سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :2

ويو سِرُ بي ويچارن جو وڪامي،                ٿيا بي ناحق بهائي بي آرامي،

هجي راضي هميشه حَقُ تعاليٰ،              حاجي خانڻ ڪري ڪهڙا مثالا،

ڪڏهن هو شهزادو گڏ سپاهي،                اچي وين اوچتو ڏس الاهي،

ڏِئين رب پاڪ تون پنهنجون پناهان، هجي هر ڪنهن زندي تي نِتُ نگاهان،

هاڻي تاج الملوڪ جي ڪهاڻي،               ڪريان تا نا ٿئي تنهن جي پُڄاڻي،

گداگر ٿي هليو هو گِل ملي،           جاڏي ساٿي انهن جي ساڻ هَلي،

جاٿي ٻاهر هڻندا هئا شامانو،          پني کائي، ڪري بيشڪ بهانو،

جاٿي ٻاهر کوڙيندا ها قناتون،                 ڏياري رَب بِنان ٻيو ڪير ڏاتُون،

جاٿي ڀائي مِڙي مجلس ڪندا ها،    وِهندوا روز جاتي ٻيا بَندا ها،

جاٿي ڀائر ڪريندا ها شرابي،          ويچارو ٿي وِهندو هو عذابي،

تڙي ڇڏن ويچاري کي ملامِي،                پوي مقبول محبن در غلامي،

ويو رضوان وٽ هلي ويچارو،           ڏئي ڪيئن ٿو نِماڻي بخت وارو،

تاج الملوڪ هو سالڪ سياڻو،                 ميان رضوان کي سَهجَئون سيباڻو ،

ڀلي آئين چيو بادشاهه بانڪي،               باري آ، بخت تنهنجو بلند ڏاڪي،

دنيا دولت سدائي ماڻ منهنجي،              توکي لائق ڪڍڻ ناڪاڻ ڪنهن جي،

ٿيو عاشق ويچاري جو وَسيلو،          ٿيو سلطان سپاهين سان رَسيلو،

ڪيائين تخت تي تنهن کي پيارو،   ٿيس وَه بخت جو باري پسارو،

گاهي گاهي ڪري ٿو وِسَ رَنگِي،     سدا سِرَ تي ٻَڌي سُهڻي ڪَلنگِي،

ويو دلبر لِڪان جي دُرُ باغين،                 چمن چوڌار چَهڪو ڪيو چراغين،

ڏِسي نامين نزاڪت  ڪيون نگاهان، لکا لک گم ڪيا هِن شاهه شاهان،

تاج الملوڪ ويو در دلربا هي،          چيو ٻڍڙي ملوڪين مرحبا جي،

آهين تون ڪير، ڏَس پنهنجون صفاتان،     سوين هت گُم ٿيا هِن ذات ذاتان،

ڪهڙو ڪم آءِ تنهنجو ڏس مون نگينا،      پايو يعقوت نا سالون مهينا،

ويهي سَؤ سال ٿيا باڪا بيراڳي،      مري ويا نا وَرِي ويا ملڪ ساڳي،

چيو تاج الملوڪ ٻُنڌ ناني،            خدا جي نانءِ ٻُنڌ هڪڙي ڪهاني،

ناهيان بادشاهه ناميون ناخزانا،                 نڪي ڌاريان سپاهي نال ٻانها،

نڪو مون ساڻ آءِ ساٿي سپاهي،              پُڇان ٿو ڏَسُ ڏي نامِ الاهي،

ٻُڍيءَ کي نَو لکو زيور ڏنائين،                 پڇي دلبر لڪان جي تخت تائين،

چيو ٻڍڙي پڇان تون ٻول ظاهر،               ٿيو ڪنهن چيز جي تون شوق شاعر،

هوندِي جاهَٿِ منهنجي ڳالهه ڪائِي،         سڀا توکي سليندس حال ڀائي،

چيو خوشرنگ شهزادي شتابي،                منهنجا ڀائر ٿيا ڇاکون عذابي،

چارئي ڀائر اسان جا ڇو وڪاڻان،               ڦرائي ڪيئن ويٺا هن فيل ناڻان،

چيو ٻڍڙيءَ اَبا هيءَ ڳالهه اونهي،     آهي اڄ ڪلهه نڪا ڳالهه ڪهني ،

ٻاري دلبر لڪان ڏئيو ٻِلي تي،                هِرايل نورُ آءِ طعامي تَلِي تي،

لَکين آهن لڪان لاٿا لٽاڪا،          ڪري ويٺا ويچارا وير واڪا،

ٻڌي اي ڳالهه سا عاقل اڪيلي،              ڪراڙي کئون اٿيو ڪر الله ٻيلي ،

وري آيو اوطاقي ٿيو آرامي،            سوين نوڪر وڃن صدقي سلامي،

امر ڪيو شهزادي ڏنهن شڪارين،    نوريڙن جا رکو هٿ دام دارين،

نوريڙن کي سينگاريو ڪرن بازي،     ٻڌو ڪن ڏيئي مڙيئي مرد غازي،

ٻليءَ جي سِر ٻاريو ڏيئو اَٽي جو،              نورَن کي طرف تنهنجي سٽيجو،

ڏِئي بن ٻيو ڏَسيو نا کاڄُ تن کي، سيکاريو هيءُ هنر ڏيان ڏاجُ تن کي،

شڪارين سڀ سيکاري هنر بازي،     نوريڙن کي پڙهائي ڪيائون نيازي،

پسند ڪئي شاهزاديءَ پَلٽ تن جي، ٻليءَ جي ساڻ ڪيائين سَلٽ تن جي،

لکين ناڻو نوريڙي ساڻ نيائين،                وري سلام ٻڍڙيءَ جو ڪيائين،

پيئي ٻڍڙيءَ کي ٻيهر ٻاجهه ڏاڍي،   سورن جي رڳ هڪ هڪ صاف آڍي،

پِياسيءَ کي پِلائي شِير شَڪر،                ويچاريءَ تي وَسن مر رحم ڪڪر،

ويئي دلبر لڪان وٽ وهندڙ وئي ،   ڪري سڀ ڳل شهه جي سهندڙوئي،

آيو هڪ ملڪزادو هيٺ ماڙي،                 تنهنجو طالب اسان وٽ آ ڏهاڙي،

تنهنجي ڪارڻ ڪري فرياد ڦَٽي،      دنيا دولت بيٺو ڪم ڪار سَٽِي،

لهي آئي لڪان بر تخت خاني،               وٺي ٻڍڙي ويئي دَرشَهه شَهاني،

ويٺا وَهه روبرو رِندَ رمز لائي،           نِهاني راز ڪئي آدم ڇپائي،

لڳا طرفين کي توبهه تماچا،         پڙهايا، دلبرُبا دلبر ديباچا،

اول الف ديباچو جو به پڙهندو،                 بِنا ’ٿڙ‘ جي سو ڪيئن شاخ چڙهندو،

چيو دلبر لڪان دلبر نگيني،           کوليائين روز پنهنجي صاف سِيني،

ڪجي هڪ راند جو سَعيو سويلي،    اچي ڪنهن وٽ نه شل، دلبر اَويلي،

ٿيا مخمور مستانا يَگانا،              ڪيائون راند جا طلسم بهانا،

هَڻِي ڍارو نهارِن چشم چشمي،    وَهِي لُڙڪِي کنئي ٿي، جاءِ حشمي،

ٿيو چشمان وَهي جَڏِ، چشم پاڻي،     لَڳِي وارن جي آهي بارِي ڪهاڻي،

ٻليءَ جي سر ٻَري ڏِيئو هنر جو،               مزو طرفين کي ڪيفي سُڪر جو،

نوريئڙو نيٺ ڏِيئي کي وِسائي،                پَتي کي ڪنهن طرح ڪُئو ٺهائي،

نوريئڙي ۽ ڪُئي جي گل بازي،               مسافر ٿي ٿيو محبوب راضي،

کٽيائين لَکَّ دلبر جا لُٽيائين،                 مَجوسن جي نشاني کي چُٽيائين،

رکيو دلبر لڪان سر ڏَڪ ٺاهي،   حاجي خانڻ عُشاقن اَلههُ آهي،

تاج الملوڪ جو آءِ بخت باري،                کنيائين تخت سوڌي سا ويچاري،

کٽيائين تخت کي سر بخت ساڳو،   لَٿو عاشق ويچاري جو اوجاڳو،

ڪئي درياهه ٿي وَهه موجَ ساڳي،     پورو سُر رُوپَ ڪيو ٿي عشق راڳي،

ڪيو نڪاح تنهن سان شاهزادي،     کٽيائين راند سَڌڙي بي بنيادي،

عقل ۽ عشق جي دل کي دلالت،              بنان بيدل پُڄي بيدل خيانت،

عقل ۽ عشق هڪڙيءَ جاءِ نه هوندا،   بنان دلبر رهائي ڪير روندا،

ويٺو رِندُ رمز کولي مرد ڪامل،                حاجي خانڻ اچي ٿيس بخت شامل،

چيو دلبر لڪان کي رند راوت،                 لاٿي سڀ عاشقن تون رب ملامت،

اَلَہ ڄاڻي اٿم هڪ روحَ رايو،           بيراڳي ٿي جَنهين جي ڪاڻِ آيو،

چيو دلبر لڪان ڏَس ڳالهه سارِي،     توسان حضرت عليءَ جِي مددگاري،

تڏهن چوريو لبن کي شاهَه لائق،               هُئو جنهن ڳالهه جو محبوب شائق،

آڻيندس گل بڪاولي ارم وارو،                پيو دل کي لڳي جنهن جو نگارو،

ماڻيندس اڳ نه ڪا، ڪا سيج خاصي،       اَلَهه ڄاڻي اٿم دلڙي اُداسي،

جيستائين نه ٿَس گل جي وِصالِي،    تيستائين نه ٿِئي مجلس نِرالِي،

ڪُلي جي آس ٿو عربي پُڄائي،   بُکئي بيدل سندي دلڙي رَچائي،

ٻُڌج هيءَ ڳالهه دلبر دل بجانون،   ڇڏيا اسباب تو وٽ زر خزانو،

محل ماڙيون چمن بُستان رنگي،              ڪري ٿو گر زرهَه پوشاڪَ جَنگي،

قَناتون ۽ تَنبُو ريشم شَمانا،           شُتر هاٿِي اَسپ تازَي شهانا،

ڇڏيان سڀ ساڻ تنهنجي خاص گولا ،     ڪرن لَکَ قِيمتُن زَربفت چولا،

جيستائين اچان مان هِڪَواري،                 تيستائين نه وڃ ڪنهن ٻي اوتاري،

هجن قيدي ويچارا قيد خاني،                 اچان موٽِ جڏهن مان محل خاني،

چاريئي بادشاهه گل جي قيد ڪيا ٿِي،        شُتر گهوڙا سوين اسباب هاٿِي،

رکج ٻيڻو انهن تي بارُ باري،          هميشان هر ڪنهن تي نگهداري،

هليو دلبر لڪان کون موڪلائي،               بڪاولي باغ کي باڪو پڇائي،

اَلَہ جي آسري ڪيائين سفر سعيو،    هلي رضوان جي برتخت آيو،

ٿيس دلبرلڪان رضوان راضي،                هليو موڪل وٺي سو، مرد غازي،

آيو ڪنهن ديس تي دردي ويچارو،    لڳي ويس بَرَّ تي هڪ وَرهه سارو،

ڏٺائين ڏُور هڪ محلات ماڙي،                گهڻو آهي انهيءَ جي سخت چاڙهي،

ويو ملوڪ ماڙيءَ تي اڪيلو،          ڪري ڪئي ديوَ دردي ساڻ مليو،

لٿو محلات جي سر ديوُ ماري،                 ڪيا مخلوق تنهن سَهسين آزاري،

سَوَن جو مال ميڙي ٿيو موالي،                هَلي اُتان نه وِيڙا دام خالي،

سَوَن جا مال ميڙي ٿيو ديوانو،                 اَڏيائين سون جو هڪ محل خانو،

جڙيل موتي جواهر ذات ذاتان،          ڪري خانڻ تنهنجون ڪيئي صفاتان،

هڪل ڏيئي پڇا ٿي ڪير آهي،               محل جي هيٺ ڪيئي سامان لاهي،

اُٿي، کَڻُ گودڙي رَمُ ٿي روانو،             آهين تون ڪير ڏس بشر بگانو،

سوين سلطان مون هَسَدا رُوايا،             هڪل هڪڙيءَ سان مون ٿي موت ماريا

تون آنءِ نازڪ بدن محبوب ڄاڻان،    محل جي هيٺ کڻ پنهنجي وِڇاڻا،

تڏهن تاج الملوڪ ٿيو رتوانو،                 چيائين شاهه ٻُڌ هي افسانو،

نِماڻي تي نه ڪر، مارو دوبارو،                 اسان جي ڳالهه جو باري پَسارو،

ڪندا سي ڳالهه جي تو خيالُ آندو،   شُتر جي شيخ ڪارڻ من ماندو،

ڪري موجود ڏي مون شُتر شامِي،     بَنايان شيخ وه تنهنجي عظامي،

ڏياريان ڏهه شتر ان وقت ڏاهي،                گهڻي خاصي طرح سان شيخ ٺاهي،

ڪبابن جو ڪيائين قرب ڪيڏو،      قيمي جو ڪم ٺهي ٿو راس جيڏو،

کڻي ملوڪ محل منجهه پيٺو،                وڃي برتخت تي تنهن وقت ويٺو،

ٿيو اُت ديو دانَهَه سان ملاقي،                 ڏٺائين شيخ ٿيڙو پاڻ ساقي،

کائي ٿيو خوش گهڻو اُو، ديوُ ظالم،   ٿيو هر حال ۾ تنهن ساڻ سالم،

ٿيو يڪدل تنهين سان يار شامل،     مليو مرسل اسان جو پير ڪامل،

دلاسو ديوَ دانهه سان ڪري ٿو،                چڱايون سڀ مسافر سان سَري ٿو،

چڱاين جي چوان ٿو ڳالهه چِيدِي ، سَجائي سر لَٿل ٿيڙو شَهيدِي،

مڃائي يار جي يارِي ادب سان،                سُونهين سڀ طرح ٿو تنهن جي سبب سان،

ٿيو بنجي مسافر يار گهاٽو،           اول ٿيڙو گهڻو هُس منهن اُماٽو،

ڏنائين شاهه کي منجهه محل جايون، حاجي خانڻ کٽڻ سڀڪنهن سچايون،

دلاسا دمبدم دُهرا ڏئي ٿو،            شَڪر وانگي شرابن پئي ٿو،

ڪلنگي سر ٻَڌي محبوب منهنجي، تڳي ٿي دل ويچاري توهه تنهنجي،

مون کي محبوب جي آءِ ڳل ڳاري،   صَدق صدوار ڪيان جندڙي وچاري،

مون کي محبوب جو آءِ ڳل ڳانو،      ڪريان جوڙي تنهن جو افسانو،

چيو تنهن ديوَ کي محبوب موٽي،    بڪاوليءَ جي ڪئي آهه عشق چوٽي،

بڪاولي باغ جي مون طلب آهي،     ٻي ڪنهن چيز جي مون غرض نه آهي،

آهيان شائق انهي چهري چمن جو،    لڳو آ داغ باري دل غمن جو،

لاهي غم جي ڏيکاري سڄڻ ساڳي، ڏسڻ جي ڪاڻ آءِ دلڙي بيراڳي،

ڏيئي ڪن ڳالهه تنهن ڪهاڻي،               ويچاريءَ وَئي دلڙي وڪاڻي،

ٿيو عاشق ويچاريءَ جو وسيلو،                 ٽڪائڻ لاءِ ڪيائين لکُ حيلو،

ٽڪي سو ڪيئن جنهن کي رمز لڳي،        بنان ديدار جي دل ڪيئن تڳي،

آندو هڪَ ديوَ تَنهن دم ديوُ جلدي، تنهن جي ساڻ ڪنهين جي ڪانه هَلدي،

هئو هر ديوَ کون ڪُوپو قداور،              همت ۾ هو گهڻو ظالم زورآور،

چندين ها ديوَ تنهن جي دَر سلامي،   مَڃِي ويٺا سڀئي تنهن جي غلامي،

کارائي شيخ مَئون هڪ ڦاڪ ڦاڙي،   پيغمبر ٻاجهه ڪئي ٿو ٻُڏل چاڙهي،

بچاءِ تان سچي کي بار ڪيهو،               ٿيو گل، باهه مئون گلزار ڪيهو،

مڇيءَ جي پيٽ مئون يونس بچائي، کَلون لَکَن سون جون ٿو لهائي،

تان ڀي عاشق پون ٿا زور اڳتي،               ملامت درد وارن جي نه اڳتي،

پڇي خبران پياري کان پيارون،                ڏيندو ڏاهو تنهين جو درد دارون،

چيو تاج الملوڪ دست ٻَنڌي،                 اَلَہ نانءِ سڻ تون نيازمندي،

آهيان آءٌ گل بڪاولي ملڪ گهورو ،       ڏيکارج تان مڃان احسان ٿورو،

بڪاولي باغ جو مون داغ ڏاڍو،               ڇڏيم سڀ عشق تنهن جي ڪاڻ ڪاڍو

بڪاولي باغ جي جيڪر ڏيکارين،    مُئي دلڙي تمامي تون جيارين،

تڏهن چيو ديوَ ٻُڌ تون حال هاڻي،      بڪاولي باغ ڪيئن انسان ماڻي،

آهن هزده هزارين ديوَ چوڪي،             وڃي شينهن سڀن کون ڪير سو ڪي،

چونڪي چوگرد شينهن جي ڏُکي آءِ، ڀَٽُون سَو نانگ کائن سي بُکي آءِ،

وتن ٿا واتُ ڦاڙي ڪاڻ طامي،                 ٻُڌي دهشت انهن جي ڪير خامي،

آهن نازڪ بدن، نا ڪر پچارون،               ڏيارين ڇو اسان کي مفت ميارون،

نصيحت نا جهليو جڏهن مرد غازي، چوايو ڀيڻ ڏي پوءِ ديوَ فياضي،

حمالان ديوَ هن جي ڀيڻ آهي،                 ڪُنجي تنهن باغ جي هٿ ساڻ لاهي،

ڪنجي هر چيز جي هردم حوالي،     ڀلاون سڀڪنهين کي تن سنڀالي،

ڀلاون کي وجهي ٿي دام ڦاهي،               هزارين ديوَ دَستين شير شاهي،

ڏياري ٿي ڏهاڙي کاڄ تن کي،                ڪڍي ڪيئن ڪاڻ آهي ڪاڄُ جن کي،

ڏٺو جَڏ ديوَ نا عاشق ڪري ٿو،                ڪشالا سفر جا سختيون سهي ٿو،

لِکيائين خط ڀي فرحت سڳورو،               قادر ڪنهن جو وڃائي ڪين پورهيو،

لکيائين حال عاشق جو اڪيلو،                ڪري من دوست دَردي ساڻ ميلو،

لکيائين شاهه جو مذڪور سارو،               ڏسي شل گل بڪاولي ارم وارو،

هليو ديوَن دلبر ديس ڇوڙي،           ويچارو سو لَهندو يارُ وَوڙي ،

ڦٽي ڪيو ويس دانهَه درد واري،   ڄُلڻ سان وَسَ ڪيا وَهه وَهه ويچاري،

راتيان ڏينهان هلي سو سُور سَهندو،   حمالان کي ڏسي ڪا ڪَست ڪَهندو،

آخر آيو انهيءَ جي ماڳ ڪاهي،              پريءَ جي تخت کي ويڙو پُڇائي،

وڃي ٿيڙو ضعيفن کون ضعيفي،     بڪاوليءَ جي لڳي هَس سَيف سَيفي،

جادوگر جوان، اُت ٿيڙو سَلامي،                 حمالان جي مڃي نت نت سلامي،

ڪڍي خط ڏي خوشيءَ مان پاڻ پيارو،        پڙهڻ سان سڀ پريءَ سمجهو اشارو،

چيائين تون ڀلي آئين بيراڳي،                بلائن جي ڪيائين ڳالهه ساڳي،

بچڻ هزده هزارن کون اڻانگو، وڙهن،    ڪَن هو ڪين، ٿا ڪنهن جو سانگو ،

وڙهن ٿا وَرَ ڏِيُو واسينگ ڪارا،                لَکين کامِي کَپي ويا رندَ ويچارا،

تنهنجو ڏاڍو اسان کي بارُ باري،               وڏائي وَسَ ڪندس تو لئه ويچاري،

هاڻي هيءَ ڳالهه ٻُڌ حاذقَ اسان جي، ٻُڌم تعريف خط ۾ سڀ اوهان جي،

بڪاولي باغ تي چوڪي ڏهاڙي،         ڪلان سر شينهن ٿيا تنهن جي مُهاڙي،

مٿئون هڙدهه هزارين ديوَ پَريُون،                هيٺئون سَپن  ڀِٽُن جون سخت ڏريون،

هاڻي تن کئون اڻانگو ڪين بَچّي،    مون کي قسم آهي تو پِيرَ سَچّي،

محمودان آءِ ڏيان تون ماڻ منهنجي، بي ناحق ڇوڪڍين ٿو ڪاڻ ڪنهن جي،

محمودان آءِ ملڪ زادي پياري،                پرڻ تون شاهه ڇڏ تون غم گذاري،

ڪري نگاهه توکي ڏيان نگينا،                بيراڳي ڇو ٿئين دلبر رنگينا،

ڪئي ٿي شاهه شادي شهپريءَ سان، ڪري پوشاڪ شاهِي شَهه زريءَ سان،

صنم ساجن صَنوبر مُشڪ لويُون،         پري موتين جواهرن هار پويوُن،

بخمل، گلبدن، مشرو ڪيائون،                 وهم وسواس کي خنجر هنيائون،

چيو تاج الملوڪ ٻُنڌ حمالان،          بڪاولي گل جون گهائن سنڀالان ،

ڏيکارئج نانءُ الله جي گل بڪاولي،    برهه تنهن جي ڪئي آهي ڪمالي،

حمالان پوءِ ڪري ٿي مددگاري،               چاڙهي سر شينهن جي ڪيائين تياري،

چاڙهيائين شينهن تي ڪيائين روانو،         ڏس ٿو باغ گل شاهي شهانو،

سِرنگهَه هيٺئون هين مخفي مجازي، هلي تنهن غار مئون ٿيو پارُ راضي،

وڃي ديدارُ بنگلي جو ڪيائين،                سبق سبحان جو ثابت پڙهيائين،

لکين ياقوت جوهر جُفت جَڙيا،                 موتي مَرجان تي هر ڌار مَڙيا،

لکين لعلان لُڏن پيا موڙَ ٻَنڌي،               هيٺئون ندي وَهي پئي سونَ سندي،

جڙيو هر جنس جون هر ذات ذاتان،     ڪري حاج تني جون ڪيئن صفاتان،

موتي مرجان نقشا رنگ طلائي،               عجب چهرو ڪري ٿو روشنائي،

بڻيا سڀ سونَ جا نقشا نگينا،                پريءَ اسباب جوڙايا رنگينا،

سُتي پئي سيج تي سر ڏي وهاڻو،     بخمل گلبدن جو وَهُ وِڇاڻو،

شرابي جون صراحيون پاس پلنگي،    سدا خوشبوءَ جو آيس واس پلنگي،

زمين سڀ باغ جِي، آ سونَ سَندي،   ٿِئي عاشقَ بِنان ٻيو ڪير بَندي؟

تخت بر تخت سونيون سِيمَ سَريُون،      شهَاني شَهه پَرِي زَربَفت زريُون،

حسن ٿي هر طرح حملا اُٿاريا،                 وچارن عاشقن اسباب ڳاريا،

ڏنائون ترڪ دنيا کي تمامي،          مڃيائون محب جي برسر غلامي،

ترڪ ڏيئي ٻُٽيءَ کي جن ٻوڙيو،              تنهنجا آخر ڪُلي مقصود جوڙيو،

ڀرَ سان ٿيو ملڪ نزد نيڙي ،       ستي پيئي سيج تي ڪيئن ننڊ اکوڙي،

پريءَ جي دست دَر وَهه واهه وينڊا،     ملڪ لاهي نشاني نال نيندا،

پَرِي ٻي پاس پلنگين نوم نيڻين ،    ڪڍن ڪم ڪار جو ناساڻ ويڻين،

پري عاشق هئي گل تي اڪيلي،      انهيءَ تي باغ بڻيو گهر حويلي،

عجب گل جو هيو باري پَسارو،                بڪاوليءَ جو هميشہ هو نظارو،

ڏسڻ سان پاڻ قرباني ڪندي هئي،   تنهين جي زير سوني سا نَندِي هئي،

نَندِيءَ جو نانءُ هو ڪيفور ڪيفي،    سَهايو سر عشاقن سوز سيفي،

نَندِي جي بر ڪناري تخت شاهي،    ٿيا قربان ڏِسُ قدرت اِلاهي،

اندر در باغ بنگلي شاهه آيو،          پريءَ جي دست مون وينڊو وڌايو،

ڇنائين گل ٿيو بلبل بيراڳي،          اکين سان ڪيئن ڏسي ويو يار ساڳي،

اجهائي باغ بنگلو ويو اُڏامي،         آرامي هُئي پَري ٿي بي آرامي،

هئي مخمور محبت جي نشي ۾،     نشي ۾ ٿي نشي ۾ ٿي نشي ۾،

چڙهيو شهه شينهن تي ڏيئي اُلارو،   بخت جو شاهه سان باري پسارو،

ملڪ آيو حمالان جي حَويلِي،          ڪري ڪيئن ساڻ تنهنجي اَلَہ ٻيلي،

ودي موڪل حمالان کان حلالي،   رکيائين نياز جي رسم نرالي،

پايائين ڳل ڳاري ٿي دُباري،          ٿئي صدبار صدقو سا وچاري،

پايائين ڳل ڳاري ٿي دُباري،          ٿئي صدبار صدقو سا وچاري،

چيائين جا وڻي وهه واهه سائي،                اسان ڏنهن ڪونه ڪو ٻيو غير ڀائي،

گذارين گل چمن ڪريان حوالي،                پَري سان ڏيان زري زيور سنڀالي،

شهنشهه ساڻ محمودان مدامي،               پَريون هر ديس جون سڀ ٿين سلامي،

وڃي تان لکَ ڏياريان ڏاج ٺاهي،              محمودان ملڪ زادي کڻ اُڏائي،

تخت سُوڌِي ڏيان ۽ سنگ سهيليون،         هجن سڀ ناز واريون سڀ اڪيليون،

زري زيور ڇٽا ڇمڪار لائن،            عجائب پيش واديُون زيب پاون،

ڪڙيان ڪڙيون وري سر مانگ ٺاهي،     هَسيُون هسديون حُسن جو پاڻ پائي،

جهلي ڪنهن جي نه هي سو ملڪ جهليو، ملڪ زادي وٺي تنهن وقت هليو،

حمالان لَکَ ڏياريان ڏات ڏاتيون،               بخمل گلبدن ريشم قناتون،

اَچا اطلش عجائب ڪِيمخابي،                 ڏنائين پِرت مَؤن سک بي حسابي،

ڏنائين سينڌ مَؤن هڪ وارُ ٽوڙي،     سدا ڪم عاشقن جو پاڻ جوڙي،

وسيلو آءِ جنهين جو شاهه شافعي،    لهن مطلوب سي نزديڪ معافي،

چارئي ٿيس راهه ۾ رهبر رَسيلا،               سڙي دشمن جا ٿيا لِڱ زَرد پيلا،

پَلؤ جن جو لڳو ساڻ پير پارس،               آهي هر دوجهان جو پاڻ وارث،

مٺي محبوب جا آءٌ ڳُڻ سنڀاليان،     حاجي خانڻ هميشه راهه ڀاليان ،

مٺي مرشد سنديون مون تي ڀلايون،   لکين لائق، لنگها ٿِي ڳُڻ ڳايون،

قرب ڪٽيار پيرل جا سنڀاليان،                حاجي خانڻ هميشه راهه ڀاليان،

مٺو مرشد منهنجو بيحد ڀلارو،               پلي جنهن جو پيو عاصي ويچارو،

پُڄن نا پير جون واتون صفاتان،                سيّد سردار تي پڙهجن صلواتان،

نهايت ملڪ زادو ملڪ زادِي،          حمالان کَؤن هليو ڪري شاهه شادي،

تخت کي ٿيو اُڏائي شهه توائي،               زمين هڪ پلڪ کؤن پو نظر آئي،

بَلائن کان بچي ٿيو رهه روانو،     ڪشالي جو ڪَيُسِ قادر بهانو،

آيو دلبر لڪان وٽ لعل رنگي،                ٻڌي سرتاج سر سهڻي ڪَلنگي،

محمودان ملڪ زادي محل آئي،               اٿي دلبر لڪان سان ڳل لائي،

ويٺا ٻَئِي جوڙ جوڙين ڏي نهارين،      ڪيهي پرواهه آهي اَلَہَ وارن،

ٿي محبوب ٻئي مٺڙي ملاقي،               ٿيو جڏ پاڻ سيّد ڄام ساقي،

ٻولن ٻولي عجائب لاتِ طوطي،               سونهن دردر حمالان هار موتي،

چورن چپ تان ڪنبي غم وهم سارو،         تاج الملوڪ جو ٿيو بخت بارو،

ويٺا خبرون پڇن هڪ ٻي هزاران،              سماڻي باغ ساڙج خس خاران ،

منجهون در دهن جي ٻول ٻولن ،       چَتُن واريون لسانون خوب چولن،

اڳيون دلبر لڪان سر گهور گهوري،   پُڄان آءٌ ڪيئن تنهنجي شاهه ٿوري،

آئين تون شاهه شڪرانو الاهي،                ڪري وئين هئين نماڻي کئون جدائي،

سوين تو لئي اڏاريم روز ڪانگا،              اَلَہ آندوءِ اڱڻ ٿيم صاب سانگا،

ڇڏي ويو هئين وڇوڙي منجهه ماري، مُوتُوا قَبل اڃا ماري جياري،

سدا هو ساهه تولئي مون بيراڳي،              وِهاڻي ورهه جان وئي رات جاڳي،

تاج الملوڪ پهري تاج شاهي،                هوا منجهه امر جي صدها سپاهي،

ڪَلاونت ڏُوم سي نِت راڳ ڳاون،    مِراسِي ڀَٽ لکين مطلوب پاون ،

ڪيا شب روز ٿي شهه شادمانا،               ڪري خانڻ ٿو تنهنجا افسانا،

چيو دلبر لڪان کي يار جاني،                 ويهي گڏ سيج تي ظاهر زباني،

ويٺي هَس روبرو ٻڍڙي ويچاري،               همت تنهنجي ويٺو آهه ٿي واپاري،

بني سا شاهه وهه مجلس بنائي،               ويٺي سينگار سگهڙ جي پيش دائي،

هَمہ سان راز ٿيو بادشاهه باڪو،               هئو هن ملڪ ۾ رضوان ڌاڪو،

رَمِي رضوان وٽ آيو آرامي،            وَدِي موڪل انهيءَ کؤن ٿيو سلامي،

تياريءَ جو ڪيائين ترت سعيو،               ڪُلي ڪم شاهه جو ٿيڙو سجايو،

ڪَکان ڪيا ها لکين محتاج مانجهي،       تغاريون ٿي ڍويائون صبح سانجهي،

انهن کي شاهه ڀي قيدئون ڇُڙايو،     اجهو عربي ڪلي جي ڪاڻ آيو،

اچي اُت ڪئي شفاعت شاهه ڪُلي،   لڌائين مطلب سندي نزديڪ ڳلي،

جهنم ۾ ڀي اُمتِي ڪِينَ پوندا،               سچي سردار تي صلواة پڙهندا،

جهلي مهرون هليا بروقت موٽي،              سچا ڌو پار پيا ڪئي عشق چوٽي،

هليا هڪڙا جهلي مهرون شتابي،     تَڪبّر دار آخر ٿيا عذابي،

چارئي ڀائر هيس در قيدخاني،                 ڪڍي تنهن کي ڇڏي ڪهڙي بياني،

هڻس مُهرون هزارين مهر ڏياري،               ڪيا اوڳڻ انهيءِ جا ڪئين وساري،

جهازن کي گهرائي ٿيو روانو،          ڇڏيائين باغ بنگلو ۽ شمانو،

چاڙهي دلبر لڪان محمود خاتون،     خزانن جون چوان ڇا بات باتون،

وزيرن ۽ اميرن فوج ساري،             سڳڙ جي ساڻ صد سينگن سينگاري،

کنيائين ساڻ پنهنجي کاڄ خاصا،    ڌُتارن دل دُکيءَ کي ڏئي دلاسا،

سڪيءَ جي سير ۾ ٿيو شاهه راهِي، پَنجن تَنن سندي تنهن کي پَناهي،

بندر جو ڏس فقيرن کي ڏنائين،               ڪريو هلي هوند آءٌ ايندس اتاهين،

پُٺيءَ ڀائُن جي پَيڙو پاڻ پيادو،                لَحم لوهو لڱن جو لعل کاڌو،

پُڳو ڪاهي پيادِن کي پيارو،          ونڊيندو حال تنهن سان ڪيئن ويچارو،

پُڇي خبران انهن کان پاڻ پياسي،     گهڻو ڏس هو، هُو اڳهين اُداسي،

چيائون پَنڌُ بڪاوليءَ ڪاڻ پياسي،   اُداسي گل جي خاطر ٿيا اُداسي،

نڪا گل جي خبر پئي سي ڪٿاهين،         اُنن جَڏِ ڳالهه آندي ٿي اُتاهين،

ڏنو جواب جلدي شاهه جوڙي،          ڪُلي جا ڪَمَ ٿو الله جوڙي،

آهيو بانڪا بهادر چارئي،             لَڌُءِ ڇاکون نه گل هي گمراهي،

آهيو ڏوٽا ڏِسڻ ۾ پِيل پاوا ،               ڪري جيڏن اوهان سان جٺ جاوا،

اٿوَ پئسو پلوَ ۾ ڪانه پائي،           گذاريو قيد ۾ ڪئي ڏينهن باندي،

اوهان جو منهن ڏسان اهڙو اُماٽو ، سڪي لڱ لَحم ٿي ويو ماند ڀاٽو،

تڏهن چيائون ٻَهون ٿَؤن نال ناڻو،     سُمهؤن تڏ سُک نه ٿا سر ڏئي وهاڻو،

خزانا مال اسان سهسين کپايا،                 موتي لعلان لڪان جي ڪم آيا،

ڇُڙايو اڄ اسان کي پير پيران،          تڏهن ٿيا سي مثل مانند فقيران،

تڏهن تاج الملوڪ تاب ڇوڙيو،                ڏسو تنهن جي ڪئي ٿي ڪم جوڙيو،

چيائين تان ڏيو هزار ناڻي،             بڪاولي گل ڏيان بروقت آڻي،

بڪاولي گل جي ڀائر سڃاڻو،          ڏيو ڇا مهل تنهن جو مفت ناڻو،

آهي مون ساڻ گل ساڳو جُبي ۾،     ناهي ڪو پير ڪو جِيندو قبي ۾،

تريءَ تي جڏ رکيائين گل تازو،                اُٿيا اڳتون ڪري اهڙو آوازو،

هڪل ڏيئي کَسيائون گل ساڳي،     ٻنڌي ويس پوءِ گهڻو ٿيڙو بيراڳي،

لپاٽن سان چٽي ويس چور چهڙا،              پٽڻ واجب تنيجا ريش تهڙا،

کڻي گل جڏ ويا نانگي نودي،                 حمالان ڪئي اچي ات تخت سوڌي،

نيائون گُل جڏهن آيا اُتاهي،           هئو والد ويچاري جو سڀائي،

لاتائين گل اکين کي وئي اونداهي،   ڏٺي يعقوب يوسف بادشاهي،

وڻيس وهه واهه ٿي پوءِ ملڪ ماڙيون، لُٽائي ٿو خزانن کي ڏهاڙيون،

پڙها در شهر جي بادشاهه ڏياريا، ڪريو شاديون سڏيو منگتا وچارا،

خزانا نت کپايو ڍول ڳايو،              وڄايو ساز ۽ بخمل هنڊايو،

ڪريو نت ويس رنگي رنگ زريءَ جا،         حاجي خانڻ ڪري قصا پريءَ جا،

بڪاوليءَ ڀي جڏهن وينڊو سنڀاليو،   ويهي غم وهم سان سو ڏينهن جاليو،

ڏٺائين باغ ۾ نا گل گلابي،          ٻَهُون ٿي ويس تڏهن جندڙي عذابي،

ڪُڇي پُڃي نه ڪنهن کي ٿي ٻُنڌائي،       تخت تي پاڻ کي تنهن دَم اُڏائي،

هلي هڪ ساڻ سنگين ساز جوڙي،    مهارون تخت جون هر مُلڪ موڙي،

ووڙي ويٺي ويچاري چورُ گل جو،               لِکيو تنهن سان ٿيو آخر ازل جو،

ملڪ زادي ٽِلي ڪيئن ملڪ ڳولي،   جدائيءَ جو وهي ويس چاڪ چولي،

وهي ويو چاڪ تي غمناڪ پاڻي،      لڳيءَ جي چاٽ کي رب پاڪ ڄاڻي،

هاڻي جڏ آئي ان شهر ڪاهي،                 شادي جو هر ڳلي سر انجام آهي،

تڏهن پيئي پڇائي شهر وارن،                 عاشق شُدا ويچارا سُک وسارين،

ڏنو جواب جلدي سوال واري،           مٿي سان مول ٻڌي ويا اتاري،

آيو هٿ شاهه وٽ سو گل لعلا،                تڏهن شاديون ٿيون هن بي مثالا،

بڪاوليءَ جو هيو گُلَ ساڻ ناتو،               انهيءَ آڻي عجائب رنگ لاتو،

چِيرا ٻنڌي چلي چاڪر سڏائين،               خودي هستي ڇڏي تا خود وڃائين،

خودي هئي ناخدا هو جڏ خدا هو،              تڏهن آدم نه دم قدرت جدا هو،

خودي خود خدا کي ناسيباڻي،                 گندم دانو انهن جي ٻُڌ ڪهاڻي،

حاجي خانڻ پريءَ گولو سڏايو،         اهو سبق پريءَ کي سِکايو،

وئي زين الملوڪ ڏي ٿي نماڻي،              چِيرو سر تي ڪري ڪهپر ڪهاڻي،

چيو بادشاهه تنهن کي ڪير آهيو،    لکايو نام تان ڪهڙو سڏايو،

هون نازڪ بدن محبوب شاهِي،               آهي نت عاشقن جو اَلَہُ واهِي،

هاڻي ڪريان قصو تنهن جو شهانو،   تاج الملوڪ جا ٿي ٿيو بيگانو،

آيو دايو جڏهن ڪاٺين کي ڪاهي،   هادي وارث ويچاري ساڻ آهي،

اچي ڇوڙيو انهيءَ پئي ٻاجهه تنهن کي،      خدا ٻاجهونچوي ٻيو حال ڪنهن کي،

ڏنائين سيڪ وارن کي اُتاهِي،                 نِماڻو ٿي ويهي ويو هو تباهي،

حمالان ڀي انهي بروقت آئي،         کٽي هِت هُت هميشان ٿي سچائي،

ڏٺائين حال عاشق جو گدازي ،     ڪري بي ناحق ويس برادر بازي،

چيو تاج الملوڪ ٻنڌ حمالان،          اسان جي حال جون لَهه تون سنڀالان،

کسي ويا گل اسان کَؤن در خرابي،    هجي ناڻو ڪريان هيڪر سلابي،

ورايان هڪ گهڙي سي زر خريدي،     تنهنجو آهيان هميشه مُلهه خريدي،

ڪري موجود ڏي مون کاڻ ناڻي،              بنايان باغ بنگلو رَبُّ ڄاڻي،

آڻيان دلبر لڪان محمود خاتون،               زريداري ڪيان تنبُو قناتون،

ريشم جا جهولڻا برتخت جهُولين،    باغن ۾ گل چمن پيا روزُ ڦُولين،

هڻي وئي هامَ حمالان اڪيلِي،                وري آئي گهڙي پنهنجي حويلي،

لکين کاڻيون خزانن جون کنيائِي،      اُڏائي هڪدم ۾ تنهن جاءِ اَڏائِي،

هيرو ياقوت مَرجان سونُ موتِي،                جواهر ڪئي کڻي بيڪار طوطِي،

فيروزا لعل لاکيڻا لڏائي،               وئي تاج الملوڪ وٽ سَڏائي،

هوا حاضر هزارين ديوَ اونها،            ٿيا اُتِ شينهن هاٿي سَهس جهُونا،

ملي بيٺيون پريون دوخان ساڳي،              سوين سڀ سرنگ سرنگ کول جاڳي،

اُڏن ڪن پيون پرواز فَلڪين ،              ناهي جِت جاءِ جن جي ري مَلڪين،

اَڏايو باغ ڀي ملوڪ ساڳيو،           کٽي نت شاهه جو البت اوجاڳو،

ساڳي درخت پڪا در باغ اناري،              کُلي چمن  پيا گلشن بهاري،

خوراڪي وڻ لکين ٿي تيار بيٺا،              کُٽا ۽ ترش تازا تاز ميٺا،

سوني زمين بنگلي جي بَڻي هُئِي،    تاج الملوڪ کي وَهه وَهه وڻي هُئي،

محلي جي ڇا چوان مان ڳالهه ٺاهي، جُڙيو چهرو طرح سان وَهه صفائي،

بيٺيون چوڌار چونڪيون ديوَ پَريُون،    وڙهڻ جي ڪاڻ ڏين ٿا وَرَ وَريُون،

نالو تنهن جو ملڪ نگار ڌريو،                 نگار شهر بي پر ناز ڀريو،

غاليچا گلم پيا بر راهه رَنگي،                 شهنشاهه سِر ٻَڌي سُهڻي ڪلنگي ،

آئي دلبر لڪان سڀني وزيرين،                 ساڻس محمود خاتون گڏ اميرين،

آيا سرواڻ ساٿي سمنڊ وارا،                اچي گڏ ٿيا مڙي اَسباب سارا،

چِتر واريُون چڱيون جي ساڻ دايون،        تني جا نَو بَنو ڇا نازَ ڳايون،

ٽِلن ٽِيلا ڪرن پِيَلا پوشاڪان،                 سپاهين لَئي سَوين اَڏيُون اوطاقان،

سونا بنگلا بڻيا هي باغَ بڻيا،                تاج الملوڪ جا ها دل وڻيا،

آڻن ساٿي سوداگر مال هِيڻو،          وَٺيُون وڃن اُتاهو ملهه ٻِيڻو،

ڏين پيسي سندي جي چيز ڪائي،    ٽَڪا تَنهن جا وٺن اڳتون اَڍائي،

ڪُلي شَي پَئِي ڪري هت ملهه ٻيڻو،         بنان دلبر نه ٿئي عاشق وَهيڻو،

ٻُنڌي سو شهر آيا ملڪ ڪاهي،              ضعيفن عاشقن جو اَلَہُ آهي،

مُڪا زين الملوڪ ڀي سپاهي،                ٽِڪي ويا شهر ۾ سي رات راهي،

وري موڪل وزيرن کي ڏنائين،                 لهو خبران تني کي ٿي چيائين،

پڇڻ ريءَ ڪير جو قنات کوڙي،              اسان جي ملڪ تي محلات جوڙي،

اسان جي عظم جو ٿيس ڀؤ نه ڪوئي،        پُڇايو نام نَسب ڪير سوئي،

رَنگِي بنگلا ٿو ريءَ موڪل بَنائي،    سدا سلطان يا مجذوب آهي،

چڱي طرح پڇايو ڳالهه چاندي،               وزيرن سان ڳڻي دل گوش آندي،

رمي رهبر ٿيا بيشڪ روانا،            جاٿي ها شاهه جا بنگلا، شهانا،

ملڪ نگار هو خاصو خدائي،           جاتي رخ يار جي آ روشنائي،

تجلو هو مثل مهتاب ساڳو،           پائي مطلوب ڪن عاشقن اوجاڳو،

مٺو ٿيو او ملڪ محبوب پيارو،               جاٿي حاجي خانڻ حضرت سونهارو،

جاتي ٿيو شمس شامل گم ستارا،     سڃاڻي ڪير ريءَ عاشق اشارا،

تاج الملوڪ سان ٿيڙا ملاقي،                 ٽِڪائي شاهه سي ڪَيَڙا اوطاقي،

حاجي خانڻ اٿي عاشق سدائي،                نحن اقرب ناهي تن کان جدائي،

ٿيو مشهور مُلڪ ملڪ وارو،           اچي لڳڙو عجب شاهي پسارو،

پڇائي ڳالهه هر هڪ گوش لائي،     شهنشاهه ٿو گهڻو تن کي سيبائي،

پڇن هڪ ٻئي سندي خبر مجازي،   وٺن سي راز پيا آهن روازي،

ٽِڪي هڪ رات وَهُ ريجهون ڪيائون،     مُدَمغ جي مجالس کي ڏٺائون،

ٿيا خوش سي گهڻو مَي متوالا،               لاٿا رب عاشقن کؤن سڀ ڪشالا،

چيو تاج الملوڪين تن وزيرن،                 ٻنڌي دل گوش آندي ڪهلا اميرن،

ڪري دعوت اوهان جي شاهه آڻيو،    ميان ڏوڙا جيڪر مطلوب ماڻيو،

چئو دعوت اسان جي طرف تنهن کي،         چوان محبوب ٻاجهون حال ڪنهن کي،

نهايت سي وٺي موڪل چڙهي ويا،    سبق استاد کؤن ثابت پڙهي ويا،

وري وزير ويا پهري پوشاڪان،                 ڏيارن ڏاڻ اهڙا شهه اوطاقان،

وڃي دعوت جي ڪن هُت گفتگوئي، سچا ڪن حال تنهن سان ٿا سڀوئي،

ٿيو شائق ٻڌڻ سان شاهه تن جو،              ڏيکاريو رب تنهين کي راهه پنهنجو،

ڪري دعوت جي شهه جلدي تياري، شتر هاٿي گهڻا  سهسين هزاري،

ٿيو سپاهه جو سعيو سويلي،           وڇوڙي ڏئي پرين نزديڪ ميلي،

بڪاولي ڀي هلي هئي ٿي سپاهي،   سنگت ساٿن سان هئي در راهه راهي،

ويچاريءَ گِل ۾ ڪپڙا گنوايا،              ڪري هاٿي اسپ سر ڌوم آيا،

رَڙي رِيهوُن ڪري ٿي راهه رَمي،               خبر هيس هئي نه ڪا ڇاڪاڻ ڇَمي،

آيس سر بار بارن ۾ مٿاهون،          هلي وڃي سپاهين سان هٿاهون،

جڏهن ٿيا شهر جي نزديڪ ڪاهي،   ڏٺائون ڏور تنهن محلات آهي،

پريءَ ڏٺا جڏهن ڏورئون منارا،          آڙَهس نيڻن منجهون سي نارَ نارا،

ڏسي ساڳي چمن سوسن کُليو آهه،    ڀنوَر هر بلبلو گل تي ڀُليو آهه،

ساڳو نقاش بنگلي جو نهاري،                 چمن چوڌار سو ٿيو چمڪاري،

سوني ڌرتي ساڳي سُرَهِي ڏٺائين،     پَريءَ ڀانيو سڄڻ منهن جو اُٿائين ،

لائيندس پاس پلنگين بخت جاڳيو،   ناحق جنهن ڪاڻ مون ٿي جبل جهاڳيو،

اکين سان اڄ ڏٺم سُبتان سوئي،              منهن جو محبوب رب ڄاڻي اهو ئي،

ويندس آءٌ در ڇڏي نا دلربا جو،                چکايو ذوق مرشد مرحبا جو،

جيسي هوندو جُثي ۾ ساهه ساڳو،     نه ويندس ڪنهن ڳليءَ ڪري اوجاڳو،

زين الملوڪ آيو محل ڪاهي،                 جاٿي تاج الملوڪ پاڻ آهي،

ڏٺائين تان آيو اچ شاهُه منهنجو،              اهو ڪعبو ڏسان آءِ ماهه منهنجو،

ڊوڙيو درپيش دُر دار موتِي،            بڪاولي ۽ محمودان ساڻ طوطِي،

پيو پيرين نوائي ڪنڌ ڪامل،                 ويچاري سان وسيلو شاهه شامل،

سپاهين تؤن صدق سَو وار ٿئي ٿو،   گهورون سر شاهه گهورون ڏئي ٿو،

وٺي بادشاهه کي برتخت نيائين،              وزين کي سڏي مخفي چيائين،

هَلايو سڀ اتي حلوا شرابي،            متان ڏياريو اسان کي منجهه عِتابي ،

پُلاوَن جا پچايو قسم خاصا،           پڪا تن ٻوڙ قيما نت نراسا،

ٿين مُربا مٺايون ۽ لڏوڙا،              شرابن جا پئي هرڪو گڏوڙا،

کائي هر ڪو پيو هر طرح ماني،              ڏجي هرگز هلي هت گل شهاني،

متان ڪو ڏئي مجالس منجهه ميارون،        داڻي ۽ گاهه جون لٽجن وکارون،

ويٺا هڪ ٻئي پڇن خبرون خدائي،    وصل جو وقت وَهه وَهه ٻَن جُدائي،

پڇي ٿو پدر کان محبوب خبران،              وڇوڙي کي لڳن شل تيز تبران ،

وڇوڙي جي ڪري ٿو ڳالهه ساري،     زين الملوڪ هو دم دم آزاري،

آزارن جي ڪيائين ڳالهه ڪُلي،               جيڪا هن بيان ۾ ٿي بات هُلي،

چيائين نيٺ هڪ نُڪتو نرالو،                 لڳي مدعيءَ جي منهن ۾ سخت ڀالو،

ڏنو هو رب مون کي فرزند خوبان،     تنهن جو حُسن البت هو عجوبان،

ڏسڻ کون مان اڳي ان کي رلايو،              نه ڄاڻان ڪنهن بلا جي پيٽ آيو،

انهيءَ جي ڪاڻ دل منهنجي اُداسي، گهڻا ئي ڏينهن هئي سمجهي پياسي،

انهيءَ کَؤن پوءِ ٿيس نابين نانگو،    سڪي منجهه سوز جي ٿيو هوس ڀانگو،

بڪاولي گل جو ڏَس پيو فقيرين،      ڪَئِي ڏينهن سوال ڪيم درگاهه پيرين،

پُٽن منهنجن پکي ٿِي، گل آندو،     لٿو سر بار بارن مون هيڪاندو،

آيس اڄ آءٌ وٺڻ دعوت اوهان جي،     هاڻي ڏي خبر آهين ڪير مانجهي ،

تڏهن دلبر لڪان کي جذب آيو،               ٻڌي هٿڙا ڪنيزڪ جا ٻُڌايو،

تون آن سلطان سپاهي ساڻ سِپر ، رکن هٿيار دَستين تير تَبر،

آهي هڪ هڪ اوهان جو سَٻَرُ ساٿي،      پٽن تنهنجي ڪنبايا ديوَ هاٿي،

جهلي مهرون اسان جون ڪالهه آيا،    ڪوڙا آهن، سچا تو ڪيئن ڀانيا،

لڳينَ ٻُنڊڙن مُهر منهنجي نشاني،    آندو گل مڙس منهنجي ٻڌ ڪهاڻي،

ٻُنڊڙ تي سو ٿيو تن داغ باري،                ٻُڌي بادشاه جڏ گفتار ساري،

نهاري جڏ ڏٺائين داغ آهي،           تڏهن بيٺا اُتن ويساهه لاهي،

لٿا ويساهه تون بيڪار ڀولون،          هوا سَڌڙيا سدا بي راهه رولون،

تڏهن زين الملوڪ ڪيون پچاران،     لِسانا لک چٽيون تنهن دم هزاران،

عجب ۾ ٿي ويو بادشاهه سوئي،              کنيائين شاهه پوءِ گفتگوئي،

تڏهن چوريو لبن کي ملڪزادي،               لڳي بندوق مدعي بي بنيادي،

لڳي مدعي جي سيني ۾ ڪٽاري،   جڏهن ٻوليو پنهون جي ساڻ آري،

جڏهن يعقوب کي يوسف مليو هو،    ولي الله جو غم ڀي چليو هو،

مليا تاج الملوڪ مدت ڀيرا،           لٿا غم وهم جا تن تا آکيرا،

بڪاولي ڀي ٻُڌِي ٿي گفتگوئي،              اُتي هي حال وڻيس دل سچوئي،

چيائين آءٌ تنهنجو فرزند آهيان،               اصل غلام سَنَدوَ آءٌ سڏايان،

ڇڏيَهءِ ڇاڪاڻ ڇوٿي ڇپر ڇورو،                مڃان برسر محمد مير ٿورو،

اچي رسندو عاصين کي وقت سختي،         ڪري رب معاف منهنجي بدبختي،

کڻي دايو ويو هو گهر پنهنجي،                پياري کير پيالو پسر پنهنجي،

جڏهن ساٿين سڻايون ساٿ سعيو،    تني جي ساڻ ويس آخر اجايو،

ويا دلبر لڪان وٽ سي وڪامي،              ويهي رهيا وڃائي سڀ وَريامِي ،

رُلي وِيَڙُن سَڀوئي ساٿُ ساڳو،         لڳو ٿي جئن رهي نادست ڌاڳو،

کنيم دلبر لڪان ڪنهن ساڻ بازِي، ٿيو مون سان علي حَسنَين راضِي،

وري هيڪلي وِيس جت ديوُ مارِي،    ڏِينِيَمِ ڏائي تنهين شهه دلدارِي،

انهيءَ آندو وٺي ٻيو ديوَ بارِي،                مَڃي هوئي تنهن اَلَہ لڳ يار ياري،

لکي خط ڀي حمالان ڏي ڏنائين،      پهچايو تنهن بڪاولي باغ تائين،

وڃي وينڊو لاٿم هٿ مان پريءَ جو،   چوان ڇا حال مان زيور زَرِيءَ جو،

ڇِنِي گل کي وري آيس اڪيلو،                چڙهيس سر شينهن جي پهتس سويلو،

حمالان ڀي لکين احسان ڪَيَڙا،                سائينءَ پورهيا انهيءَ جا صاب ڪَيَڙا،

لڪان محمود خاتون ساڻ آندم،               مسافر ٿي ملڪ جا نان کاڌم،

حمالان ڏئي ڇڏيو هو وار خاصو،               ڏيئي اوکيءَ مهل دل کي دلاسو،

ڏيندين جهٽ وار کي تون سيڪُ ٺاهي،       اُتي ايندس البت مان شاهه ڪاهي،

حمالان ڪون هلي آيس اتاهين،               هئي دلبر لڪان دلبر جِٿاهين،

ڪڍيم هڪ هڪ بندي مون قيدوارا، هڻي مهرون ڏنم مهرون دوبارا،

لڳس ڀائن جي پٺ ڪيم سفر سعيو،        لڪان جو بار مون ٻيڙي چڙهايو،

لڪان محمود خاتون ٿيا روانا،                 سپاهي ساڻ لهه سهسين خزانا،

ڏسي ڀائر ٿيم حيران دلڙي،           ويچارن کي وٺي وئي زور کلڙي،

پڇم تن کان خبر گل جي ڪيائون،   هيڻو ٿي حال سڀ هر هر چيائون،

ڪيم گل جي جڏهن تن کي ڪهاڻي،        کسي دَستَون ويا مون عدو ڄاڻي،

ڪري مارو دوبارو ظلم وارو،           ڇڏي ويا ۽ گڏي ويا کوهه ڪارو،

ڪري ويا ظلم زابر بَند بَر ۾،                 نه ڄاتو مون، اٿن اهڙي اندر ۾،

ڪيم آهون ٻَڌم ٻانهون مٿاهون،     سُجهن واهون نه راهون ٻيون ڪٿائون،

سڄڻ ٻاجهون نه ڪو ڪنهن سان وسيلو،     رليو مدعي نه ٿيس ڪنهن سان رسيلو،

سڄڻ منهنجو مٺو مون ساڻ راضي،   ڪهي ٻيو ڪير ٿيڙو پاڻ قاضي،

ڏيئي فتويٰ فتح جي فيض واري،      ڪيان سر گهورَ هِيءَ جندڙي ويچاري،

پدر شهه جي پسند ڪئي ڳالهه ساري،       دليون ڏي دوست کي مر يار ياري،

پَسر پيارو مٺو محبوب تنهنجو،               ڪڍيائين ڪونه ڪوٿي غرض ڪنهنجو،

مَدد مرسل محمّد مير شامل،          حاجي خانڻ اهو چَو مرد ڪامل،

محمّد مير جي جن يادگيري،          آهن سي جوان ٿيا اليوم پيري،

پدر پسر ٿيا گڏ شير شَڪر،           کُلي ظاهر ٿيا اُت ڪُوڙ مَڪر،

ڪيو جن ڪوڙ پائي ڌوڙ ويٺا،                 سچا فرزند عليءَ جا چُوڙ ويٺا،

ٻَنڌِي گُل کي پيا ڪربل ۾ ڪاهي، پيو هڪ هڪ لکن جا مغز لاهي،

حڪايت هي همہ پوري ڪئي سي،       زين الملوڪ جي دل گل پئي سي،

زين الملوڪ پنهنجو پسر پيارو،               وٺي آيو وڄائي سو نغارو،

پِسر نوڪر، نُنهون ۽ بادشاهِي،                آڻي گڏ ڪيا مٺي مهبوب ماهِي،

شڪر ٿيو شهر شرگسان ساڳيو،               پيو مقبول عاشق جو اجاڳو،

هاڻي هڪ ڳالهه ڪيون مخفي مجازي،       برهه کيڏي بڪاوليءَ ساڻ بازي،

چندان ڏينهڙا ويچاري غم گذاريا،        اکين مون ٿي نماڻيءَ نار هاريا،

قضا جو قلم ٿِيَڙُس پاڻ ڪانڌِي،     انهي عبرت ڏسو، ان جاءِ آندِي،

ڪڏهن شاهِي پِيَسِ ڦاهِي ڳَلي ۾،    وره ڏاڍو ڪَيُسِ آڻ وَلي ۾،

زين الملوڪ کون موڪل وَدائِين،              اُٿي پرواز پنهنجي ملڪ ڪيائين،

اولارو ۽ اُمارو ڏئي اُڏائِي،               تَنهِين شاعِرُ ڪري ڪنهن پر ڪهاڻي،

ڪري پرواز آئِي ملڪ ڪاهي،                 بڻيو ساڳيو محل محلات آهي،

گدازي ڪئي آساري يارُ ساري،                ويس سڀ سک سڄڻون آب هاري،

ويٺي رِيهون ڪڍي اُٿ پارَ ويهِي،     دِکايس دمبدم پيو درد ديهي ،

هِجر هَي هَي ڪئي حيران ماندي،       الاهي ڪونه ٿئي دم دم نه واندي،

سڙي ساڙي شَجر ساوا، سَڙي ٿي،     ڪِري ٿي ۽ ڇاٻڙي ٿي ۽ رَڙي ٿِي،

وجهي ڀاڪر وڻن کي وئي وڏائي،      ڏسڻ جي ڪاڻ ٿي تختو اڏائي،

ڪَئِي ڏِينَهرا ڏکن ۾ ٿي ڏُهيلي ،        سورن ڀائي نه ٿي ڪنهن سان سهيلي،

هاڻي ڪوٺي حمالان کي چوي ٿي،    روئي ٿي دم ۾ پاڻي پوي ٿي،

اول ڪاوڙ وڏي تنهن تي رکيائين،    نهايت راز ٿي پنهنجو چيائين،

حمالان تون هميشہ حال ڀائي،                 ڪئي ڪوڙي عمر پنهنجي ڪمائي،

منهنجي دل کي ڪَيُهءِ هَي هَي عذابي،       ڏسان رُخ يارَ جو ڪِٽ ماهَتابي،

منهنجو وينڊو ويو گهت گل اُڏامي،    آرامي دل هئي، ٿي بي آرامي،

نيو گل جنهن ٿيو تنهن ساڻ ناتو،    عجب مرشد مٺي هي رنگ لاتو،

اُتي تون جلد، جلدي آڻ جاني،                 نوراني شَهه پيشاني شمس ثانِي،

حمالان ڪيئن هڻي ٿي هام هاڻي،      مزا محبت سندا ڪيئن پاڻ ماڻي،

ڪري پرواز اُٿ ويئي وهندڙوئي، وٺي دل دوست جي ٿي سنڌڙوئي،

آئي تاج الملوڪ کي اُڏائي،           ڪمِي هيس ڪانه ڪا تختو گڏائي،

ايرم جي شهر ۾ محبوب آيو،                هوو رنگ رمز ۾ تنهنجي رنگ لايو،

آيو بلبل چمن ۾ واس وارو،            ٿيو گل گل عجب بلبل پسارو،

ٿيو گل بلبلو مطلوب جاڳيو،          بڪاوليءَ کي مليو محبوب ساڳيو،

تاج الملوڪ وَهِه سک سيج ماڻي،    اها معنيٰ منهنجو محبوب ڄاڻي،

تاج الملوڪ سان ٿيو شاهه شامل،     ماڻي من جون مرادون مرد ڪامل،

اڃا باري ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي،                حاجي خانڻ ٿئي خوش دل نماڻي،

مليوسي يار ٿيوسي بخت باري،              مليو مرشد کُلي گلشن بهاري،

مٺي مرشد سنديون ڀانيون ڀَلايون،    سندايون ٿا ٻڌايون روز ڳايون،

ادا، ويسَهُه سَڀئي ان ڳالهه آڻيو،               پڙهو ڪلمون ته ڪُل مَطلوب ماڻيو.

لا اِلہٰ الاّ الله محمّد رّسول الله

. سيباڻو = پسند پيو، وڻيو.

. صفاتان = صفتون، بيان.

. سڀا = سڀ.

. سليندس = ٻڌائينديس.

. ڪهني = پراڻي.

 الله ٻيلي= الله واهي.

. بن = سواءِ.

. مر = ڀلي.

. وهندڙوئي = جلدي.

. نهاني = لڪل.

.  چشم چشمي = اکيون اکين ۾.

. لڳي وارن = عشق لڳل.

.  سُڪر = نشو، خمار.

. ڌڪ = داءُ.

. ڪلي = سڀ.

.  دل بجانون = دل و جان سان.

. گولا = ٻانها.

. سهسين = هزارين.

. رم = هَلُ.

. هسدا = کِلندڙ، کِلندا.

. چيدي = چونڊيل، سُٺي، ڀَلي.

.  هس = هُيُس، هوس.

. توهه = مهرباني، آسرو.

.  هلدي = هَلندي، پُڄندي.

. ڪوپو = پهلوان، جنگي جوان.

. گهورو = ڳولائو.

. ڪاڍو = ڇڪ، ڪشش.

. هزده هزار= ارڙهن هزار.

. ڀٽون = وڇون.

. ووڙي = ڳولي.

.  دانهه = داناءُ، سياڻو.

. سيف = ترار.

. سانگو = لحاظ، خيال.

. حاذق = هاتڪ، عاقل، هوشيار.

. ڪلان = وڏا.

. سپن = نانگن.

. صنم = محبوب.

. گهائن = زخمي ڪن.

. سنڀالان = سنڀارون، يادگيريون.

. سيم = چاندي.

. نيڙي = ڀرسان.

. نال = ساڻ، گڏ.

. نوم = ننڊ.

. نيڻ =اکيون.

. وينڊو = ويڙُهه، مُنڊِي.

. ودي = ورتي.

. مانگ = سينڌ.

. هَسيُون = ڳچيءَ جو زيور.

. ڀاليان = نهاريان.

. رهه = راهه، رستو.

. خس = ڪَک.

. خار = ڪنڊو.

.= دهن = وات.

. ٻول ٻولن = آواز ڪن، ڳالهائين.

. چَتن  چولن = طوطن وانگر پيا تنوارين.

. موتُوا قبل ان تموتوا يعني مرڻ کان اڳي مرو.

. امر = حڪم.

. صدها = سوين.

. ڪلاونت = ڳائڻا.

. ڏوم = لَنگها.

. مِراسي = ميراسي.

. پاون = حاصل ڪن.

. لحم = گوشت.

. لوهو = خونُ، رَتُ.

.  پيل پاوا = هاٿيءَ جهڙا، ڪوپا، قداور.

. اماٽو  = اُماٽيل، ڪوماڻل، اُداس.

. ٻهون = گهڻو.

. ٿَؤن = اٿئون.

. پڙها = پڙهو، منادي.

. چاڪ = ڦٽ، چير.

. چاٽ = چوٽ.

. گندم دانو = ڪڻڪ جو داڻو.

. چيرو = ڪپڙو.

. ٻاجهون =سواءِ.

. گدازي = ڳريل، ضعيف.

.  فلڪين = فلڪن تي، آسمانن تي.

. ڪلنگي = تاج.

. سرواڻ = اڳواڻ، سردار.

. چتر واريون = سينگاريل.

. ها = هئا.

. گوش = ڪن.

. نحن اقرب = وَنحن اقرب اِليہ مِن حبل الوريد (قرآن) = اسين انسان کي سندس گردن جي رڳ کان به ويجها آهيون.

. ريجهون = ريجهه رهاڻ.

. ڏاڻ = انعام، بخشش.

. گِل = مٽي.

. اُڙَهس = وَهِيَسِ.

. نار = لڙڪ.

. اُٿائين = اُتي.

.  عِتابي = مهڻِي هاب، مياردار.

.  تبران = ڪهاڙيون.

. مانجهي = بهادر.

. سپر = ڍال، مضبوط

. سٻر =  مضبوط

. وريامي = بهادري.

. صاب ڪيڙا = پورا ڪيا، اگهايا.

. عَدو = دشمن.

. دلون = دل مان.

. مر = ڀَلي.

. همہ = سڀ.

. چندان = ڪيترا، ڪجهه.

. اکين .... هاريا = نماڻيءَ اکين مان نار پاڻيءَ جا وهايا.

. ولي ۾ = وَڪڙ ۾.

. ديهي = ديهه، بدن.

. هجر = فراق، وڇوڙو.

. ڇاٻڙي  ٿي = ٿاٻڙي ٿي.

.  ڏهيلي = ڏکي.

.  هام هڻڻ  = ڊاڙ هڻڻ.

. وهندڙوئي = جلدي، سگهيرڙو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org