سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :6

سعد جو وڌيڪ حال بيان ڪرڻ

پُڇايا شاه اوهُ، ڪهڙا قِسِم هي،

شَري دي ڪَونُ، اوهُ ڪهڙا اِسم هي،

اِسِمّ نَسّبُ سُڻيمُ، تا جِسۡمُ خُوڪين ،

شُتُر دي پير، ڏيوِن ڳَوه ڦوڪين،

جِسِم تي رَنگُ بَشَردا ، ٿَڻ بَشَر دي،

نه ڏَردي رَب تعاليٰ دي قَهر دي،

ڪَڍيوني قَفَس چُون، هِڪ ڏِينهُن سائين،

ڪَيوني ڪَر سُغاتان، شَهر ڏانهِين،

ڏِٺوني هي نَدِي پَئِي هِڪّ وَهُندِي،

ڳَئِي تابَش تِنان ڪُون گهِنۡ هِڪاندِي،

نَدِي ڪُون ڏيکِ، ڏوُرَئون ڏَرّکَڙدي،

سهي ڪِيتُم اِٿانهِين، آپُ ڏَردي،

ٻُڏن، ڀاڙِي بَدوُ، هِن خَرَ شغالِي ،

نَدِي وِچ ڪاهِ پِيُس، ڏي ڪَربَوالِي ،

ٻُڏي هِڪ آ نَديِ وِچ، کا غطاوي ،

اَڃا خاوَند، عُشاقان نُون بَچاوي،

پِڇي مَيڪُون، زَنگِي گهِنِ گهَّرِ آئي،

ڪِسِي مَيڪُون اُٿَون، مُونِس ڇَڙائي،

ڏِٺي مَين ڀِي، هزارين رَنگ اِلاهِي،

مِلَڻ تَيڏي دِي مَيڪُون، طلب آهِي ،

پُڄايان پِير پيران، مَين اُميدان،

اَلَہ تَيڏيان ڪَريسِي يار، عيدان،

مَيڪُون ڏَسِ شَہ، سُونهارا ڳالهِه ڪُلِّي،

دُکايَل دِل دِي، هُڻِ تون کولِ ڳَلِّي،

ڏَسِئي سَيفل، جِي ڪُجهه ڪِيتي ڪَشالي،

ڪَري نِزديِڪ خاوَند، ڏوُرِ والي ،

مِلِئي ڏوُهِين شَڪَر تي شِيرُ  آکان،

ٽِڪَن شَہ سعد، اَعظم دِي اُطاقان.

 

سعد ۽ سيفل جو اعظم شاهه ڏانهن وڃڻ

ڳَئي اَعظم ڏَهُون، رَل مَرد ڏُونهين،

دُکئي سَيفل دي، دِل دي دَرد دُونهين،

ٻلَهاوي ڪولِ، شَهه اعظم ڏُناهِين ،

ڏِتِيانِس باغ، رَنگ محلي، تي جائِين،

چَمَن گُلزارُ دا، ڪِيتُس حَوالي،

گُلِ گُلشَن کَڙي، وَه بي مِثالي،

گُذارَن باغُ وِچ، طوطي توانِي،

ٿَئي مَخمُور، مَستاني يَگاني،

ڪَريندي سَيرُ، نِتُ گُلزار غازِي،

پَئِي مَقبُول، خاوَند در نِيازِي .

 

اَعظم شاهه جو سيفل کي باغ ڏيڻ

خَانَڻ، خوش خُوبُ، سُنُبل دِي بَهارِي،

لائِي گُلزار، چَمَن ۾ ڪِيچنارِي ،

چَنبيلِي گُل چَمَن دي چَونڪ چِيٽي،

ڪِپسوُ وَڻ ڪيوڙي، اَنّار ميٺي،

لَونگ لِيمي، لَئي گُلڪار خُوبان،

پَڪي ڪِيا ڪِيا، سُڻاوان وَڻ عُجوبان،

عَجب گُل رعن لالا، رنگُ وِکالي،

سُنبُل تي سَروُ، ڪِيا مام مِثالي،

بَدامِيان قِشمِشين، اَکِروٽ آمي،

زَنبَقُ تي زَعفران، کَڙڪَنِ لامي ،

مليان مانجهاندِڙيان، بُستان ڪِناري،

سورِج سِڪ نال، گُل سَهسين سِينگارِئي،

حمر اَرزق، عَباسِي اَرغَوانِي،

لِکيي ڪِيا صفت، اَزدَر لِسانِي،

طَرح طَرحين جِيهي، وَل زَر نِگارِي،

لَکين ڪَچنار، وَه باغ ڦُلهارِي،

عطر عنبر لائِي، خُوشبُوءِ خاصِي،

مِلي ڪِيوين، بَدِيعَل نالِ پِياسِي،

عَجَب سِينگارُ ڪَر پَراوازُ آئِي،

نِهوڙي دل، نِماڻِي نازُ لاَئِي،

جَلَوَ جوڀَن والا، جادوُ جڳاوي،

گهَتيندِي موهُ، جَنهِن ڪُون رَمز لاوي،

ويکڻ دي ڪاڻِ، پَريان سَؤ سَلامِي،

بَدَن نازڪ پَريان دا، هي مُدامِي،

پَرِي دي نالِ هِنۡ، سَؤ سَؤ سَهيلِيان،

سَهيلِيان اَرّبيليان، راج گهيلِيان،

عَنبَر تي مُشڪُ چَندَن، خُوب چويا،

پَريان جيڏِيان سينگِيان، سَڀ واسُ لويا،

عَجَب چِمڪارُ، ڪَينچَن رُوپ رَنگِي،

ڪِتي آ جاءِ گُلشَن، نَيۡنَ جَنگِي.

 

بديعل جو ٻانهين سميت باغ ۾ اچڻ

ڪِتاني ويس سوني پيش دارِيان،

بَينسَر تي بوُلُ، بِيني لَعلُ تارِيان،

سُنَهۡرِي سَبزُ سرخِي، رَنگُ طِلائِي،

پَرِي پوشاڪَ، شَاهِي چا بَنائِي،

ڳَهڻي ڳَهَه ڪِيا، ڪڇي تي دَست والي،

زُلُف خَم خَم دي سُونهَن، نانگ ڪالي،

نِهوڙِن نازُ والان، مِرگهه واري،

بَزَنۡ بَزَنۡ ڪَر، ڏيوِنۡ اُلاري،

تفُنگُ تي يغَ، نيڻان دِي نه ماوي،

لَڳي، جَنهِن دي جِگرَ، جِندُ جانِ کاوي،

پَرِي دي وَه چِشم، چِراّغ ٻاليان،

آکِئين دي نالِ، سيفل آپُ پالِيان،

اَکيندي سعد، سيفل ڪُون اَياڻان،

چَمَڪ چَوڌار ٿِيا، حُسُّنۡ سَماڻان،

پَرِي آئِي اَندَر،گُلشن چَمَن دي،

کُلِيا خُورشيد وَه، عَرّض ڪَردي،

ٻُليندا سعد، سيفل نالِ حالي،

هَميشہ شاهه اَعظم، شَمۡ ٻالي،

ٿِيا چَوڏِس والا، چِمڪارُ ڄاڻان،

اِهو تان حَرۡفُ، سيفل ڪُون سِباڻان.

 

بديع الجمال ۽ ملڪہ جو پاڻ ۾ گڏجڻ

ڳَيا وَل نالِ مَلڪَہ، ٿِيا مُلاقِي،

ٿيا ملاقي، ٿيا ملاقي، ٿيا ملاقي،

بَديعل نالِ مَلڪہ، رازُ کولي،

بِيٺِي طوطِي، عَجَب لَب لعل ٻولي،

شڪُر جِيندي، مِليوسي گُلّ لالي،

اَلَہ ڪِيتي، اَسان تَيڏي وِصالي،

سَهس آفت دي آيُئين دست دادِي،

ڏِتِي مادَر پِدرَ ڪُون نامُرادِي،

مُرُڪۡ مَلڪَہ آکيا، اي شاهَ بانُ،

ڏَسَيسان، مَين ڏِٺي هِنۡ رنگ زَمانُون،

پُڇي مَهتاب مَلڪَہ، حالُ مَلڪَان،

ڏَسيندِي او نِماڻِي، شاه فَلڪان،

آکيا مَلڪَہ، ڪِيتا مَين ديوُ قَزاقِي،

ڏِتُس ڏاڍِي، آدي مَين غَمّناڪي،

مَلڪ هي خُوبُصُورَت، شمس چاندا،

مارِيُس تَنهِن ديوُ ڪُون، گهِنۡ ديسُ آندا،

ڪِتُس بَحۡرين ڪَنُون، پِڃۡرا خُلاصا،

وَڍِيُس راڪَس سَندا، جِندُ جانِ پاسا،

ڪَڍِيُس قيدُون، وَلا ما پِيو ڏِکالِيُس،

تُساڏي ڪاڻِ چا، جِندُ جانِ ڳالِيُس،

آندا اُٿِ چاءِ قِسمَت، مَلۡڪُ نُورِي،

هَميشہ غَم وَهَمِ وِچ هي مَخمُورِي،

دردۡ، دَردان دا، دِل وِچ دُورد ٻالِيا،

هَڏي تي لَحۡمُ تي تَين ڪاڻِ ڳالِيا ،

ٽِڪِيا وِچ باغُ دي، مِهمانُ مَيڏا،

ڦُلان دا سيرَ، ڏيکي جوڙ تَيڏا،

خَفِي طرحين سُڻيسان، ڳالِهه سارِي،

ڏَسيسان مَين تَيڪُون، شَہ دِي، مُنجهارِي،

سُڻِي تَعرِيف اوهُ، حَرّيِف والي،

سُڻڻ دي ويل، ٽوڙيندِي، دُوالي .

 

بديع الجمال ۽ ملڪہ جو گڏجي باغ ۾ وڃڻ ۽ بديعل جو ڏکوئجڻ

مَلڪَہ ڪُون ساٿ ڪر، هٿ پير پايان،

جَلَوُ جَولانُ ڪَر، قَدَمين اُٺايان،

پَرِي تي شاهَ دا، ڪَر شاه ميلا،

خانڻ دا حَلُ، ڪَرين مَطلب سَويلا،

اَلَہ مَطلُوبُ، عاشِق دا ڪَريسِي،

مِلَڻ ٻاجهَون، سَڄَڻ دي، نا سَريسِي،

پَرِي تي شاهُ دا، ڪَر ميلُ جَلدِي،

ڏَيکڻ تَصوِير تي، تَشبِيہ گُل دي،

سَهيليان نالِ ڪَر، ڌُم ڌامَ ڄُليان،

عَجَب بُستانُ دِيان، آستانُ کُليان،

لَڳي نَعري نَغاري، ٿِيا آوازان،

آيان ڪر باغ چِ ، اوهُ پَرّوازان،

ملَڪہ تي مام، بديعَل باغ آوِن،

آنديان پوپو، چَمن دَر پيرُ پاوِن،

سُڻيان آوازُ، شَہ سيفل پرِيان دا،

ٿِيا بيهوشُ ويکِ، جَلوه تِنهاندا،

اڃا آهَن ذَرا ڪُجُهه ڏوُرِ طوطِي،

آکيا مَلَڪہ، بَديِعل ويک موتِي،

آيا مَيڪُون، ڇُڙايا شَہ جَواهِر،

لَکِيڻا لَعل هَس، ڪَڍِ رُخ ٻاهر،

نِقابان کولِ، تا سيفل سُڃاڻي،

جِنِس خود آپِڻِي، خود آپُ ماڻي،

مَلائِڪ ماه، صفوانِي سَڳورا،

ڪري ڪُل دا شَلا، پورَها قَبُولا،

ويچارِي دا ٿِوي، وارث وَسِيلا،

صَنَم، شَہ نالِ، شَل ٿِيوي رَسِيلا.

 

سيفل الملوڪ جي سونهن جو بيان

سيفل دِي شَمسُ صُورَت بَلۡڪِ زِيادا،

يُوسف ثانِي سبحانِي، دِل ڪُشادا،

سَرَوُ طُوبيٰ ڪَلادا شيرُ شانِي،

ڳل ڪاڪُل خَم وَخم، گُل رمانِي ،

پِشاني شاهُ والِي، چانُد کِڙيا،

بديِعل دي اَندر، دِل خالُ سَڙيا،

ڏَيندِي رُخسارُ تي، بُلبُل بُلاٽِي،

پَرِي دِي دِل خُوشِي ڏي جهڙپَ جهاٽِي،

ملڪ نُورِي، ملائِڪ شاهزادا،

زوراور دَست، شہ سِينا ڪُشادا.

 

بديعل جو سفيل تي عاشق ٿيڻ

پَرِي پُرنُور دي، او نَينَ لاوي،

ڏِٺُس مَحبُوب ڪُون، مَطلُوب پاوي،

لَيانِسِ نَينُ ڪَيفِي، نالِ پِياري،

نِماڻي ٿِي، اَگَهن عاشِق وِچاري،

اَکِيان اَڙِيان، لَڙِيان طَرفَينِ والِيان،

پَرِي دي جان چِ لَڳِندِيان دوناليان،

پَرِي، مُشتاق تي، حَيرانُ هوئِي،

ويکڻ دي نالِ، آپُ قُربانُ هوئِي،

تُفنگَ طَرفَينِ ڪُون، زخمِي ڪَرايا،

مارياني مُرغ ڪُون، پُل وِچ مارايا،

نينان دي تُفنگَ، پَرّي ڪُون جَلايا،

مَتي مَچَ ڪُون، اَتي دانَہۡ ڇَپايا،

آکيا مَلڪہ ڪُون، شهزادِي زبانون،

آڳُون ڄُل ويکون، جلوو پَڇانُون،

ٿِيا چِمڪارُ، روشن هي تَجَلّيٰ،

ڏِٺُس مَحبوبُ هي، ڪامِل ڪَمالا،

جِنِس خُود آپِڻِي، نِزدِيڪَ پالي،

سيفل ۽ شَہ پَري، آدمَ نِرالي،

طَالِب مَطلوبُ تي، روشَن پيشاني،

ميلِئي مَجذوُبَ ڏَوۡن، حَضرت معانِي،

وَلِي پِڇلي پَرِي، اوهُ ويک جانِي،

سَڄَڻ ٻاجهَون هوئِي، دِلڙِي بِگاني،

آکيندِي مام، مَلڪَہ ڪَون، نَگِينِي،

ڪَران اِنہِ جاءِ، اَپڻِي دِل نَشِينِي،

ڪِتاسي سَير باغان، دي چَلاهي،

ڳَيوسي ٿي بِگاني، وَل وَلا هي،

سيفل ڪُون ويکِ، وَل وَلِيان حَويلِي،

آئِي دَر تي، پَرِي دي دل اَڪيلِي.

 

ملڪہ جو بديعل کي سفيل جي ڳالهه ٻڌائڻ

حِڪايَت شاهُ دِي، مَلڪَہ کُليندِي،

بَديِعل نالِ مَخفِي، ٻُلَ ٻُليندِي،

ڏِٺوئِي شَاهَزادا، ڀيڻ پِيارِي،

تَيڏِي مُورَت اُتي، ٿِيا هي آزارِي،

تَيڏِي مُورَت ڪِتي، صُورَت وڃايُس،

سَوين اَسبابُ، شاهِي دا ڇُڙايُس،

ڇوڙِيُس ماءُ پيءُ، تي دَولَت خَزانا،

تَخَت ڪُون ڇوڙِ، آخِر ٿِيا رَوانا،

ڇوڙيُس سَڀَ عَيش ڪُون، ٿِيا بي آرامي،

تَيڏي پُٺ، مَني آيا غلامِي،

ڪَشَالي ڪاٽِ، غازِي گام آيا،

صَنَم اَلحمد لِله، پيرُ پايا ،

جيهِي تون هَين، تيها مَحبوبُ تيڏا،

مِلايا هي سَچي، مَطلُوبُ تَيڏا.

 

بديع الجمال جو ملڪہ کي جواب ڏيڻ

آکِيا وَل شاهزادي، سُڻ حِڪايَت،

تَيڪُون ڪِيوين، ڏيسِي حَضرت ڪِفّالت،

مارِيا تو ڪُوڙ، ايہِ ناحق ڪِتوئِي،

اِهو عَقَلُ ڪهڙِي، ڏائِڻ ڏِتوئي،

مُٺِي مَلڪَہ، ڪِتونِي ڪُوڙ ڳالِهين،

ڪيهي تَيڏي، اَڄوڪي ڳُڻ سَڀالِين.

 

گفتگو ملڪہ جي بديعل سان

آکيا مَلڪَہ، مَيڪُون قَسّم عَلّي دِي،

مَين نِمّڪ خوار هان، تَيڏِي ڳَلِي دِي،

اَلَہ ڄاڻي، نه مَين بازِي اَلائِي،

لَهَن مَطلُوبُ، جي رَکَّن سَچائِي.

 

سوال بديع الجمال جو ملڪہ کي

آکِيا بانُو، مَيڏي هِن نالِ پَريان،

ڳَڻيندِيان ٻيٺِيان ڳالهِين، ڳولِ ذريان،

ڪوئِي ڏيکن، خَطا دا حَرۡفُ ٿولا،

گهَتَن شَهپال دي دِل، دَرد ڀولا،

پِدَر، مَين تي، مَبادا رَنجِ آوي،

پَري، اِنسانَ نُون، نا پاندُ لاوي،

ڪِوين گهُنڊُ کولِ، آدَم ٻَهۡسان،

ڦِٽَا ڪَر ڪُوڙُ، پَوِ سَئي ڪَمُ اَلہ نا ،

سُرخ سَبۡزي تَنبُو، سيفل اَڏائي،

ويکَڻ دي ڪاڻِ سَهَپَل پيرُ پاوي.

 

بديعل ۽ سيفل جو پاڻ ۾ گڏجڻ

ڏِٺا مَطلُوبُ، مَتوالا وِسُوڙِي ،

سُڃاتُس آپڻِي، خُود مَلۡڪَ مُوڙِي،

آيان پَريان، پَرِي دي نالِ جَڙيان،

صَدَقُ صَدبارَ، طوطِي نالِ کَڙيان،

چُرُڪۡ چَوڌار، ڪيچيان وِکالِيان،

نِڪِل ٻاهَر تَنبُو دي شَہ ٻهاليان،

آئِي ڌُم ڌام، لائِي شاه پَريان،

موتِي تي لَعل جَوهَر، زَرّ زَريان،

ٿِيا شُعّاع شَمَع دي وِچّ چِمڪي،

سيفل دِي جانِ وچ، ڏک دَرد چِمڪي.

 

بيان بديع الجمال جو

مِلِي مُلّوڪ نالِ، طوطِي تواني ،

ويکَڻ ويکي، ڪَري سِرُ قُرّبِانِي،

سَهيلِيان نال سُونهَنِ، چُون سِتاري،

سُورِج سفتان، گُل سَهسين سِينگَاري،

بَديِعل شاه بانُو، بَاغ شاهِي،

سَيفل دا هي عَجَب، مَحبُوبُ ماهِي،

حُوران پَريان، مُهيندِي جَڳّ سارا،

هَزاران مُلڪ هَٿِ هِنۡ، مُلڪ دارا،

عَجَب صُورَت صفائِي،ڪِيا سُڻائين؟

زوراوَر دَست زابِر، مُنهُن بَنائين،

عَجَب سِينگارُ، گهُنڊُ هَردم ڪَريندِي،

سَقِيلا نَوڪ، آبرُودا ڌَريندِي،

بِيني وِچ، بُولَ بَينسَر چا بَنائِي،

لَبانۡ تي چولِ، لعلان ڪُون جهُلائِي،

طوطي دي ٻولُ وِچِ، موتِي هَزارين،

جَواهِر ها لڳَل، سَهسين سِينگارَين،

ڏيوِن جهَلڪي جهُمَڪ، ڪَينچَن پَري ڪُون،

ڪَينزِڪ چا ڪري اوهُ، زَرزَرِي ڪُون،

لَکين لَعلان، لَپيٽيان سَبزُ سالُون،

ڪَڙيان ڪَٺِمالَ، ڳَههَ ڪهڙي سَنڀالُون،

سَڳِيان تي دُڳۡدُ ڳيان، دُهۡرِيان ڪَريندِي،

پَونچِيان دَسِتيان، پَرِي، دَستين ڌَريندِي،

چَندَن ڪاري، گَهتيندِي چوبُ ڪَليان،

پَوي پازيبَ نُوري، ڪهف ڪَليان.

 

سيف الملوڪ جو بديع الجمال کي ڏسڻ

ڏِٺِي سيفل پَرِي سا ماه مُورَت،

ڏِٺُس ساڳِي، سُڃاتُس خُوبُ صُورت،

پَري پِياري ڏِٺا، پِياري پَري ڪُون،

ٻُلايُس ٻولُ، گهُنڊُ ٻاهَر تَنهِين ڪُون،

آکِيُس مَحبُوب ڪُون، تون ڪَونُ هوندا ؟

بگانا، سيرَ ڪَريندا هَئِين گُلان دا،

ڪِتُس ڪاوَڙ، اَلايُس، جَنگ لايُس،

پَري دِي جانِ ڪُون، چا رَنگُ لايُس،

ٻَهَر ڪاوَڙ، اَندرَ آڙاهَ مَتّي،

ڏوهِين گَڏ بُلبُلان، دَر باغ رَتّي،

آکيا سَيفل نِماڻي، سُنّ زارِي،

ڏيوين تون، نانءِ خاوَند دِلِّدارِي،

تَيڏي ڪارَڻ، ٿِيُس ديوانه نانگا،

تَيڏِي سِڪ وِچ، ٿِيُس سُڪ سُڪّ ڀانگا ،

تُساڏي عِشق، تَنق ڪُون آگِ لائِي،

بَنامِ مُصطفيٰ صه، ٿِي حالُ ڀائِي،

مُسافِر ٿِي، مُلِڪ ماپِيو ، وِسارِيُم،

سَوين ڀيري، ايہِ سِرُ، بَردارِ چاڙِهيُم،

مِصِر، مِصرِي اَلَہ دا سُنهُن، ياد ناهي،

تُسان ٻاجهَون، اَندر آباد ناهي،

ڏِوي دَرمَل دُکِي ڪُون، دوست شالا،

اَجُر ڏيوي، هَميشہ حق تعاليٰ،

ٿِيُس مِسڪِينُ مَين، مُونجها مَدامِي،

پِسَر عاصِم سَندا، آهَس آرامِي،

بِرِه تَيڏي، اَندَر مارِي ڪَٽارِي،

گهَتِيا هي ساڙِ، ايہِ جِندُ جانِ سارِي،

دِلاسا دِلرُبا ڏي، خِيرُ هووئِي،

مِلَي مَحبُوبُ تان، ٻيا ڀَؤ نه ڪوئِي،

لَڳن لَٽ پَٽ، نيڻان دي جهَڙپَ جهَٽڪي،

پُڇي اَٽڪَن نه، اَٽڪَي، آپُ اَٽڪي،

عاشِقُ مَعشَوق تي، ڏوُهِين مُلاقِي،

ويکَڻ دي ڪاڻِ هِنۡ، سي نِتُ فِراقِي،

نِزاڪَت نَينَ، شہُ دي رَنگُ لايا،

پَرِي ڪُون ڀِي، اَلَہ ماهِي مِلايا،

لَڙن طَرفَينِ دِيان، اَکِيان ڀَلارِيان،

ڳَيان سَيفل دي، سِيني ڇَپّ لارِيان،

لائِينِ وَت جَنگِ، نان وَت سَنگُ ڪَرديان،

آپي آپي ، اَچانَڪ چوٽُ چَڙهدِيان،

پَري پِيارِي ڪُون، سَفيل موهُ مارِيا،

شَہ شَهبازُ دا، شِڪّارُ ڪارِيان،

ٿِيا اڪثر عُشاقان، مَنڊُ بارِي،

آکي عَرض پَرِي ڪُون، سُڻ پيارِي،

ڏِٺُم تَصوِير تَيڏِي، يارَ جانِي،

وِساريُم مِصۡرِ ڪُون، تا زِندَگانِي،

لکين مَحبُوبَ مِٺڙي، مُلۡڪُ والي،

تِنا ڪُون چا ڏِتُم ، ڏاڍي ڪَشالي،

وَرِهۡ تِيرهن گُذارِيُم، وِچ سَفَر دي،

گَهتِيائي عِشق، دِل نُون وِچ ڪُفُر دي،

شُڪُر اَلحمد جو، جِيئَري مِليوسي،

نيڻان دي نُورُ، تَجّلي ڪُون ڏِٺوسي،

وِسارِيُم سيج رَنگِي، يار خاصي،

اَلَہ دي نام ڏي، دِل ڪُون دِلاسي.

 

بديعل جو سيفل کي جواب ڏيڻ

ڏِتا جَوّابُ، شَهزادِي عَقُل دا،

پِدَر مَيڏا هي نِتُ صاحِب عَدُل دا،

پَرِي آدَم، نه هَرگِز ميلُ ڪَردي،

جو آدَم زاد بَردي، شاه دَر دي،

وَفا والي نَهِين آدَم ڪَڏاهِين،

تَيڪُون آکان مين، سَچ صافِي تَڏاهِين،

پَوي نا ڪَمّ شالا، بي پَرواهان،

ويچاري دِيان، تَڏان ڳِيان مُونجهُه واهان ،

اَلَہ ڪُون يادِ ڪَر، پِيا آهَ ماري،

نَهِين ڪو ٻِيا وَسِيلا، مَن وِچاري،

نَڪو مادَر پِدَر، نا سَنگۡ ساٿِي،

نَڪو ڏيوي، مُوڙهي ڪُون مَصِلحاتِي ،

نَڪو وَزّيِرُ، نا اَمِّيرُ ڪوئي،

نَڪو ڏُکّان دي وِچ دِلدارُ ڪوئِي،

بِنان دِلبَر، نه ٻيا ڪو دَرد لاهي،

بِنان مَنصُور، چَڙهِدا ڪَونُ ڦاهي؟

بِنان محَبُوبُ دي، جِيوَڻ جُٺيارا،

ڄاڻي اِنہِ ڳالهِه ڪُون، حَضرَت سُونهارا،

بِنان مَحبُوبُ دي، جِيوڻ اَجايا،

مِلي مَحبُوبُ، تان ٿِيوي سَجايا،

ڪَري رو، دانۡهَن دَردِي، دَرد والا،

وَهائي نيڻَ سيفل، خُونُ بالا،

تون آدَم زادُ هئين، اَفرادُ دِل دا،

مَين بُلبُل هان، سَدا مُشتاق گُلُ دا،

وساري مُلڪُ ٿيون، ناحَق وِسُوڙا،

دَغلّبازي ڪَري، انسانُ ڪُوڙا،

وِڪاڻا مَين تَيڏي، دَردَست جانِي،

ڪَران مَين ساهُ، تَين تَون قُرّبانِي،

مِهِربانِي ڪَر، مِٺا مَين ڳَلّ لائو،

ويسان مَر سوزَ وچ، دَرسَن دِکائو،

مارِيا مُحبَت مَيڪُون، مَحبُوب جاني،

اَسان، تَيڏِي ڏيکَون شَل ڪامرانِي ،

گُذاريُم سالَ، دَردين وِچ دِوانا،

ڇوڙِيا مَين تَخت شاهِي تي شَمانا،

خانَڻ، مِسڪِين ٿِي، عاشِق گُذارِن،

جيڪي طالِب سَدا، مَطلُوبُ پاوِن.

 

سيفل ۽ بديع الجمال جو گفتگو ڪرڻ

پَري ٻولِيا ته، هي آدَم لباسِي،

اَجايا ڪِيُون ٿِوي، بي ڳُڻُ اُداسِي،

تون آدم زادُ هُئين، دِلدارُ دِليان،

ڏيوين تون خُود دِلاسي نالِ رليان،

سُڻِي سَيفل خَبرَ ايہِ، آزوي لِساني ،

جو ڪُجهه آکِيا، بِديعل با بَياني،

جو ڪُجهه آ هيا اَندر سَيفل، سُڻاوي،

سُڻاوي تان ڏِکو، مَطَلُوبُ پاوي،

ڪَڍيُس خُونِي خَنجَر، زر دا مِيانُون ،

نَه ڪر باوَر، پَرِي آکيُس زَبانَو،

مَرَڻ مَيڪُون، تَيڏي دَرَ تي ڀَلا هي،

مُدَعِي تي مُدّعِي خاصا ڀلا هي،

لَڳايُم داغُ دِل تي، پيا سِباوي،

تَيڏي ٻاجَهون، نه سارا لوڪُ ڀاوي ،

مِلَڻ ٻاجهَون، مِٺا مَرِ، سُور ويسان،

اُميدان هِم، تَيڏا دِيدار پَيسان ،

سُڻِي زارِي بِسيارِي شاهزادِي،

پَيُس قَبُول سيفل دِي فَريادي،

ٿِيُس دل مول، بانون دِي ويچارِي،

ٻُليندي نال سيفل دي پِياري،

ٿَئِي مَجنُونُ، تَهِن ويلي وِڳاڻِي،

ٻيٺِي اُلٽا وَهائي، آبُ پاڻِي،

بَدَن سِر ساهُ، صَدقي ڪَر گهُماوان،

وِلايَت هَر اُتي، گولِي سَڏاوان،

ڪِيتُيءِ مَين نالِ اي مَحبُوبَ ٿورا،

ٻَڌُءِ مَيڏي جِگَر ڪُون، ڪَشّفُ ڏورا،

ڪَري ٻِيا ڪونه، ڪو اَهڙي هَلاڪِي،

وَڃان قربانُ، شَہ ٿِيُئِين فِراقِي،

ڪِتُيءِ اَحسن صُنَم، اِحسانُ ڀاوان،

پيران دِي خاڪُ ڪُون، ڪَجَّل بَناوان،

مَني مَحبوب تي، پَرپُٺ پُراڻِي،

ڪَنِيزڪ ٿِي، ڀَريسان مِصۡرِ پاڻِي،

ڪِتُيءِ لائِقُ مِٺا، مَحبُوبَ لاکون ،

تَيڏي ڳُڻُ ڳَڻِ، ڪيهي بَيّان آکُون ،

ڪَمِينِيءَ ڪُون شُڪرُ ، شَہ پاسِ لايا،

”خانڻ“، مَجذُوبُ گهرِ مَحبُوبُ آيا.

 

سيفل جو خوش ٿيڻ

ٿِيا مَطلُوبُ، ڪِيتا يارُ ميلا،

مِليا مَنصَب والا دِلبَر اَڪيلا،

لُطُف حَقُ پاڪُ دا، ماهِي مِلايا،

اَسان ڏي بَخت، نُورِي مَلۡڪُ آيا،

ٿِيا نَصِيّبُ، کُلِيا بَختُ شاهِي،

ٿِيسان بُلبُل، تَنهِين دا مَين سَدائِي.

 

بديع الجمال جو سيفل کي صلاح مصلحت ڏيڻ

آکي مَنظُورُ نَظّر ڪُون زُبانَون،

لِڪايُس رازُ ڪُون، مَخفي جَهانَون،

سُڻي، سَيفل صَنَم، تَيڪُون، سُڻاوان،

بِگاني لَوڪ ٿون ، مَين ڳَلِ ڇَپاوان،

ناهِم ڪِيتِي، مَلڪَہ نالِ ڪُوڙِي،

مِلڻ دي ڪاڻِ آ هَس، مَين وِسُوڙِي،

ڪَنُون لوڪان دي لُڪُ، تَينُون ڏِٺوسي،

رَنِجي تَين ڪاڻِ ٿِي، ڪي ڏيِنهَن ٻِيٺوسي ،

ڇَپاوين رازُ، جِيوين مَين ڇَپايا،

اَلَہ تَيڏا ڪَريسِي ڪَم سَجايا،

ٿَئي يَڪ رَنگِ، اَربيلي اُداسِي،

اَلَہُ لاهي، ڏُناهين دِي ، پِياسِي ،

ٻولي وَل وَل بَديعل نالِ جانِي،

سَڏايان روزُ مِثاقَون، مَين ٻانِهي،

اَلَہ جَنهِن ڏِينهنُ، زَمِين آسمان اُپايا،

ڪُل شَيءِ دا، هَمَہ بَناء بَايَا،

بارِي دا قَسَم، آنگُ تَنهِن ڏيِنهُن لڳو ئِي،

بِرِهُ دا بارُ، سِر تَنهِن ڏِينهُن آيو سڳوئِي،

پِيالا تيَن پِلايا، شَہ سُونهارا،

مَيخاني دا، هَميشہ مُخِّتارا،

اَلَہ ڄاڻي، مَيڪُون هِن يادِ ڳالهِين،

اَصُل دِي ڳالهِه ڪُون، تَين نالِ پالين،

ٿَئِي جِبرِيل ڪُون، اِيها اُگاهِي ،

اَسان ڏي ڳالهِه، مِيڪائِيل مَنائِي ،

عَجَب سُرندا، اِسرافِيل ٺاهِيا،

آوازان دَف دي، عِزرائِيل لايا،

گُذر ڳَئي، وَل پَيوسي جُڙُ وِڇوڙا،

تَڏان کاڌا، اَسان تَين، دَرد ڏوڙا ،

لُٽاڪي دِل وَلِي پَرّيِ پِياسِي،

ٻيٺِي آ باغ وِچ، اوڳِي اُداسِي،

مِصِرّ دي شاهُ، موهِيا لاغَرَضۡ ڪُون،

هووي سالِڪ ته سَمجهي اُس طَرَف ڪُون.

سيفل جي عشق جو بديعل تي اَثر ڪرڻ

نه ڀاوِس گُل چَمَن، بُستانُ بَنگُلي،

وساريُس شَڪَر، شَربَتُ رُوپُ رَنگلي،

پَرِي، پِياري دي ڪارَڻ، خُوش اَڻاوي،

قِسِم قِسّم جيهي، پَڪۡوان پَڪاوي،

سُتِي مَلڪَہ، تي شَہ، ايڏوُن سَڏاوي،

پَري، خَفّي طَرَح، سيفل اَڻاوي،

ڪِتيان گُل دِيان پُشاڪان مَلۡڪُ نُورِي،

سَڏَيا مَحَبوُب سو، مَردي حضوري،

ڏِٺُس ديدار دَرسَن، دوست والا،

ٿِيا مَسروُر مانجهي، مَتِّوالا،

کُلِيان زُلفان صَنَم، دِي نانگ ڪالي،

سَقيلي نَينَ سُونَهَنِ، عُظَمَ والي،

آوِن آکيان دي اَندَر، جا بَناوِن،

موهي دِلڙِي مُٺِي ڪُون چا مَناوِن ،

عطر عنبر کَٿَورِي، مُشڪ مورِي،

پِيون هِڪ ٻِيئي هَٿون ٿِي مَخّمِوُرِي،

مِلَڻ دي نالِ، ڳِيِوني دَردُ دُورِي،

آکيا شَہ ڪُون پَرِي، قَسّم غَفُورِي،

جيڪر مَيڏي، سمي دي شَهۡه جالي،

اُٿان اُهُنڪُون لَڳنِ پَنج صَدّ سالي،

ڏکا آپڻا دِي، تَنهِن ڪُون، ڪَر ڪَهاڻِي،

ڪَريسِن لُطف اوهُ، تَين تي، نِماڻِي،

آکِيا سيفل، قَبوُلَيا مَين ڪَشالا،

ٽُڪيسان ، جي ڏَسيسِين ٽڪّر ٽالا،

پَرِي آکِيا، پَريان تَين نالِ ڏيسان،

تُسِي سيفل ڪُون ڄُل، پل وِچ رَسيسان،

سُڻيِي حالُ، تان مَطلُوب پَيسِي،

عِجِز آپڻا اَڳُون ڪَر ڪر سُڻيسِي،

جي وت ماء پِيُو، اها نا ڳالِهه مَنِّي ،

ته ڀِي ڄاڻين، تَيدِي هان دوسِت وَنِي ،

تُون هِئين جوڳي، ته جوڳِڻِ ٿِي جَليسان،

تَيڏي پارون، ته ڳَلّ شہ مَليسان،

تُون هَئِين جوڳي، ته مَين دوُنهِين دُکاوان،

تُساڏا بۡرهُ ميَن برسِر وَساوان،

جيسِين جِندُ، جانِ وِچ مَين شاه هوسي،

تيڌي گُنُ يار، بي پرواه ڳَوسِي ،

پرِي شِتّابُ ڪر ، پَريان سڏايان،

سيفل دي نالِ، سَمّي ڏي پَٺايان،

ڪريندي ڪولِ شہ دي ڳالِهه ڪُلّيِ،

جِڪا هِڪ ڏوُن پَرِي دي نال ڄُلِّي،

ميڏا ايہ ڍولُ، ڏاڍي ڪولُ نيوو،

پِياري دِي چِٽِي ڪر ٻانهن نيوو،

چَليا مُڪۡلاء، مَلڪَہ سَعدَ ڪَنّون،

پڙهيا سيفل سَبَق، اُستاد ڪَنّون،

آخِر پهتا، پَرِي دي پيش شودا ،

پِلايو ني اڳُون، پرَيان آلوُدا،

سِري بانو پَرِي، جَلوا وِکالي،

چَلِي اوهُ تَخَت تي، چالي نِرالي،

آخِر مُلُّوڪَ وَڃ، سَلاّمُ ڪِيتا،

سيفل ڪُون نَپ بَديِعل نِينهَن نيتا،

ڪِتَس ڳاري ۽ زارِي، پيش بانُون،

ڪِتُس ڪُل حالُ قِصّا، ڪَڍَ زَبانون،

سِري بانُو آکيا، بَشّر بِگاني،

تَيڪُون مَرواءِ ڇوڙان، مارِ طعني،

وَليا وَل ول ٻُليندا، دَرد سارا،

بَدِيعل ڪُون، ڏِتُس مَخفي اِشارا،

آندُم تَين ڏي، مَحَض اسم خُدائِي،

نه هوسِي نالِ ڪَنهِن، جوڀَنُ سَدائِي،

پَري دي پيش ٻَهَه، تَسلِيمُ ڪَرندا،

پَنڌِ ٻَانهان، غُلامان وانگِ ڌَرِندا.

ٻولِيا آڳوّن پَرِي، گوهَر زُبانَون،

آکِيُس بن پريت، وَفّا نَهِين تُسانُون،

جيڪو اِنسان بَهادُر، پِيا سَڏاوي،

نِباهِڻ دوستِي، ڪَنهِن ڪَمِ نه آوي،

اِها سُڻ ڳالهِه، سيفل موم هويا،

حَرَف نِدّا والا هُڻ سُن ڪي رويا.

 

سري بانوءَ جو سيفل کي دڙ دلاسو ڏيڻ

ٿَئِي واقف پَرِي، اِس ڳالهِه ڪَنّون،

پُڇيُس مَجذوُبَ شہ، بي حالُ ڪَنّون،

سَچائِي، حَرّف تَيڏي، وِچ سُڃاتِي،

تَيڪُون ماهِي مِلاوان، وِچ حَياتِي،

اَلَہ تَيڏِي ڪَريسِي ڪارِسازِي،

تيڏي ڪارڻ، بَڻيسان خُوبُ بازِي،

پِدَر مادَر پَرِي دي، دَست مَيڏي،

ڪَريسان مَين هَمَہ، مَطلُوب تَيڏي،

تَيڏي ڪارَڻ، سَوين اَفسُون چَليسان ،

تَيڏي ڪَم ڪارِ، پُوري مَين ڪَريسان،

ٿِيا مَسروُر سيفل شاه سَلطان،

جوڙي ڪَم لوڪ ڪُل دي، رَبّ رَحمانُ،

سيفل ڪُون نالِ ڪَر، ٿيوي رَوانِي،

رَوانِي ٿَئِي، رَوانِي ٿَئِي، رَواني،

صِدِق والي، ڪَريسِن گفتگوئِي،

ڪَريسان هَر طَرَحَ، مَين جُستجَوئي،

اَڳُون چِشما اَها، اوڙاهُ اُونها،

اُٿانهِين ڇوڙِ ڳَئِي، سيفل يَگانا،

آکِيُس تُون ٻَهَه، تَيڏي ڪَم ڪارِ جوڙان،

اَلَہ لَڳ تَيڪُون، مَين اِنہِ جاءِ ڇوڙان.

 

سري بانوءَ جو سيف الملوڪ کي چشمي تي ويهاري وڃڻ ۽ اُتي جو اُتي ديون جو اَچڻ

ڳَئِي مُڪۡلا پَرِي، شَہ نُون جَڏاهين،

آئي ڌُم ديو ڪَر، جَلدِي تڏاهِين،

مارِيا شہ، ديوُ ڪُون، مَلڪان ڇُڙايا،

قَبيلا ديوُ، ڪَر طوفانُ آيا،

خبر پوندي ئي. ڪُل مِل ڪر رَسياني،

مارَڻ دي ڪاڻِ، چا ڪمّر ڪَشياني ،

ڪَريندي مِلِ ماتَم، ديوُ ڪارَڻ،

بِرادَر ڪُلَ ائي، تَنهِن ڪُون اُسارِڻ،

آکِن ارمانُ ڪَر، ڏي للِّڪاران،

ڪِسي اِنسانَ مارِيا، يارُ ياران،

ٻِيا ڪوئِي نه سُجهۡدي، شيرُ آکين،

بُلند آواز ڪَر ڪَر، فِيل ڏاڪين،

چَڙِهئي چَوڦيرِ ديوان مَوج مارن،

ڪَنِي چاليہ آکي، ڪَر شُمارِن،

ڪَرَن مَشرِق، تَئِين مَغّرِب تَنوارين،

بَڻِي هي باب سيفل دي بَرارين ،

ڪُلِي گَڏ ديوُ، ٿَئي فُوّت قرارِي ،

اُلَٽ چِشمي تي لَٿي، ڏي اُلارِي،

ڏِٺوني شاهُ سيفل، مَلۡڪُ نُورِي،

پُڇَن ڳَلِ ديوُ دِي، تنهن نُون ضروُرِي،

صَفِي دي ڪَلّ، تَنهِن تَون آ پُڇاني،

عَذابِي جانِ، سيفل دِي ڏِٺاني ،

آکِيا سيفل، مَتان اِرّم تَون آئي،

سيفل ڪُون ديوُ، هَر هِڪ پيا سِباوي .

 

شهزادي جو اقرار ڪرڻ ته ديو مون ڪٺو آهي

مارِيا مَين ديو، آکيا شاه شعورِي،

تَنهِن پَل وِچ، نِماڻي ڪُون وَڪوڙِي،

ٻَڌوئي چا اُلَٽ ، سيفل سُونهارا،

ڪِتِي ڪاوَڙ، اُڏاوِن ڏي اُلارا ،

سيفل ڪُون نالِ ڪَر ، شَہ ڪُون وِکاوِن ،

جو آپڻي شاه دي تَختين ٻِلهاوِن ،

ڪَلان سِر ديوُ، ڏِٺّا خُوب صُورَت،

سَيف المُلّوڪُ ها، مَحبُوبُ مُورَت،

ٿِيا مُشتاق، دَهمَن ديوُ تِناندا،

رَکي مارَڻ ڪَنُون، گُلشَن گُلان دا،

گُل، گُلزار ڪُون، خاوَندُ بَچاوي،

خانڻ، مَحبُوب دَر مَطلُوبُ پاوي.

 

سيفل جو کوه ۾ قيد پوڻ

ڪَرايُس شاهَ ڪُون، دَر چاه جاني،

اَندَر اُونداه، سيفل قَيدِ خاني،

رَکايُس چاهَ اُتُون، وَل سَنگِ بارِي ،

سَهي سيفل سَندي، جِندُڙِي وِچارِي،

ڪَشالا اِنهه جيها، شَل ڪَنهِن نه آوي،

ڪَشالي ڪُون شلا، ڦَٿ شيِنهن کاوي،

شَهَهۡ ڪُون خُورش ، ڏيون ڏينهن ڏُوجهي،

ٻِيا تنهِن ڪُون وَسِيلا ڪونه سُوجهي،

بِنان حضرت نَبِي دي، ڪَونُ حامِي؟

حِمايَت ڪُل بَندي دا، هي مُدامِي،

مارِيا مُلّوڪَ ڪُون، ڏُوجهي مُنجهاري،

ويکان دِلَبر، مَتان ڇِڪِ مَوت ماري،

آيا سِيفل وِچارا، دَستِ ديوين،

جِوين مُنڪَر نڪِير، عَذابُ ڏيوين،

اَلَہ! اُمّيدَ چِنجِڻي دِي، پڄاوين،

ڦَلان دا ڌَڙا، شَل پاندُ پاوين ،

جَنهِن دا هَر دَم، رَکين دَرِ رُوحُ رايا،

صفت تَنهِن دِي، سَدا مَين شَرَح چايا،

ڪَر اَفسوس، وَل ٻولي زَبانَون،

ڪِٿان دِلبر، بَدِيعَل شاه بانُون،

اکي رو رو، نه لاٿُم سِڪّ سارِي،

ڪَري سَردار، سيفل تي سَقارِي

. شري = شرع، مذهب.

. خوڪين = سوئر.

. بشردا = ماڻهو جو.

. قفس = پڃرو.

. شغالي = شغال، گدڙ.

. بوالي = ڀَنواٽي، گُهمرو، ٽَپو.

. کا غطاوي = غوطا کائي.

. ڪسي = ڪنهن.

. مونس = همدم، سنگتي، همدرد.

. آهِي = هئي.

. ڏور والي  = پري وارا، وڇڙيل.

. شڪر تي شير = کير ۽ کنڊ.

. رل = گڏجي، ملي.

. دکئي = دکيا، نئين سر پيدا ٿيا.

. ڏناهين = ٻنهي کي.

. نيازي = عجز، انڪساري، نياز مندي، هيٺاهين.

. سنبل= گل جو قسم.

. ڪيچنار = ڪچنار، وڻ جو قسم.

. لامي = لامان، ٽاريون.

. ڪينچن = سونُ.

. بزن بزن = هَڻ هَڻ. مار مار.

. شم = شمع. بَتِي.

. لحم = گوشت.

. تَين ڪاڻ ڳاليا = تنهنجي لاءِ ڳاريو.

. دوالي = رَسِي (چمڙي جي).

. آيان ڪر = اچي ڪري.

. چِ = ۾، اندر.

. پورها = پورهيو، محنت.

. ٿوي = ٿيوي، ٿئي.

. صنم = محبوب.

. شمس = سج.

.  سروُ = مشهور وڻ. جنهن سان محبوب جي قد کي تشبيہ ڏيندا آهن.

.. طوبي ٰ = بهشت جي وڻ جو قسم.

.  گل رماني = ڏاڙهونءَ جو گل.

.  ليانس = لاتائين، لڳايائين.

. اگهن = قبول پون.

. لڳنديان = لڳن ٿيون.

. پڇتي = پوئتي.

. ڪتاسي = ڪيو سين.

. ڳيو سي ٿي = ٿي وياسين.

. گام – ڳوٺ، گهر.

. پير پايا = پير پڌاريا، پير پاتو. اندر آيو.

. پوسئي ڪم الہ نا = خدا سان ڪم پوندي، خدا کي حساب ڪتاب ڏيندين.

. وسوڙي = منجهيل.

. ملڪ = ملڪيت.

.  تواني = سگهاري، تندرست.

. مُهيندي = موهي ٿي. مهيندي جڳ سارا = ساري جڳ کي موهي وجهي ٿي.

. سقيلو = شَڪِيلو، ترار.

.  ابرو = ڀرون.

. بيني = نڪ.

. ڪون هوندا = ڪير آهين.

. ٻهر = ٻاهر.

. آڙاهه = باهه جا مچ.

. ٿيس سُڪ سُڪ ڀانگا =سڪي سڪي ڪاٺي ٿي پيس، نهايت ڪمزور ٿي ويس.

. بنام مصطفيٰ = مصطفيٰ جي واسطي.

. ما پيو = ماءُ پيءُ.

. آپي آپي - پاڻمرادو، پاڻهي.

. چا ڏتم = کڻي ڏنم.

. ڳيان مونجهه واهان = واهون منجهي ويس.

. موڙهي = موڙهل، منجهيل.

. مصلحاتي = مصلحت، صلاح، نيڪيءَ ڀري ڳالهه.

. دغلبازي = ٺڳي.

. درسن = درشن، ديدار.

. ڪامراني = ڪاميابي، فتح، سوڀ.

. ازوي لساني = هن جي زبان مان.

. ميانون = مياڻ مان.

. ڀاوي = پسند ڪري.

. پيسان = حاصل ڪندس.

. بسياري = گهڻي.

. لاکون = لکن جو.

. آکون = چئون.

. شڪر = مهرباني ( الله جي).

. بگاني لوڪ ٿون = ڌارين ماڻهن کان.

. ڳل = ڳالهه.

. ٻٺوسي = ويٺاسين، ٿياسين.

. ڏناهين دي = ٻنهي جي.

. پياسي = پياس، سڪ.

. اُگاهي = آگاهي، واقفيت، معلومات.

. مانائي = مڃائي.

. درد ڏوڙا = ٻيڻو درد.

.  لٽاڪي = لٽائي ڪري.

. ولي =موٽي.

. ڀاوس = وَڻيس ٿو، پسند پويس ٿو.

. مناون = مڃائن.

. ٽُڪيسان = ٽاڪيندس.، ڪٽيندس.

. ڏسيسين = ٻڌايئندينءَ، چوندينءَ.

. مني = مڃي، قبول ڪئي.

. وني = ڪنوار.

. گن = ڳڻ، احسان. ٿورا.

. ڳوسي = ڳائيندس.

. شتاب ڪر = جلدي ڪري، سگهوئي جهٽ پٽ.

. شودا = ويچارو.

. پلايوني = پياريائون.

. نپ = سوگهو، قابو، مضبوط.

. مرواءِ = مارائي.

. اندم = آندم، مون آندو.

. وانگ = وانگر. جيان.

. بن = سواءِ.

. موم مويا =نرم (موم وانگر) ٿي پيو.

. افسون = جادو.

. چليسان = چلائينديس.، هلندائينديس.

. جوڙي = ٺاهي، راس ڪري.

. چا ڪمر ڪشياني = ڪمر ڪشي ٻيٺا يعني تيار ٿي بيٺا.

. فيل = هاٿي، بلند آواز... ڏاڪين = هاٿيءَ وانگر وڏي آواز مان ڏاڪڙ يا رڙيون پيون ڪري.

. برارين = باري ۾.

. قوت قراري = وڏي طاقت وارا.

. ڏِٺاني = ڏِٺائون، هنن ڏٺو.

. اکيا = آکيا، چيو.

. سباوي = وڻي.

. ٻڌوني چا اُلٽ = اُونڌو ڪري ٻڌائون.

. الارا = اولارو، لامارو.

. نال ڪر = اڻ ڪري.

. وکاون = ڏيکارين.

. ٻلهاون = ويهارين.

. چاهه = کُوهه.

. سنگ باري = ڳرو پٿر.

. خورش = کاڌو، خوراڪ.

. ڏوجهي = ٻئي.

. ڦلان... پاوين = شل، منهنجي جهولي، اُميد جي ڦُلن سان ڀرجي وڃي. يعني دل جا مطلب پورا ٿي وڃن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org