- ڏِس افعالن ڏي نه منهنجي، ڏوهه ڪيم ڪوڙين ڪَچا،

تون سخي ثقلَين جو، تنهنجا سُخن آهن سَچا،

اوجهَڙ پيس، اِئين نا ڇڏيو، بيڪار کي ڪنهن پَر بچا،

مَچ مَؤن بَچايا ٻاجهه سان، ٻِلڙِي سندا توهي ٻچا،

تنهنجي حمايت سان تَريو، نِت نُوۡح هو طوفان ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

9- توري چوان ڪنهن کي ڳُجهي، ڳُجهه اندر جي ڳالڙِي ،

ڪَنَ مان ڪڍي ڪوري ڇڏيان، سرتين سَڀن جي والڙي،

سينگار سڀ بيڪار ٿيا، موتِي جواهر لعلڙي،

روئندي هَسايو حضرتا! نِت نِت رهي اک آلڙي،

دانهون ٻُڌِي دلگير جون، دم دير نه ڪر، دان ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

10- سِڪ سَچا سردار، تُنهنجي پارَ جي ڏيکارجي،

ماڻڪي منبر ڏسڻ بِن . مير! اڳ نه مارجي،

باب جَنّتَ کي ڏسان، سا ڪا گهڙي دَم جِيارجي،

حوض حرم جي مَنجهُون ڪا، سُرڪ سِيد! پيارجي،

اهڙي اِرادي سان اُڃو، يوسف ٿيو ڪنعانَ ۾.

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

11- روضو ڏِسِي، رويو ڪِرَن، عاشق، پون احوال ۾،

جايون ڏِسِي،تنهنجون جيان، جيئري نه ڪر، جنجال ۾،

وڇڙيل ويڳاڻي آهيان، ڪَج دير نا وِصالَ ۾،

فرزند وٺي هَٿَ سان اچان، هادي! ڏِيو هِن سالَ ۾،

ڏي ڏاڻُ تان ڏيکاريان، جيڪر وٺي جهانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

12- تَنهنجي پيغمبر پارَ جِي، آهي اُڪيرن ۾ اُڪير،

آيو پِنَڻُ پينار ٿي، ڏيو دانُ دَرَ تي جو فقير،

تُنهنجي سَخا سيّد! سُڻِي، عاصين ڀَلا! آهي اُڪير،

جن جو اجهو تون آهين، سي ڪيئن ٿيندا دلگير،

بي ثَمر بيڪار عاصي، ڪيئن ڇڏين بَيبانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

13- توهون گهُران تُنهنجي همت، مون تانگهه آهي توڙَ کون،

ضامن ضعيفن جو ٿِئين، مرسل! اڳي جُڳ جوڙَ کون،

تيرهِين صدي تَمُ ٿي وئي، اوکي بچايو اوڙَ کون،

’مَهدي‘ ڏسي، شل پوءِ مران، مرسل! رکو ان مانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

14- چئن ماهه کون پوءِ چوڏهون، آيو چَوَن سَن سالُ ڀي،

اوکو اَڻانگو ٿو ٻُجهي تُنهنجو گهُران اُت ڀال ڀي،

حاجي هدايت تون ڏيين، هيڻو اسان جو حالُ ڀي،

عاصي اوهان جي آسر توهي ننگي ننگپالُ ڀي،

ڏاتار لڳ ڏي، دلبريون، رويو چوان رمضانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

15- آهيان اوهان جي آسري، مون آسرا ٻيا لاهيا،

سَهَنجِي سيّد! سَڪرات ڪَر، ويهون ويٺا اُتِ واهِيا،

هَي هَي! عمر ساري سڄي، بَيبان مُون بُٺ ڪاهِيا ،

تُنهنجي نظر نيڪ ٿئي، توري گهمن گس گاهِيا،

ٻاجهه سان سا ٻار ٿئي، دربار جي ميدان ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

16- چوڏهن طبق روشن ٿيا، توکي جڏهن رحمان کون،

واقف وليّن کي ڪيو، فائق ڏَسي فُرقان کون،

تُنهنجو علم جنهن کي نه آهه، اوڳو اُهو اَرڪانَ کون،

ماڻي جَزا مُدعي مُٺو، اهو سوال پِنَ سبحانَ کون،

حاجِي خجل سو خوار ٿئي، غافل گَتو غرقانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

17- هِي گناهن ۾ گَتو، تنهن جو ڪيو ڪو غور ڀِي،

حال هِيڻو حضرتا! تون آ ضعيفن زور ڀِي،

هر جاءِ ۾ تُنهنجي همت، اهڙو ڀانيان نا آور ڀي،

سِر جانِ تو سيّد مٿون، صد بار ڪيان گهور ڀِي،

دارون دوا ديدار تو، دلبر! وسيين دل جانَ ۾:

تون اچوڪُل کان ڪثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي ! تُنهنجي احسانَ ۾.

18- هِن ڏُهاريءَ ڏوهه ڏوڙا ، ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڪيا،

تون بچائين بارُ توتي، پُورَ مون دل کي پيا،

مون جهڙا تُنهنجي هٿون، سَو لَکَ هزارين ٿي جِيا،

هِن ويچاريءَ جا اوهان بِن، ٻيا وسيلا سڀ ويا،

هَي هَي! رڙِي ريهُون ڪري، حضرت! نه ڇڏ حيرانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

19- دربان ٿِي دانهون ڪري، دامَن لڳيءَ جو داد ڪر،

شاه! توريءَ واهُه ناهي، تون شفيع! دل شاد ڪر،

هيءَ وَئِي گناهن ۾ گَچِِي، ڪنهن اِذن سان آزاد ڪر،

ويران اڱڻ ورهين جو، تنهن کي اچي آباد ڪر،

جياري  ٻَچو ڳيريءَ سندو، آڻي ڏنوَ آشيانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

20- حضرت! هَلي هيڻن اُتي، هٿڙا رکين توکون سَري ،

تو لَئي پڳِي، پنڌڙا پُڇي، ڪري ڪَست مون ڪِيهون ڪري،

سيّد! سُڻي سَڏَ موٽ تون پَنڌ پيش پياري کون پري،

ننگ، نانءَ جو ٿي پال تون، محبت اوهان جي ۾ مِري،

ڪر ڪميني ساڻ قرب، ڪنهن پَر رهي ڪنهن مانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

21- هيڪر مديني مُلڪ جون، ماڙيون محل ڏيکاريو،

يا مصطفيٰ! نالي ڌڻي جي، پوءِ مُئيءَ کي ماريو،

روضو رسول الله تُنهنجو، مون دم دَم ساريو،

جايون جنت جيتر ڏسان، تيتر جيڏيءَ کي جياريو،

ڏي اَلَهه لڳ آسرو، عاصي آهي ارمانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

22- سيّد سردار! سڏڙا تون، نماڻن جي سُڻِي،

آهي قَسم حق پاڪ جو، توکي کَنيُم چشمين چُڻي ،

”انا احمدّ“ جو اشارو، تو کنيو ڌَڻين ڌُڻي ،

جو کَهي ٿو خارجي، تنهن کي وجهو، لاهون لُڻي ،

ڇا ڀلا تعريف تُنهنجي، آءٌ ڪيان امڪانَ ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

23- تُنهنجا سوالي توڙ کان، سهسين لکين سامائيا،

جي ڄائيا سي آئيا، دست خالي نائيا ،

ٻاڏائيان ڳُڻ ڳائيان، مون پاند ڳَل ۾ پائيا ،

ساڻ ڪلمي جي هلائين، بار توئي چائيا ،

ڪوٽ ڪلمي جو گهران ٿو قبر جي ايوان ۾:

تون اُچو، ڪُل کان ڪَثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾،

عاصين کي آسرو آ، عربي! تُنهنجي اِحسانَ ۾.

لا اِلاہ اِلاّ الله محمّد رّسول الله.

______________________

مدح

1- اول صفت ساراهه جَبّارَ جِي،

مُحمّد نگهبان مُختار جِي،

رکون سِڪّ سَرورَ جي ديدارَ جي،

چُمون خاڪ سِيّدَ جي پيزارَ جِي،

ڏيکاري اکين ساڻ روضي دَرِي،

مديني جا مُرسل! واهَرَ ڪَر وَرِي،

تون سردار سرتاج پيغمبري.

2- تُونهِين سر سرتاج ڪُلّ کون ڪثر،

اَجهو آسرو عاصين جو ثَمر ،

مَڃيون ربّ رحمانَ تنهنجو اَمر ،

ڪيائين منجهون نُور، شمس و قمر،

ستارا ڪَتين ڳالهه آهي ڳَرِي،

مديني جا مُرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

3- تونهين سر سرتاج هر بُستانِ ۾،

تُنهنجي شانَ جو بيانُ قُرانَ ۾،

مَلڪ فَلڪ اَصحابَ فرمانَ ۾،

جِنّ وديوَ پَريُون سي چوگانَ ۾ ،

سوالي سڏڻ ڪاڻ ڏي دلبري،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

4- سچو قرب قدرت آهي ڪمال،

سچا يارَ سونهَن نبيءَ سان نِهال ،

ڪندا شال عاصين سان وَهَندو وصال،

ڪرڻ ڳالهه يارن جِي آهي محال،

پُڇي ڪِينَ ظاهر زبانون ذري،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

5- سچو دوست رب جو آهين مصطفيٰ،

هيڻن جي حمايت شفيع مجتبيٰ،

ڪيو شَهَہ ، قبوليت ۾ هي الجتا،

عاصي لَڙ لڳا، ڏي تِنِي کي نفعا،

کَنئِي سِين گناهَن جي سِرَ تي ڀَرِي،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

6- ڪوڙين معجزا ميرَ، تو ٿي ڪيا،

جيڪِي زبانون ڪُڇّوَ سي ٿيا،

قبولت ڪيا رَبّ تُنهنجا چَيا،

لَهِي غَمَ وسواس عاصين ويا،

پون دل اکيون ڏسڻ سان ٺَرِي،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سرتاج پيغمبري.

7- هُئين ساڻ صديق ڪنهن غارَ ۾،

هَڻِي نانگ ويو ڏَنگ تَنهن ڏارَ ۾،

ٿيو شَهه ابابڪر آزارَ ۾،

پِينُوَ سوال خاوند جي درٻارَ ۾،

رکيو دست دلشاد ويو دک ٽَرِي،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

8- عمر شاه عادل عدالت اميرُ،

مِٺا مِيرِ تُنهنجو سو وَرنَهه وزيرُ،

ڀَڳو جنهن جي ڀوء کان شيطان شَريرُ،

حڪومت اندر شير ٻڪري حقير،

اچن بي خطر جهنگ مان حيوان چَرِي،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

9- عجب شاه عثمان جامع قرآن،

چُمي ٿو زمانو سندس آستان،

ذي النّوُرَين جنهن لڌو شرف شان،

ثنا تنهن سڄڻ جي ڪري ڇا زبان،

لڌي دِينَ دنيا جي تنهن تونگري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

10- علي شاه شيرِ خدا شير نَر،

هڪل ساڻ جنهن شير ڊاهيو ڪُفر،

ڪَنبيو لات عُزّيٰ ۽ خَيبر نَگر ،

جَنهِين کان وڏو ڏُونگرن کي هو ڏَر،

هنيائين ٿي نعرو جڏهن حيدري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

11- قمر ڀي اَمر ساڻ آيو هَلِي،

ڇِڄِي اَڌ، پيرن تي پَيَڙو جهُلِي ،

وري ويو اشاري عرش تي چَلِي،

ڪانهي ڪابه اَڙيَن کي توريءَ ڳَلِي،

ٻُڏَلَ توهَه تُنهنجي سان ويندا تَري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

12- مون کي جِياريو اَجها عربي،

مدد ساڻ مُحسن ، جو تون مُرَبّي،

وٺي ماءُ آيس تُنهنجي دَر بِي،

مٿاهون موليٰ ڪيو تُنهنجو ڪَرُّ بِي،

ڇِيهَن کان ڇُٽا جن نِگههَ تو ڌَرِي؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

13- سَوين مَعجزا ڪَيَوَ ڪُفّارَ سِين،

نَخل ساڻ تَمَر هِڪي وارَسين،

ٿيا باغ گلزار خَس خارَ سين،

ڪڪر رحم بَر سَر تو سردار سين،

آيا صد سلامي تو ڏُونگر ڏَرِي؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

14- ڪيان ڳالهه جي، سا ته آهي سُٺِي،

حديثن اکين سان مون آهي ڏٺي،

جيڪا هوش عقل ۾ سا مون سِٽي،

دُئِي کي وڃائي، ڦِڪت ڪر ڦِٽي،

جڳائي نه خانڻ، هي بي خبري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

15- مديني ۾ مرسل، نَبِي الڪَرِيم،

ڏِئي فيض عاصين کي احمد عمِيم ،

ٿيا فيض وارا، هُوا بي فَهيم ،

هميشه عدالت ڪيائون عظيم،

نگهدار عربي، آهي اَنورِي،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

16- هئو مير مرسل مديني مڪان،

پڙهيو منجهه مسجد قبا جي قرآن،

ڏٺائون ڏوريان شِمر هو شيطان،

آيو صَحن ڪاهي سو ڪافر ڪلان ،

مثل سَگ سُوئر سندس ڪوپري،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

17- خَجل خَر رَهزَن ڪَٽوهرو ڪُفار،

ٿُڪُن لَعنَتُن جا هُئس سر هزار،

هئو ڪُلّ ڪفارن سندو مَهَندار ،

آيو پيش عربي هلي هيڪ وار،

وڃي شالَ مُدعي مُنافق مري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

18- ويٺو چَپَ چوري زباني فرياد،

گهُران ٿو پيغمبر توکون ارشاد،

ڪريو معجزو مَن ٿيان دلشاد،

ڪِرِي بُتَ پيا سڀئي بي بنياد،

سَڀا ڳالهه سردار توکون سَرِي ؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

19- ڪهڙو معجزو؟ ٻول ڇا ٿو چوين،

ڏِسِي بُتَ ڀَڙوا تَنِي تي پَوين ،

ڪرين ڪانگ جان، ڪانگڙي ٿو لنوين،

ڪُوڙي ڳالهه ڪندا هَو، ڪافر اوهين،

مَڃِي دِين آءُ تون، نَتَ وڃ ٽَرِي؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

20- نَصارو جيڪا ڳالهه آيو کڻي،

آيو پيش عربي جي تنهن ڪئي ڳَڻي،

چيائين چڱو وڻ کجوران وڻي،

مديني ۾ ناهي ڪا پيدا هُڻي،

ڄمي پئي کجورن جي ها هڪڙي ڦَري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

21- آهين ڪُل نبين ۾ ڪَلان تون،

وَسِيلو ولايت ۾ سلطانُ تون،

چون، آهين خاوند جي زبّان تون،

صَدق سؤ ملائڪ، تنهنجي شانَ تَون،

آهن سڀ اَمر ۾ سي حوران پَرِي،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

22- ڪَتل جي ڳَڙِي آءٌ ساڙي ٿو ڏيان،

ڪريو هيءَ ڪرامَت ٿِئي وَڻ تِهان،

نَخل نُورَ واري، ڏِسِي شلَ جيان،

ڀَڃِي بُتَ بيڪار سڀ ٿو ڇڏيان،

مڃان مان خداوند جي پروري،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

23- لَهِي وَحي آئيو، مُڪو رَب جبار،

نه ٿي غم وهم ۾ اي سچا سردار،

پوريو بي داڻي کي توڙي سؤ هزار،

کُلي باغ تنهن جا ٿيندا گلزار،

سڳوريا! ڏسڻ ڪاڻ ايندا سري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

24- بي داڻي پيغمبر پوکي روبَروءِ،

ٿيو وَڻُ بارِي ٻَهُون هوبهوءِ،

ڇُڳا خوب کارڪ سندا خُوبخوءِ،

جَڙيا پيا سَڀن تي جئن مُوبموءِ ،

اعليٰ قرب احمد جو آ اڪثيري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

25- امر ٿيو نخل کي رَباني چوان،

ڪَهِي ڳالهه ڪهڙي زَباني چوان،

نڪو آهه مرسل جو ثاني چوان،

خدا وند جو دوست جاني چوان،

ڪُلان ڳالهه قدرت جي آهي ڳري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

26- لَهي پيش پيرن جي نِوڙِي پيو،

اچي، کائِي کارڪ، ائين هن چيو،

متان ڏينهن قيامت پشيمان ٿيو،

پنهنجون مَدايون اوهين جي ڏِسو،

آئي درگاهون خبر هِي کَرِي؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سر تاج پيغمبري.

27- پيو پيش پيرن جي نِوڙي پئي،

نَصاري جي حرڪت پُڄِي ڪُل وئي،

لڳس مُنهَن تي پادر ڪُڇي، ڇا چئي،

ويثو سَگ سُوئَر ڀي ناحق بَهي ،

اها ڳالهه ڪندا نه تَم ، دفتري،

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سرتاج پيغمبرري.

28- مڃي ڳالهه مرسل جي چيائين چِٽو،

سچو رَبّ تنهنجو مون تو سان ڏٺو،

سچو دين مرسلَ، آه تُنهنجو مِٺو،

پڙهي پاڪ ڪلمو تان عاصِي ڇُٽو،

ڪڏهن ڪانه جهلِي ڪفارن تري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سرتاج پيغمبرري.

29- اهڙو قرب قادرڪيو شاهَه جو،

وسيلو اصل کون آ، بي واهَه جو،

ثمر ساڻ ساٿِي آ بيراهَه جو،

ڪيو ڪوٽ ڪلمي جي پناهه جو،

ڏسي هر حمِايت بهشتي دَري؛

مديني جا مرسل! واهر ڪر وري،

تون سردار سرتاج پيغمبرري.

لا اِلاہَ اِلاّ الله محمّد رّسول الله

_______________________

 

مدح چار يار

1- اول تعريف ربّاني، صفت ساراهه سبحاني،

پيغمبر جو نَڪو ثاني ، سيّد سر تاج سلطاني،

ڪندا سجدا سِتارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

2- چارئي چِيدا ، اڪابر هئا، زوراوَر زور زابر هئا،

شريعت تي نِشانبر هئا، پيغمبر پيش صابر هئا،

گهڻو بيشڪ ڀلارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

3- چارئي درياهه رحمت جا، اڪابر عظم عظمت جا،

هُئا ورَيام ، حشمت جا، لڌائون بَهرا محنت جا،

مدامي سي مَتارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

4- چارئي هُئا نُور مان ظاهر، ڪُٽي ڪافر، ڪَڍيَئون ٻاهر،

سندن هو مصطفيٰ واهر، ڪندا جنگ ها، الله آهر ،

سچا هر دم سوڀارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

5- چارئي برڪت ۾ باري چئو، سيّد جي سِر، ستارِي چئو،

ڪٽڪ ڪافر جا، ماري چئو، علم قادر جي، قاري چئو،

نزاڪت جا نظارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

6- چارئي هئا، نُور نُورانِي، نبيءَ جي پاڪ نيشاني،

مُلڪَ اصحاب ها ڏانِي ، نه ڪو ٻيو، تن جو ڪو ثاني،

صفت تن جي سيپارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

7- خليفا اِهي چار چيائين، تنهين کي قرب ٿي ڪيائين،

ڀَلايُون ڇو نه ٿو ڀانيئن؟ ڪوٺيو جن ٿي ڏات ڏنائين،

 اُمت جا بخت بارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرار هئا.

8- خليفا چار، چؤ خاصا، تَنِي جي آهه، مون آسا ،

ڏين دل روز دلاسا، سچي سردار، ڀَر واسا ،

اصل تَن مَن، اُتارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

9- سچو ’صديق‘ سوڀارو، هنيائين نِينهَن جو نعرو،

هُئو منجهه قرب قرارو، ڪيان قربان سمر سارو،

ڏِسو جيءَ جا جيارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

10- مَڃو ’امير عمر‘ اَمُر، ٻَڌي شريعَت اُتي ڪَمر،

ٿيندو تنهن تي نه ڪو ڏَمر، سيّد جو آسرو ثَمر،

پرت سان تن پَسارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

11- اَجهو ’عثمان‘ عربي هو، عِلم جو خاص مُربّي هو،

ستارن ۾ قمر ڀي هو، مَيوَن جو پُر شَجر ڀي هو،

وَرنهه سڀ وڻجارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

12- عجب ’علي شاهه‘ جي شاهي، هُئا هر مُلڪ تي واهي،

نَڪو رهبر کڻي لاهي، ڪَٽڪ ڪفار گمراهي،

نمي پيا صد نصارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

13- ’بوبڪر‘ هُئو بُستان، ’عمر‘ هو گل گلستان،

هئو هرحال مع مستان، هُئا شہ نُور ۾ شُستان،

شمع روشن سِنگارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

14- عزم ’عثمان‘ جو اعليٰ، عجب گل باغ ۾ لالا،

لَهي سو شاهه سنڀالا، ڏيکاري شال حق تعاليٰ،

غمگينن جا غمخورا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

15- مديني نجف ۾ سي آهن، ڏِسَڻ لَئي جوان جي ڪاهن،

لاڳاپا لوڪ جا لاهن، سُجهنديئي ثَمر کي ٺاهن،

افضل جن جا اشارا هئا – چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

16- حاجي خانڻ گهڻي سڪ مؤن، تاريندو مصطفيٰ تِکَ مؤن،

چاڙهيندو پاڻ چُڪيا چِڪ مؤن، آهي واجب، وِجهڻ وِک مون،

ڏوهاريءَ ڏوهه اَپارا هئا– چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

17- حاجي خانڻ همت ڪر ڪا، هتان ويندِي هلي هرڪا،

ڇَڏي سڀ مال ۽ تَرڪا، ڪندو مرسل اُتي وَڙ ڪا،

اُمت جا ڇوٽڪارا هئا– چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

18- خدا جي راضپي ۾ هؤ، ٻيو توکي سُجهي نا ڀوء،

اَڻائِي لاتِ ٻي نا لئو ، قلب مون ڪلمو پيو چئو،

ڪاڏي ويا شاهه دارا هئا– چارئي پيغمبر پيارا هئا،

ڪامل قدرت قرارا هئا.

لا اِلٰہَ اِلاّ الله محمّد رّسول الله.

_____________________

. ڪسي بي درد دا = ڪنهن به بي درد (ڪٺور دل) جو سلامي يا محتاج نه ڪجو.

. ڀن پاسا = پاسا ڀڃ، سخت سزا ڏي.

. نيڙي = ويجهو. ڪرو مطلب نيڙي = مطلب ويجهو ڪريو يعني من جي مراد پوري ڪريو.

.  پيڙان = پيڙون، درد، سُورُ، وِيلو. پون پيٽ  پيڙا = پيٽ ۾ ويلو (دشمن کي) پوي.

. غار تلي = غار جي تري. شاعر، دشمن کي پٽي ٿو ته، ”شل دشمن، غار جي تري ۾ هجي.“

. ابر = ڪڪر. لولاڪ = لَولاڪَ لَما خقلقتُ الافلاڪ = جيڪڏهن اي محمد صلعم، تون نه هجين ها ته آسمانن کي پيدا نه ڪيان ها.

.  درگہ = درگاه.

. رضا = مرضي.

. ڪُلي = سڀ.

. جنت البقيه = جنت البقيع، مديني جو مقام.

. حجاجين = حاجين.

. حمرمين = مڪو ۽ مدينو.

. ڪونين = ٻئي جهان، دين ۽ دنيا، دنيا ۽ آخرت.

. حرم = ڪعبو، الله جو گهر.

. عاصي = گنگهار.

. گدار= پگهرڻ.

. بياض = ڪتاب. (شعر وغيره جو).

. شہ = شاهه.

. زم زم = مڪي شريف ۾ هڪ کوهه جو نالو.

. صدق = قربان، گهور.

. قنديلن = فانوسن.

. ڪوڙين = ڪروڙين.

. بي پَيان = بي پايان، بي شمار، تمام گهڻي.

. اهل يثرب = مديني جا ماڻهو.

.  دان = بخشش، ڏاڻ.

. نخل = کجيون.

. نيڙي = نزديڪ.

. منگان = گهُران.

. ڀرم = عزت.

. بيت = گهر، جاءِ.

. توهون = توکان.

. طواف = حج ۾ ڪعبي جي چوڌاري ڦرڻ.

. لاف = ڊاڙ.

. لاف و گزاف = ٻٽاڪ شٽاڪ.

.  لوح – تختي، قسمت. توري.... لوح = توڙي منهنجي قسمت ۾ ( ڏوهه) لکيل هجن.

. لڪيون = جبل جا اوکا پيچرا.

. ڪڍ تار مون = اونهي پاڻيءَ مان (ٻاهر) ڪڍ.

. تار مون = مون کي تار.

. ڀال مون = ٿورا پاڻ تي سمجهان.

. رجا = اميد.

. تفصير = قصور، خطا.

. بيڪس = بي وسيلو، بي مددگار، ننڌڻڪو.

. ٽال = ٽار، هَٽاءِ.

. عاصين = گنهگارن.

. سميع = ٻُڌندڙ.

. شومار = شمار، ڳاڻاٽو.

. مهندار = اڳواڻ.

. لسان = زبان.

. نرمل = صاف، پاڪ.

. لاهوت = عالم ذات الاهي، معرفت.

. جبروت = سلوڪ جي ٽئين منزل.

. ارض = زمين.

. سما = آسمان.

. مسرور = خوش.

. اوجر = اوجارو، روشنائي.

. نهال = خوش.

. وٿ = وٿي، فرق. تفاوت.

. دارون = دوا، علاج.

. ڌير = دلاسو، تَسَلي.

. ڪڍ تار مؤن = وڏي پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍ.

. وار = وارو، موقعو، وقت.

. باسيم سکان = مون سُکائون (پِيرَن تي) باسيون.

. پريَن = ٻين طرفن.

. ڪوڙين = ڪروڙين، بيشمار.

. اوجهڙ = بيراهه، گمراهه.

. ڳالڙي = ڳالهڙي، ڳالهه.

. هسايو = کلايو، خوش ڪيو.

. دان = خيرات؛ بخشش، عطا، انعام.

. پار = طرف.

. بن = سواءِ.

. ڪنعان = حضرت يوسف جي وطن جو نالو.

. ڏاڻ = دان، انعام، بخشس.

. پينار = پِنڻو، فقير.

. بيبان = بيابان، پَٽ، ويرانو.

. تانگهه = ڇِڪ، رغبت.

. توڙ = اصل.

. تم = تمام، پوري.

. اوڙ = هَر جي کيڙ؛ تڪليف.

. ٻُجهي = ڀانئجي، سمجهجي.

. ٻُٺ  ڪاهڻ = خراب زمين ڪاهڻ يعني بي سود ڪم ڪرڻ.

. فائق = بلند بهتر، فوقيت رکڻ وارو.

. فرقان = قرآن.

. اوڳو = موڳو، نادان، غافل.

. ڏوڙا = ٻيڻا، گهڻا.

. دامن لڳيءَ جو = پناري پيل، لَڙهه لڳل.

. اذن = حڪم.

. آشيان = آکيرو.

. سري = پُڄي.

.  ڪست = قصد، ارادو.

. نانءُ = نالو. ننگ نانءُ جو ٿي = پنهنجي نالي جو ننگ ٿي، پنهنجي نالي جو ننگ رک يعني پنهنجي نالي کي سڃاڻ يا ڏس.

.  چُڻي = چُونڊي.

. انا احمد = انا احمد بلاميم (حديث) آءُ احمد آهيان ميم کان سواءِ يعني احد يا خدا آهيان.

. ڌُڻي = چونڊي، پسند ڪري.

. لاهون لڻي = لاهن کان لُڻي وجهو يعني پاڙون پٽي ڇڏيو.

. امڪان = ممڪن، شُدني، ٿيڻي.

. دست خالي نائيا = هٿين خالي نه موٽيا.

. مون.... پائيا = مون توبهه ڪئي.

. چائيا = کنيا.

. ڪوٽ = محفوظ قلعو.

. پيزار = جُتِي.

. عاصين = گنهگارن.

. ثمر = ڦَل، ميوو، حاصلات.

. امر = حڪم.

. چوگان = آڳُر، اڱڻ، پڌر.

. نهال = خوش.

. وهندو = جلدي، سِگهو.

. شهه = شاهه.

. لڙ = لڙهه، اَسرو، ڀروسو.

. ڪوڙين = ڪروڙين.

. غارَ = چُر.

. ورنهه= بهادر.

. ذي النورين = ٻن نُورن وارو. حضرت عثمان رضه جو لقب.

. لات = هڪ بُت، جو ڪعبي ۾ هو. حضرت شعيب جي قوم ان جي پرستش ڪندي هئي.

. عزيٰ = بُت جو نالو، جنهن جي عرب پوڄا ڪندا هئا.

. نگر = شهر.

. قمر = چنڊ.

. جُهلي = ڪِرِي.

. اڙين = مُنجهلن. مشڪلات ۾ ڦاٿلن.

. توهه = مهرباني، ڀلائي، آسرو.

. محسن = احسان ڪندڙ.

. ڪرّ = شان شوڪت.

. ڇيهن = ٽوٽَن، نقصانن.

. نخل = کجيءَ جو وڻ.

. تمر = ڪَتل، کارڪ، کَجور.

. عميم = عام؛ گهڻو.

. بي فهيم = بي سمجهه، نادان.

.  ڪلان = وڏو، لَنبو.

. سگ = ڪُتو.

. خجل = شرمندو.

. خر = گڏهه.

. مهندار = اڳواڻ.

. سري = ٿِي، ملِي، ڊَهي.

. ٻول = چئو.

. ڏسي... پوين = بُتَ ڏِسِي اي ڀاڙي، تون انهن تي پوين ٿو يعني انهن جي پوڄا ڪرين ٿو.

. نصارو = عيسائي.

. ڪلان = وڏو.

. صدق = قربان.

. تنهان = تنهن منجهان.

. باري = ڀاري، وڏو.

. ٻهون = گهڻو.

. موبموءِ = وار وارَ سان يعني پوريءَ طرح، سهڻي نموني (جڙيل).

. ڪُلان = ڪُل تي، سڀ تي.

. بهي = ڀونڪي.

. تم = تمام، پوري، مڪمل.

. عاصي = گنهگار.

. ثاني = ٻِيو، مَٽ، برابر.

. چيدا = چُونڊيل ؛ سُٺا، وڻندڙ.

. زوراور = زور وارا، بهادر، پهلوان.

. نشانبر = مشهور، ظاهر، کُليل.

. صابر = صبر ڪندڙ.

. وريام = بهادر.

. بهرا = بخرا، حصا.

. متارا = خوش، سَرها، تازا.

. الله آهر = الله ڪارڻ، الله واسطي، خدا جي راهه ۾.

. باري = اُتم، اعليٰ.

. ماري = ماريندڙ.

. قاري = قرات ڪندڙ.

. ڏاني = ڏَن ڀريندڙ، مُريد.

. ڏات = بخشش. عطا، انعام.

. بارا = بالا، وڏا، مٿاهان.

. آسا = آس، اُميد، ڀروسو.

. ڀرواسا = ڀروسُو، اعتبار جوڳا.

. اُتي = تي.

. پرشجر = ڀريل (ميون سان) وڻ.

. عزم = ارادو.

. غمگين = بي واهه، ڏکويل.

. وڙ= مهر، واهر.

. اڻائي = اجائي.

. لات نه لئو = ٻي وائي وات نه ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org