سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :13

 

ڪافي 73

ٿل- ماريا سڄڻ دي فراق، وي ميان!

ڪنهن دَر ڏيوان دُکان دي دانهڙِي.

1- ٻَن پَئِي جدائي جائي جالڻ اوکا،

سَڏڙيان دي ليکي، نِينهُن لاوڻ سوکا،

آوُندا اندر دي وچ چاڪ، وو ميان!

2- ٻَن پَئِي جدائي، تي ٻَن پيا وڇوڙا،

دلڙي رانۡيا ويکو ڏکڙا ڏوڙا،

گُم غمان وچ غمناڪ، وو ميان!

3- لوڪ ساري دِيان جاڙان جُٺيان،

مهڻي سُڻ سُڻ هُڻ مَين مُٺيان،

مَين مانديان مشتاق، وو ميان.

4- حاجي خانڻ دي هِيڻي ڳالهين،

يار سڄڻ آپئي سخن چا پالين،

نيٺ ميليسِي حق پاڪ، وو ميان.

ڪافي 74

ٿل- لايان رمزان يار وي،

دل حسن حيران ڪِيتا.

1- حُسن تجلي عتاب ڪِيتا،

ماهه نُون بي تاب ڪِيتا،

جِيوين زليخان خواب ڪِيتا،

دن تي درد دوبار – وي.

2- حُسن شَهه دي شعور ڪِيتا،

سِر منصور دا ڏُور ڪِيتا،

سَرمد ڪُون اُهِين طور ڪِيتا،

لَهه ڳَئِي لوڪ ميار- وي.

3- حُسن والا ذوق ويکو،

چِٽي چشمي چا لوڪ ويکو،

پاڳَلي وچ طوق ويکو،

سارا سر اسرار- وي.

4- حُسن خانڻ حقاني،

ڪيئي دانَه، ڪيئِي ديواني،

ڪِن بَنائي بتخاني،

ڪِني ڪو ڳَل زُنار – وي.

 

ڪافي 75

ٿل- هِير روندِي پَئِي زارون زار،

وَل ميان رانجها، جهوڪان جهوڪ اُٺيان.

1- ڪانهان دي وچ دانهان ڪَريندِي،

جِٿ ڪُن ڪَڙڪي، اُٿ ٻانهان مَريندِي،

سوزان ساڙي اِلاهان ڪَريندِي،

تِک وَهندي ئي تارون تار،

لانگهي اَڙانگي لُڙدي لَسيان.

2- ٻيلي سَويلي اَڪيلِي چلدِي،

ڏَهه ڏهه ڀيري ڏُکان وِچ ڏَلدِي،

درد ڀري دل دکڙي سَلدِي،

ڌَڙ ڪُون سَٽي ڌارون ڌار،

مُليان سِيني وچ ماري مين مُٺيان.

3- حاجِي خانڻ هِير دِي يارِي،

رب سائين ڪِيتِي اصل قراري،

يار بِنان هي دلڙي ويچاري،

نَينان بَرسن بارون بار،

غير شرع ڪنون آکيم مَين ڇُٽيِان.

 

ڪافي 76

ٿل- مَين چَلسان جوڳي تيري نال،

گهول گَهتان سر جِند ساري.

1- پَنسِي بَجا ڏيسان در در هوڪا،

هي هير لٽيان سڻ وي لوڪا،

دوهل ڳَلي، هٿ ڪَريسان ڏوڪا،

سُڻسَن ساري سِيال،

جَڳ دِيان سَٺيم ڦِٺيان تي خواري.

2- بي رنگ جوڳي، تي بارنگ باتان،

دل نه مَنيدِي ڪيئِي مصلحاتان،

عشق نفي ديان ٿيان اثباتان،

چَلدي نه ڪنهن دي مجال،

درد دَمون دم لائي ڌنڌ ڪاري.

3- ناز نيڻي وِچون وَهَندي ئي نالي،

سوز واليان ڪُون سانوڻ سِيالي،

دُور نه دم شل، دلبر جالي،

موهيا حسن جمال،

آهان نالان نِڪلن تاري.

4- حاجي خانڻ جوڳي دي جامي،

بيشڪ ڪِيتي دل بي آرامي،

يارُ مليا مَرُ مُدعي کامي،

شهه دا عشق ڪمال،

ڪثر قسم هي ڪلتاري.

 

ڪافي 77

ٿل- خواب اندر دلدار ڏٺوسين،

ڳالهيان عشق هزاران.

1- ليليٰ مجني عِشقَ ڪَمايا،

وِچ زُليخا يُوسُف سمايا،

سَسُئي سُتڙي پُنهل چَوايا،

ڇِڪيا شُتر مَهاران.

2- پار درياهان سهڻي آوُندِي جاوُندِي،

غوطا گُمراه مُوُر نه کاوُندِي،

تَوَڪَلِ تُرها جوڙُ ڪَشيندِي،

لَٿَسِ لوڪُ مَياران.

3- حاجي حَجُ مَڪي وِچ ڪَردي،

اسان بَردي يارُ دي دَردي،

تَوڪَلِ عاشِق بيشڪ ڪَردي،

ڪِيوين غوثُ وِساران.

 

داستان -6

مولود 1

ساري ڏيج سلام، منهنجا پانڌي ادا، پيغام،

وڃي مرسل مير کي، تون ساري ڏيج سلام.

1- سچو يار صديق، هو ساڻ رفيق،

تنهن وَرۡنَهه وِير وَرِيام کي،

ساري ڏيج سلام.

2- قاتل ڪفارن، جنهن کي ڌوئو ڏيهَه ڌَڻن،

تنهن عادل عمر امام کي،

ساري ڏيج سلام.

3- عاقل وڏو عثمان، جنهن جمع ڪيو قرآن،

تنهن عالِم عِلم عَلام کي،

ساري ڏيج سلام.

4- علي شاهه اَنور، جنهن فتح ڪيو خَيبَر،

تنهن دانَهه دل اعظم کي،

ساري ڏيج سلام.

5- چارئي يار رسول، آهن موليٰ در مقبول،

تن اجاريو اسلام کي،

ساري ڏيج سلام.

6- حاجي وڃي حَرمَين، منهنجو حال چئي حَسنَين،

تنهن مديني مقام کي،

ساري ڏيج سلام.

7- ڪر مدام مداح، آهي جو مداح،

تنهن پهرايو پينام کي،

ساري ڏيج سلام.

 

مولود 2

حضرت هر مظهر ۾، اعليٰ شان تنهنجو،

اعليٰ شان تنهنجو، باري بيان تنهنجو.

1- آگي عرش اَڻائيو، اهو مڪان تنهنجو،

آيو توتي مصطفيٰ، قرب قرآن تنهنجو.

2- تجلو طُور سِينا اُتي، نوري نيشان تنهنجو،

چمڪيو شمس شعاع ٿيو، اهو مڪان تنهنجو.

3- مرڪيو ڏينهن بدر ۾، اهو ميدان تنهنجو،

صَفُون ڪافرن جون ڀَڳيُون، اهو سامان تنهنجو.

4- خَيبَر جنگ کٽي اوهان، اهو ايوان تنهنجو،

حاجي کي حرم ڏيکار تون، اهو احسان تنهنجو.

 

مولود 3

هِيڻِيءَ کان پڇجانءِ پيرڙا ڀري،

جا ڪُوڪان سڏڙا ڪري.

1- ساعت تو رِيءَ سيّدا، گوليءَ جي نه سَري،

ماڙِ ڪَرِ مصطفيٰ، محبت منجهه مري.

2- توڪل تنهنجي توهَه سان، تار انهيءَ ۾ تَري،

پاڻ رساڻين پيغمبرا، ٿِيَڙُم پَنڌُ پَري.

3- ڏِسي ڏيهه اوهان جو، هِيڻيءَ هِنياءُ ٺري،

ڪر پيراندِيءَ پنهنجي، ماريس ذوق ذري.

4- حاجي حال معلوم ٿي، آيس عشق آري،

دارون درَمَل درد جو، تو ريءَ ڪير ڪري.

 

مولود 4

ڏاتر مان ڏيکاري، اَلا! پانڌي پِرِين رسول جا.

1- اهو اٿم آسرو، ايتَر شال جياري،

ڏسان مدني مير کي، موت اڳي نه ماري.

2- عربي احمد ڄام کي، ڪيون ياد پڪاري،

هَي هَي ڪيئن وِداع ٿيو، روز هَنجُون هاري.

3- سچي سيّد ڄام کي، ساريان سانوڻ سياري،

روضو شال هلي ڏسان، مرسل سنجهه سهاري.

4- مويا يثرب ملڪ جا، پرور شال پياري،

لاهن ڪَس قلوب تان، ساهه گهڻو ريساري.

5- واديون وَرنَهه وِيرَ جون، ڪوڙين حرم ڪناري،

حاجي هلن حجاج ڏي، سرهو ساٿ سينگاري.

 

مولود 5

اڄ الله کڻي مون وٽ آندا،

سُتَت سَنيها سيّد جا.

1- ايندو احمد عربي، وهم وڇوڙا سڀ ويندا،

مون ته نماڻي نڌر جو، شال! وسيلو ٿيندا.

2- ملڻ سان محبوب جي، ڏيهه مبارڪ اچي ڏيندا،

پوندي ٻاجهه پرين کي، نال نماڻي شل نِيندا.

3- سُورن سِينو چيريو، تنهن کي سِبِيندا،

دارون درمل درد جو، قرب ڌڻي شال ڪارِيندا.

4- حاجي هي اٿم آسرو، ڇِنيُون ڪِينَ ڇڏيندا،

اوٺين سان عرفات تي، گولي شال! گڏيندا.

 

لولي

آءُ هلي، ڪر ڀلي، تو ڳلي، مان ڀُلي هيڪلي،

تنهنجون ڳالهيون ڳايان، سڄڻ آءُ هلي،

او، ٿيم مهلان ته ملڻ جون، آءُ هلي.

1- عشق تنهنجو اِسرار آ، چِڻنگ چُوانتِي،

ٻاري مچ مجاز جا، ڪر اثباتي،

ذاتي نَفِي نا ٿئي، هيڪر حياتي،

ڪُهڻ ڪاڻ عُشاق جي، ڪَڙڪائي ڪاتي،

ڇرڪي ٿي ڇاتي، قرب ساڻ ڪُهي وئين.

2- عشق تنهنجو اسرار آ، پاڻهي نِباهيو،

گولِي هن غريب جا، اچي غم گوندر لاهيو،

اڱڻ منهنجو سڄڻ، وارث وسايو،

روئندي دل عُشاق جي، هيڪر هَسايو،

ملڻ جو رايو، راتيان ڏينهان روح کي.

3- عشق تنهنجو اسرار آ، ڪَلَ پوي ٿي ڪانه،

علم عقل ٻئي اُتي، نت ڀانيان نادان،

حجت هلي ڪانه ڪا، من گهڻو مستان،

آهون دانهون عاجزيون، ٻِيهر ٻُڌ بيان،

ٿوري پُڄان آءٌ نه، مون کي قسم پير جو.

4- ڏُور نه لايو ڏينهڙا، وَهَندو آءُ وري،

ڪنهن سان ڪندس ڪين ڪي، ڳُجهڙِي ڳالهه ڳرِي،

ويهُه ته ونڊيون پاڻ ۾، دل جي پَٽِ دَرِي،

چوندو لوڪ چَري، ملڻ لئي محبوب جي.

5- ڏُور نه لايو ڏينهڙا، ماندِي مري ٿي،

دانهون درد فراق مَؤن، ڪوڙين ڪري ٿي،

منهنجي دل اَندوه ۾، تُنهنجي سَڙي ٿي،

اصل وريتِي، ڏک ڏٺو هوم ڪونه ڪو.

6- ڏُور نه لائج ڏينهڙا، تُنهنجي مون کي سِڪ،

ڪير لِکئي مَؤن لاهيندو، اَمر واري لِکَ،

توڙي هلي تڪڙو توڙي ڀري وک،

رمز تُنهنجي هڪ، داروُن سڀ درد جو.

7- حاجي خانڻ ڏي، لَکين يار، تُنهنجون ميارون،

ڏِسِي عيب منهنجا، ڪر نه پچارون،

دل ڏکايل درد جي، تو تَنهن جو دارون،

لَهِجو سَنڀارون، سِگهڙو موٽ، سِڪندي ڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org