سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان گل

صفحو :10

(162)

سَڏُ سونهن جو سڻي سيگها اچو

ڀائرا ان ڀير [1] سين ڀَوَ کان بچو

ماءُ پيءُ کان ٿو پڌر آلو پوي

پير جي پالوٽ سين ٻاهر ٻچو

باهه ۾ جو پيو پڪو سو ٿانءُ ٿيو

جو رهيو ٻاهر رهيو ڪوجهو ڪچو

ڇو رکو ٿا ڪنڌ تي ڪُلُ2 باهه جو

پرت ۾ پرين جي پوڄارا3 پچو

پير هٿ پهري پرت سان پانهنجا

نينهن جا نورا وجهي ناچو نچو

ڌاوُ جا ڌاڳا ٻڏڻ ويراڳ نالـﮧ4

جوڳ پائي جوڳياريءَ5 رچو

ڪوڙ آهي ڪفر ۽ اسلام سچ

پڙهه سچي سيد تي گل ڪلمو سچو

(163)

ڪر دل ۾ اَچي حبيب ديرو [2]

من آهه بنا تنهنجي ميرو2

ڏک سور فراق جي اندر ۾

ٻاري جيءَ ۾ جاڳايو ڄيرو

محبت من تي مچائيو مچ

منجهه جوش جلي ٿو جان جيرو

هم غم حبيب تنهنجي هيء هاءِ

هورن جو ڏنو هنئين تي هيرو3

ڏاتار ڏنا وجهي ڏکين کي

ڏک ڏاج ڏکيا مٿي ڏهيرو4

اِي چاش چکيو چوي فذوقوا5

ڳَڻَ ڳهج سدا ڳائي ڳيرو

در درد وارنجي وانوُ، دل کان

ايء لاهه م دل، تاتار ويرو

کَرُ جي کَرَپي6 مٿس کلو کوڙ

ٿي کَر تي کڙو م ٿئي کيرو7

منجهه ڀول8 ۾ پؤ م ٿيء بڇرو

ڀَرَ9 ڇڏ پوءِ ڀِرُ10 مَ ڀڃ ڀيرو

ليء وصل وضو ورهه جو ساري

پڙهه نينهن نماز نفل نيرو11

اُٿ جاڳ سجاڳ سمجهه رک گل

ٿي ڪيم ڏسي گلن کي گيرو12

 (164)

ڏنو مونکي ڏاهي اشارو اهو

ته آهي سڀت ۾، نه سَڀُ تنهن جهو[3]

حقيقت پاڻي، صورتون مڙيئي ٿانءَ

ٺڪر ٿانءَ وکرو2 نه پاڻي ٻيو

سوئي بحر ۾ آب سوئي نيڙ3 ۾

سوئي ڪنگر اڏ ۾ ۽ ٻاري ۾ سو

تفاوت سڀت رنگ ۽ چاش ۾

اچئو گُريءَ ڪاني جي ۾ ٿئي مٺو

کٻڙ ۾ ٿيو کارو ڪڙو ٽوهه ۾

ٿيو پوءِ ليمي ۾ ڏس ڪئن کٽو

سڀت رنگ وکرو سڀت حسن ڌار

ڪٿي گل ڪٿي ڦل ڪٿي واس بو

جي ڀائين ته وحدت ۾ ٿيان محو گل

ته هڪ ڏس، م ڏس ٻيو، مَ چَؤ هيءُ هو

(165)

چؤ ڌڻي ايڪ[4]، ڪيم چؤ اي اُو، وحده لاالـﮣ الاهو

سرت ڪر سمجهه رک م ڪر هي هو، وحده لاالـﮣ الاهو

جي نظر پاڪ ٿيو ڏسڻ ٿيو پاڪ جي لٿو ڀول ڀؤ لٿو بي باق2

جمع ٿي دل، وچان ويو جهُو3 جهُو وحده لاالـﮣ الاهو

سوئي زبوّر ۾ سو منجهه انجيل سوئي توريت ۾ سو منجهه تنزيل4

سوئي منجهه سحر سوئي منجهه جادو وحده لاالـﮣ الاهو

مهت ۾ ٿا پڙهيو پڙهن مومن مڙهيءَ ۾ بت پرست برهمن

ساک سوگند5 ۾ چون ساڌو وحده لاالـﮣ الاهو

بربلون ڪيو ٽڻون ٽڻون ٽڻڪن ڀونئر بيراڳ ۾ پيا ڀڻڪن

حسن گل جو ڏسيو ڳُنڌئو6 خوشبووحده لاالـﮣ الاهو

(166)

آهه سڀ کان خوب محبت1 واهه واهه

ساڻ محبت نيڪ صحبت2 واهه واهه

منجهه محبت سهڻي صحبت آهه پر

آهه صحبت  ۾ به الفت3 واهه واهه

آهه صحبت ۾ به الفت خوش گهڻو

ساڻ الفت خوب خدمت4 واهه واهه

آهه اُلفت ۾ چڱي خدمت جي هوءِ

اُن سين گڏجي نيڪ 5 نيت واهه واهه

ڪم مڙيو ئي گل ٿو ڇٽي نيت مٿي

اول نيت پوءِ سويت6 واهه واهه

(167)

ٿو ڇٽي ڪوڙ ڪفر شرڪ ڪنا جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

ٿئي مسلمان سچ صدق ڳنا جو پڙهي لاالـﮣ الاالله

’ڏوه تنهن تان ٿا ٿين غفو [5] رب جي طرفان

مدشد2 حرف حرف ڪريو ادا3 جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

گهر تنهنجو ٿيو باغ جيئن گلشن، سڀ گهرن ۾ ٿيو زور اُو روشن

نور حق جي سين ٿيو او پاڪ صفا، جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

هڪڙو غازي اُبيٺو جنگ ڪري، ٻيو سخي سون سان جهان ڀري

تن کان آهي ڀلو گهڻو بالا4 جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

وات تنهنجي مان ٿيئي پکي پيد ا، سبز منجهه رنگ خوب خوب  نما5

نا ويندو پيش بهشت ۾ انکا، جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

توڻي زاني ڪي چور ڪو هوندو، ري شڪ منجهه بهشت سو ويندو

ساڻ فرمان قادر اعليٰ6 جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

چيو خدا لاالـﮣ الا الله ڪوٽ منهنجو، آهه سو جاءِ پناه

آيو تنهن ۾ مٿس عذاب لٿا، جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

جيڪو جنهن ڪم اچي مصاحب7  ٿيو، سڀ  گنـﮧ  ان جا ربّ عفو ڪندو

پٺيءَ تنهن جي ڪري معاف خطا، جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

ڀيري هڪڙي سان ربّ ٿو بخشي، اڳيان پويان گناه سڀ تنهن کي

جي هجن او گجي سمونڊ جها، جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

جيڪو قائل8 زبان سان ٿيندو، رب تنهنکي حساب بخشيندو

ساڻ دل جي يقين گل گدا جو پڙهي لاالـﮣ الا الله

(168)

ٿئي نه هر گز ڪنهن طرح گمراه، جنهن مڃيو محمّد رسول الله

تنهن ڪيو اثبات عين الا الله، جنهن مڃيو محمّد رسول الله

جا اطاعت[6] سچي محمّد جي، سا اطاعت خدائي احمد جي

قولـﮣ الحق، فقد2  اطاع الله جنهن مڃيو محمّد رسول الله

افضل الذڪر ذڪر ربي ٿيو، وارفعنا3 تهين ۾ عربي ٿيو

تنهن کون راضي گهڻو ٿيو مولاهه جنهن مڃيو محمّد رسول الله

سؤ ورهه گبر جي پڙهي الله، اولرءَ ٿي وتي سدا گمراه

منجهه بهشتن تنهين جو ٿيو مثواهه4 جنهن مڃيو محمّد رسول الله

ڪفر جنهنجو ٿيو ملت و مذهب، نانهه موليٰ تنهنينجو والي رب

آهه هادي5 تنهين سندو همراه، جنهن مڃيو محمّد رسول الله

پازي6  احمد جو توڻي هوئي پينون، هيڏي هوڏي ڦري ٿو جيئن کينون

آهه سو شاهه شاهه شاهنشاه جنهن مڃيو محمّد رسول الله

ٿيو تحقيق سو فنا في الله ٿي فنا موٽي ٿيو بقا بالله

گل ٿيو اصل پنهنجي کون آگاه7، جنهن مڃيو محمّد رسول الله

(169)

ڪئن ڏسان آءٌ پريم وري توکي

سڀ[7] رَهِيان ويلون وار آءٌ توکي

آءٌ اچي ڏس طبيب منهنجو تن

ڪئن ڏُريو ڏيل آهه منجهه ڏوکي2

ڪا ٻڪي ٻاجهه جي اَچي ڏي مون

چيت سان چار خلط ڏس چوکي3

وصل تنهنجو ورونهه منهنجي ويڄ

ڏي مون کي مِلڪَ مالُ ني موکي4

جيءُ جڏو ڪيو جيال تنهنجي جند

آهه جيءُ جان جند تو جوکي

گل وجهه باغ ۾ گلن جو ٻج

ڪئن ڳُنڊي گُلَ جو ڪنڊا پوکي

(170)

محبوب آيو مان وٽ مهران ملي ملي1

ٿي هاج اُنجي آئي سڀڪا ڀلي ڀلي

اکين ڏسي ڪئي عيد آزار  اَهک ويو

پُر ٿي پسڻ سين دل، جا هُئڙي ٺلي ٺلي

آجي اندره کان ٿي آزاد ظلم کان

جندڙي جنجال جا هئي جهوري جهلي جهلي

لڳڙي پريت جنهنکي پرين جي پار جي

واري ڪنهين نه وير نه پِيرن پلي پلي

ڪئن ٻَهر پئي مُني جا سوٽهڙ2 هوش ور

ڪانڃڻ قرب جي اندر جوڙي سلي سلي

سچو صديق عمر عثمان نوبهار

گل باغ مصطفيٰ جو حيدر علي علي

(171)

ڪي چور[8] چپن تنهنجي دل چاس2 چسڪي چسڪي

ٿي پاهه3 پچي پر ۾ منجهه ٽاس4 ٽسڪي ٽسڪي

جا حسن هَنئي دلڙي ٿي قيد قربا قربا

جا ڪيئن کِلي خوش ٿئي ساڻ ٺاهه ٺسڪي ٺسڪي

آءُ منهنجي اڱڻ دلبر مينهن وانگي برسي برسي

جِهر مِر سين اندر ڇاتي گهِڙُ يار وَسُڪي وَسُڪي

محبوب آيو مون گهر مختار مهران مهران

ساڻ لاڏ ڦُري دلڙي دلدار کَسُڪي کَسُڪي

ڪهه قاسم اڄ تو گل سين گل بات هندي هندي

دلدار دکاتا هئي نَو ناز هسڪي5 هسڪي

(172)

تنهن جي ديد جي دوست سَڌَ سڀني کي

منجهان تنجي حاصل ڏسڻ ٿيو ڪني کي

گهري توکي سڀڪو تون سڀڪنهن جو مطلوب

ٿيو تنجو مطلب گهرين تون جني کي

جني کي گهريو تو، ٿيو توهه [9] تن سان

گهري لوڪ سارو ٻيو پڻ تني کي

گهرن توکي هڪڙا ٻين کي گهرين تون

آهي لطف شامل تنهنجو هِن هُني کي

چاريئي2 سارِ، ڏهه چار، ٻارهه تون گل

چوڏهه چور چت ۾ جئن پنجني کي

(173)

صبا صبح جو سلام منهنجا اڳيان نبيءَ جي رساڻ نيئي

هزار آزيون لکين نيازيون ڪري سگهين جي سي ڪج سڀيئي

جڏهن لياڪن مان پڃّرن جي توکي رضا1 ٿئي حضور اندر

مٿي مبارڪ مزار 2 مرسل جي چشم نيئي رک تون گهور ٻيئي

چئج عرض هن عليل3 عاجز جا پيش پرين ٻڌي ٻه ٻانهون

سڀيئي ساري سڀيئي سنڀاري رکي مٿو مُنهن ۾ سجدي پيئي

ادب سين حضرت ابابڪر جي اڳيان ۽ حضرت امير عمر

چئج ته جيڪي حضور ۾ هُونِ غائبن ڪن سپرد سيئي

تنهينجو بيت المقدس آهي گذر سدائين ۾  ڪعبة الله

وڃي ڏهاڙي ۾ بيت معمور اُت عرض منهنجا چئج ته ڪيئي

حضور ۾ جنت المعلّيٰ، صحاب پاڪن بقيع جي کي

حضور شهداءِ ڪربلا جي عرض چئج جيئن ڪيئن مون چيئي

سنگههءِ مونکي ڪا آڻي خوشبوءِ نام حق جي پنجن گلن جي

نبي محمد حسن حسين و عليّ زهرا اي گل پنجيئي

 (174)

سيدا تو در آيس ٻيا در ڇڏي

پيش پئڙس پير آءٌ تنهنجي تڏي

سار لهه سردار صاحب سيگهه ۾

ڪر رحم راحم مٿي هن جيءَ جڏي

رک سدا آباد ڀنگا [10] تن سندا

جي اَجهي تنهنجي اچي ويٺا اَڏي

توکان ساهنشاهه ٿيا سڀ شاد شاهه

تو ڍيا ڍايا ولها2 ويلي وڏي

ڏي پيالو پير پنهنجي شوق جو

عمر ويئي هيء هيء ڪُتي ڪُرٽي هڏي

تاب 3 ڦوڙائي 4 جي تن بي تاب 5 ڪيو

وصل جي ڏي سرڪ ڪا ساقي سڏي

گل اوهان ريءَ هت گهڻو حيران آهه

پنهنجو نيهو پاڻ سان گولو گڏي

(175)

عمر هيء هيء ويئي عبث ويئي

ساٿ جن هئي سنگت ويا سيئي

 

صبر[11] سک2 ۽ سهاڳ3 نيو ساٿن

ڏک2 ڏورو1 ڏهاڳ3 ويا ڏيئي

ڪونه اُن پار کان وريو پانڌي

جان اُن پُور ۾ پچي پيئي

جي اچي هوند تان وجهان گهوري

جان دل تن مٿانئس آءٌ ٽيئي

جو وڃي ٿو نٿو نياپو ني

ڪنهنکي پنهنجي خبر ڏيان نيئي

ريءَ وڃڻ اڄ ملڻ وڏو مشڪل

ڪالهه ڪو ڪون ڪندا ويا ڪيئي

گل فنا ٿي بقاءِ حق جو ماڻ

تا چون ائن مري جيا جيئي

درد وڌئو ديوان گل ٿيو ٿيم

ماٺ ڪلمون چڱيان چوڻ چيئي

چؤ اول لاالـﮣ الا الله

پوءِ محمد رسول  گڏ ٻيئي

سيٺ ڪمال الدين سيٺ مريد علي ميمڻ ”مسلم ادبي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس“ ميمڻ محله حيدرآباد ۾ ڇپيو، ۽ خانبهادر الحاج محمد صديق محمد يوسف ميمڻ سيڪريٽري ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ حيدرآباد سنڌ جي ڇپائي پڌرو ڪيو.


 2- خبرداريءَ 3- بند ڪرڻ4- ورهائڻ 5- تربت 6- سستي ڪرڻ

(162) 1- طرح

2- ٽانڊن جو ٿانءُ 3- سچا عاشق 4- دنيا جو ترڪ 5- سچي تات

(163) 1- جاءِ 2- ٻيائي وارو 3- لامارو 4- ڏکي  5- چکر

6- کهي 7- بي همت 8- ڀل 9- آسرو 10- ويهه 11- ترڪ وجود 12- هوس

(164) 1- جهڙو 2- سامان 3- ڪسي

(165) 1- الله هڪ آهي 2- آزاد 3- خرابي 4- قرآن پاڪ 5- قسم 6- وٺيو

(166) 1- قرب 2- ياري 3- دوستي-محبت

  4- چاڪري 5- موچاري نيت 6- سوائي

(167) 1- معاف 2- صحيح 3- چوي 4- مٿاهون 5- چڱو ڏيک 6- وڏو

7- صحبت ڪندڙ يا وهندڙ 8- چوندڙ

(168) 1- مڃتا 2- تحيق فرمانبرداري الله جي ڪيائين 3- مٿاهون 4- جاءِ آرام 5- هدايت ڪندڙ 6- غلام

7- واقف

(169) 1- رهيل 2- ضعيف ٿيو ڏک ۾ 3- جاچ 4- پاڇي ڪري

(170) 1- مرڪي 2-واڍي

  (171) 1- چرڻ 2- لذت 3- ڳريل 4- تؤ 5- کلي

 (172) 1- پناه 2- چار يار،  چوڏهن معصوم،  ٻارهن امام

(173) 1- حڪم 2- مقبرو 3- ضعيف

(174) 1- جهوپڙيون 2- کٽل 3- گرمي 4- جدائي 5- حيران

(175) 1- هن بيت ۾ به صنعت آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org